سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون -1

باب: -

صفحو :5

ڍول شهزادو

        هڪڙو هو بادشاهه: بادشاهه پاڻ خدا آهي،- هيءُ زمين جي ٽڪر جو بادشاهه هو، سج اڀرندي گهوڙي تي هنو رکندو هو، سڄو ڏينهن شڪار ڪري، سانجهيءَ جو تارن جي ڇانوَ ۾ اچي پلنگ تي ڪرندو هو. هن جي روز اها ڪار هئي. ڪو ڏينهن خالي نه ڇڏيندو هو.  هڪ ڏينهن جيئن هو شهر کان نڪري جهنگ ۾ پهتو، تيئن هن کي هڪ هرڻوٽو منهن پيو، ڪڍندي ئي ڪمان، ڇڪي ٺڪاءُ ڪرايائينس تير - هرڻوٽي جي اها ئي جاءِ! بادشاهه گهوڙي تان لهي، جيئن ئي تڪبير وجهڻ لاءِ چاقو ڪڍيو، تيئن ڏٺائين ته اهو هرڻوٽو هڪ ڳڀرو ڇوڪرو بڻجي پيو! بادشاهه حيران ٿي ويو، ڇوڪري جي رڙين تي هڪ غار مان هڪ ٻڍڙو فقير نڪري آيو. پٽ جي اها حالت ڏسي، فقير کي جلال اچي ويو، ۽ بادشاهه کي چيائين ته "شل پنڊ پهڻ ٿيندين!"، بادشاهه ڏٺو ته فقير ڪو الله وارو آهي، سو فقير جي پيرن تي ڪري پيو – چي، "سائين! منهنجي ڀـُـل آهي، مون کي معاف ڪر، مون تنهنجي نينگر کي ڪين سڃاتو - منهنجي ليکي هيءُ ڪو هرڻوٽو آهي."

فقير چيس "انڌا بادشاهه، چوندا آهن ته، بادشاهه کي ستر ولين جيتري ڪرامت ٿيندي آهي، تو وٽ ته ڪسيري جيتري به ڪانهي. هاڻي وڃ، تنهنجو بخت مارجي ويو. وڃي پٽ جي بخت ۾ کاءُ."

بادشاهه کي اولاد هو ئي ڪونه، سو فقير جي ڳالهه هن کي پوري سمجهه ۾ ڪا نه ويٺي، ڏاڍي فڪر ۾ پئجي ويو، نيٺ ڳڻتيون کائيندو کائيندو جڏهن گهر پهتو ته ڏٺائين ته شاهي خزانو سڙيو ڀسم ٿيو پيو آهي، گهر جي جنهن به ٽپڙ ٽاڙيءَ کي هٿ لائي پيو ته اهو اتي جو اتي جلي ڪيري ٿي پيو وڃي، - ايتريقدر جو کائڻ پيئڻ جون شيون به هٿ لڳڻ سان سڙي خاڪ ٿي ٿي ويون!

بادشاهه جڏهن ڏٺو ته تقدير بدلجي ويئي، تڏهن راڻيءَ کي چيائين ته "هاڻ پنهنجو بخت موڪلائي ويو؛ هل ته هيءُ ملڪ ڇڏي هاڻي ڪو ٻيو ملڪ وسايون، ’ديس پورهيو، پرديس بکيا‘پر پاڻ کان ته ديس ۾ پورهيو به ڪو نه ٿيندو، باقي رهيو پرديس، اتي نه ڪو ڄاڻي نه سڃاڻي، پني منگي پيٽ پالينداسون!" راڻيءَ چيو،"سائين ٻانهيءَ جي ڇا مجال جو سائينءَ جو حڪم نه مڃي، آءٌ به توهان سان گڏ، جيڏانهن وڻيو، اوڏانهن هلو." آخر ڪار ٻئي ڄڻا رات جي وڳڙي ۾ ملڪ ڇڏي ڪنهن پاسي روانا ٿي ويا.

