مهاڳ
سنڌ جي لوڪ ادب کي سهيڙڻ لاءِ تفصيلي تجويز سنه 1955ع ۾ سنڌي
ادبي بورڊ جي سامهون رکي وئي، 1956ع جي آخر ڌاري
بورڊ بحال ڪئي ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده
جي حوالي ڪئي.
ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقررڪيا ويا
ته ڏنل هدايتن موجب ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري
موڪلين، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”سنڌي لغت آفيس“سان گڏ
لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي ۽ ڪارڪن مقرر
ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل توڙي ٻاهران آيل
مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري
ڇپائڻ جي لائق بنائين.
پهريان ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف
ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن ڳوٺن مان
گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل
ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو. ۽ بنده ڪوشش
ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري سڄاڻ سگهڙن سان
ڪچهريون ڪيون ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلوءَ کي
سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلبند ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي. انهي شعبي ۽ همت، بلڪه جذبي ۽ محبت سان قدري
ايترو مواد گڏ ٿيو، ۽ ٿي رهيو آهي، جو ان جي آڌار
تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت نموني طور هڪ
ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو
ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو.
هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:
پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب جون اهي جملي
جنسون جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ مقبول
۽ مروج آهن، تن کي لوڪ ادب جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو
آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ
شامل آهن، مثلاً: مداحون، مولود، ٽيهه اکريون،
ڪافيون وغيره؛ مگرجيئن ته اهي هن وقت تائين ٻهراڙي
۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن. انهيءَ ڪري انهن کي پڻ
لوڪ ادب جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ
سان، هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل لوڪ ادب کي بعينه ’فوڪ
لور‘ (Folklore
) جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو.
اسان جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص
نوعيت اختيار نه ڪئي آهي جو اها خواص جي زندگي ۽
تمدن جو، يا ’مياري ادب‘ جو سرچشمو بنجي، سنڌي
زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي، ۽
انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻولي جي ’لوڪ ادب‘ ۽
’معياري ادب‘ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي سگهجي.
ٻيو ته هن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو
آهي، ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي
ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ
اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ
برابرٿيندو، جو ناممڪن آهي. البته جو ڪجهه گڏ ٿي
سگهيو آهي، سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي مواد
آهي. انهيءَ لحاظ سان تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب،
اميد ته آئنده ڪوششن لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال
ثابت ٿيندا.
’لوڪ ادب تجويز‘ جي تحريڪ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان ٿي، مگر ان جي
علمي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون
ڪوششون شامل آهن.اول ته سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبرن
کي جس جڳائي، جن هن تجويز کي سنه 1956ع ۾
منظورڪيو. ان بعد گهربل مواد کي گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ،
ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مسودا توڙي پريس ڪاپيون تيار
ڪرڻ، ۽ آخر ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي
ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار
ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ جي سڄاڻ
سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي جن بنده
لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۾
پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي. بورڊ جي سيڪريٽري محترم
محمد ابراهيم جويي، هن تجويز جي هر انتظامي مرحلي
تي بنده سان دلي تعاون ڪري آسانيون پيدا ڪيون،
مفيد مشورا ڏنا ۽ پڻ ڪتابن کي سهڻي نموني ۽ بنا
دير ڇپائڻ لاءِ فوري قدم کنيا.
’لوڪ ادب تجويز’ هيٺ ’لوڪ ڪهاڻين‘ جا هيٺيان ست ڪتاب مرتب ڪري
شايع ڪرائڻا آهن. (1) بادشاهن ۽ راڻين، شهزادن ۽
شهزادين جون ڳالهيون، (2) بادشاهن، وزيرن ۽
سوداگرن جو ڳالهيون، (3) پرين، ديون، جادوگرن ۽
ڏانئيڻ جون ڳالهيون، (4) بادشاهن، شاهوڪارن، ڏاهن،
ٺڳن ۽ عام ماڻهن جون ڳالهيون، (5) ٻاراڻيون
آکاڻيون، (6) جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون، (7) ۽
ڳالهين سان ڳالهيون. جيئن ته هي انهيءَ سلسلي جو
پهريون ڪتاب آهي، انهيءَ ڪري هن جي مقدمه ۾ لوڪ
ڪهاڻين جي علمي اهميت ۽ ابتدا، اهم ڪردارن جي
نوعيت، تاريخي پس منظر ۽ اندروني سٽاءَ وغيره جي
مکيه پهلوئن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو.
مجموعي طور هيءَ ڪتاب ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو ايڪيهون ڪتاب آهي. ان
جو بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو؛ سڄي
مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏئي
سيپٽمبر 1958ع ۾ ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ويو؛ ۽
اپريل 1959ع ۾ مسودي جي آخرين تصحيح ڪري پريس ڪاپي
شايع ٿيڻ لاءِ ڏني ويئي.
مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم محمد بچل هن
ڪتاب جي مواد کي اتاري يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ ٻيهر
صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو، ۽ محترم شيخ
محمد اسماعيل ڪتاب جو مسودو تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
محترم محمد ابراهيم جويي، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، هن ڪتاب کي
خاص اهتمام سان شايع ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. هن صاحب
متن تي نظرثاني ڪري، ان مطابق تصويرون تيار
ڪرايون، جن جي شامل ڪرڻ سان هن ڪتاب جي زيب زينت ۾
وڏو واڌارو ٿيو آهي.
محترم علي بخش احمد زئي، مئنيجر سنڌي ادبي بورڊ پريس، ۽ سندس
ساٿين ڪتاب کي جلد ۽ سهڻي نموني ڇاپڻ ۾ مدد ڪئي.
سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد خادم العلم
12- ڊسمبر 1960ع نبي بخش
لم للانسان ماتمنى 0 فللــﮧ الاخره والاولى
مقدمھ
لوڪ ڪهاڻين جي علمي اهميت:
’لوڪ ڪهاڻيون‘ لوڪ ادب جو نهايت ئي اهم ڀاڱو آهن، ڇاڪاڻ جو نه
رڳو اُهي لوڪ ادب جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو آهن، پر
اهي انساني نفسيات، توهمات ۽ ابتدائي اعتقادات جي
آثارن جو آئينو آهن. هر انساني گروهه جون ’لوڪ
ڪهاڻيون‘ ان گروهه جي ننڍپڻ جون وسريل يادگيريون
آهن، ۽ مجموعي طور سان مڙني قومن جون ’لوڪ
ڪهاڻيون‘ ڄڻ انسان ذات جي ننڍپڻ واري دور جا
داستان ۽ دستاويز آهن. ’علم الانسان‘ جي ماهرن وٽ
’لوڪ ادب‘ جي هن قديم ذخيري يعني ته ’لوڪ ڪهاڻين‘
جي وڏي اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي گهري مطالعي
مان قدري انان جي نفسياتي ۽ ذهني ارتقاء جي تاريخ
تي روشني پوي ٿي.
’لوڪ ڪهاڻين‘ ۾ انسان ذات جي ٻالاپڻ جا اهڃاڻ موجود آهن، عقل جي
بلوغت ۽ جوانيءَ کان اڳ واري دور ۾، وهم ۽ وسوسا،
سوڻ ۽ سنسا، مند ۽ منتر، سڳا ۽ ڌاڳا، ديو ۽ پريون،
جن ۽ ڏانئڻيون انسان جي ڪائنات جا اهم اسباب هئا ۽
انهن کي سندن عملي زندگيءَ ۾ وڏو دخل هو. جهڙيءَ
طرح جهونن دڙن ۽ ڀڙڻ ۾ آڳاٽين تهذيبن ۽ تمدنن جا
آثار مدفون آهن، اهڙي طرح لوڪ ڪهاڻين ۾ آڳاٽن
نفسياتي رجحانن ۽ ذهني لاڙن جا آثار محفوظ آهن،
’لوڪ ڪهاڻيون‘ ڄڻ لفظن ۽ بيانن جي صورت ۾ جهونا
کنڊر آهن، جن کي ولَڻ ۽ ويچارڻ سان انسان جي آڳاٽي
وهمن ۽ ويچارن، خوشين، ۽ خوفن، مرادن ۽ مقصدن،
حڪمتن ۽ حيلن، ڪاميابين ۽ ناڪاميابين ۽ جي نوعن ۽
نمونن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
مجموعي طور سان، انسان ذات جي قديم نفسياتي تاثرات ۽ توهمات جي
اهڃاڻن کان سواءِ، هر انساني گروهه جي ’لوڪ
ڪهاڻين‘ ۾ ان گروهه جي مخصوص ڀرمن ۽ وسوسن، رسمن ۽
ريتن، نفسياتي لاڙن ۽ سماجي رجحانن جا آڳاٽي ۾
آڳاٽا آثار ملن ٿا. اهي ڪهنيون ڪهاڻيون ڄڻ آڳاٽا
کنڊر ۽ ڀڙا، دَنبَ ۽ دڙا آهن، جن جي پهڻ ۽ پچارڻ
سان ان گروه جي ذهني نشونما جا نشان نظر اچن ٿا.
لوڪ ڪهاڻيءَ جي ابتدا:
’لوڪ ڪهاڻيون‘ ڪڏهن ٺهيون، اهو ڪنهن کي معلوم ڪونهي. البت ايترو
چئي سگهجي ٿو ته اهي انساني تاريخ واري ساري گذريل
دۇر
۾ ئي سِرجيون ۽ سامايون آهن ۽ عوام انهن جي سٽاءَ
۽ سڄي ڪرڻ ۾ حصو ورتو آهي.
جڏهن مينهن پوي ٿو ته ڪنهن ٽڪر جي چوٽيءَ تي هڪ ننڍڙو گهارو ٿئي
ٿو جنهن مان پاڻي هيٺ وهڻ شروع ٿئي ٿو، پوءِ جيئن
هيٺ تيئن اهو گهارو وڏو ۽ ويڪرو ٿيندو وڃي ٿو،
ٻوٽن کي اکوڙيندو، پٿرن کي لوڙهيندو، هيٺ ميدان ۾
هڪ ننڍڙي نئين بنجي وهي ٿو. سال بسال اها ننڍڙي
نئين پئي وڏي ٿئي ۽ وڻ اکوڙي ۽ پٿر ريڙهي، ڪپر
ڪيرائي، واريءَ کي وهائي پئي پنهنجي ويڪر وڌائي ۽
عمق کي اونهو ڪري.
ساڳيو حال ’لوڪ ڪهاڻي‘ جو آهي. اتفاق سان ڪنهن وهم ۽ وسوسي،
سماجي سلسلي، ذاتي ڪارنامي يا ڪنهن خاص واقعي
سببان ڳالهه جو ٻج پيو، ٿڏو لڳو ۽ سلو انگوريو،
پوءِ ڪنهن هڪڙي ان جي چوڌاري صفائي ڪري ان سلي کي
نروار ڪيو، ڪنهن ڀاڻ جي ٻڪي ڏني، ته ڪنهن ان کي
پاڻي ڏنو، اهڙيءَ طرح مختلف ماڻهن جي مدد سان اهو
سلو ويو ڏينهون ڏينهن وڌندو وڻ ٿيندو. انهي عرصي
۾ ڪنهن ان جو ڪو ڏار ڪپيو ته وري ٻيا نوان گونچ
ڦٽا ۽ نوان ڏار نڪتا، اڃا به ٻيا مثال ڏجن ته چئجي
ته ’لوڪ ڪهاڻي‘ هڪ فقير جي گودڙي آهي، جنهن ۾ پنج
ڪڻي پئي پوي ۽ هر قسم جو اناج توڙي مانيءَ جا ڀور
پڻ پيا گڏ ٿين، يا لنگرجي ديڳ آهي، جا چڙهي پيئي
آهي، جنهن ۾ جنهن کان جيڪي پڄي سو اچي وجهي. جوئر،
ٻاجهري، مڱ، مٽر، ڪڻڪ، تر، چانور، چڀڙ، دال- بصر ۽
کاڌي جي ٻي هر ڪچي جنس، جنهن جيتري ان ۾ وڌي اوتري
پيئي پچي؛ ڪنهن پاڻي وڌو، ڪنهن ڪاٺيون سيريون،
ڪنهن ڳن ڏنو ته ڪن ونڊيو ۽ ورهايو. اهڙي طرح
قندروري قائم آهي، پر اهو ڪنهن کي معلوم نه آهي ته
ديڳ ڪنهن چاڙهي، ڪڏهن چڙهي، ۽ ان ۾ هر جنس ڪيتري
پئي ۽ ڪنهن ملائي.
