ھلندي ھلندي جڏھن سندس غوراب اچي جنن ۽ ديون جي حد
۾ پھتا، تڏھن انھن ھن جا ٻيڙا غوراب ٽڪر ٽڪر ڪري
ڇڏيا. شھزادي کي ھڪڙو تختو ھٿ اچي ويو، جنھن جي
وسيلي ٽلڪي ٽلڪي اچي ڪناري تي پھتو. نيٺ اڪيلي سر
گز ڪمان کڻي اڳتي ھليو. واٽ تي ھڪڙي ھنڌ ڏٺائين تھ
ھڪڙو ٻڪرار آھي جو سؤ کن ڇيلا، ڪانڀي ۾ ٻڌيو پيو
گھمي! شھزادو جڏھن سندس ويجھو ويو تھ ان کي بھ جھٽ
ھڻي، انھيءَ ڪانڀي ۾ کڻي وڌائين. سڄو ڏينھن انھي
ڪانڀي ۾ قابو پيو ھو، سج لٿي مھل ٻين ڇيلن سان گڏ
ھن کي بھ وڃي پنھنجي گھر اڇليائين. اتي ڏٺائين تھ
ڪيترا ماڻھو بنھھ چرڻ ڦرڻ کان بس ٿيا ٻڌا بيٺا
آھن، ۽ ھر ھڪ اڳيان ھڪ ھڪ وڏي چاڏي پئي آھي. ھي بھ
وڃي انھن کي ويجھو ٿيو ۽ پڇيائين تھ: ادا، ڪريو
خبر توھان سان خير؟ ھنن چيو تھ: خبرون مڙيئي خير،
ھي آدمخور آھي، روزانو ھڪ ماڻھو سندس قوت آھي. روز
شام جو جيڪو کيس ٿلھو متارو ماڻھو ڏسڻ ۾ ايندو
آھي، ان کي سيخ ڪري کير جي ڪڙاھي ڀري، باھھ تي
رکي، سمھي پوندو آھي. اڌ رات جو جڏھن ماڻھو پچي
ويندو آھي تڏھن اٿي کائيندو آھي. ۽ ھنن چاڏين ۾
اسان کي کير ڏيندو آھي. شھزادو اھو ٻڌي، پنھنجي
ڪنڌ ۾ کڻي ڳرھو وڌو ۽ يارن سان گڏ قطار ۾ ويھي
رھيو. ايتري ۾ ٻڪرار بھ کير ڏھي، ھر ڪنھن جي
چاڏيءَ ۾ وجھندو ويو. شھزادي جي چاڏيءَ ۾ بھ
وڌائين. شھزادي بھ زندگيءَ تان آسرو لاھي کير جي
چاڏي کنئين. اوچتو سيڄان پريءَ کي خبر پئجي وئي تھ
شھزادو زھر وارو کير ٿو پئي. سا يڪدم واچوڙو بڻجي،
اچي اتي پھتي ۽ جھٽ ھڻي سمورو کير ھاري واپس ھلي
وئي. ھن اھا قسمت جي مھرباني سمجھي، ڪنڌ مان ڳرھو
ڪڍي پري ٿي بيٺو ۽ کسڪڻ جو خيال ڪيائين، پر خيال
آيس تھ ھيترن ماڻھن کي ھن حال ۾ ڇڏي وڃڻ مڙسي ڪا
نھ چئبي. سو پڪو پھھ ڪيائين تھ انھن سمورن جي جند
ڇڏائي پوءِ اڳتي ويندس سو وڃي ٻڪرين جي ڌڻ ۾ بيھي
رھيو. ايتري ۾ ٻڪرار انھن مان ٿلھو ماڻھو جانچي
جونچي، کڻي ھڪڙي پٿر تي ھنيائين تھ ان جو ميڄالو
ئي ٻاھر وڃي پيو. پوءِ ان کي سيخن ۾ وجھي باھھ تي
ٽنگي ڇڏيائين. اھو ماڻھو پچندو رھيو ۽ کير ڪڙھندو
رھيو، ھي آدمخور سمھي پيو. تڏھن شھزادي ڇا ڪيو جو
جن سيخن تي ماڻھو پڪو، ماڻھو کي لاھي، سيخن کي
باھھ ۾ وجھي ڇڏيائين. جيستائين گرم ٿين تيستائين
ھن ان ھمراھھ کي دفن ڪيو. انھيءَ ڪم کان واندو ٿي،
