سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون -1

باب: -

صفحو :9

سونن وارن واري شهزادي

 

ڪنهن ملڪ جي بادشاهه کي هڪڙو سڪيلڌو پٽ هوندو هو، پر ڏاڍو ائنٿرو هوندو هو. شهزادي جي ارڏاين کان رعيت ڏاڍي تنگ ٿي... آخر گهڻيءَ دانهن ۽ شڪايت تي، بادشاهه غصي ۾ اچي، شهزادي کي ديس نيڪالي ڏيئي، ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو. شهزادي جا ٽي دوست هئا: هڪ برهمڻ، ٻيو سونارو ۽ ٽيون واڍو. شهر ڇڏڻ کان اڳ ۾، شهزادو جڏهن انهن کان موڪلائڻ آيو، تڏهن يارن چيس: ”شهزادا، جيڏانهن تنهنجو پنڌ، اوڏانهن اسين به هلنداسين. دوست اهو، جو دوست جو سڏ ڏيندڙ ساٿي بنجي.“ نيٺ چارئي دوست، ڀلن گهوڙن تي چڙهي، وطن کي پٺ ڏيئي، ڏور ڏيهه ڏانهن روانا ٿي ويا.

هلندي هلندي، کين هڪڙي جهنگل وٽ سج اچي لٿو ۽ رات پئجي ويئي. اتي شهزادي پنهنجن يارن کان پڇيو ته ”يارو، اوهان کي ڪهڙو ڪهڙو هنر ٿو اچي؟ برهمڻ چيو: ”ادا، آءٌ فقير تن مائٽن جو اولاد آهيان. مون کي ٻيو ته ڪجهه به ڪونه ٿو اچي، باقي جيڪڏهن ڪو به لاش ڏسندس ته ڌڻيءَ کي سنڀالي، ان تي چار اُبتا، چار سبتا ڦيڻا وجهندس، ته مالڪ جي مهربانيءَ سان، اهو مردو ڪهڙو به هجي ۽ ڪڏهن به مئو هجي، چڱو ڀلو ٿي پوندو.“ اهو ٻڌي، شهزادي چيو: ”اهو هنر ته تمام سٺو آهي.“ انهيءَ کان پوءِ سوناري چيو ته ”ادا، منهنجو پيءُ سونارو هو. مون هن کان اهو ڌنڌو سکيو آهي؛ پر مون جيڪا وڏي ڳالهه دڪان تي ويهي پرائي، سا هيءَ ته ڪنهن به ماڻهوءَ منهنجي ڪنهن دوست واقفڪار سان ڪڏهن به ۽ ڪٿي به ڳالهايو هوندو ته آءٌ جڏهن ان ماڻهوءَ کي ڏسندس يا ڳالهائيندو ٻڌندس ته هڪدم چئي ڏيندس ته هن منهنجي فلاڻي دوست واقفڪار سان ڳالهايو آهي. آءٌ ته اجهو اهو هنر ٿو ڄاڻان.“ اهو ٻڌي، سڀني چيو ”ادا، اهڙو هنر ته لاجواب آهي.“ انهيءَ کان پوءِ واڍي جي پٽ چيو ته ”ادا، مو ن کي بابي اهڙو واڍڪو هنر سيکاريو آهي، جنهن جو مٽ ئي ڪونهي: مون کي جيڪڏهن سٺو ڪاٺ ۽ سامان موجود ملندو، ته ڪاٺ کي گهڙي ٺاهي، ان ۾ اهو ته هنر رکي ڇڏيندس، جو اهو ڪاٺ اڏام کٽوليءَ جيئن اڏامي اٿي هلندو.“ اهو ٻڌي، سڀني واهه واهه ڪئي. چي، ”هيءُ ته واقعي هڪ عجيب هنر آهي، وقت سر ڏاڍو سٺو ڪم ڏيندو.“ پوءِ جڏهن شهزادي جو وارو آيو، تڏهن هن چيو ته ”ادا، اوهان سڀني جا هنر وڏا... منهنجو ڪم آهي حيواني: آءٌ بادشاهي ٻار- جنگ ۾ ماهر، تير هڻڻ جو هوشيار، تلوار جو ڪوڏيو- جيڪڏهن ڪا به مشڪل سر تي اچي وڃي، ته پٺ ڏيڻ بدران منهن ڏيئي بيهي رهندس- پوءِ مران يا ماريان. اڳي آءٌ انهيءَ حيواني بهادريءَ سبب پاڻ کي شيءِ سمجهندو هوس، پر هاڻي سمجهان ٿو ته وڙهي ڪتا به سگهن ٿا، اهو وڙهڻ ماڻهن جو ڪم نه آهي. اوهان ٽنهي جا ڪم اعليٰ آهن.“ اهڙيءَ طرح، گهڻي گهڻي دير تائين ڳالهيون ٻولهيون ڪندي ڪندي هنن کي ننڊ اچي ويئي، ۽ هو سمهي رهيا. صبح جو اٿي، گڏجي هڪ طرف منهن ڪري هليا ۽ هڪڙي جهنگل ۾ وڃي پهتا. اتي هڪ شينهن مئو پيو هو. اهو ڏسي شهزادي برهمڻ کي چيو ته ”ادا، تنهنجي آزمودي جو وقت ته پهرين ئي اچي ويو: هاڻي هيءُ شينهن مئو پيو آهي، اهو اسان کي اٿاري ڏيکار... ته اسان جي دل کي پڪ ٿئي.“ جواب ۾ برهمڻ چيس ته ”هيءُ شينهن خدا جو شير آهي- اٿندو، پاڻ کي وڇوڙي ڇڏيندو. انهيءَ ڳالهه کي ئي کڻي ڇڏ!“ ٻين دوستن به برهمڻ جي ڳالهه کي ٽيڪ ڏني پر شهزادو اچي ضد تي چڙهيو- چي، ”انهيءَ کان تون ڇٽو آهين. شينهن کي مارڻ منهنجي ڏائي هٿ جو کيل آهي. انهيءَ کان ڇو ٿا ڊڄو؟“ يار چون ته ”شهزادا، ڏاهو ٿي! هيءُ شينهن اٿندو، تون ته هن سان وڙهندين، پر اسين ڊپ کان اٿي ڀڄنداسون، تنهنڪري پاڻ کي وڇوڙو اچي ويندو. ڪجهه خيال ڪر!“ پر شهزادو مڃي ئي نه. آخر برهمڻ به وٺي ٻه چار آڏا ابتا ڦيڻا هنيا. مالڪ کي سوال ڪيو... ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ، شينهن گجڪار ڪري اٿي کڙو ٿيو. ٻيا همراهه شينهن کي ڏسي، اٿي ڀڳا پر شهزادو شينهن کي سامهون ٿي بيهي رهيو. آخر ته بادشاهي ٻار هو! شينهن ۽ شهزادو سڄو ڏينهن لڙندا رهيا. نيٺ وچينءَ ڌاري شينهن بيزار ٿي، اٿي ڀڳو؛ شهزادو پٺيان لڳس، پر شينهن وٽانئس ڀڄي ويو! اتي جان کڻي ڏسي، ته مار! نه يار، نه ساٿي! اڪيلو ئي اڪيلو! افسوس ۾ پئجي ويو ته يارن چيو سچ ٿي، هاڻي يارن کان به وڇڙيس- مائٽن کان پوءِ ڏڍ هئا، ته اهي ئي هئا.