لوڪ ڪهاڻين ۾ ڪي ڪردار البت اهڙا آهن، جن جي تخيل جي ابتداءَ کي
دورن وار تقسيم ڪري سگهجي ٿو، ديو، پريون،جن وغيره
ڪردار انساني تاريخ جي نسبتاً اوائلي دور جو
يادگار آهن. اهو انسان جي محدود علم ۽ تجربي وارو
دور هو، جڏهن اڃان هو فطرت جي طبعي واقعن ۾ فطري
مشاهدي جي ماهيت کان بي خبرهو، سج، چنڊ، باهه ۽
پاڻي سندس واسطي ديوتا هئا. گوڙ، مينهن ۽ طوفان کي
ديون جي اچڻ سان تعبير ٿي ڪيائين ۽ سهڻي سهائي رات
کي پرين جي آمد جي تياري تصور ٿي ڪيائين.
انسان پنهنجي ننڍڙائپ ۾ پهريائين خارجي طاقتن کي محسوس ڪيو ۽
انهن کان متاثر ٿيو. بعد ۾ هن کي پنهنجي هستي ۽
طاقت جو شعور پيدا ٿيو ۽ هن خارجي طاقتن جي مقابلي
لاءِ تجويزون سٽيون. انسان تي اول طبعي طاقتن جي
هيبت طاري ٿي؛ گوڙ، طوفان، مينهن، جانور، نانگ
بلائون وغيره، سندس واسطي ڄڻ آفتون هيون. آهستي
آهستي هٿيارن ۽ هنرمندي ذريعي ماڻهن جانورن، نانگن
۽ بلائن کي ماريو، اهڙن زياده همت وارن شخصن ۾ ٻين
جو ويساهه پيدا ٿيو ۽ منجهن پڻ خود اعتمادي آئي.
پنهنجي خوداعتمادي ۽ ٻين جي ويساهه جو شعور، انسان
جي ذهني حرفت ۽ هنرمندي لاءِ هڪ اهم پيش خيمو هو.
انهيءَ شعور، زياده عاقل ۽ هنرمند شخص کي آماده
ڪيو ته جسماني طاقت جي علاوه ٽوڻا ڦيڻا، منڊ ۽
منتر جوڙين ۽ ڪرشما ڪن ته جيئن منجهن عوام جو
ويساهه وڌي. هو پوءِ جسماني طاقت سان جانورن کي
مارڻ جي ڀيٽ ۾ پنهنجن منڊن ۽ منترن سان طبعي قوتن
۽ جاندارن توڙي وهمي ڀوتن کي ٽارڻ جو دم ڀرڻ لڳا.
عوام پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت خاطر جهڙيءَ طرح
جسماني طاقتور شخص کي تسليم ڪيو. اهڙي طرح اُنهن
عاقل حرفتن کي پڻ مڃيو، سندن انهيءَ مڃوتي کين
ويتر وڌيڪ ڪرشمن ڪرڻ تي آماده ڪيو ۽ هنن عجب قسم
جي هٿ ناٽن ۽ ٽڪساٽن سان عام ماڻهن جو عقل حيران
ڪري، پاڻ ۾ سندن ويساهه وڌائڻ شروع ڪيو. جڏهن اهي
هٿ ناٽ ۽ ٽڪساٽ هڪ فن جي درجي کي وڃي پهتا ته
انهيءَ فن کي ”جادو“ سڏيو ويو، جيئن جيئن انسان
پنهنجي ننڍڙائپ مان نڪري بالغ ٿيڻ لڳو ته جادو جي
ڪرشمن کي پڻ عام فهم کان اُتم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
وئي. ڳالهه اتي وڃي پهتي ته ساڳئي دور ۾ ڪيئن
ماڻهوءَ جو عقل چرخ ڪجي؛ ڪيئن انسان کي متاثر ڪجي
بلڪه زير اثر ڪجي. اهڙي طرح انسان جو خارجي طاقتن
جي مدافعت سان گڏ جادوءَ جي طلسم ۽ منڊن منترن جي
رعبَ سان خود انسان کي مطيع ڪرڻ طرف رخ ٿيو.
بهرحال، جادوگرن، جادوگرياڻين ۽ ڏانئڻين وغيره جو تخيل نسبتاً
پوءِ واري انهيءَ ٻئي دور جو آهي، جڏهن انساني
دماغ ترقي ڪئي ته هنرمند انسانن پنهنجون تجويزون
سٽيون ۽ انوکيون اٽڪلون رٿيون. اهي تجويزون ۽
اٽڪلون عام سمجهه کان اوچيون هيون، ۽ انهيءَ ڪري
اهو ويساهه پيدا ٿيو ته انهن انوکين اٽڪلن ۽
تجويزن ذريعي انسان ديون، پرين، جنن جو مقابلو ڪري
سگهن ٿا، بلڪه انهن کي مطيع ڪري سگهن ٿا. اهي نيون
اٽڪلون ۽ تجويزون، جن ۾ منڊ ۽ منتر، ڇنڊا ۽ ڦيڻا،
ڌوپ ۽ واس ۽ ٻيا انوکا سوڻ ۽ ساٽ توڙي ڪرتب ۽ هٿ
ناٽ شامل هئا، تن کي ”جادوءَ“ جي نالي سان سڏيو
ويو، ۽ اهو جادو انسان لاءِ مدافعت توڙي مقابلي جو
هڪ اهم اوزار بڻيو.
بادشاهه ۽ وزير، شهزادا ۽ راڻيون، نسبتاً انساني تاريخ جي هن
بالڪل پوئين دور جا ڪردار آهن، جڏهن انسانن جا
گروهه آباديون ڪري، بستيون بنائي سڪونت پذير ٿيا،
سندن سماجي نظام ڳوٺن ۽ تڪن جي دائري کان وڌيڪ
وسيع ٿيو ۽ خانداني ابن ڏاڏن يا مخصوص مقامي
سردارن جي اختيار کان ٻاهر نڪري ويو. انهي ڪري
وڌيڪ منظتم ۽ طاقتور سردار ”راجا“ يا ”بادشاهه“
تسليم ٿيو ۽ ان جي جي وجود سان وزير، راڻيون، ۽
شهزادا وجود ۾ آيا. اهو اندازن گهربل پنجن هزارن
ورهين وارو دور آهي، جنهن جي ابتدا جي چٽي خبر نه
آهي؟ البت مصر جي فرعونن ۾ ”بادشاهي تجمل“ پنهنجي
پوري ٺاٺ سان نظر اچي ٿو. موجوده رجحانن ۽ آثارن
جي بناءَ تي چئي سگهجي ٿو ته هي صدي انهيءَ دور جي
خاتمي جي صدي آهي، ۽ جيڪڏهن تاريخ وري پنهنجو پاڻ
نه ورايو ته اڄ کان سئو سال پوءِ بادشاهن ۽ راڻين
جو تخيل به اهڙو ئي انوکيو پيو لڳندو، جهڙو هن وقت
ديون ۽ پرين جو آهي.
لوڪ ڪهاڻين جا ڪُهنا ڪردار:
لوڪ ڪهاڻين ۾ ديون ۽ پرين، جنن ۽ جادوگرن، ڏانئڻين ۽ ڌوتين وارا
تخيل انسان جي وهمن ۽ وسوسن جا آڳاٽا عنصر آهن ۽
انهي لحاظ سان اهي ڪهاڻين جا قديم يا ڪهنا ڪردار
آهن. البت ڪهاڻين ۾ انهن جو جيڪو ڪردار سٽيل يا
سمايل آهي ان جا به رخ آهن، اول ته اهي ڇا آهن ۽
ڇا ڪري سگهن ٿا. يعني ته انهن جي ذاتي ڪيفت توڙي
هيئت بابت اهي تخيل پيش ڪيل آهن جي انهن متعلق
انسان جي نسبتاً آڳاٽي وهمن ۽ وسوسن جي يادگيرين
جا اهڃاڻ آهن. ٻيو ته هو ڇا چون ٿا ۽ انسان سان
ڪهڙو برتاءُ ڪن ٿا يعني ته سندن سماجي شخصيت ڪهڙي
آهي؟ ان بابت مواد لوڪ ڪهاڻين ۾ آهي، سو گهڻو ڪري
انهيءَ مقامي سماج جو عڪس آهي جنهن ۾ اهي ’لوڪ
ڪهاڻيون‘ رائج آهن.
هر گروهه جي ’لوڪ ڪهاڻين‘ ۾ انسان جي قديم وهمن ۽ وسوسن مٿان ان
گروهه جي سماجي ويچارن ۽ قدرن، ريتن ۽ رسمن جو رنگ
چڙهيل آهي. ديون، پرين، جنن، جادوگرن ۽ ڏانئڻين
جون ڪي خاص خصوصيات (صورتون بدلائن، اڏامڻ، غائب
ٿيڻ وغيره) انسان جي وهمن ۽ وسوسن جون آڳاٽيون
يادگيريون آهن پر انهن ڪردار جون ڳالهيون ٻولهيون،
ٿورا ۽ مهربانيون، ضد ۽ عداوتون سوال ۽ جواب لڇڻ ۽
لکڻ اڪثر اهي ئي آهن، جيڪي انساني سماج ۾ ڪن
شخصيتن بابت ٻڌل سڌل يا معلوم ۽ مشهور آهن.
انهيءَ لحاظ سان، ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ ديون، پرين، جنن،
ڏانئڻين ۽ جادوگرن جي جيڪا تصوير ملي ٿي ان جا ٻه
پهلو آهن. هڪڙو انهن ڪردارن بابت قديم وهمن ۽
وسوسن وارو تخيل آهي. مثلاً: ديو ماڻهوءَ کي اڪيلو
ڏسي کڻي ويندا آهن. (430)، ديو انسان کي ماري کائي
ڇڏيندا آهن (33)، ديو اڏامندا آهن (35)، ديو
پنهنجي صورت بدلائي ٻي ڪابه صورت انسان، نانگ،.
طوطو وغيره جي وٺي سگهندا آهن. (33- 78-103-119)،
ديون جو ساهه ڪن خاص جاندارن يا وَٿُن ۾ هوندو
آهي، جيئن ته چتونءَ ۾ (79)، پراڻي مٽ ۾ پيل ميڻ ۾
(290)، ڀؤنر ۾ يا دهل ۾ (425) ۽ ديهه ڇهه يا
ٻارنهن مهينا سمهن ته ڇهه يا ٻارنهن مهينا جاڳن
(34-80). اهي ديو بابت قديم وهمن ۽ وسوسن واريون
يادگيريون آهن جي انهن ڪهنين ڪهاڻين ۾ آثار قديمه
مثل محفوظ رهجي ويون آهن.
ٻيو ته انهن ڪردارن جي عملي تصوير تي انساني سماج جو رنگ چڙهيل
آهي. مثلاً: سنڌ ۾ عوام جي نظريي موجب ديو ۽ جن
حضرت سليمان جي هٿ ۾ هئا ۽ ان جا تابع هئا. انهيءَ
آڳاٽي نظريي جو عڪس سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين ۾ نظر اچي
ٿو جو ظاهر آهي ته سنڌي سماج جو اثر آهي. مثلاً:
”گل بادشاهه شوق شهزادي“ جي ڳالهه ۾ ڄاڻايل آهي ته
ديو ڳالهايو ۽ حضرت سليمان جو قسم کنيو. (34)،
ديون جي هلت چلت بابت جيڪي اهڃاڻ ڏنل آهن، اهي
سماجي قدرن مطابق انساني ڪردار جا برا يا ڀلا پهلو
آهن. جئين ته ديو ماڻهن سان ڳالهائيندا ٻولهائيندا
آهن. (34، 114، 414) ديو نهايت سگها ۽ طاقت وارا
آهن (109)، ديون جو لشڪر شهرن جا شهر تباهه ڪري
سگهي ٿو. (217)، طاقت وارو ماڻهو ديو سان مقابلو
ڪري ان کي شڪست ڏيئي سگهي ٿو ۽ جو ماڻهو ديو تي
غالب پيو ۽ ان سان مهرباني ڪيائين ته ديو به هميشه
لاءِ سندس دوست ۽ مددگار بنجي سگهي ٿو. (110) ديو
به ماڻهوءَ کان مدد گهري ٿو (193) ۽ جيڪڏهن ڪو شخص
بيوسيءَ واري حالت ۾ چاچا، چاچا، يا ماما، ماما
چئي وڃي ديوآڏو پيش پوي ته مٿس مهربان ٿئي ٿو ۽
مدد ڪري ٿو (361، 362)، بلڪ ديو دوستي جو قدر
سڃاڻي ٿو ۽ انسان جي ٻچڙي کي ٻڌائي ٿو ته ”ياري جا
پنڌ اڃا پري آهن.“ (414)، ديو بابت انهيءَ قسم جا
خيالات انساني سماج جي پيداوار آهن ۽ انساني ڪردار
جي قدرن موجب ديون جي ڪردار کي پڻ تصورڪيو ويو
آهي.
