سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :2

انسانن جو اڪثر انھن غيبي طاقتن سان مقابلو ٿئي ٿو، پر ڪي غيبي ڪردار انسان جي خاص مدد ڪن ٿا، جنھن ڪري کيس پنھنجي مد مقابل تي فتح حاصل ٿئي ٿي. مثلا: ديو شھزادي کي اڏند کٽولي، پڪڙ ڏنڊا، پڪڙ سيھلي ۽ ٽوپي ڏين ٿا (1).  ڇوڪري کي ديو تعويذ، ڳوٿري ۽ کينھون ڏين ٿا (2). ديو بھمڻ کي اڏند کٽولي ڏئي ٿو (3). ديو شھزادي کي جتي ۽ ٽي سوپاريون ڏئي ٿو (4).

ھن مجموعي ۾ جملي اوڻٽيھھ ڪھاڻيون آھن، جن مان سترھن پرين بابت، ست ديون بابت، ٻھ ڏائڻين بابت، ٻھ جادوگرن ۽ ھڪ نجومي بابت آھن. ڪھاڻي نمبر ڏھين ”عشق شھزادو ۽ پدما پري“ جا ڪي ٽاڻا ايراني قصي ”بھرام گور“ سان مشابھھ آھن: شھزادي کي ديو جو گھوڙي جي شڪل ۾ کڻي وڃڻ، ان کي پٽ ڪري سوني محلات ۾ رھائڻ ۽ ان جو اتي پريءَ تي عاشق ٿيڻ وارا اھڃاڻ ”بھرام گور“ جي عام مشھور قصي سان ملن ٿا (5).

ھن مجموعي ۾ شامل ڪھاڻيون، سواءِ نواب شاھھ ۽ خيرپور جي، ٻين ستن ضلعن مان ھيٺينءَ طرح مليون آھن. ھن تفصيل مان معلوم ٿيندو تھ ڪي ساڳيون ڪھاڻيون اتر توڙي لاڙ ۾ ساڳيءَ طرح رائج آھن. مثلا: ڇويھين ڪھاڻي ”ڏائڻ شھزادي“ جون ٻھ روايتون ميروخان (ضلعو لاڙڪاڻو) ۽ بدين (ضلعي حيدرآباد) مان مليون.



 

ضلعو سکر:

اوٻاوڙو: ٣، .٢٧

ميرپوماٿيلو: ٥، ٢٣.

روھڙي: ٤، ٦، ١٠، .١٣

 

ضلعو لاڙڪاڻو:

وارھھ: ٥، ١٦، ٢٨ .

ميروخان: ٥، ٧، ١٨، ٢٦، ٢٩.

ڏوڪري: ١٩، ٢٢

لاڙڪاڻو:٥.

ضلعو دادو:

ڪڪڙ: ٢٥.

 

ضلعو سانگھڙ:

سنجھورو: ٢٤.

 

ضلعو ٺٽو:

ٺٽو ١١.

ضلعو حيدرآباد:

حيدرآبا:د١،١١، ١٢، ١٥.

ٽنڊوالھيار: ١٤، ٢١.

گوني: ١٧.

 

ضلعو حيدرآباد:

 بدين: ٨، ٢٦.

ھالا: ٢٠، ٢٥.

ھن سلسلي جي پھرين ٻن جلدن ۾ ڇاھتر (٧٦) ڪھاڻيون شامل آھن ۽ ھن ٽين جلد سميت جملي ھڪ سؤ پنج (١٠٥) ڪھاڻيون پوري تصحيح ۽ ترتيب سان پڙھندڙن جي آڏو اچي وينديون.ن. ب

متن

پرين، ديون، جادوگرن، ڏائڻين

۽ نجومين جون ڳالھيون

١ – کل ڦل پري *

ھڪڙو ھو بادشاھھ. بادشاھھ تھ پاڻ الله آھي، پر زمين جي ڪنھن ٽڪريءَ جو بادشاھھ ھو. ھن کي ست ڌيون ھيون. بادشاھھ روز صبح جو پنھنجي ستن ئي ڌين کي گھرائي، ھر ھڪ کان پڇندو ھو تھ: توھين ڪنھن جو ٿيون کائو؟ انھن ستن مان ڇھھ وڏيون شھزاديون تھ يڪدم چونديون ھيون تھ: بابا! اسين تنھنجو ٿيون کائون. باقي جيڪا ننڍي ھئي سا ڪا ورندي ڪا نھ ڏيندي ھئي ۽ جڏھن بادشاھھ ٻئي ڀيري پڇندو ھوس تڏھن ڪنڌ ٻئي پاسي ڦيرائي چوندي ھئي تھ: ھا بابا! تنھنجو ٿيون کائون.

 ھڪڙو ڏينھن خدا جو ٿيو، بادشاھھ ھميشھ وانگر پنھنجن ڌين کان پڇندو آيو تھ توھين ڪنھن جو ٿيون کائو ۽ ڌيون بھ اھا ئي ورندي ڏينديون آيون تھ، تنھنجو ٿيون کائون. جڏھن ستينءَ وٽ آيو ۽ ساڳيو سوال ڪيائين، تڏھن شھزادي، جا اھا ڳالھھ روزانو ٻڌي ٻڌي ڪڪ ٿي پئي ھئي، تنھن بادشاھھ کي چيو تھ: بابا سائين! ڏيڻ وارو الله آھي، سڀڪو پنھنجو روز ٿو کائي. بادشاھھ اھا ورندي ٻڌي کامي ويو ۽ يڪدم پنھنجي پٽ کي سڏي چيائين تھ: تنھنجي ننڍي ڀيڻ کي، انھن ئي ڪپڙن ۾ گھوڙي تي چاڙھي، جتي سج لھي اتي ڇڏي ھليو اچ. شھزادو پيءُ جي حڪم موجب پنھنجي ننڍي ڀيڻ کي گھوڙي تي چاڙھي اٿي ھليو. سج لٿي مھل ھڪڙي سڃي ھنڌ تي ڀيڻ کي گھوڙي تان لاھي موٽي آيو.

ويچاري شھزادي جنھن ڪڏھن محلات جو دروازو بھ نھ ڏٺو ھو، ٻيو عزيزن کان پري خوفناڪ جھنگ ۾ اڪيلي، سو پھرين تھ ڪجھھ خوف ٿيس، پر وري بھ پنھنجي مالڪ کي ياد ڪري، اکيون پوري ڪنڌ ھيٺ ڪري ھڪڙي وڻ جي ھيٺان ويھي رھي، تان جو ڳچ رات گذري ويئي ۽ کيس اتي ئي ننڊ اچي ويئي. صبح جو اتي ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻ لڳي تھ من ڪو ماڻھو ڇيڻو ڏسڻ ۾ اچي. اوچتو سندس نظر وڃي ھڪڙي ڇوڪر تي پئي جو وڻ تان پئي لٿو. شھزاديءَ ڇوڪري کي سڏي خبر چار پڇي. جنھن چيو تھ: آءٌ ھڪڙي زميندار جو مال چاريندو آھيان، ڪالھھ مون کان ڍور وڃائجي ويا آھن، سو انھيءَ ڊپ کان رات انھيءَ وڻ تي ويٺو ھوس. ھينئر صبح ٿيو آھي وري بھ ڍور ڳولي وڃي ڌڻين کي پھچائيندس؛ پر تون ڪير آھين ۽ ھتي ڪيئن آئي آھين؟ شھزاديءَ چيس تھ: آءٌ بھ تو جھڙو انسان آھيان، ھاڻي جي تون مون سان گڏجي ڪنھن شھر ۾ ھلين تھ ڏاڍو چڱو. ڇوڪري دل ۾ خيال ڪيو تھ جي زميندار وٽ ويندس تھ موچڙن سان کل کڻائي ڇڏيندو، تنھنڪري ڇو نھ ھن عورت سان گڏجي وڃان؛ ڏسجي بھ ڪا وڏ گھراڻي ٿي. سو شھزاديءَ سان ھائوڪار ڪيائين. پوءِ ٻئي ڄڻا اٿي ھڪڙي طرف منھن ڪري روانا ٿيا.