آخر سوچيندي سويندي، رات پئجي ويس، ۽ جهنگلي جانورن ۽ مرن جي خوف کان، هڪڙي وڏي وڻ تي چڙهي ويهي رهيو. ڀلا جيڪو ريشمي هنڌن تي سمهندڙ هجي، انهيءَ کي ڪٿان ٿي اهڙي هنڌ اڪيلي سر ننڊ اچي- ڪرڻ جو خوف تنهن کانسواءِ- سو، شهزادو اُڀو ٿيو وڻ تي ويٺو رهيو. ننڊ مٿس غلبو ڪري، ته پاڻ کي چهنڊڙيون وجهيو وري سجاڳ ڪيو ڇڏي، ۽ اهڙيءَ طرح پاڻ کي هوشيار ڪندو جاڳندو رهيو. اڌ رات جو اوچتو لؤڻو ورائي کڻي جو پٺيان نهاري ته ڏسي ته هڪ ازگر نانگ آهي، جو پنهنجي وات ۾ ٽانڊو کنيو ڀڳو اچي. اهو ڏسي، هن کي حيرت لڳي ته نانگ سڙي ڇو نٿو؟ پر پوءِ ياد آيس ته چوندا آهن ته ڪلاداري نانگن کي مٿي ۾ مڻ ٿيندي آهي- لاشڪ ته هيءُ به ڪلاداري نانگ آهي، ۽ اهو جرڪو انهيءَ مڻ جو آهي، ايتري ۾، نانگ به اچي انهيءَ وڻ هيٺ پهتو. نانگ هڪ هنڌ اها مڻ رکي، ناچ ڪرڻ لڳو. مڻ جي نور کان جهر جهنگ چمڪڻ لڳو. ڪئين جيت جناور انهيءَ روشنيءَ تي اچي گڏ ٿيا، ۽ نانگ جيڏيءَ مهل ناچ ڪري ٿڪو، تڏهن اهي جيت جانور ماري، شڪار ڪري پنهنجو پيٽ ڀري، مڻ ڳيهي، هليو ويو. ڪلاداري نانگ جي مڻ بابت شهزادي گهڻيئي ڪرامتي ڳالهيون ٻڌڻيون هيون، سو هاڻي نانگ جي وڃڻ بعد شهزادي انهيءَ مڻ جي هٿ ڪرڻ جو پورو ارادو ڪيو.

