ھفتي ٻن بعد بادشاھھ، شھزادي کي چيو تھ: شھزادا!
توھان جي بادشاھي بھ اسان جي بادشاھيءَ سان دنگئي
آھي، ھاڻي ھلو تھ اوھان جي بادشاھي گھمي اچون.
شھزادي چيس تھ: منھنجون اکيون ٿڌيون، جڏھن چئو
تڏھن ھلون. ٻئي ڏينھن بادشاھھ سھي سنڀري، لاءِ
لشڪر سميت اچي شھزادي جي بادشاھي ۾ پھتو. جتي
شھزادي جو پيءُ پنھنجي پٽ لاءِ سڪي مئو ھو، تنھن
کي ڄڻ نئين حياتي ملي. پوءِ تھ ڏاڍيون خوشيون ٿي
ويون. بادشاھھ ڏاڍيون خير خيراتون ڪيون. ٻن ٽن
ڏينھن بعد گل پريءَ مردانا ڪپڙا لاھي، وھنجي سھنجي
جھڙو گل پري نالو ھوس، تھڙي گل پري ٿي ناز سان ڇم
ڇم ڪندي شھزادي جي اڳيان اچي لنگھي. شھزادي جو
ھھڙي ناز واري پري ڏٺي سو غش ٿي ڪري پيو. گل پريءَ
بھ جھٽ پٽ سندس مٿو کڻي پنھنجيءَ ران تي رکيو ۽
سندس منھن تي گلاب ھنيائين. اتي شھزادي اک کولي ۽
گل پريءَ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ گل پريءَ چيس
تھ: آءٌ اھا ساڳي تنھنجي زال آھيان، ڏس تھ ھيترن
ماڻھن کان پنھنجي عقل سان، پنھنجي عزت بچائي اچي
توسان ملي آھيان. پوءِ تھ ھيڪاري خوشيون ٿي ويون.
ان کان پوءِ بادشاھھ شھزادي کي تخت ڏئي پاڻ وڃي
ڌڻيءَ جي عبادت ۾ مشغول ٿيو ۽ ٻئي بادشاھيون
شھزادو ۽ گل پري سنڀالڻ لڳا.
10
– عشق شھزادو ۽ پدما پري
*
ھڪڙو ھو بادشاھھ، بادشاھن جو بادشاھھ پاڻ خدا آھي: پر ھيءُ
ڪوڙيءَ دنيا جي ھڪڙي ٽڪريءَ جو بادشاھھ ھو. ڌڻيءَ
جو ڏنو سڀ ڪجھھ ھوس. دنيا ۾ جي ڪو ڏک ھوس، تھ فقط
اولاد جو. ڪيترائي پير فقير، حڪيم طبيب پڇيائين،
پر وريو ڪجھھ بھ ڪو نھ. نيٺ بادشاھھ ھڪڙي ڏينھن
نااميد ٿي منجي کڻي وڃي، وچ شھر ۾ ويھي رھيو. ھر
ڪو کيس ڏسي ھليو ويندو ھو. نيٺ ھڪڙو فقير اچي اتان
لانگھائو ٿيو، تنھن ھن کان دل جو حال پڇيو تھ: اي
خدا جا بندا! توسان ڪھڙي ويڌن آھي؟بادشاھھ چيس تھ:
فقير سائين! انھيءَ ڳالھھ کي ڇڏي ڏي، جيڏي جو آھين
تيڏي روانو ٿيءُ. پر فقير چيس تھ: تڏھن بھ ٻڌاءِ
تھ سھي. تنھن تي بادشاھھ سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌايس.
