انٻولهه راڻي
هڪڙي ڀيري، هڪڙي بڙ جي وڻ تي ٻه نرماد پکي، چڪوو ۽ چڪوي، آکيرو
ٺاهي اچي ويهي رهيا. انهيءَ بڙ سان اهڙو ڪو حساب
هو، جو ڇهين ڇهين مهيني ان کي باهه لڳندي هئي...
پر پکين کي اها خبر ڪانه هئي. نيٺ پکين اُتي آنا
لاٿا، جن مان ٻه ٻچا ٿيا- ٻيئي نَر هئا. ڇهه مهينا
پورا ٿيا، تڏهن بڙ کي اوچتو اچي باهه لڳي، چڪوو ته
باهه ڏسي، پنهنجي جان بچائڻ لاءِ اُڏامي ويو، پر
مادي ويچاري پنهنجن ٻچن کي ڪوڙي ۾ ڪري ويهي رهي، ۽
ڌڻيءَ در وينتيون ڪرڻ لڳي ته ”اي مالڪ تون منهنجن
ٻچن کي بچاءِ، توکانسواءِ اسان کي ڪو اجهو آسرو
ڪونهي.“ ڌڻيءَ در هن جو عرض اگهاڻو، ۽ باهه ٻرندي
ٻرندي، جڏهن آکيري واريءَ ٽاريءَ وٽ آئي، تڏهن
اُجهامي ويئي ۽ هو سڀ بچي ويا. جڏهن باهه وساڻي،
تڏهن چڪويءَ پنهنجن ٻچن کي چيو ته ”اوهين ويهو ته
آءٌ اوهان جي لاءِ چوڳـــــــو هٿ ڪــري
اچان.“ ائين چئي، اُتان اڏامي ويئي، هن جي وڃڻ
کانپوءِ چڪوو آيو، ۽ ڏٺائين ته بڙ جي باهه وسامي
ويئي آهي... تڏهن پاڻ اچي ٻچن جي ڀرسان ويهي رهيو،
ٻچن ڏٺو ته بابا اسان کي تڪليف ۾ ڏسي ڀڄي ويو هو ۽
هينئر آيو آهي، سو کين ٺؤنگا هڻڻ لڳا. چڪوي چين ته
”ٻچا، آءٌ توهان جو پيءُ آهيان- ٺونگا ڇو ٿا هڻو؟“
ٻچن چيو ته ”جڏهن بڙ کي باهه لڳي هئي، تڏهن تون
ڀڄي ويو هئين ۽ امان ويٺي هئي... جي تون اسان جو
هجين ها، ته ڀڄي ڪونه وڃين ها، هاڻي اسين تنهنجا
ٻچا، ۽ نه تون اسان جو پيءُ.“ انهن جو اڃا جهيڙو
هليو پئي، ته ايتري ۾ مادي به چوڳو هٿ ڪري آئي.
چڪويءَ جڏهن مڙس کي ڏٺو تڏهن چيائين ته ”جنهن مهل
اسين تڪليف ۾ هئاسين، تڏهن ڀڄي وئين، ۽ هاڻي وري
ڇا جي لاءِ آيو آهين؟ پنهنجو گس وٺي هليو وڃ! اڄ
کانپوءِ، منهنجي ٻچن سان تنهنجو ڪوبه واسطو
ڪونهي.“ ائين ٻيئي اچي ٽڪريا- چڪوو چوي ته ”ٻچا
منهنجا!“ ۽ مادي چوي ته ”ٻچا منهنجا!“
نيٺ ٻيئي گڏجي، فيصلي لاءِ بادشاهه وٽ آيا- چي: ”تون اسان جو
فيصلو ڪر ته ٻچا پيءُ جا يا ماءُ جا؟“ بادشاهه چيو
ته ”ٻچا پيءُ جا ٿيندا، ماءُ جو ڇا وڃي!“ ان تي
چڪويءَ چيو ته ”بادشاهه سلامت، ڪُنياءُ ڇو ٿو
ڪرين؟ جڏهن ٻچا باهه ۾ ٿي سڙيا، تڏهن ته هي ڀڄي
ويو ۽ آءٌ ويهي رهيس... ۽ هاڻي وري وڏو وارث هيءُ
ٿو ٿئي!“ بادشاهه چيو ته ”بس، منهنجو اهو ئي فيصلو
آهي.“ تڏهن چڪوي ويچاري ٻيو ڪو چارو نه ڏسي،
روئيندي روئيندي، رواني ٿي ويئي... ۽ نيٺ انهيءَ
ڏک ۾، سامهون وڻ تي ويهي ويهي، آکيري کي ڏسندي،
مري ويئي.