شهزادي کي ڊپ وچان سڄي رات ننڊ نه آئي ۽ پور پچائيندي صبح ڪيائين. صبح جو وڻ تان لهي، شهزادو ڀر واري شهر ۾ ويو، ۽ هڪڙي لوهار کي چيائين ته ”لوهه جو ٻن ٽن سيرن جو هڪڙو ڇَلو ٺاهي، انهيءَ ۾ چوڌاري تيز پاڪيءَ جهڙي ڌار وجهي، مون کي ڏي، ۽ اها ڌار اهڙي تکي هجي جو جيڪو به ان کي ويجهو وڃي، سو هڪدم وڍجي ٻه ٽڪر ٿي پوي.“ لوهار شهزادي کان خرچ وٺي، چوڻ موجب شهزادي کي تکيءَ، پاڪيءَ جي ڌار وارو اهڙو ڇَلو ٺاهي ڏنو.

شهزادو، اهو ڇلو هڪ ننڍڙيءَ پيتيءَ ۾ رکي، کڻي ساڳئي وڻ تي وڃي ويٺو، ۽ ڇلي جي سوراخ ۾ سڻيءَ جي ڏور ٻڌي، ويهي نانگ جو انتظار ڪرڻ لڳو. آخر نانگ پنهنجي وقت تي مڻ وات ۾ جهلي ساڳئي رستي تان هلندو، اچي انهيءَ وڻ هيٺان پهتو، جنهن تي شهزادو لڪو ويٺو هو. نانگ وات مان مڻ ڪڍي، ساڳئي هنڌ رکي، اڳئين وانگر ناچ ڪرڻ لڳو ۽ جيت جناور دستور موجب اچي مڻ کي ڦري بيهي رهيا. موقعو ڏسي، شهزادي آهستي ڪري ڏور ۾ ٻڏل ڇلو اهڙيءَ طرح لٽڪايو، جو مڻ ان جي وچ ۾ اچي ويئي. نانگ مڻ جي آڏو ڪا شيءِ ڏسي، ڇلي کي چڪ هنيو، ته زبان ۽ منهن پاڪيءَ جي ڌارن سان لڳي، زخمجي پيس. نانگ هيڪاري ڪاوڙ ۾ اچي، وري ڇلي تي حملو ڪيو... پر جهڙو ان تي وار ڪيائين. تهڙو سِري وڍجي وڃي پري پيس. پوءِ ته نانگ ڦٿڪڻ لڳو، ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي اتي ئي مري ويو.

شهزادي، پوءِ وڻ تان لهي، مڻ کڻي قابو ڪئي، ۽ جتان نانگ آيو هو. اوڏانهن روانو ٿيو. نانگ جو ليڪو هلندي هلندي وڃي پاڻيءَ جي ڀريل هڪ وانءِ ۾ گهڙيو. شهزادو به وانءِ ۾ گهڙڻ لاءِ تيار ٿيو. کيس حيرت لڳي ته پاڻ جيئن وانءِ طرف پئي ويو، تيئن وانءِ جو پاڻي هن کان هٽندو پري ٿيندو پئي ويو. اتي خيال آيس ته اها مڻيا ڪا هن مڻ ۾ ئي آهي! مڻ ڪڍي، کڻي پاڻيءَ کي ويجهي ڪيائين، ته پاڻي ان کان پري هٽي ويو. بس، پوءِ ته شهزادي کي ڀريل وانءِ مان جڳهه ملندي ويئي ۽ شهزادو ان ۾ هيٺ لهندو ويو.

