سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون -1

باب: -

صفحو :18

سورم راجا ۽ بيکٽ راجا

هڪڙو راجا هوندو هو، جو ڏاڍو زبردست هو. هن ڪيترائي ملڪ فتح ڪيا هئا. خزاني جا ڀنڊا ڀري ڇڏيا هئائين. مال متاع جي ته وٽس ڪمي ڪانه هئي، پر اولاد هوس ڪونه؛ تنهنڪري ٻي شادي ڪيائين. انهيءَ شادي مان کيس هڪ پُٽ ڄائو. مالڪ جا به عجيب ڪم آهن، سندس حڪمت جو ته انت ئي ڪونهي... بادشاهه جنهن کي اولاد جي هيتري سِڪ هئي، تنهن شهزادي جي ڄمڻ کان پوءِ جلد ئي وفات ڪئي، ۽ سندس پٺيان راڻي به اُٿي هلي، ۽ شهزادي کي ماٽيجي ماءُ سنڀالڻ لڳي.

شهزادو اڄ ننڍو سُڀان وڏو، نيٺ اچي جوان ٿيو. ماءُ پيءُ ته ڄمڻ سان ئي مري ويا هئس، جنهنڪري هو هن مائيءَ کي ماءُ سمجهندو هو ۽ هن جي ڏاڍي عزت ڪندو هو... پر مائي هئي، جا هن کي سهندي ئي ڪانه هئي، ۽ اُٿندي ويهندي پيئي ڇڙٻون ڏيندي هئس.

هڪڙيءَ رات جو، ڇوڪرو سُتو پيو هو، ته ننڊ ۾ ڇا ٿو ڏسي ته هڪ عاليشان محلات ۾ ڇپر کٽ تي سُتو پيو آهي، جتي سندس ٻه راڻيون آهن، جن مان هڪڙي سورم راجا جي ڌيءُ آهي ۽ ٻي بيکٽ راجا جي، ٻئي کيس پکي سان هوا ڪري رهيون آهن! شهزادو اوچتو خواب مان سجاڳ ٿيو، ته پهريائين کيس کِل آئي، پر پوءِ ويهي روئڻ لڳو. سندس ماٽيجي ماءُ ڏٺو ته اڳي ته شهزادو صبح جو سوير اٿندو هو، پر الائجي اڄ ڇو ڪونه اٿيو آهي- اهو خيال ڪري، هوءَ شهزادي وٽ آئي ۽ ڏٺائين ته شهزادو کِلي به پيو ۽ روئي به پيو. راڻيءَ هيءَ حالت ڏسي، عجب ۾ پئجي ويئي، ۽ ڇوڪري کان کلڻ ۽ روئڻ جو سبب پڇيائين، ڇوڪري جواب ڏنو ته ”ٻيو ڪو سبب ڪونهي، مون کان اوچتو کِل نڪري ويئي ۽ روئڻ اچي ويم.“ راڻيءَ  سبب ٻڌائڻ لاءِ گهڻو ئي زور ڪيس، پر ڇوڪر سچي نه ڪئي... تنهن تي راڻي اچي ڪاوڙي، ۽ حڪم ڪيائين ته ”هن بي ادب نالائق کي جهنگ ۾ وٺي وڃو، ۽ کيس ماري، سندس اکيون ڪڍي آڻي مون کي ڏيو.“ نوڪر ڇوڪري کي وٺي روانا ٿيا. پنڌ  ڪندي ڪندي، سورم راجا جي محلات وٽان اچي لنگهيا. انهيءَ مهل سورم راجا جي ڌيءُ، هار سينگار ڪري، محلات جي دريءَ مان ويٺي، شهر جو ديدار ڪيو. شهزاديءَ پري کان ئي ڇوڪري کي ڏسي ورتو، ۽ مٿس ڇڪن ٿي پيئي، ۽ سوچڻ لڳي ته تلوارن جي وچ ۾ ههڙي سهڻي ڇوڪري کي ڇو ٿا وٺي وڃن.

 جڏهن اهي سڀئي محلات جي هيٺان اچي لنگهيا، تڏهن شهزاديءَ ٻانهيءَ کي حڪم ڪيو ته ”هنن ماڻهن کان حال دريافت ڪري اچ، ته هي ڪير آهن، ۽ ڪاڏي ٿا وڃن؟ ڇوڪرو ڪير آهي ۽ هن کي ڪيڏانهن ٿا  وٺي وڃن؟“ حڪم ملندي ئي ٻانهي هنن وٽ آئي ۽ کانئن پڇا ڪيائين... پر هنن سچي نه ٻڌائي. تنهن تي شهزاديءَ هنن کي پاڻ وٽ گهرايو، ۽ چيائين ته ”سچي حقيقت نه ٻڌائيندؤ ته اوهان کي ڦاسيءَ چاڙهائينديس، ۽ سچ چوڻ سان جيئدان ملندوَ.“ هنن به ڏٺو ته سچ ڳالهائڻ کانسواءِ ٻيو چارو ڪونهي، تنهنڪري نيٺ سچي ڳالهه ٻڌايائون. ڳالهه ٻڌي شهزاديءَ چين ته ”هي شهزادو اسان جي حوالي ڪريو، ته اوهان کي انعام ملندو، ۽ اوهين جهنگ مان ڪو هرڻ ماري، انهيءَ جون اکيون ڪڍي، وڃي انهيءَ رَن کي ڏيو.“ هنن به ڏٺو ته جي انڪار ڪنداسون ته هيءَ شهزادي ڇوڪرو به وٺي ويندي، ۽ ناحق موچڙا به کائينداسون، تنهنڪري لاچار قبول ڪيائون. شهزاديءَ هنن کي گهڻيئي  ڌَن دولت ڏني ۽ هو ڇوڪرو کيس ڏيئي واپس روانا ٿيا. ويندي ويندي، جهنگ مان هڪڙو هرڻ ماري، ان جون اکيون ڪڍي آڻي انهيءَ ڏائڻ کي ڏنائون، جا ڏسي ڏاڍي خوش ٿي.

شهزاديءَ ڇوڪري جي تعليم لاءِ ڏاڍو سهڻو انتظام ڪيو، ۽ هن اهي سڀ علم پرايا، جيڪي بادشاهن لاءِ ضروري آهن. ڇوڪرو بادشاهي ٻار ته اڳيئي هو، وري جو صورت سهڻي ۽ لڇڻ چڱا هئس، تنهنڪري سڀ ڪنهن کي پئي وڻيو، سورم راجا به کيس گهڻو ئي پيار ڪندو هو.

سورم راجا جي ڀرسان بيکٽ راجا جو ملڪ دنگئي هو. هڪڙي ڏينهن بيکٽ راجا هن کي ڪاٺيءَ جا ٻه ٽڪرا هڪجيڏا ۽ هڪجهڙا، هڪ ٽڪر ڪاٺيءَ جي هيٺئين ڀاڱي يعني گوڍ جو ۽ ٻيو مٿئين ڀاڱي يعني ڇٽيءَ جو ڏياري موڪليا، ۽ کيس نياپو موڪليائينس ته ”تنهنجي سياڻپ ۽ عقل جي چوڌاري ناموس آهي، تنهنڪري هي ڪاٺيون موڪليان ٿو- مهرباني ڪري سڃاڻي ڏي ته ڪهڙي گوڍ جي ڪهڙي ڇَٽيءَ جي آهي.“ راجا ڪاٺيون ڏٺيون، ته ٻيئي هڪجيڏيون ۽ هڪجهڙيون! گهڻو ئي جاچيائين، پر کيس خبر نه پيئي. اميرن وزيرن کان پڇيائين، ۽ ٻيا به ڪيترا ڏاها ۽ سمجهو ماڻهو هتان هُتان جا گڏ ڪيائين، پر ڪوبه سَلي نه سگهيو. راجا کي ڏاڍو ارمان ٿيو ته ملڪ ۾ خواري ٿيندي. دنيا چوندي ته سڄي ملڪ ۾ اهڙو عاقل ڪونهي، جو ڪاٺيون سڃاڻي سگهي. ڇا سڄو ملڪ بيوقوفن سان ڀريل آهي؟ اها ڳالهه ڇوڪري جي به وڃي ڪن پيئي، ۽ هو راجا وٽ آيو، ۽ کيس چيائين ته ”اوهان غمگين ڇو ٿيا آهيو؟“ آءٌ انهيءَ جو پتو لهي ٿو ڏيانوَ.“ ائين چئي، نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته هڪ شاهي ڪُونر پاڻيءَ سان ڀري تيار ڪريو. جڏهن ڪُونر پاڻيءَ سان ڀرجي تيار ٿيو، تڏهن ڇوڪري اُن ۾ ٻئي ٽڪر ڪاٺيءَ جا وڌا، گوڍ وارو ٽڪر، جو هلڪو ٿيندو آهي، اهو ترندو رهيو ۽ ٻيو ٻڏي ويو. ڇوڪري ٻيئي ٽڪر راجا کي ڏيکاري، چيو ته ”هي گوڍ جو ٽڪر آهي، ۽ هي ڇٽيءَ جو.“ راجا هن جي عقل تي گهڻو خوش ٿيو، ۽ کيس ڪيترو ئي انعام ڏنائين. پوءِ راجا اهي ٽڪر جدا جدا ڪري بيکٽ راجا ڏي موڪليا. جو خوش ٿيو، ۽ سندس درٻار ۾ سورم راجا جي عقل جي واکاڻ ٿيڻ لڳي، پر ڪن درٻارين چيو ته ”ڪاٺيون ته ٻار به سڃاڻي ويندو، انهيءَ ۾ عقل جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ راجا جو ٻيو ڪو آزمودو وٺڻ گهرجي!“

بيکٽ راجا وٽ هڪ ڀلي گهوڙي هئي، جنهن مان هڪ وڇيري ڄائي. اُها جڏهن وڏي ٿي، تڏهن رنگ روپ ۾ هوبهُو ماءُ جهڙي ٿي پيئي، ۽  ڪو به سڃاڻي ڪونه سگهندو هو ته ماءُ ڪهڙي ۽ ڌيءُ ڪهڙي. راجا ڇا ڪيو، جو آزمودي لاءِ اهي ٻئي گهوڙيون سورم راجا ڏي ڏياري موڪليائين ته ”سڃاڻي ڏي ته انهن ۾ ماءُ ڪهڙي آهي ۽ ڌيءُ ڪهڙي؟“  گهوڙيون جڏهن سورم راجا وٽ پهتيون، تڏهن هن گهڻي جاچ ڪئي، پر بنهه سڃاڻي نه سگهيو. اميرن وزيرن ۽ ڪيترن ئي گهوڙن جي ڄاڻن به هيڏانهن هوڏانهن گهوڙين کي ڏٺو جانچيو، پر ڪوبه خاطريءَ سان ٻڌائي ڪين سگهيو ته ڪهڙي ننڍي ڪهڙي وڏي. آخر ۾ راجا شهزادي کي گهرايو، جنهن ڳالهه ٻڌي هام هنئي ته ”آءٌ اهي گهوڙيون سڃاڻي ڏيندس. ڇا ڪيائين، جو ٻه سوار گهرائي، انهن کي چيائين ته ”گهوڙين تي چڙهي خوب ڊوڙايونِ، ۽ جڏهن آءٌ حڪم ڏيان، تڏهن موٽائي هيڏانهن ڪاهي اچون.“ سوارن حڪم مڃي، گهوڙين کي خوب ڊوڙايو، ڪئين ماڻهو تماشي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ، جڏهن شهزادي ڏٺو ته هاڻي گهوڙين کي چڱي طرح پگهر نڪتو هوندو، تڏهن اُانهن کي وٺي اچڻ جو حڪم ڏنائين. سوارن گهوڙيون آڻي حاضر ڪيون. تڏهن شهزادي حڪم ڏنو ته ”گهوڙين کي پاڻيءَ جي جدا جدا ڪُونرن تي ڇڏيو ته پاڻي پيئن.“ جڏهن گهوڙيون ڪونرن تي ڇڏيون ويون، ته هڪڙي گهوڙي يڪدم پاڻي پيئڻ لڳي، پر ٻي گهوڙي ڪجهه ساهي پٽي پوءِ پيئڻ لڳي. شهزادي، اهو ڏسي، بادشاهه کي چيو ته ”جنهن ساهي کڻي پاڻي پيتو، اُها ماءُ آهي ۽ جنهن يڪدم پاڻي پيتو، اُها ڌيءُ آهي.“ راجا شهزادي جي عقل جي ڏاڍي تعريف ڪئي، ۽ کيس گهڻو ئي انعام اڪرام ڏيئي خوش ڪيائين. انهيءَ کانپوءِ، راجا اُهي گهوڙيون بيکٽ راجا ڏي واپس موڪليون ته فلاڻي ماءُ آهي ۽ فلاڻي ڌيءُ.

تنهن کانپوءِ بيکٽ راجا وري سورم راجا ڏانهن هڪڙو وڏو ۽ ٿلهو متارو هاٿي ڏياري موڪليو ته ”هن جي اسان کي تور ڪرائي موڪليو!“ هيءَ ڳالهه ٻڌي، سورم راجا جي وزيرن جي منهن جو پنو ئي ڇڏائي ويو، ۽ وات ڦاٽي وين- چي، ”هاٿيءَ جي تور ڪهڙي ساهميءَ ۾ ٿئي، ۽ اُن لاءِ تورا ڪٿان اچن!“ راجا وري به شهزادي کي گهرايو، جنهن چيو ته ”هيءَ ڳالهه ته تمام سولي آهي! هيئن ڪيو، جو هاٿيءَ کي کڻي هڪ ٻيڙي ۾ چاڙهيو!“ جڏهن ائين ڪيو ويو، تڏهن هاٿيءَ جي بار سبب ٻيڙي جيترو هيٺ پاڻيءَ ۾ جهڪي ويئي، اُتي شهزادي نشان ڪري ڇڏيو. پوءِ هاٿي کي هيٺ لاهي، ٻيڙيءَ ۾ پٿر ۽ سرون وجهائڻ شروع ڪيائين. جڏهن ٻيڙي ساڳئي اِنڊي تي پهتي، تڏهن انهن سرن ۽ پٿرن جي تورڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ چيائين ته ”جيتري هنن پٿرن ۽ سرن جي جملي تور، اوترو هن هاٿيءَ جو وزن!“

بيکٽ راجا کي جڏهن هاٿيءَ جي تور ملي، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ راجا جي عقل جي ساراهه ڪرڻ لڳو، پر اڃا به هڪ دفعو آزمائڻ جو خيال ڪيائين، سو کيس چوائي موڪليائين ته ”مون تنهنجي عقل جي پرک ٿي ڪئي؛ تون بيشڪ ڏاهو آهين؛ پر اڃا به هڪ آزمودو وٺان ٿو؛ پر جي اُن ۾ هارايئي، ته اڳيون ڪيل ڳالهيون به اجايون ويون. ڳالهه هيءَ آهي ته منهنجي سمهڻ واريءَ کٽ جي هيٺان سوني سِر ۽ هڪ چندن بتي پوريل آهي. اُهي جي ڪنهن اٽڪل سان کڻي ويندين، ته سمجهندس ته تون برابر عاقل آهين.“ نياپي موڪلڻ کانپوءِ، راجا پنهنجي ماڻهن کي خبردار ڪيو ته انهيءَ ڳالهه جو خاص خيال رکن جيئن اهي شيون کڄي نه وڃن. انهيءَ کان سواءِ، راجا شهر جي ٻاهران به سخت پهرو مقرر ڪيو ته ڪنهن به شڪي ماڻهوءَ کي شهر ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي، ۽ محلات ۽ پنهنجي سمهڻ واري ڪمري جي چوڌاري پهريدار مقرر ڪري ڇڏيائين. سورم راجا کي جڏهن اهو نياپو مليو، تڏهن هن شهزادي کي گهرائي، سڄي حقيقت ٻڌائي. شهزادي راجا کي دلداري ڏني ته ”اوهان فڪر نه ڪريو، اهي شيون آءٌ اوهان کي آڻي ڏيندس. جيڪڏهن راجا ايترو پهرو بيهاريو آهي، ته آءٌ به لڪي ڇپي اهي شيون ڪونه کڻندس، پر ٻولائي چولائي کُليون کلايو کڻي ايندس. لِڪي کڻڻ بُزدليءَ جو ڪم آهي. تنهنڪري اوهين راجا کي خبر ڏيو ته ”اسين اچون ٿا- اوهان کي جيڪو انتظام ڪرڻو هجي، سو ڪري وٺو، متان پوءِ اسان کي ميار ڏيو ته لڪي کڻي ويا.“ راجا اهڙو اطلاع بيکٽ راجا ڏانهن موڪليو، جنهن کي ٻڌي هن مرڪي ڏنو، پر اُن هوندي پنهنجي ماڻهن کي خبردار رهڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين.

ٿورن ڏينهن کانپوءِ، شهزادو روانو ٿيو ۽ اچي بيکٽ راجا جي شهر جي ويجهو پهتو. ڏسي ته شهر جي چوڌاري زبردست پهرو آهي. خيال ڪيائين ته ڪنهن اٽڪل سان اندر وڃڻ گهرجي، سو ڦاٽل ٽُٽل ڪپڙا پائي هٿ ۾ ڪِشتو کڻي، منڊڪائيندو منڊڪائيندو شهر ۾ داخل ٿيڻ لڳو. پهريدارن کيس ڏسي، هڪل ڪئي ته ”خبردار! اتي ئي بيهي رهه!“ هُو ويچارو اتي ئي بيهي رهيو. پهريدارن هن کان پڇيو ته ”ڪير آهين، ۽ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ ڇوڪري گهڻيءَ عاجزيءَ سان جواب ڏنو ته ”آءٌ هڪ يتيم پينو ٻار آهيان، منهنجو ڪوبه مائٽ مٽ ڪونهي، تنهنڪري مُلڪ گهمي، شهرن مان پِني پيو گذر ڪريان.“ انهيءَ تي پهريدار کي مٿس قياس اچي ويو، ۽ هن کي شهر ۾ وڃڻ جي اجازت ڏنائون.

