ڏائڻيون روزانو شڪار تي وينديون ھيون گھر ۾ ھڪڙي
پوڙھيءَ کي ڇڏي وينديون ھيون. شھزادو اتي ويٺو
پوڙھيءَ سان دل وندرائيندو ھو. ھڪڙي ڏينھن جھجھي
انداز ۾ ڪبوتريون ڏسي شھزادي ان پوڙھيءَ کان پڇيو
تھ: ناني! ھتي ڪبوتريون گھڻيون ڇو آھن؟ پوڙھيءَ
جواب ڏنس تھ: ابا! پنھنجي ڪٽنب جو ساھ ھنن ۾ پيل
آھي. اتي شھزادو سڄي ڳالھھ سمجھي ويو ۽ خيال آيس
تھ جنھن ڏائڻ کيس ھن ملڪ ۾ موڪليو آھي ڇو نھ ان جو
ساھھ ھٿ ڪريان، سو وري پڇيائين تھ: امان جو ساھ ڇا
۾ آھي؟ جواب مليس تھ: ھن ڳاڙھي ڪبوتريءَ ۾. شھزادي
پڇي پڪ ڪري، گھڙيءَ کن کان پوءِ وجھھ وٺي ان
ڪبوتريءَ کي ڇڏي، باقي سڀني کي وٺي ھڪڙي صندوق ۾
وجھي کڻي باھھ ڏنائين تھ ھڙئي ڏائڻيون، جي جتي
ھيون سي تتي مري ويون، باقي ماڻس جي ساھ واري
ڪبوتري ۽ انڌن کي سڄي ڪرڻ وارو سرمون کڻي گھر
ڏانھن روانو ٿيو.
شھزادو جڏھن گھر پھتو، تڏھن پھريائين بسم الله ڪري سرمون پنھنجي
ڇھن ئي مائرن کي اکين ۾ وڌائين تھ سڄيون ٿي پيون.
جي ھيترن سالن جا ڏک گھڙيءَ ساعت ۾ وساري ڌڻيءَ جا
لک شڪرانا بجا آڻڻ لڳيون. ٻئي ڏينھن صبح ٿيندي ئي
شھزادو سرمون کڻي بادشاھ جي محلات ڏانھن روانو
ٿيو. بادشاھ کي نھايت ادب سان سلام ڪري سرمون سندس
اڳيان رکيائين، ۽ ٻڌايائينس تھ: راڻيءَ جي پيٽ جي
سور جي دوا بھ آندي اٿم.بادشاھ گھڻو خوش ٿيو ۽ تخت
تان لھي اچي شھزادي کي ڀاڪر پاتائين.. پوءِ اھو
سرمون اکين ۾ وڌائين تھ سڄو ٿي پيو. ھيڪاري شھزادي
جا شڪرانا مڃڻ لڳو. ان بعد شھزادي کان پنھنجيءَ
راڻيءَ جي دوا گھريائين. ان تي شھزادي چيس تھ:
بادشاھ سلامت! دوا کائڻ جي ترڪيب جي مون کي خبر
آھي تنھن ڪري اھا آءٌ پاڻ راڻيءَ کي کارائيندس.
بادشاھ اھا ڳالھھ قبول ڪري کيس محلات ۾ راڻيءَ وٽ
وٺي آيو. راڻي شھزادي کي سلامت ڏسي ھيڪاري جلي
وئي، پر ٻاھريون ٻنو رکي ھن کان پڇيائين تھ:
ڇوڪرا! دوا آندءِ؟ ھن چيو تھ: ھائو. پوءِ ڇا
ڪيائين جو اھا ڪبوتري ڪڍي بادشاھ ۽ راڻيءَ کي
ڏيکاريائين. راڻي ڪبوتري ڏسي عجب ۾ پئجي ويئي ۽ دل
۾ چيائين تھ ھاڻي ڇوڪرو مون کي ضرور ماريندو، سو
ڏند ڪرٽي ھن ڏانھن وڌڻ لڳي. شھزادي بھ يڪدم
ڪبوتريءَ جي کنڀڙاٽي پٽي ڇڏي، تھ راڻيءَ جي ٻانھن
پٽجي ويئي، وري ٻي کنڀڙاٽي پٽيائين تھ راڻيءَ جي
ٻي ٻانھن بھ پٽجي ويئي. وري ٽنگ پٽيائينس تھ
راڻيءَ جي ٽنگ پٽجي ويئي، اھڙيءَ طرح ڏائڻ کي ماري
ڇڏيائين. پوءِ شھزادي بادشاھ کي سموري خبر ٻڌائي.