ويندي ويندي، وانءِ جي تري ۾ شهزادي کي هڪ محلات جي دري ڏسڻ ۾ آئي، ۽ هو هڪدم لنگهي ان ۾ اندر داخل ٿيو. شهزادو هڪ سٺو عاليشان محلات ڏسي، حيران ٿي ويو. محلات ۾ گهمندي گهمندي هڪ هنڌ ويو، ته ڏسي ته  هڪڙي سدا ملوڪ سهڻي شهزادي، جنهن جا سونا وار آهن، هار سينگار ڪيو پلنگ تي ويٺي آهي. ڌارئي ماڻهوءَ کي اندر محلات ۾ ڏسي، هوءَ حيران ٿي ويئي، ۽ شهزادي کي چيائين ته ”اي بدنصيب انسان، تنهنجو هن دوزخ ۾ ڪيئن اچڻ ٿيو؟ جيئن آيو آهين، تيئن هتان ڀڄي وڃ! هتي هڪڙو ڪلاداري نانگ رهي ٿو، اجهو آيو ڪي آيو، توکي ڏسي ماري ڇڏيندو. تو جهڙو هڪ حسين خوبصورت نوجوان منهنجي اڳيان مارجي، اهو مون کان ڏٺو نه ٿيندو؛ پنهنجي جوانيءَ تي قياس ڪر، ۽ هڪدم هتان ڀڄي وڃ! شهزادي جواب ۾ وراڻيو ته ”تنهنجو نانگ مون کان ڏاڍو نه آهي، آءٌ هن کي ختم ڪري سگهان ٿو؛ تون ڇو ايتري ڊڄي رهي آهين؟“ شهزاديءَ جواب ڏنو ته ”اي انسان، توکي هن مردود نانگ جي خبر ڪانهي. هن زمين تي هڪ شهر آهي، جتي منهنجو پيءُ جي حڪومت هئي؛ هن نامراد نانگ الائي ڪيئن مون کي اُتي ڏسي ورتو، ۽ مون تي عاشق ٿي پيو. پوءِ منهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي ماري، مون کي هتي کڻي آڻي قيد ڪيو اٿس. ان بعد، روزانو انهيءَ شهر ۾ وڃي اتي جا ماڻهو ٿورا ٿورا ڪري ماري ڇڏيائين، ۽ اهڙيءَ ريت سڄو شهر برباد ٿي ويو. منهنجا مائٽ نانگ ماري ڇڏيا، ۽ آءٌ هتي قيد ۾ پيئي آهيان، گهڻن ڏينهن کانپوءِ، تو جهڙي خوبصورت انسان کي ڏسي، دل کي ڪجهه آٿت آيم، پر وري به خيال ٿي ڪريان ته نانگ بي رحم توکي به ماري ڇڏيندو. پنهنجو ساهه بچائڻ انسان تي فرض آهي، تنهنڪري تون ڇو هرو ڀرو منهنجي ڪري پنهنجي حياتي ٿو وڃائين؟ انهيءَ ڪري ئي توکي منٿ ٿي ڪيم ته مون کي پنهنجي قسمت تي ڇڏي ڏي؛ تون پنهنجو ساهه بچاءِ!

شهزادو هن جي ڳالهه ٻڌي، غم ۾ ٻڏي ويو پر ساڳئي وقت دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو ته چڱو ٿيو، جو ههڙي ظالم نانگ کي پورو ڪيم. شهزادي کي ماٺ ۾ ڏسي، شهزاديءَ سمجهيو ته شايد هو نانگ کان ڊنو آهي، سو چوڻ لڳي ته ”اي نوجوان، هاڻي آءٌ توکي اڪيلو مرڻ نه ڏينديس- پهرين آءٌ پوءِ تون. آءٌ به هاڻي قيد ۾  رهي رهي، پنهنجي جان کان بيزار ٿي پيئي آهيان، سو ڇو نه گڏجي نانگ کي مارڻ جي ڪوشش ڪريون؛ جي مري وياسين، ته به هنن سورن کان جند آزاد ٿيندي. هينئر نانگ جي اچڻ جي مهل آهي، اجهو آيو ڪي آيو؛ تنهنڪري تون هن پلنگ هيٺان پيتيءَ ۾ لڪي ويهي رهه. نانگ اچي، جيڏيءَ مهل مڻ  وات مان ڪڍي، پلنگ تي ويهي، اوڏيءَ مهل يڪدم پلنگ هيٺان نڪري، ترار هڻي ماري ڇڏجئينس. پوءِ آءٌ ۽ تون جيڏانهن چوندين، اوڏانهن هليا هلنداسين.“ ايترو ٻڌي شهزادي سونن وارن واريءَ شهزاديءَ کي نانگ جي مارجڻ جي سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي، ۽ مڻ ڪڍي، کڻي هن جي اڳيان رکيائين.

شهزادي نانگ جي مرڻ ۽ مڻ هٿ اچڻ تي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ شهزادي کي چيائين ته ”اي نوجوان، خدا ڪيو ته ڏکن جا ڏينهن لهي ويا، ۽ تو جهڙو بهادر ۽ خوبصورت شهزادو مون کي خدا کڻي ملايو؛ هاڻي آءٌ تنهنجي آهيان... ڇو نه هن ئي محلات ۾ ڪي ڏينهن آرام سان گذاريون! شهزادو به هو پنهنجي دل گهرين يارن کان وڇڙيل ۽ ڏاکڙن جو ڏکويل، تنهن شهزاديءَ جي آڇ قبول ڪئي؛ پوءِ ته ٻيئي ڄڻا گڏجي ڪي ڏينهن عيش عشرت سان اُتي گهارڻ لڳا.