اھي سيخون کڻي، انھيءَ جي وچ ۾ سيخون تپي باھھ ٿي
ويون ھيون آھستي آھستي وڃي آدمخور جي اکين ۾
ٽنبيئين. بس، پوءِ آدمخور جي دانھن مٿي دانھن ھيٺ
پيو گھتو ڏي. ھيڏانھن ھوڏانھن گھڻيئي جھٽ ھنيائين
پر ڏسڻ ۾ ڪي اچيس تھ ڪري، نيٺ سھڪي سھڪي ويھي
رھيو. صبح ٿيڻ تي، وڏي ڪوٽ جو در لاھي، ھڪ ھڪ ٻڪري
کي ھٿن سان وٺندو، ٻاھر ڪندو ويو. شھزادو اھو ڏسي
اچي منجھيو. ايتري ۾ ھڪڙي ھمراھھ ھڪل ڪري چيس تھ:
اھو وڏو ڇيلو ڪھي، انھيءَ جا سڱ مٿي تي رکي، ٻھ
ٿوڻا ھڻي ھن قيد مان نڪري وڃ. شھزادي يڪدم ڇيلي کي
ترار ھڻي ماري انھيءَ جا سنڱ پنھنجي مٿي ۾ ٻڌي
ٻڪرار، کي اچي ٻھ چار ٿوڻا ھنيا، آدمخور ٻڪرار چيس
تھ: ڇيلا يار اڄ نور وڃائي ويٺا آھيون، ھاڻي چرچا
نھ ڪر، شھزادو اھڙي ريت ڇيلو بڻجي ٻاھر نڪري آيو.
ٻاھر ھڪ وڏي کاھي ھئي، شھزادي کاھيءَ جي ھن ڀر
بيھي ٻڪرار کي چيو تھ: مان اجھو ھتي بيٺو آھيان.
اھو ٻڌي ٻڪرار جوش مان جو وٺي ڊوڙ پاتي تھ ڌو وڃي
ان کاھيءَ ۾ ڪريو. ھن بھ وڏا وڏا پٿر کڻي، سنڌ سنڌ
ڪٽيس ۽ ھو ڦٿڪندو ڦٿڪندو مري ويو. ھاڻي کيس انھن
ماڻھن جي آزاد ڪرڻ جو اونو ٿيو ۽ انھن وٽ اچي
سمورو احوال ڪيائين ۽ انھن کان پڇيائين تھ: ھاڻي
خبر ڏيو تھ اوھان خوش ۽ چرڻ پرڻ جھڙا ڪيئن ٿيندا؟
انھن وراڻيو تھ: کير واري ڪڙاھيءَ ۾ اسان کي ٻڪري
رڌي کاراءِ. ھن ائين ڪيو تھ ھو سڀ چڱا ڀلا ٿي پيا.
سڀني ھن جا احسان ۽ ٿورا مڃيا. شھزادي ھنن کي حصي
آھر ٻڪريون ڏئي، پنھنجي پنھنجي ڳوٺ روانو ڪيو، ۽
پاڻ سيڄان پري جي ڳولا ۾ اڳتي روانو ٿي ويو. ھلندي
ھلندي ڇا ڏسي تھ ست گھر آھن. جن ۾ ماڻھو ڇيڻو آھي
ئي ڪو نھ! باقي انھي ٻڪرار جي ٻڪرين جھڙي ھڪڙي
ٻڪري بيٺي آھي ۽ ٽي گھر کليا پيا آھن ۽ چار گھر
پوريا پيا آھن. ھي وڃي ھڪڙي کليل گھر ۾ ويھي رھيو.
ايتري ۾ ڏسي تھ ٽي ڏائڻيون ڀڳيون پيون اچن. ۽
ايندي شرط اچي انھيءَ ٻڪري کي ڪھي، ٺاھي، کائي ھڏا
گڏا گڏ ڪري، پوءِ ھڪڙيءَ چيو تھ”تاڙ“ ٻيءَ چيو تھ
”ٻتاڙ“ ٽي چيو تھ ”ٽپو“ پر ٻڪريءَ ٽپو ڏنو ئي ڪو
نھ. اھا ٻڪري اصل ۾ ڪا انھيءَ ٻڪرار ھنن کي ڏني
ھئي ۽ چيو ھئائين تھ، جڏھن ائين ڪرڻ سان ٻڪري ٽپو
ڏئي نھ اٿي تھ ڄاڻجو تھ مان مري ويو آھيان ۽ پوءِ
اوھان منھنجي واھر لاءِ اچجو. ڏائڻين پاڻ ۾ صلاح
ڪئي تھ اڄ ٻڪري ڪا نھ اٿي. پڪ ٻڪرار مري ويو آھي.
