نُور شاهه بادشاهه
زماني جو هڪڙو بادشاهه هو، جنهن کي اولاد اصل ڪونه ٿيندو هو.
گهڻيئي ڏس پتا ڪيائون ۽ در ڀيٽيائون، پر ڪي ڪين
وريو. هڪڙي ڏينهن، هڪ سيلاني فقير اچي اتان
لانگهائو ٿيو، بادشاهه کي غمگين ڏسي، پڇيائين،
”بادشاهه سلامت! ڇو ايترو غمگين پيا ڏسجو؟“
بادشاهه ٻڌايس ته ”اولاد اصل ڪونه ٿو ٿئي، گهڻا ئي
جتن ڪيا اٿم، پر سڀ اجايا.“ اهو ٻڌي، فقير چيس،
هاڻي هيئن ڪر، جو هيءَ دعا جي سوٽي ٿو ڏيانءِ- وڃي
ڪنهن ٻير کي هڻ. جيترا ٻير ڪريا، اوترا پٽ، ۽
جيترا پَن ڪريا، اوتريون ڌيئرون ڄمنديئي.“ فقير،
بادشاهه کي اها سوٽي ڏيئي، رمندو رهيو ۽ بادشاهه
اوڏيءَ مهل ئي سوٽي کڻي، پنهنجي باغ ڏانهن روانو
ٿيو، ۽ اُتي پهچي، بسم الله ڪري، هڪ ٻير کي
هنيائين... ۽ هڪڙو پڪل ٻير اچي پٽ تي ڪريو، جو کڻي
وڃي هن پنهنجي راڻيءَ کي کارايو. خدا جي قدرت، جو
ٻير کائڻ کانپوءِ، راڻيءَ کي اميدواري ٿي ۽ پورن
ڏهن مهينن کانپوءِ، هن کي هڪ ڇٽيهه لکڻو پٽ ڄائو،
جنهن جو نالو نور شاهه رکيائون.
نور شاهه شهزادو، اڄ ننڍو سڀان وڏو، آخر اچي جوان ٿيو، کيس هڪ
استاد وٽ پڙهڻ ويهاريائون، جنهن ٻارهن ورهين جي
عمر ۾ ئي هن کي سڀ علم ۽ هنر ۽ بادشاهي آداب وغيره
سيکاري، ڀڙ ڪيو ۽ پوءِ وٺي آڻي بادشاهه جي اڳيان
پيش ڪيائينس. بادشاهه هن جو امتحان ورتو ته شهزادو
کيس سڀڪنهن ڪم ۾ قابل نظر آيو، جنهن تي هن جي
استاد کي گهڻا انعام اڪرام ڏيئي، خوش ڪري روانو
ڪيائين. نور شاهه شهزادي کي شيل شڪار جو ڏاڍو شوق
هوندو هو، سو هڪ ڏينهن، وزير سميت، جيئن جهنگ
ڏانهن سير ڪرڻ ويو، تيئن گهمندي گهمندي پري نڪري
ويا، ۽ اچي هڪڙي عاليشان جاءِ وٽ پهتا، اندر جو
نگاهه پين ته ڏسن ته هڪڙيون ٽي عورتون آهن، جي پاڻ
۾ پيون ڳالهائين، هڪڙيءَ چيو، ”ادي، جيڪو مون سان
شادي ڪندو، تنهن جي پاءُ اٽي مان آءٌ سندس گهر ۽
اوطاق جو کاڌو پورو ڪنديس.“ ٻيءَ چيو، ”مون سان
جنهن شادي ڪئي، تنهن کي سُٽ جي هڪ سير مان گهر ۽
اوطاق جا سڀيئي ٽپڙ ٺاهي ڏينديس.“ ٽينءَ عورت
چيو، ”مون کي جيڪو شخص پرڻبو، تنهن کي هڪ اهڙو پٽ
ڄڻي ڏينديس، جو سندس منهن ۾ سج ۽ پُٺيءَ ۾ چنڊ
هوندو، جنهن جاءِ ۾ ويهندو، اها جاءِ پيئي ٻرندي.“
اتي نور شاهه شهزادي ۽ وزير پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته
انهن ٽنهي ڇوڪرين جا سڱ هٿ ڪجن.“ ٻئي ڏينهن
بادشاهه سان صلاح ڪري، نور شاهه شهزادي، وزير جي
هٿان، انهن ٽنهي ڇوڪرين جي وارثن ڏانهن شاديءَ جو
پيغام ڏياري موڪليو، جن خوشيءَ سان اهو قبول ڪيو،
۽ ٿوري گهڻي ڏينهين، هن انهن ٽنهي ڇوڪرين سان ڏاڍي
ڌام ڌوم سان شادي ڪئي، ۽ کين پنهنجي محلات ۾ وٺي
آيو.
نور شاهه شهزادي انهن ٽنهي ڇوڪرين سان شادي ته رچائي، پر ساڻن
ڳالهائڻ ٻولهائڻ صفا بند رکيائين. هڪ ڏينهن، انهن
مان جيڪا وڏي هئي، تنهن همت ڪري، شهزادي کان پڇيو
”اسان سان ڪاوڙيل آهيو ڇا، جو ڳالهايو ئي ڪونه
ٿا؟“ تنهن تي نور شاهه شهزادي چين ته ”توهان جيڪي
انجام ڪيا هئا، سي پاڙيا اٿو، جو توهان سان
ڳالهايان؟“ اهو ٻڌي، هن جواب ڏنو ته ”پنهنجي
شاديءَ کي پورو هڪڙو چنڊ لنگهيو آهي- مان روز سيڌي
مان هڪڙو پاءُ اٽي جو بچائي رکندي ويئي آهيان...
هاڻي ڏس ته ڪيئن ٿي پاءُ اٽي مان تنهنجي گهر ۽
اوطاق جو کاڌو پورو ڪيان!“ ائين چئي، اٽي جي پاٽ
ڪڍي آئي؛ ۽ ان جون مانيون پچائي سڄي گهر ۽ اوطاق
کي کارائي ڍؤ ڪرائي اٿي کڙي ٿي! ساڳيءَ ريت شهزادي
جي وچينءَ زال به سُٽ جو سير گهرائي، ان مان ڌاڳا.
وٽي، گهر ۽ اوطاق جا سڀ ٽپڙ سبي ٺاهي کڻي حاضر
ڪيا! باقي رهي سڀ کان ننڍي زال، تنهن سان به
شهزادو وڃي رات جو ملاقاتي ٿيو، ۽ خير سان هُن کي
اميدواري ٿي، پورن ڏينهن تي هن کي سج چنڊ جهڙو
هڪڙو منهن ملوڪ سهڻو پٽ ڄائو... پر هن جي ٻن
ساهيڙين ڊوهه ڪري، هن جي پاسي ۾ ڪوئلن جو ڇڄ رکي،
سندس ٻار کي وڃي شهزادي جي گهوڙن جي ڪُڙهه ۾ پوري
ڇڏيو، ۽ جڏهن نور شاهه شهزادو آيو، تڏهن هن کي
ٻڌايائون ته ”هن اسان جي ساهيڙيءَ ته اجهو هي
ڪوئلن جو ڇڄ ڄڻي ڏنو آهي!“ اهو ٻڌي، نور شاهه
شهزادو پنهنجي ننڍي زال تي ڏاڍو اچي ڏمريو، ۽ کيس
چيائين ته ”تون ڪوڙي ۽ دغاباز آهين- هنن ٻنهي
پنهنجي انجامن کي پاڻي ڏنو، پر تو ڪوڙ ڳالهايو...
تنهنڪري ان جي سزا ۾ مان توکي پنهنجي هنن ٻن راڻين
جي ٻانهي ٿو ڪريان.“ ان ڏينهن کان وٺي، نور شاهه
شهزادو پنهنجي ننڍيءَ زال کي ڏکيو رکڻ لڳو- ۽ هوءَ
ويچاري به هڪ ڪنڊ ۾ پيئي رهندي هئي.
هڪڙي ڏينهن ، نور شاهه شهزادو، گهمندي ڦرندي، اچي پنهنجي گهوڙن
ڪُڙهه ۾ پهتو، ڏسي ته گهوڙن جي سڄي ڪڙهه پيئي
جرڪي، ۽ ان مان چمڪاٽ پيا نڪرن! اهو ڏسي گهڙي پلڪ
ته حيران ٿي ويو؛ پوءِ وزير کي چيائين، ”آءٌ
پنهنجي اوطاق اچي ٿو هن گهوڙن جي ڪڙهه اڳيان
اڏايان، جيئن ماڻهو سمجهن ته جهڙو شهزادو پاڻ،
تهڙي سندس گهوڙن جي ڪڙهه!“ جڏهن شهزادي جي ان
فيصلي جي خبر، سندن وچينءَ ۽ وڏيءَ زال کي پئي،
تڏهن اچي ڊپ لڳن ۽ ان خيال کان متان بادشاهه کي
سندن ڪرتوتن جي خبر پئجي وڃي، وٺي ڳجهه ڳوهه ۾ ان
جاءِ کي کوٽيائون، جتي انهن ٻار کي جيئرو دفن
ڪيوهو. ڇا ڏسن ته ڇوڪري جي وات ۾ مصري آهي، جا
ويٺو چوسي، ۽ هٿ ۾ به مصريءَ جي هڪ تَڙ اٿس! ڇوڪري
کي جيئرو جاڳندو ويٺل ڏسي، کين حيراني به ٿي، ته
ڊپ به لڳن. پر دل پڪي ڪري، ڇوڪري کي اتان کڻي وڃي
چاري ۾ مينهن جي لنگهه وٽ پوري آيون، ته ڀلي
مينهون کُرن سان لتاڙي کيس ماري ڇڏين. آخر جڏهن
مينهون چاري مان لنگهيون، تڏهن ويچارو معصوم ٻار
انهن جي لتن ۾ چيڀاٽجڻ لڳو. کُرن لڳڻ ڪري، ڏاڍو رت
وهڻ لڳس، ۽ ان جو هڪ ٽيپو وڃي پاسي تي ڪجهه پرڀرو
ڪريو. ٿوري گهڻي ڏينهين، ان هنڌ، جتي رت جو ڦڙو
اچي ڪريو هو، هڪ ٻٻر جو وڻ پيدا ٿيو، جيڪو آهستي
آهستي وڌڻ لڳو، ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ وڌي وڏو وڻ ٿي
پيو.
هڪ ڏهاڙي، نور شاهه شهزادو ۽ وزير وري گهمندا ڦرندا اچي ان وڻ
هيٺان پهتا، ۽ ان وڻ جي ٿڌي ۽ مٺي ڇانو ڏسي، ان جي
هيٺيان ويهي رهيا، کين ڇانو ايڏي ته وڻي ويئي، جو
اتان اٿڻ تي دل ئي ڪانه پيئي ورين، شهزادي وزير کي
چيو ”آءٌ پنهنجي اوطاق پٽائي، اچي ٿو، هن ٻِير جي
وڻ هيٺيان اڏايان.“ شهزادي جي وچينءَ ۽ وڏيءَ زال
کي وري جڏهن هيءَ ڳالهه ڪن تي پيئي، ته مينهن جي
چاري وٽ هڪ ٻٻر جو وڻ پيدا ٿيو آهي، ۽ شهزادي
پنهنجي اوطاق ان جي هيٺان اڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،
تڏهن انهن خيال ڪيو ته ان وڻ کي پٽرائي ڇڏڻ ئي چڱو
ٿيندو. سو هڪ ٻڪرار کي حڪم ڏنائون ته ”ان وڻ کي
صبح ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي پاڙن سوڌو ڪپي ڇڏ.“ ٻڪرار اهو
حڪم ٻڌي، پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ۾ اٿي، اچي ان وڻ کي
رسيو ۽ پاڙن کان ڪپي کڻي پٽ تي اڇلايائينس، ۽ ان
کي پنهنجي ٻڪرين جي حوالي ڪيائين ته ڀلي کائي ڍؤ
ڪن، ان ٻير جي وڻ جي چوٽيءَ ۾ هڪ گل هو، جو هڪ
ٻڪريءَ کاڌو، اها ٻڪري اصل ڪانه لڳندي هئي، ۽ جي
لڳندي هئي ته اُٿلي پوندي هئي پر ان گل کائڻ
کانپوءِ، ٻڪريءَ لڳ ڪرايو ۽ جڏهن ويائي، تڏهن هڪ
اهڙو ڇيلڙو ڄڻيائين، جو تمام سٻاجهڙو ۽ خوبصورت
هو.
هڪ دفعي شهزادي جي نظر وڃي ان ڇيلي تي پيئي، هن کي ڇيلو ڏاڍو
وڻيو، سو ٻڪرار کي چيائين ته ”اهو ڇيلو مون کي
ڏي.“ ٻڪرار ڇيلو هڪدم شهزادي جي حوالي ڪيو. جڏهن
شهزادي جي وچينءَ ۽ وڏي زال جي ڌيان تي اها ڳالهه
آئي، ته شهزادي کي هڪ ڇيلو ڏاڍو پسند اچي ويو آهي،
۽ اهو انهيءَ ٻڪريءَ جو پيٽ ڄائو آهي، جنهن انهيءَ
ٻٻر جو گل کاڌو هو، جيڪو هنن ٻڪرار کان وڍائي ڇڏيو
هو، تڏهن کين ان ڇيلي ۾ به شڪ پوڻ لڳو ته ان ۾
ضرور ڪجهه آهي. سو پهه ڪيائون ته ان ٻڪر کي مرڳو
ڪهرائي ڇڏجي، ته جند ئي ڇٽي پوي.‘ اهو ڇيلو رهندو
ته بادشاهه جي اوطاق ۾ هو، پر ان جي سنڀالي وري به
اهو ساڳيو ئي ٻڪرار ڪندو هو. هڪ رات بادشاهه جون
ٻيئي زالون لڪي ٻڪرار وٽ پهتيون، ۽ هن کي چيائون
ته ”شهزادي کان اسين موڪلائي آيون آهيون، اهو ڇيلو
اسان جي حوالي ڪر، ته ڪهي ان کي اسين خيرات ڪيون.“
ٻڪرار کي ان ڳالهه تي اعتبار نه آيو، ڇو ته هن کي
خبر هئي ته شهزادو ڇيلي کي ڏاڍو ڀائيندو آهي، سو
ان کي ڪهي خيرات ڪرڻ جي موڪل ڪيئن ڏيندو! سو هن
ڇيلي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ۽ چيائين ته ”شهزادو پاڻ
اچي مون کي حڪم ڏئي، ته پوءِ مان هيءُ ڇيلو اوهان
کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، باقي اوهان جي چوڻ تي
ڪونه ڏيئي سگهندس.“ ٻڪرار جي هن جواب ٻڌڻ کانپوءِ
به هو ڪونه مڙيون، ۽ هن کي ڇيلي ڏيڻ لاءِ تنگ ڪرڻ
لڳيون، پر هو به ڇيلي ڏيڻ کان صفا نابري واري بيهي
رهيو، جڏهن ٻڪرار ڏٺو ته راڻيون ته پچر ڇڏڻ واريون
ڪونه آهن، تڏهن ڇيلي کي وٺي اوطاق مان ان وقت ئي
اٿي هليو ۽ سفر ڪندو ڪندو، پري وڃي ڪنهن ٻيءَ
بادشاهيءَ ۾ پهتو ۽ پوءِ اتي ئي رهڻ لڳو. اتي هن
ٻيون به ڪيتريون ئي ٻڪريون ڌاريون؛ جن ڏاڍو کير
ڏيڻ شروع ڪيو. هن وٽ ايترو ته کير ٿيڻ لڳو، جو
وڪري ڪرڻ کانپوءِ به کير هاري ڇڏڻو پوندو هوس. اهو
ڏسي، هڪ ڏينهن ڇيلي، جو هاڻي وڌي وڏو ٻڪر ٿي پيو
هو، صلاح ڏنس ته ”کير کي اجايو هاري ڇو ٿو ڇڏين!
هل ته اهو بچيل کير هلي بادشاهه جي اوطاق تي ڏيئي
ايندا ڪريون، ته مسافر پي دعائون ڪندا.“ ٻڪرار کي
ٻڪر جي اها صلاح وڻي، ۽ ان ڏينهن کانپوءِ، هو ٻڪر
کي ساڻ وٺي، پنهنجو سمورو بچيل کير هر روز بادشاهه
جي اوطاق تي پهچائي ايندو هو.