شهزاديءَ وٽ هڪڙو ڳالهائيندڙ طوطو پڃري ۾ بند هو، جنهن سان اڪيلائيءَ ۾ هوءَ ڳالهيون ٻولهيون ڪري، ڏک سور اوري، دل جو بار گهٽ ڪندي هئي؛ پر شهزادي جي ملڻ کان پوءِ، هن طوطي کي بلڪل وساري ڇڏيو. طوطو ويچارو پنهنجي مجبوريءَ تي راضي رهي ۽ شهزاديءَ جي آزاديءَ تي خوش ٿي، پنهنجي منهن سر ويٺو ٻوليون ڪندو هو. آخر هڪ ڏينهن، شهزاديءَ کي طوطي جي يادگيري آئي ۽ شهزادي کي وٺي اچي مٺوءَ خوش ڪلام سان ملاقات ڪرايئين ۽ ٻڌايائينس ته ”اي شهزادا، منهنجو هي مٺو عاقل آهي، ۽ دنيا جي هر ڳالهه کي ڄاڻي ٿو.“ شهزادو مٺوءَ کي ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو.

خير، خدا جو حڪم ٿيو، هڪ ڏينهن شهزادو ۽ شهزادي ٻئي ڄڻا گڏجي ’مڻ‘ کڻي ٻاهر درياءَ تي آيا، ۽ وهنجي سهنجي اڇا اجرا ٿيا، مٿو ڌوئيندي، راڻيءَ جي سونن وارن مان هڪ وار درياءَ ۾ ڪري پيو ۽ راڻي ويهي روئڻ لڳي. تنهن تي، شهزادي سمجهايس ته ”چري، هڪڙي وار جي ڪري ويٺي روئين!“ شهزاديءَ جواب ڏنو ته ”شهزادا، وار وڃڻ جو ڏک ڪونهيم پر ڊپ ٿو ٿئيم ته متان اهو وار اسان تي ڪا مصيبت آڻي، اسان جي وچ ۾ ڪاجدائي نه وجهي.“ تنهن تي شهزادي سمجهايس ته ”جنهن ڌڻيءَ هيستائين موت کان بچايو آهي، اڳتي به انهيءَ تي ننگ آهي. دلگير نه ٿيءُ.“ شهزادي جي پرچائڻ تي شهزاديءَ ماٺ ڪئي ۽ گڏجي محلات ۾ آيا.

هوڏانهن سونو وار پاڻيءَ ۾ لڙهندو لڙهندو، وڃي هڪ مڇيءَ جي وات ۾ پيو، جنهن ڳرڪائي ڇڏيو. خدا جي قدرت، مڇيءَ جي پيٽ ۾ وار وڃڻ سان مڇيءَ جو رنگ سونو ٿي پيو. سوني مڇي درياءَ مان هلندي هلندي، وڃي ٻيءَ بادشاهيءَ ۾ نڪتي. هڪڙو غريب مهاڻو الله جي آس ڪيو ٻچن جي گذر سفر لاءِ درياءَ ۾ ڄار وجهيو بيٺو هو، ۽ مڇي وڃي اُن جي ڄار ۾ ڦاٿي. مهاڻو سوني مڇي ڏسي دل ۾ خوش ٿيو، ڌڻيءَ جا شڪرانا بجا آندائين ته ’اڄ مالڪ مهربان ٿيو آهي، ۽ شاهي انعام حاصل ڪري، زندگيءَ جا ڪي چار ڏينهن سکيا گذارجن. اهو خيال ڪري، مهاڻو اها سوني مڇي کڻي بادشاهه جي درٻار ۾ ويو. بادشاهه مهاڻي کي چڱو انعام ڏيئي رخصت ڪيو، ۽ مڇي شاهي بورچيءَ جي حوالي ڪئي. جڏهن بورچيءَ مڇيءَ کي چيريو، تڏهن مڇيءَ جي پيٽ مان سونو وار نڪري آيو، جو کڻي هن سڌو اچي بادشاهه کي درٻار ۾ پيش ڪيو. انهيءَ مهل اميرن وزيرن سان گڏ بادشاهه جو وڏو پٽ، جو اک کان ڪاڻو هو، سو به تخت جي ڀر ۾ بادشاهه سان گڏ ويٺل هو. بادشاهه ۽ سڀ درٻاري سونو وار ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا، پر ڪاڻي شهزادي جي، سونو وار ڏسي، هيڪاري دل اٿي ويئي، ۽ پيءُ کي چيائين ته ”بابا، آءٌ شادي به انهيءَ عورت سان ڪندس، جنهن جي مٿي جو اهو سونو وار آهي.“