ڳالھھ ٻڌي فقير چيس تھ: بس ايتري ڳالھھ! پوءِ فقير
ھٿ کڻي کيس دعا ڪئي ۽ چيئين تھ: بادشاھھ! توکي
ھڪڙو پٽ ٿيندو، پر ٽي ڳالھيون ياد رکج، جي انھن کي
وساريندي تھ تڪليف ڏسندين، اھي ھي آھن تھ پنھنجي
پٽ جو نالو”عشق شھزادو ”رکج، ٻي تھ کيس ھڪڙي
انڌاري ڪوٺيءَ ۾ تعليم ڏيارج، ۽ ٽي تھ جوانيءَ ۾
سامونڊي گھوڙو نھ وٺي ڏجئينس. اھي ھدايتون ڪري
فقير رمندو رھيو. ۽ بادشاھھ بھ خوش ٿي اچي محلات
ڀيڙو ٿيو.“
ڪن ڏينھن کان پوءِ فقير جي دعا سان بادشاھھ کي پٽ ڄائو، ان جو
نالو عشق شھزادو رکيائين، ۽ جڏھن سمجھھ ڀرو ٿيو،
تڏھن کيس استاد ڏئي، انڌاري ڪوٺيءَ ۾ رھايائين،
جتي ھي پڙھي قابل ٿيو.
ھڪڙي ڏينھن عشق شھزادي پنھنجي استاد کان پڇيو تھ: اسان جو ملڪ
فقط ھيترو آھي يا ٻيو بھ ڪو ملڪ آھي؟ استاد جواب
ڏنس تھ: بابا! توھان جو ملڪ ٻيو بھ گھڻو ئي آھي.
اھو ٻڌي شھزادي کي دل ئي دل ۾ پنھنجي ملڪ ڏسڻ جو
شوق جاڳيو. ڪن ڏينھن کان پوءِ استاد کي بادشاھھ
گھرايو ۽ عشق شھزادي بابت پڇيو. جنھن تي استاد
بادشاھھ کي ٻڌايو تھ: جيئندا قبلا! شھزادو ھر طرح
قابل آھي ۽ ڀلي ھن کي ھاڻي ٻاھر جو سير ڪرايو.
بادشاھھ عشق شھزادي کي انڌاري ڪوٺيءَ کان ٻاھر
ڪڍيو، ۽ وزيرزادو ھمراھھ ڪري ڏنائينس. شڪار ۽ گھمڻ
لاءِ کين اٺ ڏنائين، جنھن تي چڙھي گھمندا وتندا
ھئا، پر ٿوري ئي وقت کان پوءِ ھو اٺ جي سواريءَ
کان ڪڪ ٿي پيو، جنھن ڪري شھزادي بادشاھھ کي چيو،
جنھن وري کين ھاٿي ڏنا، پر ھاٿين بھ شھزادي کي مزو
نھ ڏنو. تڏھن وزيرزادي عشق شھزادي کي چيو تھ: تون
پنھنجي پيءُ کي چئو تھ اسان کي سامونڊي گھوڙا ڏي
تھ مزي سان سير شڪار ڪريون. اھا صلاح مڃي، عشق
شھزادي پيءُ کان سامونڊي گھوڙا گھريا. بادشاھھ
گھڻو ئي نٽايو، ڇو تھ فقير جي منع ھئي. پر شھزادي
جي ضد ڪري لاچار ٿي پيو، سو کيس ٻھ ڀلا گھوڙا وٺي
ڏنائين، جن تي ھي ٻئي دوست پيا گھمندا ھئا.
ھڪڙي ڏينھن دستور موجب عشق شھزادو ۽ وزيرزادو گھوڙن تي چڙھيا
پئي ويا تھ سامھون ھڪڙو گھوڙو ايندو ڏٺائون، جنھن
کي سونا سنج پيل ھئا، پر مٿس سوار چڙھيل ڪو نھ ھو.
گھوڙو سڌو اچي ھنن جي اڳيان بيٺو. شھزادي،
وزيرزادي کي چيو تھ: انھيءَ گھوڙي کي جھل.
وزيرزادي گھوڙي تان لھي جيئن ئي ان کي وٺڻ جي ڪوشش
ڪئي، تيئن گھوڙي ھن کي وٺڻ نھ ڏنو، ۽ ڀڄي ويو.