بادشاهه کي راڻيءَ صلاح ڏني ته "تنهنجا يار دوستدار ڪيترائي آهين، ڇو نه ڪنهن وٽ هڪلي هلون؟ من انهن جي ڀاڳ ۾ ڪو ٽڪرڙو کائون." بادشاهه اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ انهيءَ ئي حالت ۾ وڌي هڪ دوست بادشاهه وٽ ويا، بادشاهه جي اها حالت ڏسي، سندس دوست ڏڪي ويو، پڇڻ تي بادشاهه به سڄي حقيقت ڪري ٻڌايس." مڙس منهن جي پڪائي ته نه ڇڏي، پر دل ۾ غوطا کائڻ لڳو؛ چي، "چوندا آهن ته ’نڀاڳو جنهن وڻ هيٺان ويهي، انهيءَ کي به سڪائي ڇڏي‘؛ سو متان ائين نه ٿئي جو ’خير ڏيندي هٿ سڙن‘. جنهن تي الله جو ڏمر، انهيءَ کي بندو ڪهڙي هٿي ڏيندو؟" پر لوڪ لڄان کان طعام تيار ڪرائي کڻي آيو، بادشاهه ۽ راڻي جنهن پلنگ تي ويٺا، سو سڙي خاڪ ٿي ويو، وري جو طعام کي هٿ لاٿائون، ته اهو به ڪيري! بادشاهه جي يار جڏهن اها حالت ڏٺي تڏهن رکيائين بادشاهه جي پيرن تي هٿ؛ چي، "سائين، خير سان ٽرو، پنهنجي ته سـُـڃ ڪري آيا آهيو، متان ٻئي جي ڌڳندي به وسايو!"

بادشاهه ۽ راڻي اها حالت ڏسي اتان وري اڳتي روانا ٿيا. ائين ڪيترن ئي دوستن وٽ ويا، ’پر هارو هارو ڪنگر ڪارو‘؛ ’توڙي وڃي روم، ته به ڍوڍو ۽ ٿوم‘!

آخر بادشاهه سڀ دوست گهمي بيٺو، گهڻي خيال ڪرڻ کان پوءِ ياد آيس ته اڃا به هڪڙو يار آهي. اڻ سرنديءَ کان پيا اوڏانهن پنڌ، ڏينهن ٻن بعد، جڏهن اتي پهتا، تڏهن انهيءَ بادشاهه کي هنن جي حالت ڏسي اکين مان پاڻي تري آيو. بادشاهه پنهنجو حال احوال ڏيندي کيس سڀني يارن جون سربستيون ڳالهيون به ٻڌايون. هن يار سچار جڏهن بادشاهه جي ڏکن جا داستان ٻڌا، تڏهن چيائين، "ادا، رک الله تي، جيڪڏهن قسمت اچي بگڙي آهي ته اسان به اوهان جا سنگتي آهيون، اڳي توهان ٻه آهيو، هاڻي کڻي چار ٿينداسون، ٻيو ڇا؟" هن يڪدم اچي طعام ۽ ڪپڙن جو بندوبست ڪيو. الله جي قدرت، هن جي حال تي ڌڻيءَ کي رحم اچي ويو ۽ هن دفعي طعام ۽ ڪپڙن کي اصل باهه ڪا نه لڳي، اتي ڪجهه بادشاهه ۽ راڻيءَ کي به هانءَ تي پاڻي پيو، نيٺ هو اتي ئي رهڻ لڳا.

بادشاهه کي اتي رهندي، ٿورائي ڏينهن گذريا، ته هڪ رات راڻيءَ بادشاهه کي ٻڌايو ته "مون کي اميدواري آهي." بادشاهه کي فقير واري اها ڳالهه ته "تون پٽ جي ڀاڳ ۾ وڃي کاءُ" وسري ويئي هئي. ڏکن ۾ هو اهڙو غلطان هو، هن کي ان ڳالهه جو گهڻو خيال ئي ڪو نه رهيو هو.