اميرن، وزيرن ۽ خود بادشاهه ڪاڻي شهزادي کي سمجهايو ته ”انهيءَ ڳالهه تان لهي وڃ“، پر ڪاڻي شهزادي ڪنهن جي به ڳالهه نه  مڃي. آخر بادشاهه پڙهو گهمايو ته ”جو به شخص شهزادي کي اها سونن وارن واري عورت آڻي ڏيندو، ان کي آءٌ پنهنجو اڌ راڄ ڀاڳ ورهائي ڏيندس.“

هڪڙي ڏينهن، هڪ پوڙهي جادوگرياڻي بادشاهه جي درٻار ۾ آئي. بادشاهه کان انجام وٺي، انهيءَ سونن وارن واري شهزاديءَ جي ڳولا ۾ اٿي هلي. پوڙهي، ڍارو هڻي، شهزاديءَ ۽ شهزادي جي رهڻ جو هنڌ ڳولي، اچي انهيءَ محلات ۾ پهتي، جنهن ۾ هي ٻيئي رهندا هئا. پوڙهي وجهه ڳولي محلات ۾ گهڙي آئي، ۽ شهزادي ۽ شهزاديءَ کي ڪوڙو بيان ٺاهي ٻڌايائين. هنن ٻنهي قياس ڪري پوڙهيءَ کي رهايو؛ پر طوطو اها پوڙهي ڏسي، ڏاڍو رنج ٿيو، ۽ پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ ويهي هن کي لوڌڻ لڳو، جنهن تي شهزادي ۽ شهزاديءَ چيس ته ”ميان مٺو، رڳو تو واري ڏاهپ به هميشه ڪانه هلندي... هيءَ اسان جي پوڙهي ناني آهي، تون اجايو بيزار نه ٿيءُ.“ اهو ٻڌي طوطو ته ماٺ ڪري ويهي رهيو. طوطي دل ۾ چيو ته ’عجيب اسرار آهي- دشمن گهر ۾ آهي، تڏهن به منهنجا مالڪ ان کي عزيز سمجهيو ويٺا آهن، ۽ دشمن ۽ سڄڻ جي ڪا ساڃاهه ڪانه ٿا رکن. خير، پاڻهي ڀوڳيندا.‘ چالاڪ پوڙهيءَ، ٿورن ئي ڏينهن ۾، شهزادي ۽ شهزاديءَ کي مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌائي؛ پنهنجو ڪري ڇڏيو.

مهيني ڏيڍ کان پوءِ، هڪ ڏينهن اها پوڙهي شهزاديءَ کي وهنجڻ جي بهاني سان درياءَ تي وٺي آئي. جڏهن راڻي ميٽ مٿي ۾ وجهي مٿو ڌوئڻ لڳي، تڏهن ڌوتيءَ چيو ته ”شهزادي، مون کان ڦڻي آڻڻ ته وسري وئي! مڻ ڏينم ته وانءِ ٽپي محلات مان وڃي کڻي اچان.“ راڻيءَ مڻ کڻي ڏنيس. ڌوتيءَ ڇا ڪيو، جو محلات ۾ وڃي ستل شهزادي کي ترار سان ماري ڇڏيائين ۽ مڻ کڻي ٻاهر هلي آئي، ۽ شهزاديءَ کي وڃي انهيءَ ٻيڙي ۾ ويهاريائين، جا پاڻ ڪاهرائي آئي هئي. شهزاديءَ کي چيائين ته ”هيءُ ٻيڙو تنهنجي پيءُ جو آهي. نانگ جنهن وقت کان وٺي تنهنجو ملڪ ناس ڪيو، تنهن کان پوءِ اڄ تو اچي هن تي پير رکيو آهي.“ شهزادي ڏاڍي خوش ٿي. پوڙهيءَ سان گڏ ٻيڙي تي ويهي رهي، ۽ پنهنجا  مائٽ ياد ڪري افسوس ڪرڻ لڳي. هوڏانهن پوڙهي جادوگرياڻيءَ پنهنجي ماڻهن کي اشارو ڪيو، جن وٺي ٻيڙو هاڪاريو.