شھزادي کي ڏاڍي چڙ لڳي ۽ چيائينس تھ: تون گھوڙي کي
وٺي نٿو سگھين. سو چڙ ۽ خار ۾ نڪا ڪيائين ھم نڪا
تم، گھوڙي تان لھي يڪدم وڃي گھوڙيءَ کي جھليائين ۽
ٽپ ڏئي مٿس چڙھي ويٺو. شھزادي جو چڙھڻ ۽ گھوڙي جو
اڏامڻ، بس گھڙيءَ کن ۾ شھزادي کي اڏاري الاجي ڪھڙي
پاسي کڻي گم ٿي ويو، ۽ وزيرزادو اتي جو اتي بيٺو
رھيو. ويچاري وزيرزادي کي اچي سر سان لڳي تھ ھاڻي
بادشاھھ کي ڪھڙو جواب ڏيندس. نيٺ ويچاري ھڪڙو ڪوڙ
ٺاھي اچي بادشاھھ کي چيائين تھ: جيئندا قبلا!
شھزادو ھرڻ جي ڪڍ تلاءُ ڏانھن ويو ۽ گھوڙي تان ڪري
پيو ۽ تلاءُ ۾ ٻڏي ويو. بادشاھھ يڪدم ماڻھو موڪلي
سڄي تلاءَ ۾ ڳولا ڪرائي، پر لاش ھٿ نھ آيو. تڏھن
بادشاھھ، وزيرزادي کي سچ ڳالھائڻ لاءِ زور رکيو،
نيٺ وزيرزادي سچي ڳالھھ ڪئي تھ ھھڙيءَ طرح سان
شھزادي کي ھڪڙو از غيبي گھوڙو اڏائي کڻي ويو. اھا
ڳالھھ بادشاھھ کي دل سان لڳي، جو فقير بھ منع ڪئي
ھئي. بادشاھھ کي پٽ جي جدائيءَ جو ايترو تھ ڏک ٿيو
جو بادشاھي ترڪ ڪري محلات جي ڪنڊ وسائي ويھي رھيو
۽ حڪومت جون واڳون وزير جي حوالي ڪري ڇڏيائين.
وزير جي دل ۾ اچي شيطان جاڳيو، ۽ خيال ڪيائين تھ
متان ڪنھن وقت عشق شھزادو موٽي اچي ۽ مون کان
بادشاھي کسي وڃي، تنھنڪري ڳجھھ ڳوھھ ۾ پڙھو گھمائي
ڇڏيائين تھ جتي بھ عشق شھزادو ڪنھن کي ملي تھ يڪدم
قيد ڪري، مون وٽ آڻي تھ کيس انعام ڏنو ويندو.
عشق شھزادو جنھن گھوڙي تي چڙھي اڏريو ھو، اھو ھڪڙو ديو ھو، جو
ھن کي پنھنجي ملڪ کڻي آيو ۽ ھن کي پنھنجو پٽ ڪري
رکيائين. عشق شھزادو انھيءَ ديون جي ملڪ ۾ بيفڪر
گھمندو وتندو ھو. گھمندي گھمندي ھڪڙي ڏينھن پرين
جي ملڪ ۾ وڃي نڪتو. اتي ھڪڙو محلات ڏسي ان ۾ گھڙي
ويو. ڇا ڏسي تھ سبحان الله! عجب رنگ لڳو پيو آھي.
محلات ۾ رکيل ھر شيءِ سوني ھئي. عشق شھزادي کي اچي
اڃ لڳي، سو ھڪڙي سوني دلي مان پاڻي پي، اڃان پلنگ
تي ليٽيو تھ ننڊ اچي ويس.