اڳيان ڇوڪرو پويان شھزادي، ھڪليندا ھڪليندا ڪنھن شھر جي ٻاھران ھڪڙي وڻ جي ھيٺان اچي ويٺا. ڪجھھ وقت آرام ڪري شھزادي ڇوڪري کي چيو تھ: ھاڻي ھيئن ڪر جو ھتان سڌو شھر ۾ وڃ ۽ بازار ۾ ٻنھي پاسن ڏسندو وڃ، جنھن دڪان تي ھيرا جواھر ۽ سونا ڳھھ رکيل ڏسين، ان دڪان تي چڙھي موديءَ کي چئجانءِ تھ توکي شھر کان ٻاھر راڻي پئي سڏي، ھو پاڻھي توسان گڏجي ھليو ايندو. ڇوڪرو سڌو بازار ۾ آيو، ۽ راڻيءَ جي ڏنل ڏس تي اھڙو مودي ڳولي لڌائين، جنھن کي راڻيءَ واري چيل سا ڳالھھ ڪري ٻڌايائين. موديءَ چيو تھ: حاضر، ھل تھ ھلون. پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي راڻيءَ وٽ آيا راڻيءَ موديءَ کي پنھنجو نو لکو ھار لاھي ڏنو ۽ چيائينس تھ: سيٺ صاحب! آءٌ بادشاھي گھراڻي جي زال آھيان، ڪنھن سبب ھي ڏينھن ڏسڻا پيا اٿم، ھاڻي تون ھڪڙي مھرباني ڪر، جو پھرين تھ اسان کي رھڻ لاءِ ھڪڙي جاءِ مسواڙ تي وٺي ڏي، ٻيو تھ ھن ڇوڪري کي ڪي بادشاھي وڳا سبائي ڏي ۽ ھڪڙو سٺو گھوڙو بھ خريد ڪري ڏينس. مودي ويچارو ڪو ڏاڍو اشراف ھو، تنھن شھزاديءَ کان ھار ڪو نھ ورتو ۽ چيو تھ: شھزادي! ھار تون پاڻ وٽ رک، آءٌ اھو بندوبست ڪريان ٿو، پئسا مون کي پوءِ بھ ملي ويندا. مودي ائين چئي ھڪدم جاءِ جو بندوبست ڪري شھزاديءَ کي ان جاءِ ۾ ويھاريو ۽ ڇوڪري کي بھ سنوارت ٺھرائي، بادشاھي وڳا پھرائي آڻي شھزاديءَ جي اڳيان حاضر ڪيو. ان بعد ھڪڙو گھوڙو وٺي سنجي تيار ڪري، ڇوڪري کي سواري سيکارڻ لاءِ ھڪ سوار مقرر ڪري ڏنائين، جنھن ھن کي سواري ۽ جنگي فن کان پڻ واقف ڪيو.

ڳچ ڏينھن گذرڻ کان پوءِ شھزاديءَ جڏھن ڏٺو تھ ھاڻي ڇوڪرو بادشاھي فن مان واقف ٿي ويو آھي، تڏھن دل ۾ خيال ڪيائين تھ ھاڻ وري ڪنھن ٻئي ملڪ ۾ وڃي رھجي. اھو خيال ڪري موديءَ کي گھرائي چيائين تھ: ھاڻي اسين وڃڻ وارا آھيون، تنھنڪري ھي ھار وٺ، جيڪو تنھنجو حساب ڪتاب ٿئي سو لاھي باقي پئسا آڻي ڏي. مودي ھار وٺي پھنجو خرچ لاھي، باقي پئسا آڻي شھزاديءَ کي ڏنا. ٻن چئن ڏينھن بعد شھزادي ڇوڪري کي تيار ڪري، کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري، گھوڙي تي چڙھي اٿي ھلي. پنڌ ڪندا ڪندا اچي ھڪڙي رڻ ۾ پھتا. ڏينھن بھ اچي تتو ۽ اڃ بھ ڏاڍو ھلاڪ ڪين. اتي شھزاديءَ ڇوڪري کي چيو تھ: پاڻيءَ کان سواءِ ساھھ ٿو وڃي، پاڻي پيدا ڪر! پر رڻ پٽ ۾ پاڻي ڪٿان آيو؟ ڇوڪري ھيڏانھن ھوڏانھن گھڻئي لوھون ڏنيون، پر پاڻي ھٿ نھ آيو. لاچار گھوڙن کي اڳتي ھڪليائون. اڃ ڇوڪري کي بھ ھلاڪ ڪيو ھو پر شھزاديءَ جي حالت تھ تمام نازڪ ٿي ويئي، نيٺ ڪجھھ پنڌ ڪرڻ کانپوءِ بيھوش ٿي ويئي. اتي ڇوڪري گھوڙا جھلي شھزاديءَ کي ھيٺ لاھي ھڪڙي وڻ جي ڇانو ۾ سمھاريو ۽ پاڻ پاڻيءَ لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن جھوتون ڏيڻ لڳو. اوچتو ھن جي نظر پاڻيءَ جي ھڪڙي تلاءَ تي وڃي پئي، ھو کلي کڻي تلاءَ تي آيو، اچي ڏسي تھ پاڻيءَ ۾ بلور پيا جرڪن، بلور تمام سھڻا ھئا، تنھنڪري ھن راند ڪرڻ جي خيال سان ڪجھھ بلور کڻي کيسي ۾ وڌا، ۽ پاڻيءَ جي کلي ڀري واپس موٽيو ۽ شھزاديءَ جي منھن تي پاڻي ھڻي کيس سجاڳ ڪيو. ڪجھھ وقت آرام ڪري اڳتي ھلڻ جي تياري ڪيائون. ڇوڪري جو کيسو بلورن سان ڀريل ھو، سو ڊپ ٿيس تھ متان شھزادي ڪاوڙجي، انھيءَ ڊپ کان ھن ڪيترا بلور اتي کڻي اڇلايا باقي ٻھ چار لڪائي گھوڙي تي چڙھيو.