گهڙيءَ کانپوءِ، شهزادي جان کڻي نهاري، ته ٻيڙو وچ سمنڊ ۾ پيئي هلي! پوءِ ته گهڻيئي دانهون ڪوڪون ڪيائين، پر ڌوتيءَ چيس: ”اڙي شهزادي، دانهن مان ڪي ڪين ورندئي... هاڻ کڻي ماٺ ڪر!“ راڻي ويچاري قسمت کي ڏوهه ڏيندي، اچي ڪاڻي شهزادي جي ملڪ ۾ پهتي. ڪاڻو شهزادو ڏسو ته باغ باغ پيو ٿئي. آخر شهزاديءَ ٻيو ڪو وسيلو نه ڏسي، ڪاڻي کي چيو ته ”جن جا مڙس مريو وڃن، سي به سال سڄو سوءَ ۾ ويهن ٿيون، پر آءُ ته پنهنجو مڙس جيئرو ڇڏي آئي آهيان، تنهنڪري سال مون کي به اجازت ڏيو، ۽ اهي ٻارهن ئي مهينا ملڪ ۾ خير خيرات ڪريو، طعام رڌي غريب غربي ايندڙ ويندڙ کي کارايو- تنهن کان پوءِ جيڪا منهنجي قسمت، سا مون کي قبول آهي.“ ڪاڻي شهزادي ڌوتيءَ کان پڇيو ته ”هن جو ڪو پٺيان وارث وسيلو آهي؟“ ڌوتيءَ جواب ڏنو ته ”رڳو مڙس هوس، سو به ماري آئي آهيان.“ اهو ٻڌي، ڪاڻي شهزادي هن کي سال لاءِ خوشيءَ سان اجازت ڏني، ۽ عام خاص لاءِ بٺي چاڙهائي ڇڏيائين، جنهن مان هر ڪو ايندڙ ويندڙ کائي ويندو هو.

هوڏانهن شهزادي کي جيڏيءَ مهل ڌوتي ڪٺو، اوڏيءَ مهل طوطو رڙيون ڪري پڃري مان نڪري آيو، ۽ شهزادي جي لاش تي ويهي رهيو... بس، شهزادي جي انهيءَ حال تي پيو لڙڪ ڳاڙيندو هو.

خدا جي قدرت، جو شهزادي جا وڇڙيل دوست- سونارو، برهمڻ ۽ واڍو- ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، هلندي هلندي، انهيءَ شهر ۾ آيا، جنهن ۾ شهزاديءَ عام دعوت جو اعلان ڪرايو هو، ۽ آيو ويو، امير توڙي غريب، هر وقت اتان کايو پيو ويندو هو. شهزاديءَ جو هيءُ دستور هوندو هو ته جيستائين لنگر پيو هلندو هو، تيستائين محلات جي دريءَ ۾ ويٺي رهندي هئي، ۽ جيڪو به کاڌو کائڻ ايندو هو، تنهن کي چتائي ويٺي ڏسندي هئي. شهزادي جي هنن ٽنهي دوستن کي به اچي بک لڳي، سو لنگهي آيا انهيءَ عام لنگر ۾. ماني کائي، ٽيئي دوست جنهن مهل شهزاديءَ جي اڳيان اچي لنگهيا، تنهن مهل سوناري شهزاديءَ کي ڏسي، يارن کي چيو ته ”ادا، الله نٿو ڀلائيم، ته هن شهزاديءَ پنهنجي دوست شهزادي سان ضرور ڳالهايو آهي.“ دوستن چيس: ”ماٺ ڪر ته شهزادي نه ٻڌي، نه ته پونداسين آزار ۾!“ پر هيءُ چوي ته ”ادا، چوان ته سچ ٿو!“ اها سڄي حالت شهزاديءَ پئي ڏٺي، تنهن يڪدم حڪم ڏنو ته ”هنن ٽن مسافرن کي هيڏانهن سڏيو.“ يڪدم ٽيئي دوست شهزاديءَ وٽ حاضر ڪيا ويا. شهزاديءَ پڇين ته ”اوهان  ڪير

... ۽ هوءَ ڪوڙهيءَ ڪتيءَ جهڙو منهن ڪري،

ڪنڊ ۾ ويڙهجي سيڙهجي ويهي رهي.