ڇوڪر خيال ڪيو ته آءٌ نئون ماڻهو آهيان، شهر جي حال معلوم ڪرڻ لاءِ ڪجهه پاسيرو ٿي رهجي ته بهتر؛ تنهنڪري ڏسندو ڏسندو، شهر جي هڪ ڪنڊ تي هڪ غريب پوڙهيءَ ڪنڀارڻ وٽ اچي نڪتو، جنهن کي پاڻ وٽ رهائڻ لاءِ چيائين، مگر پوڙهيءَ ڪاوڙجي چيس ته ”مون وٽ جاءِ ڪانهي، ڇو ته شهر جي راجا جو حڪم آهي ته ”ڪوبه  ڪنهن ڌارئين ماڻهوءَ کي پاڻ وٽ نه رهائي.“  اهو جواب ٻڌي، ڇوڪر پوڙهيءَ کي هڪڙي سوني مُهر ڪڍي ڏني ۽ چيائينس ته ”جيستائين آءٌ تو وٽ رهندس، تيستائين توتي آءٌ ڪوبه پنهنجو بار نه وجهندس، بلڪ تنهنجو خرچ به منهنجي ذمي آهي.“ غريب مائي، جنهن پنهنجي ڄمار ۾ ٽامي جو ٽَڪو به مشڪل سان ڏٺو هو ۽ پِني پيٽ پاريندي هئي، تنهن سوني مُهر جو ڏٺي، ته هرکجي پيئي، ۽ هن کي پاڻ وٽ رهڻ ڏنائين، ۽ چيائينس ته ”آءٌ تنهنجي ناني ۽ هيءُ تنهنجو گهر- ويٺو موجون ڪر.“ ڇوڪرو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ پوڙهيءَ کي ٻيا پيسا ڏنائين، جنهن جو هوءَ سيڌو سامان وٺي آئي، ۽ اچي ماني تيار ڪيائين، جا ٻنهي کائي ڍؤ ڪيو. ان کانپوءِ، پوڙهيءَ کيس هنڌ وڇائي ڏنو، جنهن تي هو سمهي پيو ۽ مزي جي ننڊ ڪيائين، تان جو صبح جو سجاڳ ٿيو ۽ سارو ڏينهن پوڙهيءَ کان شهر بابت حال احوال وٺندو رهيو.

ٻيءَ رات شهزادي ڇا ڪيو، جو هڪڙي پَني تي لکيائين ته ”سوني سِر ۽ بَتي کڻڻ لاءِ راجا سورم اچي ويو آهي، بيکٽ راجا کي جيڪو بندوبست ڪرڻو هجي، سو ڪري وٺي.“ ۽ اُهو پنو محلات جي در تي هڻي آيو. صبح جو راجا جي نوڪرن اُهو پنو پڙهيو، ته عجب ۾ پئجي ويا، ۽ ترت ئي راجا کي خبر ڪيائون، ۽ پنو به وڃي کيس ڏنائون. راجا به عجب ۾ پيو، ۽ پهريدارن تي ڏاڍو ڏمريو، ۽ اڃا به وڌيڪ خبردار رهڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين، ۽ هڪڙي هوشيار ماڻهوءَ کي چونڊي حڪم ڏنائين ته ”تون هڪڙو اُٺ ٽَڪن سان ڀَري، شهر ۾ هوڪو ڏيندو وڃ ته ”سورم راجا شهر ۾ اچي ويو آهي... جيڪو به ماڻهو اسان کي اُن جو ڏسُ ڏيندو، تنهن کي هي سڀ مال ڏبو.“ حڪم موجب بيکٽ راجا جو ماڻهو، اُٺ ٽڪن جو ڀَري، سڄي شهر ۾ اعلان ڪندو هلندو رهيو.

ڇوڪري وري ڇا ڪيو، جو رات ٿي، ته ڦاٽل ۽ ميرا ڪپڙا ڪري، ڏسي وائسي، بزار ۾ هڪڙي ڪنڊ وٺي، ٿورو ٽانڊو ٻاري، وڃي ويهي رهيو، ڪنهن مهل سُتو ٿي، ته ڪنهن مهل اُٿي ٿي ويٺو. جڏهن هوڪي وارو اُٺ سميت ڪجهه ويجهو ٿيو، ته ڇوڪري وٺي رڙيون ڪيون. دانهن تي هو ڊوڙي وٽس آيو، ۽ سبب پڇيائينس. ڇوڪري چيو ته ”سائين آءٌ غريب فقير آهيان ۽ سارو ڏينهن پِني پِني رات ٿي، ته اچي هت سُتو هوس، اوهان جي اچڻ کان ٿورو اڳ هڪڙي ماڻهوءَ اچي چيو ته ”مون کي راجا جون شيون کڻڻيون آهن... تون پنهنجا ڪپڙا لاهي ڏي، ته اُهي پائي شيون کڻي اچان، جيئن چور سمجهي ڪو جهلي نه وجهيم.“ مون انڪار ڪيو ته زوريءَ مون کان ڪپڙا ڦرڻ لڳو، جنهن تي مون رڙيون ڪيون ۽ هو توهان کي پريان ايندو ڏسي ڀڄي ويو.“ هوڪي واري پڇيو ته ”ڪيڏانهن ويو؟“ ڇوڪري جواب ڏنو ته ”سامهون گهٽيءَ ۾“ هوڪي وارو تڪڙو تڪڙو اوڏانهن روانو ٿيو. ڳچ پنڌ اڳتي ويو پر ڪجهه ڪونه ڏٺائين، تڏهن واپس موٽيو. ڇوڪري، هن کي وري ايندو ڏسي، وٺي رڙيون ڪيون، ته هوڪي وارو به تڪڙو ڊوڙي آيو، ۽ پڇيائينس ته ”وري ڇا ٿيو؟“ ڇوڪر چيو ته ”سائين! مون جو اوهان کي ڏسُ ڏنو ۽ اوهين هن جي پٺيان ويا، ايتري ۾ هو وري مون وٽ آيو، ۽ چيائين ته ”تو منهنجو ڏسُ ڏنو آهي ۽ آءٌ توکي ماري ڇڏيندس.“ ائين چئي، مارڻ لاءِ سنڀريو، ته مون وٺي دانهون ڪيون، پر وري به توهان کي ايندو ڏسي ڀڄي ويو، ۽ ويندي چوندو ويو ته ’آءٌ توکي جيئرو نه ڇڏيندس.‘ هوڪي واري چيو ته ”هاڻي هيئن ڪر، جو تون پنهنجا ڪپڙا مون کي ڏي، ۽ منهنجا ڪپڙا تون پائي، اُٺ وٺي، ٿورو پريان لِڪي ويهه. آءٌ هن کي جهلڻ بعد پاڻهي توکي سڏ ڪندس.“ پوءِ ٻنهي ڪپڙا بدلايا، ۽ هوڪي وارو اُتي ويهي رهيو، ۽ ڇوڪرو اُٺ ڪُهي، گوشت ڪنڀارڻ کي رڌي تيار ڪرڻ لاءِ ڏيئي، پاڻ اتان روانو ٿيو، ۽ سڌو اچي محلات جي دراوزي تي پَنو هنيائين ته ”اڄ سورم راجا، بادشاهه جي هوڪي واري کان ٽڪن سوڌو اُٺ ڦري ويو. راجا کي خبردار ٿيڻ گهرجي.... جيڪو به بندوبست ڪرڻو هجيس، سو ڪري ڇڏي!“

هوڏانهن هوڪي وارو ڳچ وقت ويٺو ۽ ٽانڊن تي هٿ تئيندو ۽ هيڏانهن هوڏانهن لؤڻا ڦيرائيندو رهيو، پر ڪوبه ڪونه آيو، جڏهن ويهي ويهي ٿَڪو، تڏهن اٿي ڇوڪري جي جاچ ڪرڻ لڳو ته متان چور ان کان اُٺ نه کسي ويو هجي- پر ڇوڪرو نه ڏسي، سمجهي ويو ته ’چور هو ئي اهو پاڻ، جو مون کان ٽڪن سوڌو اُٺ به ڦُري ويو!‘ گهڻي جاچ ڪيائين، پر پتو نه پيس؛ نيٺ خيال ڪيائين ته چور اُٺ ضرور ڪُهي کاڌو هوندو، پر ايترو سارو گوشت هو اڪيلو پاڻ ته کائي ڪين سگهيو هوندو... تنهنڪري هيڏانهن هوڏانهن شهر ۾ هوڪو ڏيڻ لڳو، ته منهنجي زال بيمار آهي؛ اُٺ جي گوشت لاءِ طبيب ڏس ڏنو آهي؛ ڪنهن وٽ اٺ جو گوشت هجي، ته پئسن تي مون غريب کي ڏئي ته دعا ڪريانس.“ هوڪو ٻڌي، پوڙهيءَ ڪنڀارڻ کي هن تي قياس آيو ته هن غريب جي زال بيمار آهي، ڀلي ڪنهن غريب جو ڀلو ٿئي. سو، هن کي سڏ ڪري، کيس ڪجهه گوشت  ڏنائين. هن سَهي ڪيو ته چور  هتي آهي، پر اهو خيال ڪيائين ته اڪيلو آهيان، متان چور مون کان ڀڄي وڃي، تنهنڪري ڪنڀارڻ جي گهر اتي اُٺ جي رت سان نشان ڪري ڇڏيائين، ته صبح جو پنهنجا ماڻهو وٺي اچي چور کي پڪڙيندس.

ڇوڪرو، بادشاهه جي محلات کان واپس اچي، پنهنجي گهر ۾ ٿي گهڙيو، ته در تي رت جو نشان ڏٺائين. اندر اچي پوڙهيءَ کان پڇيائين ته ”هي نشان ڪنهن ڪيو آهي؟“ پوڙهيءَ سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايس. هن سهي ڪيو ته هيءَ هوڪي واري جي چالاڪي آهي، ۽ سڃاڻپ لاءِ نشان ڪري ويو آهي. پوءِ پاڻ ڇا ڪيائين، جو اُٺ جو رت کڻي پاڙي ۾ جيڪي به گهر هئا، تن سڀني جي درن تي اهڙا نشان ڪري ڇڏيائين، ۽ پاڻ بيفڪر ٿي اچي ماني کائي سمهي پيو. هوڪي وارو، صبح جو سوير اٿي، مُڇون وٽي، پوليس ساڻ وٺي، چور کي گرفتار ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، جڏهن انهيءَ پاڙي ۾ آيو، تڏهن سڀني گهرن جي درن تي هڪجهڙا نشان ڏسي، ڏاڍو ڦڪو ٿيو، ۽ هٿين خالي جهڙو آيو هو تهڙو واپس موٽي ويو. هوڏانهن محلات جي چوڪيدار دروازي تي پَنو ڏٺو، ۽ لاهي کڻي ويو راجا وٽ، راجا کي ڏاڍو تعجب ٿيو... ۽ ايتري ۾ هوڪي واري به اچي راجا سان سموري حقيقت ڪئي. راجا کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ پهريدارن کي ٻيءَ رات وڌيڪ خبردار رهڻ جي تاڪيد ڪيائين.

ٻيءَ رات ڇوڪرو به گهران سهي سنڀري روانو ٿيو، پهريدارن جي گهرن وٽ پهچي، ڏٺائين ته نوڪريءَ تي وڃڻ لاءِ تيار پيا ٿين. هن وجهه وٺي، ٻه ٽي ڀتر اندر اُڇليا، ۽ پاڻ اتي ئي لڪي ويهي رهيو. پهريدار اهو ڏسي ٻاهر نڪتا، پر کين ڪوبه ڪونه ڏسڻ ۾ آيو. هو جو تڪڙ ۾ ٻاهر نڪتا هئا، سو انهن مان ڪي پوريءَ طرح تيار به ڪونه هئا، ته ڇوڪرو جنهن هڪڙو ٽپڻو به پاڻ سان آندو هو، سو کڻي منجهانئس هڪڙي جي گهر گهڙي ويو. زالون اچي گڏ ٿيون، جن کي چيائين ته ’آءٌ غريب برهمڻ آهيان، ڪجهه جوتش به ڄاڻندو آهيان، هونئن ته شهر مان ڪجهه نه ڪجهه ملي پوندو اٿم. پر اڄ سڄو ڏينهن رليو آهيان ته ڪٿان ڪجهه نه مليو اٿم. ڌڻيءَ جي نالي ڪجهه ڏيوم، ته اوهان کي آسيس ڪريان.‘ زالن هن کي غريب برهمڻ سمجهي، دان ڏنو، ۽ پڇيائون ته ”جيڪڏهن تون جوتش ڄاڻين ٿو، ته ٻڌاءِ ته اسان جا مڙس سورم راجا کي جهلڻ لاءِ ويندا، سي هن کي پڪڙي سگهندا، يا نه؟“ هن ٽپڻو ڪڍي وار نکيشتر تِٿين جا آڏا اُبتا حساب ڪري، زالن کي چيو ته ”سورم راجا کي هو پڪڙيندا ضرور، پر اڄ رات اوهان کي هڪڙي تڪليف ٿيندي، جو اوهان وٽ اگهاڙا ڀوُت ايندا، جن کي اوهين اچڻ نه ڏجو. هو اوهان کي گهڻو ئي چوندا ته ’اسين اوهان جا مڙس آهيون، اسان کي ڪپڙا ڏيو‘؛ پر اُهي اوهان جا مڙس نه هوندا  ۽ اوهان سان ڪوڙ ڳالهائيندا. هو زوريءَ به اوهان وٽ اچڻ جي ڪوشش ڪندا، پر اوهان ڪنهن به صورت ۾ هنن کي اچڻ نه ڏجو، منهنجي صلاح اٿوَ ته جڏهن هو اچن ته هنن کي ڀتر هڻي ڀڄائي ڪَڍجو... ۽ ان لاءِ ڀتر چونڊي، ڪوٺيءَ جي هڪڙي ڪنڊ ڀري ڇڏيو.“ زالن اها ڳالهه مڃي، ڀتر چونڊي، پنهنجي پنهنجي ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ڀري ڇڏي، ۽ ڇوڪر ٽپڻو کڻي ٻاهر روانو ٿيو.

ڇوڪر گهرن جي ڀرسان هڪڙي تلاءَ تي اچي ويٺو. پهريدار رُلي رُلي جيئن واپس ٿي وريا، ته ڇوڪر تي نظر پين. ويجهو اچي کانئس پڇيائون ته ”ڪير آهين؟“ هن چيو ته ”سائين غريب برهمڻ آهيان.“ اهو ٻڌي، هنن پڇيو ته ”ڪجهه جوتش به ڄاڻين؟“ چيائين ته ”سائين، مڙيئي ڪجهه ڄاڻان ٿو.“ هنن پڇيو ته ”ڀلا خبر ڏي ته اسين سورم راجا کي جهلڻ لاءِ تيار ٿي وڃون ٿا، سو هن کي پڪڙي سگهنداسون يا نه؟“ هن ٽپڻو ڪڍي، ڏسي، ڪجهه آڱرين تي حساب ڪري،ٻڌايو ته ”اوهان سورم راجا کي گرفتار ضرور ڪندا پر هينئن ڪريو، جو تلاءَ مان سنان ڪري، پاڪ ٿي پوءِ نوڪريءَ تي وڃو. سنان ڪندي ٽٻي هڻو. جيڪو سڀني کان پوءِ پاڻي مان ٻاهر نڪرندو، اهو چور کي پڪڙيندو.“ هي ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ يڪدم ڪپڙا لاهي، تلاءَ جي ڪپ تي رکي، تلاءَ ۾ گهڙيا، سڀني وٺي زور سان پاڻيءَ ۾ ٽُٻي هنئي. ڇوڪر، چُپڙي ڪري، سڀني جا ڪپڙا ميڙي سيڙي، کڻي سڌو گهر هليو ويو ۽ ڪپڙا اتي رکي،  ويو راجا جي محلات تي. ڪاغذ تي لکيائين ته ”سورم راجا اڄ پهريدارن جا ڪپڙا به کڻي ويو. راجا کي جيڪا خبرداري ڪرڻي هجي سا ڪري وٺي.“ اهو پنو در تي هڻي، واپس وريو. پهريدار تلاءَ مان ساهه گهُٽي گهُٽي، اڌ مئا ٿي، ٽٻيون ڏيئي، ٻاهر جو نڪتا، ته ڏسن ته ڪپڙا ٺهن ئي ڪونه! نڪو برهمڻ ئي ڏٺائون. نيٺ اُگهاڙا اُگهاڙا وٺي گهرن ڏي ڀڳا. جڏهن اتي پهتا، ته زالن برهمڻ جي ڳالهه سچ سمجهي، هنن کي ڀتر هڻڻ شروع ڪيا. هنن گهڻو ئي چيو ته ”اسين اوهان جا مڙس آهيون، اسان کي ڪپڙا ڏيو.“ پر زالن کي اعتبار ڪيئن اچي! سو مٿن ڀترن جي وارو وار لائي ڏنائون. آخر گهڻي مَٿا ڪُٽ بعد، هنن، زوريءَ گهرن ۾ گهڙي، ڪپڙا پاتا، تڏهن مس مس زالن پنهنجن مڙسن کي سڃاتو. مڙسن زالن کان پڇيو ته ”اڄ اوهان کي ڇا ٿيو هو، جو ڀتر تي هنيوَ؟“ زالن کين سڄي ڳالهه برهمڻ واري ڪري ٻڌائي. تڏهن پهريدارن سهي ڪيو ته هو برهمڻ ڪونه هو، پر سورم راجا اهو ئي هو، جو برهمڻ جي روپ ۾ زالن کي به برغلائي ويو، ۽ اسان جا ڪپڙا به کڻي ويو. ڏاڍا پشيمان ٿيا ته هاڻي راجا کي ڪهڙو جواب ڏينداسون!