تڏھن بادشاھ کي ڏاڍو ڏک ٿيو تھ ھيءُ تھ برابر ڏائڻ
ھئي، پر مون پنھنجن ڇھن راڻين کي ڇو محلات مان ڪڍي
ڇڏيو. اتي شھزادي ھن کي دلاسو ڏنو تھ: آءٌ توھان
کي ڇھن ئي راڻين سان ضرور ملائيندس. پوءِ بادشاھ
انھيءَ تي وڌيڪ خوش ٿي، شھزادي کي اڳيئن کان بھ
گھڻو انعام ڏئي روانو ڪيو.
ھاڻي شھزادي اھي سڀ ڳالھيون پنھنجي مائرن کي وڃي ٻڌايون، جي ٻڌي
ڏاڍو خوش ٿيون. شھزادي جي سڳي ماءُ جا سڀني راڻين
۾ ننڍي ھئي، تنھن پنھنجي پٽ کي چيو تھ: ابا! تون
وڃي بادشاھ کي دعوت ڏئي اچ تھ اسين پاڻھي ٿيون
بندوبست ڪريون. شھزادي تھ اھڙا ڏينھن خدا کان پئي
گھريا تھ مان ديو واري ڏنل وار جو امتحان لھان. سو
ھن اھو وار دٻلي مان ڪڍي، کيس ٿورو سيڪ ڏنو تھ
ھزارين ديو پريون اچي حاضر ٿيا، جن کي حڪم ڏنائين
تھ: اڄوڪي سج ۽ ايندڙ رات وچ ۾ ھڪڙو نئون محلات
تيار ڪريو جو بادشاھي محلاتن جھڙو ھجي ۽ ھڪڙو اھڙو
رستو تيار ڪيو وڃي جو نئين ٺھيل محلات کان بادشاھ
جي محلات تائين ھجي. ديون حڪم ٻڌندي ڪم ۾ ھٿ
ڳنڍيو، محلات ۽ رستو ٺھي تيار ٿيو. انھيءَ وچ ۾
شھزادو بادشاھ ڏانھن روانو ٿيو ۽ ان کي وڃي عرض
ڪيائين تھ:جيئندا قبلا! اوھين سڀاڻي صبح جو منھنجي
دعوت پنھنجي سپاھ سوڌي قبول ڪريو. بادشاھ نھايت
خوشيءَ سان دعوت قبول ڪئي. ٻئي ڏينھن صبح جو
بادشاھ پنھنجي سپاھھ سوڌو شھزادي جي محلات ڏانھن
روانو ٿيو. شھزادي مھمانيءَ لاءِ ست رڇيون تيار
ڪرائي رکيون ھيون. ماني کائڻ واري ڪوٺي ديون جي
مدد سان تمام سينگاريل ھئي. آخر ماني آئي، شھزادي
۽ بادشاھ ويھي ماني کاڌي. بادشاھ ماني کائيندي مھل
روئي بھ پيو ۽ ماني بھ پيو کائي. جنھن تي شھزادي
کانئس ان جو سبب پڇيو. تڏھن بادشاھھ وراڻيو تھ:
ھيءَ پڪل ماني مون کي پنھنجي ننڍي راڻيءَ جي
يادگيري ٿي ڏياري، جو اھا اھڙي ماني ٺاھيندي ھئي.