صبح جو جڏهن ٻيئي دوست شڪار تي ويا، تڏهن هن کي هڪ هرڻوٽو نظر آيو، تير ماريندي کيس فقير جو پٽ ياد آيو، ۽ ان سان گڏ فقير جو پاراتو به، هن کي ياد آيو ته گذريل رات راڻيءَ به کيس ٻڌايو هو ته "هوءَ ٻن جيئن سان آهي." اهو ياد ڪري پنهنجي دوست کي چيائين ته "ادا" هاڻي اسان جو ڀاڳ شايد جاءِ تي ايندو، پوءِ کيس فقير جو پاراتو ۽ راڻيءَ جي ٻن جيئن سان هجڻ جو ٻڌايائين، ۽ ملڪ موٽڻ لاءِ موڪل به گهرڻ لڳس، يار پهريائين ته منع پيو ڪريس، پر آخر موڪل ڏنائينس، ۽ وڃڻ وقت ٻڌايائينس ته سندس راڻيءَ کي به پيٽ آهي، انهيءَ تي انهن ٻنهي دوستن هڪ ٻئي سان وعدو ڪيو ته ’جيڪڏهن هڪڙي کي پٽ پيدا ٿئي ۽ ٻئي کي ڌيءَ، ته ٻنهي جي پاڻ ۾ شادي ڪرائينداسون.‘

بادشاهه جڏهن پنهنجي ملڪ ۾ آيو ته سندس رعيت ڏاڍي خوش ٿي. اهو ساڳيو سڙيل خزانو وري پنهنجي اصل صورت ۾ اچي ويو. رب ڏک ڏور ڪيس، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو "ڍول شهزادو" رکيائين.

ڍول شهزادو اڄ ننڍڙو، سڀان وڏو، جڏهن جوان ٿيو، تڏهن هيءُ به پنهنجي پيءُ وانگر شڪار جو شوقين ثابت ٿيو، اڃا به پيءُ کان چار پير چوکا کنيائين، پڻس ته تير ڪمان سان شڪار ڪندو هو، پر هيءُ هرڻن کي ”سُنبي“ سان ماريندو هو، يعني  گهوڙي کي ڊڪائي، جڏهن هرڻن جي مٿان وڃي پوندو هو، تڏهن سنبو انهن جي پٺيءَ ۾ وڃي کوڙيندو هو.

ڍول شهزادي جي ٻي عبادت هئي ته رڳو نر هرڻ ماريندو هو، تنهن ڪري ٿيندي ٿيندي هن جي ملڪ ۾ ڪو  هڪ نر هرڻ ڪو نه بچيو، هڪڙي هرڻي هئي، تنهن کي پيٽ هو، جنهن سمجهيو ته جيڪڏهن کيس هرڻوٽو ڄائو ته ڍول شهزادو انهيءَ کي به ماري ڇڏيندو، تنهن ڪري چڱو ائين سمجهيائين ته هيءُ ملڪ ڇڏي ڪنهن ٻئي بادشاهه جي بادشاهيءَ ۾ هلي وڃي.  اها ڳالهه ڳڻي، هوءَ اٿي پنڌ پيئي، ۽ هلندي هلندي هڪڙي ڏينهن شام جو هيءَ اچي هڪڙي باغ جي ويجهو پهتي، جڏهن رات ٿي تڏهن وڃي باغ ۾ چرڻ لڳي، اتي هن کي سور ٿيا ۽ ويم ڪري ٻچڙو ڄڻيائين. جڏهن صبح ٿيو، تڏهن مالهيءَ هرڻيءَ کي ڏسي، بادشاهه جي ڌيءَ کي، جا ان باغ جي مالڪياڻي هئي، اطلاع ڏنو. ملوڪزادي يڪدم باغ ۾ هلي آئي، ۽ هرڻيءَ جي ٻچڙي کي ڏسي، ان کي کڻڻ لڳي. چوندا آهن ته انهيءَ زماني ۾ هر ڪا شيءِ ڳالهائيندي هئي،- سو هرڻيءَ به ملوڪزاديءَ کي چيو ته "ڍول شهزادي جي سورن کان ته هتي ڀڄي آيس، پر جند هتي به نه ڇٽي." ملوڪزادي ڍول شهزادي جو نالو ٻڌي هرڻيءَ کان ان بابت پڇڻ لڳي، هرڻيءَ ڍول شهزادي جي صورت ۽ ان جي ڏاڍائيءَ جي سڄي ڳالهه ملوڪزاديءَ کي ٻڌائي. ملوڪزاديءَ چيو، "ڪنهن صورت ۾ اهو هت اچي سگهندو؟" هرڻيءَ جواب ڏنو "هن  ٻَٽَجي خذمت ڪر، ته اهو ئي وٺي ايندس."