ھاڻي سندس واھر ڪرڻ ضروري آھي. ايتري ۾ ھڪڙي ڏائڻ
چيو تھ: ھتي مونکي انسان جي بوءِ پئي اچي. ٻيءَ
چيو تھ: چري تھ نھ ٿي آھين، ھتي انسان ڪٿان آيو؟
آخر سڀ صلاح ڪري، چراخن تي چڙھي، گم ٿي ويون.
پٺيان شھزادي سڏ ڪري چين تھ: ڪيڏانھن ٿيون
وڃون؟انھيءَ ٻڪرار جو ماريندڙ تھ آءٌ آھيان. اھو
ٻڌي سڀ ھن کي کائڻ ڪاڻ وريو تھ ايتري ۾ سيڄان
پريءَ کي خبر پئجي وئي تھ شھزادي جو ڄاڻ ٿيون ساھھ
ڪڍن. سو جيڏين کي سڏ ڪري چيائين تھ: اديون، منھنجي
واھر ڪريو. پوءِ ھڪڙيءَ واءُ ڪيو، ٻين مينھن
وسايو. انھيءَ مينھن واءُ ۾ اھي چراخ پٺتي وٺي ڀڳا
۽ شھزادو جان بچائي ڀڄي ويو.
سيڄان پريءَ ڏٺو تھ شھزادو ھاڻي ٿڪو آھي سو پيءُ کي چيائين تھ:
بابا سائين، منھنجو مڙس مونکي ڳوليندو اچي پھتو
آھي. توھان انھيءَ کي گھوڙو موڪلي پاڻ وٽ گھرايو.
بادشاھھ جنن کي حڪم ڏنو، جي سوني سنج سان گھوڙو
سنجي شھزادي کي وٺي آيا، جتي سندس وڏو آڌر ڀاءُ
ڪيو ويو. ھڪ ٻن ڏينھن کان پوءِ بادشاھھ وڏي ڌام
ڌوم سان ٻنھي جي شادي ڪرائي. سال کن کان پوءِ کين
پٽ ڄائو.
ھڪ سال کان پوءِ سيڄان پريءَ شھزادي کي چيو تھ: اڄ آءٌ سير تي
ٿي وڃان. پر ياد رکجانءِ تھ سامھون واريءَ ڪوٺيءَ
۾ نھ وڃج. ائين چئي سيڄان پري اڏامي وئي. پٺيان ھڪ
پوڙھيءَ اچي شھزادي کي چيو تھ: ابا، سيڄان جي ڀيڻ
اھڙي تھ سھڻي آھي جو ڏسندين تھ سيڄان وسري ويندءِ
۽ اھا ھن سامھون واري ڪوٺيءَ ۾ بند آھي. اھو ٻڌي
ھن کي ڏسڻ جو حرص ٿيو ۽ لڪڻ کڻي انھيءَ ڪوٺيءَ ۾
ويو. حقيقت ۾ انھيءَ ڪوٺيءَ ۾ ھڪ وڏو ديو پوريل ھو
جو سيڄان پريءَ جو عاشق ھو. پر ھن کيس ڪنھن فريب ۾
ڦاسائي، ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو ھو. شھزادو ڪوٺيءَ
۾ ويو تھ کيس ھڪ طوطو نظر آيو. ھن وڃي انھيءَ طوطي
کي ٻاھر ڪڍيو تھ يڪدم ھڪ وڏو ديو بنجي پيو ۽ چوڻ
لڳو تھ: اي انسان، تون ٿو پريءَ سان شادي ڪرين.
ائين چئي کيس ۽ سندس پٽ کي کڻي وٺي آسمان ڏانھن
اڏاڻو. سيڄان ان وقت سير ڪيو پنھنجين يارھن
ساھيڙين سميت اڏاڻي پئي آئي، تنھن جي نظر اوچتو
وڃي ديو، مڙس ۽ پٽ تي پئي. ھن کان رڙ نڪري وئي ۽
چوڻ لڳي تھ: قھر ٿي ويو. ڀينر، منھنجي واھر ڪريو
منھنجو ٻچو ۽ مڙس بچايو. پوءِ سموريون ساھيڙيون
ھيٺ لھي بيٺيون ۽ سيڄان وڃي ديو کي رسي، اتي ٿي
اچي مار متيلي سان وٺيس. جو سنڌ چريس سو ڀڳئينس.