ٿورا گهڻا ڏينهن گذريا، ته ٻڪر ٻڪرار کي چيو ته ”بادشاهه جي
ڌيءُ مون کي وڻي ويئي آهي- هاڻي اها مون کي
پرڻاءِ!“ ٻڪرار هن کي دلاسو ڏنو ۽ چيائينس، ”تون
ڪو خيال نه ڪر، مان توکي بادشاهه جي ڌيءُ ضرور
پرڻائيندس.“ اها ڳالهه ٻڌي، ٻڪر خوش ٿي وڃي ٻڪرين
سان چرڻ لڳو ۽ ٻڪرار سڌو ٿيو بادشاهه جي اوطاق
ڏانهن روانو. ٻڪرار بادشاهه جي وطاق ۾ ويهي ويهي
ٿڪجي پيو، پر بادشاهه ڪونه آيو. هن اتي ويٺل ٻين
ماڻهن کان پڇا ڪئي ته ”بادشاهه جي ڪا جوان ڌيءُ
ويٺل آهي ڇا؟“ انهن ’هائو‘ ڪئي، پر ٻڌايائونس ته
”جنهن به چڱي مٺي بادشاهه کان ڌيءَ جو سڱ گهريو
آهي، تنهن جون ٽنگون ۽ ٻانهون ڪپرائي، ان کي پنگلو
ڪري ڇڏيو اٿس.“ ٻڪرار ٻئي ڏينهن به بادشاهه جي
اوطاق تي ويو. ان ڏينهن بادشاهه ويٺو هو، جنهن
ٻڪرار کي سڃاتو ۽ هن کان پڇيو، ”ٻڌاءِ، تون ڪهڙي
ڪم سان آيو آهين. توتي سڀ گناهه معاف آهن ۽ تون
جيڪو به ڪم چوندين، سو ضرور پورو ڪندس.“ ٻڪرار هٿ
ٻڌي عرض ڪيو، ”قبلا، مون وٽ هڪ ٻڪر آهي، انهيءَ جو
اوهان جي ڌيءُ پرڻجڻ تي ضد آهي، سو اوهان مهرباني
ڪري مون کي پنهنجي ٻڪر لاءِ ڌيءُ جو سڱ ڏيو!“
بادشاهه کي اهو ٻڌي ٻڪرار تي سخت ڪاوڙ به آئي ته
کل به آئي. بادشاهه هن کي چيو ته ”مون سان مسخري
نه ڪر... وري سڀاڻي اچي ٻيو ڪجهه گهرجانءِ.“ ائين
چئي، بادشاهه اوطاق مان اٿي هليو ويو، جڏهن ٻيو
ڏينهن ٿيو، ته ٻڪرار وري اچي بادشاهه جي اوطاق تي
پهتو. بادشاهه هن کي وري ڪجهه گهرڻ لاءِ چيو، پر
ٻڪرار اها ساڳي ڳالهه چئي، جا پهرين چئي هئائين.
بادشاهه ڏٺو ته ٻڪرار ته ڪو هٺيلو شخص آهي، ۽ هوڏ
تان لهڻ وارو ڏسجي ئي نٿو، سو هن تي ڪاوڙ به ڏاڍي
پئي آيس ته ’چريو، ٻڪر لاءِ منهنجي ڌيءُ گهري رهيو
آهي، جنهن جو سڱ بادشاهن کي به ڪو نه ٿو ڏيان!
بيوقوف، هي به نٿو سمجهي ته هن جي ٻڪر تي پنهنجي
ڌيءُ کي ڪيئن قربان ڪندس!“ پر بادشاهه به مجبور
هو، جو هن جا گناهه اڳ ۾ ئي ڀريل اوطاق ۾ معاف ڪري
ڇڏيا هئائين، ۽ هن سان واعدو به ڪري چڪو هو ته
جيڪي گهرندو، سو هن کي ملندو. هاڻي بادشاهه پنهنجي
تڪڙ تي پڇتائڻ لڳو، ۽ ويچارڻ لڳو ته هن احمق ٻڪرار
مان جند ڪيئن ڇڏائجي. آخر هڪ ڳالهه سُجهي آيس، ۽
ٻڪرار کي چيائين ته ”مان پنهنجي ڌيءُ جو سڱ تنهنجي
ٻڪر لاءِ ضرور ڏيندس، پر ان لاءِ شرط هيءُ آهي ته
تون مون کي کوهه ٽڪن جو ڀري آڻي ڏي!“ ٻڪرار
بادشاهه جو اهو شرط قبول ڪيو، ۽ سڀني کان موڪلائي
اوطاق مان اٿي آيو.
ٻڪرار بادشاهه وارو شرط وڃي ٻڪر کي ٻڌايو، ٻڪر چيس ته ”بس،
ڳالهه به ايتري! چڱو تون کوهه ۾ پنهنجي ٻڪرين جون
ڦولهڙيون وجهي ڀري ڇڏ، ۽ پوءِ مون کي اچي ٻڌاءِ.“
ٻڪرار ڇا ڪيو، جو ٻن ٽن ڏينهن ۾ پنهنجي واڙ مان
ڦولهڙيون ميڙي، کوهه ڀري ٽمٽار ڪري ڇڏيائين، ۽
پوءِ اچي ٻڪر کي خبر ڪيائين، ٻڪر چيس ”هاڻي تون
ڇٽين، بادشاهه کي وڃي چئو ته ’سڀاڻي صبح جو اچي،
پنهنجو ٽڪن سان ڀريل کوهه هٿ ڪري، ٻڪر جي هيءَ
ڳالهه ٻڌي، ٻڪرار اٿي پنڌ پيو، ۽ سج بيٺي ئي وڃي
بادشاهه جو سلامي ٿيو ۽ چيائينس ”حضور، ٽڪن سان
ڀريل کوهه حاضر آهي، صبح جو هلي سائينءَ جن پاڻ
پنهنجين اکين سان ڏسن.“ بادشاهه ٻڪرار جي ڳالهه
ٻڌي، کلي کڻي چپ ڪئي، ۽ ٻڪرار موٽي سڌو پنهنجي گهر
آيو. اتي ٻڪر ڇا ڪيو، جو، رات ٿي ۽ ٻڪرار سمهي
رهيو ته چپڙي ڪري، کوهه تي ويو ۽ ڦولهڙين جي ڍير
مٿان بيهي، کڻي جو پنهنجو ٻاڪرو پوش لاٿائين، ته
هڪدم سڄو کوهه روشن ٿي ويو ۽ موتين وانگر ڦولهڙيون
تجلي ڏيئي چمڪڻ لڳيون! پوءِ گهڻيءَ گهڻيءَ دير
تائين هو اتي ويٺو رهيو ۽ ويهي ويهي، صبح جو سج
اڀرڻ کان اڳ پاڻ کي ٻاڪري روپ ۾ آڻي، موٽي پنهنجي
گهر آيو ۽ اچي ڏسي ته ٻڪرار اڃا ستو پيو آهي.
ٻڪرار کي اٿاري، چيائين ته ”هاڻ وڃ، وڃي بادشاهه
کي وٺي آءُ، متان ٽڪن ڀريل کوهه ڪو ٻيو نه کڻي
وڃيس!“ ٻڪرار اُٿندي وٺي کڻي کڙي ڪئي، ۽ وڃي
بادشاهه کي سڏي اٿاريائين، چي: ”سائين، هلو... وچ
۾ ڪو ٻيو نه ٽڪا کڻي وڃي.“ لاچار بادشاهه پنهنجن
اميرن وزيرن سان گڏ اُٿي ٻڪرار سان هليو. ڪنهن کي
اعتبار ئي نه پيو اچي، پر پوءِ جڏهن وڃي پنهنجين
اکين سان ڏٺائون ته حيرت جي حد ئي نه رهين،
بادشاهه کي اطمينان هو ته هيءُ غريب ٻڪرار ٽڪن سان
ڀريل کوهه آڻڻ وارو شرط ڪڏهن به پورو ڪري نه
سگهندو، جنهن ڪري سندس ڌيءُ جي ٻڪر سان شادي روڪجي
ويندي، ۽ اهڙي طرح ان ٻڪرار مان هميشه لاءِ جند
ڇٽي پوندي. پر هاڻي جڏهن ٻڪرار کيس شرط پورو ڪري
ڏيکاريو، تڏهن بادشاهه مجبور ٿي ويو، ۽ پنهنجو قول
پاڙي پنهنجي ڌيءُ ٻڪر کي پرڻائي ڏنائين، ۽ پنهنجي
ڌيءُ کي هڪ جدا محلات ڏنائين، جنهن ۾ زال مڙس
پنهنجي ٻانهين ۽ ٻانهن سان رهڻ لڳا.
بادشاهه جي ڌيءُ کي پنهنجي پيءُ جي قول رکڻ خاطر ٻڪر سان شادي
ته ڪرڻي پيئي، پر هن کي ٻڪر کان سخت نفرت هئي، ۽
هوءَ ان جي ويجهو به ڪانه ويندي هئي. اهڙيءَ طرح
چڱا ڏينهن گذري ويا. آخر جڏهن ٻڪر ڏٺو ته سندس زال
ته سندس پاڇي کان به پيئي ڊڄي، ۽ هن سان پيار ڪرڻ
ته ڇا، پر هن سان ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه آهي،
تڏهن هڪ رات هن اوچتو کڻي پنهنجو ٻاڪرو پوش
لاٿو... ته اندران هڪ سهڻو ۽ سندر شهزادو نڪري
آيو. هن جو ظاهر ٿيڻ، ۽ سڄيءَ محلات ۾ ڏينهن جهڙي
روشني ٿي وڃڻ! شهزادي، جا اتي موجود هئي، تنهن جو
هيءُ اوچتي روشني ڏٺي، سو اچرج ۾ پئجي ويئي. وري
جو کڻي پنهنجو منهن ورائي پٺيان ڏسي ته ٻڪر جي
جاءِ تي هڪ نهايت سهڻو ۽ ٺاهوڪو شهزادو ڏانهنس ڏسي
۽ مشڪي رهيو آهي، ۽ ٻاڪري کل هن جي ٻانهن تي رکي
آهي! شهزادي جي چهري ۾ ايترو ته نور آهي، جو سڄي
محلات ۾ سندس روشني پکڙجي ويئي آهي!
شهزاديءَ جڏهن ڏٺو ته سندس مڙس حقيقت ۾ ٻڪر نه، پر هڪ خوبصورت
شهزادو آهي، ته خوشيءَ وچان ٽڙي پيئي. بس ڪپڙن ۾
ئي نه پيئي ماپي. يڪدم هڪ ٻانهيءَ کي پنهنجي پيءُ
ڏانهن روانو ڪيائين، جنهن وڃي بادشاهه کي چيو،
”قبلا سائين، شهزادي چئي ٿــي ته ’اچي منهنجي مڙس
کي ڏسي وڃو.‘“ بادشاهه ته اڳ ۾ ئي ان شاديءَ تي
سڙيو ويٺو هو، تنهن اهو ٻڌي ٺڪاءُ ڪيو ٻانهيءَ کي
موچڙو، ۽ واپس ڪري ڇڏيائينس. ٻانهيءَ موٽي اچي
شهزاديءَ کي سربستو احوال ٻڌايو. تنهن تي شهزاديءَ
ان ٻانهيءَ کي وري پنهنجي پيءُ ڏانهن موٽائي
موڪليو، ۽ چيائينس ته ”وڃي چئيس ته ’جي ڌيءُ جو
منهن ڏسڻو اٿو، ته اچي ڏسو، نه ته هوءَ مري
ويندي.‘“ بادشاهه کي جڏهن اهو نياپو پهتو، تڏهن
پنهنجي راڻيءَ سميت شهزاديءَ جي محلات ڏانهن وٺي
ڀڳو. ڌيءَ جي محلات ۾ پهچي ڏسن ته مار! ٻڪر جي
بدران هڪ خوبصورت شهزادو ويٺو آهي، ۽ سندس منهن ۾
ايترو ته نور آهي، جو ان سبب سڄو محلات پيو
... کڻي جو ڏسي ته ٻڪر جي جاءِ تي هڪ سهڻو شهزادو
مُشڪي رهيو آهي...!
جرڪي ۽ جهرمر ڪري! اهو ڏسي بادشاهه ۽ سندس راڻي باغ باغ ٿي ويا
۽ پنهنجي ڌيءُ ۽ شهزادي کي کڻي ڳلي لڳايائون، ۽
پوءِ شهزادي ۽ شهزاديءَ جو نڪاح ڏاڍي چاهه ۽ وڏيءَ
ڌام ڌوم سان ٻيهر ڪرايو ويو.
ٿورا ڏهاڙا گذريا ته شهزادي پنهنجي زال کي چيو ته ”هاڻي هل ته
مان توکي پنهنجو پيءُ ۽ ماءُ ڏيکاريان. شهزاديءَ
کي به پنهنجي سس ۽ سهري کي ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو، سو
مائٽن کان موڪلائي اُٿي هليا، ۽ نور شاهه بادشاهه
جي شهري جي ٻاهران اچي تنبو کوڙيائون. (تنهن وچ ۾
هوڏانهن نور شاهه شهزادو پيءُ جي گذاري وڃڻ تي
راڄ- ڀاڳ ڌڻي بنجي. تخت تي ويٺو هو، ۽ شهزادي مان
ڦري هاڻي بادشاهه ٿيو هو.) جڏهن نور شاهه بادشاهه
کي خبر پيئي ته ڪنهن ٻيءَ بادشاهيءَ مان هڪ شهزادو
۽ سندس زال اچي سندس بادشاهيءَ ۾ لٿا آهن ته هو
انهن مهمانن جي آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ انهن وٽ ويو، ۽
کين وڏيءَ عزت ۽ شان سان پنهنجي محلات ۾ وٺي آيو.
ٻئي ڏينهن تي شهزادي بادشاهه کان پڇيو، ”هوءَ
پراڻن ۽ ڦاٽل ڪپڙن ۾ ويڙهيل عورت، جيڪا ڪنڊ ۾ پيئي
آهي. سا ڪير آهي؟“ بادشاهه شهزادي کي سموري حقيقت
ڪري ٻڌائي ۽ چيائين، ”.... هاڻي ان دوکي جي هن کي
اها سزا ملي رهي آهي!“ اهو ٻڌي، شهزادي چيو ”قبلا،
مون کي ان ڳالهه جو ڪيئن اعتبار اچي ته ڪا عورت
ڪوئلن جو ڇڄ به ڄڻي سگهي ٿي! ضرور تنهنجيءَ وڏيءَ
۽ وچينءَ راڻيءَ ساڙ وچان توسان ۽ تنهنجي هن
ننڍيءَ راڻي سان ڪو ظلم ڪيو آهي. اهو ٻڌي، نور
شاهه بادشاهه کي شهزادي تي ڪاوڙ اچي ويئي ۽
چيائينس، ”تون ڪيئن ٿو منهنجين راڻين تي الزام
لڳائين، ۽ انهن کي هروڀرو بدنام ڪرين، اهي ٻيئي
مون سان بيحد وفادار آهن، ۽ انهن مون کي ڪڏهن به
دوکو نه ڏنو آهي. هن ڪمبخت کي ضرور ڪوئلن جو ڇڄ
ڄائو هوندو. ڀلا جي پٽ ڄميس ها، ته اهو ڪيڏانهن گم
ٿي ويو؟“ شهزادي چيس، ”تنهنجي ان راڻيءَ کي ڪوئلن
جو ڇڄ هرگز نه ڄائو هو، ۽ هن پنهنجي وعدي مطابق
توکي اهڙو ئي پٽ چڻي ڏنو هو، جهڙو تو گهريو ٿي...
۽ اهو مان آهيان!“ پوءِ شهزادي نور شاهه پنهنجي
بادشاهه کي سڄي حقيقت اکر اکر ڪري ٻڌائي. نور شاهه
کي جڏهن سڄيءَ حقيقت جي خبر پيئي، ته ڏاڍو پشيمان
ٿيو، ۽ پنهنجي پٽ کي کڻي ڇاتيءَ سان لاتائين ۽
هڪدم وڃي پنهنجي ننڍيءَ راڻيءَ کان روئي معافي
ورتائين، ۽ کيس سندس پٽ ڏيکاريائين، پوءِ پنهنجين،
وڏيءَ ۽ وچينءَ، ٻنهي راڻين کي اگهاڙين پيرين
محلات مان ڪڍي، ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏيائين ۽ پوءِ
پنهنجي ننڍيءَ راڻيءَ، پٽ ۽ ننهن سان زندگيءَ جا
باقي ڏهاڙا خوشيءَ ۾ گذارڻ لڳو.
●●●
جمڙو بادشاهه
هڪڙو هو بادشاهه، بادشاهه: ته پاڻ الله آهي، پر هيءُ ڪُوڙي دنيا
جو بادشاهه هو. هن جو نالو هو ”جمڙو بادشاهه.“
بادشاهه ڇا ڪندو هو جو جيڪا به زال پرڻبو هو، ان
کي هڪ رات پاڻ وٽ رهائي، صبح جو ماري ڇڏيندو هو.
اهڙيءَ طرح، ڪئين زالون ماري، هڪڙي ڪا نئين شادي
ڪرڻ پئي ويو، ته واٽ تي هڪڙي کوهه تي هڪڙيون ٻه
ڪنواريون ڇوڪريون پاڻي ڀري رهيون هيون، جي ڪنهن
ٻڪرار جون ڌيون هيون؛ تن مان وڏيءَ ڀيڻ ننڍيءَ کي
چيو ته ”اڄ بادشاهه وري ٻي زال پرڻجڻ پيو وڃي، پر
ان ويچاريءَ کي به هڪ رات رهائي ماري ڇڏيندو!“
تنهن تي ننڍيءَ چيو ”ڪنهن زال جا هٿ ڪونه لڳا اٿس،
نه ته جيڪر ڪنن سان پادر ٻڌائي ڇڏيس!“ بادشاهه
جڏهن اهي لفظ ٻڌا، تڏهن ڏاڍي خار لڳس ۽ دل ۾
چيائين: ”هيءَ شادي ڪري اچان، پوءِ اها ڇوڪري ضرور
پرڻبس، ڏسان ته ڪيئن ٿي ڪنن سان پادر ٻڌائيم!“
بادشاهه شادي ڪري آيو- رات گذري، صبح ٿيو... ته اڳين راڻين
وانگر، ان کي به ماري ڇڏيائين. بادشاهه کي ته
ٻڪرار جي ڌيءُ وارو گفتو ياد بيٺو هو، سو يڪدم
وزير کي ٻڪرار ڏانهن موڪليائين ته کانئس وڃي سڱ جي
گهر ڪري، وزير ٻڪرار وٽ آيو ۽ کيس بادشاهه جو
پيغام ڏنائين. ٻڪرار چيو ته ”آءٌ جڏڙو جسم؛ مون ۾
ته ڪم جي پهچ به ڪانه رهي آهي. سڱ ڏيئي، هڪ هٿ
وڍائي ڇڏيان، ته پوءِ منهنجي ڪير ڪندو!“ پر وزير
ڏاڍو مٿس زور رکيو، تنهن تي ٻڪرار نيٺ چيس ته
”پنهنجي ڌيءُ کان پڇي اچان، پوءِ جيئن هن چيو تيئن
ٿيندو.“ ائين چئي، هو پنهنجي ڌيئن وٽ آيو، ۽ وزير
واري ساري حقيقت کين ٻڌايائين. وڏيءَ ڌيءُ ته
ڳالهه ٻڌي يڪدم چيو ته ”ڪنهن کي مرڻو آهي، جو
بادشاهه سان شادي ڪندي؟ آءٌ ته ڪانه ڪنديس!“ تنهن
تي ننڍيءَ ڌيءُ چيس ته ”بابا تون وزير کي وڃي چئو
ته پنهنجي ننڍي ڌيءُ بادشاهه کي انهيءَ شرط تي
ڏيندس ته ان جي تور برابر سون مون کي ڏيندو.“ وزير
ٻڪرار جو اهو شرط قبول ڪري، بادشاهه وٽ آيو، ۽ کيس
ساري ڳالهه ڪري ٻڌايائين.