مرڻ کانپوءِ، چڪويءَ وڃي هڪڙي واڻئي جي گهر جنم ورتو، جتي هن جو
نالو ڪسونٻا رکيو ويو. ڪسونٻا، اڄ ننڍي سڀان وڏي،
آخر اچي جوان ٿي، سيٺ جي ٻهراڙيءَ ۾ اوڌر رهيل
هئي، انهيءَ جي اڳاڙڻ جو خيال ڪري، هن ڪاٺياواڙ
مان هڪڙو ڀلو گهوڙو گهرايو. اُتي جي بادشاهه کي
جڏهن گهوڙي جي خبر پيئي، تڏهن خيال ڪيائين ته ’مون
وٽ ڀلي گهوڙي بيٺي آهي، مگر هتي ڪو ڀلو گهوڙو آهي
ئي ڪونه- تنهنڪري جي ڪاٺيا واڙي ڀلو گهوڙو آيل
آهي، سو ڇو نه گهوڙي ميڙايان، ته ڦر سٺو ٿئي.‘ اهو
خيال ڪري، بادشاهه سيٺ کي نياپو موڪليو ته ”پنهنجو
گهوڙو ڏي، ته آءٌ پنهنجي گهوڙي ميڙايان.“ اها خبر
جڏهن ڇوڪريءَ کي پيئي، تڏهن پنهنجي پيءُ کي چيائين
ته ”بابا، بادشاهه کي گهوڙو ڀلي ڏيو، پر هڪڙو
انجام وٺوس ته جڏهن ڦر ڇهن مهينن جو ٿئي، تڏهن
اسان کي ڏيکاريو وڃي.“ بادشاهه سيٺ سان اهو انجام
ڪري، نيٺ پنهنجي گهوڙي ميڙائي، جڏهن گهوڙيءَ ٺاڻ
ڏنو ۽ وڇيرو ٿيو، جو ڇهن مهينن تي انجام موجب سيٺ
کي ڏيکارڻو هو، تڏهن بادشاهه کي اها ڳالهه وسري
ويئي، ۽ مٿان اچي اٺ مهينا ٿيا، ڇوڪريءَ سيٺ کي
انهيءَ ڳالهه جي يادگيري ڏياري ته ”بابا، انجام
موجب اڃا تائين ڦر ڏيکارڻ لاءِ ڪونه موڪليو آهي.“
ان تي سيٺ بادشاهه ڏي نياپو موڪليو، تڏهن بادشاهه
کي يادگيري پيئي ۽ پنهنجن ماڻهن کي چيائين ته
”گهوڙي وڇيري سميت وٺي وڃو، ۽ سيٺ کي ڦر ڏيکاري
واپس آڻيو.“ بادشاهه جا نوڪر گهوڙي وٺي سيٺ وٽ
آيا، ۽ سيٺ ڇوڪريءَ کي چيو ته ”گهوڙي آئي آهي، ان
جو ڦر هلي ڏس.“ ڇوڪريءَ چيو ته ”گهوڙي ڦر سميت
حويليءَ ۾ اندر گهرايو.“ آخر گهوڙي اندر آئي، تڏهن
ڇوڪريءَ پنهنجن ماڻهن کي چيو ته ”وڇيرو ٻڌي ڇڏيو.“
انهن وڇيرو ٻڌي ڇڏيو، ۽ پاڻ بادشاهه جي نوڪرن کي
چيائين ته ”وڇيرو اسان جو آهي- اهو فيصلو خود
بادشاهه جو پنهنجو ڪيل آهي- باقي گهوڙي وٺي وڃو ۽
وڃي اها حقيقت بادشاهه کي ٻڌايو.“ نوڪرن اها حقيقت
اچي بادشاهه ساڻ ڪئي... تڏهن بادشاهه کي پنهنجي
اڳئين فيصلي جي يادگيري پيئي، ۽ کڻي ماٺ ڪيائين.
