سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون -1

باب: -

صفحو :14

لال شهزادو

 


 

ڪنهن زماني ۾، هڪڙو ڪو بادشاهه هو، جنهن کي ٻي ته دنيا ۾ ڪنهن ڳالهه جي ڪمي ڪانه هئي، پر اولاد جو سڪايل هو. بادشاهه کان وڌيڪ، رات ڏينهن، راڻيءَ کي اولاد جو فڪر ۽ ارمان هوندو هو. هڪ ڏينهن راڻي، شاهي محلات جي کِڙڪيءَ تي اڪيلي ئي اڪيلي، اداس ۽ وياڪل، بيٺي هئي، ته اوچتو پريان نظر وڃي هڪڙي فقير تي پيس. فقير به راڻيءَ کي ڏٺو ۽ هن کي ايترو اداس ڏسي، خيال ڪيائين ته ’راڻيءَ کي دنيا جون سڀ نعمتون موجود آهن…. پوءِ ڪهڙو سبب آهي جنهن کان راڻي ڏکويل آهي؟ لاشڪ، راڻيءَ کي ڪو الاد جو ڳاراڻو ٿو ماري!‘ سو، وڃي محلات جي در تي صدا هنيائين. ٻانهيءَ هن کي خيرات ڏيڻ جي ڪئي، پر فقير وٺڻ کان انڪار ڪيو، ۽ چيائين ته ”راڻي پنهنجن هٿن سان خيرات ڏئي، ته فقير دعائون ڪنس!“

ٻانهيءَ سموري ڳالهه اچي راڻيءَ کي ٻڌائي. راڻيءَ سمجهيو ته ’فقير لالچي آهي، ڏسي ٿو ته راڻيءَ جي هٿن سان جيڪا خيرات ملندي، سا ٻانهيءَ جي خيرات کان گهڻي هوندي… پر فقير آهي، ڀل وڃي خوش ٿئي- لهي مون مان به ڪونه ويندو.‘ پوءِ هن هڪڙي مهر کڻي، اچي فقير جي جهوليءَ ۾ وڌي، پر فقير مهر وٺڻ کان انڪار ڪيو، ۽ چيائين ته ”راڻي، خيرات ۾ ڏيڻو اٿئي، ته ڳچيءَ جي هار مان هڪڙي ”لعل“ لاهي ڏي.“ راڻيءَ کلي، هار مان لعل ڪڍي، کڻي فقير کي ڏني. فقير خوش ٿي چيس: ”راڻي! هاڻي گهر، جيڪي گهڻو اٿئي!“ راڻيءَ اکين ۾ پاڻي آڻي چيو: ”فقير سائين! الله جو ڏنو سڀڪجهه اٿم، باقي اولاد جي بُکي آهيان- خدا کان پني، مون کي ڪو اولاد ڏيار!“ فقير چيس ته ”راڻي، دلگير نه ٿيءُ! الله ڪندو ته توکي لعل عيوض لالُ ملندو.“ ائين چئي، فقير رمندو رهيو.

خدا جي قدرت سان، راڻي کي اميدواري ٿي، بادشاهه به خوش ٿيو، ۽ خير خيراتون ٿيڻ لڳيون. هڪڙي ڏينهن، راڻيءَ هندوري ۾ ليٽي پيئي هئي، ته اوچتو سندس اک وڃي مٿان هڪڙي جهرڪيءَ جي آکيري تي پيئي، ڇا ڏسي، ته جهرڪ ۽ جهرڪي، اڪيلائي اڪيلا، هڪ ٻئي تي گهوريا پيا وڃن! راڻي انهن پکيئڙن جي ايڏي پريت ڏسي، ايتري ته خوش ٿي، جو هر روز هندوري ۾ ليٽي، آکيري ۾ اک وجهيو ويٺي رهندي هئي. ٿورا گهڻا ڏينهن گذريا، ته جهرڪيءَ ٻه آنا لاٿا… ٻچا ڦٽا… ۽ پوءِ، هڪڙي ڏينهن ويچاري جهرڪي ڪٿي وٺجي پيئي… ۽ واپس ڪانه آئي، سا ڪا نه آئي! ڏينهن ٻه گذريا نه گذرئي جهڙا… ته جهرڪ سان گڏ ٻيءَ هڪڙيءَ جهرڪيءَ اچي آکيري ۾ واسو ڪيو- ۽ اچڻ سان ٻچن کي وٺندي کنڀڙاٽين کان، اُڇلائي هيٺ ڦٽي ڪري ڇڏيائين… ۽ پوءِ ويهي جهرڪ سان پيار ونڊڻ لڳي! راڻي، هيءَ ماجرا ڏسي، اُڇانگ ڏيئي هندوري مان اُٿي ۽ ڪارو ويس پائي، اونڌي منجي ڪري، سمهي رهي. بادشاهه آيو، جنهن راڻيءَ جي اها حالت ڏسي، کانئس پڇيو ته ”ڇا ڳالهه آهي؟“ راڻيءَ جهرڪين وارو سمورو قصو ڪري ٻڌايس، ۽ چيائينس ته ٿي سگهي ٿو ته مون سان به اهڙي حالت ٿئي… انهيءَ ڪري مون سان واعدو ڪر ته مون کان پوءِ ٻي شادي نه ڪندين؟“ بادشاهه راڻيءَ کي، ڳراٽڙي پائي، دلداري ڏني ۽ ساڻس انجام ڪيائين ته ’چاهي ڇا به ٿي پوي، توکان پوءِ ٻي شادي ڪانه ڪندس!“

ڏينهن پڄاڻا، راڻيءَ کي هڪ پٽ ڄائو- نالو رکيائونس ”لالُ“ پر راڻي ڊهي پيئي، ۽ اڃا ڇوڪري کي ڄائي پنج ڇهه مهينا مس گذريا، ته راڻيءَ دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. راڻيءَ جي موت کي اڃا ڪي مهينا ئي ڪين گذريا، ته اميرن وزيرن اچي بادشاهه کي ورايو- چي، ”بادشاهه سلامت! انسان نرجو آهي- مئي پٺيان ڪيترو ڪو مري سگهندو! ٻي ڳالهه لاءِ نه، ته پنهنجي راڄ رعيت لاءِ ئي سهي- حضور جن کي ٻي شادي ڪرڻ کي کپي!“ پر بادشاهه صفا نابري واري- ۽ ائين ڪي سال گذري ويا. شهزادو لال به اتي چڱو خاصو جوان اچي ٿيو- سونهن ۽ جواني ڏسوس، ته منهان ڦاٽي پئي ٻاهر نڪريس! تنهن وچ ۾، اميرن وزيرن ۽ بادشاهه تي زور رکڻ ۾ وسئون ڪين گهٽايو… ۽ ٿيندي ٿيندي، جڏهن بادشاهه جي عمر به اچي هٽي، تڏهن آخر هڪ ڏينهن بادشاهه مجبور ٿي شاديءَ لاءِ هائوڪار ڪئي. ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ٿي. بادشاهه جي شاديءَ کي سال ٻه گذريا ئي مس، ته هڪ ڏينهن نئين راڻي بادشاهه وٽ، وار ڇوڙي، بڇڙا حال ڪري، سانگ رچائي، ويهي رهي- چي، ”مان اڳي ئي دانهيندي هيس ته لال شهزادي جي نظر چڱي نه آهي! اڄ ساڳيو ٻانهيءَ هٿ هي سنيهو موڪليو اٿس!“ ۽ ائين چئي، شهزادي جي رومال ۾ ويڙهيل سوپاري ۽ لؤنگ کڻي بادشاهه جي آڏو رکيائين. بادشاهه جا به، جو ٻڌي ٻڌي ڪن ٿي ڪڙا ٿي ويا هئا، سو هاڻ، جو راڻيءَ سان ٻانهي به ها ۾ ها ملائي بيهي رهي، تنهن تي بادشاهه بنهه تپي باهه ٿي ويو، ۽ نڪا ڪيائين هم نه تم، يڪدم حڪم ڪيائين ته ”آخر ڪيترو ڪو سهي، ڪيترو سهندو! شهزادي کي پري ڪنهن هنڌ چپ چاپ وٺي وڃي پورو ڪري اچو، ۽ هن جون اکيون ڪڍي آڻي راڻيءَ کي ڏيو!“