آخر بادشاهه نبار سون ۾ ڪانيءَ سڌ تورائي، ٻڪرار جي ڌيءُ ورتي،
۽ ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ڪيائين، خير جي رات گذري،
صبح ٿيو... ته بادشاهه به مياڻ مان ترار ڪڍي!
راڻيءَ، اهو ڏسي چيس: ”بادشاهه سلامت! اهو ڇا؟
ماڻهو ڇا چوندا ته راڻي بادشاهه کان زور ٿي پئجيو
ويئي، يا مرڳو ڀڄيو ٿي ويئي، جو بادشاهه يڪدم ماري
ڇڏيس! آخر تو به سون ۾ توري مون کي ورتو آهي؛ اڄ
ڇڏيو، سڀاڻي کڻي مارجو!“ نيٺ ٻي رات گذري، صبح
ٿيو... ته بادشاهه وري به يڪدم ڊوڙي، وڃي ترار
کنئين. تنهن تي راڻيءَ چيس: ”بادشاهه سلامت، مون
کي پوءِ مار... پهرين ’چؤٻول راڻي‘ ته پرڻجي اچ،
ته آءٌ به سمجهان ته تون برابر مرد آهين- نه ته
سمجهنديس ته گيدي آهين، رڳو هيڻين زالن کي ماري
ڄاڻين!“ اهو ٻڌي، بادشاهه ترار ڦٽي ڪري، راڻيءَ
کان چؤٻول راڻيءَ جي ملڪ جا پار پتا پڇيا، ۽ پوءِ
مال جا ٻيڙا ڀرائي، سوداگر جو ويس پائي، اوڏانهن
روانو ٿي ويو.
ويندي ويندي نيٺ وڃي هڪڙي هنڌ لنگر هنيائون. پريان ڏسي ته هڪڙو
منڊو آهي، جو هڪ ٽنگ تي يڪساهيءَ ڊوڙندو اچي!
منڊي، اچڻ سان، بادشاهه کي چيو: ”تنهنجي پيءُ
منهنجي ڄنگهه ڪپائي هئي... سو، يا ته ڄنگهه جي
ڄنگهه ڏي، يا ڄنگهه جي تور سون
.... رات گذري، صبح ٿيو ته بادشاهه به مياڻ مان
ترار ڪڍي!
ڏي، نه ته هن تر جو بادشاهه آءٌ آهيان، تنهنجا هي ٻيڙا درياءَ
داخل ڪري ڇڏيندس!“ بادشاهه، جند ڇڏائڻ لاءِ، جهولي
سون جي هن کي ڏني ۽ ٻئي ڏينهن تي ٻيڙا ڇوڙائي اٿي
اڳتي هليو. ويندي ويندي، نيٺ وري ٻئي هنڌ اچي لنگر
هنيائون. پريان ڏسي ته هڪڙو ڪاڻو آهي، جو اک تي هٿ
رکيو ڊوڙندو اچي. ڪاڻي، اچڻ سان بادشاهه کي چيو:
”تنهنجي پيءُ منهنجي اک ڪڍائي هئي... سو يا ته اک
جي اک ڏي، يا اک عوض سچن موتين جو ٿالهه ڏي، نه ته
هن تر جو بادشاهه آءٌ آهيان، تنهنجا هي ٻيڙا
درياءَ ۾ داخل ڪري ڇڏيندس!“ بادشاهه جند ڇڏائڻ
لاءِ، ٻڪ موتين جو هن کي ڏنو، ۽ ٻئي ڏينهن تي ٻيڙا
ڇوڙائي اٿي اڳتي هليو. ويندي ويندي، نيٺ هڪڙي
ڏينهن اچي چؤٻول راڻيءَ جي باغ جي ڀر ۾ نڪتو، جتي
هڪڙي ڀير رکيل هئي، جيڪو به شهزاو چؤٻول راڻيءَ
لاءِ ايندو هو، سو پهريائين اچي ڀير تي ڏونڪو
هڻندو هو. بادشاهه به جو ايترا ڪشالا ڪڍي، اتي آيو
هو، سو اچڻ سان وڌي وڃي، ان ڀير تي ڏونڪو هنيائين.
ڀير جي آواز تي، راڻيءَ ٻانهيءَ کي موڪليو، جنهن
اچي چيس: ”گهر جو تتو آهين، يا زال جو ماريو؟ ڪهڙي
ويڌن اٿئي، جو ڀير ٿو ڦاڙين!“ بادشاهه چيس ”نه
آهيان گهر جو تتو، نه آهيان زال جو ماريو: تون
چپڙي ڪري وڃ، ۽ وڃي پنهنجي راڻيءَ کي چئو ته
’پنهنجا ٻول ٻڌاءِ، يا کٽ تي ويهڻ ڏي!‘ ٻانهيءَ
چيو ”چوٻول راڻيءَ جو پهريون ٻول آهي ته ’هي ڪاٺ
جو ڪهاڙو کڻ، هوڏانهن هو لوهه جو بنڊ ڏسين ٿو- ان
سان وڃي اهو ڏار!“ بادشاهه ڪاٺ جو ڪهاڙو کڻي، بيٺو
لوهه جو بنڊ ڏارڻ. ٻه ٽي ڌڪ هنيائين، ته ڪاٺ جو
ڪهاڙو ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويو، ۽ لوهه جي بنڊ کي
ڪجهه ڪونه ٿيو. پوءِ راڻيءَ جي حڪم موجب، بادشاهه
کي وٺي وڃي نارَ ۾ جوٽيائون، ۽ ان نار ۾ جيڪو اڳ
شهزادو وهيو پئي، تنهن کي ڇوڙي، ڪارو ڌاڳو ڳچيءَ ۾
ٻڌي، گهيٽو ڪري، ان کي جاءِ ۾ بند ڪري ڇڏيائون.
چؤٻول راڻيءَ وٽ بادشاهه کي نار ۾ جُٽئي ٻه ڏينهن ٿي ويا... اتي
سندس راڻيءَ کي پڪ ٿي ته بادشاهه جو خير ڪونهي،
تنهن پنهنجي سس سهري کان موڪل وٺي، مردانو وڳو
ڍڪي، هٿيار پنهوار پهري، گهوڙن تي سوار ٿي، اٽالي
سميت، پنهنجي مڙس جي ڳولا لاءِ، اٿي اڳتي هڪليو.
هڪليندي هڪليندي، انهيءَ ساڳي پٽ تي آيا، جتي
بادشاهه کي منڊو ڦري آيو هو. هن به منزل ڪئي ته
اهو ساڳيو منڊو ڊوڙندو آيو، جنهن اچي راڻيءَ کي
چيو ”تنهنجي پيءُ پر مون کان منهنجي ٽنگ اڌاري
ورتي هئي... هاڻي يا ته ٽنگ جي ٽنگ ڏي يا ٽنگ جي
تور سون ڏي!“ راڻيءَ نوڪرن کي چيو ”هن منڊي جي ٻي
ٽنگ وڍيو، ته توري سون پورو ڪري ڏيونس.“ منڊي ڏٺو
ته مار! هاڻي ٻي ٽنگ به ٿي وڃي! سو، جو ڪجهه سڄي
عمر ڦريو ماريو هئائين، اهو واپس ڏيئي، اڳتي لاءِ
توبهه ڪري، جند ڇڏائي، دعائون ڪندو هليو ويو.
راڻيءَ ٻئي ڏينهن، وري ٻئي هنڌ منزل ڪئي ته اتي
وري ڪاڻو ڊوڙندو آيو- چي: ”اک سنئين اک ڏي، يا سچن
موتين جو ٿالهه ڏي!“ راڻيءَ پنهنجي ماڻهن کي چيو :
”هن جي ٻي اک ڪڍو، ۽ منهنجي به اک ڪڍو، ته توري
برابر ڪري ڏيونس.“ ڪاڻي ڏٺو ته هاڻي ٻي به اک ٿي
وڃي، تنهن به، جو ڪجهه سڄي عمر ڦريو ماريو هئائين،
سو واپس ڏيئي، اڳتي لاءِ توبهه ڪري، جند ڇڏائي،
رکيو پيرن تي زور.
راڻي، اُنهن جهنگ جي ’بادشاهن‘ مان ائين جند ڇڏائي، اٿي اڳتي
رواني ٿي. هلندي هلندي، هڪڙي هنڌ هنن کي اچي سج
لٿو ۽ رات پئجي وين؛ راڻيءَ ڇا ڪيو، جو نوڪرن
چاڪرن کي سمهاري، پاڻ بيهي پهرو ڏيڻ لڳي. پهر کن
رات جو مس گذريو، ته اولهه پاسي کان دانهن ٿي.
راڻي هڪلي ان طرف ويئي؛ ڏسي ته هڪ جن آهي، جو گوڏن
۾ منهن هنيو، ٽاڙهو ٽاڙهه پيو روئي! جن، راڻيءَ کي
ڏسي، چيو: ”مائي دائي، مردانو ويس ڍڪيو اٿئي ته
ڀولو ڪونهي... خدا جو اسم اٿئي، منهنجي زال ٿي
ويامي، تون هلي هن جي ڪا مدد ڪر!“ ان تي راڻيءَ
چيس: ”تون جن، آءٌ آدمزاد، سو توتي منهنجو ڪهڙو
اعتبار؟“ تنهن تي جن حضرت سليمان جو قسم کڻي وچن
ڏنس ته ”آءٌ توکي ڪوبه نقصان ڪونه پهچائيندس... ۽
يا عمر ٻچن سوڌو تنهنجو ٻانهو ٿي رهندس!“ ان
کانپوءِ، راڻي جن سان گڏجي سندس جاءِ تي آئي، اتي
جن ڇا ڪيو، جو هڪ سؤ هٿ ڏاس جو اُڻيل کٿو راڻيءَ
کي ڏيئي، چيائين ته ”جيڪو به ٻار ڄمندو وڃي، تنهن
کي هڪ هٿ کٿو ڦاڙيندي ويڙهيندي وڃجانءِ.... جڏهن
سؤ ٻار ڄمي بس ٿين، تڏهن چئجان ته ’بابا، ڏاڏا،
منهنجي جند ڇڏيو!‘ ته پوءِ ٻار ڄمڻ بيهي ويندا.“
راڻي پوءِ ويٺي جنڙيءَ کي ٻار ڄڻائڻ. جڏهن نوانوي
ٻار ڄمڻ کان پوءِ ٻيو ٻار ڄائو، تڏهن راڻي چيو
:”بابا، ڏاڏا، هاڻي منهنجي جند ڇڏيو!“ تنهن تي ٻار
ڄمڻ يڪدم بند ٿي ويا، ۽ جنڙي اٿي يڪدم راڻيءَ جي
پيرن تي ڪري پيئي ، ۽ چيائين ته ”گهر، جيڪي گهرڻو
هجيئي!“ راڻيءَ چيس ته ”مائي، مون کي خدا جو ڏنو
سڀڪجهه آهي، مون کي ڪجهه به نه گهرجي.“ ان تي
جنڙيءَ پنهنجن پٽن کي چيو ته ”جيڪو توهان مان
حلالي هجي، سو هن مائيءَ جي وڃي خدمت چاڪري ڪري.“
جنڙيءَ جو جيڪو وڏو ٻار هو، سو ٽپ ڏيئي اچي راڻيءَ
جي خدمت ۾ حاضر ٿيو؛ راڻي پوءِ هن کي پاڻ سان وٺي
پنهنجي تنبوءَ تي آئي.
اڃا ٻيو پهر رات جو گذريو، ته ڏکڻ طرف کان وري ٻي دانهن ٻڌڻ ۾
آيس، ٻاهر نڪري ته هڪ ديو آهي، جو مينهن واچ ڪندو،
ڀڄندو پيو اچي... ۽ امالڪ اچي راڻيءَ جي پيرن تي
ڪريو، ۽ چوڻ لڳو ”مائي دائي، خدا جو واسطو اٿئي!
هل منهنجي زال ٿي هٿ پير لهي.“ راڻي چيس: ”تون
ديوزادو ۽ آءٌ آدمزادي، مون کي توتي ڪهڙو اعتبار؟“
ديو چيو: ”مون کي حضرت سليمان جو سُنهن آهي،
تنهنجو ڪير به نالو نه وٺندو... ۽ يا عمر ٻچن سوڌو
آءٌ تنهنجو ٻانهو ٿي رهندس!“ اهو ٻڌي راڻي اٿي هن
سان هلي، ۽ اچي ديو جي جاءِ تي پهتي، ديو هن کي سؤ
ڪانا ڊگهو سرن جو مڙهيل ٽوئو ڏنو ۽ چيائين ته ”ٻار
ٻار کي هڪ ڪانو هن مان ڇني ويڙهجان، ۽ جڏهن سؤ ٻار
ڄمن، تڏهن چئجان ته ”بابا، ڏاڏا منهنجي جند ڇڏيو!“
ته پوءِ پاڻهي بند ٿي ويندا، ۽ تون اٿي کڙي
ٿجانءِ.“ ديو جي چوڻ موجب راڻيءَ ائين ڪيو، جڏهن
ديوڻ ٻار ڄڻي دنگ ڪيا، تڏهن ڊڪي اچي راڻيءَ جي
پيرن تي ڪري پيئي ۽ چيائينس: ”گهر جيڪي گهرڻو
هجيئي!“ ان تي راڻي چيو: ”مون کي خدا جو ڏنو سڀ
ڪجهه آهي، مون کي ڪجهه به نه گهرجي.“ ان کانپوءِ
ديوڻ پنهنجي ٻارن کي چيو ته ”توهان مان جيڪو حلالي
ٻار هجي، اهو وڃي راڻيءَ جي خدمت چاڪري ڪري.“ تنهن
تي ديوڻ جو وڏو پٽ هڪدم اٿي راڻيءَ سان گڏجي هليو،
۽ پوءِ ٻيئي اچي پنهنجي تنبوءَ تي رسيا.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، هلندي هلندي، راڻي اچي چؤٻول راڻيءَ جي
باغ ۾ نڪتي، ۽ اچڻ سان ٻٽي ڏونڪا زورائتا ڀير تي
وهائي ڪڍيائين. ڀير جو آواز ٻڌي، ٻانهي يڪدم ڊوڙي
آئي، ۽ هن کي ڏسي چيائين، ”اي بخت ڦٽل! گهر جو
تڙيل آهين، يا زال جو ڪٽيل...!“ ان تي راڻي، جا
مرداني ويس ۾ هئي. تنهن مرداني آواز سان چيس:
”پنهنجي راڻيءَ کي وڃي چئو ته ’پنهنجا ٻول ٻڌاءِ،
يا کٽ تي ويهڻ ڏي.‘“ ٻانهيءَ چيس ته ”هان، وٺ هي
پهريون شرط: ڪاٺ جي ڪهاڙي سان لوهه جو بنڊ ڏاري
ڏي!“ راڻي ڪهاڙو وٺي، ديو سان صلاح ڪئي: ديو کيس
پنهنجي بج جا ٻه ٽي وار ڏيئي، چيو: ”هي وار ڪهاڙي
کي ويڙهي، اک بچائي ڪهاڙي جو ڌڪ زمين تي
هڻجانءِ.... زمين ڪانه وڍبي، ۽ آءٌ چنبو هڻي، بنڊ
کي ڏاري وجهندس.“ راڻيءَ، ديو جي بج جا وار ڪهاڙي
کي ٻڌي، نظر بچائي، ڪهاڙو کڻي زمين تي هنيو... ته
هوڏانهن ديو چنبو هڻي، لوهه جي بنڊ کي سروسر ڏاري
وڌو، ۽ ”وه واه!“ ٿي ويئي. راڻيءَ جهٽ پٽ ٻيو ٻول
پڇيو، جنهن تي ٻانهي چؤٻول راڻيءَ وٽ ڀڄندي ويئي،
۽ سمورو احوال وڃي ٻڌايائينس. چؤٻول راڻي ٻيو ٻول
ٻڌائي، ٻانهيءَ کي واپس موڪليو. ٻانهي راڻيءَ وٽ
آئي، ۽ ٻيو ٻول ٻڌايائينس- چي: ”خرار چانورن جو
رڌارائي، هڪڙي ماڻهوءَ سان گڏجي ويهي کائي وڃ!“
راڻيءَ، ديو ۽ جِن سان صلاح ڪئي، جن راڻيءَ کي چيو
ته ”تون ماٺڙي ڪري، هڪ هڪ چانور پيئي کڻجان...
اسين پاڻهي ڀت جو ڪم پورو ڪنداسين.“ خير، پورو
خرار چانور رڌا، راڻي هڪڙي ماڻهوءَ سان گڏجي ويهي،
هڪ هڪ چانور ڪري کائڻ لڳي... پر خبر تڏهن پيئي،
جڏهن نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو، چانورن جون ديڳيون
خالي ٿي ويون، ۽ پٺيان داڻو ڪونه بچيو، جو ڪو ڪڪڙ
کڻي چڳي. ماڻهن کي آڱريون ڏندن ۾ اچي ويون، ۽ وري
به ”وه واه!“ ٿي ويئي.