پَريُون: ديون جي ڀيٽ ۾ پرين جي ڪائنات پنهنجي آهي، پريون خود
خيال بي پرواهه ۽ چلوليون آهن. ديو کان زياده
هوشيار ۽ حرفتي آهن. سندن گڏيل طاقت ديون کان گهڻي
آهي، ۽ جن ديو سندن مطيع آهن. انهيءَ ڪري ديون جا
لشڪر پرين جي حڪم هيٺ آهن (21-22-63)، پر اڪيلي
سر، پري اڪثر ديو جي طاقت آڏو عاجز آهي. (37)؛
طاقتور ديو، اڪيلين پرين کي پاڻ وٽ آڻي بند ڪن ٿا
۽ ڪا پري ديو جي زال پڻ بنجي ٿي (394).
انسان لاءِ پرين جي دنيا عجائبات جي دنيا آهي، بلڪه ڪرشمن ۽
طلسمات جي دنيا کي پريون اڪثر ٽولا ڪري اڏامن
ٿيون. ٽولن جي صورت ۾ تلائن تي اچي وهنجن ٿيون، ۽
باغن ۾ اچي سير ڪن ٿيون يا ڪن بستين ۾ رهن ٿيون.
مثلاً: پرين جي هڪ بستي ”ننڊ ولايت“ آهي، جتي سڀڪو
ننڊ ۾ آهي. پريون محلات ۾ گهري ننڊ ۾ آهن ته
چوڪيدار ديو دروازن تي اگهور ننڊ ۾ ستل آهن. پرين
جو محلات سون چاندي، هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل آهي
(14- 15)، پريون ڪئين ڪرشما ڪري سگهن ٿيون. پرين ۾
ڪنهن ٻي صورت اختيار ڪرڻ ۽ وري اصلوڪي صورت ۾ اچڻ
جي شڪتي آهي. تلوار سان پريءَ جي سر ڌار ٿئي ٿو ته
اها ’روپو ٿڙ‘ بنجي بيهي ٿي، ٻي وري سهر لهڻ سان
ان ٿڙ جا سونا ڏار ٿي پوي ٿي. ٽي اُن جا جواهري پن
ٿي بيهي ٿي، چوٿين وري ان جي لعلون بنجي لٽڪي ٿي
(16)، هر هڪ پريءَ جو ڪرشمو الڳ الڳ آهي: ’گلان
پريءَ‘ جو وڳو گلن ڦلن ڦلن جو آهي (192)، موتي جان
پريءَ جا رت جا ڦڙا ڦري موتي ٿين ٿا (392)، ”گلزار
پري“ جي ڏنل ڏاڙهن اندر داڻڻ بدران هيرا آهن
(407).
اڪيلو انسان جيڪڏهن پرين جي ٽولي کي هٿ چڙهي وڃي ٿو ته ان کي هڪ
رانديڪو بنائي ساڻس کيڏن ٿيون: ڏينهن جو سندس
ٽنگون ٻانهون جدا ڪري ڇڏين ٿيون ۽ رات جو وري کيس
ساڳيون ٽنگون ٻانهون ڏئي کانئس ساز وڄرائي پاڻ ناچ
ڪن ٿيون (381)، انسان کي پرين جي منڊ ۽ ڪرشمن کان
بچڻ لاءِ خاص طرح ڪنهن ٻي پريءَ جي ڏنل تعويذ يا
منتر جي ضرورت آهي، هو ڪنهن حيلي ۽ حرفت سان ئي
انهن پرين جي پڇاڙ کان بچي سگهي ٿو ۽ کانئن وچن
وٺي پاڻ کي محفوظ ڪري سگهي ٿو. (394)، البت جيڪڏهن
ڪا اڪيلي پري ڪنهن ديو جي قيد ۾ قابو آهي يا ٻي
ڪنهن مصيبت ۾ ڦاٿل آهي ۽ ڪو انسان اچي اُن کي
ڇڏائي ٿو ته اُاها سندس مشڪور ۽ مطيع بنجي ٿي،
بلڪه ساڻس شادي ڪري ٿي ۽ عمر ڀر ساڻس وفادار رهي
ٿي. (28-391-393).
جِنّ: جنن ۾ ديون وارو دٻدٻو ۽ دهشت يا پرين واري پُراسرار طاقت
ڪانه آهي. گهڻا جِنّ ته گڏجي پنهنجو لشڪر ٺاهي
سگهن ٿا. اڪيلي سر به جِنّ ڪرشما ڪري سگهن ٿا جِنّ
جو ٻار، ڄمڻ سان ئي ڄام آهي، ۽ هو وڏن وانگر هلي
چلي سگهي ٿو (194). جِنن ۾ خاص خصوصيت مخفي بنجڻ
جي آهي. مثلاً: هڪ جن دلي يا ڏيئي ۾ پاڻ لڪائي
ويهي ٿو ۽ اُتان ويهي ڳالهائي ٿو. ائين جو ڄڻ دلو
يا ڏيو پاڻ پيو ڳالهائي(196). جنن جا پنهنجا مرشد
آهن، جن جي هو عزت ڪن ٿا ۽ سندن حڪم مڃين ٿا
(355). ڪي جِنّ انسانن وانگر لچ ۽ حرڪتي آهن ۽
موچڙن سان ئي سڌا ٿين ٿا، اهو هر هڪ عام تسليم ٿيل
خيال آهي ته ’موچڙن کان جن به ڀڄي وڃن‘ (8).
غير بشر مخلوقات مان ديو، پريون ۽ جنّ لوڪ ڪهاڻين جا ڪهنا ڪردار
آهن انسان جي وهمن ۽ وسوسن جا پڻ آڳاٽا يادگار
آهن. انهن سان گڏ جادوگر ۽ جادوگرياڻيون، ڏانئڻيون
۽ ڌوتيون پڻ ڪهاڻين جا مکيه ڪردار آهن، مگر اهي
مڙيئي ڪردار نسل انساني سان تعلق رکن ٿا ۽ تاريخي
لحاظ سان انهن جو وجود پوءِ جو آهي.
عام ويساهه موجب جادوگر ۽ جادوگرياڻيون ڇا ڇا ٿي ڪري سگهيا،
انهيءَ جا آثار لوڪ ڪهاڻين ۾ ملن ٿا، هڪ صورت مان
ٻي صورت بدلائڻ، خود غائب ٿي وڃڻ، ڪنهن ٻي شيءِ کي
غائب ڪرڻ، انسان کي جانور بنائي قبضي ۾ ڪرڻ يا
انسان کي ڪا غير جاندار شيءِ بنائي ڇڏڻ، يا
هيبتناڪ مصنوعي منظر پيدا ڪرڻ، جادوءَ جي طلسم جا
مکيه ڪرشما آهن، جن جو ذڪر لوڪ ڪهاڻين ۾ ملي ٿو.
سونن سڱن سان هرڻ جو ڏيکاءُ ڏيڻ ۽ غائب ٿيڻ (266)،
جادوگر جو برپٽ ۾ سڄي ڄڃ غائب ڪري ڇڏڻ (10)، جادو
جيءَ زورتي سئي هڻي يا سڳو ٻڌي گهيٽو بنائڻ
(265-353) انهيءَ قسم جي ڪرشمن جا ڪي مثال آهن.
جادوءَ جي اثر کان بچڻ لاءِ پڻ جادوءَ جي طاقت
ضروري آهي. هن مجموعي ۾ ٻن ڪهاڻين ”شهزادو ۽ فقير“
(268-274) ۽ ”فقير ۽ شهزادي“ (275-279) جو بنيادي
سٽاء ئي جادوءَ جي ڪرشمن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾
جادوءَ جي حملي ۽ ان کان بچاءُ جا ڪرتب بيان ڪيل
آهن؛ ڪي وَٿون جادوءَ جي عمل پيدا ڪرڻ لاءِ يا ان
عمل کي زائل ڪرڻ لاءِ خاص ذريعا بنجن ٿيون. ٽوپي
پائڻ سان ٻيا ماڻهو ڏسي نٿا سگهن (426)؛ رومال
ڇنڊڻ سان هيرا جواهر ٿا ڪرن (426) هڪ ميوي کائڻ
سان ماڻهو جانور ٿو بنجي پوي، ۽ وري ٻئي ميوي کائڻ
سان اصلوڪي انساني صورت ٿو وٺي (427). ٽن خاص گلن
سان جادوءَ جو اثر زائل ٿو ٿئي ۽ جادوگر مطيع ٿو
بنجي (11)؛ مُنڊيءَ جي زور سان پرين جو جادو به
اثر نٿو ڪري (392)، پريءَ جي ڏنل وينڊي سان قبي جو
دروازو کلي ٿو پوي (396). ازنسواءِ سنڌي لوڪ
ڪهاڻين ۾ سهيلي ڏنڊو مقابلي لاءِ ۽ اڏند کٽولي
چڙهي اڏامڻ لاءِ مکيه وٿن طور آيل آهن. ”شهزادي
ساعت ملوڪ“ جي ڪهاڻي (384- 104) ۾ منڊي ۽ وينڊو،
اڏند کٽولي ۽ سياهي ڏنڊو مکيه وٿون آهن. ڪن جزوي
ڪهاڻين ۾ انسان ڦري ”پنڊ پهڻ“ ٿيڻ (يعني خود پٿر
بنجڻ) پڻ هڪ جادوءَ جو ڪرشمو ڪري بيان ڪيو ويو
آهي. پر اڪثر ڳالهين ۾ اهو عمل عموماً انسان جي
پنهنجي ڪئي جي ڦل سان وابسته ٿيل آهي. يعني ڪنهن
درويش جي پٽ سببان يا ڪنهن راز ظاهر ڪرڻ سببان يا
ڪنهن راز ظاهر ڪرڻ سببان ماڻهو پنڊ پهڻ ٿي پوي ٿو
۽ انساني رت جي ڦڙن لڳڻ سان ورثي ساڳيو انساني روپ
وٺي ٿو.
ڏانئڻيون: انسانن جي گروهه ۾ شامل آهن، اهي آدمخور عورتون آهن،
جي خاص طرح ماڻهن جا هيانو کائين ٿيون، هو منڊ ۽
طلسم پڻ ڄاڻن. عام وهم موجب، ڏا.ڻيون رات جو ستي
لوڪ ٻين ڀاتين جي ننڊ مُنڊي پنهنجا گهر ڇڏين؛ چراخ
جانور سندن سڳي ۾ آهي، جنهن تي سواري ڪن، ۽
قبرستان ۾ وڃي مردن جا هيانو کائين. لوڪ ڪهاڻين ۾
سندن ڪردار جي اها ڪڌائي بيان ٿيل آهي. ڏائڻ مردن
جا هيانو ٿي کائي (71) ۽ ڏائڻ شهزادي جي لاش کائڻ
لاءِ اچي ٿي (216). ست ڏائڻيون ڪنهن بر ۾ محلات
بنائي، شهزاديون بنجي ويهن ٿيون ۽ وٽن ايندڙ
انسانن کي ماري کائين ٿيون. وٽن سامونڊي گهوڙا
آهن، ۽ سندن ڪرشمي ۽ عمل جو دائرو مقرر ٿيل آهيِ،
ان دائري اندر هو انسانن تي قابض آهن، پر جيڪو دنگ
ٽپي وڃي ٿو سو سلامت بچي ٿو (412-414).