اتفاق سان اھو محلات ”پدما پري“ جو ھو، جا ڪنھن ڪم سان ٻاھر
نڪتي ھئي، سا جڏھن پنھنجي سھيلين سان موٽي آئي،
تڏھن ھڪڙي آدمزاد کي پنھنجي پلنگ تي ستل ڏسي ڏاڍي
حيران ٿي. اتي سندس سھيلين کيس چيو تھ: اسان کي
اجازت ڏي تھ ھن کي کڻي اڇلايون تھ سرنھن جيڏا داڻا
ٿي وڃي. پر پدما پريءَ چيو تھ: نھ، ھي ڪو مسافر
آھي، پھرين ھن کان حال احوال وٺڻ گھرجي. سو ھوءَ
پلنگ جي ڀرسان ويھي رھي. انھيءَ ڳالھھ تان سندس
سھيلين کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، سو يڪدم موڪلائي ھليون
ويون. ڪجھھ وقت کان پوءِ عشق شھزادو جاڳيو، پريءَ
کي ويٺل ڏسي ڏاڍو عجب لڳس...... اتي پدما پريءَ
کانئس حال احوال ورتو. جنھن تي ھن ٻڌايو تھ: آءٌ
فلاڻي ديو جو پٽ آھيان ۽ ڀلجي ھت اچي پھتو آھيان.
عشق شھزادو بادشاھي ٻار ھو ۽ نھايت سھڻو ھو، ان تي
پدما پري اڳيئي موھت ٿي پئي ھئي سو ڳالھين ڪندي
ھي پاڻ ۾ اھڙا تھ ٺھي ويا جو ھڪ ٻئي سان شادي ڪرڻ
جا انجام بھ ڪري ڇڏيائون.
عشق شھزادو پدما پريءَ کان موڪلائي پنھنجي پيءُ ديو وٽ موٽي آيو
۽ ان کي چيائين تھ: مونکي پدما پريءَ سان شادي
ڪراءِ! ديو چيو تھ: مون تھ ڪڏھن پدما پريءَ جو
پاڇو بھ نھ ڏٺو آھي، آءٌ توکي ڪيئن اھا پرڻائيندس.
تڏھن شھزادي کيس چيو تھ: ڀلا جيڪڏھن ھوءَ ھتي اچي
حاضر ٿئي تھ پوءِ شادي ڪرائيندين؟ ديو اھا ڳالھھ
قبول ڪئي. شھزادو ويو سو پدما پريءَ کي وٺي آڻي
حاضر ڪيائين، تڏھن ديو ھنن ٻنھي جي شادي ڪرائي ۽
ٻئي مزي سان زندگي گذاريندا رھيا.
ھڪڙي ڏينھن عشق شھزادي ديو کان پنھنجي وطن وڃڻ جي اجازت گھري.
ديو ھن کي موڪل ڏني ۽ پڻ ھڪڙو ٻيڙو تيار ڪرائي
ڏنو، جنھن ۾ سوار ٿي عشق شھزادو ۽ پدما پري پنھنجي
وطن ۾ اچي پھتا. عشق شھزادي ميربحر کي چيو تھ:
اوھين ھت ترسو تھ مان پنھنجي ڳوٺ مان واءُ سواءُ
وٺي اچان ٿو. پدما پريءَ جي پارت ڪري، ان کي
ميربحر جي حوالي ڪري ڳوٺ ويو. ماڻھن جو عشق شھزادو
ڏٺو، تن يڪدم وڃي وزير کي خبر ڪئي، جنھن ھن کي
گرفتار ڪرائي، پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو. ھوڏانھن ميربر
ڏٺو تھ عشق شھزادو ڪو نھ موٽيو، تنھن ڪري ھن کي
پدما پريءَ جي ھٿ ڪرڻ جي نيت ٿي ۽ ساڻس گستاخي ڪرڻ
لڳو، جنھن تي پدما پريءَ ميربحر کي ھڪڙي چماٽ
وھائي ڪڍي ۽ چيائينس تھ: عشق شھزادو اچي تھ ان کي
چئجانءِ تھ مون کي قنڌار ملڪ ۾ اچي ملي. ائين چئي
اڏري ھلي وئي.