ڪاھيندي ڪاھيندي اچي ھڪڙي شھر جي ويجھو پھتا. جڏھن شھر جي ٻاھران آيا، تڏھن شھزاديءَ ڇوڪري کي چيو تھ: آءٌ ھتي ٿي ويھان، تون شھر وڃ، ساڳيءَ طرح بازار مان ڪنھن موديءَ کي وٺي اچ. ڇوڪرو موديءَ کي وٺي آيو. شھزاديءَ وري بھ اڳئين وانگر موديءَ کي چيو تھ: اسان کي رھڻ جو بندوبست ڪري ڏي. موديءَ خوشيءَ سان ھنن کي بندوبست ڪري ڏنو. ان بعد شھزاديءَ چيس تھ: ھاڻي اسان کي ھڪ عاليشان جاءِ شھر جي ٻاھران ٺھرائي ڏي، پر دير اصل نھ ٿئي، جيڪو خرچ ايندو سو ڏينداسون. مودي حڪم جو بندو، تنھن يڪدم جاءِ جو پٽ خريد ڪري کڻي رازا ۽ ڪمي بيھاريا، ھڪڙي مھيني ۾ عاليشان محلات تيار ٿي ويو، شھزادي بھ ڇوڪر سان اچي انھيءَ جاءِ ۾ رھڻ لڳي.

ڇوڪري جي ٻاراڻي طبيعت، سو جيڪي بلور شھزاديءَ کان لڪائي کنيا ھئائين، انھن مان ٻھ ٽي کڻي ڇوڪرن سان راند ڪندو ھو. ھڪڙي ڏينھن اتفاق سان انھيءَ شھر جو شھزادو بھ ڪو اتي اچي نڪتو، تنھن جو ھن ڇوڪري وٽ سھڻا بلور ڏٺا سي کانئس ڦري ويو. ڇوڪري شھزاديءَ کي روئي اچي دانھن ڏني، جنھن چيس تھ: خسيس بلورن جي ڪري پيو روئين، ٻيا کڻي وٺڄانءِ. تنھن تي ڇوڪري چيو تھ: اھڙا بلور ھتي ملندا ئي ڪو نھ. ائين چئي ٻيا بلور جيڪي لڪائي رکيا ھئائين، ڪڍي اچي شھزاديءَ کي ڏيکاريائين. شھزادي جان کڻي ڏسي تھ اھي لعلون آھن. اتي  شھزاديءَ چيس تھ: چڱو سڀاڻي صبح جو بادشاھھ جي درٻار ۾ وڃي، بادشاھھ کي سلام ڪري ھڪ پاسو وٺي بيھي رھيج. جڏھن بادشاھھ توکان پڇي تڏھن ٻڌائجانءِ تھ آءٌ سوداگر جو پٽ آھيان، توھان جي شھر ۾ اچي رھيا آھيون. ڪالھھ شھزادو منھنجا بلور کڻي ويو آھي، سي مھرباني ڪري مونکي وٺي ڏيو. اھا ڳالھھ سمجھائي ٻئي ڏينھن شھزاديءَ ڇوڪري کي عاليشان وڳو ڍڪائي بادشاھھ ڏانھن موڪليو. ڇوڪرو بادشاھھ کي سلام ڪري ھڪ پاسي ٿي بيھي رھيو. بادشاھھ ملڪ ۾ نئون ماڻھو آيل ڏسي ھن کان خبر چار پڇي. ڇوڪري کي جيئن شھزاديءَ سيکاريو ھو تيئن ٻڌايو. بادشاھھ ۽ درٻار ۾ ويٺل امير ۽ وزير حيران ٿي ويا تھ، ھي وري ڪير آھي جو شھزادي تي بلورن جي دانھن کڻي آيو آھي. بادشاھھ ڇوڪري کي چيو تھ: ڇوڪرا! تنھنجا بلور منھنجي پٽ کنيا ھوندا تھ توکي وٺي ڏيندس، پر تون پنھنجا بلور سڃاڻيندين؟ ڇوڪري چيو تھ: ھا سائين!ڇو نھ سڃاڻيندس، اھڙا بلور توھان جي شھر ۾ ئي ڪو نھ ھوندا. ائين چئي بچيل بلور بادشاھھ کي ڏيکاريائين. بادشاھھ بلور ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو ۽ دل ۾ چيائين تھ برابر ھھڙا بلور منھنجي شھر ۾ تھ ڇا پر منھنجي بادشاھيءَ ۾ بھ ڪين ھوندا. سو ڇوڪري کان پڇيائينس تھ: تو ھي بلور ڪٿان آندا آھن؟ جنھن تي ھن سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌايس. بادشاھھ پوءِ کيس شھزادي کان بھ بلور وٺي ڏنا.

انھيءَ ڏينھن شام جو وزير بھ گھمندو ڦرندو اچي ھنن جي محلات وٽان لنگھيو. ان وقت شھزادي دريءَ ۾ بيٺي ھئي تھ اوچتو وزير جي نظر وڃي مٿس پيئي. وزير دل ۾ خيال ڪيو تھ ھھڙي سھڻي صورت تھ بادشاھن جي محلات ۾ جڳائي سو يڪدم بادشاھھ وٽ آيو ۽ شھزاديءَ جي سونھن جي تعريف ڪري چوڻ لڳو تھ: توھين کيس پنھنجي پٽ راڻي ڪريو. بادشاھھ بھ وزير جون ڳالھيون ٻڌي شھزاديءَ تي اڻ ڏٺو عاشق ٿي پيو. وزير کي چيائين تھ: وزير! اھڙي ڪا اٽڪل ڪر جو شھزاديءَ کي بنا ڪنھن زور زبردستيءَ جي پنھنجو ڪريان. وزير چيو تھ: بادشاھھ سلامت! ھڪڙي اٽڪل آھي جو شھزاديءَ سان گڏ جيڪو ڇوڪرو آھي، اھو ٻڌائي ويو آھي تھ ھن اھي بلور ھڪڙ تلاءَ تان لڌا آھن، سو ڇوڪري کي گھرائي چئوس تھ جي سچو آھين تھ اھڙن بلورن جو ھڪڙو ٿالھھ آڻي ڏي، جي نھ آڻيندين تھ توکي ڪوڙ ڳالھائڻ جي ڏوھھ ۾ مارائي ڇڏيندس. بادشاھھ کي اھا صلاح ڏاڍي وڻي.

ٻئي ڏينھن بادشاھھ ڇوڪري کي گھرائي حڪم ڪيو تھ: بلورن جو ٿالھھ ڀريل آڻي ڏي، جي نھ آندئي تھ ڦاسيءَ تي چاڙھبئي. ڇوڪري ويچاري جواب ڏنو تھ: انھيءَ جو جواب توھان کي سڀاڻي ڏيندس. ڇوڪرو موٽي گھر آيو ۽ اونڌي منجي ڪري سمھي پيو شھزادي حيران ٿي ويئي. سا سڌي ھن وٽ آئي ۽ پڇيائينس تھ: خير تھ آھي؟ جنھن تي ڇوڪري بادشاھھ واري ڳالھھ سربستي ڪري ٻڌائي. شھزاديءَ چيو تھ: اھا ڪھڙي وڏي ڳالھھ آھي، گھوڙو ھيڪر جيڪو گس ڏسندو آھي سو نھ وسرندو اٿس، تنھنڪري تون گھوڙي جي رڳو واڳ جھليو ويٺو رھج، پاڻھي توکي ساڳيءَ جاءِ تي ھلي ڇڏيندو. پر بادشاھھ کي سڀاڻي چئج تھ: خبر ناھي مونکي ڪيترا ڏينھن مسافريءَ ۾ لڳن، تنھنڪري پوئتي جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪريو. اتي ڇوڪرو ڪجھھ مڙئي سرھو ٿيو، ۽ ٻئي ڏينھن بادشاھھ کي وڃي چيائين تھ: بادشاھھ سلامت! آءٌ وڃڻ لاءِ تيار آھيان، پر مونکي مسافريءَ تي الاجي ڪيترا ڏينھن لڳن، تنھنڪري پوئتي جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪري. بادشاھھ سندس اھا ڳالھھ مڃي ۽ شھزاديءَ ڏانھن ٻارھن مھينن جو سيڌو پاڌو ڏياري موڪليو.