جڏهن وزير ۽ وزير جا سپاهي، راتو رات، شهزادي کي وٺيو. هڪ رڻ پٽ مان اچي لنگهيا، ته ڏسن ته هڪڙا چار فقير آهن، جي دونهين دکايو، ان جي چؤڌاري پلٿيون هنيو، اکيون بند ڪيو، ڌيان لڳايو، ويٺا آهن، فقيرن، جو ڀرسان پيرن جو کڙڪو ٻڌو، سو اکيون کولي، هنن کي ڏسي، هڪ ٻئي کي چوڻ  لڳا: ”سمجهو، يارو، سمجهو! ويل ڳالهه ڪيئن وري…!“ پوءِ، انهن فقيرن مان هڪڙي فقير شهزادي ڏانهن نهاري، وڏي وات چيو ته ”افسوس! هيءُ شهزادو سڀاڻي مري ويندو!“ تنهن تي ٻئي فقير چيو: ”يارو، اسان پنهنجي حياتيءَ جو اڌ هن شهزادي کي ڏنو!“ اتي وري ٽئين فقير چيو ته ”اڌ حياتيءَ جو اسان به هن شهزادي کي ڏنو!“ تڏهن چوٿون فقير اُٿيو، ۽ اچي شهزادي جي پُٺي ٺپري چيائين: ”شهزادي کي مبارڪ هجي… سڀاڻي شهزادو گهوٽ ٿيندو…!“ ائين چئي چار ئي فقير اکيون بند ڪري، وري پنهنجي ڌيان ۾ لڳي ويا ۽ شهزادو ۽ شهزادي جا ويري ويچار ۽ عجب ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري، اٿي اڳتي پنڌ پيا.

اتي، شهزادي وزير کان پڇيو: ”اوهان مون کي آخر ڇو ٿا مارڻ گهرو؟ منهنجو ڏوهه ڪهڙو؟ مون کي به ته ٻڌايو!“ وزير چيو ”سا ته اسان کي به سڌ ڪانهي… پر اسين حڪم جا بندا آهيون- توکي ماري، تنهنجون اکيون راڻيءَ کي ڏيڻيون اٿئون… بادشاهه سلامت جو حڪم اهو آهي!“ انهيءَ تي شهزادي وزير کي چيو ”بس، هاڻي مون سمجهيو- اها سڄي سازش راڻيءَ جي آهي، پر تون به اولاد وارو آهين- توکي به ٻچا آهن! مون ته پنهنجي ماٽيلي ماءُ کي به سڳي ماءُ ڪري سمجهيو، پر جنهن جي دل ڪاري هجي، تنهن کي ڪيترو ڪو پنهنجو ڪري سگهندو!“ وزير چيو: ”شهزادا، تون اسان جي سر جو سائين آهين؛ جيڪي چوين ٿو، سو ته اسين به سمجهون ٿا ته سورنهن آنا سچ اهو آهي؛ پر تون ئي چئو ته بادشاهه  سلامت کي هٿين خالي ڪهڙو جواب وڃي ڏيان!“ شهزادي چيو ته ”اوهين ڪنهن هرڻ جون اکيون ڪڍي، وڃي راڻيءَ کي ڏيکاريو- هوءَ سمجهندي ته آءٌ مري ويس… ۽ بادشاهه سلامت به ٻڌي، ماٺ ۾ اچي ويندو.“ وزير ۽ وزير جي ماڻهن جي دل تي فقيرن جون ڳالهيون ته اڳي ئي بارُ بنيون بيٺيون هيون، سو شهزادي جي هيءَ ڳالهه ٻڌي، سڀ سرها ٿيا، ۽ شهزادي کي اتي ڇڏي، صبح سان ئي، هڪ هرڻ جو شڪار ڪري، اُن جون اکيون ڪڍي، وڃي راڻيءَ کي ڏنائون… ۽ ڳالهه رهجي آئي.

صبح جو سوير، شهزادو به اُٿي اڳتي پنڌ پيو- نه وسنهن نه واٽ، اڪيلو ئي اڪيلو، ائين ئي منهن سامهون هلندو هليو. ايتري ۾ ڪنهن مهل ڏسي ته هڪ شاهي ڄڃ آهي. جا دهلن ڌمامن سان ڏانهنس پيئي اچي! ڄڃ کي پريان ايندو ڏسي، شهزادو بيهي رهيو… ۽ ڄڃ اچي ڀرسان لنگهيس، ڄاڃين، جو هڪ حسين ڇوڪرو بَر ۾ بيٺل ڏٺو، سو بيهي رهيا ۽ پوءِ وڌي اچي شهزادي کان پڇيائون ته ”سچي ڪر، ڪير آهين؟“ شهزادي چيو: ”آءٌ غريب پرديسي آهيان، ۽ پنهنجي واٽ وٺيو پيو وڃان!“ اتي گهوٽ جو پيءُ گهوڙي تان لهي، وٽس آيو ۽ چيائينس: ”ٻڌ موڙ! هيءُ گهوڙو اٿئي، ماٺڙي ڪري ان تي چڙهي ويهه ۽ سڌو ٿي جيڏانهن اسين وڃون ٿا، اوڏانهن اسان سان هليو هل!“ مڄاڻ هنن جو گهوٽ هو ڪو ڪاڻو ۽ ڪوجهو، ۽ ويا ٿي ڪنهن ملوڪزاديءَ سان اُن جي شادي ڪرائڻ… پر ڊپ هون ته متان اُن ڪاڻي ڪوجهي گهوٽ کي ڏسي، ڪنواريتا ڳالهه تان ڦري وڃن، سو برپٽ ۾ هنن کي هڪڙو اڙٻنگ سدا ملوڪ شهزادو جو ملي ويو، ته سڀ اوسيئڙا لهي وين… ۽ شهزادي کي جهلي کڻي گهوڙي تي ويهاريائون! چي: ”هڪ ڏينهن جي هن مزوريءَ جون توکي پوريون هڪ هزار سونيون اشرفيون انعام ڏينداسين!“ شهزادي گهڻو ئي ڪنڌ ڪڍائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گهوٽ پيءُ اگهاڙي تلوار ڪڍي مٿانئس بيهي رهيو- چي، ”اشرافت سان هلين، ته هل، نه ته اتي جو اِتي سرقلم ٿيو پيو هوندئي!“ لاچار، شهزادو ويچارو خالي هٿين، جو اوچتو ائين ٻڌجي پيو، سو نيٺ ڪاڻي گهوٽ جي هيءَ ڄڃ پويان ڪري، اُٿي اڳتي هليو. جڏهن ڄڃ ڪنواريتي گهر پهتي، تڏهن شهزادي جي سونهن ڏسي، سڀ خوش ٿيا. رات جو نڪاح ٿيو ۽ گهڻيءَ دير کانپوءِ، شهزادي لال کي ڪنوار جي حوالي ڪيو ويو. ڪنوار گهوٽ کي ڏسي، دل جو دل ۾ بهار ٿي ويئي، پر شهزادو اهو ئي موڙهو ويٺو رهيو. ڪنوار خبر چار پڇيس، پر شهزادو مٿي جي سور جو بهانو ڪري ليٽي پيو، ۽ شهزادي ويهي مٿي کي زور ڏيڻ لڳس، ۽ حجاب کان وڌيڪ ڪجهه به پڇي ڪين سگهيس.