آخر جڏھن بادشاھ ماني کائي دنگ ڪئي، تڏھن شھزادي
ڳچيءَ ۾ پلاند وجھي بادشاھ کي چيو تھ: سائين! ھيءُ
اوھان جون ڇھئي راڻيون ۽ آءٌ اوھان جو پٽ. اھو ٻڌي
بادشاھھ جا طاق ئي لڳي ويا. پوءِ تھ خوشيون ٿي
ويون. ورھين جا وڇڙيل لحظي ۾ ملي ويا. ٿورن ڏينھن
کان پوءِ بادشاھ حڪومت جو ڪاروبار شھزادي جي حوالي
ڪري حياتيءَ جا باقي ڏينھن الله جي عبادت ۾
گذاريا.
٢٦ – ڏائڻ شھزادي
*
ھڪڙو ھو بادشاھ، بادشاھ تھ پاڻ خدا آھي، پر ھيءُ ڪوڙي دنيا جي
ھڪڙي ٽڪري جو بادشاھ ھو. کيس ٻھ زالون ھيون،
ھڪڙيءَ مان پٽ ۽ ٻيءَ مان ڌيءَ ھيس. انھيءَ شھر ۾
ھڪڙو بگھڙ ايندو ھو جو روزانو رات ھڪڙو ٻار کڻي
ويندو ھو. بادشاھ اھا حالت ڏسي حڪم ڏنو تھ جن وٽ
بھ ھٿيار پنوھار ھجن سي رات جو سڄي شھر جي چوڌاري
پھرو ڏين. حڪم ٻڌڻ شرط جن وٽ بھ ھٿيار ھئا، سي سڀ
تيار ٿيا ۽ شھر کي چوڌاري پھرو ڏيڻ لڳا. پر ڪو بھ
بگھڙ کي پڪڙي نھ سگھيو.
ٻيءَ رات جو بادشاھ جو پٽ پھري ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ چيائين تھ:
مان انھي بگھڙ کي ختم ڪندس. پوءِ ھٿيار پنوھار کڻي
روانو ٿيو. دل ۾ خيال ڪيائين تھ ٻاھر جو بگھڙ
معلوم نٿو ٿئي، ڇو تھ جي ٻاھر جو ھجي ھا تھ شھر ۾
گھڙڻ يا نڪرڻ وقت ضرور ڏسڻ ۾ اچي ھا، لاشڪ تھ اھو
شھر جو شھر ۾ آھي. انھن ئي خيالن ۾ پنھنجي گھر جي
وڏي دروازي وٽ ويھي رھيو، اوچتو ڏسي تھ سندس ڀيڻ
شھر مان ھڪڙو ٻار کنيو پئي اچي! شھزادي سندس پٺ
ورتي، سندس ڀيڻ محلات جي ھڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ويھي اھو
ٻار کاڌو ۽ باقي جيڪي ھڏا بچيا سي کڏ کوٽي پوري
وئي ھلي. شھزادي کي پڪ ٿي تھ بگھڙ ڪونھي، پر
منھنجي ڀيڻ ڏائڻ آھي. سو ڳالھھ دل ۾ رکيائين ۽
ماٺڙي ڪري موٽي اچي سمھي رھيو.
صبح ٿيو تھ شھزادي پنھنجي پيءُ کي اچي عرض ڪيو تھ قبلا! پنھنجي
ملڪ ۾ بگھڙ ڪونھي، باقي شھزاديءَ کي مون اکين سان
ٻار کائيندي ڏٺو آھي. اھو ٻڌي بادشاھ کي سخت ڪاوڙ
لڳي ۽ پٽ کي يڪدم حڪم ڏنائين تھ: ھڪدم منھنجي شھر
مان نڪري وڃ. تون شھزاديءَ سان حسد ٿو ڪرين.