ايتري ۾ ٻار ۽ شھزادو ديو جي ھٿ مان ڇڏائجي ويو،
سو ھيٺ ٻين پرين جھٽي ورتو ھو. نيٺ ديو تي وري
منڊي چاڙھي طوطو بنائي ساڳيءَ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري
ڇڏيائينس. اتان واندي ٿي، شھزادي وٽ آئي. تنھن سڄي
حقيقت ڪري ٻڌايس. سيڄان پريءَ ان پوڙھيءَ کي جيئري
ئي گڏھھ جي پيٽ ۾ وجھرائي درياءَ ۾ لوڙھائي ڇڏيو.
ڪن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ شھزادي کي اچي وطن جي سڪ لڳي. سو سڄي
ڳالھھ سيڄان پريءَ سان اوريائين، تنھن چيس تھ:
ڀلي، ابي کان اجازت وٺ تھ ھلون. ھن سيڄان پريءَ جي
پيءُ کان موڪل ورتي ۽ وڃڻ مھل کيس اڏام کٽولي، مار
متيلو ۽ پڪڙ سيلھي ڏنا ۽ جنن جا ٻيڙا ۽ غوراب
ڀرائي، ڪري روانو ڪيو. شھزادو پاڻ، سيڄان ۽ ٻار
اڏام کٽولي تي چڙھي روانا ٿيا ۽ جنڙا سامان جا
غوراب ھاڪاري سندن پٺيان روانا ٿيا.
نيٺ ھڪ ڏينھن شھزادو پنھنجي زال ۽ ٻار سميت اچي پنھنجي وطن ۾
پھتو. پر ھتي تھ قصو ئي ٻيو لڳو پيو ھو. سندس وڃڻ
کان پوءِ ڇا ٿيو جو سندس پيءُ کي ھڪ وزير تخت تان
لاھي پاڻ بادشاھھ بنجي ويھي رھيو ۽ اصل بادشاھھ کي
قيد ڪري ڇڏيو ھئائين. شھزادو جڏھن پھتو، تڏھن اتي
جا چڱا مڙس گڏ ڪري، انھن مان ھڪ کي امين ڪري،
فيصلي ڏيڻ لاءِ ڇڏيائين. وزير ڇا ڪيو جو انھيءَ
امين کي ٻھ چار ھزار اشرفيون رشوت ڏئي پنھنجو ڪري
ڇڏيو.
ھيڏانھن جنڙا بھ ٻيڙا ۽ غوراب ڪاھي اچي پھتا. انھن ھتي جو ھيءَ
حالت ڏٺي تھ جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. پر،
شھزادي کين صبر ۾ رھڻ لاءِ چيو، ڇو جو فيصلي ڪرڻ
لاءِ ٽياڪڙ مقرر ٿيل ھو. تنھن ھوندي بھ شھزادي مار
متيلي کي حڪم ڏئي ڇڏيو ھو تھ: جيڪڏھن امين ڪوڙو
فيصلو ڏي تھ کيس موچڙا ھنيا وڃن. آخر فيصلي ٻڌڻ
لاءِ سڀ اچي گڏ ٿيا. امين فيصلو ڪيو تھ: حڪومت تھ
وزير جي آھي. ھن جو اھو فيصلو ڏيڻ ۽ مٿس موچڙن جو
زيپٽ ٿيڻ. بس پوءِ تھ سڀ وٺي ڀڳا ۽ فيصلو ڪو نھ
ٿيو. آخر قصو اتي وڃي بيٺو تھ جنگ ۾ جيڪو کٽي اھو
بادشاھھ آھي. رات ٿي تھ جنڙا ويا تن وڃي دشمن جي
ترارن جي جاءِ تي ڪک، ڪانا ۽ ڍالن جي بدران ڍڪڻ
رکي آيا. صبح جو جنڙن بھ حملو ڪيو، وزير بھ جوابي
حملي جو حڪم ڏنو، پر ھڪ بھ ھٿيار نھ ڏسي لڪي ڀڄي
ويو. بس پوءِ تھ شھزادي پنھنجي پيءُ کي گھرائي تخت
تي ويھاريو ۽ پاڻ ساڳئي تلاءَ تي اڏيل ماڙيءَ ۾
سيڄان پريءَ سان گڏ آرام ۽ فرحت ۾ گذارڻ لڳو.