ڇوڪرو شھزاديءَ کان موڪلائي گھوڙي تي چڙھي تلاءَ ڏانھن روانو ٿيو. جڏھن تلاءَ تي پھتو، تڏھن خيال ڪيائين تھ ڏسان تھ ھي بلور ھن تلاءَ ۾ ڪٿان ٿا اچن؟ سو اوڀارو ھلڻ لڳو. ڪجھھ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ڏسي تھ تلاءَ جي منھن ۾ ھڪڙي ڪسي اھي جنھن مان بلور وھندا پيا اچن. ڇوڪرو ڪسيءَ جو ڪپ ڏيئي اڳتي ھلندو رھيو. ڳچ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ھڪڙو ڪوٽ ڏسڻ ۾ آيس جنھن مان ڪسي پئي نڪتي. ڪوٽ تمام اتانھون ھو پر ھن کي ان جو ڪو دروازو ڏسڻ ۾ ڪو نھ آيو. نيٺ ڇا ڪيائين جو ان ڪسيءَ مان اندر ڪوٽ ۾ لنگھي ويو. ڇا ڏسي تھ ھڪڙو سھڻو محلات آھي، جنھن جي وچ ۾ ھڪڙي ڇڪي تي ھڪڙي سھڻي عورت جي سسي رکي آھي، جنھن مان رت جا ڦڙا ٽمي ڪسيءَ ۾ پئي پيا؛ جي بدلجي بلور ٿي ٺھيا. ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريائين تھ ھڪڙي کٽ تي ڪنھن عورت جو ڌڙ ڏسڻ ۾ آيس. ڇوڪرو دل جھلي محلات کي گھمڻ لڳو. گھمندي گھمندي ھن کي ھڪڙي ابتي رکيل پٽي ڏسجڻ ۾ آئي. ڇوڪري پٽيءَ کي سڌو ڪيو تھ ڇڪي مان سسي اڏامي اچي ڌڙ سان لڳي؛ ۽ مئل عورت جيئري ٿي ويھي رھي. اتي ڇوڪرو ڏاڍو ڊنو، جنھن تي عورت چيو تھ ڇوڪرا توکي ڪھڙي کٽي کنيو آھي جو ھتي آيو آھين؟ ڀڄي وڃ، نھ تھ اجھو ٿو ديو اچي توکي بھ پورو ڪري  ۽ مونکي بھ. اتي مڙئي ھمراھھ ھمت ٻڌي ۽ چيائينس تھ: اھا ڳالھھ ڇڏ، باقي اھو ٻڌاءِ تھ توسان ھيءَ حالت ڪنھن ڪئي آھي؟ ان عورت ٻڌائيس تھ: ڇوڪرا! آءٌ ھڪڙي بادشاھھ جي ڌيءَ آھيان، منھنجو نالو ”لال پري“ آھي، ھتي مون کي ھڪڙو ديو زوري کڻي آيو آھي، ۽ چوي ٿو تھ مون سان شادي ڪر، پر آءٌ ھن پليت سان شاديءَ کان انڪاري آھيان، انھيءَ ڪري ديو جادوءَ جي پٽيءَ جي زور تي منھنجي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ويندو آھي، شڪار کان موٽي اچي مونکي جيئرو ڪري شاديءَ لاءِ زور ڪندو آھي، ھينئر ھو اچڻ وارو آھي تنھنڪري اھا پٽي ساڳيءَ جاءِ تي ابتي ڪري رکي ڇڏ، ۽ تون بھ ڪٿي وڃي لڪ. وري ديو جي وڃڻ کان پوءِ اچجانءِ، ۽ پوءِ جيڪا تنھنجي مرضي ھوندي ائين ڪنديس. ڇوڪري پٽي ابتي ڪئي تھ”لال پري“ جي سسي اڏامي وڃي ڇڪي ۾ پئي ۽ پاڻ وڃي باغ ۾ ھڪڙي گھاٽي ٻوڙي ۾ لڪي ويھي رھيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ اوچتو طوفان لڳو، ڦڙ ڦڙ پيئي ۽ پوءِ گوڙ ٿيو، ديو بھ ”آدم بو، آدم بو“ ڪندي اچي ڪڙڪو ڪيو. ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريائين پر ماڻھو ڇيڻو نظر نھ آيس، تنھنڪري ڪاوڙجي محلات ۾ ويو، پٽيءَ کي سڌو ڪيائين تھ لال پري جيئري ٿي اٿي. ديو ھن کان ڪاوڙجي پڇيو تھ: مونکي اڄ ھتي ماڻھوءَ جي ڌپ پئي اچي. تڏھن لال پريءَ چيس تھ: ڇتو تھ ڪو نھ ٿيو آھين! تو ٻارھن ڪوھن ۾ ماڻھو ڪو نھ ڇڏيو آھي، باقي منھنجي ڌپ ٿي اچئي تھ مونکي کڻي کاءُ تھ جند ڇٽيم. اھو ٻڌي ديو کڻي ماٺ ڪئي ۽ ويٺو ھن کي مٺيون مٺيون ڳالھيون ٻڌائڻ. پر لال پريءَ پورو منھن ئي ڪو نھ ڏنس. ديو کي جو لڳي ڪاوڙ سو تختي اونڌي ڪري ويندو رھيو.