صبح جو جڏهن ڄڃ هلڻ لڳي، تڏهن بادشاهه شهزادي لال کي چيو ته ”بابا، تون هاڻي اسان جي اولاد برابر آهين… جي مون وٽ رهين ته هيءَ بادشاهي به تنهنجي آهي؛ جي نه رهين، ته به نيٺ تنهنجي آهي.“ شهزادو بادشاهه جي ڳالهه ٻڌي، ادب وچان چپ ڪري ويهي رهيو… ۽ پوءِ شاهي آداب بجا آڻي، بادشاهه کان موڪلايائين ۽ سڌو، گهوٽ لاءِ بادشاهه جيڪو خاص گهوڙو ڏنو هو، تنهن تي چڙهي، وڃي ڪنوار جي پالڪيءَ ڀرسان بيهي رهيو. نيٺ جڏهن سڀ تياريون پوريون ٿيون، تڏهن ڄڃ اُٿي هلي، ۽ شهزاو به  اُن سان گڏ چپ چاپ هلڻ لڳو- آخر ويچارو ڪري به ڇا ٿي سگهيو، پنهنجي وس ته هو ئي ڪونه. هلندي هلندي آخرڪار، ڄڃ اچي انهيءَ هنڌ پهتي، جتي شهزادي کي کنيو هئائون. ڪاڻي گهوٽ جي پيءُ وڌي اچي شهزادي کي چيو ته ”هاڻي لهه گهوڙي تان، موڙ ڇوڙي ڏي مون کي، ۽ هي وٺ پنهنجون هزار اشرفيون، ۽ جتان جو آهين، چُپڙي ڪري اوڏانهن هليو وڃ.“ اتي ڪاڻو گهوٽ به شينهن ٿيو ۽  موڙ ٻڌي، معتبر بنجي، وڃي ڪنوار جي پالڪيءَ ۾ وٽ بيٺو. شهزاديءَ هيءُ رنگ اندران ئي اندران چپ چاپ ويٺي ڏٺو، پر هيءَ ويچاري به ڇا ٿي ڪري سگهي! اِتي شهزادي ڇا ڪيو، جو ڪاڻي گهوٽ جي پيءُ کان اشرفيون وٺندي ئي کڻي ڄڃ جي مٿان اڇلايائين. ڄاڃين، جو هيءُ اوچتو اشرفين جو مينهن وسندو ڏٺو، سو وايون بتال ٿي وين، ۽ ڪيترائي منجهانئن اشرفين تي اونڌا ٿي ڪِري پيا. ايتري ۾ شهزادي، سٽ ڏيئي شهزاديءَ کي ڊوهي کڻي گهوڙي تي ٻيلهه ويهاريو… ۽ ڀر ڪري وٺي جو ڪاڻي گهوٽ کي لپاٽ هنيائين، ته موڙن سوڌو، گهوڙي سوڌو، وڃي منهن ڀر هيٺ ڪريو… ۽ پوءِ وٺي جو گهوڙي کي اَڙي هيائين، ته… نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو- بس واءُ ٿي ويو. سڄيءَ ڄڃ ۾ ٿرٿلو مچي ويو… هر ڪنهن جي زبان تي ڳالهه هڪڙي ته ”پرديسي ڪير هو، ڪيڏانهن ويو!“ گهڻو ئي هيڏانهن هوڏانهن گهوڙا ڊوڙايائون، پر شهزادو ڪٿي هجي، ته ملين- بس، ائين گم ٿي ويو، ڄڻ ڪا زمين ڳهي ويس! نيٺ ڪاڻي گهوٽ جي ڄڃ، جهڙي هئي، تهڙي، ڪنوار ڦُڙائي، خالي هٿين، جتان آئي هئي اوڏانهن اُٿي هلي. هوڏانهن شهزادي کي جڏهن پڪ ٿي ته ڄڃ وارن مان ڪابه پهر هن جي پوئتان ڪانه هئي، تڏهن گهوڙو ورائي، منزلون ڪندو، شهزاديءَ سميت اچي شهزاديءَ جي پيءُ وٽ پهتو، ۽ سڄي ڳالهه، منڍ کان وٺي آخر تائين، هن کي ڪري ٻڌايائين- جنهن تي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ پنهنجو تاج تخت هن جي حوالي ڪري، پاڻ گوشائتو ويهي، عمر جا باقي ڏيهاڙا خدا جي بندگيءَ ۾ گذارڻ لڳو.

هوڏانهن لال جي پيءُ هڪ رات خواب ۾ ڏٺو ته سندس پهرين پٽ راڻي مٿو اگهاڙو ڪيو بيٺي روئي- چي: ”افسوس، بادشاهه سلامت! تو پنهنجو انجام پورو نه ڪيو!“ بادشاهه ڇرڪ ڀري ننڊ مان جاڳي اُٿيو، ۽ يڪدم وزير کي گهرائي هن سان سڄي حقيقت ڪيائين، وزير به بادشاهه کي پنهنجي ڳالهه ڪري ٻڌائي، بادشاهه خوش ٿيو ۽ چئن ڪنڊن تي پنهنجا ماڻهو پٽ جي ڳولا ۾ موڪليائين، جن ٿوري گهڻي ڏينهين، اچي سموري احوال کان واقف ڪيس. بادشاهه پوءِ پنهنجي اُن وڻواند راڻيءَ کي جوڳي سزا ڏني؛ ۽ پنهنجو راڄ ڀاڳ شهزادي لال جي حوالي ڪري، پاڻ گوشه نشين ٿي ويهي رهيو.