9
– گل پري
*
ھڪڙي بادشاھھ کي ھڪڙو پٽ ھو. شھزادي جي سونھن سوڀيا جي ھر ھنڌ
ھاڪ پکڙيل ھئي. بادشاھھ حڪم جاري ڪري ڇڏيو ھو تھ،
جنھن ماڻھوءَ وٽ آرسي ھجي، اھا يڪدم اتيئي بند ڪري
ڇڏي، نھ تھ منھنجو شھزادو آرسي ڏسي چوندو تھ مونکي
مون جھڙي زال پرڻاءِ. پوءِ اسين انھيءَ جھڙي زال
ڪٿان آڻينداسين؟ تنھنڪري ڪنھن وٽان بھ آرسي ظاھر
ٿي، تھ ان کي ڦاسيءَ جي سزا ملندي.
شھزادو اڄ ننڍو سڀان وڏو، اچي جوان ٿيو، ھڪڙي ڏينھن سھي سنڀري
شڪار تي نڪتو. شڪار ڪندي ڪندي اتفاق سان اچي سمنڊ
جي ڪناري تي پھتو. اتي ڪن غوراب اچي پڳه ھنيو ھو.
شھزادي اتي پسار ڪندي ڏٺو تھ غورابن ۾ ڪو ماڻھو ڪا
شيءِ سامھون رکيو، ان ۾ پنھنجو منھن ويٺو ڏسي.
شھزادو وڌي ان وٽ ويو، ۽ ان کان اھا آرسي وٺي، ان
۾ پنھنجو منھن ڏٺائين، ۽ انھيءَ ماڻھوءَ کان آرسي
جي قيمت ھيڪوڻ جي ٻيڻ ڏئي اھا خريد ڪيائين، ۽ دل ۾
ارادو ڪيائين تھ آج بابي کي چوندس تھ مونکي مون
جھڙي سھڻي زال پرڻاءِ.
شھزادو يڪدم موٽي اچي پيءُ سان مليو ۽ پيءُ کي چيائين تھ: بابا!
مونکي مون جھڙي سھڻي زال پرڻاءِ! جي نھ
پرڻائيندين، تھ نھ آءٌ تنھنجو ۽ نھ تون منھنجو.
بادشاھھ سڄي ڳالھھ سمجھي ويو تھ لاشڪ اڄ شھزادي کي
سندس سونھن جي خبر پئي آھي..... سو چيائين تھ: پٽ!
ڌيرج ڪر، آءٌ اڄ ئي چئني طرف ماڻھو روانا ڪريان
ٿو، جيڪي تنھنجي لائق ڪا ڪنوار ڳولي اچن. شھزادي
کي اھو دلاسو ڏئي بادشاھھ يڪدم چئني پاسين ماڻھو
موڪليا.
ھڪڙيءَ رات شھزادي خواب لڌو تھ ھڪڙو باغ آھي، جنھن جي وچ ۾ ھڪڙو
عاليشان شھر آھي، وري شھر جي وچ ۾ ھڪڙو کوھھ آھي،
جنھن جي ڀرسان ھڪڙي مالھيءَ جو گھر آھي، انھيءَ
گھر ۾ ھڪڙي سدا ملوڪ پري ويٺي آھي ۽ اھو مالھي
اھڙو تھ سٺو شراب ٺاھي ٿو، جو پيئندي ننڊ وٺيو
وڃي. ٻئي ڏينھن، شھزادي بادشاھھ کي چيو تھ: مون
رات خواب لڌو آھي، ھھڙي پارين ھڪڙي خوبصورت پري
آھي، جي اھا مون کي پرڻائيندين تھ پرڻبس، نھ تھ ٻي
زال آءٌ ڪڏھن ڪا نھ پرڻبس. بادشاھھ فڪر ۾ پئجي
ويو، سو وزير کي گھرايائين ۽ ان سان صلاح ڪيائين
تھ: ھاڻي ھيئن ڪر، جو ھتان ڏھن پندرھن ڪوھن تي
ھڪڙو نئون شھر وڃي ٺھراءِ، جو ڇھن ستن مھينن ۾
تيار ٿي وڃي ۽ ان جي وچ ۾ ھڪڙو محلات ٺھرائي، ان ۾
ھن سڄيءَ بادشاھيءَ ۾ جيڪا سھڻي ۾ سھڻي ڇوڪري ھجي،
تھ اھا ويھاري ڇڏ، تھ پوءِ ڪنھن نموني سان شھزادي
کي اھو شھر گھمائي انھيءَ محلات واري ڇوڪري
ڏيکارجيس، تھ من اھا قبول ڪري.