اها ملوڪزادي اها هئي، جنهن جي پيءُ سان ڍول شهزادي جي پيءُ جي دوستي هئي ۽ هڪ ٻئي کي سڱ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هئائون، ملوڪزاديءَ کي هرڻوٽي کي خوب پاليو. پهريائين باغ جي ٻاهران ڏهه فوٽ ڪوٽ ڪڍايائين ۽ دروازو بند ڪري هرڻ کي باغ جي اندر ڇيڪ ڇڏي ڏنائين- جتان هو هڪڙي ڏينهن ٽپُ کائي ٻاهر هليو ويو، شهزاديءَ جي ٻانهي پوءِ هن کي ڌتاري وري ڪوٽ ۾ وٺي آئي، ۽ شهزاديءَ هڪدم ڪوٽ جو هڪ هٿ وڌائي ڇڏيو... ائيـــن ٿيندي ٿيندي شهزاديءَ جيئن جيئن ڪوٽ کي هڪ هڪ هٿ وڌائڻ شروع ڪيو، تيئن تيئن هرڻ به ٽپ وڌائيندو ويو، جڏهن ڪوٽ ويهه هٿ اوچو ٿي ويو، تڏهن ملوڪزاديءَ کي پڪ ٿي ته هرڻ هاڻي ڪافي طاقتور ٿي چڪوآهي، تنهن هرڻ کي چيو ته "تون ڍول شهزادي جي بادشاهيءَ ۾ وڃ ۽ هن کي هتي وٺي اچ!"

هرڻ ماءُ کان موڪلائي هليو ويو، ۽ جڏهن ڍول شهزادي جي حد ۾ پهتو تڏهن ڏٺائين ته هرڻين جو هڪ وڏو ولر بيٺو آهي، سڀڪا هرڻي چوڻ لڳي ته "هيءُ منهنجو مڙس آهي!" انهن ۾ جيڪا وڏي هئي، تنهن چيو ته "ترسو، مان فيصلو ٿي ڪريان." پوءِ هن کي چيائين، "هڪڙي هڪڙي رات هر هڪ وٽ رهه ۽ ڪڏهن ڪڏهن مون غريب کي به ياد ڪجان{!" هن سڀني هرڻين کي چيو ته "مون کي بادشاهه جو باغ ڏيکاريو ۽ اوهان سڀ بيفڪر ٿي، هلي اهو کائو." اهي سڀ خوش خوش سندس پوئتان هليون، باقي ٻڍڙي هرڻي، سا هن جي به اڳ ۾ هلڻ لڳي، جڏهن رات ٿي، تڏهن سڀ هرڻيون اچي باغ ۾ پيون ۽ ڀيلي ناس ڪري ڇڏيائونس، اسر وقت هليون ويون، پوءِ پاڻ باغ ۾ بالم ٿي ويهي رهيو.

صبح جو مالهي اچي باغ گهمي، ته سڄو سڃ ٿيو پيو آهي، رڳو هڪ سونن سڱن ۽ سونين ڇيرين سان هرڻ اندر ڏسڻ ۾ آيس، تنهن ڪري چاهيائين ته ’اهو سون انهيءَ هرڻ کان لاهي وٺان، ۽ پوءِ وڃي بادشاهه کي اطلاع ڏيان،‘ مالهي ڊوڙي وڃي پنهنجي زال کي سڏي آيو، ۽ ان کي در وٽ بيهاري چيائين ته “ٻانهون کنڊيري مضبوط ٿي بيهه ته مان هرڻ کي هوڏانهن وڃي هڪليان.” مالهيءَ جي هڪلڻ تي هر دروازي ڏانهن سٽ ڪئي ۽ مالهڻ جي ٽنگن جي وچ ۾ گوهي ڏيئي نڪري ويو، مالهڻ ويچاري ڪري پئي، مالهي منهن مهٽيندو سڌو ڍول شهزادي وٽ ويو، ۽ سڄي حقيقت وڃي ٻڌايائينس.