بادشاهه جي پٽ کي جڏهن انهيءَ ڳالهه جي خبر پيئي، تڏهن خيال
ڪيائين ته ’ڇو نه انهيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪري،
پوءِ طلاق ڏيئي، کانئس اهو وڇيري وارو وير وٺان!“
هي بادشاهه جو اڪيلو ۽ دادلو پٽ هو، جنهنڪري
بادشاهه جو مٿس گهڻو پيار هو، ۽ جيئن چوندو هو،
تيئن بادشاهه ڪندو هو. شهزادي ڇا ڪيو جو اونڌو
کٽولو ڪري سمهي رهيو. جڏهن بادشاهه کي اها خبر
پيئي، تڏهن يڪدم ڊوڙندو آيو ۽ اچي پٽ کي ڀاڪر
وڌائين، ۽ چيائين ته ”پٽ، چئه، توکي ڇا کپي؟ جيڪي
چوين، سو آڻي ڏيانءِ... تون ڪو خيال ته ڪر.“
شهزادي چيو ته ”بابا، مون کي اها واڻئي جي ڌيءُ
پرڻاءِ.“ بادشاهه کيس سمجهايو ته ”پٽ، تون شهزادو
آهين، ۽ هوءَ پنهنجي رعيت... سو، اها شادي ٺهي ئي
ڪانه ٿي. تنهن کانسواءِ پاڻ مسلمان ۽ هو هندو، سو
ڇوڪري ڪو ڏيندا؟ تنهنجون ٻه راڻيون اڳيئي آهن....
وري به ڪنهن بادشاهه جي ڌيءُ جيڪا چئين سان توکي
پرڻايان.“ مگر شهزادي ضد ڪيو ته ”مون کي پرڻائين،
ته اها واڻئي جي ڌيءُ پرڻاءِ جي نه ته تون ڄاڻ،
تنهنجي بادشاهي... آءٌ وڃي ٿو جوڳي ٿيان.“ بادشاهه
ڏٺو ته شهزادو ضد تان نه لهندو، تڏهن کيس دلاسو
ڏيئي، اچي پنهنجي وزير سان صلاح ڪيائين. آخر ٻنهي
ڄڻن صلاح ڪري، هڪڙو هوشيار ماڻهو واڻئي وٽ سڱ گهرڻ
لاءِ موڪليو، جنهن اچي واڻئي سان اها ڳالهه ڪئي.
واڻئي چيو ته ”سائين! بادشاهه مسلمان، اسين
هندو... تنهن کانسواءِ، هو بادشاهه، اسين غريب-
اهو سڱ ڪو ٺهي ٿو؟“ مون کي پنهنجي برادري نيات مان
ڪڍي ڇڏيندي! ٻيو جيڪو به حڪم بادشاهه جو ملندو، سو
مڃڻ لاءِ تيار آهيان، باقي ڇوڪريءَ جو سڱ ڪونه
ڏيندس.“ اهو ماڻهو واپس موٽي آيو، تڏهن بادشاهه
وزير کي موڪليو- تنهن کي به واڻئي ساڳيو جواب ڏنو.
تڏهن وزير کيس سمجهايو ته ”بادشاهه کي هڪ پٽ آهي،
جو ڏاڍو دادلو آهي. شهزادي ضد ڪيو آهي... تون جي
خوشيءَ سان سڱ ڏيندين، ته واهه، نه ته بادشاهه
زوريءَ به توکان سڱ وٺندو، جنهن ۾ تنهنجي بدنامي
ٿيندي.“ اها خبر نيٺ ڪسونٻا کي پيئي- ۽ اها به خبر
پيس ته شهزادي جي دل ۾ ڇا هو- پر پيءُ کي چوائي
موڪليائين ته ”اوهين ڳڻتي پائيءَ جي نه ڪريو...