 

●●●

ڪوڙهيو بادشاهه

 

هڪڙو هو بادشاهه، تنهن کي ڪوڙهه جي مرض اهڙو ته اچي ورايو هو، جو ڏينهون ڏينهن ويس ٿي بدن جي ڦٽن ۾ واڌارو ٿيندو، ۽ انهن مان هر وقت ريشو پيو وهندو هوس، تان جو نوبت اِتي اچي پهتي، جو سندس وزير، امير امرا ۽ ٻيا خاص ڪچهريءَ وارا ماڻهو به هن وٽ وڏي لاچار کان اچي ويهندا هئا- ۽ جو به وقت درٻار ۾ هوندا هئا، ته پنهنجي نڪ کي ڪپڙو ڏيئي مس مس وقت پورو ڪندا هئا. ٿورن ڏينهن کانپوءِ، اهو مرض ايترو ته وڌي ويس جو درٻار ۾ اچڻ کان ئي بس ٿي ويو. بادشاهه مرض کان آجي ٿيڻ لاءِ دنيا اُٿلائي وڌي، پر ڪٿان به کيس شفا ڪانه ٿيس. هڪڙي ڏينهن، جيئن بادشاهه غم ۾ ويٺو هو ته پئي ليلايئين ته ”اي ڌڻي! يا صحت ڏي، يا اهڙن عذابن کان مرڳوئي ماري ڇڏ!“ تيئن، هن وٽ هڪڙو چتون هوندو هو، تنهن هن جي جڏهن اها حالت ڏٺي، سو ان جي  اکين ۾ پاڻي اچي ويو، ۽ بادشاهه سلامت کي چيائين ته ”جيئندا قبلا! اوهان به دوائن ۽ دعائن سان ڪين گهٽايو آهي؛ پر جيڪڏهن مون کي موڪل ڏيو ته، مان هوند، جهنگ جر ۽ بر ٿر رُلي، اهڙي ڪا دوا هٿ ڪري آڻي ڏيانو، جو هڪدم اوهان هوند اُٿي کڙا ٿيو!“ تنهن تي بادشاهه سلامت چتونءَ کي چيو ته ”اي مِٺو! ٻيا ته سڀ مون کان بيزار ٿي ويا آهن. پر گهڙي پلڪ توسان ڪو اچي حال اوريندو آهيان، سو شايد تون به هينئر مون کان بيزار ٿي پيو آهين، جو اهو بهانو ڪري، پنهنجي جند ڇڏائڻ چاهين ٿو!“ اُن تي چتونءَ کيس ورندي ڏني: ”بادشاهه سلامت! منهنجي پيٽ ۾ اوهان جو نمڪ پيل آهي، ۽ مَري پوءِ اوهان جي گهران نڪرندس. مون هي رڳو اُن ڪري چيو، جو اوهان جي حالت ڏسي، وڌيڪ سهي نٿو سگهان!“ نيٺ گهڻيءَ منٿ ميڙ کانپوءِ، بادشاهه چتونءَ کي موڪل ڏني، ۽ پنهنجن هٿن سان اُتي ان جي پڃري جو دروازو کوليو... ۽ پوءِ چتون بادشاهه سلامت کان موڪلائي، وٺي اُڏاڻو.

اُڏرندو وڃي، اڏرندو وڃي، نيٺ هڪڙي ڏينهن، چتون وڃي هڪ جبلستان ۾ پهتو، جتي ڏاڍو اچي مينهن پيو. مينهن ۾ هن جا پر پُسي پيا. ۽ اُڏرڻ کان لاچار ٿي پيو؛ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو، ته ڀرسان کيس هڪڙو ٻِرڙ ڏسڻ ۾ آيو، ۽ لنگهي ويو ان ۾ اندر، اڃا اندر مس ويو ته هڪڙيءَ مئنا هڪل ڏنيس ته ”اڙي ٻانڀڻ، هيڏانهن نه اچ! منهنجي ڪنواري ڌيءَ ويٺي آهي!“ چتونءَ اها ڳالهه ٻڌي، مئنا کي چيو، ”ڀلا ڪهڙي شرط سان اندر اچڻ ڏيندينءَ؟“ مئنا چيس، ”جيڪڏهن منهنجي ڌيءُ سان شادي ڪرين، ته پوءِ ڀلي اچ!“ چتونءَ دل ۾ چيو، ’هيءُ برسات وارو وقت ته ڪنهن نموني ٽارجي، پوءِ ڏٺو ويندو.‘ سو مئنا جو اهو شرط قبول ڪيائين، جنهن تي مئنا کيس وڏو آڌر ڀاءُ ڏيئي، اندر وٺي آئي، ۽ جيءَ ۾ جاءِ ڏنائينس. مئنا کانئس حوال احوال ورتا، ته چتونءَ کيس بادشاهه جي بيماري واري ڳالهه اول کان آخر تائين ڪري ٻڌائي، تنهن تي مئنا کيس چيو ته ”اسان جا وڏڙا ڳالهه ڪندا هئا ته مور وڻ جا گل ڪوڙهه جي بيماريءَ لاءِ اڪسير آهن ۽ اهو وڻ پارس ولايت ۾ هڪڙي هنڌ آهي، جتي آدم ذات جي وڃڻ جي ڀيڻي نه آهي، پر تون ڪو خيال نه ڪر- مان توکي اُهي گل ڪيئن به ڪري آڻي ڏينديس. پارس ولايت ۾ منهنجا عزيز قريب آهن، جن کي هينئر به گڏجڻ لاءِ پئي ويس- ۽ مينهن اچڻ جي ڪري، هتي روهه ۾ رهي پيئي آهيان!“ چتون اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. اتي برسات به بند ٿي ويئي ۽ چتون ٻرڙ مان ٻاهر نڪري، پنهنجا پَر سُڪائڻ لڳو. مئنا به چتونءَ جي پٺيان لڳي آئي، ۽ کيس چيائين ته ”هاڻي تون پنهنجو ڪيل واعدو پاڙ!“ تنهن تي چتونءَ کيس چيو ته ”جيڪڏهن مور وڻ جا گل آڻين، ته مان تنهنجي ڌيءُ سان ضرور شادي ڪندس نه ته مان  وڃان ٿو- ڇو ته مان پنهنجي بادشاهه سان انجام ڪري آيو آهيان ته ’جيسين هن جي مرض جو دارون هٿ نه ڪندس، تيسين سک ٿي ڪين سمهندس!‘ مئنا چتونءَ جو اهو شرط ٻڌي، حيران ٿي ويئي، پر لاچار ڌيءُ سميت اُٿي پارس ولايت ڏانهن رواني ٿي... ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، مور وڻ جا گل پٽي، آڻي چتونءَ جي حوالي ڪيائين. چتون، گل هٿ ڪري نه موڪلائڻ نه توڪلائڻ“ يڪدم وٺي اُڏاڻو، مئنا به، جو چتونءَ جي اعا دغا ڏٺي، سو ڌيءُ کي ساڻ ڪري وٺي هن جي پويان اُڏاڻي. ڳپل پنڌ کانپوءِ، چتون پٺيان جوکڻي نهاري، ته ڇا ڏسي ته مار! مئنا ۽ سندس ڌيءُ پويان رئي آسمان هڪ ڪنديون، اڏامنديون پيون اچن! اهو ڏسي، چتون به وٺي زور سان اُڏاڻو، ۽ اُڏرندو، سهڪندو سهڪندو اچي پنهنجي بادشاهه جي جهوليءَ ۾ پيو. بادشاهه سلامت جو چتونءَ کي ڏٺو، سو خوش ٿيو ۽ کيس چيائين ته ”مِٺو هُلو کڻي هنيو اٿيئي! ٻيو ته خير آهي؟“ تنهن تي چتونءَ جواب ڏنس ته ”جيئندا قبلا! منهنجي پٺيان ٻه بلائون اُهي اچن ٿيون، جو کڻي بس ڪريو.“ تنهن تي بادشاهه سلامت چتونءَ کي دلداري ڏني ته ”مِٺو، ڪو فڪر نه ڪر! تون هينئر ڌڻڪو آهين.“ بادشاهه سلامت، چتونءَ کان مور وڻ جا گل وٺي، نوڪرن کي حڪم ڏنو ته ”هڪدم گرم پاڻي ڪري، اُن ۾ هي گل وجهي، مون کي تَڙ ڪرايو!“ نوڪرن حڪم جي تعميل ڪري، مور وڻ جي گلن سان بادشاهه کي غسل ڪرايو... بس، غسل ڪرڻ کانپوءِ، جو ڦٽ جتي هو، اهو اُتي سڪي ويو، ۽ بادشاهه سلامت جو سڄو بدن گلاب جي گل جهڙو لال ٿي پيو. اِتي بادشاهه سلامت خدا پاڪ جا شڪرانا بجا آندا، ۽ خوب خيراتون ۽ شادمانا ڪيائين.