ڍول شهزادو گهوڙي تي سوارٿي، سنبو هٿ ۾ کڻي، ٿيو هرڻ جي پٺيان روانو، ۽ گهوڙو ڊوڙائي يڪدم اچي ويجهو پيس، هرڻ رکيو پيرن تي زور ته شهزادي به ڏني گهوڙي کي مـُـٺ، تمام گهڻو پنڌ ائين ڪلاڪن ۾ ڪٽجي ويو، نيٺ گهوڙو اچي ٿڪو، شهزادو به اچي ڪڪ ٿيو، پر هرڻ پنهنجي ويجهو اچڻ ئي نه ڏئيس، آخر شهزادي خيال ڪيو ته ’الائي ڪيترو پنڌ پري نڪري آيو آهيان، گهر جو دڳ هٿ ايندو، يا مفت ۾ رلي مرندس،‘ سو ڪڍندي ئي ڪمان ڪلهي مان ڇڪي اهڙو تير هنيائين جو وڃي هرڻ جي ٽنگ ۾ لڳو، هرڻ بيهي رهيو ۽ ڍول ڏانهن نهاري چيائين "انڌا شهزادا، باقي رڳو هڪ منزل جو پنڌ هو، پوءِ هلي مڱينديءَ جو منهن ڏيکاريانءِ ها!"

ڍول شهزادو ڳالهه سمجهي ويو، ۽ يڪدم گهوڙي تان لهي پنهنجو پٽڪو ڦاڙي، اچي هرڻ جو زخم ٻڌائين، ۽ گهڻو ئي پڇتايائين، ۽ هرڻ کان معافي پڻ گهريائين، پوءِ هرڻ کي چيائين  ته "تون رڳو رستو ڏيکاريندو هل، مان تو کي گهوڙي تي کنيو ٿو هلان." پر هرڻ چيس ته تون پرواهه نه ڪر، اڃا به تنهنجو گهوڙو مون کي پهچي نه سگهندو!"

آخر ٻيئي هلندا هلندا ان ملڪ ۾ پهتا. هرڻ ڏٺو ته سندس ماليڪاڻيءَ انهيءَ باغ جي ڀت کي ڏهه هٿ وڌيڪ وڌائي اوساري ڪرائي ڇڏي آهي ۽ ان جي مٿان وري لوهه جون سيخون ٽنبائي ڇڏيون اٿائين، هرڻ ڍول شهزادي کي چيو، ”يار، جيڪڏهن ٽنگ زخمي نه ڪرين ها ته اهي ڪوٽ جهل ڪو نه ڏين ها، پر هاڻي الله توهار اٿيئي." ائين چئي وٺي زور سان ڇلانگ ڏنائين، پر پوئين ٽنگ نه ڀڙايس، ۽ سيخ ۾ ٽنبجي بيهي رهيو ۽ پساهه پورا ڪيائين.

ملوڪزاديءَ جڏهن هرڻ کي ٽنگيل ڏٺو، تڏهن ڊوڙي آئي، جڏهن ڏٺائين ته هرڻ جي پوئين ٽنگ زخميل آهي، تڏهن ڏاڍو ارمان ٿيس. چي، "ناحق ڪوٽ تي سيخون هڻايم. خير جيڪي ٿيڻو هو سو ٿيو، پوءِ هرڻ کي اتان لهرائي ان جي مٿان ڇڄهري ٺهرائي ڇڏيائين.

ڍول شهزادو جڏهن پنهنجي سهري وٽ ويو، تڏهن ان سندس ترار ڏٺي، جنهن تي ٻنهي دوستن جو وعدو لکيل هو، ترار ڏسڻ کانپوءِ ڍول شهزادي جي شادي ملوڪزاديءَ سان ڪئي وئي،

ڍول شهزادو شاديءَ جي شوق ۾ ايترو مشغول ٿي ويو، جو پيءُ، ماءُ به وسري ويس، هڪ رات خواب ڏسي ته سندس پيءُ، ماءُ پنندا ٿا وتن! ڇرڪ ماري، ڪلمو ڀري، اٿي ويٺو. زال پڇيس، “ڀلو ٿيئي، خير ته آهي؟”شهزادي خواب جي ڳالهه ٻڌايس، صبح جو ڍول شهزادي سـُـهري کان پنهنجي وطن وڃڻ جي موڪل گهري، جنهن خوشيءَ سان اجازت ڏنيس.