ماٺ ڪري سڱ ڏيو.“ انهيءَ نياپي ملڻ تي سيٺ بادشاهه
کي سڱ ڏنو، ۽ رسم موجب ناريل چِٽي ڏنو ۽ ٽپڻو ڏسي،
لگن نهاري، شاديءَ جا ڏينهن به چٽا ڪري ڏنا. وزير
خوش ٿي موٽي ويو، ۽ وڃي سڄي حقيقت بادشاهه کي
ٻڌايائين، جتي مبارڪون ملي ويون ۽ ڏاڍا شادمانا
ٿيا. هنڌ هنڌ ڳالهه پکڙجي ويئي- چي: ”واڻئي جي
گهر بادشاهه جي پٽ جو وهانءُ ٿيو آهي!“ جيترا وات
اوتريون ڳالهيون، ڪو ڪيئن پيو چوي، ڪو ڪيئن شهزادي
کي ٻه راڻيون اڳ ۾ به هيون، جن کي شهزادي چيو ته
”واڻئي جي ڌيءُ سان آءٌ فقط گهوڙي جي وڇيري جي وير
پاڙڻ لاءِ شادي ڪريان ٿو، ۽ کيس هفتي اندر طلاق
ڏيئي ڪڍي ڇڏيندس.“ جيئن جيئن شاديءَ جا ڏينهن
ويجها پوندا ويا، تيئن تيئن ٻنهي پاسي زور شور سان
تياريون ٿيڻ لڳيون. آخر مقرر ڏينهن تي ڄڃ تيار ٿي
رواني ٿي، ڪنواريتن ڄڃ جو آڌرڀاءُ ڪيو، شادي خير
سان پوري ٿي ۽ شهزادو ڪنوار وٺي گهر آيو، پوءِ ستن
ڏينهن جا ست هفتا گذري ويا، پر شهزادو هجي، جو
نئينءَ ڪنوار جي محلات مان نڪري، ڪنهن ڏانهن سنئون
منهن ڪري نهاري به ڪين. تڏهن سندس اڳين راڻين کيس
چوائي موڪليو ته ”اُهي شهزادا ئي ڪهڙا، جيڪي
پنهنجا وچن وساري ڇڏين... ڪا هڪ اڌ نگاهه ته
هيڏانهن اسان ڏانهن به ڪيڏيءَ مهل ڪندا ڪريو!“ اتي
شهزادي کي پنهنجو قول ياد پيو، ۽ ڪسونٻا کي چيائين
ته ”توکي طلاق ڏيندس!“ تڏهن ڪسونٻا کلي چيس ته
”مون ۾ ڪهڙي اوڻائي آهي، جو طلاق ٿو ڏين؟ مون کي
طلاق ڏيئي، انٻولهه راڻي ٿورئي پرڻجي ايندين...
اهڙو بهادر هجين ها ته پهرين اُها وڃي پرڻجين ها!“ شهزادي کي جا
ڪاوڙ لڳي، سو چيائين ته ”تون به هتي، مان به
هتي... آءٌ انٻولهه راڻي ضرور پرڻبس.“ تنهن تي
ڪسونٻا چيس ته ”پوءِ پهرين انٻولهه راڻي پرڻجي اچ-
طلاق مون کي پوءِ به ڏيئي ٿو سگهين!“ هي ٻڌي،
شهزادو پنهنجا ٻيلي ٻانها سنڀرائي، گهوڙن تي چڙهي،
انٻولهه راڻي پرڻجڻ لاءِ اُٿي گهران روانو ٿيو، ۽
هڪ ولايت ڇڏي، ٻيءَ ولايت ۾ ويو، جتان ڏس پتو
پڇندو، منزلون ماريندو، آخر اچي انٻولهه راڻيءَ جي
ملڪ ۾ رسيو، ۽ نيٺ انهيءَ شهر ۾ پهتو، جتي انٻولهه
راڻي رهندي هئي.