ٻن ٻولن پوري ٿيڻ کانپوءِ راڻي سڌي محلات تي آئي، ۽ چؤٻول
راڻيءَ جي کٽ تي ويهي، کيس چيائين: ”هاڻي ٻڌاءِ،
ٻيا ڪهڙا ٻه شرط اٿيئي؟“ راڻي هڪي ٻڪي ٿي ويئي، ۽
چيائينس: ”پهريون شرط هي آهي ته هي دِلو ۽ ڏيئو
ڳالهائين، ۽ ٻيو شرط هي آهي ته هي ويهاڻو ۽ هار
تنهنجي واکاڻ ڪن!“ راڻيءَ وري به ديو ۽ جن سان
صلاح ڪئي، جن چيو ته ”آءٌ پهريائين ڏيئي ۽ پوءِ
دلي ۾ ويهي، توسان ڳالهائيندس... ۽ پوءِ وري هار ۽
ويهاڻي ۾ ويهندس، ۽ تون جيڪي ڳالهائيندينءَ، ان جو
جواب ڏيندس.“ تنهن تي راڻيءَ هڪدم ڏيئي کي چيو:
”اڙي ڏيئا!“ ڏيئي چيو: ”جيءُ راڻي چؤٻول رانيءَ جا
مڙس کيئا!“ چؤٻول راڻيءَ کي جا لڳي ڪاوڙ، سو يڪدم
چنبو هڻي، ڏيئي کي ڪيرائي، ڀڃي وڌائين- چي:
”ماريا! آءٌ تو ۾ انهيءَ لاءِ تيل ۽ وٽيون وجهندي
هيس، ته تون منهنجو دشمن ٿئين!“ ان کان پوءِ
راڻيءَ وري دلي کي چيو ”اڙي دلا!“ دلي جواب ڏنو
”جيءُ ڙي چؤٻول راڻيءَ جا مڙس نلا!“ چؤٻول راڻيءَ
اهو ٻڌي ڪاوڙجي، وٺي جو دلي کي ڌڪ هنيو، ته اهو به
ڀڄي پيو- چي: ”ماريا! مون تو ۾ هن ڏينهن لاءِ پئي
پاڻي ڀريو، ته تون منهنجو دشمن ٿين!“ ان کانپوءِ،
راڻيءَ وري ويهاڻي کي چيو: ”اڙي ويهاڻا!“ ويهاڻي
ورندي ڏني: ”جيءُ ڙي چؤٻول راڻيءَ جا مڙس راڻا!“
اهو ٻڌي چؤٻول راڻيءَ ڪاوڙجي، ويهاڻي کي ڦاڙي چيري
ڇڏيو- چي: ”ماريا بيقدر! ساري ڄمار آءٌ توتي مٿو
رکي، انهيءَ لاءِ سُتيس ته اڄ تون منهنجو دشمن
ٿين!“ ان کانپوءِ راڻيءَ وري هار کي چيو: ”اڙي
هار!“ هار چيو” جيءُ ڙي چؤٻول راڻيءَ جا مڙس
منٺار!“ اهو ٻڌي، چؤٻول راڻي ڪاوڙجي، هار ۾ هٿ
وڌا، ۽ ان کي ڇنڻ تي هئي، ته راڻيءَ يڪدم هٿ جهلي
چيس: ”هار نه ڇن!“ چؤٻول راڻيءَ هار ڇنڻ کان بس
ڪئي ۽ هار مڃي پاڻ کي هن راڻيءَ جي حوالي ڪيائين.
صبح جو سڄي شهر ۾ اها خبر پکڙجي ويئي، ۽ شاديءَ جي تياري ٿيڻ
لڳي- ڏسون کڻي ته ٻڪريون پيون ڪُسن، ڪڃريون پيون
نچن، ٻوڙ پلاءُ جي هونگ لڳي ويئي... غريب غربو
کايو دعائون ڪندو پئي ويو. خير، شادي به ٿي،
شاديءَ واريءَ پهرينءَ ئي رات، راڻيءَ ڇا ڪيو، جو
چؤٻول راڻيءَ سان، ترار وچ ۾ رکي، سمهي رهي. چؤٻول
راڻيءَ ان جو سبب پڇيس، جنهن تي راڻيءَ چيس:
”منهنجي ماءُ باس باسي هئي ته’جيسين ڳوٺ نه اچين،
تيسين چؤٻول راڻيءَ سان نه سمهجان.‘ هاڻي جيسين
ڳوٺ نه پهچندس، تيسين توکي هٿ نه لائيندس.“
خير سان اها رات به گذري، صبح ٿيو ته راڻيءَ چؤٻول راڻيءَ کان
قيد خاني جون ڪنجيون وٺي وڃي دروازو کولي، جيڪي به
جانور بيٺل هئا تن جي ڳچين مان ڪارا ڌاڳا ٽوڙيا...
ته اهي ڦري، چنڊ جهڙا منهن ملوڪ شهزادا ٿي پيا.
پوءِ ته سڀني کي آزاد ڪري، خرچ پکو ڏيئي پنهنجي
پنهنجي ملڪ روانو ڪيائين، پوءِ ڪنڊ ڪنڊ ڪري،
هيڏانهن هوڏانهن، گهڻو ئي نهاريائين... مگر پنهنجو
”جمڙو بادشاهه“ ڪٿي به نظر نه آيس. نيٺ وري چؤٻول
راڻيءَ وٽ آئي ۽ ان کان حقيقت پڇيائين- جنهن چيس:
”اڃا هڪڙو شهزادو آهي، جيڪو باغ ۾ نار پيو ڪاهي.“
راڻي وڃي ڏسي، ته برابر جمڙو بادشاهه آهي، جو نار
پيو ڪاهي. نار ڪاهي ڪاهي جڏهن سج لٿو، تڏهن چؤٻول
راڻيءَ جي باغائيءَ ڇا ڪيو، جو جمڙي بادشاهه کي
نار مان ڇوڙي ڳچيءَ ۾ ڪارو ڌاڳو ٻڌي، گهيٽو بنائي،
سامهون مُنيءَ سان اٽڪائي ڇڏيائينس. راڻيءَ اهو
سمورو لقاءُ پاڻ پنهنجي سر اکين بيٺي ڏٺو... نيٺ
رکي رکي، ڪا ڳالهه ڳڻي، وڌي وڃي جمڙي بادشاهه جي
ڳچيءَ مان ڪارو ڌاڳو ٽوڙيائين، ته جمڙو بادشاهه به
ڏند ڪڍي، ٻانهون ٻڌي، باادب سامهون بيهي رهيس،
راڻي پوءِ هن کي چؤٻول راڻيءَ وٽ وٺي آئي، ۽
چيائينس ته ”هن ويچاري کي کڻي ٿا نوڪري ڪري
بيهاريون... هيءُ غريب به ڇا ياد ڪندو!“ پوءِ ته
جمڙي بادشاهه کي خاص پنهنجو نوڪر ڪري کڻي پاڻ وٽ
بيهاريائون.
ٿورا گهڻا ڏينهن گذريا... نيٺ راڻيءَ چؤٻول راڻيءَ کي ڳوٺ هلڻ
لاءِ چيو، چؤٻول راڻي تيار ٿي، ڏينهن ٻن کانپوءِ
راڻي، پنهنجي لاءِ لشڪر سان جمڙي بادشاهه کي ساڻ
ڪري، اٿي پنهنجي ملڪ ڏي هلي. سياري جي موسم هئي، ۽
سيءُ به تمام گهڻو پئي پيو- سو راڻيءَ ڇا ڪيو، جو
هڪ نئين نڪور، پٽ جي ٽؤنرن واري، پنهنجي جتي کڻي
جمڙي بادشاهه کي ڏني، ته ”هيءَ ڪنن سان ٻڌ، متان
سيءُ نه ڪن ساڙي ڇڏيئي!“ جمڙو بادشاهه هونئن ته
درگران بادشاهه هو، مگر هاڻي ته هنن جو نوڪر هو-
سو ڇا ڪري! نيٺ جتي وٺي، کڻي ڪنن کي ٻڌائين.
جڏهن پنهنجي بادشاهيءَ ۾ آيا، ۽ شهر جي ويجها پهتا، تڏهن اتي
لهي پيا. اتي راڻيءَ جمڙي بادشاهه کي جهنگ ۾ وٺي،
وڃي چيو: ”جيڪڏهن سٿر تي مهر هڻڻ ڏين، ته هيءَ
چؤٻول راڻي ۽ سڀ سامان سڙو کڻي توکي ڏيان...
پنهنجون ڪهڙيون ڳالهيون- جتان جا آهيون، اوڏانهن
هليا وينداسون.“ جمڙي بادشاهه کي ٻيو ڇا گهربو
هو... سو هيڏانهن هوڏانهن نهاري راڻيءَ جي پيرن تي
ڪري پيو، ۽ ٻانهون ٻڌي چوڻ لڳو ”اي دنيا جهان جا
شهزادا، انڌو گهري الله کان هڪڙي اک، تون ته مونکي
ٻيئي ٿو ڏين! باقي بندي کي ڇا گهرجي.... مون کي
شرط قبول آهي!“ تنهن تي راڻيءَ منڊي جي ٽڪ گرم
ڪري، بادشاهه جي سٿر تي هنئين، ۽ پوءِ ڪنهن بهاني
سان، قافلي کي اتي ڇڏي، چپ چاپ وڃي، پنهنجي محلات
۾ ٺهي جڙي ويهي رهي.
اتي جمڙو بادشاهه به نئين سر ڦنگرجي، شينهن ٿي پيو- ۽ سارو لاءُ
لشڪر وٺي، چؤٻول راڻيءَ سميت، پنهنجي شهر ۾ داخل
ٿيو ۽ محلات تي پهتي... سرڙي وڃي ترار ڪڍيائين،
راڻيءَ چيس ته ”ڇا ٿو ڪرين؟“ بادشاهه چيو: ” چؤٻول
راڻي آندي اٿم، هاڻي توکي ماريان ٿو.“ راڻيءَ چيس:
”ميان! مار ڀلي، پر ڪجهه ترس، ته اها چؤٻول راڻي
آءٌ به ته ڏسان!“ راڻي اتان اُٿي چؤٻول راڻيءَ وٽ
آئي... ۽ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس. چؤٻول راڻي سڌي
بادشاهه وٽ آئي، ۽ ساري ڳالهه ورائي اچي منهن ۾
هنيائينس، ۽ اها منڊي به ڏيکاريائينس- چي: ”هن جو
نشان تنهنجي سٿر تي آهي، ۽ هيءَ منڊي تنهنجي
انهيءَ راڻيءَ جي آهي، جنهن توکي منهنجي ٻانهن به
ڏني، ۽ توکي منهنجي قيد مان به آزاد ڪرايو... ۽
هاڻي ان کي مارڻ لاءِ تيار ٿيو آهين.“
بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي، ڊوڙي، ٻيهر وڃي راڻيءَ جي پيرن تي
ڪريو.... ۽ چيائين: ”مون توبهه ڪئي، هاڻي وڌيڪ
خوار نه ڪر!“ تنهن تي کِلي راڻيءَ چيس: ”بادشاهه
سلامت، ڪنن کي پادر ٻڌو... ڪيئن ڪجهه سيءَ کان
بچاءُ ٿيو....؟“ بادشاهه هيڪاري ڦڪو ٿيو ۽ کوهه
واري ڳالهه به ياد پيس- پوءِ ته ماڳهين ڪنڌ هيٺ
ڪري، ويهي رهيو ۽ راڻيءَ جي مارڻ جو خيال لاهي
ڇڏيائين.
چوٻول راڻي
هڪڙو هو بادشاهه، بادشاهه ته پاڻ خدا آهي، پر هي زمين جي ٽڪري
جو بادشاهه هوندو هو. هن جي هڪڙي اصيل نانگ سان
ياري هوندي هئي. هڪڙي ڀيري اهو اصل نانگ بادشاهه
وٽ آيو، ۽ چيائينس ته، ”آءٌ ڪنهن ڪم سانگي ڪجهه
ڏينهن لاءِ ٻاهر وڃان ٿو، تنهنڪري منهنجي گهر جي
پارت اٿيئي.“ ائين چئي، نانگ موڪلائي ويندو رهيو.
ڳچ عرصو گذري ويو. هڪڙي ڏينهن، اوچتو بادشاهه کي اها ڳالهه ياد
آئي ته نانگ مون کي گهر جي پارت ڪري ويو هو، پر
آءٌ اڄ ڏينهن تائين اوڏانهن نه ويو آهيان. اهو
خيال ڪري اُٿيو، ۽ نانگ جي گهر ڏانهن رُخ رکيائين،
جنهن وقت نانگ جي گهر ۾ گهڙيو، ته ڇا ڏسي ته هڪ
کپر نانگ سندس يار جي زال سان سُتو پيو آهي.
بادشاهه کي غيرت اچي ويئي. سو يڪدم تلوار مياڻ مان
ڪڍي، کپر تي وار ڪيائين، ايتري ۾ نانگڻ جو
بادشاهه کي وار ڪندي ڏٺو، تنهن ڇا ڪيو، جو پڇڙيءَ
جي اُڇل سان کپر نانگ کي ڇت ۾ اُڇلي ڇڏيائين؛ پر
بادشاهه جي وار سان مرڳو سندس پڇڙي وڍجي پيئي. اتي
بادشاهه کي ڏاڍو ويچار ٿيو ته هي ڇا ٿيو؟ کپر جي
مرڻ بدران ماڳهين منهنجي يار جي زال جي پڇڙي وڍجي
پيئي، هاڻي يار کي ڇا چوندس؟ انهيءَ ويچار ۾،
بادشاهه موٽي پنهنجي محلات ۾ آيو.
ڪن ڏينهن کانپوءِ نانگ مسافريءَ تان موٽي آيو. گهر ۾ گهڙڻ شرط،
هن جي نظر پنهنجي پڇ وڍيل زال تي پيئي. نانگ حيران
ٿي ويو، ۽ پنهنجي زال کان ان جو سبب پڇيائين. زال
مکر ڪري، روئي ٻڌايس ته ”تون پنهنجي يار بادشاهه
کي گهر جي پارت ڪري وئين. بادشاهه ٻئي چوٿين ڏينهن
اچي خبر چار وٺندو هو، نيٺ هن جي نيت ۾ خرابي ٿي،
پر منهنجي انڪار تي ڪاوڙجي، تلوار سان منهنجي پڇڙي
وڍي ويندو رهيو.“ تنهن تي نانگ پڇيس: ”ڀلا انهيءَ
ڳالهه جو ڪو شاهد؟“ نانگڻ چيو: ”شاهد اهو کپر آهي،
جنهن ڇت مان سڀڪجهه ويٺي ڏٺو.“
نانگ کپر کان پڇيو ته ”اڙي کپر! ڪر خبر، حقيقت ڪيئن آهي؟“ کپر
جواب ڏنو: ”سائين، توهان جي زال جيڪي چيو، سو سڀ
سچ آهي.“ اصيل نانگ ويچارو ڏاڍي ويچار ۾ اچي ويو.
آخر کپر کان پڇيائين: ”هاڻي ڀلا ڇا ڪرڻ گهرجي.“ ان
تي کپر ورندي ڏني ته ”سائين، ڪرڻ وري ڇا گهرجي؟
ائين ڪجي، جيئن بادشاهه ڪيو آهي.“ هُن تلوار سان
توهان جي زال جي پڇڙي وڍي آهي، ۽ توهين وري هڪ ئي
ڦوڪ سان سڄو شهر ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيوس.“ اصيل ڏاڍو
خوش ٿيو- ۽ کپر کي چيائين: ”چڱو، لهي اچ، ته ٻيئي
گڏجي هلي اهو ڪم ڪري اچون.“
پوءِ ٻيئي ڄڻا گڏجي شهر ڏانهن هليا، جڏهن شهر جي نزديڪ آيا،
تڏهن کپر نانگ، اصيل نانگ کي چيو ته ”هتان ئي ڦوڪ
ڏيئي شهر کي ساڙ ته موٽي هلون!“ پر اصيل چيس ته
”کپر، خبر ٻڌ! پنهنجو ڪنهن گناهه ڪيو آهي، بادشاهه
ئي ڪيو آهي، ۽ نه سڄي شهر. تنهنڪري بدلو بادشاهه
کان ئي وٺڻ گهرجي. هاڻي سڌا ٿا هلون بادشاهه جي
محل ۾. تون هلڻ شرط، هلي سندس جتيءَ ۾ ويهي رهج، ۽
آءٌ وري بادشاهه جي کير ۾ زهر هاري، پاسو وٺي ويهي
رهندس. پوءِ جي کير پيتئين، ته به مري ويندو ۽ جي
جتيءَ ۾ پير وڌئين، ته وري تون ڏنگ هڻجئينس.“ اها
صلاح ڪري، سڌو محل ۾ آيا. اصيل نانگ کير ۾ زهر
هاري، پاسو وٺي وڃي ويهي رهيو ۽ کپر بادشاهه جي
جتيءَ ۾ وڃي ويٺو.
جنهن ڏينهن بادشاهه نانگ جي گهر ويو هو ۽ نانگڻ جي پڇڙي وڍجي
پيئي هئي، ان ڏينهن کان وٺي هو ڏاڍو مايوس رهندو
هو- نه ڪنهن سان ڳالهائيندو هو، نه ٻولهائيندو هو.