ڌوتيون: ڌوتي بالڪل انسان آهي ۽ وٽس ڪنهن جادو يا ڪرشمي جو هجڻ
لازمي نه آهي، حالانڪه ڪي ڌوتيون جادو پڻ ڪري سگهن
ٿيون. ڌوتي عموماً هڪ پوڙهي ۽ مڪار عورت آهي. جا
ڊوهه ۽ دولاب ۾ ماهر آهي. منجهس رحم جي رتي نه
آهي؛ لالچ ڏيڻ سان هوءَ ڪڌي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي
ٿي. اٽڪل ۽ حرفت ۾ هوشيار آهي، ۽ جتي ڪو ٻيو نه
پهچي سگهي اتي پهچي ٿي. نوجوان عورتن کي ريهي ريبي
برغلائڻ سندس ڏائي هٿ جو کيل آهي. هوءَ هر حيلي
سان راز معلوم ڪري ۽ پنهنجي دغا ۽ دولاپ سان مردن
جي ڪاميابين تي پاڻي ڦيرائي ٿي ۽ سهاڳڻين جا سهاڳ
رولي ٿي.
لوڪ ڪهاڻين ۾ سمايل ڪردارمطابق، ڌوتي هڪ عورت آهي (115) ڌوتي
اها عورت آهي، جا پنهجي ناڪاميابي سان، ٻين ٻن
ساٿين کي ڏسي سري ۽ سندن محبت کي ٽوڙڻ جا منصوبا
سٽي (360). ڌوتي حرفت ۽ دغا کان ڪم وٺي ٿي، حالانڪ
ڌوتي جادو به ڄاڻي گهي ٿي (255) ۽ جادوگرڻ عورت پڻ
ڌوتيپڻو ڪري سگهي ٿي (353). ڌوتي مڪر ۽ فريب سان
زالن (راڻين ۽ شهزادين) کي برغلائي ڳجها راز هٿ
ڪري ٿي (81- 253-366- 38). ڌوتي دولاب ۽ ڌوڪي سان
به ڪڌي ڪم ڪرڻ کان ڪين گسي ٿي. مثلاً: شهزادي کي
کڻي وڃي ٿي (82)، لال ملوڪ جي ساهه واري تلوار
درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏي ٿي (95)، ۽ ڌوڪو ڏيئي شهزادين
۽ راڻين کي وٺي وڃي ٿي ۽ ساڻن دولاب ڪري ٿي (95-
118- 381).
مٿيان ڇهه ڪردار سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي سٽاء جا مکيه جزا ۽ آڳاٽا
عنصر آهن. انهن مان ديو، پريون، جنّ ٽيئي غير
انساني هيئتون آهن ۽ جادوگر ۽ جادوگرياڻيون،
ڏانئڻيون ۽ ڌوتيون انساني گروهه مان آهن، منجهائن
ٻين سڀني ۾ بديءَ سان گڏ ڀلائيءَ جي وصف پڻ موجود
آهي. مگر ڏائڻيون ۽ ڌوتيون محض بديءَ جا ڪردار
آهن، جنّ ۾ ڀلائي بنهه آهي ئي ڪانه. جيئن مٿي چئي
آيا آهيون. اهي مڙيئي ڪردار انسان جي آڳاٽي
زندگيءَ جي وهمن ۽ وسوسن جا يادگار آهن. هن وقت
ديون ۽ پرين کي انسانن جي عملي زندگيءَ ۾ ڪوبه دخل
ڪونهي. البت جنن جو وسوسو اڃا تائين سڌريل
سوسائٽين ۾ پڻ رائج آهي. هن دور ۾ جادوءَ کي
انساني ڪرتب ۽ هٿناٽ جو هڪ علمي فن تسليم ڪيو وڃي،
۽ سواءِ ڪن اٻوجهه انساني گروهن جي، اهو ڪٿي به
ڌوڪي ۽ طلسم طور استعمال نٿو ڪيو وڃي. ڏائڻين کي
پڻ عام انساني زندگي ۾ دخل نه رهيو آهي. جيتوڻيڪ
دنيا جي ڪن ٿورن پوئتي پيل ۽ غير ترقي يافته
انساني گروهن ۾ جيئرن توڙي مئل انسانن جي گوشت
کائڻ جي قديم رسم باقي آهي ۽ اهڙن گروهن ۾ مرد
توڙي عورتون آدمخور آهن. لوڪ ڪهاڻين ۾ ”ڏائڻ“ جو
تخيل هڪ حقيقي آدمخور عورت جو نه آهي، بلڪ اهو
زياده تر وهمي ۽ خيالي آهي، ڇاڪاڻ ته ”ڏائڻ“ ڪنهن
انساني گروهه جي عام رسم موجب ٻين وانگر مردا نٿي
کائي. مگر هو جادو ۽ ڪرشما ڄاڻي ٿي ۽ ٻين کان لڪي
جدا ٿي مردن جا هيانو کائي ٿي؛ پڻ اڪيلن انسانن
خصوصاً مردن کي بند ڪري، ماري انهن جا هيانو کائي
ٿي. ڌوتي مٿين سڀني ڪردارن جي ڀيٽ ۾، انساني
گروهه جو ئي فرد آهي. هو اڪثر هڪ تجربيڪار پوڙهي
عورت آهي. جا لالچ يا حسد وچان ڊوهه ۽ دولاب ڪري
ٿي. هو نفسياتي طور نڪار آهي؛ رحم جي منجهس رتي نه
آهي ۽ ٻين جي خوشين کي خاڪ ڪرڻ سندس پيشو آهي.
نفسياتي طور اهڙا نڪار انسان اڄ به انساني سماج ۾
موجود آهن، پر بلڪل ٿورا آهن؛ انهيءَ نقطه نظر کان
’ڌوتين‘ جو ڪردار پڻ ٻين ڪردارن وانگر انوکو ۽
انساني سماج جي آڳاٽي دور جي يادگار آهي. مجموعي
طور سان لوڪ ڪهاڻين وارا اهي مڙيئي ڪردار انسان جي
آڳاٽي زندگيءَ جي وسوسن ۽ وهمن جا قديم آثار آهن.
جانور: لوڪ ڪهاڻين جي مکيه ڪردارن ۾ جانور پڻ شامل آهن. جانورن
جا ڪردار انهيءَ آڳاٽي دور جو يادگار آهن، جڏهن
انسان ٻيءَ مخلوق وانگر صحيح معنى ۾ اڃا ڌرتي ماتا
جو نيپاج هو. ۽ ان ماءُ جي ٻين ٻارڙن، يعني ته
جيتن، جانورن ۽ پکين سان گڏ پنهنجو وقت گذر پئي
ڪيائين. بلڪه انهن سان ڳالهيون ٻولهيون پئي
ڪيائين. عام ويساهه موجب، ويندي حضرت سليمان جي
وقت تائين جيت جناور ۽ پکي پکڻ ڳالهائيندا هئا.
مشهور آهي ته هڪ ماڪوڙي پنهنجي ساٿين سهيلين کي
چيو ته سليمان ۽ سندس لشڪر پيو اچي، سندن اکيون
مٿي آهن، واٽ ڇڏي پري ٿيو، متان لتاڙي نه مارين،
خود لوڪ ڪهاڻين جي اسرڻ واري وقت بابت چوندا آهن
ته ان زماني ۾ ”هر ڪا شيءِ ڳالهائيندي هئي.“ (61)
پکين پاڻ ۾ پئي ڳالهايو (46-226) هرڻي ۽ هرڻن پئي
ڳالهايو (61-404)، گرڙ پکي گل انداز سان ڳالهايو
(14) ۽ مئنا بادشاهه کي ٿي آکاڻي ٻڌائي (252)؛
جانورن مان هڪ شينهن ۽ شينهڻ، پيءُ ماءُ کان ڇڄي
ويل هڪ ڇوڪرڙي کي ٿي نپايو (82-90) ته ٻلي ۽ ڪتي
نپايا پئي پهچايا (98)
سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ جانورن ۽ جاندارن مان خاص طور نانگ، گرڙ پکي،
هرڻ ۽ چتون اهم حيثيت رکن ٿا. ڪارو واسينگ نانگ
هيبت توڙي اشرافت جو نشان آهي.اوائلي زماني ۾
انسان لاءِ نانگ به هڪ آفت هو ۽ انهي ڪري ان کي
ديو توڙي ديوتا ڪري مڃيو ويو، ديو جي حيثيت ۾ نانگ
صورتون بدلائي ٿي سگهيو. نانگ جي هيبت جو اهڃاڻ
انهي مان ملي ٿو جو ”امير حمزي ۽ ڪڻڪ راڻي“ واري
ڪهاڻي ۾ خود ديو نانگ بنجي امير حمزي جي زال روڪي
ٿو. (103) ٻئي طرف آڳاٽي وقت کان اهو وهم ويٺل آهي
ته ڪارو نانگ هڪ اصيل ۽ اشراف جانور آهي. سندس مٿي
۾ مڻيا (مڻ) آهي، ۽ هو پنهنجي اصيلپ سببان دوستن
جو دوست آهي ۽ مهل جو مڙس آهي.
ونءُ تون واسينگن وٽ، تون لهي ترڀاءُ،
مڻ جنين جي مٿي ۾، آهي شم جهڙي شغلاء،
سي سُر سڻي سر ڏيندا، آڻي تان ارواح
انهيءَ لحاظ سان نانگ بادشاهه جو دوست بنجي ٿو، ساڻس ڳالهائي
ٿو ۽ کيس مڻ ڏئي ٿو ۽ نانگ صورت بدلائي ڳاڙهي لعل
ٿي پوي ٿو (332) نو لکو هار ٿي پوي ٿو (342)،
بلڪه انساني صورت وٺي شهزادو ”لال ملوڪ“ ٿي پوي
ٿو (355).
گرڙ پکي ڄڻ پکين ۾ ديو آهي ۽ انسان جي ٻچڙي کي چنبي ۾ کڻي اڏائي
سگهي ٿو. اڪثر ڪري انسان سان ڀلائي ڪري ٿو. انسان
کي مشڪل مان ڇڏائي ٿو ۽ اڏائي منزل تي پهچائي ٿو.
جيئن ته گل انداز کي گرڙ پکي اڏائي کڻي وڃي ننڊ
ولايت ۾ پهچايو (14). لوڪ ڪهاڻين جي آڳاٽين
يادگيرين موجب گرڙ پکي (14)، ۽ ڏند کٽولي (398)
انسان جي فضا ۾ اڏامڻ جا اوائلي وسيلا بنيا.
جانورن مان هرڻ ۽ هرڻيون پڻ ”لوڪ ڪهاڻين“ ۾ وڏو ڪم ڪن ٿا.
هرڻيون ٻارڙن کي کير پيارين ٿيون ۽ هرڻ جي اکين جي
بدلي شهزادن جون اکيون بلڪه حياتيون بچن ٿيون.
(372). البت سونن يا روپن سڱن وارو هرڻ طلم جو
نشان آهي جو شهزادن کي لالچائي، بي راهه ڪري
ڀٽڪائي ٿو (54-147-266) پکين مان چتون کي پڻ ”لوڪ
ڪهاڻين“ جي سٽاء ۾ وڏو دخل آهي. چتون وندر ۽
ورونهه خاطر ساٿي آهي ۽ ٻي حالت ۾ چاري ۽ چوڪيدار
آهي، جو هڪڙن جون ڳالهيون ٻڌي ٻين سان ڪري ٿو. مٺو
پنهنجي مالڪن (بادشاهن ۽ راڻين، شهزادن ۽ شهزادين)
کي سچ چوي ٿو ۽ بعضي ڏواهان ڏس ڏيئي کين ڪشالا
ڪڍائي ٿو؛ اڪثرهو مشڪلاتن ۾ مالڪن سان وفادار آهي.