انٻولهه راڻيءَ جو شرط هو ته ”جيڪو ماڻهو مون سان شادي ڪرڻ
چاهي، سو پهرين نغاري تي ڏونڪو هڻي، آءٌ ان کي
اندر گهرائينديس، ۽ سڄي رات پاڻ وٽ رهائينديس- ۽
انهيءَ وچ ۾ آءٌ اصل ڪونه ڪڇنديس... پر جي مون
ساڻس ڳالهايو، ته پوءِ آءٌ کيس مباح آهيان- ۽ جي
نه ڳالهايم، ته صبح جو اُهو منهنجو غلام ٿي رهندو،
۽ آءٌ کيس پنهنجي مرضيءَ موجب وڪڻي ڇڏينديس: اهو
شرط جنهن کي قبول هجي، سو اچي نغاري تي ڏونڪو
هڻي!“
شهزادو به انٻولهه راڻيءَ جي شهر ۾ ڪجهه وقت رهي،
سموري خبر چار وٺي، هڪڙي ڏينهن وڃي نغاري تي بيٺو،
۽ کڻندي ڏونڪو زور سان هڪڙو، ٻيو، ٽيون يڪساهيءَ
وهائي ڪڍيائينس. نغاري جو آواز ٻڌي، انٻولهه
راڻيءَ هڪدم کيس
اندر گهرايو. پوءِ ته ساري رات شهزادي کي جيڪي مرليون وڄائڻيون
هيون، سي وڄائي وڃي دنگ ڪيائين- پر راڻيءَ کي، جو
نه ڳالهائڻو هو، سو چپ سبي ويهي رهي... تان جو اچي
صبح ٿيو، ۽ انجام موجب راڻيءَ هن کي پنجن ڪوڏين ۾
هڪڙي چاڪيءَ وٽ وڪڻي ڇڏيو، جنهن هن کي وٺي وڃي
گهاڻي تي بيهاريو، جتي ويچارو سڄو ڏينهن ڍڳو ٿيو
پيو گهاڻو گهليندو هو.
شهزادو جيئن گهران نڪتو، تيئن سندس پيءُ کي ڪابه خبر ڪانه هئي
ته هي ڪيڏانهن ويو. بادشاهه جي ليکي ته شهزادو
اڳيئي گهمڻ ڦرڻ ۽ سير شڪار تي ويندو آهي ۽ موٽي
ايندو آهي، سو هينئر به گهمڻ ڦرڻ ويو هوندو. ٽي
چار مهينا گذريا، شهزادو نه موٽيو، تڏهن پڇا
ڪيائين ... سڀ پيا چون ته ”اسان کي خبر ناهي.“ آخر
شهزادي جي ٻن راڻين جي محلات مان پڇا ڪيائين، جتان
به ڪو پتو ڪونه پيس. نيٺ بادشاهه شهزادي جي ننڍي
راڻيءَ وٽ لنگهي ويو، جنهن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ته
”اڙٻنگ شهزادو انٻولهه راڻي پرڻجڻ ويو آهي!“
بادشاهه انٻولهه راڻيءَ جا شرط اڳيئي ٻڌا هئا، سو
خاطري ٿيس ته شهزادي کان اُهي شرط پورا ٿي نه
سگهيا آهن، ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن تڪليف ۾ ضرور آيو
آهي، ۽ تنهنڪري واپس موٽي نه سگهيو آهي، سو پنهنجن
ماڻهن کي چيائين ته ”وڃي شهزادي کي ڳولي وٺي اچو.“
بادشاهه جا ماڻهو پوءِ چئن ئي ڪنڊن تي پکڙجي ويا،
پر ڪيترائي ڏينهن گذري وين ۽ منجهانئن ڪوبه واپس
ڪونه موٽيو. تڏهن ڪسونٻا بادشاهه کي چيو ته ”اڃا
ته شهزادي جو ڪو پتو ڪونه پيو آهي، هاڻي مون کي
نوڪر چاڪر ڏيو، ته آءٌ ٿي شهزادي کي هٿ ڪري اچان.“
بادشاهه کيس اجازت ڏني ۽ نوڪر چاڪر ۽ مال اسباب
ڏيئي، کيس روانو ڪيائين.