امير وزير ويچارا سڀ حيران هئا ته آخر بادشاهه کي
ٿيو ڇا آهي! سي به انهيءَ ڏينهن گڏجي بادشاهه وٽ
محلات ۾ آيا، ۽ هٿ ٻڌي عرض ڪيائون ته ”بادشاهه
سلامت، اوهان سان ڪهڙي ويڌن آهي، جو ڪيترا ڏينهن
ٿيا آهن ته ڪنهن سان ڳالهايو ئي ڪونه ٿا! رعيت سڄي
ويچاري انهيءَ ڪري حيران ۽ پريشان آهي. آخر اسين
به ته اوهان جا نمڪ حلال نوڪر آهيون، اسان کي
ٻڌايو ته ڇا آهي- من اوهان جي ڪنهن ڪم اچي سگهون!“
ان تي بادشاهه پنهنجي اميرن ۽ وزيرن کي اصيل نانگ
جي يارانيءَ، نانگڻ جو کپر سان خراب ٿيڻ ۽ نانگڻ
جي پڇڙي وڍجڻ جي سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي، ۽ چيو ته
”هاڻي جڏهن اصيل نانگ ايندو، ۽ پنهنجي زال جي پڇڙي
وڍيل ڏسندو، تڏهن ضرور پڇندو؛ ان تي زال ۽ کپر
منهنجي خلاف ڪونه ڪو ڪوڙ نانگ کي ٻڌائيندا، ۽ نانگ
ڪاوڙجي منهنجي بادشاهيءَ کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندو.
بس، اهو ئي ارمان اٿم ته هيتري ساري خلق خدا جي بي
گناهه مارجي ويندي.“ اها سموري ڳالهه اصيل نانگ به
ٻڌي، سو يڪدم اچي بادشاهه جي جهوليءَ ۾ ويٺو، ۽
چيائينس ته ”پهريائين ته اهو نامراد کپر تنهنجي
جتيءَ ۾ ويٺو آهي، تنهن کي ماراءِ، پوءِ جون
ڳالهيون پوءِ سان.“ بادشاهه يڪدم کپر کي مارائي
ڇڏيو، ۽ ان کان پوءِ نانگ جي ٻڌائڻ تي کير به
هارائي ڇڏيائين. انهيءَ ڪم کان پوءِ، ٻيئي دوست
پاڻ ۾ ملي ڏاڍو خوش ٿيا، ۽ دل کولي رهاڻ ڪيائون.
موڪلائڻ وقت، نانگ پنهنجي مڻ ڪڍي، بادشاهه جي بدن
سان لڳائي چيو: ”بادشاهه سلامت، هن مڻ ۾ اها خاصيت
آهي، جو تون سڪرات ۾ پيل ماڻهوءَ جي حالت ڏسي
سگهندين، ۽ پکين ۽ جانورن جون ڳالهيون به سمجهي
سگهندين. پر ياد رک جي اها ڳالهه ڪنهن سان به
ڪندين، ته اُڦٽ مري پوندين.“ ائين چئي نانگ ويندو
رهيو.
هڪڙي ڀيري، بادشاهه شهر جو گشت ڪندي ڪندي، اهڙي هنڌان اچي
لانگهائو ٿيو، جتي رڳو غريب مينگهواڙن جا گهر ۽
دڪان هئا، ۽ ڏٺائين ته هڪڙي هنڌ ماڻهن جا ميڙ لڳا
پيا آهن. بادشاهه به ان ميڙ ۾ آيو ۽ ڏسي ته هڪڙو
مينگهواڙ بيمار پيو آهي، ۽ سڪرات واري حالت اٿس.
ڪيترائي مينگهواڙ بيمار جي خدمت چاڪريءَ ۾ لڳا پيا
هئا. ايتري ۾ ڇا ڏسي ته موت جو فرشتو آهي، جنهن جي
هٿ ۾ هڪڙو سائو ريشمي رومال آهي، تنهن اچي ان
بيمار جو روح قبض ڪيو آهي، ۽ اهو روح ان رومال ۾
ويڙهي کڻي ويندو رهيو. اها حالت ڏسي بادشاهه جي
اکين مان ڳوڙها ڪري پيا، ۽ موٽي محلات ۾ آيو.
بادشاهه راڻيءَ سان به مينگهواڙ جي مرڻ جي ڳالهه
ڪري روئي ڏنو، جنهن تي راڻيءَ چيس: ”بادشاهه
سلامت، افسوس جي ڪهڙي ڳالهه آهي، تنهنجي شهر ۾
ڪئين پيا مرن ۽ ڪئين پيا ڄمن.“ پر راڻيءَ کي ڏاڍو
عجب لڳو ته هڪ خسيس مينگهواڙ لاءِ بادشاهه ڇو رنو.
ٿوري گهڻي ڏينهين، راڻيءَ جو پيءُ سخت بيمار ٿي پيو، جنهنڪري
بادشاهه راڻيءَ سميت اچي پنهنجي ساهراڻي گهر نڪتو.
گهر ۾ گهڙڻ سان پنهنجي سهري تي نظر پيس، جو سڪرات
جي حالت ۾ هو. بادشاهه پنهنجي سهري جي سيرانديءَ
کان اچي ويٺو. اڃا ٿورو وقت گذريو ئي ڪونه، ته ڏسي
ته موت جو فرشتو پيو اچي، جنهن جي هٿ ۾ ڄاڱري ٻير
جي ڇانڀ آهي؛ اها کڻي بادشاهه جي بدن تي هنيائين،
۽ ان ۾ هن جو ساهه قبض ڪري کڻي ويندو رهيو.
بادشاهه جڏهن اها حالت ڏٺي، تڏهن هن کان ٽهڪ نڪري
ويو. راڻيءَ کي ننهن کان چوٽيءَ تائين باهه وٺي
ويئي، مگر ان وقت هوءَ ڪڇي ڪين سگهي. جڏهن لاش کي
دفنائي واپس آيا، تڏهن راڻيءَ يڪدم بادشاهه کي چيو
ته ”بادشاهه سلامت، مون کي اهو ته ٻڌايو، جو
پنهنجي شهر ۾ هڪڙو خسيس مينگهواڙ مئو، ته اوهان جي
اک مان ڳوڙهو ئي ڪين ٿي بيٺو،پر اڄ، جڏهن منهنجي
پيءُ وفات ڪئي، تڏهن اوهان کان يڪدم ٽهڪ نڪري ويو-
انهيءَ جو ڪهڙو سبب؟“ انهيءَ تي بادشاهه چيس ته
”راڻي! انهيءَ ڳالهه کي هن وقت ڇڏي ڏي، توکي اها
حقيقت پوءِ ٻڌائيندس.“ مگر راڻي ضد ٻڌي بيٺي- چي؛
”مون کي ڪيئن به ڪري هينئر ٻڌاءِ.“ بادشاهه ويچارو
ڏاڍو لاچار ٿي پيو، نيٺ چيائين ته ”چڱو! توکي
انهيءَ جو سبب ٽن ڏينهن کانپوءِ ٻڌائيندس.“
راڻي انهيءَ ڳالهه تي راضي ٿي. آخر ٽي ڏينهن به گذريا. راڻيءَ
وري به بادشاهه جا ڪن کڙا ڪيا. بادشاهه ويچار ڪيو
ته ’نانگ جو چوڻ آهي ته جي اها ڳالهه ڪنهن کي
ٻڌائيندين ته مري ويندين؛ هاڻي ڪيئن ڪريان! نانگ
به ته ڪوڙ ڪونه ڳالهايو هوندو.‘ سو راڻيءَ کي
چيائين ته، ”ڳالهه وڃي ڪانه ٿي، پڻهين اڃا تازو
مئو آهي، ڀلي ته چاليهو گذري، ۽ مهمان به وڃن، ته
پوءِ هڪ منو ٿي، توکي ٻڌائيندس.“ راڻيءَ اها ڳالهه
قبول ڪري، کڻي ماٺ ڪئي. نيٺ چاليهه ڏينهن به گذري
ويا. چاليهي جو ختمو آيو، مهمان به جيڏانهن جا
هئا، سي اوڏانهن روانا ٿي ويا. تڏهن راڻيءَ وري به
بادشاهه کي ساڳي ڳالهه ياد ڏياري. بادشاهه کي ته
اڳيئي سڌ هئي، تنهن راڻيءَ کي چيو ته ”راڻي! توکي
انهيءَ ڳالهه جو ڏاڍو فڪر آهي، هيءَ ڪا خاص ڳالهه
ته آهي ئي ڪانه، جنهن جي لاءِ ايتري تڪڙ ٿي ڪرين.
هاڻي توسان وعدو ٿو ڪريان ته پنهنجي ملڪ هلي،
سربستي ڳالهه ٻڌائيندوسانءِ.“
نيٺ هفتي کن گذرڻ بعد بادشاهه پنهنجي ملڪ موٽ کاڌي. هلندي
هلندي، هڪڙي هنڌ ڏسي ته هڪڙو ٻڪرين جو ڌڻ جهنگ ۾
پيو چري، جنهن ۾ هڪڙو ٻڪر آهي، جو ٻڪريءَ کي ٻوڪڻ
لاءِ پيو ڦري... ۽ ٻڪري آهي، جا هن کان پاسو ڪندي
رهي ٿي. نيٺ جڏهن ٻڪر اچي سوڙهو گهٽيس، تڏهن
ٻڪريءَ چيس ته ”تنهنجي ڳالهه مون کي منظور آهي، پر
هڪڙو شرط آهي- پهرين هن ڀر واري کوهه جي تري مان
گاهه جو ٻوڙو پٽي آڻي ڏي.“ ان تي ٻڪر چيس: ”اهو بي
وقوف بادشاهه آهي، جو راڻيءَ جي چوڻ تي پنهنجو سر
ٿو ڏئي. مون کي جي تون ٻوڪڻ نه ڏيندينءَ، ته مون
لاءِ ٻيون به هزار آهن.“ ائين چئي ٻڪر هليو ويو.
بادشاهه مڻ جي زور تي ٻڪر جي اها ڳالهه ٻڌي، دل ۾
چوڻ لڳو ته ”مار! آءٌ ته هن ٻڪر کان به گهٽ ٿيس؛
مون کي هن جيترو به عقل ڪونهي. ڇا ٿيو، جي هيءَ
زال ويئي، ٻي پرڻجي پوندس؛ هروڀرو پنهنجو سر ڇو
وڃايان!“ بادشاهه يڪدم ٻڪرار کي گهرائي، ان کان
اهو ٻڪر خريد ڪري، اچي پنهنجي ملڪ ۾ رسيو.
بادشاهه جو محلات ۾ پهچڻ، ۽ راڻيءَ جي ڳالهه پڇڻ. اڃا راڻيءَ
ڳالهه چوري ئي مس، ته بادشاهه بيد جو لڪڻ کڻي، اچي
راڻيءَ کي ورتو. راڻيءَ جي دانهن مٿان دانهن- چي:
”مون انهيءَ ڳالهه جي پچر ئي ڦٽي ڪئي!“ پر بادشاهه
چوي ته ”نه... بيهه، ته آءٌ توکي پيرائتي ڳالهه ٿو
ڪري ٻڌايان.“ نيٺ ڌڪن هڻي راڻي کي ساڻو ڪري وڌو ۽
مٿان ئي ڪري پيئي، تنهن کان پوءِ، بادشاهه پڇيس ته
”اڃا به ڳالهه ٻڌڻ جو شوق اٿئي؟“ راڻيءَ چيو ته
”مون توبهه ڪئي، مون کي ڪانه ٿي ڳالهه کپي.“ ٻئي
ڏينهن، بادشاهه شهر ۾ پڙهو گهمارايو ته ”هي ٻڪر
منهنجو دوست آهي، جنهن مون کي موت جي منهن مان
بچايو آهي، تنهنڪري ڪوبه هن جو نالو نه وٺي. جيڪو
به هن جو نالو وٺندو، تنهن کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو
ويندو. ٻڪر جيترو به ڪنهن جو زيان ڪندو، ان کي ٿيل
زيان جو ٻيڻو حصو منهنجي خزاني مان ملندو.“ ان
بعد، ٻڪر کي کڻي شهر ۾ ڇيڪ ڇڏيائون. ٻڪر به سڄي
شهر ۾ مزي سان گهمندو وتيو. مجال آهي جو ڪير ان جو
نالو وٺي. ڪنهن جو به زيان ٿيندو هو، ته اهو شاهي
خزاني مان ٻيڻو ڪري وٺي ويندو هو. ٿورن ئي ڏينهن
۾، ٻڪر کائي کائي متارو ٿي پيو. بادشاهه کي به ٻڪر
جي اون ڪانه هوندي هئي- اچي ته ڇا، نه اچي ته ڇا.
بعضي بعضي ته ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن به شهر ۾ ڪونه
ايندو هو.
هڪڙي ڏينهن خدا جو ٿيو- نما شام جي مهل، مينهن به ڏاڍو پيو، ۽
ٻڪر به شهر کان ٻاهر نڪري شهر جي ڀر واري جبل تي
ٿڌڪار سانگي وڃي ويهي رهيو. سج لهي ويو، پر ٻڪر
شهر ڏانهن نه موٽيو. اتفاق سان ڪي چار ماڻهو
انهيءَ جبل تان اچي لنگهيا، جن کي بک ڏاڍو هلاک
ڪيو هو. هيڏانهن هوڏانهن نظر ڪيائون... ڏسن ته
هڪڙو ٻڪر آهي، جو بي فڪر ٿيو سُتو پيو آهي، صلاح
ڪيائون ته ڇو نه انهيءَ ٻڪر کي کڻي حلال ڪجي... پر
هڪڙي ڄڻي چين ته ”ٻيلي، ٻڪر خبر نه آهي ته ڪنهن جو
آهي؛ تنهن کانسواءِ بنا اجازت پرائو مال کائڻ به
گناهه آهي. تنهنڪري کاڌي جو ٻيو ڪو بندوبست ڪرڻ
گهرجي.“ نيٺ يارن گهڻي ويچار کان پوءِ چيو ته
”ادا، اها ڳالهه برابر آهي، پر ڀانئجي ائين ٿو ته
قدرت خود اسان جي لاءِ هيءَ نعمت موڪلي آهي،
تنهنڪري ڪريوس حلال- صبح جو کڻي ڀر واري شهر مان
پڇا ڪري، ٻڪر جي ڌڻيءَ کي عيوض ڀري ڏينداسون، يا
بخش ڪرائينداسونس.“ ان تي سڀني راضي ٿي، ٻڪر کي
جهلي ڪهي کڻي باهه تي رکيو، ۽ پوءِ کائي پي سمهي
رهيا.
رات خير سان گذري، صبح ٿيو. هي چارئي سنگتي آيا شهر ۾؛ پڇا
ڪيائون ته ’ههڙين پارين فلاڻو ٻڪر ڪنهن جو هو!‘
جنهن کان کڻيو پڇن، سو چوي ته ”اهو ٻڪر ته بادشاهه
جو آهي.“ نيٺ بادشاهه وٽ آيا، ۽ بادشاهه کي
ٻڌايائون ته ”ههڙيءَ طرح، اسان اوهان جو ٻڪر ڪهي
کائي ڇڏيو آهي، هاڻي جيڪو ڏنڊ ڏوهه رکو، سو اسين
ڀرڻ لاءِ تيار آهيون.“ ان تي بادشاهه چين ته
”انهيءَ ٻڪر کي هٿ لائڻ يا ڪجهه چوڻ لاءِ منهنجو
حڪم ڦاسيءَ جو آهي، تنهنڪري توهان چارئي ڄڻا
ڦاسيءَ تي چاڙهيا ويندا.“
انهيءَ تي چئن ئي ڄڻن چيو ته ”بادشاهه سلامت، ٻڪر اسان بي
خبريءَ ۾ ڪهي کاڌو آهي، جي چوري ڪري کائون ها، ته
توهان وٽ اچي حاضر ٿي ٻڌائڻ جو اسان کي ڪو ضرور ئي
ڪونه هو؛ ۽ جي هليا وڃون ها، ته اسان کي ڪير سڃاڻي
ڪونه، جو اچي ڳولي هٿ ڪري ها؛ پر اسان خود ائين
مناسب نه ڄاتو ته ڪو پرايو مال بنا اجازت جي کائي،
خدا جي آڏو شرمسار ٿيون. هاڻي توهان کان جي پڄي
سگهي، ته اسان کي گناهه بخش ڪريو، جي نه ته جيڪا
ٻڪر جي قيمت مقرر ڪريو، اها اسين ڀري ڏيڻ لاءِ
تيار آهيون.“ بادشاهه چين ته ”منهنجو واعدو ڪيل
آهي، تنهنڪري توهان کي ڦاسيءَ تي لٽڪائبو.“ اتي
هنن يارن ڏٺو ته بادشاهه ڇڏيندو بنهه ڪونه، سو پاڻ
۾ صلاح مصلحت ڪري بادشاهه کي چيائون ته ”جهان
پناهه، اسين چارئي يار، ڪنهن ٻيءَ دنيا جا رهواسي
آهيون. شيل شڪار سانگي هن سرزمين تي آيا آهيون؛
اسان اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي به ڏکوئيو ڪونهي.