اڃا اهي خوشيون ۽ شادمانا هليا ئي پئي ته مئنا به ڌيءُ سميت بادشاهه سلامت وٽ اچي ٺهڪو ڪيو ۽ بادشاهه سلامت کي چتونءَ جي واعدي ڪرڻ جي ڳالهه اول کان آخر تائين ڪري ٻڌايائين. بادشاهه سلامت مئنا جي اها ڳالهه ٻڌي، چتونءَ ڏانهن نهاريو. ان تي چتونءَ بادشاهه کي چيو ”سائين منهنجا! مان شاديءَ کان بيزار آهيان، ڇو ته اڄوڪيون زالون سک سان ويهڻ ئي ڪونه ٿيون ڏين. شايد اوهان ٻن ڀائرن واري ڳالهه نه ٻڌي آهي! چڱو اها ڳالهه مان اوهان کي رات کڻي ٻڌائيندس، پوءِ اوهان پاڻ امين ٿجو!“ بادشاهه سلامت سڄي شهر ۾ پڙهو گهمارائي ڇڏيو ته ”اڄ رات جو منهنجو چتون ڳالهه کڻندو!“ ماڻهن جو اهو پڙهو ٻڌو سو سج بيٺي سان ڪولين وانگر اچي ڪٺيا ٿيا ۽ رات ٿي ته چتونءَ به پنهنجي ڳالهه شروع ڪئي.

چي: ”بادشاهه سلامت، هڪڙا هئا ٻه ڀائر، جي جدا جدا شهرن ۾ رهندا هئا. انهن مان هڪڙو بيٺل هو ۽ ٻيو لُڏيل هو. لُڏيل ڀاءُ مهيني ماس پنهنجي بيٺل ڀاءُ وٽ ايندو هو ۽ هن کي پنهنجو هيڻو حال ٻڌائي، ڪجهه نه ڪجهه کانئس ڇڏائي ويندو هو. اهڙي طرح، سال ٻه لُڏيل ڀاءُ پنهنجي بيٺل ڀاءُ کان هر مهيني مدد وٺندو رهيو. آخر، هڪ دفعي، بيٺل ڀاءُ جي گهر واريءَ پنهنجي مڙس کي چيو، ’ميان، اها ڳالهه سُٺي ته نه آهي، جو تنهنجي ڀاءُ لُٽ کڻي ٻڌي آهي. آخر اسان به ٻچڙيوال آهيون. پاڻ وٽ آهي ته جڳ وٽ آهي.“ مهينو پورو ٿيو، ته لُڏيل ڀاءُ وري پنهنجي بيٺل ڀاءُ وٽ آيو ۽ پنهنجي ڀاڄائيءَ سان ملي، پنهنجي ڀاءُ جي پڇا ڪيائينس. سندس ڀاڄائيءَ کيس چيو، ’ادا، ڀاڻهي ته ٻاهر ويو آهي، ۽ سڀاڻي ايندو!“ خير، هيءُ رات جو اُتي رهي پيو، ۽ ماني کائي، لت ڏيئي سمهي پيو. سندس ڀاڄائي ڪا جادو ڄاندي هئي. سو اهڙو ڪم ڪيائين، جو سڳي تي منتر پڙهي، جو ڏير جي ڳچيءَ ۾ ٻڌائين، سڳي ٻڌڻ شرط، هو ويچارو ڀاڄائيءَ جي اڳيان ڍڳي جو ڍڳو ٿي بيهي رهيو!

جڏهن صبح ٿيو ۽ سندس مڙس گهر آيو، ته گهر ۾ ڍڳو ٻڌل ڏسي، زال کان پڇيائين ته ”هيءُ ڍڳو ڪنهن جو آهي؟“ زال ورندي ڏنيس ’ميان، ڪالهه ڀاڻهي آيو هو ۽ هيءُ ڍڳو پاڻ کي وهائڻ لاءِ ڏيئي ويو آهي.‘ اها ڳالهه ٻڌي هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سويل ان ڍڳي کي پنهنجي نار ۾ وڃي ٻڌائين ۽ ڏينهن لڙئي تائين هن کي وهائي وهائي، واپس آڻي، گاهه جو ڀاڪر اڌ آهر ۾ هن جي اڳيان اڇلائي، ڪلي سان ٻڌي ڇڏيائينس.