ڪسونٻا ڇا ڪيو، جو مردانو ويس ڪري، ٻيلي ٻانها وٺي، گهوڙن تي
چڙهي رواني ٿي، ۽ هڪليندي هڪليندي، نيٺ اچي
انٻولهه راڻيءَ جي شهر ۾ پهتي، اُتي هڪڙو مندر هو،
جنهن ۾ سڀ وڃي لٿا، انهيءَ مندر ۾ هڪڙو جوڳي رهندو
هو، جو ڇهه مهينا سمهي ننڊ ڪندو هو ۽ ڇهه مهينا
جاڳي ڌڻيءَ جي عبادت ڪندو هو. هي جڏهن اتي پهتا،
تڏهن جوڳي ننڊ ۾ هو، ۽ جڏهن هن جي جاڳڻ جو وقت
ويجهو آيو، تڏهن ڪسونٻا، جا مرداڻي ويس ۾ هئي،
تنهن وڃي هن لاءِ دونهين دکائي تيار ڪئي، ڇهه
مهينا پورا ٿيا، جوڳي جاڳيو... ۽ ڏسي ته دونهين
اڳي ئي تيار آهي، ۽ سامهون هڪ سهڻو جوان ڪرنش ۾
بيٺو آهي. پوءِ ڪسونٻا هٿ ٻڌي چيو ته ”آديس گهرو!“
جوڳي هن جي اهڙي نماڻائيءَ تي بلڪل خوش ٿيو ۽
دونهين مان رک کڻي، بت کي ملي، ڀڀوت ٿي، ڌيان ۾
ويهي رهيو... ۽ دير دير کانپوءِ جولان ۾ اچي، هن
ڏانهن منهن ڪري چيائين ”ٻچا جيڪڏهن آديس گهرو نه
ڪرين ها ته اَهر جيڏا داڻا ڪري ڇڏيونءِ ها؛ هاڻي
جيڪو گهرڻو هجئي، سو گهر!“ تڏهن ڪسونٻا چيو ته
”مون کي انٻولهه راڻيءَ سان شادي ڪرڻي آهي-
مهرباني ڪري مدد ڪريو، جيئن من جي مراد پوري ٿئي.“
تڏهن جوڳيءَ خوش ٿي، هن کي آسيس ڪئي ۽ دونهين مان
ڪجهه رک کڻي هن کي ڏيئي چيائين ته ”هيءَ رک پاڻ
سان قابو ٻڌي ڇڏ، توکي راڻيءَ جي شرطن جي خبر
آهي.... جڏهن راڻي توکي اندر گهرائي ۽ تون ڳالهائي
ڳالهائي ڪڪ ٿين- ۽ راڻي توسان نه ڳالهائي- تڏهن
راڻي جي کاٻي هٿ جي چيچ جهلي، ان کي هيءَ رک
ملج... انٻولهه راڻي پنهنجي ٻالڪي آهي- اميد ته
تنهنجي من جي مراد پوري ٿيندي.“ ڪسونٻا رک وٺي
قابو ڪئي ۽ جوڳيءَ کان آسيس وٺي، موڪلائي ٻاهر
نڪتي، ۽ وڃي نغاري تي ڏونڪو هنيائين. نغاري جو
آواز ٻڌي، انٻولهه راڻيءَ کيس اندر گهرايو، پوءِ
ته ڪسونٻا ڪيتريون ئي هيٺ مٿي، اوڀاريون لهواريون
ڳالهيون ويهي ڪيون، پر انٻولهه راڻي اهڙي ڪڇي جهڙي
ڀت، پوءِ پرهه ڦٽيءَ مهل، ڪسونٻا راڻيءَ جي کاٻي
هٿ جي چيچ جهلي، ان کي رک ملي... ۽ پوءِ ٿڌو ساهه
ڀري چيائين: ”انٻولهه راڻي، هاءِ هاءِ!“ ڪسونٻا جي
بس ايتري چوڻ جي دير هئي- ۽ انٻولهه راڻيءَ کان
جهليو نه ٿيو، ۽ چيائين: ”جيءُ ڙي ڪسونٻا راءِ!“
پوءِ، ڪسونٻا ته ڪسونٻا، پر جنهن ڳالهه ٻڌي، سو
حيران ٿي ويو- چوڌاري واڌايون وري ويون، ۽ ماڻهن
ڊوڙي وڃي اها خبر انٻولهه راڻيءَ جي پيءُ بادشاهه
کي ٻڌائي، جو به ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ هڪدم دهل گهرائي
شاديءَ جي تيارين کي لڳي ويو ۽ ڏينهن چٽا ڪري،
ڪسونٻا سان ڌيءُ جي شادي ڪرائي ڇڏيائين.