ڍول شهزادو وڃڻ لاءِ سنبريو ته زال به ساڻس گڏ هلڻ لاءِ سنبري بيٺي، ڍول شهزادي گهڻو ئي کيس پليو ته رستي ۾ تڪليف آهي، پر هوءَ نه مڙي، ڀيڻ کي ويندو ڏسي، ڍول شهزادي جي سالي به وڃڻ لاءِ زور ڀريو. هو به جهل پل تي جهلجي نه سگهيو. چيائين، "مان ساندهه اٺ ڏينهن اڃ جهلي ٿو سگهان، تنهنڪري ضرور هلندس.”

خير سان ٽيئي ڄڻا موڪلائي روانا ٿيا، جڏهن ٻنپهرن جو پنڌ ڪيائون، تڏهن ڍول شهزادي جي سالي کي اچي اڃ ورايو، ڍول شهزادي کلندي چيس، “تو ته اٺن ڏينهن تائين اڃ جهلڻ لاءِ چيو هو؟ هاڻي پاڻ ڄاڻ.” پر ملوڪزاديءَ جي رت ريلو ڏنو، تنهن چيو، "ڪيئن به ڪري منهنجي ڀاءُ کي بچاءِ."

ڍول شهزادو انهن کي اتي ڇڏي، پاڻ پاڻيءَ جي ڳولا ۾ نڪتو. هڪڙي هنڌ ڏسي ته هڪ سائي ٻير بيٺي آهي. خيال آيس ته اتي ضرور پاڻي هوندو، سو هڪلي ويو اتي ڏسي ته هڪڙو پاڻيءَ جو تلاءُ آهي. پاڻيءَ جي مشڪ ڀري جڏهن ٻير هيٺان آيو، تڏهن خيال ڪيائين ته جهٽ ساهي پٽي وٺان، سو اتي ئي ٻير جي هيٺاڻ وڻ جي ٿڏي ڇانوَ هيٺان ويهي رهيو، ويهندي ئي ننڊ جي ڳهر اچي ويس ۽ اتي ئي سڪ ٿي ويو. خدا جي قدرت ڏسو، جو اتي هڪ پيئڻو نانگ رهندو هو، تنهن ڍول شهزادي جي وات ۾ زهر وجهي کيس ماري ڇڏيو.

جڏهن ڍول شهزادي جي سالي ۽ ملوڪزاديءَ ڏٺو ته شهزادو ڪو نه موٽيو، تڏهن سندس پير کڻي اچي انهيءَ تلاءَ تي نڪتا، ڍول شهزادي جي سالي ته سٽ ڪئي پاڻيءَ تي، باقي ملوڪزادي اچي مڙس کي اٿارڻ لڳي، ڀلا هن کي ته پڪي ننڊ هئي، سو ڪيئن اٿي؟ ويچاري ٽاڙهو ٽاڙهه دانهون ڪرڻ ۽ روئڻ لڳي، ڍول شهزادي جي سالي ته ڀيڻ ڏانهن نهاريو به ڪين، ۽ پاڻي پيئندي ڪيائين گهر ڏي منهن، ملوڪزادي ويچاري هڪ اڪيلي، ٻيو مڙس جو ڏک، اچي منجهي، جهٽ گذري ته جوڳيسر اچي انهيءَ تلاءَ تي نڪتا، پاڻي پي، جيئين ئي ڇانوَ ۾ ويهڻ لاءِ  ٻير ڏانهن آيا، تيئن ملوڪزاديءَ کي ڏسي عبرت ۾ پئجي ويا، پڇڻ تي ملوڪزاديءَ سڄو واقعو ٻڌاين، جوڳيسر ڍول شهزادي کي ڏسي سمجهي ورتو ته هن کي نانگ جي زهر ماريو آهي، تن يڪدم مڻ جي زور تي هن مان زهر ڪڍي ورتو، اتي شهزادي به پاسو ورايو ۽ گهڙي رکي ڪلمو ڀري اٿي ويهي رهيو.

جڏهن ملوڪزاديءَ سڄو قصو ٻڌايس، تڏهن جوڳيسرن کي گهڻو ئي انعام ڏنائين، ۽ الله جا شڪرانا ادا ڪري ملوڪزاديءَ سميت اڳتي روانو ٿيو.