”اهڙيءَ طرح، ڳچ ڏينهن گذري ويا. هڪڙي ڏينهن اهڙو خدا جو ڪم ٿيو، جو ان لُڏيل ڀاءُ، ڍڳي جي روپ ۾، نار ويٺي ڪاهيو، ته اتان هڪڙي ڄڃ اچي لانگهائو ٿي، کوهه کي ڏسي، سموري ڄڃ پاڻي پيئڻ جي ارادي سان اتي ترسي پيئي، ۽ سڀ ماڻهو واري واري سان اچي پاڻي پيئڻ لڳا. اتي ڪنوار کان اوچتو ٽهڪ نڪري ويو. ڄاڃي ڪنوار کي زور سان کلندو ڏسي عبرت ۾ پئجي ويا ۽ کانئس کلڻ جو سبب پڇيائون. تنهن تي ڪنوار ٻڌاين ته ’اِهو ڍڳو، جيڪو نار ۾ وهندو ڏسي رهيا آهيو، سو حقيقت ۾ ڍڳو نه، پر انسان آهي، ۽ اهو جادوءَ جي زور تي ڍڳو بنجي ويو آهي!‘ ڪنوار جي هيءَ ڳالهه ٻڌي، سڀ ڄاڃي مٿس کلڻ لڳا. اهو ڏسي، ڪنوار نڪا ڪئي هم نڪا تَمُ، ڏوليءَ مان لهي، سڌو ان نار تي ويئي، ۽ ڍڳي جي ڳچيءَ مان سٽ ڏيئي وڃي سڳو ڇوڙيائين، ته ڍڳو سڀني جي سامهون هڪدم انسان بنجي بيهي رهيو. ’ڍڳي‘ جو ڀاءُ، جو پڻ اُتي موجود هو، تنهن هن کي ڏسي، حيرت وچان چيو، ’اڙي ادو آهين!‘ تنهن تي لڏيل ڀاءُ کيس چيو ته ’واه جو ادي کي ٺاهيو اَٿو!‘ ۽ اول کان آخر تائين پنهنجي ڀاڄائيءَ جي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس. ڀاڻس جو اها سموري ڳالهه ٻڌي، سو زال کان بيزار ٿي بيهي رهيو. وري هوڏانهن هو گهوٽ جيڪو پنهنجي ڪنوار کي ڄڃ ڪريو وٺي پئي ويو، سو به انڪاري ٿي بيهي رهيو- چي، ’جا جادو سڃاڻي سگهي ٿي ۽ لاهي سگهي ٿي، تنهن کي پاڻ جادو ڪرڻ ۾ ڪا دير!‘ نيٺ ٻه ڀائر، ۽ ٽيون اهو گهوٽ، ٽنهي اُتان ئي کڻي بَرُ منهن ڪيو، هڪليندا وڃن، هڪليندا وڃن... نيٺ وڃي هڪ بادشاهي شهر ۾ پهتا، ۽ اتي هڪڙي جاءِ مسواڙ تي وٺي ان ۾ رهڻ لڳا. ٿورن ڏينهن ۾، انهن ٽنهي جي شرافت ۽ چڱ مڙسيءَ جون ڳالهيون سڄي شهر ۾ مشهور ٿي ويون، ۽ هنن جي واکاڻ بادشاهه جي ڪنن تائين به وڃي پهتي. بادشاهه ماڻهو موڪلي، انهن ٽنهي کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کين پنهنجي محلات جو چوڪيدار ڪري رکيائين. سال کن گذرڻ بعد بادشاهه کين شادي ڪرڻ لاءِ چيو. ٽنهي ڄڻن شاديءَ جو ٻڌي بادشاهه سلامت کي عرض ڪيو ته ’جيئندا قبلا! اسان شادي ڪرڻ کان بيزار آهيون!‘ پر اڳيان به بادشاهي ڳالهه، سو نيٺ هنن ويچارن ٽنهي اشراف مڙسن کي زوريءَ پرڻائي ڇڏيائون، ۽ پوءِ لاچار، هو پنهنجي زالن سان رهڻ لڳا.

”بادشاهه سلامت، هاڻي ڪجهه پويان جو حال به ٻڌو، جڏهن ٽنهي ڄڻن برُ منهن ڪيو هو، ته نئينءَ وهانيل ڪنوار ڇا ڪيو، جو پهريائين انهن ٻن ڀائرن جي زالن کي ڳولي هٿ ڪيائين، ۽ پوءِ پاڻ ۾ صلاح ڪري، مڙسن کي ڳولڻ لاءِ، جادوءَ جي زور تي ڪاري رنگ جون ڪٻريون ٿي، ٽيئي وٺي اُڏاڻيون، اُڏرنديون اُڏرنديون، آخر اچي اُن بادشاهيءَ ۾ پهتيون، جتي سندن مڙس رهندا هئا. هڪ ڏينهن ٽيئي ڄڻا، پنهنجي زالن سان گڏ روح رهاڻ ۾ ويٺا هئا، ته اهي ٽيئي ڪٻريون اوچتو اچي انهن جي گهر جي ڀت تي ويٺيون ۽ مڙسن کي ٻين زالن سان گڏ ويٺل ڏسي، وٺي چيخڻ لڳيون، اهو ڏسي جيئرين جاڳندين زالن پنهنجن مڙسن کي چيو، ’اڙي ميان! اوهان کي اڳي به ڪي زالون آهن ڇا؟“ تنهن تي ويچارا ٽيئي ڄڻا سمجهي ويا ۽ جواب ڏنائون ته ’اڳ ته اسان جي شادي ڪيل نه آهي!‘ تنهن تي هنن زالن وري چين ته ’هي ڀت تي ويٺل ڪٻريون، جو چئي رهيون آهن ته ”اهي آهن! اهي آهن!“ نيٺ ڳچ ريڙهه پيڙهه کانپوءِ، ويچارن اشرافن سچي ڪئي، اها ڳالهه ٻڌي زالن کين چيو ته ’هي اوهان جون اڳيون زالون آهن، ڪاريون ڪٻريون، ۽ اسين پاڻ کي کڻي ٿيون ڪمريون ڪٻريون بنايون... ۽ پوءِ هنن سان وڙهندي وڙهندي، جڏهن کين پٽ تي ڪيرايون، تڏهن اوهان هيئن ڪجو، جو انهن ڪارين ڪٻرين کي ماري مار،ي کڻي ڍير ڪجو!‘ ائين چئي، اهي ٽيئي ڄڻيون ، اُتي جو  اُتي ليٽي ليٽي ڪمريون ڪٻريون ٿي پيون، ۽ ڪارين ڪٻرين سان وڙهڻ لاءِ وٺي مٿي اُڏاڻيون. وڙهندي وڙهندي، ڪاريون ڪٻريون ۽ ڪمريون ڪٻريون سڀ اچي هيٺ پٽ تي ڪريون، اُتي ٽنهي يارن هڪٻئي کي چيو ته ”ڪهڙين کي مارجي ڪهڙين کي ڇڏجي؟“ اتي منجهانئن جيڪو نئين نويلي ڪنوار ڇڏي آيو هو، تنهن دانهن ڪئي ته ”نه ڇڏيو ڪاريون، نه ڇڏيو ڪمريون!“ تنهن تي پيا، جو ٽيئي ڄڻا، سو کڻي پنهنجن هٿن ۾ ڏنڊا، اچي ورتائون ڇهن ئي ڪٻرين کي ۽ ماري ڪيائون سڀني کي ڍير! ۽ پوءِ ڪيائون ُاتان به ڪنهن ٻئي پاسي منهن!