انٻولهه راڻيءَ جي شادي، جو ٿي، سو ڀت جي هونگ لڳي ويئي- امير
اُمرا، غريب غربا، سڀ کائي خوش ٿي پئي ويا... جيڪو
آيو، سو کائي پي، ڀت جي هڙ ٻڌي ٿي موٽيو- سڄو شهر
پئي کائڻ آيو. تڏهن چاڪيءَ پنهنجي نوڪر ”شهزادي“
کي چيو ته ”تون به وڃ، شادي ڏسي ڀت کائي اچ ۽ اسان
جي لاءِ به کڻي اچ.“ سو هي به ويچارو ڀت کائڻ ويو.
ڪسونٻا حڪم ڪيو ته ”جيڪو ماڻهو ڀت کائڻ اچي سو
پهرين مون وٽ حاضر ڪري، پوءِ ان کي ڀت کارائيندا
وڃو.“ نوڪر سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي هن وٽ وٺي پئي آيا
۽ ڪسونٻا انهن کي ڏسي، نوڪرن کي حڪم پئي ڏنو ته
”هاڻي هن کي ڀت کارائي، ڍؤ ڪرائي، روانو ڪريو.“
جڏهن شهزادو چاڪيءَ جي نوڪرن جي ويس ۾ ڀت کائڻ
لاءِ آيو، تڏهن نوڪر کيس ڪسونٻا وٽ وٺي آيا، جنهن
کيس سڃاتو ۽ نوڪرن کي چيائين ته ”هن کي ڪڻو ڪڻو
ڀت کارايو، جيئن آهستي آهستي کائي، ۽ پوءِ کائي بس
ڪري، ته مون وٽ وٺي اچوس.“ هن ويچاري گهاڻي جي ڍڳي
دل ۾ چيو ته ”يا خدا، هي ڇا؟ ساري خلقت کايو وڃي،
مون لاءِ هتي به مصيبت- جيڪا ٿڙي، سا ڪاڻي جي اک
۾! هاڻي، الاجي، ڇا ڪندا؟ الاجي ٻي وري ڪهڙي مصيبت
اچڻي آهي.“ سو ويچاري کي ڊپ وچان ماني به نه وڻي ۽
مٿان وري چونس ته ”ڍؤ ڪري کاءُ- شاهي حڪم آهي!“
پوءِ ته چانور چانور ڪري، چڻي چڻي، ويچاري جي ڄڙهه
ئي نڪري ويئي... مٿان اچي رات پيس، تڏهن مس وڃي ڪا
ڦيلهي ڀت جي نڙيءَ کان هيٺ لٿس، پوءِ غريب کي ڇڪي
وٺي آيا ڪسونٻا راڻيءَ وٽ، جنهن کانئس حال احوال
پڇيو، ۽ چيائينس ته ”ڊپ نه ڪر، سچي سچي حقيقت ڪري
ٻڌاءِ- توسان ڪهڙي ويڌن آهي؟“ پوءِ ڏڪندي ڏڪندي،
هن سڄي سچي حقيقت ڪري ٻڌائي... تڏهن ڪسونٻا
بادشاهه جي وزير کي گهرائي، چيو ته ”هن ويچاري جي
قيمت ئي ڪيتري! هاڻي گهاڻائيءَ وٽ وڃ، پنجن ڪوڏين
بدران پنج ٽڪا کيس ڏيئي، هن جي جند ڇڏائي اچ!“
وزير گهاڻائيءَ کي گهرائي چيو ته ”تنهنجي نوڪر جي
بادشاهه جي ناٺيءَ کي ضرورت آهي، تو پنجن ڪوڏين ۾
خريد ڪيو آهي، اسين توکي هن جا پورا پنج ٽڪا ڏيون
ٿا- سي وٺ ۽ نوڪر ڏي.“ گهاڻائيءَ ڏٺو ته پنجن
ڪوڏين جا پنج ٽڪا به ٿا ملن، ۽ هن روئڻيءَ صورت
مان جند به ٿي ڇٽي- ۽ بادشاهه جو نئون ناٺي به
راضي ٿئي- سو وزير کي چيائين ته ”سائين لهي ته
هيءُ ڪوڙي ڪوڏي به ڪونه، اوهان ته مون کي پنجن
ڪوڏين جا پنج ٽڪا ٿا ڏيو! آءٌ ته هونئن ئي هن ڪوڙي
ڍڳي مان ڪڪ آهيان... ڪڍو پنج ٽڪا ۽ ڪاهيو هن گاهه
جي وڻاهه کي!“ پوءِ وزير هن ڍڳي شهزادي جي چنڊ
ڇڏائي، ان کي آڻي ڪسونٻا وٽ حاضر ڪيو، ۽ ٻڌايائينس
ته چاڪيءَ ڪهڙا ٿي هن جي ساراهه جا ڍڪ ڀريا...