صبح جو محلات جي پهريدار ڏٺو ته وري دروازي تي پَنو لڳو پيو آهي. پهريدار پَنو لاهي بادشاهه کي آڻي ڏنو، جنهن کي پڙهي بادشاهه ڏاڍو ڪاوڙيو؛ پر ايتري ۾ سڀ پهريدار به آيا ۽ بادشاهه کي سڄي حقيقت ٻڌايائون. راجا ڳالهه ٻڌي، ڏاڍو غمگين ٿيو.

 

ٽين رات، پهريدار تيئن خبردار ٿي نوڪريءَ تي بيٺا. ٿوري شڪ پوڻ تي، يڪدم هر ڪنهن کي گرفتار ٿي ڪيائون. ڇوڪري ڇا ڪيو، جو ڀڀڪيدار زنانو ويس ڪري، زيوررن سان سينگارجي، لڏون ٺاهي، تن ۾ نشو ملائي، ٿالهه ڀري، مٿي تي رکي، روانو ٿيو. جڏهن پهريدارن وٽان لنگهيو، ته

هنن هڪل ڪيس ته ”ڪير آهين؟ بيهي رهه!“ ڇوڪرو بيهي رهيو. پهريدارن اڳتي هلي ڏٺو ته هڪڙي زال آهي... تڏهن کيس چيائون ته ”توکي خبر نه آهي ڇا ته هتي هڪڙو مشهور چور پيدا ٿيو آهي، جو بادشاهي پَهري هوندي به چوريون ڪيو وڃي! تون اِستري ٿي، زيورن ۽ ڪپڙن سان سينگارجي، هن بيگاهه وقت ۾ اُٿي نڪتي آهين!“ هن جواب ڏنو ته ”مون کي خبر ته آهي، پر آءٌ به لاچار آهيان، جو منهنجو مڙس پرديس مان اڄ کٽي ڪمائي خير سان موٽيو آهي. مون فلاڻي ڀڳت جي باس باسي هئي، سا اڄ ورهائڻ ٿي وڃان.“ پهريدارن، جو لڏون ڏٺا، سو هنن جي وات ۾ پاڻي ٿيڻ لڳو. هن کي چيائون ته ”اها باس هتي ئي کڻي ورهاءِ، پاڻهي قبول پوندي، ۽ تون ماٺ ڪري گهر موٽي وڃ.“ ڇوڪر کي ته کپندو ئي اهو هو. دل ۾ خوش ٿيو. پر ظاهري آنا ڪاني ڪرڻ کانپوءِ اهي لڏون هنن کي ورهائي ڏنائين، جي هُو ويهي مزي سان کائڻ لڳا. اڃا کائي بسَ مَس ڪيائون ته مٿي ۾ چڪر اچڻ لڳن، ۽ اُتي جو اُتي گهيراٽجي، ساڻا ٿي، پئجي رهيا. هن سڀني جا ڪپڙا لاهي، هَڙ ٺاهي، کڻي ڪڇ ۾ ڪيا، ۽ سڀني پهريدارن کي اونڌو ٻڌي کڻي اُتي ڇڏيائين. پوءِ پني تي لکيائين ته ”سورم راجا اڄ به پهريدارن سان جٺ ڪري وڃي ٿو، بادشاهه کي جيڪا به خبرداري ڪرڻي هجي سا ڀَلي ڪري.“ اهو پنو در تي هڻي ڪپڙن جي هڙ کڻي، اچي گهر نڪتو.

صبح ٿيو، ته ماڻهن اچي پهريدارن کي ڇوڙيو، ۽ مٿن پاڻي هاري کين هوشيار ڪيو. پهريدار، پنهنجي حالت ڏسي، ڏاڍو شرمندا ٿيا، پر هنن خيال ڪيو ته هيءَ جُٺ رڳو اسان سان ڪانه ٿي آهي، ٻين سان به اهڙيون جٺيون ٿي چڪيون آهن... تنهنڪري هي احوال راجا کي ضرور ٻڌائڻ گهرجي، آخر بادشاهه وٽ اچي، سڄو احوال پيش ڪيائون، راجا ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ کيس پَڪ ٿي ته سورم راجا هاڻي ضرور شيون چورائي ويندو. پر ڇا ڪري؟ راجا سان شرط ته پهريائين ڪري ويٺو هو. نيٺ چيائين ته ”چڱو! اڄ رات وڌيڪ خبرداري ڪَبي.“

چوٿينءَ رات، راجا خود وزير کي انهيءَ ڪم تي مقرر ڪيو. وزير، ٺهي ٺُڪي، هٿيار ٻڌي تيار ٿيو ۽ سڀني زيردستن کي به سجاڳ رهڻ جو سخت تاڪيد ڪيائين. چوڌاري پهرو هو ۽ وزير پاڻ پنهنجي سر نظرداري ڪري رهيو هو، ته جيئن زيردست پوري نوڪري ڏين ۽ ويسلا ٿي ويهي نه رهن. رات گذرندي ويئي... جڏهن اَسر ٿيو، تڏهن ڇوڪر ڇا ڪيو، جو هڪڙيءَ جهور پوڙهي مائيءَ جهڙو ويس ڪري، مٿي تي جنڊ کڻي، گهر کان ٿورو پرڀرو گهٽيءَ ۾ ويهي پيهڻ لڳو. جڏهن وزير نظرداري ڪندي ويجهو آيو، تڏهن هن وٺي دانهون ڪيون ته ”گهوڙا ڙي! مون کي چور ٿو ماري!“ دانهن تي وزير ڊوڙي اچي هن کان پڇيو ته ”تون ڪير آهين، ۽ هن مهل هتي ڇو جنڊ پيهي رهي آهين؟ شهر ۾ چور آهي، تنهن جو به توکي ڊپ ڪونه ٿيو، ۽ هن مهل ڇو هتي ماڻهن جي ننڊ ڦٽائي رهي آهين؟“ هن جواب ڏنو ته ”آءٌ ڇا ڪريان، غريب پورهيت آهيان. ڪيترا سال ٿيا، جو منهنجو مڙس گذاري ويو. هڪڙو پُٽُ هوم، جو وڏو ٿيو، شادي ڪيائين، نيٺ پاڻ ۽ سندس زال ٻيئي گذاري ويا. هنن جا ننڍڙا ٻارڙا آهن، جن جو سنڀالڻ وارو ٻيو ڪونهي، تنهنڪري آءٌ شهر جو پورهيو ڪري پيئي گذران ڪريان. اڻهن کي پيهاڻيءَ تي اَن پيهي ڏيندي آهيان. اڄ هن پاڙي جي هڪ گهر مان اَن مليو، جو پيهي اُن جي پيهائيءَ مان گُذر ڪنديس... سو اَن ويٺي پيٺم، ته هڪڙو ماڻهو آيو، جو اَٽو کڻڻ لڳو. مون انڪار ڪيو ته مون کي مارڻ لڳو. مون دانهون ڪيون، ته اوهان ڊوڙندا آيا. اوهان کي ايندو ڏسي، هو ڀڄي ويو..... پر چوندو ويو ته ’آءٌ اجهو ٿو اچان!‘“

وزير کي پڪ ٿي ته سورم راجا اهو ئي آهي؛ اسان جي پهري جي سختيءَ سبب هن کي ڪٿان کاڌو مليو ئي ڪونهي، سو پوڙهيءَ کان اَٽو ٿي ڦريائين. اهو ويچار ڪري، وزير پوڙهيءَ کي چيو ته ”تنهنجا ڪپڙا مون کي ڏي، ته آءٌ ويهي ٿو جنڊ پيهان. آءٌ ته هن چور جو ڳولائو هوس، سو ڀلي ته اچي. هن لاءِ ساري رات رُليو آهيان، ته هٿ نه آيو آهي... هاڻي ته صبح ٿيڻ وارو آهي. چڱو ٿيو، جو ڪمبخت وارو ڏنو آهي. تون منهنجا ڪپڙا پائي، پريان وڃي لڪي ويهي رهه.“ ائين چئي، ڪپڙا بدلائي، وزير اُن پيهڻ ويهي رهيو، ۽ ڇوڪرو وزير جا ڪپڙا پائي، کسڪي هليو ويو، ۽ سڌو محلات جي در تي وڃي پنو هيائين، جنهن ۾ لکيائين ته ”سورم راجا اڄ وزير جا ڪپڙا به ڦري ويو... راجا کي جيڪا به خبرداري ڪڻي هجي، سا ڪري وٺي؛ سڀاڻي سندس سوني سر ۽ چندن بتي کڄندي.“ پنو هڻي، ڇوڪر اچي پنهنجي گهر پهتو، ۽ هڪ منو ٿي سمهي رهيو.

وزير ويٺي اَن پيٺو... تان جو اچي صبح ٿيو، پر ڪوبه ڪونه آيو. وزير اتي سهي ڪيو ته چور ته اهو ئي هو، پر هاڻي ڇا ڪري! مهل هئي، سا ته هٿان نڪري ويئي. ڏاڍو ڦڪو ٿيو. هاڻي زنانن ڪپڙن سان ڪيڏانهن وڃي؟ آخر اُتان اُٿيو ۽ لڪندي ڇپندي اچي گهر پهتو، ۽ يڪدم ڪپڙا بدلائي راجا ڏي روانو ٿيو. صبح جو چوڪيدار ڏسي، ته وري پنو لڳو پيو آهي- سو لاهي راجا وٽ کڻي آيو. راجا پنو پڙهي، ڏاڍو نراس ٿيو. راجا کي پڪ هئي ته وزير اڄ ضرور چور کي گرفتار ڪري ايندو، پر پني تي لکيل احوال پڙهڻ سان معلوم ٿيس ته وزير سان ته پاڻ ٻه رتيون ڪسر جُٺ ٿي آهي. ڏاڍو وياڪل ٿيو... ته ايتري ۾، وزير به اچي پهتو، ۽ سڄو احوال راجا سان ڪيائين. ٻيئي حيران ٿيا ته هاڻي ڇا ڪجي؟ آخر راجا چيو ته ”اڄ چور اعلان ڪيو آهي ته اڄوڪيءَ رات سوني سر ۽ چندن بتي کڻي ويندو، سو اڄ آخري رات آهي، ۽ اڄ آءٌ پاڻ پهري جو ڪم سنڀاليندس.“

پوءِ پنجينءَ رات، راجا ٺهي ٺُڪي، پنهنجي سر پاڻ هٿيار پنوهار ڍڪي، ڀلي گهوڙي تي چڙهي، پهريدارن کي تاڪيد ڪندو، هر هنڌ نظرداري ڪندو رهيو. ڇوڪر ڇا ڪيو، جو بادشاهه جي نوڪرن جهڙي پوشاڪ پائي، نشيدار شيءِ کيسي ۾ وجهي، روانو ٿيو، ۽ سڌو محلات ڏانهن ويو. بادشاهه، پهريدارن تي چوڪسي ڪرڻ ۽ پنهنجي سر چور جهلڻ لاءِ ٻاهر ويل هو، تنهنڪري هو ماٺڙي ڪري محلات جي انهيءَ چوڪيدار وٽ آيو، جو بادشاهه جي رهڻ واريءَ ڪوٺيءَ تي پهرو ڏيئي رهيو هو. ڇوڪري هن چوڪيدار کي چيو ته ”جلدي ڪر، بادشاهه سلامت حڪم ڏنو آهي ته ’شهر جي اتر طرف گدام واري لنگهه تي هلي بيهه، ته مان به اجهو ٿو اچان- ڇو ته پتو پيو آهي ته چور اُتان ضرور لنگهندو.‘ ۽ راجا چيو آهي ته ’جيستائين آءٌ نه اچان، تيستائين اتي ترسجانءِ.‘ پر جلدي ڪر. دير نه ڪر. گهڙي گهڙي قيمتي آهي! تون سگهو وڃ، هتي آءٌ ٿو بيهي پهرو ڏيان.“ پهريدار دام ۾ ڦاسي پيو ۽ هن کي ڪوبه شڪ نه ٿيو ۽ هن اهو ئي سمجهيو ته هو راجا جو نياپو کڻي آيو آهي- تنهنڪري هو ويچارو ڊوڙندو ڊوڙندو، وڃي گدام واري لنگهه وٽ بيٺو، ۽ انهيءَ انتظار ۾ هو ته اجهو ٿو راجا اچي.

ڪجهه وقت گذريو ته راجا به محل ڏي گهوڙو ڊوڙائيندو آيو. ڇوڪري ڊوڙي وڃي گهوڙي جي واڳ ورتي، ۽ راجا گهوڙي تان لهي، سڌو سمهڻ واري ڪمري ڏانهن ويو. ڇوڪرو، ايتري ۾ گهوڙو ٻڌي، راجا وٽ آيو، ۽ سلام ڪري ادب سان بيهي رهيو. راجا، جو ڳچ وقت چوڪسي ڪندي چڪر هنيا هئا، سو ٿڪجي پيو هو، ۽ کيس اُڃ به لڳي هئي، تنهنڪري هن کي پاڻي آڻڻ لاءِ حڪم ڏنائين. هو يڪدم ٻاهر ويو، ۽ گلاس ڀري، اُن ۾ نشيدار شيءِ ملائي، آڻي راجا کي ڏنائين. ٿورو ئي وقت گذريو، ته راجا تي نشي جو اثر ٿيڻ لڳو، ۽ نيٺ اهڙو حال ٿيس، جو بيهوش ٿي پئجي رهيو. تڏهن ڇوڪري اتان سون جي سرِ ۽ چندن بتي کڻي، راجا واري سنجيل گهوڙي تي سوار ٿي، سڌو پنهنجي گهر جو رستو ورتو؛ ۽ پوڙهيءَ ڪنڀارڻ کي ڪيترو ئي ڌن مال ڏيئي، ان کان موڪلائي، پني تي لکيائين ته ”سورم راجا پنهنجو ڪم پورو ڪري، راجا جي گهوڙي  سميت وڃي ٿو.... هاڻي، راجا کي الوداعي سلام!“ پوءِ اهو پنو محلات جي دروازي تي هڻي، پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ٿي ويو.

صبح جو جڏهن راجا جا نشا ٽٽا، ۽ سجاڳ ٿيو، ته ڇا ڏسي ته سوني سِر ۽ چندن بتي غائب! ايتري ۾ سئس اچي ٻڌايس ته ”گهوڙو به ڪونهي!“ راجا سڄي ڳالهه سمجهي ويو. وري پهريدارن پنو به آڻي ڏنس، جو پڙهي ٿڌا شوڪارا ڀرڻ لڳو. محلات جي نوڪر تي اچي ڪاوڙيو، جنهن جو ته ڏوهه ئي ڪونه هو- تنهن سڄي حقيقت ڊڄندي ٻڌايس، جا ٻڌي راجا کڻي ماٺ ڪئي. نيٺ سورم راجا کي لکيائين ته ”تون برابر ڏاهو ۽ عاقل آهين. اسان تنهنجا ٻه آزمودا اڳ ورتا هئا، ۽ ٽئين ۽ آخري آزمودي ۾ به تون ڪامياب ٿئين. تون بيشڪ ڏاهو آهين، ۽ تو جهڙو ڏاهو ملڪ ۾ ڪٿي به ڪونهي!“

سورم راجا کي جڏهن بيکٽ راجا جي چٺي پهتي، تڏهن کيس جواب موڪليائين ته ”اهي ڪم اسان نه ڪيا آهن، پر اسان وٽ هڪڙو ڇوڪرو آهي، جو زماني جي گردش جي ڪري اسان وٽ پهتو آهي، ان ئي ڪيا آهن. بيکٽ راجا اها ڳالهه پڙهي، عجب ۾ پيو، ۽ سورم راجا کي نياپو موڪيائين ته ”اهو ڇوڪر اسان وٽ موڪليو، ته اسين به ڏسون.“ راجا ڇوڪري کي گهرائي بيکٽ راجا جو نياپو ٻڌايو. ڇوڪري وڃڻ لاءِ هائو ڪئي، ۽ سنڀري، پنهنجي سنگتين ساٿين سميت، اچي بيکٽ راجا جي شهر ۾ پهتو. بيکٽ راجا کي اهڙو اطلاع اڳ موڪليل هو، جنهن ڇوڪري جي پهچڻ تي هن جو شاندار استقبال ڪيو، ۽ ڪچهريءَ ۾ پنهنجي ڀرسان ويهاريائينس. ڇوڪر گهوڙو، سوني سِر ۽ چندن بتي راجا کي واپس ڏني، ۽ چيائين ته ”اسان کي هنن جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي. فقط اوهان جي شرط جي پورائيءَ لاءِ کنيون ويون هيون.“ بيکٽ راجا اهي شيون نه ورتيون، ۽ موٽائي کيس انعام طور ڏيئي ڇڏيائين.