پاڻ سندن مدد خاطر پري پري وڃي پيغام پهچائي ٿو ۽
ڪشالا ڪڍي ٿو.*
ڪهاڻين
جي اوسر جو تاريخي پس منظر:
اهو معلوم نه آهي ته انهن ڪهنين ڪهاڻين جا ترَ
(Plots)
ڪنهن ٻڌا، ڪڏهن ٻڌا ۽ ڪيئن ٻڌا. البت ايترو چئي
سگهجي ٿو ته هر بالغ انساني گروهه اندر اڳوڻن وهمن
ويچارن جي صورت ۾ ڪُهنين ڪردارن جو تخيل موجود هو؛
ازانسواءِ جادو ۽ ٽڪساٽن ۽ انوکن ڪرشمن جون
يادگيريون اَبن ڏاڏن کان هلنديون پئي آيون؛ اُنهن
آڳاٽن عنصرن سان، بادشاهن ۽ راڻين، شهزادن ۽
شهزادين، وزيرن ۽ سوداگرن ۽ ٻين انساني ڪردارن جي
ڪارنامن ۽ ڪرتوتن جا جزا ملائي، ڪهاڻين جا تَر
ٻڌا ويا.
ڪهاڻيءَ جي سٽاء جي شروعات غالباً پهريائين ڪنهن گهر جي ڀاتي يا
سورهيه اڳواڻ جي ڪارنامن يا ڪنهن وڇڙي ويل شخص جي
ڪشالن جي حقيقي بيان سان ٿي، جنهن کي وقت گذرڻ بعد
وڌائي ويجهائي وڏو ڪيو ويو. اوائلي ڪهاڻيون سڀ
حقيقي ڳالهيون هيون، جن تي پوءِ حڪايتي رنگ چڙهيو.
اهو ڪهاڻين اُسرڻ جو اوائلي دور هو، ان بعد عالمن
۽ دانائن، نصيحت خاطر بادشاهن ۽ سردارن يا پنهنجن
پٽن ۽ پوئلڳن واسطي عمداً ۽ ارادتاً ڳالهيون
جوڙيون، جن ۾ جانورن جي زباني حڪايتون بيان ڪري،
حڪمت عملي
(Practical Wisdom)
جا گُر سمجهايا، انهيءَ قسم جي معنيٰ خيز ۽ نصيحت
آميز ڳالهين ۾ آڳاٽا مجموعا ڪتاب”ڪَليلـﮧ و
مِدنــﮧ“، ”ڪَٿا سَريت ساگر“، ”هِتو پَديشَ“، ”پنچ
تَنتر“ آهن، جن جي ابتدا اوهام پرستي ڏانهن مائل
ايراني ذهن، حرفت ۽ حيلي ڏانهن مائل برهمڻي ذهن، ۽
نصيحت ۽ تبليغ مائل سَمنَي (ٻڌ وارن) ذهن جي
اختراعن سان ٿي، اهو ڪهاڻين جي اوسر ۽ ارتقاء جو
ٻيو دور هو، جنهن ۾ اوهام ۽ خرافات، حرفت ۽ حڪمت
عملي، مت ۽ نصيحت ڪهاڻين جوڙڻ لاءِ مکيه محرڪات
هئا. انهيءَ قسم جون ڪهاڻيون هند ايران جي وچ وارن
علائقن (موجوده مغربي پاڪستان، افغانستان ۽ اوڀر
-ڏکڻ ايران) ۾ اُسريون ۽ اُتان پوءِ ٻين ڀاڱن ۽
ملڪن ۾ رائج ٿيون.*
ان دور کان
پوءِ، خاص وندر ۽ ورونهه خاطر ڪهاڻيون ۽ قصا
بحيثيت هڪ ادبي فن جي اُسريا ڪتاب ”الف ليلى“ (الف
ليلاً و ليلــﮧ=هڪ
هزار ۽ هڪ راتيون) ۾ هي فن بنيادي طور ڪمال کي
پهتو ۽ هن شاهڪار ذريعي دنيا ۾ قصن ڪهاڻين واري
ادبي فن
(Function)
جو بنياد پيو. اهو قصن ۽ ڪهاڻين جي ارتقا جو ٽيون
دور هو. جنهن جي شروعات اندازاً ڏهين صدي عيسوي
کان ٿي.
سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ ماضيءَ جي انهي ارتقائي تاريخ جي آثار ملن
ٿا. انهن جي سٽاء ۾ انساني گروهه جي اوائلي وهمن
ويچارن جا مجسما ۽ ڪردار (ديوَ، پَرِيُون، جِنّ)
جادوءَ جي ڪرشمن ۽ هٿناٽن جا يادگار ۽ انساني
گروهه جا اداڪار (بادشاهه، راڻيون، شهزادا،
شهزاديون، وزير، سوداگر) موجود آهن. ٻئي طرف انهن
ڪهاڻين جي تر ۽ بر، تاڃي ۽ پيٽي ۾ ايراني، هندي ۽
عربي قصن ۽ ڪهاڻين جا نشان ملن ٿا. شڪار ڪندي،ڪنهن
جانور جي پويان لڳڻ ساٿين کان پري نڪري وڃڻ. راهه
وڃائڻ ۽ ڪشالا ڪڍڻ هڪ اهڙو تجربو آهي، جوا نسان کي
سندس آڳاٽي خانه بدوش ۽ شڪار تي گذران واري زندگي
جي دور ۾ پيش آيو هوندو ۽ انهي ڪري مختلف قومن جي
لوڪ ڪهاڻين ۾ اهو تجربو ڳالهين جي تَر جو هڪ
بنيادي جڙ آهي. ايراني بادشاهه بهرام گور جو
جهنگلي گورخر کي مارڻ واري ڪهاڻي ۾ انهي واقعي هڪ
آفاقي صورت اختيار ڪئي. سنڌيءَ ۾ آڳاٽو رائج ٿيل
بانڪي شاهه بهرام جو قصو انهيءَ بهرام گور واري
ڪهاڻيءَ جو عڪس آهي. هن مجموعي جي ڏهين ڪهاڻي
(ڀاڳوند بادشاهه 147) ۾ پڻ بادشاهه شڪار ڪندي هرڻ
جي پويان پوي ٿو ۽ سندس ڪشالا شروع ٿين ٿا. شڪار
جو واقعو لوڪ ڪهاڻين جو آفاقي جُز آهي ۽ ڪيتريون
سنڌي ڪهاڻيون اڪثر شڪار جي بيان سان شروع ٿين
ٿيون. (54) ماڻهن، جانورن ۽ ٻين شين جون صورتون
بدلائڻ وارو خيال انسان جي آڳاٽن وهمن جو يادگار
آهي ۽ انهيءَ ڪري لوڪ ڪهاڻين جي تر جو هڪ آفاقي جز
آهي. البت مرڻ کان پوءِ ٻيءَ جوڻ ۾ اچي هندو عقيدي
جو جُز آهي ۽ انهيءَ ڪري جوڻ بدلائڻ واري خيال جو
بنياد هند جي پيداوار آهي. هن مجموعي جي ٻارهين
ڪهاڻي (165) ۾ ”نينان“ مختلف صورتن ۾ نمودار ٿئي
ٿي ۽ تيرهين ڪهاڻي (177) ۾ شهزادو جدا جدا صورتون
اختيار ڪري ٿو. چوڏهين ڪهاڻي (189)۾ مادي چڪوِي،
پکي، ٻيءَ جُوڻ ۾ ”ڪسونبا ٻائي“ جي انساني صورت
وٺي ٿي؛ ۽ انهيءَ ڪهاڻيءَ جو تر ’جوڻ‘ واري اعتقاد
تي ٻڏل آهي ۽ اها ڪهاڻي پڻ ٿرپارڪر جي سنڌي هندو
گروهه ۾ عام مروج آهي. ۽ اُتان مليل آهي. ٻين
ڀائرن جو گڏجي پنهنجي هڪ ڀاءُ کي تڪليف ڏيڻ وارو
برتاء حضرت يوسف عه ۽ سندس ڀائرن واري ڳالهه
ذريعي آڳاٽي وقت کان ملڪان ملڪ مشهور ٿيو ۽ پڻ لوڪ
ڪهاڻين ۽ قصن جو آفاقي جز بنيو، هن مجموعي ۾ پهرين
(1) ۽ ٻي ڪهاڻي (30) جي سٽاء ۾ ڀائرن وارو اهو
برتاءُ مکيه جز آهي. اٺٽيهين ڪهاڻي (449) ۾ شهزادو
لعل پنهنجي محبوب شهزاديءَ لعلان سان مدرسي ۾ گڏجي
پڙهي ٿو جو ’ليليٰ مجنون‘ جي عشقيه داستان جو عڪس
آهي.
ڪتاب ’ڪليلــﮧ و دمنــﮧ‘ جي آڳاٽي مجموعي ذريعي ڳالهين جي
اندروني سٽاء ۾ ڳالهه مان ڳالهه نڪرڻ جو نڪتو
نروار ٿيو، جنهن ليلى “ جي شاهڪار ۾ هڪ فن جي درجي
تي پهچايو ويو. ڳالهين جي انهيءَ اندروني دلچسپ
سلسلي جو اثرملڪان ملڪ پيو ۽ عام ڪهاڻين پڻ اهو
اثر قبول ڪيو. هن مجموعي ۾ پنجٽيهين ڪهاڻي (409) ۾
ديوَ پنهنجي طرفان چاڪي ۽ سوداگر جي ڳالهه ڪري
ٻڌائي ٿو: ارڙهين ڪهاڻي (245) ۾ طوطو ۽ مئنا هر هڪ
رات ڳالهه کڻن ٿا ۽ پندرهين ڪهاڻي (200) ۾ ڳالهه
مان ڳالهيون نڪرن ٿيون تان جو ڏهه ڳالهيون انهي هڪ
ڳالهه ۾ سمايل آهن. انهن سلسلن ۾ ’الف ليلي‘ جو
اثر نمايان آهي، ڇويهين (292) ۽ ستاويهين (317)
ڪهاڻي جا تر ’الف ليلى‘ جي بغداد جو ”چور“ واري
ڳالهه تي ٻڌل آهن ستين ڪهاڻي (100) جو سورمو امير
حمزو آهي، جنهن جو نالو ”امير حمزي جي داستان، تان
ورتل آهي. جيتوڻيڪ ڳالهه جو تر مختلف آهي ۽ غالباً
مقامي طور ٻڌل آهي.
ڪهاڻين جا تر ۽ بَر:
لوڪ ڪهاڻي جي سٽاء آزاد ۽ غير منطقي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي تر ٻڌڻ
يا سلسلي قائم ڪرڻ ۾ ڪنهن عالم يا اديب جي مخصوص
آزادي يا عقل کي دخل ڪونهي البت انهيءَ جي اها
معنى ڪانهي ته لوڪ ڪهاڻيءَ جو تر ٻڌل ئي ڪونهي يا
بَر ڪَڇيل ئي ڪونهي. هر هڪ ڪهاڻيءَ جو شروع کان
آخر تائين هڪ سلسلو آهي ۽ ان سلسلي جون جدا جدا
ڪڙيون آهن، پر نڪي هر ڪڙي هڪجيڏي يا هڪجهڙي آهي ته
نڪي وري هر ڪڙي ٻيءَ ڪڙيءَ سان ڪنهن خاص رٿيل
نموني ۾ ڀڇايل آهي. معنوي لحاظ سان پڻ نڪي مرڪزي
مضمون خاص رٿا موجب بيهاريل آهي ته نڪي سورمي جو
ڪردار ڪنهن خاص سماجي، يا نفسياتي نظريي موجب سٽيل
آهي. لوڪ ڪهاڻي جي سٽاء فني ناهي بلڪه فڪري آهي،
ڇاڪاڻ ته لوڪ ڪهاڻي عوام جي سادي ذهن ۽ طبع جو عڪس
آهي ۽ سندن وندر ۽ ورونهه جي ضرورت کي آسان ۾ آسان
نموني پورو ڪندڙ آهي.
سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي تر ۽ بر جون مجموعي طور سان هيٺيون خاص
خصوصيات آهن:
(الف) تر ۽ بر جي سٽاء: ڪهاڻي هڪ ڳالهه آهي، ۽ انهيءَ ڪري هر
ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پوري ڳالهه جو هئڻ ضروري آهي، ان کان
سواءِ ڪوبه ذڪر هڪ ’بيان‘ ٿي سگهي ٿو، پر ان کي
’ڪهاڻي‘ نه چئبو، سادي سٽاء واري ڪهاڻيءَ ۾، اڪيلي
ڳالهه منڍ کان شروع ٿي توڙ تي پهچي ٿي. ڪهاڻيءَ جي
سادي سٽاء جا ٻه قسم آهن: هڪ اهو جنهن ۾ ڳالهه جي
چَپي چَپي تي پيش ايندڙ واقعي جي عمل جو دائرو
ننڍو آهي: مثلاً، بادشاهه شڪار تي ويو ۽ هرڻ
ڏٺائين جو ماريائين. اڳتي ويو ته پاڻيءَ جو چشمو
ڏٺائين، جتي هرڻ ويهي پچايائين ۽ ماني کاڌائين. هن
بيان ۾ هرڻ مارڻ ۽ اُن بعد چشمي تي اچي هرڻ پچائڻ،
انهن ٻنهي واقعن جي عمل جو دائرو ننڍو آهي. اهڙي
ڳالهه کي اسان ”ماهِنڊّ ڳالهه“ چونداسين.
’ماهِّنڊُ‘ اهو سهڻو وٽيل سڳو آهي، جنهن منجهه
سٽاء سان سهڻيون ننڍيون ڳنڍيون ڏنل هجن.*
عام ننڍين آکاڻين يا ڳالهين جي سٽاء سان اڪثر
انهيءَ قسم جي آهي. هن مجموعي ۾ پڻ ڇهين (85)،
نائين (136)، ڏهين (147)، ٽيويهين (480) ۽ چوويهين
(283) ڪهاڻي انهيءَ سادي سٽاء واريون ڳالهيون آهن،
ڇاڪاڻ جو سڀني ۾ منڍ کان آخر تائين هڪ اڪيلي ڳالهه
مختصر واقعن سان بيان ڪيل آهي.
سادي سٽاء واري ڳالهه جو ٻيو قسم اهو آهي، جنهن ۾ ڳالهه جي چَپي
چَپي تي پيش ايندڙ واقعي جي عمل جو دائرو ڪشادو
هجي، ايتري قدر جو اهو بذات خود هڪ ننڍڙي ڳالهه
بنجي پوي. مثلاً بادشاهه نه فقط رڳو هرڻ ڏسي ۽ ان
کي ماري، پر هرڻ مرڻ وقت ڳالهائي يا اُن وقت ڪو
آواز ٿئي ۽ انهيءَ واقعي جو دائرو وڌي وڃي. ساڳي
طرح چشمي تي پهچڻ وقت بادشاهه پَريُون ڏسي يا وڌيڪ
ٻيو ڪي ٿئي. اهڙي ڳالهه کي ”لڙهي ڳالهه“ يا ’ڪَنڊي
ڳالهه‘ چئبو، ڇاڪاڻ ته لڙهي يا ڪنڍيءَ ۾ پوتل مڻين
جو گهيرو ۽ مقدار وڏو آهي. هن مجموعي ۾ ڪهاڻين جو
وڏو تعداد انهيءَ قسم جي سٽاء وارو آهي.
ڳوڙهي سٽاء واري ڳالهه اُها آهي، جنهن ۾ نه فقط
هڪ اصلي يا تر واري ڳالهه هجي، پر ٻيون پاسي يا
بَر واريون ڳالهيون پڻ هجن؛ يعني ته بنيادي ٿُڙ
واري مکيه ڳالهه مان فروعي ڳالهين جا ٻيا ننڍا
ڏار نڪرن. تَر واري مکيه ڳالهه ڄڻ تاڃيءَ مثل
آهي، جنهن جو سلسلو شروع کان آخر تائين هليو
اچي ۽ ٻيون بَر واريون فروعي ڳالهيون اُن جي
پيٽي ۾ اُڻيل هجن. اهڙي ڪهاڻيءَ کي اسين ”ٿُڙ-
ڏار ڪهاڻي“ يا ”تاڃي- پيٽو ڪهاڻي“ چونداسون. هن
مجموعي ۾ پنڌرهين (200)، ارڙهين (245) ۽
پنجٽيهين ڪهاڻي (409) انهيءَ قسم جي ڳوڙهي سٽاء
واريون ”تاڃي –پيٽو“ يا ”ٿُڙ- ڏار“ ڪهاڻيون آهن.
پنڌرهين ڪهاڻيءَ ۾ تَر واري اصلي ڳالهه جي تُڙ
مان ٻين نَونَ ڳالهين جا ڏار ڦٽن ٿا.
(ب(
شروعاتي ۽ مرڪزي ڳالهه: سنڌ ۾ رائج ڊگهيون
ڪهاڻيون عام طرح سان ’بادشاهن جون ڳالهيون‘
سڏيون وڃن ٿيون، ڇاڪاڻ جو گهڻو ڪري انهن جي
شروعات ڪنهن بادشاهه جي ذڪر سان ٿئي ٿي. بلڪل
سادي سٽاء وارين ڪهاڻين ۾ منڍ کان آخر تائين
انهيءَ بادشاهه ۽ سندس ڪمن ۽ ڪارنامن جو ذڪر
هوندو آهي، جيئن ته هن مجموعي جي ”ڀاگوند
بادشاهه“ (147) جي ڪهاڻيءَ ۾ آهي. عام مروج
ڊگهين ڪهاڻين ۾ بالڪل سادي سٽاء واريون ڪهاڻيون
ڪي ٿوريون آهن؛ اڪثر ’لڙهي يا ڪَنڍي ڳالهه‘ يا
’ٿُڙ- ڏار ڪهاڻين‘ واري دفعي ۾ شامل آهن، جن ۾
منڍ وارو بادشاهه جو ذڪر محض ڳالهه جي’شروعات‘
يا ’شروعاتي ڳالهه‘ آهي ۽ ’اصلي يا مرڪزي ڳالهه‘
ان کان پوءِ هلي ٿي.
شروعاتي ۽ مرڪزي ڳالهه ۾ قدري سبب ۽ نتيجي جو واسطو آهي ۽ اهي
ٻئي ”ڪهاڻيءَ جو تَر“ جو مکيه ڀاڱو آهن.
’شروعاتي ڳالهه‘ جي اهميت اها آهي جو اها
ڪهاڻيءَ جو منڍ، پيڙهه، يا بنياد آهي. عام
اصطلاح ۾ ان کي ’ڳالهه جو ٿل‘ چئبو. چوندا آهن
ته ’ڳالهه جو ٿل ٻڌڻ‘ ضروري آهي. اهو منڍ وارو
بادشاهه جو ذڪر (يا ٻيو ڪو ذڪر) ڄڻ ڳالهه جو ٿل
آهي، جنهن جون مصراعون اڳتي ايندڙ حصو آهي؛ يا
ائين چئجي ته اهو ’بيرم‘ جنهن سان ڳالهه کي
’کڻجي‘ ٿو؛ يا کانڀاڻي آهي، جنهن سان ڳالهه جو
ڳوڙهو اُڇلجي ٿو. مکيه مرڪزي ڳالهه ڄڻ ٿل جون
مصراعون آهن، بيرم جو بار آهي ۽ کانڀاڻيءَ جو
ڳوڙهو آهي. مرڪزي ڳالهه مان وري ٻيا ڏار ڦٽن ٿا،
جيڪي ’بَر‘ يا ’پيٽي‘ واريون ڳالهيون آهن.
ڪهاڻيءَ جي سٽاء ۾ شروعاتي ڳالهه ۽ مرڪزي ڳالهه
وڌيڪ اهم آهن ۽ انهيءَ ڪري انهن جي اندروني مکيه
محرڪ جزن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي.
منڍ واري ڳالهه ڪنهن بادشاهه يا ٻئي ڪنهن شخص جي ذڪر سان شروع
ٿئي ٿي. اڪثر اولاد جي سڪ، شڪار تي وڃڻ، يا نئين
شادي ڪرڻ هن ڳالهه جي کڻڻي جا ابتدائي اهڃاڻ
آهن. ڪنهن فقير جي دعا، ڪنهن درويش طرفان ڏنل
دعا جون شيون کائڻ، يا ٻيو ڪو سوڻ، انهيءَ
ابتدائي مراد جي پورائي جو سبب بنجي ٿو. شاديءَ
بعد ننڍي زال جي خوبين يا ان کي پٽ ڄمڻ سببان
ساڻس ٻين پهرين زالن جي ريس ۽ رقابت شروع ٿئي
ٿي؛ پهاڄن جي منصوبي سان هن ننڍي زال تي بهتان
لڳن ٿا ۽ کيس ملڪ نيڪالي ملي ٿي. بعضي هو پيٽ
سان آهي ۽ بعضي ننڍڙو پٽ اٿس جو کيس محلات مان
ڪڍيو وڃي ٿو. بعضي هن ننڍي زال جو پٽ اڃا ننڍو
آهي، جو سندس ماءُ مري وڃي ٿي. جڏهن هو وڏو ٿئي
ٿو ته ماٽيجن مائن جي منصوبي سببان مٿس بهتان
لڳن ٿا ۽ بادشاهه کيس ملڪ نيڪالي ڏئي ٿو يا ڪنهن
آزمائش پٺيان موڪلي ٿو. بعضي شروعاتي ڳالهه وارو
بادشاهه يا ٻيو ڪو ڪردار پاڻ ڪنهن آزمائش پويان
وڃي ٿو. شروعاتي ڳالهه جي منزل اتي ختم ٿئي ٿي.
ان بعد ننڍي زال جا ڪشالا، ننڍي زال ۽ سندس پٽ
جا گڏ ڪشالا، يا شهزادي يا بادشاهه يا ٻئي ڪنهن
ڪردار جا ڪشالا مرڪزي ڳالهه جو مکيه حصو بنجن
ٿا. هن مجموعي ۾ نائين (136) ۽ يارهين (154)
ڪهاڻي جي منڍ واري ڳالهه اولاد جي سڪ سان شروع
ٿئي ٿي. چوٿين (54) ۽ ڏهين (147) ڪهاڻي جي
شروعات شڪار تي وڃڻ ۽ راهه وڃائڻ سان ٿئي ٿي،
پهرين (1) ٻي (30) ۽ ٽئين (40) ڪهاڻي جي شروعات
۾ پهاڄن جي رقابت جو پهلو نمايان آهي. تيرهين
(177)، ايڪٽيهين (364) ۽ چوٽيهين (402 ڪهاڻي ۾
پهاڄن جي منصوبي ۽ ستم جو نقطو نروار ٿيل آهي.
جو پهاڄون ننڍي زال جي ٻارن کي مارڻ ۽ مارائڻ جي
ڪوشش ڪن ٿيون. سترهين ۽ چوويهين ڪهاڻي ۾ ماٽيجي
ماءُ جو بروبرتاءُ بيان ٿيل آهي.
شروعاتي ڳالهه جي ڀيٽ ۾ مرڪزي ڳالهه ’ڪهاڻي‘ جي جان آهي. سنڌي
لوڪ ڪهاڻين ۾ عام طرح مرڪزي ڳالهه جو مانجهي يا
سورمو شروعاتي ڳالهه جي ڪردار کان الڳ آهي.