ھوڏانھن ڪن ڏينھن کان پوءِ، عشق شھزادو ڪنھن نموني سان وزير جي
قيد مان جند ڇڏائي، بندر تي آيو ۽ ميربحر کي ھيڪلو
ڏسي، پدما پريءَ جي پڇا ڪيائين. ميربحر چيو تھ:
ھوءَ پنھجي ابي ڏاڏي جي وطن ھلي وئي. عشق شھزادو
اِھو ئي ٻيڙو واپس ڪري، ساڳئي ديو پيءُ وٽ آيو ۽
قنڌار ملڪ جو ڏس پتو پڇيائين. ديو چيو تھ: مون کي
خبر ڪانھي، باقي منھنجو ڀاءُ اڳتئون رھي ٿو، ان کي
خبر ھوندي. عشق شھزادو ديو جي ڏس پتي تي ٻئي ديو
وٽ پھتو. ان کي ماما ماما ڪري راضي ڪيائين. ان بھ
چيو تھ: مون کي خبر ڪانھي، باقي اڳيان اسان جي وڏي
ڀيڻ رھي ٿي، اھا ضرور خبر ڏئي سگھندي. عشق شھزادو
نيٺ ان وٽ آيو ۽ ماسي ماسي چئي کيس راضي ڪيائين ۽
قنڌار جو پتو پڇيائينس. ان عورت نھ رڳو پتو ڏنو،
پر راضي ٿي کيس ھڪڙي غائب ٽوپي بھ ڏني.
ھوڏانھن پدما پري ھڪڙي ڀوت سان مڱيل ھئي ۽ پدما پريءَ پنھنجي
ھڪڙي ساھيڙي لعل کٽياڻي سان انجام ڪيو ھو تھ ھوءَ
ڪڏھن بھ شادي ڪا نھ ڪندي. پر جڏھن پدما پريءَ جي
عشق شھزادي سان شاديءَ جي ڳالھھ ھلي تھ ماڻھن وڃي
ھن جي پيءُ جا ڪن ڀريا تھ: پدما، آدمزاد سان شادي
ڪئي آھي. سو جڏھن پدما پري پنھنجي پيءُ وٽ واپس
آئي تھ ھن ستن ڪوٺين ۾ بند ڪرايس. پدما پريءَ کي
رات ڏينھن عشق شھزادو ياد ھو. سو نھ کائيندي ھئي
نھ پيئندي ھئي. ٻانھي روزانو ڪوٺيءَ اندر ماني ڏئي
ويندي ھيس، پر ھوءَ ھڪڙي جاري ۾ رکي ويندي ھئي.
شھزادو بھ جبل جھاڳيندو اچي قنڌار ملڪ ۾ پھتو. ھن ڏٺو تھ شھر جي
ٻاھران کوھھ تي ڪي پريون بيٺيون ھيون، جن پاڻ ۾
ڳالھھ ٻولھھ پئي ڪئي تھ، پدما پري اھڙي خراب ٿي
آھي جو آدمزاد جي ڪاڻ پاڻ کي ڪوٺين ۾ بند ڪرايو
اٿس ۽ کائڻ پيئڻ بند ڪري ڇڏيو اٿس. ڪن چيو تھ: ھلو
تھ ھلي ان جو حال ڏسون. اھا گفتگو ٻڌي، عشق شھزادو
انھن پرين جي پٺيان ھلڻ لڳو. ھن کي غائب ٽوپي مٿي
۾ پيل ھئي. جنھن ڪري ھن کي ڪو بھ ڏسي نھ سگھيو. ھو
عورتن جي پٺيان ھلي اچي محل ۾ پھتو، ھڪ ڪنڊ پاسو
ڏئي ويھي رھيو. مانيءَ جي وقت، جڏھن ٻانھي ماني
کڻي آئي ۽ دروازو لاھي اندر ويئي تھ عشق شھزادو بھ
ان جي پٺيان ويو ۽ اندر وڃي پاسو وٺي ويھي رھيو.
ٻانھي ماني ڏئي موٽي وئي ۽ دروازو بند ڪندي وئي.