وزير صلاح موجب وڃي نئون شھر ٺھرايو، جو ڇھن مھينن اندر ٺھي راس
ٿيو. ان بعد وزير، شھزادي کي اھو شھر ڏيکارڻ وٺي
آيو. گھمندي گھمندي، اوچتو شھزادي جي نظر وڃي
انھيءَ محلات تي پئي، ۽ اتي انھيءَ ڇوڪريءَ کي بھ
ڏٺائين. شھزادي وزير کي چيو تھ: ھيءُ شھر ئي ٻيو
آھي، ھيءَ پري نھ آھي. وزير ھلندي ھلندي شھزادي کي
رجھائڻ لڳو، جڏھن سڀ گڏجي اڌ پنڌ تي آيا، تھ ڏسن
ھڪڙو سامين جو لڏو سامھون پيو اچي، جي پاڻ ۾
ڳالھيون ڪندا پيا اچن تھ، بادشاھھ ھيءَ خرچ اجايو
ڪيو آھي. اھو شھر ۽ اھو ماڻھو ھتي آيو ڪٿان! ھاڻي
پيا شھزادي کي ڌتارين. شھزادي سامين جو اھو ڀڻڪو
ٻڌي ورتو ۽ وڌي وڃي اڳيان بيٺن، ۽ کانئن پڇيائتن
تھ: اھو شھر ڪٿي آھي؟ سامين ورندي ڏني تھ: اھو شھر
ھتان گھڻو پري آھي. چڱو آھي تھ اتي وڃڻ جي سڌ نھ
ڪر. آخرڪار شھزادي سامين کي ستايو تھ: مونکي
انھيءَ شھر ڏانھن وٺي ھلو. سامين واعدو ڪيو تھ: جي
اسان سان گڏجي ھلندين تھ اسين اھو شھر توکي
ڏيکارينداسين. شھزادي وزير کي چيو تھ: آءٌ ھنن سان
گڏجي ٿو وڃان، توھين بادشاھھ سلامت کي منھنجا سلام
ڏجو. شھزادي پنھنجو گھوڙو ڦيرائي سامين جي لڏي سان
ڪيو. وزير وڃي بادشاھھ وٽ پھتو، وزير بادشاھھ کي
صلاح ڏني تھ: شھزادي کي اڪيلو ڇڏڻ نھ گھرجي. مونکي
خزاني جون خرزينيون ڀرائي ڏيو، تھ آءٌ ساڻس وڃي
گڏجان. بادشاھھ وزير کي اجازت ڏني. سو پاڻ سان
گھوڙا ٻيڙا، نوڪر چاڪر ۽ خزانو کڻي شھزادي جي
پويان پيو، ۽ نيٺ اچي شھزادي ۽ سامين جي لڏي کي
پھتو. پوءِ اتان سڀئي گڏجي اٿي اڳتي ھليا. ھلندي
ھلندي، ڇھھ بادشاھيون تھ اڪري پار پيا، آخر ستين
بادشاھيءَ ۾ اچي پھتا. ڪن ڏينھن کانپوءِ، انھيءَ
بادشاھيءَ ۾ اتفاق سان ساڳئي انھيءَ شھر ۾ اچي
پھتا، جيڪو شھزادي خواب ۾ ڏٺو ھو. سامين وزير ۽
شھزادي کي چيو تھ: بابا! توھان وارو شھر اھو اٿو
ھاڻي اسان فقيرن کي موڪل ڏيو تھ اسين پنھنجو منھن
وٺون. پوءِ جوڳي موڪلائي ويا ھليا.