ڇوڪر ڪجهه وقت بيکٽ راجا جو شاهي مهمان ٿي، اتي رهيو. هن جا اخلاق اهڙا هئا، جو سڀ ڪنهن کي پيو وڻندو هو. سڄي شهر ۾ هن جي ناموس هئي، ۽ راجا به کيس گهڻو ڀائيندو هو. راجا کي پٽ ڪونه هو فقط هڪ نياڻي هيس، جنهن جي اٿارڻ جي فڪر ۾ هو. آسپاس ڪيترائي راجڪمار هئا، پر انهن ۾ نياڻيءَ لاءِ  لائق ور ڪونه ٿي مليس. ڇوڪر جون نيڪ عادتون ڏسي، راجا هن کي پنهنجي نياڻيءَ لاءِ چڱو سمجهيو، ۽ اهڙي ڳالهه پنهنجي راڻيءَ ۽ وزير سان ڪيائين، جن پڻ اها ڳالهه پسند ڪئي. ڇوڪر ڪجهه وقت اتي رهي، واپس ورڻ لاءِ موڪل گهري. راجا لاچار ٿي کيس موڪل ڏني. هو موڪلائي سورم راجا وٽ پهتو، ۽ ساري حقيقت کان هن کي واقف ڪيائين، جا ٻڌي هو ڏاڍو خوش ٿيو.

ڪجهه وقت بعد، بيکٽ راجا، ناريل چِٽي، ڇوڪريءَ جي مڱڻي لاءِ سورم راجا کي ڏياري موڪليو. هن ناريل ورتو ۽ ناريل آڻيندڙن کي انعام اڪرام ڏيئي، عزت سان واپس ڪيائين، ۽ پوءِ لَگن نهاري، ڏينهن مقرر ڪري، ڇوڪر جي شاديءَ جي تياري شروع ڪيائين. گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن ۾ شاديءَ جون خوب تياريون ٿيون- شهر سينگاريا ويا، خيراتون ٿيڻ لڳيون، ديڳيون چڙهي ويون ۽ غريب غربي عام جام کائي پي دعائون ڪيون. مقرر ڏينهن تي، ڄڃ تيار ٿي روانو ٿي. ڪنواريتن ڀلي ڀت آجيان ڪئي. رواج موجب ساٺ سوڻ ڪري، شاديءَ جون رسمون پوريون ڪيون ويون، ۽ ڄڃ، ڪي ڏينهن اُتي رهڻ بعد، موٽڻ لاءِ تيار ٿي. بيکٽ راجا کي فقط اها نياڻي هئي، تنهنڪري هن ڇوڪر کي نياڻي دان ڏيئي، پنهنجو ولي عهد به مقرر ڪيو. چوڌاري واڌايون وريون. نيٺ موڪلائي توڪلائي، ڄڃ ڪنوار وٺي اچي گهر پهتي.

خدا جي قدرت، جو سورم راجا کي به پٽ ڪونه هو، ۽ فقط هڪ نياڻي هئي؛ جنهن لاءِ هو به لائق وَرَ جي ڳولا ۾ هو، پر اهڙو ور کيس ڪونه ٿي مليو. هن به ههڙو سلڇڻو ڇوڪرو ڏسي، پنهنجي راڻيءَ ۽ وزير سان اُن لاءِ صلاح ڪئي، جن به کيس اها صلاح ڏني ته ههڙو سلڇڻو ۽ سڄاڻ ڇوڪرو ٻيو مشڪل ملندو. پوءِ ته شڀ موقعو ڏسي، راجا مڱڻي جو اعلان ڪيو ۽ ڪجهه وقت بعد شاديءَ جا ڏينهن به چٽا ڪيا ويا. نيٺ شڀ ڏينهن تي راجڪماريءَ سان هن جي شادي ڪرائي ويئي. سورم راجا ڪيترو ئي دان پڃ ڪيو، ۽ نياڻيءَ کي جهجو ڏاج ڏنائين. ۽ ڇوڪري کي پنهنجو ولي عهد مقرر ڪيائين. اهڙيءَ ريت، هيءُ ڇوڪر ٻيئي راجڪماريون پرڻيو، ۽ ٻنهي راڄن جو راجڪمار سڏجڻ لڳو.

ٿوري گهڻي ڏينهين ٻيئي راجا، هڪ ٻئي پٺيان پرلوڪ ڏانهن سِڌاري ويا، ۽ راجڪمار تخت تي ويٺو. ٻيئي ملڪ لاڳيتا هئا، جنهنڪري يڪي بادشاهي ٿي پيئي، ۽ هو عدل انصاف سان حڪومت ڪرڻ لڳو.

ڇوڪر هاڻي راجا به ٿيو، ۽ جنهن ڳالهه جي ڪري سندس ماٽيجيءَ ماءُ کيس مارائڻ لاءِ جلادن جي حوالي ڪيو هو، سا به پوري ٿي- يعني خواب واري واري اها ڳالهه، جنهن ۾ هو سُتو پيو هو، ته سورم راجا جي ڌيءُ ۽ بيکٽ راجا جي ڌيءُ، ٻنهي بيٺي هن کي پکا هنيا. هاڻي، هن کي پنهنجي ماٽيجي ماءُ جي يادگيري  پيئي.

انهيءَ وچ ۾، اُتي ڇا ٿيو، جو راڻي چڱيءَ طرح حڪومت هلائي نه سگهي ۽ ڇوڪري سان جيڪو روتاءُ ڪيو هئائين، ان کان رعيت به ناراض ٿي پيئي. امير وزير به سندس برخلاف ٿي پيا. ملڪ ۾ چوڌاري گڙٻڙ ۽ بي بندوبستي پکڙجي ويئي. اهو وجهه وٺي، ڪو دشمن ملڪ تي ڪاهي آيو ۽ معمولي جنگ بعد حڪومت هٿ ڪري ويهي رهيو. راڻيءَ ڀڄي، پنهنجي جان بچائي ۽ لڪندي ڇپندي، پهريائين هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتي، پر اُتان به پڪڙجڻ جي ڊپ کان ڀڄي، اچي سورم راجا جي ملڪ ۾ نڪتي، اُتي ٻهراڙيءَ ۾ هڪڙي هنڌ گمنام رهي، محنت مزدوري ڪري پيٽ پالڻ لڳي. سندس وقت ڏاڍو تنگ گذري رهيو هو. ڇا هڪ راجا جي راڻي ۽ ڇا مزدوري ڪري پيٽ پالي- پر قدرت جا عجيب کيل آهن. هن پنهنجي ڪئي جو ڪيتو پئي لوڙيو. ڇوڪرو ته سندس دل تان ئي لهي ويو هو، جنهن کي سندس حڪم تي جلادن مارڻ لاءِ نيو هو، ۽ هن سمجهيو هو ته هن جون ئي اکيون جلادن آڻي کيس ڏنيون هيون- تنهنڪري هن جي يادگيريءَ اچڻ لاءِ کيس ڪو  سبب ئي ڪونه هو.

هوڏانهن ڇوڪرو جڏهن راجا ٿيو، تڏهن پنهنجي ملڪ جو خيال ٿيس. اِهو به ٻڌو هئائين ته حڪومت ڌاريا کسي ويا، ۽ سندس ماٽيجي ماءُ ڪيڏانهن لڪي ڀڄي ويئي آهي؛ پر  اڳ هو ڪجهه ڪري نٿي سگهيو، ۽ هاڻي هو راجا ٿيڻ ڪري سڀ ڪجهه ڪري ٿي سگهيو- تنهنڪري خيال ڪيائين ته اباڻو ملڪ موٽي هٿ ڪريان. اميرن وزيرن سان صلاح ڪيائين، جن به کيس همٿايو. هوڏانهن سندس ملڪ جي رعيت ۽ اميرن وزيرن کي به خبر پيئي ته اسان جو راجڪمار در حقيقت ماريو ڪونه ويو هو، ۽ جلادن کان به سچي حقيقت انهن کي معلوم ٿي. اهڙي خاطري ملڻ سان سڄو ملڪ ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ اتي جي ماڻهن ڳجهه ڳوهه ۾ کيس پنهنجي ملڪ هٿ ڪرڻ لاءِ چوائي موڪليو، ۽ پنهنجي پاران کيس هر طرح جي مدد ڪرڻ جي به خاطري ڏنائون.

راجا پوءِ پنهنجي اباڻي ملڪ وٺڻ لاءِ پنهنجو لشڪر تيار ڪيو، ۽ جڏهن ڪاهه ڪيائين، تڏهن اتي جي ماڻهن ۽ اميرن وزيرن به هڪدم اچي سندس ساٿ ڏنو... جنهن ڪري پنهنجي ملڪ وٺڻ ۾ کيس ڪابه تڪليف ڪانه ٿي. هن حڪومت هٿ ڪري سڀني اصلوڪن وزيرن ۽ اميرن کي پنهنجين پنهنجين جاين تي مقرر ڪري، کين انعام اڪرام ڏنا.

وقت  سڀني جو خير خوبيءَ سان گذرڻ لڳو. راجا کي ڪنهن به ڳالهه جي ڳڻتي ڪانه هئي، پر فقط هڪڙيءَ ڳالهه رکي رکي کيس پئي ستايو- اِها هئي پنهنجي ماٽيجي ماءُ کي ڳولي لهڻ جي، جنهن جو هن کي ڪو به پتو نه هو ته هوءَ ڪٿي آهي! هڪ ڏينهن، اها ڳالهه پنهنجي وزيرن کي ٻڌائي صلاح پڇيائين، جن سوچي ويچاري جواب ڏنو ته ”ٻيو ته ڪو به رستو راڻيءَ کي هٿ ڪرڻ جو ڪونه ٿو سُجهي، باقي هيئن ڪجي ته خيرات ۽ سداورت هلائجي، لنگر خاني ۾ طعام تيار ٿيندو رهي، ۽ سڄي ملڪ ۾ ڍنڍورو ڏيارجي ته سڀڪو غريب غربو يا جنهن جي دل چاهي، سو اُن راجائي سداورت مان کائڻ ويندو ڪري، ۽ کائڻ کانپوءِ اوهان کي منهن ڏيکاريندو وڃي. انهيءَ نموني ۾ شايد هوءَ ڪٿان اچي سهڙي، ۽ اوهين کيس سڃاڻي  وٺو.“ راجا کي اها صلاح وڻي ۽ يڪدم اشتهار جاري ڪيائين ته ”اڄ کان وٺي سداورت چالو آهي- جنهن کي وڻي، سو ٻيئي وقت اچي، شاهي لنگر خاني مان ماني کائي وڃي، ۽ وڃڻ وقت راجا کي منهن ڏيکاري وڃي.“

ملڪ ۾ ڍنڍورو گهمي ويو. لنگر خاني ۾ ڀت جون ديڳيون چڙهي ويون. آلي ڏيلي جيڪو پئي آيو، سو کائي پي، راجا کي آسيس ڪندو، راجا جي اڳيان حاضر ٿيندو، سلام ڪندو پئي روانو ٿيو. اهڙيءَ طرح ڳچ وقت پئي هيءَ عام دعوت هلي، پر راجا جي من جي مراد پوري ڪين ٿي. آخر هڪڙي ڏينهن، راڻيءَ به جڏهن نئين راجا جون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن خيال ٿيس ته ’گهڻا ڏينهن تڪليفون ڪاٽيون اٿم- خلق راجا جي سداورت مان کايو پيئي اچي، پوءِ ڇو نه آءٌ به کائي پي اچان. اهو خيال ڪري، هوءَ اتي آئي، ۽ خوب پيٽ ڀري کاڌائين. کائڻ بعد، دستور موجب، هن کي راجا وٽان ٿي، پوءِ وڃڻو هو. تنهنڪري هوءَ به راجا وٽ آئي. ٽٽل ڦاٽل ۽ ميرا گپ جهڙا ڪپڙا- منهن ۽ بدن جو رنگ ڪاراٽجي ويو هو- سو سڃاڻڻ کان به پري هئي؛ پر راجا ڪن وصفن مان کيس سڃاڻي ورتو، ۽ يڪدم خاص نوڪر کي حڪم ڪيائين ته ”هن کي وٺي وڃو ۽ زنانخاني جي فلاڻيءَ حويليءَ ۾ ويهاريو!“

راڻي جڏهن محلات ۾ اچي ويٺي، تڏهن کيس ڏاڍو ڊپ ٿيو ۽ سوچڻ لڳي ته ’منهنجي قسمت ۾ الائي ڇا لکيل آهي، جو هينئن بند ۾ اچي پيئي آهيان، خبر نه آهي ته مون سان ڇا ٿيندو؟ آءٌ هت ناحق آيس.‘

هوڏانهن راجا خاص ٻانهين کي گهرائي، حڪم ڪيو ته ”فلاڻي زال،  جا فلاڻيءَ حويليءَ ۾ ويٺي آهي، تنهن کي وهنجاري سهنجاري، نوان ڪپڙا ڍڪايو، ۽ ان جي خدمت ۾ حاضر رهو.“ حڪم ملڻ سان ٻانهين هن کي وهنجاري سهنجاري، نوان ڪپڙا ڍڪايا. راڻيءَ کي ڏاڍو عجب لڳو ته

... راجا هڪدم هن جي پيرن تي ڪري، حاضريءَ ۾ بيهي رهيو.

هي ڇا؟ ٻانهين کان پڇيائين ته ”هي ڇا ٿيون ڪريو؟“ هنن جواب ڏنو ته ”اسان کي وڌيڪ ڪا خبر ڪانه آهي... رڳو جيئن اسان کي حڪم ٿيو  آهي، تيئن ٿيون ڪريون.“ وري مانيءَ جي مهل تي، هن لاءِ ٻانهيون طرحين طرحين جا طعام کڻي آيون. هن کي وڌيڪ ڊپ لڳو ته الائي مون سان ڪهڙي ويڌن ٿيندي؟ انهيءَ ڪري ماني نه پيئي کائي، پر جڏهن ٻانهين کيس دلداري ڏني، تڏهن مس مس ماني کاڌائين. ٻانهيون کيس هٿ ڌوئاري، سندس آرام لاءِ هنڌ بسترو ڇنڊي ٺاهي تيار ڪري، هليون ويون.

ٿوريءَ دير بعد، راجا پنهنجي ٻن راڻين سميت هن وٽ لنگهي آيو، انهن کي پري کان ايندو ڏسي. ادب ۽ خوف وچان هوءَ اٿي بيٺي. پر راجا هڪدم اچي هن جي پيرن تي پيو، ۽ هن کي عزت سان کٽ تي ويهاريائين. اهڙيءَ طرح، راجا جون ٻيئي راڻيون به هن جي پيرن تي ڪِري، حاضريءَ ۾ بيهي رهيون. هوءَ تپرس ۾ پئجي ويئي. راجا کانئس پڇيو ته ”مون کي سڃاڻين ٿي؟“ پر هن ڪجهه به ڪونه ڪڇيو. تڏهن ”راجا کيس ٻڌايو ته آءٌ اهو ڇوڪرو آهيان، جنهن خواب لڌو هو ته ’مون کي سورم راجا جي ڌيءَ ۽ بيکٽ راجا جي ڌيءُ پکو هڻي رهيون آهن.‘ اهو خواب نيٺ سچو ٿيو... ۽ هي آهن اُهي ساڳيون منهنجون راڻيون، ۽ آءٌ آهيان تنهنجو پٽ!“ راڻيءَ، اهو ٻڌي، ظاهري ته انهن کي گلي لڳايو، پر اندر ۾ ڊپ ٿيس ته متان راجا مون کان اڳوڻو وير وٺي، تنهنڪري هن کان معافي گهرڻ لڳي. راجا کيس عزت سان چيو ته ”تون منهنجي ماتا آهين. مون کي ڪو به وير وٺڻ جو خيال ڪونهي، جيڪڏهن مون کي اهڙو خيال هجي ها ته آءٌ توکان تڏهن ئي وير وٺان ها. تون منهنجي ماءُ آهين، هي راڄ تنهنجو آهي- مون کي به جيئن حڪم ڪندينءَ، تيئن ڪندس.“ اهو ٻڌي راڻيءَ کي آٿت آيو، ۽ هنن کي آسيس ڪيائين. پوءِ سڀئي گڏجي، خوش گذارڻ لڳا. ’هنن جا ميڙا هُتي متا، پنهنجا هِتي!‘

●●●

 

 

شاهي شاهه به جنڊڻ ماري

 


 