ديو جي وڃڻ کان پوءِ ڇوڪرو نڪري آيو ۽ اچي تختي سبتي ڪري لال پريءَ کي جيئرو ڪيائين. ڇوڪري دل ئي دل ۾ لال پري کي انھيءَ قيد مان ڇڏائڻ جو فيصلو ڪري ورتو ھو، سو يڪدم چيائينس تھ: اٿ مون سان گڏجي ھل. پر پريءَ چيس تھ: جي آءٌ توسان گڏجي ھلنديس تھ ديو اچي ٻنھي کي ماريندو. ڇوڪري کي اھا ڳالھھ دل سان لڳي ۽ خيال ڪيائين تھ جيسين ديو جيئرو آھي، تيسين ھتان نڪرڻ مشڪل آھي. ھاڻي ڪا اھڙي اٽڪل ڪجي جنھن سان نانگ بھ مري ۽ لٺ بھ نھ ڀڄي. اھو خيال ڪري ڇوڪري لال پريءَ کي چيو تھ: شھزادي! جيڪڏھن تون ڪنھن اٽڪل سان ديو کان انھيءَ شيءِ جو پتو ڪڍين، جنھن ۾ سندس ساھھ آھي تھ پوءِ آءٌ سولائيءَ سان ديو کي ماري توکي ھن قيد مان ڇڏائي سگھندس، نھ تھ سڄي ڄمار تون ديو جي قيد ۾ ھوندينءَ. لال پري چيو تھ: اھو ڪم منھنجو. اڃا اھي ڳالھيون پئي ڪيائون تھ ديو جي اچڻ جو آواز آيو. ڇوڪري يڪدم تختي اونڌي ڪري لال پري کي ماري پاڻ ساڳيءَ جاءِ تي وڃي ويٺو. ايتري ۾ ديو مينھن واءُ ڪندو اچي ڪڙڪيو ۽ دستور موجب پريءَ کي اٿاريائين. اڄ لال پري بھ ديو سان مٺيون مٺيون ڳالھيون ڪرڻ لڳي. ديو ويچارو جو لال پريءَ جي مٺين ڳالھڙين جو ھميشه سڪايل ھو، سو لال پريءَ کي خوش ڏسي واڇون ئي ٽڙي پيس. نيٺ پريءَ پڇيس تھ: اي ديو! حياتيءَ تي ڀروسو ڪونھي، سڀاڻي توکان ڪو ڏاڍو ديو اچي ۽ توکي ماري وڃي تھ پوءِ آءٌ ڪيئن ڪنديس؟ ديو بھ موج ۾ ھو تنھن لال پريءَ کي چيو تھ: شھزادي! منھنجو ساھھ ھن ڪوٺيءَ ۾ پوريل چتونءَ ۾ آھي، جيستائين اھو نھ مرندو تيسين آءٌ جيئرو ھوندس، اھا خبر ڪنھن کي ئي ڪانھي. تنھنڪري تون ڪو بھ فڪر نھ ڪر. ڪجھھ وقت ڪچھري ڪرڻ کان پوءِ ديو خوش ٿي تختي اونڌي ڪري ھليو ويو.

ديو جي وڃڻ کان پوءِ ڇوڪرو آيو ۽ تختي سڌي ڪري لال پريءَ کي جيئرو ڪيائين. پوءِ ٻنھي ڄڻن گڏجي محلات جي ڪوٺين مان چتونءَ وارو پڃرو ڳولي ھٿ ڪيو ۽ سھي سنڀري ڪسيءَ واري لوگھي کان ڪوٽ مان نڪتا. گھوڙو بھ اتئي پئي چريو، تنھن کي جھلي سوار ٿيا. اڃان ڪجھھ پنڌ ڪيائون تھ ڇوڪري کي بلورن جو ٿالھھ ياد پيو ۽ لال پريءَ کي چيائين تھ: جنھن ڪم لاءِ آيو ھوس سو تھ ٿيو ئي ڪو نھ، مون بادشاھھ سان واعدو ڪيو ھو سو تھ پورو ڪرڻو آھي. لال پريءَ چيس تھ: آءٌ جو توسان گڏ آھيان پوءِ بلورن کي ڇا ڪندين؟ ھلندي ھلندي چتونءَ واري پڃري کي اوچتو لوڏو اچي ويو تھ ھتي وري ديو کي لوڏو آيو، تنھن کي پڪ ٿي تھ اڄ خير ڪونھي. سو واءُ مينھن ڪري مٺيون ڀيڙي وٺي ڀڳو. جڏھن ڪوٽ کي ويجھو پھتو، تڏھن لال پري ۽ ڇوڪري کي پڃري سميت ويندو ڏٺائين سو ھيڪاري ڪاوڙجي ھنن تي حملو ڪيائين. اتي ڇوڪري بھ چتون کي پڃري مان ڪڍي ھٿ ۾ جھليو ۽ جيئن ديو ويجھو آيو تيئن چتونءَ جي ھڪ کنڀڙاٽي ڀڃي ڇڏيائين، تھ ديو جي بھ ھڪ ٽنگ ۽ ٻانھن ڀڄي پيئي، پر ديو رڙھندو رڙھندو ڏانھن آيو. اڃا بھ ويجھو آيو، تڏھن ڇوڪري چتونءَ جي ٻي بھ کنڀڙاٽي ڀڃي ديو جو ٻيو پاسو بھ چٽ ڪري ڇڏيو. پر ديو تڏھن بھ رڙھندو آيو. نيٺ ڇوڪري چتونءَ جي سسيءَ کي مروٽو ڏئي سسي ڀڃي ڇڏي تھ ھوڏانھن ديو جو ڪنڌ ڀڄي پيو ۽ اتي ئي چتونءَ وانگر ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو.

ھاڻي ٻئي ڄڻا بي اونا ٿي گھوڙي تي چڙھي اچي پنھنجي جاءِ تي رسيا. شھزادي جا انتظار ۾ ھئي سا ھن کي ٻئيءَ زال سان گڏ سلامت ايندو ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. ھي ٻئي شھزاديون پاڻ ۾ مليون. شھزادي ڇوڪري کي چيو تھ: ھاڻي ھفتو کن گھر ۾ آرام ڪري، پوءِ بادشاھھ وٽ وڃجانءِ. ھفتو کن گذريو تھ ڇوڪري لال پريءَ کي چيو تھ: ھاڻي بلورن جو ٿالھھ کپي. لال پري سڌي ٿي کٽ تي ستي ۽ پاڻيءَ جو ٿالھھ ڀرائي، مٿان ڇڪو ٽنگائي ڇوڪري کي چيائين تھ: تختي ابتي ڪر! ڇوڪري تختي اونڌي ڪئي تھ سسي اڏامي وڃي ڇڪي ۾ پئي ۽ ان مان رت جا ڦڙا جيڪي ٽمي ٿالھھ ۾ ڪريا سي سڀ لعلون ٿيندا ويا، تان جو سڄو ٿالھھ ڀرجي ويو. پوءِ تختي سڌي ڪيائين تھ لال پري اٿي ويھي رھي. ھي اھو ٿالھھ کڻي رومال سان ڍڪي، بادشاھھ جي درٻار ۾ آيو. بادشاھھ ۽ وزير لعلن جو ٿالھھ ڏسي عجب ۾ پئجي ويا ۽ ڇوڪري کي درٻار ۾ ڪرسي ويھڻ لاءِ ملي. ڪجھھ وقت ڪچھري ڪري ڇوڪرو بادشاھھ کان موڪلائي پنھنجي جاءِ تي آيو.

ٻھ چار ڏينھن گذريا تھ لال پري، شھزاديءَ کي چيو تھ: شھزادي! پاڻ ٻئي پرديس ۾ اڪيليون آھيون، الله کان سواءِ اسان جو نڪو اوھي نڪو واھي، دنيا ۾ پنھنجو ھمدرد ھن ڇوڪري کان سواءِ ٻيو ڪو بھ ڪونھي، ڇوڪرو بھ اچي جوان ٿيو آھي، تنھنڪري ڇو نھ پاڻ ٻئي ڄڻيون کڻي ھن سان شادي ڪريون! اھا صلاح ڪري ٻنھي ڄڻن ڇوڪري سان شادي ڪئي.