وزير ۽ شھزادو اچي شھر ۾ داخل ٿيا. سڄو ڏينھن شھر جو گشت ڪري
شھر جي گھٽين ڳلين جا واقف ٿيا. نيٺ من جي مراد
وارو ماڻھو بھ وڃي جاچيائون. ھي سڀ ڏسي وائسي رات
جو پنھنجي مڪان تي آيا، رات جو وزير شھزادي کي
صلاح ڏني تھ: صبح جو ھتي جي بادشاھھ جي ملاقات تي
ھلنداسون، تون وڃي بادشاھھ سان گڏ ويھي رھجين.،
آءٌ پاڻيھي اتي حال احوال ڏيندس وٺندس. رات جو اھا
صلاح ڪري، صبح جو ھي ٻئي ڄڻا اتي جي بادشاھھ جي
ڪچھري ۾ آيا. درٻار لڳي پئي ھئي، ۽ بادشاھھ تخت تي
ويٺو ھو، وزير امير بھ پنھنجن پنھنجن لائق جاين تي
ويٺا ھئا. ھي بھ ٻئي ڄڻا بادشاھي آداب بجا آڻي،
شھزادو جتيءَ سوڌو ڪچھريءَ مان لنگھي وڃي بادشاھھ
سان گڏ تخت تي ويٺو ۽ وزير پنھنجي مرتبي سارو
وزيرن سان گڏ وڃي ويٺو.
بادشاھھ کي ڪجھھ عجب لڳو ۽ ڪجھھ ڪاوڙ بھ لڳي. پنھنجي وزير ڏانھن
نھاري، اشاري ۾ چيائين تھ، ھنن کان خبرون وٺ، وزير
کانئن پڇيو تھ: ادا! ڏيو خبر! ڪير آھيو؟ ڪٿي ويٺا
آھيو؟ وزير چيو تھ: سائين! ھو منھنجو بادشاھھ آھي،
آءٌ سندس وزير آھيان ۽ فلاڻو اسان جو ملڪ آھي،
اسين شراب جي خريديءَ لاءِ ٻاھر نڪري پيا آھيون.
ھتي ھڪڙي مالھيءَ وٽ ڏس مليو آھي تھ اھڙو شراب ملي
ٿو، جو پيئڻ سان دل جا سڀ دک دور ٿيو وڃن ۽ انسان
کي ننڊ وٺيو وڃي، تنھنڪري اسين ھتي آيا آھيون، ۽
اھو شراب وٺندا. جي اھڙو مالھي ھتي ھجي، تھ ان کي
گھرائي وٺندا، تھ اسين ان سان ڳالھيون ٻولھيون
ڪنداسن. مالھي بھ ڪو انھيءَ ڪچھريءَ ۾ ويٺو ھو،
تنھن چيو تھ: سائين! اھو مالھي آءٌ آھيان. وزير
چيس تھ: اچي ۾ اچو شراب جيڪو ھجي اھو کڻي اچ.
مالھي ويو سو پنج ڇھھ شيشا کڻي آيو. وزير اھو شراب
ڪجھھ پاڻ ۽ ڪجھھ شھزادي کي پياريو ۽ باقي ٻين
ڪچھريءَ ۾ ويٺل ماڻھن کي پياري ڇڏيائون، ھڪڙو جام
مالھيءَ کي بھ پياريئون. ٿوري وقت کان پوءِ شاھي
ڪچھريءَ وارن کي اچي نشو ٿيو، سي اتيئي ننڊ ۾ سمھي
پيا. وزير ۽ شھزادو ٻئي اتان نڪري سڌو مالھيءَ جي
گھر آيا. اتان انھيءَ پري جنھن جو نالو ”گل پري“
ھو، تنھن کي سڏيئون، جا نڪري آئي، شھزادي کي ڏسي
گل پري مٿس عاشق ٿي پئي. پوءِ شھزادي پنھنجي من جي
مراد ٻڌايس ۽ چيائين تھ: اسان سان گڏجي ھل. گل پري
سندس اھا ڳالھھ مڃي، ۽ ساڻن نڪري پئي. ھلندي
ھلندي، چار بادشاھيون لنگھي، پنجينءَ ۾ اچي نڪتا،
جتي کين بادشاھھ جي محلات جي ڀرسان باغ ۾ ٽڪڻو
پيو. شام ٿي تھ وزير شھزادي کي چيو تھ: ھيءَ پرائي
بادشاھي آھي، ھتان نڪري ڪنھن ٻئي ھنڌ ھلي ٿا رات
ٽڪون. شاھي محلات جي ڀرسان رات جو رھڻ چڱو نھ آھي.