زماني جو هڪڙو بادشاهه هو، جو ڏاڍو عادل ۽ انصاف پسند هو. اُن بادشاهه جو اهو  دستور هوندو هو ته رات جي وقت چمڙا پوش ڪري، رعيت جو ڏک سک پيو جاچيندو هو. هڪ رات، خدا جي اهڙي ڪرڻي ٿي، جو جيئن بادشاهه پنهنجي وزير سان گڏ چمڙا پوش ڪري، هڪ جهوپڙيءَ وٽان اچي لنگهيو، تيئن هن جي ڪن تي ٻن جوان ڇوڪرين جي ڳالهائڻ جو آواز پيو. بادشاهه کي خيال ٿيو ته ’هيڏيءَ مهل رات جو، جڏهن لوڪ لقاءُ سمهي رهيو آهي، هي ٻه جوان جماڻ ڇوڪريون، جو اڏي چاهه سان پيون ڳالهائين، سو ضرور ڪا اهڙي ڳالهه هوندي!‘ اهو خيال ڪري، بادشاهه هن جي گفتگو ٻڌڻ لاءِ پاسو وٺي بيهي رهيو. وڏيءَ ڇوڪريءَ ننڍيءَ ڇوڪريءَ کي چيو ته ”ادي، ڪنهن جهڙي تهڙي کي ته ڇڏ، پر آءٌ جيڪر بادشاهه جي به زال ٿيان، ته اُن کي به جيڪر هٿن سان اُٿاريان ۽ هٿن سان ويهاريان- بنهه اهڙو مطيع ڪري ڇڏيانس!“ تنهن تي ننڍيءَ ڇوڪريءَ وڏي کي چيو ته ”ادي، هٿن سان اُٿارڻ ۽ ويهارڻ مان ڇا ٿيو! آءٌ ته هن کان هوند جنڊ به ڪڍرائي ڇڏيان!“ بادشاهه جو اها ڳالهه ٻڌي، سو دل ۾ خيال ڪيائين ته ’مار! هيءَ ڇوڪري وري اهڙي چالاڪ ساماڻي! خير، مون کي ڏسڻو آهي، ته ڪيئن ٿي هيءَ ڇوڪري ڪنهن بادشاهه کان جنڊ ڪڍرائي. اهو ويچار ڪري، بادشاهه اوڏيءَ مهل ته موٽي پنهنجي محلات ۾ آيو؛ پر صبح ٿيندي ئي، پنهنجي وزير کي گهرايائين ۽ هن کي رات واري جاءِ جو ڏس ڏيئي، اوڏانهن روانو ڪيائين ته ”اُتي ٻه ڇوڪريون آهن، تن مان هڪ ننڍيءَ ڇوڪريءَ جو سڱ اُن جي مائٽن کان منهنجي لاءِ وٺي اچ.“ وزير سڌو اوڏانهن روانو ٿيو، ۽ وڃي ڇوڪريءَ جي مائٽن سان مليو ته ”اوهان جي ننڍيءَ ڇوڪريءَ تي بادشاهه جو راز ٿي پيو آهي- ۽ اوهان جيڪي گهرندؤ سو ملندو- سو، اوهان انهيءَ ڇوڪريءَ جو سڱ بادشاهه کي ڏيو.“ ڇوڪريءَ جا مائٽ ويچارا هئا غريب- تن جو اها ڳالهه ٻڌي، سو دليئون ڪي بي دليئون، کين بادشاهه جي ڳالهه نيٺ مڃڻي پيئي. وزير هنن کان اهڙي هائوڪار ڪرائي، هڪدم بادشاهه کي وڃي مبارڪون ڏنيون. ٿوري گهڻي ڏينهن، بادشاهه جي شادي اُن ڇوڪريءَ سان ڏاڍي ڌام ڌوم سان ٿي، ۽ بادشاهه به هن جي مائٽن کي گهڻي ئي ڪِي ڏيئي راضي ڪيو.

بادشاهه جڏهن ڪنوار کي پنهنجي محلات ۾ وٺي آيو، ته اچڻ سان هن کي چيائين، ”اڙي راڻي، توکي اُها رات ياد آهي، جو تو پنهنجي وڏيءَ ڀيڻ سان ويٺي ٻٽاڪ هنئي ته ’جيڪڏهن آءٌ بادشاهه سان به شادي ڪريان، ته ان کان به جند ڪڍرائي ڇڏيان.‘ مون اوهان ٻنهي ڀيڻن جي اها سڄي گفتگو بيٺي ٻڌي، ۽ هاڻي صرف ان لاءِ توسان شادي ڪئي اٿم ته ڏسان ته تون مون کان ڪيئن ٿي جنڊ ڪڍرائين!“ تنهن تي راڻيءَ جواب ڏنو ته ”بادشاهه سلامت، ان ڳالهه تان لهي وڃو- اسان ڀيڻن اها ڳالهه ساڀيان نه، پر ائين ئي چرچن سان پئي ڪئي.“ بادشاهه چيو ته ”نه، توکي هاڻي پنهنجيءَ ڳالهه کي ضرور پاڻي ڏيڻو پوندو... نه ته تنهنجي سڪ ڪونه کنيو هوم، جو توسان وٺي شادي ڪيم- توکان وڌيڪ سهڻيون راڻيون منهنجي محلات ۾ اڳي ئي موجود هيون. هاڻي جيستائين تون پنهنجي ڳالهه پوري نه ڪندينءَ، تيستائين تنهنجو اچڻ وڃڻ يا منهنجو اچڻ وڃڻ تو وٽ ناممڪن آهي. باقي هونئن تون راڻي آهين، ۽ جيڪي طلبيندينءَ، سو حاضر ٿي ملندءِ.“ راڻي ويچاريءَ بادشاهه کي پوءِ گهڻو ئي سمجهايو، پر بادشاهه پنهنجي هوڏ تان نه لٿو، ۽ هن کي منهن تان ئي لاهي ڇڏيائين. ائين ڪيترا مهينا گذري ويا. هڪ ڏينهن، هُن دل ۾ خيال ڪيو ته ’ڳالهه جو ڪو اُپاءُ ڪرڻ گهرجي، نه ته بادشاهه پنهنجي ضد تي محڪم بيٺو آهي- مشڪل آهي، جو اُن تان لهي. ٻئي ڏينهن، پنهنجي ڀاءُ کي گهرائي، سڄيءَ حقيقت کان واقف ڪيائين، ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته ڪجهه وقت هتان ڪنهن پاسي ٻاهر نڪري وڃجي. نيٺ ٻيئي ڀاءُ ڀيڻ هڪ رات گهڻيئي پئسا ڏوڪڙ کڻي، هڪڙي پاسي کسڪي اُٿي هليا. رستي تي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته ”جهنگ ۾ جتان بادشاهه شڪار تي ويندو آهي، اتي ڪنهن هنڌ هلي رهجي.“ اها صلاح بيهاري، انهيءَ جهنگ ۾ آيا، ۽ اتي هڪ شاهي ڍنگرن جو لوڙهو ڏياري، ان ۾ ڪکائون جايون کڻي ٺهرايائون، ۽ ٻيو به گهڻو ئي سامان سڙو ۽ مال متاع گڏ ڪري، اتي ويهي رهيا.

هڪڙي ڏينهن، ”راڻيءَ“ پنهنجي ڀاءٌ کي چيو ته ”ادا خبر ٻڌي اٿيئي، بادشاهه جي شڪار ڪرڻ جا ڏينهن اچي ويا آهن- هاڻي ضرور هن پار ايندو؛ تنهنڪري تون هيئن ڪندو ڪر، جو هيءُ رڍن جو ڌڻ جيڪو پاڻ ڌاريو آهي، سو صبح جو سوير ئي ڌنارن کي ڏيئي، تون سڄو ڏينهن ڪيڏانهن ٽري ويندو ڪر- ڇو ته آءٌ اڪيلي ٿينديس، ته بادشاهه کي ڪنهن نه ڪنهن اٽڪل سان ڦاسائي وجهنديس... رات جو تون وري موٽي اچي ڪکن ڀيڙو ٿيندو ڪج.“ ڀاڻس اها صلاح مڃي، انهيءَ موجب ڪرڻ لڳو.

ڪنهن ڏينهن بادشاهه به تيار ٿي، پنهنجن اميرن وزيرن سان، شڪار جي لاءِ روانو ٿيو، ۽ اچي انهيءَ جهنگ ۾ ديرو ڪيائين، ٻئي ڏينهن، بادشاهه شڪار جي خيال سان جهنگ ۾ نڪري پيو. پريان هڪڙو هرڻ ڏسڻ ۾ آيس، سو گهوڙو کڻي اُن جي پٺيان ڇڏيائين. هرڻ، ڪجهه پنڌ ڊوڙڻ کان پوءِ، هن جي اکين اڳيان اوجهل ٿي ويو. بادشاهه هن هرڻن کي ڳولڻ لڳي ويو، پر هرڻ هٿ ڪونه آيس. اتي ڪاڙهو به اچي تتو، ۽ بادشاهه تمام ٿڪجي پيو، ۽ سخت اُڃ به اچي لڳيس- سو، هيڏانهن هوڏانهن پاڻيءَ جي تلاش ۾ نڪري پيو. ڳوليندي ڳوليندي، اچي انهيءَ جهوپڙيءَ وٽ پهتو، ۽ در تي هڪل ڪري چيائين ته ”ڪو اندر مرد ماڻهو هجي، ته مون کي پاڻي پياري- مون کي سخت اُڃ لڳي آهي.“ ”راڻيءَ“ يڪدم بادشاهه جو آواز سڃاتو، پر بادشاهه کي هڪل ڪري چيائين ته ”اندر مرد ماڻهو آهي ئي ڪونه... اوهان ڪير آهيو؟“ بادشاهه جواب ڏنو ته ”آءٌ بادشاهه آهيان؟“ تنهن تي بادشاهه کي چيائين ته ”بادشاهه سلامت، اوهان کان حجاب ڪونهي- اوهين ڀلي اندر اچي، پاڻي پي وڃو.“ بادشاهه اندر گهڙي ويو. ”راڻيءَ“ ڏاڍي ادب سان پاڻي ڀري، آڻي بادشاهه کي ڏنو. هوءَ جا اڳيئي هار سينگار ڪريو تيار ٿيو ويٺي هئي، ۽ هئي به حسين، سو بادشاهه، جو ڏٺس سو مٿس مفتون ٿي پيو. پاڻي ته پيتائين، پر دل ئي نه چويس ته ڪو اُتان اُٿان. راڻي ته هئي بدليل ويس ۾، سو بادشاهه بنهه ڪانه سڃاتي. مطلب ته بادشاهه جي دل اهڙي قابو ٿي ويئي، جو چوي ته اتي ويٺو رهان... مٿان وري راڻيءَ چيس ته ”اي بادشاهه سلامت، اوهان جهنگ مان آيا هوندا، سو ضرور بکايل هوندا! جي چئو، ته اوهان کي ڪجهه کائڻ لاءِ آڻي ڏيان، ته کائي ڪجهه دير آرام ڪريو- پوءِ ڏينهن ٺرئي، هليا وڃجو!، بادشاهه جو صبح جو رڳو هلڪي نيرن ڪري نڪتو هو، تنهن کي سچ پچ بک لڳي هئي- تنهن يڪدم هائوڪار ڪئي... ۽ هن يڪدم عاليشان کاڌو تيار ڪري، آڻي بادشاهه کي کارايو، ۽ پوءِ هنڌ وڇائي بادشاهه کي ڏنائين، ته آرام ڪري. بادشاهه آرام ته ڪونه ڪيو، پر سڄو وقت هُن سان ڳالهين ۾ مشغول رهيو. راڻيءَ به کيس اهڙو ته ڳالهين ۾ مست ڪيو، جو ڀانئي ته محلات وڃان ئي نه. نيٺ جڏهن سج لهڻ تي ٿيو، تڏهن بادشاهه اتان موڪلائي، پنهنجن تنبن ڏي روانو ٿيو. هلندي مهل راڻيءَ چيس ته ”اي بادشاهه سلامت، ڪو به ڪم ڪار جيڪڏهن مون ۾ يا منهنجي ڀاءُ ۾ پيئو، ته آءٌ ۽ ڀاءُ منهنجو هر وقت حاضر آهيون- غريب  آهيان ته ڀولو ڪونهي، توهان ڪو به حجاب نه ڪندا.“ بادشاهه کي کپندي ئي اها ڳالهه هئي، سو هائو ڪري روانو ٿيو. هوڏانهن بادشاهه پنهنجن تنبن ۾ پهتو، ته سندس سڀ ماڻهو جيڪي ڏاڍو پريشان هئا، تن سڀني کي بادشاهه جي خير سان پهچڻ تي، دلجاءِ ٿي.

بادشاهه جو اتي پهتو ته آرام ئي نه اچيس- سو يڪدم منزل پٽڻ جو اعلان ڪيائين، ۽ پنهنجي ملڪ ڏي رخ رکيائين. آخر بادشاهه پنهنجي محلات ۾ اچي پهتو، پر اتي به آرام نه اچيس- هر وقت خيال هن جهنگ جي راڻيءَ ڏي لڳو پيو هجيس، ۽ هڪ هڪ ڏينهن ورهيه سمان پيو گذريس. نيٺ ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ، بادشاهه اوڏانهن روانو ٿيو. راڻيءَ کي ته پڪ هئي ته بادشاهه ضرور ايندو، تنهن جڏهن بادشاهه کي ايندي ڏٺو، تڏهن يڪدم ٺهي سنڀري، هار سينگار ڪري، بادشاهه جي استقبال لاءِ نڪري در وٽ آئي، ۽ بادشاهه کي ڏاڍي مان شان سان وٺي اچي اندر ويهاريائين. پوءِ ته سڄو ڏينهن رهاڻ مجلس ۾ گذري وين. نيٺ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن بادشاهه وري موڪلائي توڪلائي، پنهنجي محلات ڏي روانو ٿيو. اهڙيءَ طرح بادشاهه ٻئين ٽئين ڏينهن هن وٽ پيو ايندو هو، ۽ هن سان حد کان وڌيڪ محبت ٿي ويس- پر اڃا تائين ان جو هن سان اظهار به نه ڪري سگهيو هو. نيٺ هڪڙي ڏينهن، هن سان پنهنجي دل جو اظهار ڪيائين ۽ شاديءَ جي آڇ ڪيائينس. راڻيءَ جواب ڏنس ته ”اي بادشاهه، ڳالهه ٻڌي اٿيئي، شادي ڪرڻ معنى کوهه ۾ ٽپو ڏيڻ- جي قرب ٿي وڃي ته واهه واهه، نه ته ٻيو ئي جنجل؛ تنهن ۾ منهنجي صلاح آهي ته جيڪڏهن پاڻ ۾ قرب آهي، ته پوءِ شاديءَ جو ڪهڙو ضرور آهي... آءٌ هتي ويٺي آهيان، تون پيو ايندو ڪر، ۽ پاڻ ۾ قرب پيا ونڊينداسين.“ بادشاهه ههڙيون ڳالهيون ٻڌي ڪپڙن ۾ نه پيو ماپي، ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن کان پوءِ اتي ايندو رهيو. ائين ڪيترائي ڏينهن اهو قصو هليو. نيٺ راڻيءَ کي بادشاهه مان حمل ٿي ويو، ۽ بادشاهه به هاڻي اٺين اٺين ڏينهن راڻيءَ وٽ اچڻ لڳو. هڪڙي ڏينهن راڻيءَ بادشاهه کي چيو ته ”بادشاهه سلامت، منهنجي توسان ايتري قدر محبت آهي، جو هڪ ڏينهن به هڪ ورهيه برابر ٿو گذري... تنهن ۾ تنهنجي اهڙي ڪا نشاني مون وٽ ناهي جو ان کي ڏسي، ويٺي دل وندرايان.“ بادشاهه اهو ٻڌي، هڪدم پنهنجي هٿ مان سون جو وينڍو لاهي، کڻي راڻيءَ کي ڏنو. ڪجهه مهل روح رهاڻ ڪري بادشاهه ته موڪلائي پنهنجي شهر ڏانهن روانو ٿي ويو... پوئتان راڻيءَ پنهنجي ڀاءُ کي چيو ته ”هاڻي هتي رهڻ سٺو نه آهي؛ اڄ جو اڄ هي سمورو سامان ۽ مال متاع وڪڻ، ته موٽي شهر ڏانهن هلون.“ راڻيءَ جي ڀاءُ اُهو  سڀ سامان اَڌ موڙيءَ ۾ کپايو، ۽ ٻيئي گڏجي پنهنجي شهر ڏانهن روانا ٿي ويا، ۽ هلندي مهل سڄي گهر ۽ لوڙهي کي باهه ڏيئي خاڪ ڪري ڇڏيائون. هن سموريءَ ڳالهه جي ڪنهن کي ڪل ڪانه پيئي. هوڏانهن بادشاهه، جو اٺين ڏينهن ساڳيءَ جاءِ تي اچي ڏسي، ته مار، ڀينگ لڳي پيئي آهي- نه پيرو نه نشان... بس پيرن هيٺان زمين نڪري ويس! حيران پريشان ٿي هيڏانهن هوڏانهن پڇا ڳاڇا ڪيائين، پر ڪير ڪونه ڏس ڏئيس؛ نيٺ سڄو ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن لوهون ڏيئي واري واپس شهر ڏانهن موٽيو.

محلات پهچڻ سان، هن يڪدم وزير کي گهرايو، ۽ چيائين ته ”وزير، اڄ منهنجي دنيا ويران ٿي ويئي- ڪو بلو ڀيڻي ڪر، نه ته جيئڻ محال آهي.“ وزير پريشان ٿي چيو ته ”سائين، نيٺ ماجرا ڪهڙي آهي؟“ تنهن تي بادشاهه سڄي حقيقت ڪري ٻڌايس، ۽ چيائينس ته ”ڪيئن به ڪري هاڻي منهنجي محبوب کي هٿ ڪر، ۽ انهيءَ چور جنهن اها جڳهه جلائي آهي، اُن کي به پيدا ڪر.“ وزير هڪدم حڪم جي تعميل ڪئي، ۽ سڄي شهر ۾ پڙهو ڏياريائين، پر ڳالهه جو ڪنهن کان به ڏس پتو ڪونه پيس. بادشاهه نهايت بي آرام ٿي پيو... تنهن تي وزير بادشاهه کي صلاح ڏني ته ”اوهان ڪو اهڙو جانور پاليو، جنهن تي اوهان جي دل پرچي سگهي؛ پوءِ ڌڻيءَ گهريو ته اوهان جي طبيعت ٺهي ويندي؛ آءٌ به ڪوشش ۾ آهيان... نيٺ اوهان جي محبوب جو پتو پئجي ويندو.“ بادشاهه، جو ”راڻيءَ“ وٽ گهيٽڙن جا ولر ڏٺا هئا، سو دل پرڀائڻ لاءِ، وزير جي صلاح مڃي، هڪڙو ننڍو دنبو وٺي پاليائين، جنهن تي هن جو ڏاڍو راز هوندو هو.