ڪن ڏينهن جي مسافريءَ کان پوءِ نيٺ اچي پنهنجي ملڪ ۾ پهتا، ڍول شهزادي دل ۾ خيال ڪيو ته ’سال ٿي ويا آهن، ملڪ جي الائي ڪهڙي حالت ٿي هوندي؟ تنهن ڪري حال في الحال پڇا ڪجي؛ پوءِ جيئن هوندو، ائين ٿيندو.“ اها ڳالهه ڳڻي هو شهر جي ٻاهران اچي ترسيا. ڍول شهزادو ملوڪزاديءَ کي هڪ هنڌ تي لڪائي، پاڻ ويو شهر ۾. هڪ ماڻهو مليس، جنهن کان پڇا ڪيائين ته "هن بادشاهيءَ جو بادشاهه ڪير آهي؟ ۽ اهو ڪهڙي طبع جو آهي؟" تڏهن ان ماڻهوءَ ٻڌايس، "ادا، ڪهڙي ڳالهه ٻڌايانءِ، تون شايد ڪو پرديسي آهين، نه ته هر ڪو ڄاڻي ٿو ته هتي هڪ انصاف وارو بادشاهه رهندو هو. اوچتو ان جو پٽ ڍول شهزادو شڪار ڪندي گم ٿي ويو. بادشاهه ان جي ڏاڍي ڳولا ڪرائي، پر هو هٿ نه آيو. آخر بادشاهه ان جي غم ۾ روئي روئي انڌو ٿي ويو. پوءِ جلد ئي وزير ڦري بادشاهه بڻجي ويٺو، ۽ بادشاهه ۽ بادشاهه جي راڻيءَ کي محلات مان لوڌي ڇڏيائين. بادشاهه ويچارو ته الائي ڪٿي وڃي ڪريو آهي، باقي راڻي، سا ويچاري هيستائين پنندي رهي هئي. ٽيون ڏينهن جيڪا برسات پيئي هئي، تنهن ۾ مينهن کان بچڻ خاطر هڪ ڀت جي ڀر ۾ ويٺي هئي، جو مٿان اوچتو اها ڀت ڪري پيس، ۽ مري ويئي. هن ظالم بادشاهه کي جڏهن خبر پئي، تڏهن حڪم ڪيائين ته ’ڏاندن جو جوڙو ڊُڪائي، هر جي چوٽي راڻي جي وات ۾ وجهي ڍير تي اڇلائي اچوس! سو نيٺ ويچاريءَ کي ڍير تي اڇلائي ڇڏيائين، جتان خبر نه آهي ته سندس لاش ڪاڏي ويو!‘ ڍول شهزادي انهيءَ شخص کان پڇيو، ”جي ڍول شهزادو اچي وڃي ته پوءِ؟“ هن جواب ڏنو، "تنهنجو وات گلاب، پر هو هاڻي ڪٿي ٿو اچي! جي اچي وڃي ته جيڪر سڄي رعيت هن ظالم کي بـُـج بـُـج ڪري کوهي ڇڏي."

ٻئي ڏينهن تي ڍول شهزادي شهر جي پوڙهين پوڙهين کي خرچي ڏيئي چيو ته هو هر هڪ گهر ۾ اهو اطلاع خفيه نموني ۾ ڏيئي اچن ته "ڍول شهزادو اچي ويو آهي، ۽ سڀاڻي شام جو شهر ۾ ايندو!" ائين اها ڳالهه گهر گهر ۾ مشهور ٿي ويئي، صبح جو جيڪو ماڻهو جتان نڪتو، اتان لٺ، بانٺو، لوڙهه، ڪهاڙي هٿ ۾ ڪيو آيو، آخر شام ٿيندي ئي سڄيءَ خلقت اچي شهر جو در ورتو... ۽ ظالم وزير کي قتل ڪري ڍول شهزادي کي تخت تي ويهاريائون، ٻئي ڏينهن دائيءَ اچي شهزادي کي ٻڌايو ته "تنهنجو پيءُ مون وٽ لڪل آهي، اڄ جڏهن اهو ظالم خبيث وزير مري چڪو آهي، تڏهن اها ڳالهه ظاهر ٿي ڪريان!" ڍول شهزادي پيءُ کي گهرائي، ڳچيءَ لڳي ڏاڍو رنو، ۽ انهيءَ دائيءَ جو گهر سون سان ڀري ڇڏيائين.

 

●●●

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org