شھزادي گھڻيون ئي دانھون ڪوڪون ڪيون، پر بادشاھ
سندس ھڪ بھ نھ ٻڌي. تڏھن لاچار شھزادو تير ڪمان
کڻي شھر ڇڏي اچي ھڪڙي ٻيلي ۾ رھڻ لڳو، جتي شڪار
ڪري پيو گذران ڪندو ھو.
ھڪڙي ڏينھن ھڪڙو لومڙ شھزادي وٽ آيو ۽ کيس چيائين تھ: شھزادا!
مون کي پاڻ وٽ بيھاريندين؟ شھزادي کلي پڇيس تھ:
جيڪڏھن آءٌ تو کي پاڻ وٽ بيھاريان تھ پوءِ تون
ڪھڙو ڪم ڪندين؟ لومڙ جواب ڏنس تھ: شھزادا! آءٌ
چوڪيداري ڪندس، ان جو عيوض اھو وٺندس جو جيڪو تون
کائي بچائيندين، اھو مون کي ڏيندين.... اڃان ٻھ
چار ڏينھن مس گذريا تھ ھڪڙو شينھن آيو ۽ شھزادي کي
چيائين تھ: شھزادا! مون کي پاڻ وٽ نوڪر ڪري بيھار،
تنھن تي لومڙ کانئس پڇيو تھ: تون ڪھڙو ڪم ڪندين؟
شينھن جواب ڏنو تھ: شھزادو جيڪو بھ شڪار ڪندو، سو
آءٌ کڻي ايندس. نيٺ شينھن کي بھ نوڪريءَ ۾
بيھاريائون.
ھڪڙي ڏينھن ڪنھن بادشاھ جو اٽالو اچي انھي ٻيلي ۾ ترسيو. گھمندي
ڦرندي لومڙ بادشاھي اٽالو ڏسي ورتو، سو ڊوڙي اچي
شينھن کي چيائين تھ: يار! اسان شھزادي وٽ ڏاڍو
سکيو وقت گذاريو آھي، تنھن ڪري اسان جو بھ فرض آھي
تھ اھڙي مھربان شھزادي کي شادي ڪرايون. آءٌ ڪنوار
ڏسي آيو آھيان، تنھن تي شينھن چيو تھ: اڄ رات ھلي
شھزادي لاءِ ڪنوار وٺي اينداسين ھڪ ٻئي ۾ اھو
فيصلو ڪري ٻئي ڄڻا ان بادشاھي اٽالي ڏي روانا ٿيا
ٿوري پنڌ کان پوءِ لومڙ شينھن کي بيھاري، پاڻ مڪر
ڪري منڊ ڪائيندو منڊ ڪائيندو قافلي ڏانھن ويو، اتي
لومڙ کي ڪن ٻارن ڏسي ورتو سي پٺيان ڪاھي پيس. انھن
۾ بادشاھ جي وڏي ڌيءَ بھ ھئي لومڙ ھن کي ڏسي
منڊڪائيندو نخرا ۽ مستيون ڪندو ھلندو رھيو. ڪجھھ
پنڌ کان پوءِ ٻيا سڀ ٻار کڻي ڪڪ ٿي ترسي پيا، پر
شھزاديءَ ھن جي پچر ڪا نھ ڇڏي. آخرڪار لومڙ، شينھن
وٽ اچي پھتو ۽ ان کي ھڪل ڪيائين تھ ھوشيار ٿيءُ
ھينئر وارو اٿئي. شينھن ھڪدم جھٽ ڏئي شھزاديءَ کي
وٺي ڀڳو ۽ سڌو اچي پنھنجي جاءِ تي ساھي کنيائين.