ھڪڙي ڏينھن وزير بھ ھنن جي محلات وٽان اچي لنگھيو. ان وقت لال پري ۽ شھزادي ٻئي ڄڻيون دريءَ کان بيٺيون ھيون. وزير جي نظر جا ھنن تي پئي سو دنگ رھجي ويو. دل ۾ چيائين تھ مار! اڳي رڳو ھڪڙي ھئي، پر ھاڻي تھ ٻي انھيءَ کان بھ وڌيڪ اچي وئي آھي! سو وزير سڌو بادشاھھ وٽ آيو ۽ اچي ساڻس سڄي حقيقت ڪيائين، بادشاھھ چيس تھ: پوءِ ڇا ڪجي؟ وزير چيو تھ: قبلا! ماڳھين ڇوڪري کي ئي ڇو نھ کڻي مارائجي تھ پوءِ اھي ٻئي شھزاديون ھٿ اچن. بادشاھھ چيس تھ: وزير! ائين ڪيئن ٿي سگھي ٿو جو ھڪ بيگناھھ جو خون ڪري رعيت جي نظر ۾ ڏٺا ٿيون. باقي ٻيو ڪو طريقو ڪڍ، جنھن سان نانگ بھ مري ۽ لٺ بھ نھ ڀڄي. وزير ويچار ڪري چيو تھ: جيئندا قبلا! ھڪڙي اٽڪل خيال ۾ آئي اٿم جو ڇوڪري کي چئجي تھ اسان کي شينھڻ جي کير جي ضرورت آھي، توکان سواءِ ٻيو ڪو بھ آڻي ڪو نھ سگھندو، جيڪڏھن نھ آڻي ڏيندين تھ توکي ڦاسيءَ تي چاڙھبو ۽ تنھنجو مال ملڪيت سڀ بادشاھي قبضي ۾ رھندو. بادشاھھ کي اھا صلاح پسند آئي.

ٻئي ڏينھن سپاھي موڪلي ھڪدم ڇوڪري کي گھرايائين. جنھن وقت سپاھي ڇوڪري کي سڏڻ آيا، تھ شھزاديءَ، لال پريءَ کي چيو تھ: شڪ نھ آھي تھ وزير ڪالھھ ھتان لنگھندي پاڻ کي ڏسي ويو آھي، تنھن وڃي ممڻ مچايو آھي، اڄ شايد پنھنجي مڙس مٿان وري آفت اچڻي آھي. ھاڻي ڇا ڪريون؟ حسن ۾ جيتوڻيڪ شھزادي زور ھئي، پر عقل ۾ وري لال پري سرس ھئي. تنھن شھزاديءَ کي چيو تھ: انھيءَ ۾ ڳڻتي جي ڪھڙي ڳالھھ آھي، جيڪي ٿيندو تنھن کي مڙس ٿي منھن ڏيندو. ائين چئي ھن ڇوڪري کي سڏي چيائين تھ: بادشاھھ جيڪو ڪم چوي يا ڳالھھ پڇي تھ تون ائين چئج تھ ورندي سڀاڻي اچي ڏيندس. ڇوڪرو يڪدم درٻار ۾ آيو ۽ سلام ڪري ڪرسيءَ تي ويھي رھيو. اتي بادشاھھ چيس تھ: ڇوڪرا! اسان کي شينھڻ جي کير جي ضرورت آھي ۽ اسان کي پڪ آھي تھ توکان سواءِ ٻيو ڪو بھ ماڻھو اھو ڪم ڪري نھ سگھندو، تنھنڪري يا تھ کير آڻي ڏي، نھ تھ تنھنجو مال متاع سڀ ضبط ڪيو ويندو ۽ توکي ڦاسي ڏني ويندي. ڇوڪري چيس تھ: سائين! اھا ورندي آءٌ سڀاڻي ڏيندس. ائين چئي بادشاھھ کان موڪلائي، گھر اچي ڏاڍي افسوس مان چيائين تھ: ھاڻي بادشاھھ ۽ وزير منھنجي مارڻ پويان اچي پيا آھن، چون ٿا تھ اسان کي شينھڻ جو کير آڻي ڏي نھ تھ توکي مارائي ڇڏينداسين. ان تي لال پريءَ چيس تھ: انھيءَ ۾ افسوس ڪرڻ جي ڳالھھ ڪانھي، سڀاڻي بادشاھھ کي وڃي چئو تھ آءٌ شينھڻ جو کير آڻي ڏيڻ لاءِ تيار آھيان، پر ھڪڙو شرط آھي تھ آءٌ الاجي ڪڏھن موٽان تنھنڪري منھنجي محلات تي شاھي خرچ سان ٻھ پھريدار مقرر ڪيا وڃن، ڇھن مھينن جو سيڌو سامان ڏنو وڃي، پوءِ جي کير کڻي واپس آيس تھ واھھ، نھ تھ سڄو ڌن ۽ محلات توھان جو آھي.

ٻئي ڏينھن ڇوڪرو وري بادشاھھ وٽ ويو ۽ کيس ساڳيا شرط ٻڌايا. بادشاھھ اھي شرط قبول ڪيا. حڪم ڏنائين تھ يڪدم ڇوڪري جي محلات تي ان پھچايو ۽ پھري جو بھ بندوبست ڪريو. پوءِ ڇوڪرو گھوڙو سنجي مسافريءَ تي تيار ٿيو. شھزادين کان موڪلائڻ وقت ڇوڪري کي لال پري ھڪڙي چٺي لکي منڊيءَ ۾ بند ڪري ڏني ۽ چيائينس تھ: ھي چٺي ۽ منڊي کڻي الھندي طرف وڃج، اڳيان توکي ھڪڙو جبل ڏسڻ ۾ ايندو، ان تي چڙھي ڏسندين تھ ٻئي پاسي ھڪڙو گھاٽو جھنگل ڏسبو، تون سڌو اوڏانھن رخ رکج؛ اڳئي ھڪڙو وڏو بڙ آھي، جتي چوڏھين چوڏھين رات پرين جي ھڪڙي وڏي مجلس ٿيندي آھي، جنھن ۾ منھنجو چاچو ۽ منھنجي سوٽ ”شاھھ پري“ بھ ايندا آھن، تون اتي محفل کان اڳ بڙ جي وڻ تي چڙھي لڪي ويھي رھج. جڏھن ڳائڻ وڄائڻ ختم ٿئي ۽ سڀ مھمان ھليا وڃن ۽ منھنجو چاچو شاھھ پريءَ جي جوٽ تي ڪنڌ رکي سمھي، تڏھن تون ڇا ڪجئين جو مون واري چٺي ۽ منڊي آھستي ڪري شاھھ پري جي ھنج ۾ اڇلي وجھج، پوءِ ھو پاڻھي چٺي پڙھي تنھنجو بچاءُ ڪندي؛ پر خبردار ٿجئين، جيڪڏھن شاھھ پري جي پيءُ يا ٻئي ڪنھن ديو توکي ڏٺو تھ پوءِ اڦٽ ماري ڇڏيندئي. ڇوڪرو اھا سڄي ڳالھھ سمجھي شھزادين کان موڪلائي گھوڙي تي سوار ٿي اٿي ھليو.

ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ ھي ڏس مليل جبل تي اچي پھتو ۽ ان تي چڙھي ڏٺائين تھ برابر جھنگل پيو ڏسجي، ڪاھي اچي اتي پھتو. اھا چنڊ جي ٻارھين جي رات ھئي، تنھنڪري ھي بڙ وٽ پھچي پنھنجي ويھڻ جو بندوبست ڪري باقي ٻن راتين جو انتظار ڪرڻ لڳو. آخر چوڏھين رات بھ آئي. ڪا مھل گذري تھ ڪي ديو آيا ۽ جن اچي بڙ ھيٺان صفائي ڪئي ۽ ٻيا وري گلم غاليچا کڻي آيا، ان کان پوءِ ھڪ عاليشان تخت آيو جو اچي بڙ جي ھيٺان رکيائون. آھستي آھستي مھمان ايندا ويا، ٿوري دير ۾ تر ڇٽڻ جيتري جاءِ بھ ڪا نھ رھي. پوءِ ديون جو سردار بھ ھڪڙي پريءَ سان گڏ اچي لٿو، جنھن کي ڏسي سڀ ديو ۽ پريون اٿي بيٺا. ان کان پوءِ راڳ ۽ ناچ ٿيو. نيٺ اڌ رات کانپوءِ اھو سارو مانڊاڻ ختم ٿيو. ٻيا تھ سڀ جتان آيا ھئا اوڏانھن ھليا ويا، باقي ديون جو سردار ۽ ھڪڙي پري وڃي رھيا. ڇوڪري کي پڪ ٿي تھ لال پريءَ جو چاچو ۽ شاھھ پري اھي آھن. نيٺ ديو شاھھ پريءَ جي جوٽ تي ڪنڌ رکي سمھي رھيو. جڏھن ديو کي ننڊ آئي، تڏھن ھن ھڪ ڌاڳي ۾ منڊي ۽ چٺي ٻڌي آھستي آھستي ھيٺ لاھي شاھھ پري جي جھوليءَ ۾ وڌي. شاھھ پري چٺي ۽ منڊي ڏسي ڇرڪ ڀري يڪدم مٿي نھاريو ۽ ڇوڪري کي ڏسي وري منڊي کي ڏٺو ۽ سڃاتائين تھ ھي منڊي لال پريءَ جي آھي. پوءِ چٺي کولي پڙھڻ لڳي جنھن ۾ لکيل ھو تھ، ھي چٺي آڻيندڙ ماڻھو منھنجو گھر وارو آھي، ان جي توکي ھر طرح پارت ھجي ۽ جنھن ڪم لاءِ اچي ٿو ان ۾ مدد ڪج. شاھھ پري پنھنجي ساھھ کان وڌيڪ پياري سھيلي جي چٺي پڙھي ڏاڍي خوش ٿي، ايتري قدر جو سندس اکين مان لڙڪ ڳڙي پيا جي اچي سندس پيءُ جي منھن تي پيا. جنھن تي ھو سجاڳ ٿي پيو ۽ شاھھ پريءَ کان روئڻ جو سبب پڇيائين. تڏھن ھن ٻڌايس تھ: بابا! اھي بھ خوشيءَ جا ڳوڙھا آھن، پر ٻڌائينديس تڏھن، جڏھن حضرت سليمان جو ويساھھ ڏيندؤ تھ توھين ڪنھن جي بھ وار جو نالو نھ وٺندا. ديو حيران ٿي جواب ڏنو تھ:ڌيءُ! اھڙي ڪھڙي ڳالھھ آھي جنھن لاءِ مون کان ايڏو قسم کڻائين..... کڻي ٻڌاءِ تھ ڇا ڳالھھ آھي؟ پر شاھھ پري چيس تھ: پھرين قسم کڻ. نيٺ لاچار ٿي ديو حضرت سليمان جو قسم کنيو، تڏھن ھن ديو کي منڊي ۽ خط ڏيکاريو، جي ڏسي ديو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ شاھھ پريءَ کان پڇيائين تھ: ڪير  آھي جنھن ھيءَ چٺي آندي آھي؟ شاھھ پريءَ ٻڌايس تھ: بابا! اھي ھڪڙو آدمزاد کڻي آيو آھي. ھاڻي انھيءَ آدمزاد کي جيئدان ملي نھ تھ لال پري ارمان ۾ روئي روئي مري ويندي. ديو اھا ڳالھھ قبول ڪئي چيائين تھ: اھڙي ماڻھوءَ کي ڪيئن ماربو جنھن سان منھنجي ڀائٽيءَ جو لکيو ٿيو آھي. تون ڀلي انھي آدمزاد کي سڏ، مون کان جيڪي پڄندو سندس مدد ڪندس. شاھھ پريءَ ڇوڪري کي اشارو ڏنو، ھو ويچارو ڏڪندو ڏڪندو وڻ تان لھي اچي ھنن جي اڳيان بيٺو. ديو ھن کي چڱي عزت ڏني ۽ ڀرسان ويھاري ڪچھري ڪرڻ لڳو. نيٺ سج اڀرڻ کان اڳ ھي ٽئي ڄڻا، ديو جي ملڪ ۾ پھچي ويا.

ڇوڪرو ديون جي سردار جو خاص مھمان ھو، تنھنڪري ھن کي ھڪڙي عاليشان محلات ۾ ترسايو ويو، جتي ڪڏھن ڪڏھن شاھھ پري بھ وٽس اچي رھاڻ ڪندي ھئي. آھستي آھستي ھنن ٻنھي جو پاڻ ۾ قرب ٿي ويو. شاھھ پري خيال ڪيو تھ ڇو نھ آءٌ بھ کڻي ھن سان شادي ڪريان. جھڙس بھادر بھ ڪو ورلي ھوندو. جنھن ديو کي ھن ماريو آھي، تنھن اسان جا ھزار  ديو پورا ڪيا ھئا. اھو خيال ڪري وڃي پنھنجي پيءُ سان حقيقت ڪيائين، جنھن پڻ پنھنجو راضپو ڏيکاريو. پوءِ تھ ٻنھي جي وڏي ڌام ڌوم سان شادي ٿي.

ڪن ڏينھن کان پوءِ ڇوڪري شاھھ پريءَ کي چيو تھ: ھاڻي پوئتي ھلڻ گھرجي، ٻن مھينن جو تھ رڳو پنڌ آھي، ۽ وعدي موجب بادشاھھ کي شينھڻ جو کير بھ ڏيڻو آھي، نھ تھ پوئتي جو خير نھ ٿيندو. شاھھ پريءَ چيس تھ: انھيءَ جي تون ڳڻتي نھ ڪر، پاڻ وقت تي ھلي کير سميت پھچنداسين. پوءِ پيءُ کان موڪل وٺي ھلڻ جي تياري ڪيائون. تڏھن ڇوڪري، شاھھ پريءَ کي چيو تھ: شھزادي! ڀلا شينھڻ جو کير ھٿ ڪر. شاھھ پريءَ چيس تھ: بادشاھھ کي پاروٿو کير ڪو نھ ڏبو، ڀل تھ تازو کير ڏسي خوش ٿئي. آءٌ خود شينھن جي سردار آھيان، کڻي ڪٿي بھ ھجان، شينھن کي اتي گھرائي سگھان ٿي. ائين چئي ھن شينھن جي وارن کي سيڪ ڏنو تھ شينھن اچي حاضر ٿيا. شاھھ پريءَ شينھن کي چيو تھ: ھن ماڻھوءَ جا پوريءَ طرح وفادار رھجو ۽ جتي بھ توھان کي گھرائي اتي حاضر ٿي جيڪو حڪم ڏيو مڃجو. ايترو چئي شينھن کي موڪل ڏنائين. پوءِ ديون جي سردار، چار ديو تخت سميت شاھھ پريءَ ڏي موڪليا، جن کين رات وچ ۾ سندن شھر جي ٻاھران اچي لاٿو. جتان ھو سڌو پنھنجي محلات ۾ آيا. شھزادي ۽ لال پري مڙس کي سلامت ڏسي ڏاڍو خوش ٿيون. ويتر جو لال پري جي نظر پنھنجي سوٽ شاھھ پريءَ تي پئي سا تھ ڏاڍي خوش ٿي ۽ وڃي شاھھ پريءَ کي ڀاڪر وڌائين. پوءِ تھ سڀئي ھڪ ٻئي سان ملي ڏاڍو خوش ٿيا.