ڪالهه به اوهان جو ٻڪر بي خبريءَ ۾ کاڌوسون. هاڻي
جيڪڏهن اوهان اهو ٻڪر اسان کي بخش ڪندا، يا ان جي
قيمت اسان کان نه وٺندا، ته ٻين پنهنجن ديس ڀائرن
۾ اسان جي عزت رهندي؛ تنهنڪري اسان صلاح ڪئي آهي
ته اوهان کي ’چوٻول راڻي‘ پرڻايون، جنهن جهڙي سهڻي
روءِ زمين تي ڪانهي- ان جي عيوض اسان کي ٻڪر جو
خون معاف ڪريو.“ بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي، حيرت ۾
پئجي ويو. ويتر چوٻول راڻيءَ جو ٻڌي، بنهه دل ڀڄي
پيس. آخر هنن کان پڇيائين ته ”اها راڻي ڪير آهي ۽
ڪيئن هٿ اچي سگهي ٿي؟“ تنهن تي منجهانئن هڪڙي
ٻڌايو ته ”اسين گهمندي گهمندي، هڪڙي شهر۾ پهتاسين؛
شهر جي ٻاهران هڪڙو وڏو نار نظر آيو، جنهن کي سؤ
مڙس گڏجي زور لائين، تڏهن به مس چُري سگهي. پڇا
مان خبر پئي ته هتي جي بادشاهه کي چوٻول راڻيءَ
نالي سهڻي ڌيءُ آهي، جنهن جهڙي خوبصورت روءِ زمين
تي نه ملندي. ان شهزاديءَ جا شرط آهن ته جيڪو
اڪيلي سر اهو نار ڦيرائي ويو، ۽ ٻيو ته راڻيءَ سان
اڪيلو ويهي، رهاڻ ڪندي، ڪن ڳالهين جي جواب وٺڻ
لاءِ جيڪڏهن راڻيءَ کي چار دفعا ڳالهارائي ويو، ته
پوءِ هوءَ ان سان شادي ڪندي؛ پر جنهن به انهن شرطن
۾ هارايو، سو ڦاسيءَ چڙهندو. سو، اي بادشاهه، اسان
کي ته چوٻول راڻيءَ جي ڪا ضرورت ڪانه هئي، تنهنڪري
هليا آياسين: هاڻي تنهنجو اسان تي احسان ٿيندو؛ ان
ڪري اسان جي مرضي آهي ته اها راڻي توکي پرڻايون.“
بادشاهه چيو: ”اهو ته ڏاڍو چڱو، پر ٻڌايو ته اوهين مون سان مدد
ڪيئن ڪندا؟“
چئن شخصن ٻڌايو ته ”عاليجاهه! تون رڳو نار کي هٿ وجهي هلندين،
زور اسين لائينداسون. ماڻهو اسان کي ڏسي ڪونه
سگهندا، تنهن جي خاطري رک؛ تنهنڪري سمجهندا ته نار
بادشاهه پيو ڦيرائي ۽ راڻيءَ سان ملاقات مهل، اسين
چارئي يار راڻيءَ جي ويهاڻي، هار، ڏِئي ۽ ٿنڀ ۾
لڪي ويهي رهنداسين. تون اول راڻيءَ سان خبر چار
ڪج؛ جيڪڏهن راڻيءَ جواب ۾ ڳالهايو، ته وه واه؛ نه
ته به اسان مان هڪڙي هڪڙي سان خبر چار ڪندو اچج،
پوءِ من ڪنهن طرح ڳالهائي.“
بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي، راضي ٿيو، ۽ انهن چئن ئي همراهن سان
گڏجي، لاءُ لشڪر ساڻ ڪري، اُٿي هليو چوٻول راڻيءَ
جي ملڪ.
ٿورن گهڻن ڏينهن جي مسافري بعد، اچي چوٻول راڻيءَ جي شهر پهتا.
بادشاهه لشڪر کي پاسي تي لهڻ جو حڪم ڏيئي، پاڻ سڌ
سماءُ رکڻ لاءِ نار تي آيو. آزمودي لاءِ نار کي ٻه
ٽي زور به ڏنائين، پر نار چُري نه سگهيو، اتي
بادشاهه کي پڪ ٿي ته ’ٻيلي، هنن جيڪي چيو ٿي، سو
سچ آهي.‘ ٻئي ڏينهن مقرر وقت تي، بادشاهه اچي ڀير
تي ڏونڪو هنيو. سڄي شهر ۾ هُل اٿي ويو ته ’اڄ وري
راڻيءَ جو ڪو نئون عاشق آيو آهي...‘ سو سڀ ماڻهو
نار وٽ اچي گڏ ٿيا. بادشاهه به سڌو نار تي آيو ۽
يارن جي چوڻ موجب اڃا نار جي ڳاڌيءَ تي هٿ
رکيائين، ته نار وهڻ لڳو... ۽ پاڻي باغ کي ٻوڙي،
ريل ڇيل شهر ڏانهن وهي هلڻ لڳو. اهو حال ڏسي، سڀ
ماڻهو بادشاهه وٽ ڊوڙي آيا ۽ اچي چيائونس ته
”بادشاهه سلامت، شهر ٿو ٻڌي... مهرباني ڪري راڻيءَ
جي عاشق کي چوائي موڪليو ته نار ڪاهڻ بند ڪري!“
نيٺ بادشاهه جا ماڻهو هن وٽ آيا، ۽ اچي چيائونس ته
”توهان کي هن شهر جي بادشاهه گهرايو آهي.“ اڃا هنن
ائين چيو ئي مس، ته نار از خود بيهي رهيو. اتي
بادشاهه انهن ماڻهن کي چيو: ”اوهين هلو، آءٌ
پاڻيهي اوهان جي بادشاهه وٽ ايندس.“ جڏهن اهي
ماڻهو ويا هليا، تڏهن هو چارئي شخص ظاهر ٿي،
بادشاهه سان مليا، ۽ ساڻس صلاح مصلحت ڪري، راڻيءَ
جي محل ڏانهن هليا ويا.
بادشاهه به سڌو چوٻول راڻيءَ جي پيءُ وٽ آيو، ۽ هن کي پنهنجي
اچڻ جو مقصد ٻڌايائين، چوٻول راڻيءَ جي پيءُ چيس
ته ”تون ڀلي چوٻول راڻيءَ سان اڄ رات ڳالهاءِ! پر
جي هن کي نه ڳالهارائي سگهئين ته ڦاسي ملنديئي، ۽
جي ڳالهارائي وئينس، ته هن سان تنهنجي شادي
ٿيندي!“ بادشاهه اهو شرط منظور ڪري، موٽي پنهنجي
جاءِ تي آيو.
بادشاهه شام جو سويل ئي ماني ٽڪي کائي، اچي ڀير تي ڏونڪو هنيو،
چوٻول راڻيءَ جون ٻانهيون آيون، جي هن کي راڻيءَ
جي ڪمري ۾ ڇڏي هليون ويون. ڪجهه وقت ته بادشاهه
ڏسندو رهيو، ته من ڳالهائي، من ڳالهائي، پر راڻي
ڪٿي ٿي ڳالهائي! بادشاهه هِتان هُتان جون خبرون
چارون ڪرڻ لڳو، پر راڻي اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت. نيٺ
بادشاهه ڪڪ ٿي چيو: ”انڌير ته ڏسو، جو آءٌ راڻيءَ
وٽ مهمان ٿي آيو آهيان، ۽ راڻي ڳالهائي به نه ٿي!
هاڻي هيءَ قيامت جهڙي رات ڪيئن گذرندي؟ اهڙو ڪو
دوست به ڪونهي، جنهن سان ويهي دل جو حال ونڊجي!“
ائين چئي ويهاڻي کي سڏ ڪري، چيائين: ”اي يار
ويهاڻا!“ ته ويهاڻي مان آواز آيو: ”جيءُ راڻيءَ جا
دلبند يار سياڻا!“ راڻيءَ، جو ويهاڻي مان آواز
ايندو ٻڌو، تنهن خار وچان يڪدم ويهاڻي کي
سيرانديءَ کان ڪڍي، مروٽي سروٽي، وٺي جا اڇل ڏني،
ته وڃي پري پيو. اتي ويهاڻي وري چيو: ”بادشاهه
سلامت،- ڏٺو راڻيءَ جي ڪاوڙ...! مون ڪهڙو گناهه
ڪيو؟ ساري سڀ ڄمار راڻيءَ جي سيرانديءَ کان گذاريو
اٿم، اڄ فقط توسان ڳالهايو اٿم، ته منهنجي هيءَ
حالت ٿي آهي... سو تون به ماٺ ڪري هليو وڃ، نه ته
توسان به اهڙي ڪار ٿيندي. جهڙي اڄ مون سان ٿي
آهي.“ تنهن تي بادشاهه چيس: ”يار ويهاڻا، اهي سڀ
ڳالهيون سهسائي، سِر تان آسرو کڻي آيو آهيان؛ هاڻي
پٺي ڏيڻ مڙس جو ڪم ڪونهي، چڱو جو ڳالهائڻ لاءِ
ساٿي ته ٿي پئين. رات جا پهر به آهن چار، ته
ڳالهيون به چار! ويهه، ته ويهي ڪچهري ڪريون. هاڻي
ڪا اهڙي ڳالهه ٻڌاءِ، جنهن ۾ رات جو هڪڙو پهر ته
گذري وڃي! ويهاڻي وراڻيو: ”بادشاهه سلامت! تو
هروڀرو اچي هن راڻيءَ جي پويان سِر ڏنو آهي. تون
به آزار ۾ پئين، ۽ اسان کي به اچي تڪليف ۾ وڌءِ،
چڱو، هاڻي جي چوين ٿو، ته ڀلا ٻڌ!“ ائين چئي ڳالهه
شروع ڪيائين.
”بادشاهه سلامت! هڪڙا هئا چار دوست؛ هڪڙو هو واڍو، ٻيو درزي،
ٽيون سونارو ۽ چوٿون فقير. چئن ئي ڄڻن پاڻ ۾ صلاح
ڪئي ته ’پنهنجي شهر ۾ پورهيو ذات ڪونهي، ويهي
ڪيترو وقت گذاربو؟ آخر ته ٻچا ٻارڻا آهن، ڇو نه
هلي ٻئي ڪنهن شهر ۾ ڌنڌو ڪريون!“ اها صلاح ڪري
چارئي ڄڻا پورهئي جا اوزار کڻي اٿي هليا. هلندي
هلندي، هڪڙي رڻ ۾ اچي رات پين. هُنن وٽ کاڌي پيتي
جو به سڀ سامان موجود هو، سويڪدم ماني تيار
ڪيائون. کاڌي پيتي کانپوءِ صلاح ڪيائون ته ”اسان
وٽ سامان به ڪافي آهي؛ جي چارئي ڄڻا سمهي
رهنداسيون ته متان ڪو واٽهڙو يا چور چڪار سمورو
سامان کڻي ٿئي راهي... تنهنڪري ڇو نه واري تي سڀڪو
جاڳي؟‘ اها رٿ ڪيائون ته ’ڄڻا به آهيون چار ۽ رات
جا پهر به چار- هڪڙو هڪڙو پهر هڪڙو هڪڙو جاڳي.‘
اها تجويز ڪري، پهريون پهر واڍي کي ڏنائون، ٻيو
درزيءَ کي، ٽيون سوناري کي، ۽ چوٿون پهر فقير کي.
پهريون پهر واڍي جو هو، تنهنڪري اهو ويهي جاڳڻ
لڳو، ۽ ٻيا ٽيئي ڄڻا سمهي رهيا، واڍو ڪجهه وقت ته
ويٺو، پر نڪو ڳالهائڻ وارو نڪو ٻولهائڻ وارو، آخر
کيس اوٻاسين آڻي ورايو، ۽ جهوٽا کائڻ لڳو. ويٺي
ويٺي پنڪي اچي ويس، ۽ خواب ۾ ڇا ٿو ڏسي ته هڪ حسين
پري آهي، جا اُڏامندي وڃي، ايتري ۾ اک کلي ويس،
واڍي کي پريءَ جي سهڻي صورت وڻي ويئي، سو خيال
ڪيائين ته ’ڇو نه اها خواب واري پري ويهي ٺاهيان،
ته وقت به گذري وڃي ۽ ننڊ به نه اچي!“ سو اوزار
کڻي، جتي سُتا پيا هئا، اتي پاسي ۾ ڪو سڪل ڪاٺ جو
بنڊ پيو هو، ان مان ٽڪر وڍي، ويهي پريءَ جو بوتو
ٺاهڻ لڳو. رات جو پهر به پورو ٿيو ته هن پريءَ جي
مورت به ٺاهي تيار ڪري کڻي آڏو رکي ۽ پوءِ درزيءَ
کي اُٿاري پاڻ سمهي رهيو.
درزي جڏهن ننڊ مان اٿيو ۽ اڃا پوري اک به ڪانه کلي هيس، ته نظر
وڃي مورت تي پيس. سهي ڪيائين ته ’اهو ڪم واڍي جو
آهي، جنهن پهر رات ويهي هيءَ وندر ڪئي آهي.‘ مورت
به ڏاڍي وڻيس، سو ڪڍندي ئي ڪپڙو ۽ سئي، پنهنجي پهر
۾ انهيءَ ڪاٺ جي مورت کي جُهڙ جهڙا ڀلا ڪپڙا سبي،
پارائي ڇڏيائين. اتي رات جو ٻيو پهر به اچي پورو
ٿيو، تنهنڪري ٽئين ساٿيءَ سوناري کي اٿاري پاڻ
سمهي رهيو.
سونارو به اوٻاسيون ڏيئي، اڃا واندو مس ٿيو، ته نظر وڃي مورت تي
پيس، ڏسي کڻي ته هڪڙي حسين عورت سامهون بيٺي آهي.
عجب ۾ پئجي ويو. نيٺ دل نه رهيس، هٿ لائي ڏٺائين-
پڪ ٿيس ته ڪاٺ جي مورت آهي. دل ۾ چيائين ته ’واڍي
به پنهنجو پهر سجايو ڪيو ۽ درزيءَ به ته سٺي محنت
ڪئي آهي، هاڻي آءٌ به ڇو نه ڪي ننهان چوٽيءَ ڳهه
پارائي ڇڏيانس!‘ اهو خيال ڪري، اوزار ڪڍي ويهي
زيور ٺاهڻ لڳو. اڃا پهر رات جو مس گذريو ته سڀ ڳهه
تيار ڪري، مورت کي پارائي، فقير کي اٿاريائين، ۽
پاڻ سمهي رهيو.
فقير به ننڊ مان سجاڳ ٿي، کڻي ڏسي ته هڪ حسين عورت
ڪپڙا گنديون پايو ٺهي ٺڪي بيٺي آهي، هن جي دل نه
رهي، سو اُٿي هٿ لائي پڪ ڪيائين ۽ دل ۾ چيائين ته
’واڍي، مورت ٺاهي، درزيءَ ڪپڙا پارايس ۽ سوناري
ڳهه وڌس... هاڻي خدا کان سوال ڪريان ته اهو ساهه
وجهيس!“ سو پرهه ڦٽيءَ جي وقت، فقير ڌڻيءَ جي در
کڻي ٻاڏايو. قدرت الله جي سان ڪاٺ جي مورت ۾ ساهه
پيو ۽ ڇم ڇم ڪري هوءَ چرڻ پرڻ لڳي.
اتي هو به ٽيئي يار سجاڳ ٿيا، پر هرڪو چوي ته ’زال منهنجي!‘ چار
ئي ڄڻا اچي پاڻ ۾ وڙهيا…..‘
ايتري ڳالهه ٻڌائي، ويهاڻي پڇيو ته ”بادشاهه سلامت، هاڻي ٻڌاءِ
ته اها زال ڪنهن جي ٿي؟“
بادشاهه يڪدم جواب ڏنو؛ ”اي ويهاڻا اها زال فقير جي ٿي.“
اتي راڻيءَ هڪل ڪري بادشاهه کي چيو: ”اڙي بي وقوف بادشاهه، زال
سوناري جي ٿي، جنهن نٿ پارايس، ٻيا ڳهه ڳٺا مائٽ
به ڏيندا آهن، پر نٿ هميشه مڙس ڏيندو آهي.“
بادشاهه، اهو ٻڌي، يڪدم وڃي ڀير تي ڏونڪو هنيو- چي: ”راڻيءَ مون
سان پهريون ٻول ٻوليو.“
بادشاهه وري به ڳالهائڻ لاءِ حيلا وسيلا ڪيا، پر راڻي اڳي کان
به وڌيڪ مپ ماري ويهي رهي. نيٺ بادشاهه هڪل ڪئي ته
”اڙي هار! تنهن مهل هار مان آواز آيو: ”جيءُ ڙي
راڻيءَ جا دلبند يار!“ اڃا هار اها ورندي مس ڏني
ته راڻيءَ جو هٿ وڃي منجهس پيو، ۽ هڪ ئي ڇڪ سان
ڇني، وٺي جو اُڇل ڏنائينس ته داڻو داڻو ٿي ويو.