هوڏانهن خير سان ڏهين مهيني، راڻيءَ کي به پٽ ڄائو، ۽ راڻي هن کي ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان نپائي وڏو ڪيو- تان جو هو اچي سمجهه لائق ٿيو. هن کي پڙهائڻ لاءِ اُستاد به رکي ڏنائين... پر اها خبر ڪنهن کي به ڪانه هئي ته هي پٽ ڪنهن جو آهي. هڪڙي ڏينهن، وزير بادشاهه کي چيو ته ”سائين انهيءَ دنبي کي شهر ۾ ڇوڙي ڇڏيندا ڪريو، ته ڀلي پيو هلي چلي. من اها ’ريڍار‘ ڪٿي اُن کي ڏسي، اوهان جي پيار جي نشاني سمجهي، ڪٿان اچي ظاهر ٿئي!“ تنهن تي بادشاهه دنبي کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو، جو سڄو ڏينهن پيو شهر ۾ هلندو هو. ڪنهن جو زيان ڪري ته ڇا، جي ڪنهن جي گهر ۾ گهڙي وڃي ته ڇا- ڇو ته سڀني کي خبر هئي ته اهو بادشاهه جو دنبو آهي. هڪڙي ڏينهن، اهو دنبو گهمندو ڦرندو، اچي انهيءَ راڻيءَ جي جاءِ هيٺان لنگهيو. راڻيءَ اهو دنبو ڏسي، پڪ سمجهيو ته بادشاهه جو آهي، سو پنهنجي پٽ کي چيائين ته ”اڄ خدا کڻي گهر ويٺي ڏياريو آهي، هاڻي دير نه ڪرينس.“ بس پوءِ ته هڪدم دنبي کي تڪبير وجهي، گوشت رڌي، کائي پي، بالم ٿي ويهي رهيا. جڏهن سانجهي ٿي، ته دنبو واپس محل ۾ نه آيو... ته بادشاهه کي ڏاڍي تشويش ٿي پيئي. وزير کي گهرائي چيائين ته ”پتو ته ڪڍ، ته دنبو ويو ڪيڏانهن!“ وزير سڄي شهر ۾ پڇا ڪئي، پر دنبي جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو. نيٺ اچي بادشاهه کي ٻڌايائين. بادشاهه ڏاڍو اچي ڪاوڙيو- چي، ”تون وزير آهين، ڪير آهين؟ توکان ڪوبه ڪم نٿو ٿئي! هاڻي جي اهي ٻئي ڪم نٿو ڪرين ته، وزيريءَ تان لاهي ڇڏيندوسانءِ.“ وزير کي جو اچي پنهنجو خوف لڳو، سو دل و جان سان ڪوشش ڪرڻ لڳو. هوڏانهن شهزادي وري راڻيءَ جي چوڻ تي اشتهار لکي ڀتين تي لڳائي ڇڏيو ته ”اي بادشاهه سلامت، دنبو کائي توکي ڏاڍي دعا ڪئي اٿئون- هاڻي ڪو ٻيو دنبو متارو ڪر، ته کائي پيٽ ڀريون! تنهنجي شهر ۾ هاڻي ڏيڍ ٺڳ ساماڻو آهي، جو توسان اڍائي ٺڳيون ڪندو!“ هي اشتهار پڙهي، بادشاهه ماڳهين اچي وزير تي ڪاوڙيو. وزير چيس ته ”سائين منهنجا، اوهان دلجاءِ ڪريو؛ آءٌ اوهان کي ٿورن ڏينهن اندر چور پڪڙي ڏيندس، پر منهنجي هڪڙي صلاح آهي؛ جي ائين ڪيو ته جهٽ پٽ چور پڪڙجي پوندو.“ بادشاهه پڇيس ته ”ڪهڙي؟“ وزير عرض ڪيس ته ”جيئندا قبلا، پنهنجي خزاني ۾ پئسن جي ڪمي ته ڪانهي. هاڻي هينئن ڪريون، جو  شهر جي گهٽين ۾ پئسا ڦٽا ڪري ڇڏيون، ۽ اعلان ڪريون ته ’هي بادشاهي پئسا آهن- جيڪو کڻندو سو پڪڙيو ويندو.‘ دنبي جو چور، اهڙو دلير آهي سو ضرور پئسا کڻندو، ۽ پوءِ جهٽ پڪڙجي پوندو.“ بادشاهه کي به وزير جي ڳالهه دل سان لڳي، سو هن کي چيائين ته ”جيئن وڻيئي تيئن وڃي ڪر، پر مون کي چور ضرور هٿ ڪري آڻي ڏي.“ وزير ائين چئي ٻاهر نڪتو، ۽ ٻئي ڏينهن پئسا کڻي رستن تي هارائي ڇڏيائين، ۽ پهريدار بيهاري ڇڏيائين، جن کي هدايت هئي ته ’خبردار، هوشيار ٿجو! جيڪڏهن ڪو به ماڻهو نئڙي اهي پئسا کڻي، ته هڪدم کيس گرفتار ڪجو- دير ئي نه ڪجو.“

شهزادو، جو  روز ويس بدلائي، ڪچهريءَ ۾ بادشاهه ۽ وزير جون ڳالهيون ۽ صلاحون پيو ٻڌندو هو، تنهن سڄي حقيقت اچي ماءُ سان ڪئي، ماڻس چيس ته ”پٽ، تون پرواهه نه ڪر. هي اٿيئي ميڻ، اهو جتين جي تري کي لڳائي ڇڏ. پوءِ انهيءَ رستي تان پهريائين هڪڙو چڪر ڏيئي وڃ، ته پئسا جتين جي تري کي لڳي ويندا. ٿورو پرڀرو وڃي، تَرن تان پئسا لاهي، وري ٻيو ڦيرو ڏجانءِ. پر هيڏانهن هوڏانهن نه نهارجانءِ، ڪٿي چوڪيدارن کي شڪ نه پوي. اهڙا نه ٻه ٽي ڦيرا ڏنئي، ته هڙ پئسا چونڊجي ويندا، ۽ پتو به ڪنهن کي ڪونه پوندو.“ شهزادي ماءُ جي چوڻ موجب ميڻ وٺي، جتيءَ جي ٻنهي پادرن هيٺيان لڳائي، رستي تان ٻٽي چڪر جو ڏنا، ته پئسا سڀ چونڊجي ويا، ۽ پتو به ڪنهن کي ڪونه پيو. ائين ڪري، هي ته ويو هليو گهر، پر ڪا مهل ٿي، ته چوڪيدار جو کڻي نظر ڪن، ته پئسا ٺهن ئي ڪونه! انهن کي، جو اچي خوف ورتو، سو ڊڄندا ڊڄندا سڌو بادشاهه ۽ وزير وٽ آيا، ۽ اچي عرض ڪيائون ته ”سائين، اهو چور ته ڪو جادوگر ڏسجي ٿو، جو اسان کي ڪابه خبر ڪانه پيئي ۽ اسان جي ڏسندي ڏسندي پئسا سڀ گم ٿي ويا!“ جڏهن رات پيئي، ته شهزادي وري هڪڙو ٻيو اشتهار لکي شهر ۾ هڻي ڇڏيو ته ”اي بادشاهه سلامت، تنهنجو دنبو کائي، توکي ڏاڍي دعا ڪئيسون، ۽ هاڻي وري هي مفت جا پئسا ڏياريئي- اڃا ڪي ٻيا به رستن تي هاراءِ، ته وڌيڪ دعا ڪريونءِ! تنهنجي شهر ۾ ڏيڍ ڍڳ ساماڻو آهي، جو تو سان اڍائي ٺڳيون ڪندو – توکي جيڪا ڪاهڻي هجي سا وڃي ڪاهه!“ بادشاهه اهو اشتهار پڙهي، وزير کي چيو ته ”اي وزير، هاڻي ڪيئن به ڪري انهيءَ چور کي پڪڙ، نه ته پت ئي ويندي.“ وزير عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا، نوڪر ۽ چوڪيدار چور ڪونه پڪڙي سگهندا- هاڻي اڄ رات آءٌ پاڻ وڃي ٿو سک ڦٽايان، پوءِ ڏسو ته ڪيئن نٿو چور جهلجي.“ بادشاهه وزير کي اجازت ڏني. ٻئي ڏينهن وزير هڪڙي ڪاٺ جي ڦاهي کڻي تيار ڪرائي، ۽ رات جو اها ماڻهن جي لنگهه وٽ کڻي رکايائين. ٻه نقارا به رکرايائين. پوءِ شهر جي ماڻهن کي اطلاع ڏنائين ته ”آڌي رات جو اڄ ڪير به گهر کان نه نڪري- آءٌ فلاڻي لنگهه وٽ چور جي پڪڙڻ لاءِ ويس بدلائي وڃي بيهندس، جي چور ڪنهن طرح انهيءَ ڪاٺ ۾ اڙائي وڌم، ته پوءِ متان اڪيلو مون کان ڀڄي وڃي، سو هي نقارو وٺي وڄائيندس، پوءِ جيڪو نقاري جو آواز ٻڌي، سو ڏنڊو کڻي چور تي اچي ڪڙڪي.“ هن اهڙيءَ طرح ماڻهن کي سمجهائي پڪو ڪري ڇڏيو. شهزادي اهي سموريون ڳالهيون اچي ماءُ کي ٻڌايون. ماڻس سمجهايس ته ”پٽ، تون پرواهه نه ڪر، وزير جي هونئن ئي شامت آئي آهي.“ پوءِ هري هري ڪن ۾ پٽ کي ڪجهه سمجهايائين. جڏهن رات پيئي، تڏهن شهزادو ماءُ جي هدايت موجب زنانا ڪپڙا ڪري، هٿ ۾ ڪٽيءَ جو وٽو کڻي، جتي وزير گهٽ جهليو ويٺو هو، اوڏانهن اٿي هليو، ڀلا هڪڙو اڳيئي سهڻو، ويتر جو زنانا ڪپڙا ڪيائين، ته هڪڙي دل- کس حسين ڇوڪري ٿي پيو. پوءِ هي سڌو اچي وزير وٽ پهتو. وزير، جو اڌ رات جو هڪ عورت کي اڪيلو ويندو ڏٺو، سو هڪل ڪري پڇيائينس ته ”اي ملوڪڙي، تون هن بيگاهه وقت ۾ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ شهزادي جواب ڏنو ته ”پير تي باس باسي هيم- رات جو نويڪلائي آهي ۽ ڏينهن جو اتي ڌاريا ماڻهو ٿا اچن- تنهنڪري هينئر ٿي وڃان!“ وزير چيس ته ”هاڻي هينئر ته درگاهه بند ٿي ويئي هوندي، ۽ اجايو صبح تائين انتظار ڪرڻو پوندءِ- تنهنڪري ويهه ته چار ڳالهيون ڪيون- اهو ڪٽيءَ جو وٽو رک هتي، ته آءٌ ٿو کائي ختمو ڏيئي ڇڏيان.“ شهزادي چيو ته ”اهو ته تمام َڀلو ڪَم- منهنجي به هلاکيءَ کان جند ڇڏايئي.“ ائين چئي، شهزادي ڪُٽي جو وٽو کڻي وزير کي ڏنو ۽ پاڻ به هن جي ڀر ۾  ويهي رهيو. وزير ڪُٽي به کائيندو رهيو ۽ شهزادي سان مٺيون مٺيون ڳالهيون به ڪندو رهيو. وچ ۾، شهزادي پڇيس ته ”توهان ڪير آهيو، ۽ هتي ڇا ويٺا ڪريو؟“ اتي وزير جواب ڏسن ته آءٌ وزير آهيان- هتي شهر ۾ هڪ چور ساماڻو آهي، ان جي پڪڙڻ لاءِ ڦاهي وڌي اٿم.“ شهزادي وزير کان پڇيو ته ”هن ۾ وري چور ڪيئن پڪڙبو؟“ وزير چيس ته ”هن ڦاهيءَ ۾ چور جو پير پيو، ته سُڪ ٿي ويندو.“ شهزادي وري پڇيس ته ”سو وري ڪيئن؟ وزير ٻڌايس ته ”هاڻي ڏس، هن ۾ آءٌ هينئن ٽنگ ٿو وجهان، تنهن کانپوءِ تون هن ڪِليءَ کي اشارو ڏي... ته بس ٽنگ سُڪ!“ وزير اڃا ٽنگ ڦاهيءَ ۾ وڌي مس، ته شهزادي وٺي ڪليءَ کي ڌڪ هنيو، ته وزير ويچاري جي ٽنگ ٻڌجي ويئي. بس، پوءِ ته شهزادو نقاري تي ٻٽي ڌڪ هڻي، رفو چڪر ٿي ويو. هلندي مهل وزير کي چيائين ته ”بادشاهه کي وڃي منهنجا سلام ڏجانءِ! ڏيڍ ٺڳ منهنجو نالو آهي.“ نقاري جي ٺڪائن تي ماڻهو جي هوشيار هئا، سي هڪدم اچي وزير تي مڙيا. هنن جي ليکي ته اهو چور آهي جو ڪاٺ ۾ پيو آهي، سو هڻي وزير کي سڄائي وڌائون. وزير گهڻيئي رڙيون ڪيون، پر ڪنهن ٻُڌس به ڪونه- ڇو ته رات جي اونداهي هئي، تنهن ۾ ڪير سڃاڻي نه سگهيس. جڏهن صبح ٿيو، تڏهن ڏسن ته مار هيءُ ته وزير آهي، جو ڦاٿو پيو آهي! سو يڪدم ڇڪي وزير کي ڪڍيائون. وزير جيئن تيئن ڪري بادشاهه وٽ پهتو، ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳو ته ”اي بادشاهه سلامت! اهو چور ته ڪو جادوگر آهي، جو مون کيس ڦاسائي ڪاٺ ۾ هنيو ئي مس، ته ڪنهن مهل ڏسان ته هو ڇٽو پيو وڃي ۽ آءٌ ڪاٺ ۾ ڦاٿو پيو آهيان!“ بادشاهه چيو ته ”اي وزير، انهيءَ چور کي هاڻي آءٌ پاڻهي ئي پڪڙيندس- تون دلجاءِ ڪر.“ هوڏانهن شهزادي وري رات جو شهر ۾ اشتهار هڻي ڇڏيو ته ”اي بادشاهه، تو اسان کي دنبو کارايو، وري مفت ۾ پيسا ڏياريئي؛ هاڻي وزير تنهنجي به موچڙا کاڌا! اڳتي ڏس ته ڇا ٿو ٿئي! تننجي شهر ۾ ڏيڍ ٺڳ پيدا ٿيو آهي، جو توسان اڍائي ٺڳيون ڪندو.“ بادشاهه منجهي پيو ته هاڻي هن چور کي ڪيئن پڪڙجي! نيٺ شهر ۾ پڙهو ڏياريائين ته ”جيڪو هن چور کي پڪڙي ايندو، تنهن کي خوب انعام اڪرام ڏيندس.“ گهڻيئي ماڻهو هن لالچ تي شهر ۾ ڪاهجي پيا، پر چور هجي ته هنن کي هٿ اچي! نيٺ هڪڙي ڌوتي بادشاهه وٽ آئي، ۽ چيائينس ته ”بادشاهه سلامت، ڏسو ته آءٌ ڪيئن ٿي چور کي پڪڙي اوهان وٽ وٺي اچان.“ بادشاهه چيس ته ”جي چور کي پڪڙي وٺي ايندينءَ ته جيڪي انعام گهرندينءَ، سي ملندءِ- پاڻ اُن کان به وڌيڪ ڏيئي ڇڏيندو سانءِ.“ ڌوتيءَ باشاهه کي سمجهايو ته ”سائين، آءٌ شهر واري رستي تي کٽ وڇائي، ڏاڍا هار سينگار ڪري، ويهي ٿي رهان- چور مون کي اڪيلو ڏسي، ضرور مون وٽ ايندو... پوءِ اُن کي قابو ڪري، وٺي اوهان کي ڏينديس. بس چور قابو ٿي پوندو!“ هوڏانهن شهزادي، جنهن هيءَ سموري حقيقت پنهنجن ڪنن سان ويٺي ٻڌي، تنهن يڪدم وڃي ماءُ سان سموري حقيقت ڪئي. ماءُ چيس ته ”ابا، تون فڪر نه ڪر- آءٌ ڌوتيءَ جي استاد لڳان.“ پوءِ ماڻس ڪن ۾ کيس ڪا ڳالهه سمجهائي ڇڏي.