مرڪزي ڳالهه جي رٿا ۾ شرط ۽ آزمايشون، ڪي خاص
سهارا ۽ وَٿُون، ڪشالا ۽ ڪوششون، ۽ آخر ۾ مانجهي
يا سورمي جي فتح اهميت رکن ٿا. هن مجموعي ۾
هيٺيون آزمايشون ڪن ڪهاڻين جي مرڪزي ڳالهين جو
بنياد آهن: خواب جو تعمير معلوم ڪرڻ (پهرين
ڪهاڻي)، سامونڊي گهوڙي جو رت آڻڻ (ٻي ڪهاڻي)، ٻه
ڍارا آڻڻ (ٽئين ڪهاڻي)، ڳُوڙهو يا معما حل ڪرڻ
(يارهين ڪهاڻي)، ست ڍارا آڻڻ (پنجويهين ڪهاڻي)،
ڍاري راند کٽڻ (ارڙهين ۽ اوڻويهين ڪهاڻي)، سوني
سر ۽ چندن جي پني چورائڻ (چوويهين ڪهاڻي)“،
بادشاهه جي ڌيءَ لاءِ ماڻڪ آڻڻ ۽ گل ڦل جو وڳو
هٿ ڪرڻ (ٻٽيهين ڪهاڻي) انهن شرطن ۽ آزمايشن جي
پوري ڪرڻ لاءِ مانجهي يا مکيه ڪردار جو ڪشالو
شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ کيس ڪي خاص سهارا ۽ وَٿُون
ملن ٿيون، جن جي مدد سان هو ڪاميابيءَ جي منزل
کي پهچي ٿو. هن مجموعي جي ڪهاڻين ۾ هيٺيان
بچائيندڙ سهارا ۽ خاص وٿون، سورمي جون مشڪلون
آسان ڪن ٿا: فقير جو سڳو (پهرين ڪهاڻي)؛ پير مرد
جو تعويذ، گرڙ پک جي سواري، ۽ پرين جي وارن جي
ڪمان (ٻي ڪهاڻي)؛ جوڳيسر جي ڏنل نانگ جي مڻ
(چوٿين ڪهاڻي)، جانور، ٻلي ۽ ڪتو، جي وقت سر
پيغام پهچائين ٿا (ڇهين ڪهاڻي)؛ نانگ جي مڻ جنهن
سان پاڻي جاءِ ڏئي ٿو (اٺين ڪهاڻي) ٻلي ۽
پونگڙا جن جي مدد سان ڍاري راند کٽجي ٿي (ارڙهين
۽ ويهين ڪهاڻي)؛ منڊي، وينڊو، سيلهي ڏنڊو ۽
اُڏند کٽولي (ٽيٽيهين ڪهاڻي)؛ رومال جنهن مان
هيرا جواهر ڪرن ٿا، ٽوپي جنهن جي پائڻ سان ٻيو
نه ڏسي، ٻه ميوا جن مان ماڻهو هڪ کائي ته بدلجي
ٻڪري ٿئي ۽ ٻيو کائي ته وري اصلوڪي صورت ۾ اچي
(ستٽيهين ڪهاڻي). انهن بچائيندڙ سهارن ۽ ڪرشمي
جي خاص وٿن کان سواءِ، مرڪزي ڳالهه جي رٿا ۾
سورمي يا سندس ساٿين طرفان ڏنل ذاتي نشانيون پڻ
اهميت رکن ٿيون. اهي ذاتي نشانيون اڪثر تير،
ترار، تراريون، مُنڊيون وغيره آهن، جن جو ڪٽجڻ
يا رنگ بدلجڻ، سورمي جي مصيبت ۾ مبتلا ٿيڻ جو
خاص اُهڃاڻ آهي. مثلاً شهزور بادشاهه پنهنجي
ساٿي ڪونج واري پهلوان کي خنجر ڏنو ۽ ٻئي ساٿي
هرڻي واري پهلوان کي ڪپ، ۽ چيائين ته جيڪڏهن
خنجر يا ڪپ ڪارو ٿئي ته سمجهو ته خير ناهي (76،
74)؛ لال ملوڪ پنهنجي دوستن مان هر هڪ کي گل
نشاني طور ڏنو ۽ چيائين ته ”مون تي جڏهن به ڪا
آفت آئي ته هيءُ گل ڪومائجي ويندو“ (93)“ امير
حمزي پنهنجي ساٿي ٻڪرار کي تير ڏنو ۽ چيائينس ته
”جڏهن ڏسين ته تير ڪٽجي ويو آهي، تڏهن پڪ
ڄاڻجانءِ ته منهنجي سر ڏي خير ڪونهي“ (111)؛ ۽
’چنڊ‘ شهزادي پنهنجي ڀاءُ ’سج‘ شهزادي کي منڊي
ڏيئي چيو ته ”جنهن وقت هن جي ٽڪ ڪاري ٿئي، تنهن
وقت سمجهجانءِ ته مون ڏانهن خير ڪونهي“ (263).
مرڪزي ڳالهه جو مانجهي يا سورمو هڪ خاص حيثيت رکي ٿو. هو انسان
آهي، پر سندس همت انسان کان گهڻو وڌيڪ آهي،
ايترو جو هو ديوَن کي دَسي ٿو، ۽ اڪيلي سر
انساني لشڪرن جا مقابلا ڪري ٿو. ڪن ڪهاڻين ۾،
ديون وانگر سورمي جو ساهه پڻ ڪن خارجي وٿن
محفوظ آهي، مثلاً شهزور بادشاهه (81)، لال ملوڪ
(93) ۽ امير حمزي (116) جو ساهه ’ترار‘ ۾ رکيل
آهي، ۽ ’غيبي راڻي‘ جو ساهه هار جي موتيءَ ۾
محفوظ آهي (366). اها حفاظت انهيءَ ڪري رٿيل آهي
ته جيئن سورمي جو ظاهري جسم هر نقصان کان آجو
رهي، ڇاڪاڻ ته سورمي کي هر حالت ۾ ڪامياب بنائڻو
آهي. مرڪزي ڳالهه جي پڄاڻي هميشــﮧ سورمي جي فتح
سان ٿئي ٿي: مثلاً ڀائرن جي گهاٽن گهڙڻ هوندي به
”گل انداز“ ڪامياب ٿئي ٿو (سترهين ڪهاڻي)؛ وزير
جي ويساهه گهاتين هوندي به شهزادو ولايت شاهه
ڪامياب ٿئي ٿو (پنجويهين ڪهاڻي)؛ ۽ باوجود
آزمايشن ۽ مشڪلاتن جي شهزادو لال ملوڪ سوڀارو
ٿئي ٿو (اوڻٽيهين ڪهاڻي).
(ج) مرڪزي خيال: لوڪ ڪهاڻيون ڪنهن خاص مقصد يا خال سان ڪنهن ڪين
ويهي لکيون؛ اهي وندر ۽ ورونهه يا حڪايت خاطر
غير ارادي طور اُسريون ۽ رائج ٿيون. انهن جا ڪي
عنصر آڳاٽا آهن ۽ ڪي ڪردار ڪهنا آهن، مگر جيئن
ته اُهي انساني ذهن جي پيداوار ۽ انساني زندگي
جي تجربن جي يادگار آهن، انهيءَ ڪري انهن جي
سٽاء ۾ عوام جي وهمن ۽ وسوسن توڙي زندگيءَ جي ڪن
سماجي پهلوئن جو عڪس نظر اچي ٿو. ارادي طور ڪابه
ڪهاڻي نه ڪنهن خاص مقصد سان شروع ٿئي ٿي، نڪي
ڪنهن خاص نظريي تي ختم ٿئي ٿي، مگر معنوي لحاظ
سان، هر ڪهاڻي ۾ هڪ مکيه نقطو يا مرڪزي خيال
سمايل آهي، ڪن ڪهاڻين ۾ ڳالهه جا هڪ کان وڌيڪ
’مکيه پهلو‘ پڻ ملندا. هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻين
کي مرڪزي يا مکيه خيالن جي لحاظ سان هيٺين طور
ورڇي سگهي ٿو:
●همتون
۽ ڪشالا (ڪهاڻي نمبر 1، 2، 3، 4، 8، 15، 20، 25،
35، 36، 37 ۽ 38).
●بادشاهه
جي سياڻپ (ڪهاڻي نمبر 24).
●پهلواني
۽ زور آزمائي جا ڪارناما (ڪهاڻي نمبر 5، 6، 7 ۽
36).
●ٻڪرار
جي سياڻپ (ڪهاڻي نمبر 11).
●وزير
جي بادشاهه کي نصيحت (ڪهاڻي نمبر 23).
●ڏند
ڪٿا (ڪهاڻي نمبر 12، 13، 19، 29 ۽ 30).
●جادو
۽ خريب (ڪهاڻي نمبر (19، 28 ۽ 30).
●پهاڄن
جي رقابت (ڪهاڻي نمبر 1، 2، 3، 13،، 17، 26، 31
۽ 34).
●ماٽيجي
ماءُ جو برتاءُ (ڪهاڻي نمبر 17).
●زالن
جون خصوصيتون (ڪهاڻي نمبر 18).
●عورت
جو عقل، خود اعتمادي ۽ بخت (ڪهاڻي نمبر 33 ۽
34).
●زال
جو پنهنجي عقل سان مڙس جي مدد ڪرڻ (ڪهاڻي نمبر
29، 31، 32).
●زال
جو مڙس کي سبق سيکارڻ (ڪهاڻي نمبر 14، 16، 27 ۽
29).
●حرفت
۽ چالاڪيءَ سان چوري (ڪهاڻي نمبر 26 ۽ 27).
●کل
۽ چرچو (ڪهاڻي نمبر 9 ۽ 10).
ڪهاڻيءَ جي کڻڻي ۽ پڄاڻي:
اسان مٿي چئي آيا آهيون ته ڪهاڻيون آڳاٽي دور ۾ اُسريون ۽ ڪافي
آڳاٽي وقت کان رائج ٿيون. اول،
جن به شخصن تي جيڪي ٿي گذريو، سو انهن پنهنجن
ساٿين سان بيان ڪيو؛ پوءِ سورهين جا ڪارناما وڏن
ننڍن کي ٻڌايا ۽ انهن پنهنجي اولاد کي سڻايا.
جيئن وقت وچان پوندو ويو، تيئن حقيقتن تي حڪايتن
جو رنگ چڙهندو ويو، تان جو حقيقي ڪشالا ۽
ڪارناما، قصا ۽ ڪهاڻيون بنجي ويا. اهي ڪهاڻيون
پوءِ محض وندر ۽ نصيحت خاطر وزيرن بادشاهن کي
ٻڌايون ۽ وڏڙن ننڍن کي سڻايون. آخر ڪهاڻين جي
عام مقبوليت سببان سگهڙ ساماڻا، جن ڪهاڻي کڻڻ کي
’قصه خواني جي فن‘ واري درجي تي پهچايو. ٻڌندڙن
جي تفريح خاطر، انهن ڪهاڻي کڻندڙ ۽ قصه خوانن
پنهنجي بيان ۾ رنگيني پيدا ڪئي، ۽ ڪهاڻيءَ جي
کڻڻي ۽ پڄاڻي توڙي وچ واري ٽيڪا لاءِ خاص الفاظ
۽ محاورا، اصطلاح ۽ جملا ايجاد ۽ استعمال ڪيا.
ڪهاڻي کڻڻ جي انهيءَ فني پهلوءَ تي اسان لوڪ ادب
سلسلي جي ستاويهين ڪتاب ”ڳاهن واريون ڳالهيون“
جي مقدمي ۾ وڌيڪ روشني وڌي آهي.
سنڌ ۾ بادشاهن جي ڳالهين جي شروعات اڪثر هنن عام مشهور لفظن سان
ڪندا آهن ته ”بادشاهن جو بادشاهه پاڻ خدا آهي،
پر هڪ زماني جو بادشاهه هو- الخ“ مثلاً، هن
مجموعي ۾ پهرين ڪهاڻي، ”گل انداز بادشاهه“، هن
طرح شروع ٿئي ٿي ته ”هڪڙو هو بادشاهه- بادشاهه
ته پاڻ الله آهي، پر هو زماني جو بادشاهه هو“
(1)؛ نائين ڪهاڻي، ”ڪرمان ۽ ڪوري بادشاهه“، هن
طرح شروع ٿيل آهي ته ”بادشاهن جو بادشاهه ربّ
پاڪ آهي، پر ڪوڙي زماني جو هڪڙو ڪو بادشاهه
هوندو هو- الخ“ (136)ـ ۽ ستٽيهين ڪهاڻي ”ڏتڙيل
شهزادي“ جي شروعات هن طرح ڪيل آهي ته ”هڪڙو هو
بادشاهه- بادشاهه ته پاڻ خدا تعالى آهي، پر هيءُ
به هڪ زماني جو بادشاهه هو- الخ“ (423). بعضي
مختصر لفظن سان ڪهاڻي شروع ڪندا ته ”چون ٿا ته“
يا ”ڳالهه ٿا ڪن ته“ (402). ڪهاڻيون کڻندي ڳالهه
جي وچ ۾ پڻ ٽيڪا طور ڪي خاص جملا استعمال ڪندا،
جيئن ته هن مجموعي جي نائين ڪهاڻي ”ڪرمان ۽ ڪوري
بادشاهه“ جي ڳالهه هلندي وچ ۾ هڪ خاص معترضو
جملو آندل آهي ته ”خير! ڳالهيون سگهيون پوريون
ٿين، ڏينهن پنهنجي مدي تي گذرن“ (136). ڪهاڻي جي
ختم ٿيڻ يا پڄاڻيءَ تي اڪثر چوندا ته ”اسان
ڪالهه به اهي پاڻ ۾ خوش ۽ کلندا ڏٺا هئا.“ مثلاً
هن مجموعي ۾، ڇٽيهين ڪهاڻي ”شينهن مار شهزادو“
جي پڄاڻي هن طرح ٿئي ٿي ته ”ڪالهه ڏٺوسين ته
شهزادي ۽ شهزاديءَ، محلات جي دريءَ ۾ بيهي، خوش،
راس، ڏاڍا ٽهڪ بيٺي ڏنا...“ (423). مجموعي طور
سان، نائين ڪهاڻي، ”ڪرمان ۽ ڪوري بادشاهه“
(136)، فني اعتبار سان ڪهاڻي جي کڻڻي، وچ واري
ٽيڪا توڙي آخري پڄاڻيءَ جي لحاظ سان نِسبتاً هڪ
عمدو مثال آهي؛ ۽ پڻ اٺاويهين ڪهاڻي ”لعل
بادشاهه ۽ هيرا راڻي“ (332) اسلوب بيان جي لحاظ
سان هڪ سهڻو مثال آهي.