جيڪي وزير جي واتان ٻڌي، ڪسونٻا کلي کلي کيري ٿي
پيئي!
رات جو، انٻولهه راڻي جڏهن ڪسونٻا سان گڏي، تڏهن ڪسونٻا وچان
ترار رکي، رات گذاري صبح ڪيو... ۽ اهڙيءَ ريت جڏهن
ٻه چار راتيون گذريون، تڏهن انٻولهه راڻيءَ هن کان
ان جو سبب پڇيو. تنهن تي ڪسونٻا چيو ته ”سبب ته ڪو
به ڪونهي، پر منهنجي باس باسيل آهي ته ڇهه مهينا
عورت کي ويجهو نه ويندس- جن مان چار مهينا ٿيا
آهن، باقي ٻه مهينا آهن، اُهي پورا ٿين، ته پوءِ
تون منهنجي راڻي آهين ۽ آءٌ تنهنجو شهزادو... تون
ڪوبه خيال نه ڪر.“
پوءِ ڪجهه وقت اُتي رهڻ بعد، موڪلائي، سڀ واپس موٽيا، شهزادو به
نوڪر جي حالت ۾ ساڻس گڏ هو. منزلون ڪندا، اچي
پنهنجي شهر کي ويجهو پهتا. شهر کان اڃا منزل ٻن جي
پنڌ تي ئي هئا ته ڪسونٻا هنن کي چيو ته ”اوهين هتي
ترسو، ته آءٌ هتان جي بادشاهه سان ملاقات ڪري
اچان.“ ائين چئي، هنن کي ڇڏي، پاڻ بادشاهه وٽ آئي،
۽ اچي سڄي حقيقت ڪري ٻڌايائينس، ۽ پاڻ زنانا ڪپڙا
ڪري، چپ چاپ وڃي محلات ۾ ويٺي. بادشاهه ٻاهر نڪري
انٻولهه راڻيءَ وٽ ويو، ۽ هنن کي ڏاڍن دهلن دمامن
سان گهر وٺي آيو. شهزادو پنهنجي پيءُ کي ڏسي، عجب
۾ پئجي ويو. پوءِ ته بادشاهه، هن کي ڳراٽڙي پائي،
پرڀرو وٺي وڃي سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي، جا ٻڌي شهزادو
ڏاڍو ڦڪو ٿيو. انٻولهه راڻي به هيءَ ڳالهه ٻڌي،
عجب ۾ پئجي وين، ۽ وڌي محلات ۾ ويئي، جتي ڪسونٻا
زناني ويس ۾ ويٺي هئي. ٻئي ڄڻيون هڪٻئي کي ڏسي،
اچي کل ۾ ڇٽيون، ۽ کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويهن.
هي اڃا کل چرچي ۾ هيون، ته مٿان شهزادو به آيو.
ڪسونٻا کيس ادب سان اٿي چيو ته ”انٻولهه راڻيءَ
سان شادي ڪري موٽيا آهيو، ان لاءِ مبارڪون هجنو-
پر ڏينهن سو گهڻا لاتو!“ شهزادو ڏاڍو شرمسار ٿيو-
بس ڌرتي جاءِ ڏئيس، ته هوند پيهي وڃي… ۽ ڪسونٻا کي
کڻي ڀاڪر وڌائين- چي: ”سبق سکڻو هوم، سو سکيس…
وڌيڪ بچڙو نه ڪرينم- نه ته باقي جيئڻ ئي ڪهڙو!“
پوءِ ڪسونٻا شهزادي کي معافي ڏني ۽ کلي خوش ٿي
هڪٻئي سان کير کنڊ ٿي ويا.
●●● |