اتي هار چيو: ”بادشاهه سلامت، ڏٺئي؟ ڪڏهن اها حالت
هئي، جو راڻي ساهه وانگر سانڍيم، ۽ اڄ داڻو نه
داڻي ڀيڙو!“ اتي بادشاهه چيس: ”يار هار، ٻڌاءِ ڪو
دردن جو داستان، ته غم جي رات ڪٽجي... صبح جو ڦاسي
ته ائين ئي ٺهي پئي آهي.“ ان تي هار پنهنجي ڪٿا
شروع ڪئي:
”بادشاهه سلامت! هڪڙا چار موالي هئا، جي پاڻ ۾ گهاٽا دوست هوندا
هئا، انهن مان هڪڙي جو ڪو گڏهه چورائجي ويو، تنهن
جو پير کڻي، هو اٿي هليا. پير به کڻندا اچن ۽ منزل
منزل تي وزم به پيئندا اچن، هڪڙي هنڌ هنن کان گڏهه
جو پيرو وڃائجي ويو، اتي هي منجهي پيا ۽ پاڻ ۾
صلاح ڪيائون ته ’وزم جا ٻٽي دم هڻي، گڏهه کي رمز ۾
ڳوليون، پوءِ جيڪو منهن لڳو، سو وٺنداسون، اهو
گڏهه ڪيڏانهن ويندو؟‘ سو ٻه چار دم هڻي، ويهي ان
کي رمز ۾ ڳولڻ لڳا. ڪجهه وقت کان پوءِ، هڪڙي
مواليءَ هڪل ڪئي ته ’يار اُٿو اُٿو‘ کاٻي طرف هڪڙو
شهر آهي، گڏهه اتي پيو ڏسجي.‘ چار ئي ڄڻا ڪاهي اچي
انهيءَ شهر ۾ گهڙيا. گهمندي گهمندي، ٻئي مواليءَ
چيو: ”يار، هيءَ جا ڀت ڏسو ٿا، انهيءَ ۾ پاڻ واري
گڏهه جي لڏ پيئي ڏسجي، ۽ گڏهه به شايد اتي ئي
آهي.“ صلاح ڪيائون ته ’پاڻ پرديسي آهيون، جي هتي
جي ماڻهن کي ائين ٻڌائينداسون، ته شايد گڏهه لڪائي
ڇڏين؛ تنهنڪري ڇو نه بادشاهه سان هلي خبر چار
ڪريون.‘ سو سڌا آيا بادشاهه وٽ، ۽ هن کي ساري
ڳالهه ڪري ٻڌايائون. بادشاهه حيرت ۾ پئجي ويو. نيٺ
آزمودي خاطر موالين کي حڪم ڪيائين ته ’سڀاڻي صبح
جو اچجو، ته توهان کي گڏهه وٺائي ڏيندس.‘ ٻئي
ڏينهن بادشاهه ڇا ڪيو، جو پيالي ۾ هڪڙو ڏاڙهون
رکي، مٿان رومال سان ان کي ڍڪي، سامهون ميز تي رکي
ڇڏيائين ۽ پاڻ گلم وڇارائي، طول ويهاڻي تي ٽيڪ
ڏيئي ويهي رهيو. موالي به ڏاڍا وزن واڙي هڻي، کائي
پي، سڌا بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾ آيا، بادشاهه پڇين
ته ’سامهون ميز تي ڇا آهي؟‘ مواليءَ هٿ سان بند
چنبي جيترو اشارو ڪري چيو ”آهي به هيڏو هيڏو!‘
تنهن تي ٻئي چيو: ’آهي به ڳاڙهو ڳاڙهو.‘ ٽئين چيو:
’اٿس به ڳاڙها ڳاڙها موتي!‘ تنهن تي چوٿين چيو:
’بادشاهه سلامت، توهان جي سامهون ميز تي ڏاڙهون ته
نه آهي!‘ بادشاهه هنن جي ڳالهه ٻڌي، گڏهه موالين
کي وٺائي ڏنو.“
ايترو ٻڌائي، هار بادشاهه کان پڇيو ته ”اي بادشاهه سلامت، هاڻ
ٻڌايو ته چئن ئي مان انصاف ڪنهن جو؟“
بادشاهه ورندي ڏني ته ”انصاف پهرئين جو، جنهن اڻ ڏٺي ڳجهارت
ڀڳي.“
اتي راڻيءَ کان رهيو نه ٿيو، ۽ بادشاهه کي چيائين:
”اڙي بي عقل بادشاهه، انصاف ٽئين جو، جنهن اندر جو جڳهه ٻڌايو
ته منجهس ڳاڙها موتي آهن.“
بادشاهه وري به اُٿي ڀير تي ڏونڪو هنيو ته ”راڻيءَ مون سان ٻيو
ٻول به ٻوليو.“
راڻي وري به بم ٻڌي ويهي رهي. نيٺ بادشاهه ڏئي کي هڪل ڪئي: ”او
يار ڏيئا!“ ڏيئي مان آواز آيو: ”جيءُ راڻيءَ جا
يار دلبند کيئا!“ اڃا ڏيئي ايترو ئي مس چيو، ته
راڻيءَ يڪدم اُٿي جو ڏئي کي اُڇل ڏني، ته ذريون
ذريون ٿي ويو، چي: ”اڄ هي به ٿو ڳالهائي!“ اتي
ڏيئي بادشاهه کي چيو ته ”اي بادشاهه، ڏسين پيو
راڻيءَ جي ڪست. مون ڀلا ڪهڙو گناهه ڪيو، جو ههڙي
تعدي ٿي اٿم؟“ بادشاهه جواب ڏنو: ”اڙي ڏيئا، راڻي
ڀل پيئي مذاقون ڪري، هن کي ڇڏي ڏي. صبح جو مون کي
ڦاسيءَ تي چڙهڻو آهي، هاڻي اهڙي ڪا ڳالهه ٻڌاءِ جو
رات جو ڪجهه وقت وندر ٿئي.“ اِتي ڏيئي ڳالهه شروع
ڪئي:
”بادشاهه سلامت، هڪڙا چار ماڻهو ڪنهن بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾ آيا،
۽ چيائون ته ’اسين بادشاهه وٽ نوڪري ڪنداسين.‘
بادشاهه پڇين ته ’اوهين پگهار ڪيترو وٺندا، ۽ ڪم
ڪهڙو ڪندا؟‘ هنن ورندي ڏني: ”بادشاهه سلامت، جيڪي
ڏيندين سو وٺنداسين، ۽ ڪم اهو ڪنداسين جيڪو ٻيا نه
ڪري سگهن!“ بادشاهه عجب ۾ پئجي ويو، ۽ چئن ئي کي
کڻي نوڪريءَ ۾ رکيائين. هي چار ئي ڄڻا ماٺ ڪيو
ويٺا هجن، هاڻي اهڙو ڪم اچي ڪٿان، جو ٻيا نه ڪري
سگهن؟ آخر ڇهه ٻارنهن مهينا گذريا... اتفاق سان
بادشاهه جو پٽ گذاري ويو. لاش کڻي اڃا مقام تي
پهتا، ته سج لهي ويو، ويتر جهڙ سبب اوندهه انڌوڪار
لڳي ويئي، ۽ آفت به اُتي ڪا بنهه بي پير پيئي
ڏسائبي هئي... سو ڪوبه ماڻهو مقام ۾ ترسي ئي نه
پيو؛ تنهنڪري لاش کڻي واپس موٽي آيا. اتي وزير
بادشاهه کي عرض ڪيو ته ’بادشاهه سلامت، رات جو
مقام ڏانهن ڪوبه ماڻهو ڪونه ٿو وڃي؛ تنهنڪري هي جو
چار چڻا ويٺا آهن،سي ڇا جي لاءِ آهن؟ اڄ اهو ڪم
انهن کي ڏيو، ته وڃي لاش دفن ڪري اچن.‘ بادشاهه
هنن چئن کي گهرائي. سڄي ڳالهه ٻڌائي، ۽ حڪم ڪيو ته
’هي ڪم، جو ٻين کان نٿو ٿئي، سو توهان کي ڪرڻو
آهي.‘ چارئي يار اها ڳالهه خوشيءَ سان قبول ڪري،
ضروري شيون ۽ لاش کڻي، سڌا مقام تي آيا. قبر کوٽي
پاڻ ان ۾ ٿي ويٺا، ۽ لاش قبر جي مٿان رکي
ڇڏيائون. صلاح ڪيائون ته ’ڄڻا به آهيون چار ۽ رات
جا پهر به آهن، چار، تنهنڪري پاڻ مان هر هڪ پهر
پهر جاڳي، ۽ ٻيا سمهن.‘ اها صلاح ڪري، هڪڙو
جاڳيو، ۽ ٻيا ٽي ڄڻا سمهي رهيا. ڪجهه وقت گذرڻ
کانپوءِ هن ڏٺو ته ڪو شخص آهي، جو لاش ڏانهن پيو
اچي. هن يڪدم ڏهه ويهه پٿر ميڙي پاڻ وٽ ڍڳ ڪري کڻي
رکيا. اهو شخص سڌو لاش وٽ آيو. هن جي هٿ ۾ چار
ڏونڪا هئا تن مان ٻه سيرانديءَ ۽ ٻه پيرانديءَ
هنيائين، ته بادشاهه جو پٽ اُٿي ويهي رهيو. پوءِ
هن يڪدم چؤپڙ وڇائي، ۽ هو ٻيئي ڄڻا پاڻ ۾ راند ڪرڻ
ويهي رهيا، جڏهن راند ختم ٿيڻ تي هئي، تڏهن قبر ۾
ويٺل همراهه ڇا ڪيو، جو وٺي زور سان هڪ ٻئي پٺيان
پٿر اُڇلڻ لڳو. هن غيبي شخص، جو پٿرن جا ڦهڪا ٻڌا،
سو کٽ تان لهي اُٿي ڀڳو، پوءِ هن همراهه به يڪدم
قبر مان نڪري، ڏونڪا کڻي پٽيا... ته بادشاهه جو پٽ
جهڙو هو تهڙو لاش ٿي پئجي رهيو ۽ پاڻ اُها چوپڙ ۽
ڏونڪا کڻي وري قبر ۾ گهڙي ويو، اتي رات جو پهريون
پهر پورو ٿيو، ۽ هو ٻئي ڄڻي کي اٿاري پاڻ سمهي
رهيو.
”ٻئي ڄڻي ڪجهه وقت جاڳڻ کانپوءِ، ڏٺو ته هڪڙو اصيل نانگ ڦوڪون
ڏيندو، اچي پاسي واري هڪڙي وڻ هيٺ پهتو آهي،
گهڙيءَ کن ۾ وات مان مڻ ڪڍي، اُن جرڪي تي نانگ
بيهي، اُتي راند ڪرڻ لڳو. هن يار دل ۾ خيال ڪيو ته
اها مڻ ڪيئن به هٿ ڪجي؛ سو ڇا ڪيائين، جو پنوڙو
ٺاهي، اُن ۾ ڪنڊا هڻي، اهو پٽڪي ۾ ٻڌي قبر مان
نڪتو، ۽ لڪندو لڪندو، وڻ تي چڙهي ويو. اُتان آهستي
آهستي اهو پنوڙو کڻي، سڌو مڻ تي اڇليائين. نانگ،
جو اوچتي اوندهه ڏٺي، سو يڪدم مڻ واريءَ جاءِ تي
آيو ۽ پنوڙي کي ڏنگ هڻڻ لڳو. نيٺ نانگ ڏنگ هڻي هڻي
ڪنڊن وگهي مري ويو. جڏهن نانگ مئو، تڏهن هيءُ
همراهه وڻ تان لهي آيو ۽ مڻ کڻي، ور ۾ وجهي، اچي
قبر ۾ گهڙيو. اِتي رات جو ٻيو پهر ختم ٿيو، ۽ هو
ٽئين ساٿيءَ کي اُٿاري پاڻ سمهي رهيو.
”ٽيون ڄڻو به ڪجهه وقت ته اوٻاسيون ڏيڻ لڳو؛ نيٺ جڏهن چڱيءَ طرح
سجاڳ ٿيو، تڏهن ڏٺائين ته هڪ عورت آهي، جا مينهن
واچ ڪندي ڀڳي اچي. هن کي پڪ ٿي ته اها ڏائڻ آهي،
جا لاشڪ شهزادي جي لاش کائڻ لاءِ آئي آهي؛ تنهنڪري
هي اڳواٽ ئي تلوار کڻي، هوشيار ٿي ويٺو. جيڏيءَ
مهل ڏائڻ ويجهي آئي، تيڏيءَ مهل هن هڪل ڪيس...
جنهن تي ڏائڻ دهلجي بيهي رهي. هيءُ به يڪدم قبر
مان نڪري ٻاهر ٿيو... ۽ ڏائڻ وٺي ڀڳي. هن تلوار
اُڇلي هنيس، جنهن سان ڏائڻ جي ٻانهن به ڪپجي پيئي
۽ گندي به وڃي پري پيس. هُن اها ٻانهن ۽ گندي کڻي،
بلائتي ڪئي، پوءِ چوٿين ساٿيءَ کي اُٿاري پاڻ سمهي
رهيو.
”چوٿون ساٿي اُٿي ويٺو. ويهندي ويهندي اچي فجر ٿي، پر هن ڪابه
خاص ڳالهه ڪانه ڏٺي. دل ۾ خيال ڪيائين ته هنن ٽنهي
ڄڻن ضرور ڪا نه ڪا نشاني هٿ ڪئي هوندي، هاڻي آءٌ
به ڪا چيز ته هٿ ڪريان!‘ اهو خيال ڪري، قبر مان
ٻاهر نڪتو. لاش کي پُٺن پويان ٻڌي، مقام کان ٻاهر
آيو. جان کڻي ڏسي ته هڪڙو لشڪر آهي، جو مينهن واچ
ڪندو ڪاهيندو اچي. هن به اوڏانهن رخ رکيو. جنهن
وقت دوبدو ٿيا، تڏهن هن لشڪر وارن کان خبر چار
پڇي. هنن ٻڌايو ته ’اسين ديو آهيون، ۽ وڃون ٿا هن
بادشاهيءَ کي تباهه ڪرڻ.‘ تنهن تي هن يار پڇين
’توهان گهڻا ڄڻا آهيو؟‘ ديون ورندي ڏني: ’هڪ گهٽ
لک ديو آهيون.‘ اتي ديون وري هن کان پڇيو: ’تون
ڪير آهين ۽ ڪيڏانهن پيو وڃين، ۽ پٺن تي ڇا کنيو
وڃين؟‘ ان تي هن جواب ڏنو: ”آءٌ عزرائيل آهيان،
الله تعالى مون کي اڄوڪيءَ رات ۾ لک ديون جي ساهه
قبض ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ساري رات ڊوڙيو آهيان،
تڏهن مس مس هڪڙي ديو جو ساهه قبض ڪيو اٿم، جو
پويان کنيو وتان؛ شڪر ٿيو جو گهڻيءَ تڪليف کان ڇٽي
پيس- توهان سڀني جو ساهه قبض ڪري اجهو ٿو لک پورو
ڪريان؛ تنهنڪري هاڻ توهين سڀ مرڻ لاءِ تيار ٿيو.‘
هن جي اها ڳالهه ٻڌي، ديون کي ڏڪڻي وٺي ويئي ۽
آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳا، مگر هي به هڪڙي ڳالهه وٺي
بيهي رهيو. چي: ’سڀني جو روح قبض ڪندس.‘ نيٺ جڏهن
ديون چيس ته ’جيئن تون چوين، تيئن ڪرڻ لاءِ تيار
آهيون... رڳو اسان جي جند ڇڏ!‘ تڏهن هن چين: ’هاڻي
هڪڙي شرط سان اوهان کي ڇڏبو- اهو هيءُ ته سج
اُڀرڻ کان اڳ هن شهر جي ٻاهران سر روپي ۽ سر
سونيءَ سان محلات ٺهي وڃي. محلات جي اڳيان هڪ
عاليشان باغ هجي، جنهن ۾ سونو نار پيو وهي، جي اهو
شرط منظور ڪريو ته توهان کي جئدان ڏيندس، نه ته
سڀني جو ساهه قبض ڪندس.‘ ديون اها ڳالهه منظور ڪئي
۽ وڃي ڪم کي لڳا.
”هي شخص به واپس قبر تي آيو، ۽ لاش کي ڏوليءَ ۾ سمهاري، ٽنهي
ساٿين کي اُٿاريائين ته ’هاڻي صبح ٿي ويو آهي، لاش
کي دفن ڪريو، ته هلون.‘ ان تي پهرئين ڄڻي جنهن وٽ
ڏونڪا ۽ چؤپڙ هئي، تنهن چيو ته ’لاش کي پوربو
ڪونه، پر واپس کڻي هلنداسون.‘ پوءِ ته لاش کڻي سڌو
بادشاهه وٽ آيا. وزيرن اميرن، جو ڏٺو، تن بادشاهه
کي چيو ته ’هنن ته پيسا ئي حرام ڪري ڇڏيا. اجهو
لاش واپس کنيو اچن!‘ بادشاهه کي ڪاوڙ به آئي، مگر
صبر ڪري هنن کان خبر چار پڇيائين، تنهن تي پهرئين
ڄڻي چيو: ”بادشاهه سلامت، اسان مان هر هڪ رات جو
پهر پهر ورهائي کنيو هو، مون کي پهريون پهر مليو،
هاڻي مون انهيءَ وقت ۾ ڇا ڏٺو، اهو بيان پڇاڙيءَ ۾
ٻڌائيندس، اول هنن کان پڇيو وڃي ته هنن ڇا ڏٺو؟‘
بادشاهه هر هڪ کان پڇيو، جنهن تي ٻئي پهر واري
ساري ڳالهه ٻڌائي، ۽ نشاني ’مڻ‘ ڪڍي بادشاهه جي
اڳيان رکي، وري ٽئين پهر واري به پنهنجو داستان
ٻڌائي، ڏائڻ واري ٻانهن ۽ گندي کڻي بادشاهه جي
اڳيان رکي، چوٿين پهر واري به پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي
چيو ته ’سائينءَ جن محلات تي چڙهي، يا سرزمين تي
هلي، سر سوني ۽ سر روپيءَ وارو محلات پنهنجي اکين
سان ڏسن.‘ بادشاهه ۽ امير وزير گڏجي آيا ۽ اچي
ڏٺائون ته برابر محلات، سونين ۽ روپين سرن سان باغ
سميت، تيار بيٺو آهي ۽ ان ۾ سونو نار چڙهيو تيار
بيٺو آهي. هاڻي بادشاهه پهرئين ڄڻي کي چيو ته ’تون
به پنهنجو بيان ڪر!‘ ان تي هن ڇا ڪيو، جو اُهي
ڏونڪا ڪڍي لاش جي ٻه سيرانديءَ ۽ ٻه پيرانديءَ کان
هنيائين، ته بادشاهه جو پٽ ڪلمو پڙهي اُٿي ويهي
رهيو. بادشاهه پٽ کي جيئرو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽
هنن کي گهڻو انعام ڏنائين.“
ايتري ڳالهه ڪري، ڏيئي بادشاهه کي چيو: ”اي بادشاهه، هاڻي ٻڌاءِ
ته انهن چئن مان انصاف ڪنهن جو؟“ بادشاهه جواب
ڏنو: ”ڏيا! انصاف ته ان شخص جو، جنهن بادشاهه جي
پٽ جي جان بچائي، ٻيو وري انصاف ڪنهن جو!“
اتي راڻيءَ هڪل ڪري، چيو ته ”او بيوقوف بادشاهه، انصاف ان شخص
جو، جنهن ديون کي ڀڄائي، ڏيهه تان ڏرت لاٿو.“
بادشاهه يڪدم اُٿي ڀير تي ڏونڪو هنيو ته ”راڻيءَ مون سان ٽيون
ٻول به ٻوليو!“ پوءِ وري اچي راڻيءَ سان ڳالهائڻ
لڳو، مگر راڻي وري به ڀت بڻجي ويهي رهي.