ڪهاڻين جي روايت ۽ صحت:
سنڌي ڪهاڻيون گهڻو ڪري سڀ زباني روايتون آهن، جي سيني به سيني
هلنديون آيون آهن؛ جيئن ته انهن جو مدار محض
زباني روايت تي آهي ۽ نه ڪنهن لکيل متن تي،
انهيءَ ڪري جنهن به ماڻهوءَ کي ڪا به ڪهاڻي ياد
آهي ته ان کي هو پنهنجي زباني بيان ڪري ٿو ۽
پنهنجن لفظن ۾ ئي ادا ڪري ٿو. صرف ڪهاڻي جو
بنيادي خاڪو ۽ ان جي ٽاڻن جو سلسلو آڳاٽو آهي جو
وڏن کان ننڍن تائين پهتو آهي، باقي اسلوب بيان
هر راويءَ جو پنهنجو آهي. سنڌي لوڪ ڪهاڻين کي گڏ
ڪرڻ وقت اهو خاص احتياط رکيو ويو آهي ته هر هڪ
ڪهاڻيءَ کي راوي جي پنهنجن لفظن ۾ قلمبند ڪيو
وڃي، جيئن ته صرف ڪهاڻي جي خاڪي ۽ سٽاء، بلڪ ان
جي الفاظ ۽ اداء جي اصليت پڻ حتي المقدور قائم
رهي.
هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن مان قلمبند ڪيون
ويون. بعضي ساڳي ڪهاڻيءَ جون جدا جدا روايتون
مليون، جن مان جيڪي بالڪل ناقص هيون تن کي ڇڏيو
ويو، باقي جملي پوريون توڙي اڻ پوريون روايتون
ڀيٽي متن تيار ڪيو ويو ۽ اُن ۾ صرف ايتري ترميم
ڪئي ويئي ته جملا صحيح ۽ سولا ٿي بيهن. مجموعي
طور سان ڪهاڻي جي هر مڪمل روايت کي، هڪ مستقل
روايت طور قلمبند ڪيو ويو آهي، باقي هڪ جهڙين يا
قدري ناقص روايتن کي ڀيٽي انهن مان هڪ جامع
روايت تيار ڪئي ويئي آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل اوڻيتاليهن ڪهاڻين مان هر هڪ ڪهاڻيءَ جون جيڪي
روايتون جتان به مليون آهن تن جا حوالا ڪتاب جي
آخر ۾ شامل ’ضميمي‘ (437-440) ۾ ڏنا ويا آهن. ڪن
ڪهاڻين جي هڪ روايت ته ڪن جون هڪ کان زياده
روايتون مليون آهن، جن جو ضلعي ۽ تعلقيوار وچور
هيٺينءَ طرح آهي. ڏنل انگ ڪتاب ۾ ڪهاڻين جو
سلسليوار نمبر ڏيکارين ٿا.
ضلعو سکر |
ضلعو دادو |
ضلعو حيدرآباد |
|
ڪڪڙ 28 |
حيدرآباد 1، 5، 11، 15، 19، 29 |
اُٻاوڙو 4، 7، 10، 35، |
ڪوٽڙي 23 |
|
ميرپورماٿيلو 2، 13، 2، 21، 38. |
|
ٽنڊوالهيار 1، 11 |
|
ضلعو نوابشاهه |
گوني 9 |
پنوعاقل 5 |
نوشهرو فيروز 36 |
بدين 5، 8، 21، 27 |
روهڙي 1 |
|
|
شڪارپور 34 |
ضلعو سانگهڙ |
ضلعو ٿرپارڪر |
ضلعو لاڙڪاڻو: |
شهدادپور 27، 31، 32. |
سامارو 3، 6، 16، 26. |
شهدادڪوٽ 22 |
33، 39 |
مٺي 5 |
وارهه 12، 14، 29. |
|
ڇاڇرو 24 |
قنبر 1، 11، 18، 27. |
|
|
ميرو خان 17 |
|
ضلعو ٺٽو |
لاڙڪاڻو30 |
|
ٺٽو 25، 29. |
مٿئين تفصيل مان معلوم ٿيندو ته ڪي ساڳيون ڪهاڻيون اُتر، وچولي
توڙي لاڙ ۾ رائج آهن. مثلاً پهرين ڪهاڻي ”گل
انداز بادشاهه“ جون چار روايتون هر هڪ روهڙي،
قنبر، ٽنڊوالهيار ۽ حيدرآباد تعلقن مان مليون؛
پنجين ڪهاڻي ”شهزور بادشاهه“ جون پڻ چار روايتون
هر هڪ پني عاقل، مٺي، بدين ۽ حيدرآباد تعلقن مان
مليون؛ ۽ اوڻٽيهين ڪهاڻي ”شهزادو لال ملوڪ“ جون
ٽي روايتون واره، ٺٽي ۽ حيدرآباد تعلقن مان
مليون. ڪن ڪهاڻين جي مڪمل روايت فقط هڪ ڀاڱي مان
ملي آهي، پر انهن جا ڪي ٽاڻا ۽ واقعا ٻين ڀاڱن
مان مختلف نالن سان مليل ڪهاڻين سان ملن ٿا:
مثلاً ستين ڪهاڻي ”امير حمزو ۽ ڪڻڪ راڻي“ فقط
تعلقي اُٻاوڙي مان ملي، مگر ان جا ڪي واقعا ۽
ساماري تعلقي مان مليل ڇهين ڪهاڻي ”لال ملوڪ
بادشاهه“ جا ڪي واقعا پاڻ ۾ ملن ٿا. ان مان ظاهر
آهي ته آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ ۾ ڪهاڻيون عام
مقبول ۽ مروج رهيون آهن، جو راوين اُتر واريون
ڪهاڻيون لاڙ ۽ لاڙ واريون اُتر تائين پهچايون.
جيڪڏهن ڪهاڻين جو ذوق ايترو عام نه هجي ها ته هر
ڪهاڻي جو دائرو مڪاني طور محدود هجي ها.
جن ڪهاڻين جون هڪ کان زياده روايتون مليون، تن جي ڀيٽڻ سان
ڪهاڻين جي سٽاء ۽ سلسلي جي صحت قائم ڪئي ويئي
آهي، مگر جن ڪهاڻين جون فقط اڪيليون روايتون
مليون، تن مان ڪن ۾ روايت جا سُقم باقي آهن-
جيئن ته ستين، پنجويهين ۽ ٽيٽيهين ڪهاڻيءَ ۾- جن
ڏانهن هيٺ اشارا ڪجن ٿا:
ستين ڪهاڻي ”امير حمزو ۽ ڪڻڪ راڻي“ ۾ ديو امير حمزي جي ڪنوار کي
جهلي ٿو محض انهيءَ لاءِ ته امير حمزو انهيءَ
بهاني سان وٽس اچي. جڏهن امير حمزو آيو ته ديو
کيس نهايت عاجزيءَ سان عرض ڪيو ته ’ڏڦيل ديو‘
کانئس ڪڻڪ راڻي کسي ويو آهي جا امير حمزو
مهرباني ڪري کيس وٺي ڏئي. امير حمزي جو جواب
همدردي ۽ دلداري وارو آهي ۽ هو ديو کي ”چڱو
يار!... الاتوهار“ چئي موڪلائي سندس انهيءَ ڪم
سان وڃي ٿو ۽ پنهنجي ڪنوار کي وٽس ئي ڇڏي وڃي ٿو
(107). امير حمزي جي انهيءَ مرداني ڪردار جي
فطري طور اها تقاضا آهي ته ’ڪڻڪ راڻي‘ آزاد
ڪرائي اچي هن ديو کي پهچائي. پر راوي جي پنهنجي
غلطي يا سندس ٻڌل غلط روايت سببان، جڏهن امير
حمزو ڏڦيل ديو کي ماري ڪڻڪ راڻيءَ کي آزاد ڪري
ٿو ته سندس صحبت ۾ غرق ٿي وڃي ٿو. (124)؛ نه فقط
ايترو پر جڏهن واپس ديو وٽ موٽي اچي ٿو ته
باوجود انهيءَ جي جو ديو نهايت نياز منديءَ سان
ڳالهائي ٿو ته به امير حمزو غيرت ۽ خار (؟) وچان
ترار ڪڍي هڪ ئي ڌڪ سان سندس سسي ڌار ڪري ڇڏي ٿو.
(121). ڪهاڻيءَ جي سٽاءَ جي لحاظ سان ائين ڪرڻ
امير حمزي جي ڪردار جي خلاف آهي ۽ ظاهر آهي ته
اها روايت غلط آهي.
پنجيويهين ڪهاڻي ”ولايت شاهه“ واري جي آخري ۾، ولايت شاهه کي ٽي
خاص وٿون- لٺ، مڻيو ۽ سرمو- ملن ٿيون (291).
ڪهاڻيءَ جي انهيءَ سٽاء جي تقاضا آهي ته وڌيڪ
ڪارناما ڪري ۽ اهي وٿون کيس ڪم اچن: يا ڪم از ڪم
انهن وٿن جا ڪرتب بادشاهه کي ڏيکاري يا انهن جي
زور تي ظالم وزير کي مات ڪري. پرڀائنجي ٿو ته
راوي وٽ هن ڪهاڻيءَ جي انهيءَ آخري ڀاڱي جي
روايت کٽل هئي، جنهنڪري اهي وٿون جيئن ولايت
شاهه کي ملن ٿيون، تيئن بنا استعمال جي وٽس رهن
ٿيون ۽ ڪهاڻي پوري ٿي وڃي ٿي.
شهزادي ”ساعت ملوڪ“ واري ٽيٽيهين ڪهاڻيءَ ۾ ساعت ملوڪ کي هڪ
فقير ملي ٿو، جو ساڻس نيازمنديءَ سان پيش اچي ٿو
۽ کيس ”سيلهي ڏنڊو“ تحفو ڪري ڏئي ٿو. ساعت ملوڪ
طرفان پهريائين انهيءَ فقير تي سيلهي ڏنڊي جو
وار ٿئي ٿو. اڳتي وري ٻيو فقير ساعت ملوڪ سان
محبت سان ملي ٿو ۽ کيس ’فوري طعام مهيا ڪندڙ
ديڳڙي‘ سوکڙي ڪري ڏئي ٿو، پر ان کي پڻ سيلهي
ڏنڊي سان مارايو وڃي ٿو (396). ظاهر آهي ته اها
راويءَ جي پنهنجي غلطي آهي؛ جنهن بنا سوچ سمجهه
جي ساعت ملوڪ جي سڄڻن تي سيلهي ڏنڊي جو وار
ڪرائي کين مارايو آهي، ڇو ته اڳتي ٽيون فقير
ساعت ملوڪ کي ”اُڏند کٽولي“ تحفي طور ڏئي ٿو، پر
اُن کي ڪونه ٿو ماريو وڃي.
باوجود زباني روايتن جي انهن جزوي خامين جي، ڪهاڻين جو هيءُ
مجموعو سنڌي لوڪ ادب جو هڪ قيمتي سرمايو آهي،
جنهن کي وڏي ڪوشش ۽ احتياط سان سهيڙيو ويو آهي ۽
ڪافي ڌيان سان سوڌيو ۽ سنواريو ويو آهي.
-ن. ب
***
|