انجام واري ڏينھن تي ڇوڪرو بادشاھي ويس وڳا پھري درٻار ۾ آيو. بادشاھھ ۽ وزير کي پڪ ھئي تھ ڇوڪرو شينھڻ جو کير تھ ڪو نھ آڻيندو پر سلامت بھ ڪو نھ موٽندو، تن جو ڇوڪري کي ڏٺو سي ھڪا ٻڪا ٿي ويا ۽ ھن کان پڇيائون تھ: ڇوڪرا! تو شينھڻ جو کير آندو؟ ڇوڪرو جو شاھھ پريءَ جو پڙھايل ھو، تنھن ورندي ڏني تھ: بادشاھھ سلامت! شينھڻ جو کير مون رڳو انھيءَ ڪري ڪو نھ آندو جو توھان کي الاھجي پاروٿو کير کپي يا تازو؟ بادشاھھ چيو تھ: پاروٿو کير آءٌ ڇا ڪريان! مونکي تھ تازو کير گھرجي. ڇوڪري چيس تھ: حاضر جي توھان کي تازو کير گھرجي تھ ھيئن ڪريو جو شھر ۾ پڙھو گھمارائي ڇڏيو تھ سج اڀرڻ کان اڳ ڪو بھ ماڻھو گھر کان ٻاھر نھ نڪري ۽ سڀڪو گھرن جا دريون دروازا بند ڪري ڇڏي. پوءِ توھان کي تازو کير ڏئي سگندس. بادشاھھ ۽ وزير پھريائين تھ حيران ٿي ويا تھ ڇوڪرو چئي ڇا ٿو، پر پوءِ ڇوڪري کي چيائون تھ: چڱو! اھڙو پڙھو گھمارايون ٿا. رات جو پڙھو گھمي ويو. جو ماڻھو جت سو تت بيھي رھيو. سڄي شھر ۾ ڄڻڪ راڪاس گھمي ويو. شاھھ پري فجر مھل شينھن جا ڳچ جيترا کڻي انھن کي سيڪو ڏنو تھ سڄي شھر ۾ شينھن پھچي ويا. پڇن جا ٺڪاءَ ۽ گجڪارن جا آواز ايڏا تھ ٿيا جو ننڊ ۾ ستل ماڻھو بھ سجاڳ ٿي پيا، درن درين جي سيرن مان شينھن کي ڏسيو ڊپ کان ھنڌ ۾ گھڙيو ٿي ويا. بادشاھھ ۽ وزير بھ اھو لقاءُ محلات مان پئي ڏٺو. نيٺ صبح ٿيو، ڇوڪري ڇا ڪيو جو ھڪڙي شينھڻ کي ڪن مان جھلي سڌو بادشاھھ جي درٻار جي دروازي وٽ آيو، پر اتي پکي بھ ڏسڻ ۾ ڪو نھ آيس. تنھنڪري بادشاھھ وٽ محلات ڏانھن ويو. بادشاھھ ڏسي تھ ڇوڪرو شينھڻ ڪن مان جھليو پيو اچي! سو ھن ڊپ کان محلات جا دروازا کڻي بند ڪرايا. اتي ڇوڪري بادشاھھ کي چيو تھ: سائين! دروازو کوليو ۽ تازو کير ڏھي وٺو متان چئو تھ پاروٿو کير مليو. بادشاھھ ويچاري کي اچي سر سان لڳي، سو ھٿ ٻڌي ڇوڪري کي چيائين تھ: اسم ڌڻيءَ جي ھنن کي ھتان ڪڍ، نھ تھ ڊپ وچان اڌ شھر جو ساھھ ھليو ويندو. مون کي کير ڪو نھ ٿو گھرجي، ھاڻي رڳو شھر مان ڪڍين. ڇوڪري چيو تھ: واھھ سائين واھھ! ھيتري ساري ھلاکي پوءِ ڇاجي لاءِ ٿي ڪرايو؟ ھاڻي توھان رڳو ھن مان کير ڏھي وٺو تھ پوءِ ھنن کي موڪل ڏجي. پر بادشاھھ محلات کان ٻاھر نڪتو ئي ڪو نھ. لاچار ڇوڪري شينھن کي موڪل ڏني جي گھڙي کن ۾ شھر ڇڏي ھليا ويا ۽ ڇوڪرو موٽي پنھنجي گھر آيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ بادشاھھ درٻار ۾ آيو، ۽ اچڻ سان وزير کي گھرائي چيائين تھ: ڏٺئي وزير! تون اھڙن کٽراڳن ۾ ھٿ ٿو وجھين جوماڳھين آزار ٿيو پوي. پاڻ کي تھ رڳو کير گھربو ھو پر ھتي تھ سڄو شھر شينھن ھئا. وزير ويچارو ڪنڌ ھيٺ ڪري ويھي رھيو.

ان ڳالھھ کان پوءِ ويچاري بادشاھھ تھ شھزادين ھٿ ڪرڻ جو خيال ئي لاھي ڇڏيو، پر وزير کي ڏاڍي آنڌ مانڌ ٿي پئي تھ ھن ڇوڪري کي ڪيئن بھ ڪري مارائجي. سو روز ٻئي ڏينھن پيو محلات وٽان چڪر ڏيندو ھو. پر نظر ڪجھھ بھ نھ آيس. نيٺ ھڪڙي حجامڻ کي اندر محلات جو واءُ سواءُ لھڻ لاءِ اماڻيائين، جنھن سڄي خبر چار وٺي اچي وزير کي ٻڌائي تھ: وزير صاحب! اڳي ھيون ٻھ، ھاڻي آھن ٽي، ٽئي سونھن ۾ ھڪٻئي کان شھھ ڏيو بيٺيون آھن. ڪنھن جي ساراھھ ڪري ڪنھن جي ڪجي. وزير ويچاري جا ٺپ ئي ٺري ويا. سڌو بادشاھھ وٽ آيو ۽ ساري حقيقت ٻڌايائين تھ: بادشاھھ سلامت! ھن ڀيري ڇوڪري وري ٽين بھ حور پري آندي آھي، جا بادشاھي محل ۾ جڳائي. وزير جي ڀڙڪائڻ تي بادشاھھ وري بھ ھرکي پيو ۽ وزير کي چيائين تھ: وزير! اڳ ۾ بھ تو ڇوڪري کي اھڙا سوال ڏنا، جو ماڳھين پاڻ اچي آزار ۾ پياسين، ھينئر اھڙو ڪو سوال ڏينس جو وڃڻ کي وڃي. وزير بادشاھھ جو رضامندو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ چپٽيون وڄائي بادشاھھ کي چيائين تھ: سائين! توھين ھاڻي انھيءَ ڳالھھ کان بي فڪر رھو، آءٌ پاڻيھئي ٿو سر وڃايانس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org