آهيو؟“ جواب ڏنائون ته ”اسين آهيون هڪ سونارو، ٻيو برهمڻ ۽ ٽيون واڍو.“ شهزاديءَ سهي ڪيو ته منهنجو مڙس، جن يارن جو ذڪر ڪندو هو، سي اِهي ئي آهن. پوءِ کين اڪير سان ملي، ۽ سڄي حقيقت پنهنجيءَ پر ۾ کين ٻڌايائين. چئن ئي ڄڻن صلاح ڪئي، ۽ ٻئي ڏينهن شهزاديءَ ڪاڻي شهزادي کي چوائي موڪليو ته ”شاديءَ جي تياري ڪر، آءٌ تيار آهيان.“ ڪاڻي خوش ٿي شاديءَ جو بندوبست ڪيو. ٻئي ڏينهن شهزادي جي يارن شهر ۾ هوڪو ڏنو ته ”اسين اڏام کٽولي ٺاهي سگهون ٿا.“ شهزاديءَ ڪاڻي کي چوائي موڪليو ته ”تون اڏام کٽولي ٺهراءِ، ته پاڻ ان ۾ لائون لهنداسون.“ پوءِ ته ڪاريگر گهرائجي ويا، ۽ اڏام کٽولي ٿورن ڏينهن ۾ ٺهي ويئي. ڪاڻي شهزادي سونن وارن واريءَ شهزاديءَ سان هڪ سونارڻ، هڪ برهمڻيائي، هڪڙي واڍي ۽ پوڙهي جادوگرياڻي گهرائي اڏام کٽوليءَ ۾ ويهاريائون. هوڏانهن هو ٽيئي ڪاريگر به اڏند کٽوليءَ تي هڪ ڪنڊ ۾ لڪا ويٺا هئا. ٿوري اشاري تي، اڏام کٽولي فرش ڇڏي عرش وٺي اُٿي اڏاڻي. هيٺيان ويچارو ڪاڻو شهزادو لولاٽ ڪندو رهجي ويو. آسمان تي پهچڻ کانپوءِ، سونارو، برهمڻ ۽ واڍو به نڪري ظاهر ٿيا. پوڙهيءَ ڌوتيءَ چيو ته ”هتي اوهين ڪيئن آيا؟ نڪرو ٻاهر!“ پر هي ٻڌن ئي نه پيا. پوڙهي جادوگرياڻيءَ جي عادت هوندي هئي ته شهزادي واري ”مڻ“ هميشه ساڻ رکندي هئي. شهزاديءَ ڇا ڪيو، جو جهٽ ڏيئي، هن ڌوتيءَ کي کڻي ڄُنڊن کان جهليائين- چي، ”ڪڍ مڻ ٻاهر، نه ته ڏيانءِ ٿي اڏند کٽوليءَ کان هيٺ ڌڪو- پرزا پرزا ٿي ويندينءَ.“ تنهن تي ڌوتي چپڙي ڪري، مڻ ڪڍي، کڻي شهزاديءَ کي ڏني ۽ ڪوڙهيءَ ڪتيءَ جهڙو منهن ڪري، ڪنڊ ۾ ويڙهجي سيڙهجي ويهي رهي.

اڏام کٽولي، اڏامندي اڏامندي، اچي انهيءَ محلات وٽ لٿي، جنهن ۾ شهزادو ڪٺو پيو هو. شهزاديءَ کان ڏسي رڙ نڪري ويئي- چي، ”هيءُ قهر ڪنهن جو؟“ طوطي جي نظر، جو ڌوتيءَ تي پيئي، سو ڀڙڪو ڏيئي، اچي هن کي چنبن ۽ ٺونگن سان ورتائين- هڻي هُن وڻواند کي رتوڇاڻ ڪري وڌائين. شهزاديءَ اٿي مٺوءَ کي جهليو، ۽ چيائينس: ”ٿورو صبر ڪر، تنهنجي فرياد جو فيصلو به ٿئي ٿو.“ شهزادي جي دوستن جڏهن شهزادي جو اهو حال ڏٺو، تڏهن برهمڻ کي چيائون: ”ادا، واهر ڪر، وقت هيءُ اٿئي!“ پوءِ برهمڻ شهزادي تي ٻه چار منتر جنتر پڙهيا ۽ ڌڻيءَ کان دعا پنيائين، ته شهزادو ڪلمو پڙهي اُٿي ويٺو، ۽ پنهنجا يار وفادار ڏسي، حيرت ۾ پئجي ويو- چي، ”ادا، مون کي ننڊ مان اٿاري کڻي کڙو ڪيوَ!“ تنهن تي يارن سڄي حقيقت ٻڌايس، ۽ هو سمجهي ويو ته طوطي جو چوڻ صحيح هو. سونارڻ، واڍي ۽ برهمياڻي به اهو قصو ٻڌي حيران ٿي وييون، ۽ پوءِ سونارڻ، سوناري سان، واڍي واڍي سان، ۽ برهمياڻي برهمڻ  سان پرڻيون. باقي شهزادي خوشيءَ جي ڳوڙهن جا ٻُڪ ڳاڙي، اٿي اچي شهزادي سان ملي- ۽ ڪا دير ته ٻيئي هڪٻئي کي چپ چاپ ويٺا ڏسندا رهيا. ۽ پوءِ سڀني يارن کي واپس ڳوٺ ورڻ جو خيال ٿيو، ۽ پوڙهي ڌوتيءَ کي اڪيلو ان محلات ۾ بند ڪري، پاڻ طوطي سميت، اڏند کٽوليءَ تي چڙهي، اچي وطن پهتا. سڀيئي پنهنجن پنهنجن مائٽن سان مليا.... پوءِ ته عيدون ٿي ويون- ۽ باقي حياتيءَ جا ڏينهڙا، پنهنجي وطن ۾ هڪٻئي سان وفاداريءَ ۾ گذاريائون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org