بادشاهه وري لاچار ٿي، ٿنڀ کي هڪل ڪئي: ”اي يار ٿنڀ!“ ٿنڀ
وراڻيو: ”جيءُ راڻيءَ جا يار دلٺنڀ.“ اتي راڻي
وڌيڪ حيران ۽ پريشان ٿيڻ لڳي ته ’اڄ منهنجو خير
ڪونهي، جو محلات جي هر هڪ شيءِ پيئي ڳالهائي!“
بادشاهه ٿنڀ کي چيو: ”يار، تون به ڪا ڳالهه ٻڌاءِ،
ته رات جو باقي هڪڙو پهر آهي، سو ته گذري وڃي؛ صبح
جو ته هونئن ئي ڦاسيءَ تي چڙهندس.“ تنهن تي ٿنڀ
ڳالهه شروع ڪئي:
”اي بادشاهه، هڪڙو سوداگر هو، جنهن وٽ ملڪيت ته ڪافي هئي، پر
سندس مرڻ کانپوءِ سڄي ملڪيت سندس زال ۽ صغير پٽ
خرچي کپائي ڇڏي. ڪجهه ڏينهن بعد، جڏهن هن جو پٽ
اچي لائق ٿيو، تڏهن ماءُ کي چيائين ته ’اما مون کي
ڪو دڪان کولي ڏي ته ٿورو گهڻو گذر سفر ويهي
ڪريان.‘ ماءُ هن کي ڪپڙي جو دڪان کولي ڏنو. ڪجهه
وقت گذرڻ بعد، ماڻس دل ۾ خيال ڪيو ته ’آءٌ جو ماٺ
ڪيو ويٺي آهيان، سو ڇو نه ويهي ڪو ڪم ڪريان.‘ تنهن
ويهي، ڀرت تي هڪ عاليشان رومال ٺاهي، پٽ کي ڏنو،
چيائينس ته ’هي رومال به وڃي دڪان تي رک. هن جو
ملهه ئي ڪونهي- جنهن اگهه ۾ دل چويئي، تنهن اگهه ۾
ڏيئي ڇڏج.“ هڪڙي ڏينهن هڪ شخص هن جي دڪان تي آيو،
۽ هن کان رومال جي قيمت پڇيائين. ڇوڪري هڪڙي قيمت
ٻڌايس، تنهن تي هن شخص چيس ته ”يار، مون وٽ ته
ايتري رقم موجود ڪانهي؛ جي ڪنهن گهٽ رقم تي ڏين،
ته ڏاڍو چڱو.‘ ڇوڪري ورندي ڏنس ته ’يار سڏيو
اٿيئي، ته هاڻي مون کي پئسو وٺڻ حرام آهي- رومال
کڻي وڃ، يارن تان سر به صدقي، رومال ڪهڙي راس
آهي!‘ هن شخص گهڻو ئي نٽايو، مگر ڇوڪري رومال کڻي
هٿ ۾ ڏنس. هلندي وقت انهيءَ شخص پنهنجو ڏس پتو
ڏيئي، چيس: ”يار، ڪاريءَ رات جو ڪم پويئي، ته به
بنا حجاب جي هليو اچجئين- اڄ ڏينهن کان پنهنجي
ياراني پڪي ٿي.“ ڇوڪري رات جو ماءُ کي سموري ڳالهه
ڪري ٻڌائي. ٻئي ڀيري وري ماڻس ٻيو رومال ڏيئي چيس
ته ’ابا! هن رومال جي به قيمت ڪانه اٿيئي- جنهن ۾
دل گهريئي، تنهن ۾ وڪڻي ڇڏج.‘ ڇوڪرو اهو رومال
کڻي، دڪان تي آيو. اتفاق سان انهيءَ ڏينهن سپهه
سالار سندس دوڪان تي آيو ۽ هن جي نظر وڃي رومال تي
پيئي، رومال ڏاڍو وڻي ويس. تنهنڪري ڇوڪر کان رومال
جي قيمت پڇيائين، ڇوڪر هن کي ڪا چڱي موچاري قيمت
ٻڌائي، جنهن تي سپهه سالار چيس ته ’يار، قيمت گهٽ
ڪر!“ تنهن تي ڇوڪر چيس ته ’ادا، جي يار ٿو چوين ته
رومال کڻي وڃ- مون کي هاڻي پئسو وٺڻ به حرام آهي.‘
ائين چئي، رومال کڻي هن جي هٿ ۾ ڏنائين. سپهه
سالار ڇوڪري جي صداقت ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن سان
ويهي رهاڻ ڪيائين. آخر هلندي مهل سپهه سالار چيس:
”آءٌ بادشاهه جي لشڪر جو سپهه سالار آهيان، ڪنهن
به وقت ڪم پويئي ته منهنجو سر به تو دوست تان
قربان آهي.“ ڇوڪري شام جو موٽي وري به ماءُ کي سڄي
ڳالهه ڪري ٻڌائي. ماڻس هن ڀيري به ڪانه ڪڇي، ۽ وري
به هن کي ٽيون رومال ڏيئي چيائين ته ’هي اڳين ٻن
کان به وڌيڪ قيمتي آهي، پر جيئن نظر ۾ اچيئي، تيئن
وڪڻي ڇڏج.‘ هن ٻئي ڏينهن اهو رومال به دوڪان تي
ٽنگي ڇڏيو. خدا جي قدرت، انهيءَ ڏينهن هن جي دوڪان
تي هڪڙو ٻيو نوجوان چڙهي آيو، جنهن جي نظر به وڃي
رومال تي پيئي، دل کي وڻي ويس، سو ڇوڪر کان قيمت
پڇيائين. ڇوڪر قيمت ٻڌائي. پر وري به اڳين وانگر
ريڙهه پيڙهه ڪندي، نوجوان چيو ته ’يار، قيمت ۾
ڪجهه ڇنڊ ڇاڻ ته ڪر.‘ دستور موجب ڇوڪر اهو ٻڌي،
چيو ته ’هاڻي وري يارن سان ليکا ڪهڙا؟ رومال کڻي
وڃ، توکان هڪڙو پئسو وٺڻ به حرام آهي.‘ اهو
نوجوان، جيڪو وزير جو پٽ هو؛ سو عجب ۾ پئجي ويو ته
هي دوڪاندار وري ڪهڙو آهي‘ هن رومال وٺڻ کان انڪار
ڪيو، پر ڇوڪري زوريءَ کڻي هٿ ۾ ڏنس. انهيءَ تي
وزير زادي چيس: ”دوست، اوکيءَ ويل ۾ منهنجو سر به
تو اڳيان حاضر آهي.“ ائين چئي، وزير زادو ويندو
رهيو. ڇوڪري شام جو گهر اچي ماڻس کي چيو ته ’اما
رومال ته اڄ به هڪڙو يار آيو، سو کڻي ويو!‘ ماڻس
ڪاوڙ مان چيس: ”ابا! جي تنهنجا اهڙا ٻه ٽي ٻيا يار
آيا، ته پوءِ تو به دڪان هلايو!‘ ٻئي ڏينهن وري
ٻيو هڪڙو رومال ڏيئي تاڪيد ڪيائينس ته ’هيءُ سڀ
کان سٺو رومال اٿيئي.‘ انهيءَ ڏينهن اتفاق سان
بادشاهه جو پٽ اتان اچي لانگهائو ٿيو، ۽ هن جي نظر
وڃي رومال تي پيئي. شهزادي دوڪان تي چڙهي، ان جي
قيمت پڇي، ڇوڪري قيمت ٻڌايس. شهزادي ايتريءَ قيمت
تي رومال وٺڻ نٿي گهريو؛ تنهنڪري بيهي سوال جواب
پڇڻ لڳو. اتفاق سان هن جي وات مان به ”يار“ جو لفظ
نڪتو، اتي ڇوڪر چيس: ”جي يار ٿو سڏين، ته رومال
کڻي وڃ! يارن تان ته سر به صدقي ڪري ڇڏجن!“ ۽
رومال کڻي شهزادي جي هٿ ۾ ڏنائين. شهزادي پهرين ته
انڪار ڪيو، پر ڇوڪر زوريءَ رومال کڻي مڙهايس. آخر
موڪلائڻ وقت شهزادي چيس: ”يار، جيڪڏهن ڪوبه ڪم مون
۾ پويئي، ته ڪو به حجاب نه ڪج. آءٌ هن ملڪ جي
بادشاهه جو پٽ آهيان.“ ائين چئي، شهزادو ويندو
رهيو.
”هنن ڳالهين کي ڳچ ڏينهن گذري ويا. هڪڙي ڏينهن سوداگرزادو دير
سان دڪان بند ڪري، بادشاهه جي محلات وٽان اچي
لانگهائو ٿيو، ته اوچتو ”چور چور“ جو آواز ٿيو.
چوڪيدارن، جو هن کي ڏٺو، سو کڻي ٻڌائونس، ۽ يڪدم
بادشاهه وٽ وٺي ويس. بادشاهه حڪم ڏنو ته هن کي
سڀاڻي ڦاسيءَ تي چاڙهيو وڃي.‘ سوداگر زاديءَ کان
پڇيائون ته ’توکي ڪجهه چوڻو آهي؟‘ هن بادشاهه کي
عرض ڪيو ته ’منهنجا چار يار آهن، تن کي اطلاع ڏنو
وڃي.‘ بادشاهه اها ڳالهه قبول ڪئي.
”سوداگرزادي جي پهرئين يار جڏهن اها حقيقت ٻڌي، سو اڌ رات جو ئي
بادشاهه وٽ آيو، ۽ عرض ڪيائين ته’بادشاهه سلامت،
منهنجي يار کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪو به ڏنڊ ڏوهه
رکو، سو آءٌ ڀري ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.‘ مگر
بادشاهه انڪار ڪيو، اتفاق سان انهيءَ رات بادشاهه
تي پهري ڏيڻ جو وارو وزير جي پٽ جو هو، بادشاهه کي
به خبر پيئي ته هيءُ به سوداگرزادي جو يار آهي، سو
هن کي به ڇرڪ وچان ننڊ نه آئي، ۽ پئي پاسا
اُٿلايائين. وزير زادو به تلوار مياڻ ۾ تيار ڪيو
بيٺو هو، ته ڪٿي بادشاهه کي ننڊ اچي ته پورو
ڪريانس. بادشاهه خيال ڪيو ته ڏسان هيءُ ڇا ٿو ڪري،
سو دت هڻي پئجي رهيو. وزير زادي به وجهه ڏسي تلوار
سان وار ڪرڻ جي ڪئي، پر بادشاهه کڻي جهليس ۽
چيائينس ته ’مون کي خبر آهي ته تون هن جو سچو يار
آهين، تنهنڪري توسان واعدو ٿو ڪريان ته تنهنجي
دوست کي ڦاسي ڪونه ڏيندس. تنهنجي ياريءَ جي خبر
پيم، باقي ٻين يارن جي به ته خبر پوي.‘ وزيرزادي
کي جڏهن پڪ ٿي ته منهنجي يار جو وار به ونگو ڪونه
ٿيندو، تڏهن هن کڻي صبر ڪيو. وري جڏهن بادشاهه جي
پٽ کي خبر پئي، تڏهن هن يار کي ڇڏائڻ لاءِ پيءُ
سان بغاوت ڪرڻ جو خيال ڪيو ۽ رات وچ ۾ لشڪر جو
ڪجهه حصو وٺي، ڦاسيءَ گهاٽ وٽ ويهاري ڇڏيائين-
انهيءَ لاءِ ته جنهن وقت سوداگرزادي کي سپاهي
ڦاسيءَ لاءِ وٺي اچن“ ان وقت حملو ڪري يار کي
بچايو وڃي، هنن ٽنهي يارن جي خبر سوداگرزادي کي
پيئي، مگر چوٿون يار سپهه سالار پيدا ڪونه ٿيو.
سوداگرزادي کي ان جو ڏاڍو ويچار ٿي پيو، اتي صبح
به اچي ٿيو. بادشاهه حڪم ڪيو ته ’هن کي ڦاسي ڏني
وڃي.‘ اتي سوداگرزادي وري به عرض ڪيو ته ’بادشاهه
سلامت، منهنجو باقي چوٿون دوست اڃا ڪونه آيو آهي،
تنهنڪري مون کي سندس گهر وٽان وٺي هلو، جيئن آخري
وقت ۾ سندس منهن ڏسان.‘ بادشاهه هن جو اهو عرض به
قبول ڪيو، ۽ پاڻ به ساڻس هلڻ لڳو. انهيءَ خيال سان
ته هن جي ٻن ٽن دوستن جي سچائيءَ جي ته خبر پئي،
باقي چوٿون يار ڏسان ته ڪهڙا ٿو ڪمال ڪري. جنهن
وقت سپهه سالار جي در وٽ پهتا، تڏهن خبر پين ته
رات هن جي شادي ٿي آهي، ۽ هينئر لائون لهي ويٺو
آهي. سوداگرزادي سڏ ڪيس: ”اويار، ٻاهر نڪر، ته
آخري ديدار ته ڪريون- ڦاسيءَ تي ته ائين ئي ٿو
چڙهان!“ سپهه سالار ويچاري، جو پنهنجي يار جو سڏ
ٻڌو، سو يڪدم تلوار هٿ ۾ کڻي اُٿيو. ڪنوار جو هن
جي حالت ڏٺي ۽ ويتر تلوار هٿ ۾ ڏٺائينس، تنهن
سمجهيو ته اڄ خير ڪونهي، سو مڙس کي جهليائين، مگر
سپهه سالار زال کان جند ڇڏائي، اڃا اڳڀرو هليو ته
هن وري اچي پويان جهليس، اتي سپهه سالار ڏٺو ته
هيءَ رن ڇڏي ئي نٿي، سو زال کي هڪ ئي ڌڪ سان ختم
ڪري، ٻاهر نڪتو. تلوار رت سان ڀريل، شاديءَ وارا
ڪپڙا، شينهن وانگر گوڙ ڪري، بادشاهه تي حملو
ڪيائين. چي:’جيسين منهنجي سسيءَ ۾ ساهه آهي، تيسين
يار جو نالو ڪير وٺي؟‘ سپاهين سپهه سالار کي به
گرفتار ڪري، کڻي ڦاسي گهاٽ جو رستو ورتو. اڃا ڪجهه
اڳتي هليا ته پريان هٿيارن پهنوارن سان هڪڙي ٽولي
ظاهر ٿي، جنهن جو اڳواڻ شهزادو هو. شهزادي اچڻ شرط
بادشاهه کي چيو ته ’بادشاهه سلامت، منهنجي هن بي
ڏوهي يار کي آزاد ڪر، نه ته پهريائين مون سان جنگ
ڪر، ۽ پوءِ منهنجي يار کي ڦاسي ڏي.“ بادشاهه هنن
چئن ئي دوستن جي سچائي ڏسي، سڀني کي چيو: ’مون
وزير جي پٽ سان رات ئي واعدو ڪيو هو ته آءٌ توهان
جي يار کي ڦاسي ڪونه ڏيندس. مون کي فقط اوهان جي
ياريءَ جو امتحان وٺڻو هو.‘ ائين چئي سوداگر جي پٽ
کي آزاد ڪيائين.
ايتري ڳالهه ڪري، ٿنب پڇيو ته ”اي بادشاهه، هاڻي ٻڌاءِ ته انصاف
ڪنهن جو؟“
بادشاهه جواب ڏنو: ”انصاف وزيرزاديءَ جو، جنهن بادشاهه کي ماريو
ٿي، تڏهن ئي بادشاهه کيس ڇڏڻ جو واعدو ڏنو.“
انهيءَ تي راڻيءَ هڪل ڪئي ته ”اي بيوقوف باشاهه،
انصاف سپهه سالار جو، جنهن پنهنجي دوست خاطر
پنهنجي نئينءَ ڪنوار کي به ڪهي ڇڏيو.“
اتي بادشاهه اُٿي ڀير تي ڏونڪو هنيو ته ”راڻيءَ مون سان چوٿون
ٻول به ٻوليو!“
بادشاهه، جو محلات ۾ انتظار ۾ ويٺو هو، سو ڌيءُ وٽ آيو ۽
چيائينس ته ”تو چار دفعا بادشاهه سان ڳالهايو
آهي،هاڻي اقرار موجب تون هن جي زال ٿي چڪينءَ.“
بس، پوءِ ته ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ٿي- ڪڃريون پيون ڪُسن،
ٻڪريون پيون نچن؛ ٻوڙ پلاءُ جي هونگ لڳي ويئي...
اسان جهڙا غريب غربا ڀت کائڻ ۽ کڻڻ ۾ مشغول ٿي
ويا- ۽ بادشاهه به چوٻول راڻيءَ کي وٺي پنهنجي ملڪ
۾ آيو.
اتي هنن چئن ئي ڄڻن بادشاهه کي وعدو ياد ڏياريو. بادشاهه انهن
کي ٻڪر جو خون معاف ڪيو، ۽ هو چارئي ڄڻا موڪلائي
هليا ويا.
●●● |