شام جو جڏهن ڪجهه اوندهه ٿي، تڏهن شهزادو پاڻ سان ترار کڻي، شهر ڏي نڪتو. هڪڙيءَ گهٽيءَ ۾ آيو، ته ڏسي ته هڪڙو واڻيو دڪاندار پنهجين وَهين لکڻ ۾ مشغول آهي. هن يڪدم دريءَ کان اچي واڻئي کي چيو ته، ”مون کي بک لڳي آهي؛ سيگهه ڪر، هي چئن پئسن جي شيءِ ڏي، ته آءٌ کاوان.“ واڻئي ڏٺو ته آئي ٻُڪي ڪيئن ڇڏجي، سو يڪدم دَٻي مان شيءِ ڪڍي هٿ وڌائي، جهڙو شهزادي کي ٿي ڏنائين، تهڙو شهزادي ڀر ڪري جو تلوار جو ڌڪ هنيس، ته ٻانهن واڻئي جي پَٽ تي. شهزادو پوءِ يڪدم واڻئي جي ٻانهن کڻي ڀڄي ويو. واڻئي گهڻيئي رڙيون ڪيون، جنهن تي ماڻهو مڙي آيا، پر هٿ ڪير به ڪونه آين. هي، اڌ رات جو اها ٻانهن ۽ پاڻيءَ جي هڪڙي سانداري لڪائي، سڌو اتي آيو، جتي ڌوتي ويٺي هئي. ڌوتيءَ جو ههڙي سهڻي جوان کي ڏٺو، ته هيڪر ته دل سُرڪي ويس، پر جو وري انعام جي لالچ ياد آيس، ته يڪدم مڪر ڪري  هن کي وڏي شان مان سان کيڪاري، پاڻ وٽ ويهاريائين، ۽ ساڻس ڏاڍو قرب ڪرڻ لڳي. شهزادو به ڄاڻي واڻي ڌوتيءَ وٽ ويهي ڏاڍيون ٻٽاڪون هڻڻ لڳو- چي: آءٌ ڪو جهڙو تهڙو ٺڳ نه آهيان، جو پڇ پائي ڀڄي وڃان، منهنجي بهادريءَ جي هر هنڌ هاڪ آهي. ٻيو ته ڪابه زال ماڻهو هيستائين مون کي موهي نه سگهي آهي، پر تو الائجي ڪهڙو جادو ڪيو آهي، جو منهنجي دل ريبي ڇڏي اٿيئي.“ تنهن تي ڌوتيءَ جواب ڏنس ته ”تنهنجي بهادريءَ جي برابر مون  به هر هنڌ هاڪ ٻڌي آهي، تڏهن ته ڏس ته هيترا سارا سونا زيور ڳهه ڳٺا پائي، هتي تو وٽ ويٺي آهيان. سچي ڳالهه ته اها آهي ته منهنجي دل به توسان ٻڌجي ويئي آهي. هاڻي چوري ڪرڻ جا الاهي ڏينهن پيا اٿيئي، اڄ رات ته مون وٽ ترسي پؤ، ته ويهي ڪا ڪچهري ڪريون.“ شهزادي چيو ته ”ڇو نه؟ آءٌ ڪو ڪنهن کان ڊڄان ٿو، جو ڀڄي وڃان! بيشڪ اڄ رات پنهنجي رهاڻ هلندي.“ ڌوتيءَ کي پڪ ٿي ته ’مون هن کي موهي وڌو آهي، ۽ هاڻي هي مون کان ڪيڏانهن وڃي‘- سو پاڻ زياده هن جي خوشامد ڪرڻ لڳي، ۽ مٿس پنهنجو ويساهه ڄمائڻ لڳي. هن ڇا ڪيو، جو ٽهڪ ڏيئي، پنهنجا مڻيا منڊيون لاهي، شهزادي کي پارائڻ لڳي، ۽ قسم قسم جا هن جا چرچا گهٻا ڪرڻ لڳي. دل ۾ رڳو اهو خيال هوس ته شهزادو ڪنهن طرح بيخبر ٿي سمهي، ته بادشاهه ۽ سپاهين کي سڏي قابو ڪرايانس، ۽ پنهنجو انعام وٺان. اهو خيال ڪري، شهزادي کي ڀاڪر پائي سمهي رهي. ڪجهه وقت گذرڻ بعد، شهزادي ڌوتيءَ کي چيو ته ”مون کي آيو اٿئي پيشاب، سو آءٌ ڪري ٿو اچان.“ ڌوتيءَ روئڻهارڪو منهن ڪري چيس ته ”ائين وري ڪيئن ٿو ڪرين، منهن ڪيو مون کي ڇڏيو ٿو وڃين!“ شهزادي چيس ته ”آءٌ رڳو تنهنجي کٽ جي پاسي ۾ ويهي ٿو پيشاب ڪريان- ڪو پري ٿورئي ٿو وڃان! اعتبار نٿو اچيئي، ته هان هيءَ منهنجي ٻانهن جهلي سمهه، ته آءٌ هيٺ ويهي ٿو پيشاب ڪريان!“ ڌوتيءَ ڏٺو ته هاڻ هي مون کان ڪيڏانهن ڀڄي سگهندو، سو منهن ويڙهي، چپڙي ڪري سمهي رهي. شهزادي ماٺ ماٺ ڪري، کڻي اها واڻئي واري ٻانهن هٿ ۾ ڏنس ۽ پاڻ هيٺ کٽ تان لهي، پاڻيءَ جي سانداريءَ کي پَٽ تي رکي، وٺي جو اُن کي سوئي سان ٽنگ ڪيائين، ته سانداري مان پاڻي شرشر ڪري پئي وهيو، سو ڌوتيءَ سمجهيو ته چور برابر پيشاب ويٺو ڪري. اتي خيال ڪيائين ته هاڻي مهل آهي، سو وٺي رڙيون ڪيائين. رڙين جو آواز ٻڌي، بادشاهه ۽ سندس ماڻهو ڊوڙي آيا، ۽ اچي پڇيائون ته ”ڪٿي آهي چور؟“ ڌوتيءَ چيو ته ”هيٺ ويٺو پيشاب ڪري.“ بادشاهه کڻي جو هيٺ ڏسي، ته سانداري پاڻيءَ جي هيٺ پئي آهي، جنهن جي سوراخ مان شر شر ڪيو پاڻي پيو وهي. بادشاهه چيو ته ”هيٺ ته ڪونهي!“ تڏهن ڌوتيءَ، هڪدم بادشاهه کي هٿ ۾ ٻانهن ڏيئي، چيو ته ”قابو ڪجوس، ته ڀڄي نه وڃي! هي ڏسو سندس ٻانهن!“ بادشاهه جهڙي ٻانهن کڻي ڇڪي، ته سڄي ٻانهن ڊوهجي اچي ٻاهر پيئي. بادشاهه کان هڪدم دانهن نڪري ويئي، ۽ رڙ ڪري پڇيائين ته ”هي ڇا؟“ ڌوتيءَ روئي دانهن ڪئي ته ”سائين ظلم ٿي ويو. مون ته چور کي ٻانهن کان اهڙو قابو ڪيو هو، جو ڪيڏانهن به چُري نه سگهي- پر چور ڇا ڪيو، جو پنهنجي ٻانهن وڍي، رفو چڪر ٿي ويو... منهنجا ڳهه ڳٺا به کڻي ويو! هاڻي وارو ڪريو، چور پري ڪونه ويو هوندو.“ ڌوتيءَ جي ڳالهه ٻڌي، سپاهين گهڻو ئي هيڏانهن هوڏانهن ڳوليو، پر چور هجي ته هٿ اچي. نيٺ ڳولي ڳولي ٿڪجي، بادشاهه ته موٽي پنهنجي محل ڏي ويو، پر ڌوتي ويچاري دل ۾ سڙي ويئي- چي، مون سان ظلم ٿيو- انعام ته انعام جي ماڳ، مرڳوئي هڙ جا ٽپڙ وڃايم.“ بادشاهه جڏهن اها وڍيل ٻانهن کڻي وزير وٽ پهتو، تڏهن اُها ٻانهن به ڏيکاريائينس، ۽ سڄي حقيقت به ٻڌايائينس ۽ چيائينس ته ”هاڻي ته چور کي ڳولي لهڻ تمام آسان آهي، جو هيءَ سندس ٻانهن آهي! ضرور شهر ۾ اهو حاضر هوندو. هاڻي پڙهو ڏياريو ته ’جنهن جي ٻانهن وڍيل هجي، سو آهي چور- جنهن کي ڪٿي ڏسڻ ۾ اچي، ته وٺي اچي حاضر ڪريس.‘“ چوبدارن کي حڪم ڏنائين ته ”هڪدم شهر ۾ وڃي ڳوليو، ۽ انهيءَ ٻانهن وڍيل ماڻهوءَ کي پيدا ڪريو.“ چوبدارن هڪدم حڪم جي تعميل ڪئي، ۽ واڻئي کي وٺي اچي بادشاهه جي اڳيان حاضر ڪيائون. بادشاهه واڻئي کي ڏسي چيو ته ”اڙي موالي هي جيڪي چوريون ٿيون آهن، سي سڀ تو ڪيون آهن؟“ واڻيو ويچارو روئڻ لڳو، ۽ پنهنجي ٻانهن ڪپجڻ جي سڄي ماجرا ڪري ٻڌايائين. وزير بادشاهه کي چيو ته ”سائين، هي ويچارو غريب واڻيو- هن جا اهڙا ڪم ڪٿي! اهو وچان ڪو ٻيو شهزور چور آهي. هي جيڪي چوي ٿو. سو سڀ سچ آهي.“ بادشاهه کي به وزير جي ڳالهه دل سان لڳي، ۽ واڻئي کي مَلم پٽيءَ جا پيسا ڏيئي، خوش ڪري، پنهنجي گهر روانو ڪيائين.

رات جو وزير سان بادشاهه صلاح ڪئي ته هاڻي هن چور کي ڪيئن پڪڙجي، نه ته هي ته خلم ٻاري ڏيندو! پر ڪابه هنن جي صلاح ڪانه بيٺي. جڏهن صبح ٿيو، تڏهن شهر ۾ ڏسن ته ڀت تي اشتهار لڳو پيو آهي ته ”اي بادشاهه تنهنجو دنبو کائي توکي دعا ڪئيسون، وري تنهنجي هاريل پيسن مان به ڪيترا ڏينهن موج ڪئيسون، هاڻي ڌوتيءَ جي هٿان اسان کي ڳهه ڳٺا ڏياريئي- تنهن لاءِ اسين تنهنجا شڪر گذار آهيون! تنهنجي شهر ۾ ڏيڍ ڍڳ ساماڻو آهي جو توسان اڍائي ٺڳيون ڪندو!“  بادشاهه اهو اشتهار پڙهي، تپي باهه ٿي ويو، ۽ چيائين ته ”هاڻي آءٌ پاڻهي ٿو ان چور کي پڪڙيان.“ شهزادي، جا سڄي ڳالهه ٻڌي، سا هڪدم وڃي ماءُ کي ٻڌايائين. ماڻس چيس ته ”ابا، تون ڪوبه فڪر نه ڪر- هاڻي سڀ ڪم سڻائو ٿي پوندو.“ پوءِ هن کي ڪن ۾ ڪجهه سمجهائي ڇڏيائين. شهزادي ڇا ڪيو، جو بادشاهه جي اچڻ وڃڻ واري رستي تي، هڪ جاءِ مسواڙ تي وٺي، ان ۾ جنڊ رکي ڇڏيائين. جڏهن رات ٿي، تڏهن زنانا ڪپڙا پائي، آهستي آهستي اُٿي ويهي جنڊ پيهڻ لڳو، جڏهن بادشاهه جي لنگهڻ جو آواز ٻڌائين، تڏهن وٺي رڙيون ڪيائين. بادشاهه رڙيون ٻڌي، هڪدم اندر جاءِ ۾ لنگهي آيو، ۽ اچي پڇيائين ته ”ڇوڪري ڇا آهي؟“ شهزادي جواب ڏنو ته ”سائين، هڪڙو چور ڪو اندر گهڙي آيو، ۽ مون ۾ هٿ وڌائين، جنهنڪري مون وٺي رڙيون ڪيون.“ بادشاهه هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، ۽ ٻاهر به ڳوليائين، پر ڪير به ڏسڻ ۾ ڪونه آيس. ڇوڪري کي چيائين ته ”هتي ته ڪير به ڪونهي.“ شهزادي چيو ته ”سائين، پر آءٌ ڊڄان ٿي- تنهنڪري منهنجي ڪا واهر ڪريو، جو هو وري ايندو ۽ اچي مون ۾ هٿ وجهندو. هاڻي ڪا اهڙي اٽڪل ڪريو، جو هو پڪڙجي پوي.“ بادشاهه چيس ته ”آءٌ جي ائين ويٺو رهندس، ته هو ايندو ڪونه، تنهنڪري پنهنجا ڪپڙا لاهي ڏي مون کي، ۽ منهنجا ڪپڙا تون پائي، لڪي وڃ- پوءِ ڏس ته ڪيئن ٿو چور کي ڦاسايان! انهيءَ چور کي آءٌ ڳوليان پيو.“ بادشاهه، شهزادي جا زنانا ڪپڙا پائي، آهستي آهستي ويهي جنڊ ڪاهڻ لڳو، ۽ هوڏانهن شهزادي کسڪي، وڃي ماءُ کي حقيقت ٻڌائي، جا هڪدم ٺهي سنڀري اُتي آئي، ۽ دروازو کولي بادشاهه کي چيائين ته ”واه، سائين، واه! ويٺا جنڊ ڪاهيو. اوهان ته چيو هو ته ’آءٌ جنڊ ڪونه ڪاهيندس‘؛ پوءِ ڪيئن ويٺا ٿا هي ٻه مڻو چنڊ ڪاهيو!“ بادشاهه پڇيو ته ”تون ڪير آهين؟“ راڻيءَ جواب ڏنو ته ”آءٌ تنهنجي راڻي آهيان، جنهن کي تو چيو هو ته ’ڏسان ته مون کان ڪيئن ٿي جنڊ ڪاهرائين؟“ بادشاهه شرم کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو، ۽ پڇيائين ته ”هي توسان ٻيو ڪير آهي؟“ راڻيءَ ورندي ڏني ته ”هي تنهنجو پٽ آهي.“ بادشاهه پڇيو ته ”منهنجو پٽ وري ڪٿان آيو.“ راڻيءَ چيس ته ”هُتي جهنگ ۾ مون وٽ جهوپڙيءَ ۾ ڪير ايندو هو؟ هيءَ پنهنجي منڊي سڃاڻو، جيڪا مون کي ڏيئي ويا هئا!“ پوءِ جڏهن سڄي حقيقت جي بادشاهه کي خبر پيئي، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ راڻيءَ ۽ پنهنجي پٽ کي محلات ۾ وٺي ويو، جتي هو هميشه خوش گذارڻ لڳا.

●●●

لعل بادشاهه ۽ هيرا راڻي

هڪڙو غريب شخص هونندو هو، جو ڇيڻا چونڊي وڪڻي گذران ڪندو هو. هڪڙي ڀيري، جيئن ڇيڻن جي ڀري کڻي، گهر ڏانهن پئي موٽيو، ته هڪ نانگ سندس پٺيان ڪاهي پيو، جڏهن ڏٺائين ته نانگ اچي پيرن ۾ پيو آهي، تڏهن ڇيڻن جي ڀري کڻي نانگ مٿان اڇلايائين، ۽ ڏنڊو کڻي بيٺو ڇينڻ کي ڪٽڻ، جڏهن دل ۾ پڪ ٿيس، ته هاڻي نانگ ضرور مري ويو هوندو، تڏهن ڇيڻن کي ڦولهي ڏسڻ لڳو، ڇا ڏسي ته نانگ ته ڪونهي، باقي هڪڙو ڳاڙهو مڻيو ڇيڻن ۾ پيو آهي- سو کڻي آيو پنهنجي گهر، ۽ اهو آڻي پنهنجي زال کي ڏنائين، ۽ چيائينس ته هي مڻيو شهر ۾ وڃي وڪڻي اچ.

ان شهر جي بادشاهه کي اولاد ڪونه هوندو هو، ۽ سندس راڻيءَ جي مڻين ميڙڻ تي ڏاڍي دل هوندي هئي. غريب ڪاٺير جي زال اها مڻيو وڃي راڻيءَ کي ڏنو . مڻيو بلڪل بي بها هو، ۽ ان جهڙو اڳ راڻيءَ بلڪل ڪونه ڏٺو هو، تنهن اهو مڻيو وٺي، سوني ٿالهه ۾ وجهي، کڻي هندوري ۾ رکيو. ۽ ڪاٺير جي زال کي چڱو انعام اڪرام، ڏوڪڙ پئسا ڏيئي، خوش ڪري پنهنجي گهر روانو ڪيائين.

منجهند جو بادشاهه به راڻيءَ وٽ آيو. راڻيءَ بادشاهه سان لعل مڻئي جي خريدڻ جي ڳالهه ڪئي. بادشاهه راڻيءَ کي چيو ته ”اهو لعل مڻيو کڻي اچ، ته آءٌ به ڏسان.“ راڻي جيئن مڻئي کڻڻ لاءِ هندوري وٽ پهتي، ته ڇا ڏسي ته سبحان الله! ٿالهه ۾ مڻئي بدران هڪڙو خوبصورت ٻار پيو آهي، ۽ پيو روئي. راڻي يڪدم بادشاهه وٽ ڇوڪرو کڻي آئي. پوءِ  ته ٻنهي جي خوشيءَ جي حد ئي نه رهي. ڀلا کين اولاد جو ڪونه ٿيندو هو. سو خوش ڇو نه ٿيندا! هنن جو شهزادي جهڙو ٻار هڪڙي لعل مڻئي مان حاصل ڪيو هو، تنهنڪري هن تي نالو ئي رکيائون ”لعل شهزادو.“

لعل شهزادو، اڄ ننڍو سڀان وڏو، اچي جوان ٿيو. سندس حسن ته هڻي هر ڪنهن کي حيران ڪري وڌو هو! انسان ته ڇا، پر حورون ۽ پريون به سندس سهڻي صورت ۽ موهڻي مورت تي حيران هيون.