پر شھزادي وزير جي اھا صلاح نھ مڃي، چي: ھاڻي وري
ڪھڙي تڪليف ڪريون، اسين اتئي ٿا رھي پئون. لاچار
وزير کي بھ رھڻو پيو.
آڌي رات ٿي تھ اتي جي بادشاھھ جي ماڻھن جي نظر وڃي باغ واري ڏيي
تي پئي. انھن اھا خبر وڃي پنھنجي بادشاھھ سان ڪئي.
بادشاھھ ھڪدم حڪم ڏنو تھ: وڃي ڏسو تھ ڇا آھي؟ نوڪر
آيا سي ھنن کي ڏسي وڃي بادشاھھ سان خبر ڪيائون تھ
ٻھ مرد ۽ ھڪڙي تمام سھڻي عورت آھي، جي ستا پيا
آھن. بادشاھھ نوڪرن کي چيو تھ: توھان آھستي آھستي
ننڊ ۾ ئي اھا خوبصورت عورت کڻي اچو. نوڪرن يڪدم
حڪم جي تعميل ڪئي، ۽ گل پري کي کڻي محل ڀيڙو
ڪيائون. صبح جو گل پري پاڻ کي محلات ۾ ڏسي حيران
ٿي وئي، چي: منھنجو شھزادو ڪٿي؟ پر سندس ٻڙڪ بھ
محل کان ٻاھر نھ نڪتي.
ھوڏانھن شھزادو بھ اٿي ڏسي تھ ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آھن. سو
ڏاڍو حيران ٿيو. تنھن تي وزير چيس تي شھزادا!
منھنجي صلاح مڃين ھا، تھ ھوند ائين ڪو نھ ٿئي ھا،
ھاڻي ويٺو رو، پنھنجي الله واھي اٿئي، پر شھزادو
ڇڏئيس ئي نھ، چي: يار وزير! ھيترن ڪشالن ۾ گڏ
ھئين. ھاڻي توکي ڀڄڻ مناسب ناھي، پھرين ھل تھ ھن
ملڪ جي بادشاھھ وٽ فريادي ٿي ھلون، پوءِ کٽن نصيب.
سو ھي ٻئي ڄڻا بادشاھھ وٽ فرياد کڻي ويا. بادشاھھ
ھنن کان نٽائي ويو ۽ چيائين تھ: توھين اتي نھ رھو
ھا، ھاڻي ڪھڙي خبر پوي تھ راڻي ڪير کڻي ويو؟ اتان
ٻئي ڄڻا نااميد ٿي واپس موٽي آيا. وزير تھ انھيءَ
مھل کانئس موڪلائي واپس ملڪ ھليو ويو، باقي ويچارو
شھزادو اتيئي باغ ۾ رھي پيو. فقيرن وانگر کڻي
پنھنجا حال ڪيائين؛ ڪڏھن کاڌو بھ مليس ٿي، ڪڏھن تھ
گل پريءَ جي سڪ ۾ بکن ۾ پيو گذاريندو ھو.
ھوڏانھن ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ گل پريءَ کي بادشاھھ اچي ستايو تھ
مون سان شادي ڪر. تنھن تي گل پريءَ چيس تھ: مونکي
منھنجي مڙس کان چوريءَ کڻائي آيو آھين. سو آءٌ
انھيءَ ڏک ۾ آھيان، ڇھھ مھينا مونکي نھ ستاءِ.
بادشاھھ بھ خيال ڪيو تھ ڀلي ٻٽي ڏينھن گذرن تھ
پوءِ پاڻھي ٺيڪ ٿي ويندي. ٻن چئن ڏينھن گذرڻ کان
پوءِ ھڪڙي ڏينھن گل پريءَ جي نظر محلات جي دريءَ
مان وڃي شھزادي تي پئي. گل پريءَ يڪدم ٻانھيءَ کي
سڏي، ان کي مانيءَ جو ڍاڪون ڀري، ان جي تري ۾
شھزادي نالي چٺي لکي، کيس ڏنو تھ باغ ۾ وڃي
انھيءَ فقير کي ڏئي اچ. ٻانھي ماني کڻي شھزادي وٽ
آئي، جنھن چٺيءَ جو جواب جوڙي ٻانھيءَ کي ڏنو.
چٺيءَ ۾ لکيائين تھ تون ڪنھن نموني سان نڪري اچ تھ
ھلون.
|