شينھن ۽ شھزاديءَ کي اتي رسائي لومڙ چيس تھ: آءٌ
وري واپس خبر چار وٺڻ وڃان ٿو. لومڙ جڏھن اتي ويو،
تڏھن ڏسي تھ قافلي ۾ ڀڄ ڀڄان لڳي پئي آھي. ھڪڙي
پاسي بادشاھ ۽ وزير پاڻ ۾ صلاح پيا ڪن تھ سڀاڻي
انھن جو پيرو کڻي شھزاديءَ جي ڳولا ڪنداسين. لومڙ
اھا ڳالھھ ٻڌي ٻيلي ۾ ٻين لومڙن وٽ آيو جن کي
ٻڌايائين تھ: فلاڻي قافلي وارن وٽ جيڪو بھ سيڌو
آھي، انھيءَ جي کٽائڻ جو مون ٺيڪو کنيو آھي، تنھن
ڪري رات اوھان سڀني کي اتي دعوت آھي، لومڙ اھا
ڳالھھ ٻڌي ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳا. اڃان رات مس ٿي تھ
سڀئي لومڙ گڏجي قافلي ۾ ويا ۽ جيڪو بھ ھنن جو سيڌو
سامان ھو سو کائي کپائي ڇڏيائون. صبح جو شڪر وارا
اٿي ڏسن تھ سڀ سيڌو سامان کٽو پيو آھي! بادشاھ ۽
وزير ھڪدم سڀني ماڻھن کي شھر ڏي سيڌي سامان وٺڻ
لاءِ موڪليو، فقط بادشاھ ۽ وزير وڃي رھيا لومڙ اھا
حالت ڏسي اچي شينھن کي سموري احوال کان واقف ڪيو
پوءِ شينھن ۽ لومڙ ٻئي گڏجي قافلي ڏانھن ويا. لومڙ
شينھن کي ٿورو پري بيھاري پاڻ بادشاھ وٽ ويو ۽ کيس
ڏسي چيائين تھ: بادشاھ سلامت! شھزادي ويچاري
پريشان آھي ۽ اوھان کي ياد ڪري ڏاڍو روئي پٽي پئي.
بادشاھ اھو ٻڌي وزير کي چيو تھ: وزير! شايد اھو ئي
چالاڪ لومڙ آھي جنھن شھزاديءَ کي گم ڪيو آھي. سو
ٻئي ڄڻا لومڙ کي مارڻ لاءِ سندس پٺيان ڪاھي پيا.
اڃان ويھن پنجويھن گامن تائين مس ويا تھ شينھن کي
لومڙ واڪو ڪري چيو تھ: ٻنھي کي وٺ. شينھن تھ تيار
بيٺو ھو سو ھڪدم جھٽ ڏئي ٻنھي کي کڻي سوگھو ڪيائين
۽ سڌو پنھنجي جاءِ تي کڻي آين.
شھزادو جڏھن شڪار تان موٽيو تڏھن ڏسي تھ ٻھ ماڻھو ٻيا بھ بيٺا
آھن. تڏھن لومڙ ۽ شينھن کان پڇيائين تھ: ھي ڪير
آھن ۽ ھنن کي ھتي ڇو آندو اٿو؟ اتي لومڙ ورندي ڏني
تھ: سائين! ھي ان شھزاديءَ جو پيءُ آھي ۽ ٻيو ان
جو وزير آھي. ھنن کي اسان انھيءَ لاءِ ھتي آندو
آھي تھ انھن سان صلاح ڪري اوھان جي شادي شھزاديءَ
سان ڪرايون، بادشاھ شادي ڪري ڏيڻ کان انڪار ڪيو،
تنھن تي شينھن گجگوڙ ڪري بادشاھ کي چيو تھ: جيڪڏھن
انڪار ڪندين تھ کائي ڇڏيندوسنئين. بادشاھ ۽ وزير
کي ساھ جي اچي لڳي سو خوف وچان ھائوڪار ڪري
شھزاديءَ کي شھزادي سان پرڻائي ڏئي ھليا ويا.
|