پدما پريءَ ماني ڪانھ کاڌي ۽ ٿڌي آھھ ڀري چيائين
تھ:عشق شھزادا! ڪڏھن ملندين؟ عشق شھزادو جو اتي
موجود ھو، تنھن چيو تھ: اجھو آءٌ حاضر آھيان. پوءِ
غائب ٽوپي لاٿائين تھ سڄي جاءِ روشن ٿي وئي. ٻئي
پاڻ ۾ ملي خوش ٿيا. اھا ماني کاڌائون پر جاري ۾
سڪا ٽڪر پيا ھئا، سي بھ کائي ڇڏيائون.
ٻئي وقت تي ٻانھي جڏھن ماني کڻي آئي تھ پدما پريءَ ھن کي ٻھ ٽي
چھبڪ وھائي ڪڍيا، چي: ھيتري ماني منھنجي لاءِ آندي
اٿيئي؟ ٻانھيءَ پدما پريءَ جي رخ مان سھي ڪيو تھ
ھن کي يار مليو آھي، جنھن جي خوشيءَ ۾ آھي. سو ھن
سڌو وڃي پدما پريءَ جي پيءُ کي چيو تھ: عشق شھزادو
پدما پريءَ وٽ پھچي ويو آھي. پريءَ جو پيءُ اعتبار
نھ پيو ڪري چي: ستن ڪوٺين ۾ بند پئي آھي، تنھن وٽ
عشق شھزادو ڪيئن ايندو؟ ٻانھيءَ ضد ڪيو تھ: عشق
شھزادو ضرور پدما پري وٽ پھتو آھي، اوھين روبرو
ھلي ڏسو. پدما پريءَ جو پيءُ اتي آيو جتي ھوءَ بند
ھئي. ھن کان عشق شھزادي لاءِ پڇيائين، ھن جي سڪ ۽
قرباني ڏسي نرم نموني ۾ پڻس چيو تھ: جيڪڏھن عشق
شھزادو تو وٽ آيو آھي تھ تون سچي ڳالھھ ڪر، تھ ھن
سان تنھنجي شادي ڪرايون. پدما پري ورندي ڏني تھ:
نھ، اوھين ھن کي مارائي ڇڏيندا. جڏھن پڻس حضرت
سليمان جو قسم کڻي خاطري ڏني تڏھن پدما پري، عشق
شھزادي کي ظاھر ٿيڻ لاءِ چيو. شھزادي جڏھن ٽوپي
لاٿي تھ ڪوٺي روشن ٿي وئي. پدما پري جو پيءُ عشق
شھزادي جي سونھن ڏسي حيران ٿي ويو، ۽ يڪدم چيائين
تھ: مون پنھنجي ڌيءَ پدما پري عشق شھزادي کي ڏني.
پوءِ ٻيھر ٻنھي جي شادي ڪرائي، اھو سونو محل رھڻ
لاءِ بخشي ڇڏيو جتي سندن پھرين ملاقات ٿي ھئي.
شادي کان پوءِ پدما پريءَ جو اڳيون مڱيندو ڀوت ۽ ساھيڙي لعل
کٽياڻي سندن دشمن ٿي پيا. انھن مان ڀوت کي تھ پدما
پري جادو ڪري پوپٽ بنائي پلنگ جي پائي سان ٻڌي
ڇڏيو ھو. پدما کي پنھنجي استاد جو حڪم ھو تھ ھفتي
۾ ھڪ دفعو سندس محفل ۾ ڳائڻ لاءِ ايندي ڪر، سو
ھڪڙي ڏينھن جڏھن اوڏانھن ٿئي وئي تڏھن عشق شھزادي
کي ھوشيار ڪيائين تھ، ھي پوپٽ ڪڏھن بھ اتان نھ
ڇوڙجئين، جيڪڏھن ڇوڙيندين تھ تنھنجي منھنجي حياتي
ختم ڪري ڇڏيندو. ائين چئي ھوءَ ويندي رھي. |