لعل شهزادو جڏهن بلوغت کي پهتو، تڏهن پنهنجي پيءُ کي چيائين ته ”جهڙو آءٌ سهڻو آهيان، زال به اهڙي سهڻي پرڻايوم.“ پوءِ ته بادشاهه پنهنجي بادشاهيءَ ۾ پڙهو ڏياريو ته ”جيڪي به ڪنواريون ڇوڪريون آهن، سي سڀ فلاڻيءَ تاريخ، فلاڻي هنڌ، هار سينگار ڪري، اچي گڏ ٿين. جنهن تي منهنجي پٽ جي دل ٿيندي، اها کيس شادي ڪرائي ڏبي.“ رعيت جا غريب ماڻهو ته ڇا، پر امير به خواهان هئا ته لعل بادشاهه جهڙو سدا سهڻو اسان جي پلئه پوي: سو مقرر تاريخ تي، سڄي رعيت جون ڪنواريون نينگريون اچي هڪ هنڌ ڪٺيون ٿيون

سڀڪنهن ڇوڪريءَ جي اها ئي مرضي هئي ته لعل شهزادو شاديءَ واسطي مون کي چونڊي. پر لعل شهزادي جي ڪنهن تي به دل نه سُرڪي. انهن نينگرين ۾ هڪ ڪاڻي به آئي هئي، تنهن لعل شهزادي کي طعنو هڻي، چيو ته ”اديون، هيءُ اسان کي ڪو قبوليندو ڇا؟ هيءُ پرڻبو هيرا راڻي.“

لعل شهزادي ڪاڻيءَ جو اهو طعنو ٻڌي، چيو ته ”هائو، آءٌ پرڻبس به هيرا راڻي!“

هيرا راڻي ڪنهن ولايت ۾ رهندي هئي، جنهن جي حسن جي هاڪ هر هنڌ مشهور هئي. ڪئين شهزادا سندس سڪ ۾ سُڪي سوڙها ٿيا هئا. مگر هن به ڪنهن کي ڪونه ٿي قبوليو. اُن کي به انهيءَ سبب کان سنديس ڪنهن ساهيڙيءَ طعنو هنيو هو ته ”هاءِ هاءِ، هيءَ مائي به شادي ڪندي ته لعل شهزادي سان ڪندي: ٻيو ڪو مرد هن کي وڻندو ڇا!“

هوڏانهن لعل شهزادي کي ڪاڻيءَ جي تُنڪي تايو هو، ته هيڏانهن هيرا راڻيءَ کي ساهيڙيءَ جي سهم تپايو هو. تنهنڪري هنن ٻنهي جي دل ۾ هڪٻئي جي محبت جو سلو بنا ڏٺي ئي، سامائجڻ لڳو. هوڏانهن لعل شهزادو، هيرا راڻيءَ جي سڪ ۾ نڪري پيو، ته هيڏانهن هيرا راڻي لعل شهزادي

جي محبت ۾  موهجي، هن جي ڳولا لاءِ نڪري پيئي. نيٺ هلندا هلندا، هڪڙي هنڌ ٻيئي اچي هڪٻئي سان مليا، ۽ هڪٻئي کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا، ۽ هڪ ٻئي جي محبت ۾ مست مگن ٿي ويا.

آخر لعل شهزادو هيرا راڻيءَ کي وٺي، پنهنجي پيءُ وٽ آيو. بادشاهه ۽ راڻيءَ ههڙي نازڪ بدن، سدا سهڻي، من موهڻي نُنهن ڏسي ڏاڍا سرها ٿيا، ۽ وڏي ڌام ڌوم سان سندن شادي ڪيائون.

لعل شهزادو ۽ هيرا راڻي هاڻي هميشه گڏ رهڻ لڳا، ۽ ٻنهي جو هڪٻئي کان پري هڪ پل به نه سرندو هو.

ڪاڻيءَ، جنهن لعل شهزادي کي طعنو هنيو هو، سا هنن کي خوش ڏسي، دل ۾ کامڻ پچڻ لڳي، ۽ دل ۾ رٿ ڪيائين ته هنن ٻنهي ۾ وڇوڙو وجهان. سا سدائين پيئي حيلا وسيلا هلائيندي هئي. هن کي اها خبر هئي ته لعل شهزادو هن ملڪ جي بادشاهه ۽ راڻيءَ جو پيٽ ڄڻيو پُٽ ڪونه آهي، پر هن نانگ مان لعل، ۽ لعل مان ڦري لعل شهزادو ٿيو آهي. ۽ سندس بنياد اصل نانگ آهي.

سو هن ڪاڻيءَ اچي هيرا راڻيءَ سان ساهيڙپ ڳنڍي، ۽ ڏيهاڙي اچي هن کي نيون نيون خبرون ٻڌائي ويندي هئي- ۽ ائين گهري ٿيندي ٿيندي، راڻيءَ سان حجتڻ ٿي ويئي. آخر هڪڙي ڏينهن، راڻيءَ کي چيائين ته ”ادي، تون ڪڏهن پنهنجي مڙس کان هي پڇ، ته تنهنجي ذات ڪهڙي آهي؟ مان ته ڀانيان ٿي ته هو توکي پنهنجي ذات اصل نه ڏسيندو، پر تون ڪيئن به ڪري کانئس سنديس ذات ضرور پڇجان!“

رات جو جڏهن لعل شهزادو ۽ هيرا راڻي اڪيلا ٿيا، تڏهن هيرا راڻيءَ انگل ڪري، لعل شهزادي کي چيو، ”پيارا جيڪڏهن گستاخي معاف ٿئي، ته هڪڙو سوال توهان کان پڇان!“ لعل شهزادي چيو ته ”بيشڪ پڇ.“ تنهن تي هيرا راڻيءَ چيس ته مون کي ٻڌايو ته ”توهان جي ذات ڪهڙي آهي؟“ لعل شهزادي چيو ته ”راڻي انهيءَ ڳالهه تان لهي وڃ. اها ڳالهه مون کان نه پڇ، جو انهيءَ تان ڏاڍا ڏک ڏسندينءَ.“

اُن وقت ته راڻي وڌيڪ ڪانه ڪڇي؛ پر ٻئي ڏينهن به ڪاڻيءَ ڏائڻ هيرا راڻيءَ کي اچي چوريو- چي، ”هيرا! راڻي!

هيءُ وري ڪهڙو محبت جو دستور آهي، جو لعل شهزادو سڏائي تنهنجي محبت وارو، ۽ تنهنجو چوڻ مڃي ئي نٿو، جو رڳو توکي پنهنجي ذات ئي نٿو ٻڌائي!“ هيرا راڻي، اهو ٻڌي، جڏهن ٻيو ڏينهن ٿيو، تڏهن لعل شهزادي سان ضد ٻڌي بيٺي ته ”هروڀيرو پنهنجي ذات ٻڌاءِ.“ نيٺ لعل شهزادي ڪڪ ٿي، هيرا راڻيءَ کي چيو ته ”چڱو ڀلا سڀاڻي تيل ميٽ ملي هلنداسين تلاءَ تي غسل ڪرڻ، پوءِ اُتي توکي آءٌ پنهنجي ذات ٻڌائيندس.“

ٻئي ڏينهن، هيرا راڻي تيل ميٽ ملائي، لعل شهزادي وٽ کڻي آئي ۽ اچي چيائينس ته ”لعل شهزادا هاڻي هلو، هلي پنهنجو واعدو پورو ڪريو.“ پوءِ لعل شهزادو ۽ هيرا راڻي ٻئي ڄڻا تلاءَ تي آيا، ۽ تيل ميٽ مکي، پاڻي ۾ گهڙيا. اتي وري به هيرا راڻيءَ لعل شهزادي کان ساڳيو سوال ڪيو. تنهن تي لعل شهزادي اکين ۾ پاڻي آڻي، وري به راڻيءَ کي چيو ته ”راڻي انهيءَ ضد تان لهي وڃ.“ مگر هن جي زناني هوڏ هئي، سا اصل نه مُڙي. تنهن تي لعل شهزادي چيس ته ”چڱو، راڻي، هاڻي ڏسجان ته آءٌ ذات جو ڪير آهيان.“ ائين چئي، تلاءَ ۾ ٽٻي هڻي، نانگ ٿي نڪتو، ۽ ”هَي هَي هيرا راڻي“، ”هِي هِي هيرا راڻي“ چوندو، لڙهندو هليو ويو. هيرا راڻيءَ، اهو حال ڏسي، وٺي آهون ۽ دانهون ڪيون، ۽ پنهنجي دوست جي جدائيءَ ۾ واويلا مچائي ڏنائين. هن جو آهُن ۽ دانهن جو آواز پري پنڌ تائين پئي ٻڌڻ ۾ آيو.

اتفاق سان هيرا راڻيءَ جي هڪ ساهيڙي، جنهن جو نالو نور پري هو، سا درياءَ تان مٿان اُڏامندي پئي ويئي. هيرا راڻيءَ جون دانهون ۽ فرياد ٻڌي اُها هيٺ لهي آئي، ۽ هيرا راڻيءَ کان ههڙي دک ۽ تڪليف جو سبب پڇڻ لڳي. تنهن تي هيرا راڻيءَ سڄو قصو ڪري ٻڌايس، نور پريءَ چيس ته ”ادي، هٿين پئي هاج، هاڻي ڪچو ڪيچين کي چئين. تو پاڻ سان پاڻيهي ڪئي آهي، هاڻي لکيو ويٺي لوڙ. پر ادي، الله مان آسرو نه لاهه، من مولى وري اوهان وڇڙيلن جا ميلا ڪري! هاڻي غم نه ڪر، آءٌ اڄ ئي لعل شهزادي جي پتي ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ڪريان ٿي. رک الله تي، سڀ سڻائي ٿيندي.“

ائين چئي، نور پري ته اُڏامي ويئي، ۽ هيرا راڻي هَي هَي ڪندي، حسرت ۽ ارمان سان اچي گهر پهتي، ۽ کائڻ پيئڻ زهر ٿي ويس. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ نور، پري اوچتو اچي هيرا راڻيءَ وٽ پهتي، ۽ چيائينس ته ”ڀيڻ، لعل شهزادي جو ڪجهه پتو پيو اٿم، هاڻي مولى مڙيئي موچاري ڪندو، تون دلجاءِ ڪر.“ اتي هيرا راڻيءَ کي ڪجهه پيٽ ۾ ساهه پيو، ۽ نور پريءَ کان پڇيائين ته ”ادي، ڀلا ڪر خبر!“ نور پريءَ چيو ته ”فلاڻيءَ ولايت ۾ واسينگ نانگ جو مڪان آهي. اُهي آهن نانگ، پر انساني صورت ۾ به اچي سگهن ٿا. لعل شهزادو انهن نانگ جي بادشاهه جو پٽ آهي. هن پنهنجي پيءُ کان ڪاوڙجي، انساني صورت اختيار ڪئي هئي، جنهنڪري توکي اچي مليو. هن جي جدائيءَ ۾ سندس مائٽن جي ڏاڍي بُري حالت ٿي رهي هئي، ۽ تنهنجي بدقسمتيءَ کان جڏهن هو توکان جدا ٿي وڃي پنهنجي مائٽن سان مليو آهي، ته هو خوش ٿي پيا آهن، ۽ هينئر ڏاڍا سرها آهن.

”هاڻي لعل شهزادي کي هٿ ڪرڻ جي هيءَ تجويز آهي، جو هن جي پيءُ کي راڳ ٻڌڻ جي ڏاڍي سڪ رهي ٿي. تنهنڪري هو ڪٿان ڪٿان جا راڳيندڙ گهرائي، انساني صورت ۾ ٿي، جمعي جمعي جي رات، ڳائڻ وڄائڻ جي محفل ڪندو آهي. هاڻي منهنجي صلاح آهي ته تون اُن  جي اڳيان هلي ناچ گانو ڪري هن کي راضي ڪر. پوءِ خوش ٿي پاڻهي توکي چوندو ته ”هاڻي گهُر، جيڪي گهُرڻو اٿيئي.“ پوءِ تون اُن وقت کانئس لعل شهزادي جي ٻانهن جي گهُر ڪجانءِ. انهيءَ تجويز کانسواءِ ٻيو ڪوبه حيلو ڪونهي.“

هيرا راڻي هيءَ تجويز ٻڌي خوش ٿي، ڇو ته هوءَ ڳائڻ وڄائڻ توڙي ناچ ڪرڻ ۾ اڳيئي بلڪل ڀَڙ هئي. هيڪاري پنهنجي دوست جي جدائيءَ ۾، هن جي سُر آواز ۾ به ڏاڍو سوز ۽ اثر ٿي ويو هو. سو هيءَ نور پريءَ سان گڏجي لعل شهزادي جي پيءُ جي ڪچهريءَ واري جاءِ تي اچي پهتي. اتفاق سان اهو ڏينهن به جمعي جو هو. تنهنڪري لعل شهزادي جو پيءُ به پنهنجي راڳيندڙن جي ٽولي سان اچي براجمان ٿيو.

يڪدم فرش فروش وڇائجي ويا. محفل جو سامان باقاعدي

ٿي ويو. بادشاهه اچي ويٺو. ڳائڻ وارا به پنهنجا ساز طنبورا تيار ڪري، پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويا. ڪجهه  وقت کان پوءِ، هيرا راڻي، جا ڪنهن ڪنڊ ۾ پنهنجي ساهيڙيءَ نور پريءَ سان لڪي ويٺي هئي، اها به ظاهر ٿي اچي ويٺي... ۽ پوءِ بادشاهه کان ڳائڻ جي اجازت وٺي، ناچ ۽ گانو شروع ڪيائين... ۽ اهڙي سوز سان ڳايائين، جو سڄيءَ مجلس ۾ مدهوشي ڇائنجي ويئي. بادشاهه به مست مگن ٿي، هيرا راڻيءَ کي چوڻ لڳو ته ”اي ڳائڻ واري، جيڪي گهرڻو اٿيئي، سو گهُر!“ اتي هيرا راڻيءَ چيو ته ”او بادشاهه عالم پناهه، مون کي فقط منهنجو محبوب، لعل شهزادو عنايت ڪر، جو هن جي وڇوڙي منهنجو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي.“ بادشاهه اهو ٻڌي، انڪار ڪيو. چيائين ته ”نه نه، اهو توکي نه ملندو. باقي ٻيو جيڪي گهرين، سو حاضر ڪريون.“ راڻيءَ وري به ساڳي صدا ڪئي. مگر وري به نه اگهاڻي. محفل برخواست ٿي، نانگ هليا ويا. هيرا راڻي نِراس ٿي، وري ٻئي جمعي جو انتظار ڪرڻ لڳي.

خير سان ٻيو جمعو به آيو. هن دفعي به هيرا راڻيءَ ڏاڍي درد سوز مان ڳايو وڄايو. وري به بادشاهه هن کي چيو ته ”اي ڳائڻ واري، گهر جيڪو گهرڻو هجيئي!“ تنهن تي هيرا راڻيءَ وري به ساڳي صدا ڪئي. مگر بادشاهه وري به انڪار ڪيو. اهڙيءَ طرح سان ٽيون جمعون به آيو. هن دفعي راڻيءَ اهڙي ته درد ۽ سوز فراق مان ڳايو، جو ٻڌندڙن جون دليون ميڻ وانگر رِجي اٿيون. هن دفعي بادشاهه جي دل ۾ رحم اچي ويو، ۽ هيرا راڻيءَ کي چيائين ته ”هيرا راڻي! لعل شهزادو مون توکي ڏنو. هاڻي مون سان گڏجي هل، ته لعل شهزادو، منهنجي جگر جو ٽڪرو، پنهنجي هٿن سان ڪڍي هلي توکي ڏيان.“ پوءِ هيرا راڻيءَ کي بادشاهه پنهنجي محلات ۾ وٺي ويو. اتي لعل شهزادو پلنگ تي ليٽيو پيو هو، ۽ هيرا راڻيءَ جي فراق ۾ بيچين ۽ بيقرار، گهڙيءَ گهڙيءَ ”هَي هَي هيرا راڻي“ جي ٻولي پئي ڪيائين. هيرا راڻي به آهستي آهستي اچي سندس سيرانديءَ کان ٿي بيٺي. لعل شهزادي جيئن پاسو ورايو، ۽ اکيون کوليون، ۽ هيرا راڻيءَ جو نالو ورتو، تيئن هيرا راڻي به اڇلجي سندس جهوليءَ ۾ ڪري پيئي ۽ چيائينس ته ”جيءُ! منهنجي سر جا سائين!“ ائين هي ٻيئي وڇڙيل هڪٻئي سان مليا، ۽ هڪٻئي کي کڻي ڀاڪر وڌائون، ڄڻ ته ٻه نه آهن بلڪ هڪ آهن. ان بعد، هيرا راڻي ۽ لعل شهزادو ڪجهه وقت اتي رهي، بادشاهه کان موڪلائي، پنهنجي اصلوڪي ملڪ ۾ آيا، ۽ ٻيئي ڄڻا عيش آرام سان پنهنجي زندگي گذارڻ لڳا.

جهڙي طرح هنن وڇڙيلن جو واليءَ وصل ڪرايو، اهڙيءَ طرح شل جڳ جهان جون مرادون مولى سائين پوريون ڪري.

 

●●●

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org