”سو بادشاهه سلامت! اڄوڪين زالن جا اهي اٿو حال... تنهنڪري مان هرگز هرگز شادي ڪانه ڪندس.“

چتونءَ جي ڳالهه ٻڌي، بادشاهه سلامت مئنا ڏانهن نهاريو، تنهن تي مئنا کيس عرض ڪيو ته ”بادشاهه سلامت، اوهان شايد سوداگر ۽ سندس زال وارو قصو ڪونه ٻڌو آهي، جنهن ۾ زال جي ڪيڏي نه وفاداريءَ جي ساراهه آهي... ۽ اهو قصو مان سڀاڻي رات اوهان کي ٻڌائينديس- پوءِ اوهين پاڻ امين ٿجو!“ جڏهن خير سان ٻي رات ٿي، ۽ خدا جي خلق اچي مڙي، تڏهن مئنا پنهنجي ڳالهه شروع ڪئي.

”بادشاهه سلامت، هڪڙو سوداگر هوندو هو، جنهن کي قدرت اهڙي ته زال ڏني هئي، جو ڪنهن بادشاهه جي گهر ۾ به اهڙي منهن ملوڪ ۽ سڀئين پرئين سهڻي عورت ڪانه هوندي. مائيءَ کي خدا جيترو حسن عطا ڪيو هو، اوترو ئي شرافت کيس بخشي هئائين، پر اهو سوداگر دل جو نهايت شڪي هوندو هو. انهيءَ ڪري هو واپار وڻج تي به گهڻو تڻو ڪونه ويندو هو. اهو ڏسي، هڪ دفعي سندس زال چيس ته ’ميان، تون وڻج واپار به ڪونه ٿو ڪرين؛ آخر ڪيترا ڏينهن ويهي کائبو! جيڪڏهن تنهنجو مون تي اعتبار نه آهي ته  هيئن ڪر، جو مان توکي ڪير جي اڇي رنگِ ڪپڙا ڌوئي، انهن کي پنهنجي پاڪدامنيءَ جو ڪلف ڏيئي ڏيان ٿي، تون اهي ڪپڙا پائي، جنهن ڏيسارو تي وڻيئي، اتي وڃي پنهنجو وڻج واپار ڪر. جيڪڏهن ڪٿي به انهن ڪپڙن کي ڪو داغ ٿيئي ته پوءِ سمجهجانءِ ته مون توسان بي وفائي ڪئي آهي!‘ ائين هيٺانهيون مٿانهيون ڏيکاري، نيٺ مڙس کي واپار سانگي ڏيسارو تي اسهڻ لاءِ تيار ڪيائين ۽ سوداگر سامان سان ٻيڙا ڀرائي سفر تي راهي ٿيو. هڪليندو وڃي، هڪليندو وڃي، نيٺ وڃي هڪڙي بادشاهيءَ ۾ نڪتو، ۽ سُنگ ڀرڻ جي خيال سان ٻيڙين کي بندر تي اچي بيهاريائين. اتي جي شهزاديءَ جو قانون هوندو هو ته ڪوبه سوداگر ايندو هو ته ان شهزاديءَ سان ڍاري راند ضرور ڪندو هو. جيڪڏهن اها راند سوداگر کٽي ويندو هو، ته کيس ڪو سُنگ وغيره ڀرڻو  نه پوندو هو، ۽ جيڪڏهن هارائي وجهندو هو ته عمر ڀر شهزاديءَ وٽ نظربند رهندو هو، ۽ سندس ٻيڙا سامان سميت ضبط ڪيا ويندا هئا.

”نيٺ، اهو سوداگر به شهزاديءَ وٽ ڍاري راند ڪرڻ لاءِ ويو، ۽ راند شروع ٿي. پر سوداگر راند هارائي ويٺو، شهزاديءَ پنهنجي ٻانهيءَ کي حڪم ڏنو ته ’سوداگر کي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪيو وڃي، ۽ سندس  ٻيڙا مال سميت ضبط ڪيا وڃن!‘ ان حڪم ملڻ شرط، سوداگر کي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪيو ويو ۽ سندس سڀ ٻيڙا به مال سميت ضبط ڪيا ويا. اڃا ٻه ٽي ڏينهن مس گذريا، ته ان ساڳيءَ شهزاديءَ وٽ هڪڙو چاڪي آيو ۽ کانئس هڪڙو ٻانهو خريد ڪيائين. پوءِ چاڪيءَ کي انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويا، جتي هيءُ سوداگر ۽ شهزاديءَ جا ٻيا قيدي بند هئا. چاڪيءَ ڏسندي ڏسندي، سڀني قيدين مان ان سوداگر کي ڪجهه سؤکو سهنجو ڏٺو ۽ کيس وٺي اچي پنهنجي گهاڻي تي ڇڏيائين، اهڙيءَ طرح ان گهاڻي تي ڪم ڪندي ڪندي، سوداگر کي مهينو کن گذري ويو، ان ملڪ جو بادشاهه، روز اچي اتان لانگهائو ٿيندو هو ۽ ان سوداگر جا ڪپڙا سدائين اڇا اُجرا ڏسندو هو. روز ائين ڏسي، بادشاهه هڪڙي ڏينهن دل ۾ خيال ڪيو ته ’ضرور ان جو ڪو سبب هوندو، نه ته ههڙي سخت ۽ گدلي ڪم ۾ لٽا اڇا ڪيئن رهندا! سو هڪدم هڪڙيءَ ڌوتيءَ کي گهرايائين، ۽ کيس چيائين ته ’فلاڻي گهاڻي تي هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جا سدائين ڪپڙا اڇا آهن. سو تون وڃي ان جو اوڳر لهي آءُ ته ان جو سبب ڪهڙو آهي!‘ ڌوتي، بادشاهه سلامت جي اها ڳالهه ٻڌي هڪدم اوڏانهن رواني ٿي ۽ سوداگر سان اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪري، نيٺ پنهنجي مطلب تي آئي، ۽ کانئس سندس ڪپڙن جي هميشه اڇي رهڻ جو سبب پڇيائين. سوداگر به هن جي فريب ۾ اچي، اول آخر تائين پنهنجي زال جي ڳالهه ڪري ٻڌايس. اتان اٿي، ڌوتيءَ سربستو احوال اچي بادشاهه کي ٻڌايو. اهو ٻڌي بادشاهه ڌوتيءَ کي حڪم ڏنو ته ”مهيني جي اندر اندر ان عورت کي اچي مون وٽ حاضر ڪر!“ ائين چئي، ڌوتيءَ کي سامان جا ٻيڙا ڀرائي، واپار جي بهاني سان، اوڏانهن روانو ڪيائين. ٿورن ڏينهن کانپوءِ، اها ڌوتي ان سوداگر جي ملڪ ۾ وڃي پهتي، ۽ سوداگر جي زال کي ڳولي هٿ ڪري، کيس چيائين ته ’اما، تنهنجي سوداگر مڙس اسان جي بادشاهي ۾ شهزاديءَ سان ڍاري راند ڪندي، پاڻ کي قيد ڪرايو آهي، ۽ هينئر هڪڙي چاڪيءَ وٽ گهاڻو وهندو آهي، سو مون کي موڪليو اٿس ته هيءَ منهنجي خبر منهنجي زال کي وڃي ٻڌاءِ، ۽ کيس هيڏانهن وٺي اچ!‘ سوداگر جي زال، جا هئي عقل ۾ اڪابر، تنهن کي گمان پيو ته ان ۾ ضرور ڪو ڊوهه آهي. سو ڳالهه دل ۾ سانڍي، ان ڌوتيءَ کي چيائين ته ”سڀاڻي پرهه ڦٽيءَ جو پنهنجا سڀ نوڪر وٺي اچجانءِ، ته منهنجو سامان کڻي، هلي ٻيڙن ۾ وجهن، ته پوءِ هليا هلون.“ ڌوتي اهو ٻڌي دل ۾  ڏاڍي خوش ٿي. پٺيان سوداگر جي زال اهڙو ڪم ڪيو، جو پنهنجا ماڻهو اندر ويهاري ڇڏيائين. اڃا پرهه مس ڦٽي، ته ڌوتي به پنهنجا سڀ نوڪر چاڪر وٺي، اچي پهتي... پر سوداگر جي گهر ۾ اندر داخل مس ٿي، ته سواگر جي زال جا ماڻهو مٿن چڙهي ويا، ۽ سڀني کي پورو ڪري، صندوقن ۾ بند ڪري، درياهه ۾ داخل ڪري ڇڏيائون.

”پوءِ سوداگر جي زال مردانو لباس پهري، ڌوتيءَ جي ٻيڙن تي سوار ٿي، ٻيڙن کي وٺي پوئتي هاڪاريو. نيٺ ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ، اچي ان بادشاهيءَ ۾ پهتي، جتي سندس مڙس مصيبت ۾ گرفتار هو. لهڻ سان، سوداگر جي زال شهر مان پڇا ڪئي ته ’شهزادي ڪهڙي نموني سان راند ڪندي آهي!‘ تنهن تي ماڻهن کيس ٻڌايو ته ’شهزادي ڍاري راند ڪرڻ وقت هڪڙو ڏيئو ٻاري، ويهي اُن جي سوجهري تي راند ڪڏندي آهي!‘ سوداگر جي زال عجب ۾ پئجي ويئي ته ’شهزادي آخر ڏيئو ٻاري ڇو ٿي راند ڪري؟ نه ڏينهن جو ٿي راند ڪري ۽ نه باهه تي ۽ نه ڪنهن  شمعدان تي... بس جي راند ڪري ٿي، ته هڪ ڏيئي تي! ۽ هميشه پيئي راند کٽي! انهيءَ ۾ مڙيو ئي ڪو راز رکيل آهي!‘ آخر سوچيندي سوچيندي، پڇائون ڪندي ڪندي، هوءَ سمجهي ويئي، ته اصل ڳالهه ڇا آهي، ڳالهه، بادشاهه سلامت، اصل هيءَ هئي ته شهزاديءَ وٽ هڪڙا ٻه ڪئا پاليل هوندا هئا، جن کي راند ڪرڻ وقت هوءَ پنهنجن بغلن ۾ لڪائي ويهي رهندي هئي... پوءِ جي سامهون واري جو ڇڪو پوندو هو، ته شهزاديءَ جو هڪڙو ڪئو وڃي ڏيئو وسائيندو هو، ۽ ٻيو ڪئو ڊوڙي وڃي ڇڪي مان چؤنڪو ٺاهي ڇڏيندو هو! اهڙي نموني سان، شهزاديءَ سوداگرن جون بس چتيون لاهي ڇڏيون هيون! هاڻي، جڏهن سوداگر جي زال شهزاديءَ جي اها حرفت سمجهي ويئي، تڏهن ڇا ڪيائين جو هڪدم ٻليءَ جا هڪڙا ٻه پلونگڙا هٿ ڪيائين... ۽ پوءِ دستور مطابق شهزاديءَ وٽ ڍاري راند ڪرڻ ويئي، راند ڪندي ڪندي جڏهن سوداگر جي زال جو ڇڪو پيو ۽ اوچتو شهزاديءَ وٺي پنهنجن ڪئن کي ڇڏيو، ته سوداگر جي زال به هيڏانهن ٻليءَ جي پلونگڙن کي کڻي ڇڏيو، جن جهٽ هڻي، وڃي ڪئن کي قابو ڪيو... ۽ شهزاديءَ راند هارائي، پوءِ سوداگر جي زال شهزاديءَ کي چيو ته ’جيڪي به سوداگر تو وٽ قيد آهن، انهن کي هڪدم آزاد ڪر!‘ شهزادي کيس جواب ڏنو، ’هينئر اُهي سڀ نظربند سوداگر تنهنجي حوالي آهن... جيئن تون انهن جو فيصلو ڪرين، تيئن وس واري آهين.‘ پوءِ سوداگر جي زال سڀني سوداگرن کي گهرائي، آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ڌوتيءَ جي مليل ڏس تي پنهنجي مڙس کي به ڳولي هٿ ڪري، اُن چاڪيءَ کي پئسا ڏيئي، اُتان آزاد ڪرائي، ٻيئي زال مڙس پنهنجي وطن ڏانهن وريا... ۽ ٿورن گهڻن ڏينهن جي سفر کانپوءِ، نيٺ خير سان اچي پنهنجي ملڪ پهتا.

”سو، سائين اهڙيون به ته زالون آهن، جيڪي پنهنجن مڙسن کي نئين حياتي ڏيئي ڇڏين ٿيون!“

بادشاهه سلامت مئنا جي اها ڳالهه ٻڌي، چتونءَ ڏانهن نهاريو، پر چتون ڏسو ته ونءُ پيو وڃي! نيٺ بادشاهه سلامت مئنا کي چيو ته ”مائي مئنا، تنهنجو مون تي برابر احسان آهي؛ پر مان ڇا ڪريان! زور جي ميندي ته تون به ڄاڻين ٿي، ته لڳڻي ڪانهي؛ پر جي لڳندي، ته به جٽاءُ ڪانه ڪندي، باقي پنهنجي ڌيءَ سميت مون وٽ رهه، ته جا خدمت مون کان پڄندي، اها توهان جي مان ڪندو رهندس... من چتونءَ جي به دل ڪڏهن وري پوي، ۽ کڻي تنهنجي ڪاري ڪلوٺڙيءَ منهن ملوڪڙيءَ ڌيءُ کي پنهنجو ڪري!“ تنهن تي مئنا ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويئي، ۽ ڌيءُ سميت، جيڏانهن جي هئي، تيڏانهن هلي ويئي... ۽ پوءِ بادشاهه سلامت پنهنجي چتونئڙي سان گڏ ۽ پنهنجي راڄ ڀاڳ سان گهڻو گهڻو... تمام گهڻو خوش گذارڻ لڳو.

 

●●●

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org