ڪدو شهزادو
هڪڙي
بادشاهه کي اولاد ٿيندو ئي ڪونه هو. آخر سِڪي پني
هڪڙي ڌيءُ ڄايس، جنهن کي ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان
نپايائون. جڏهن شهزادي وڏي ٿي؛ تڏهن بادشاهه هن جي
رهڻ لاءِ درياءَ جي ڪپ تي تمام سهڻو محلات ٺهرايو،
جنهن ۾ شهزادي پنهنجي ساهيڙين سرتين سميت رهڻ لڳي.
هوءَ اهڙي ته نازڪ بدن هئي، جو روزانو سونيءَ
ساهميءَ ۾ فقط هڪڙي گلاب جي گل ۾ ترندي هئي.
هڪ دفعي، هوءَ پنهنجين سرتين سان گڏجي تلاءَ تي وهنجڻ ويئي.
انهيءَ تلاءَ جي ڪنڌيءَ سان ڪدوءَ جون ڪيتريون ئي
سايون سهڻيون وليون پکڙيون پيون هيون، جن ۾ مزيدار
پِيلا پِيلا سهڻا گل ٽڙيا بيٺا هئا. وهنجندي
وهنجندي هڪڙي گل ڏانهن شهزاديءَ جي دل ڇڪجي ويئي ۽
اهو ول مان ڇڄي، اچي تلاءَ ۾ پيو، ۽ پوءِ ترندو
ترندو، لڏندو لمندو، سڌو شهزاديءَ وٽ آيو، ۽ اتفاق
سان شهزاديءَ جي وات ۾ پئجي ڳسي ويو. پوءِ وهنجي
سهنجي شهزازي موٽي پنهنجي محلات ۾ آئي.
ڪجهه ڏينهن گذاريا ته هڪڙي ڏينهن شهزاديءَ جي تور هڪ گل مان وڌي
ٻه گل ٿي پيئي، وري ٻئي ڏينهن ٽي گل ۽ اهڙيءَ طرح
شهزاديءَ جي تور وڌي وڌي وڃي گلن جي ٽوڪريءَ کي
پهتي، ۽ اڃا به هر روز هڪ گل شهزاديءَ جي تور
وڌندي رهي. اتي باغائڻ شهزاديءَ کي چيو، ”سائڻ!
آهي ته خير، جو تنهنجي تور وڌندي وڃي!“ شهزادي پاڻ
به حيران هئي، جو چيائين، ”مون کان ٿي پڇين...!
مون کي ڪهڙي سُڌ!“
باغائڻ سڌي بادشاهه وٽ آئي، ۽ اچي کيس ساري حقيقت ٻڌايائين،
بادشاهه باغائڻ جي واتان اهڙي ڳالهه ٻڌي، سڌو ڌيءُ
وٽ آيو. گهڻو ئي پڇيائينس ڳاڇيائينس... پر ويچاري
شهزادي ڪجهه به ٻڌائي ڪانه سگهي.
پوءِ ٿوري گهڻي ڏينهن معلوم ٿيو ته شهزادي ٻن جيئن سان آهي!
هڪڙي ڳالهه ٻڌي، ٻئي کي ٻڌائي... ۽ ٿيندي ٿيندي،
چؤڌاري ڳالهه پکڙجي ويئي- تان جو ڳالهه وڃي
بادشاهه جي ڪنن تائين پهتي. بادشاهه کي ڏک به ٿيو
۽ ڪاوڙ به لڳي... ۽ نيٺ ويچاري، شهزاديءَ کي چوائي
موڪيائين ته ”رات وچ ۾ محلات ڇڏي، جيڏانهن وڻيئي
تيڏانهن هلي وڃ!“
شهزادي ويچاري، پيءُ جو حڪم ٻڌي، اڌ رات جو محلات ڇڏي، پنهنجي
اڀاڳ تي روئيندي، جهنگ منهن ڪري رواني ٿي. هلندي
هلندي، صبح ٿي ويس ۽ شهزادي ٿڪجي پيئي. شهزادي ڀلا
سيپڪڙو ساهه سو ڊپ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي ۽ ڇا
ڏسي ته چؤڌاري برپٽ لڳو پيو آهي...! نيٺ دير دير
کان پوءِ پريان جهڳٽو ساون ساون وڻن جو ۽ هڪڙي
جهوپڙي ڏٺائين.... ۽ شهزادي لاچار انهيءَ جهوپڙيءَ
۾ گهڙي ويئي، جهوپڙيءَ ۾ ٻه پيرسن زال مڙس رهندا
هئا، ۽ جي ههڙيءَ منهن ملوڪ نينگر کي ڏسي حيران ٿي
ويا ۽ ڀرسان ويهاري، هن کان خبر چار ورتائون...
جنهن تي شهزاديءَ ٻڌاين: ”هونءَ ته آءٌ شهزادي
آهيان، پر هن وقت منهنجو ڪوبه ڪونهي... توهان وٽ
پناهه وٺڻ آئي آهيان... ۽ هتي ئي حياتيءَ جا باقي
ڏينهن گذاريندس!“ پوءِ شهزاديءَ جي اکين مان زار
زار ڳوڙها وهڻ لڳا... ۽ هن جي موهڻي مورت ۽
بيڪسيءَ کي ڏسي، ٻنهي زال مڙسن کي رحم اچي ويو، ۽
چيائون: ”اي شهزادي! تون ڪا چنتا نه ڪر... اڄ کان
وٺي، تو اسان جي ڌيءُ آهين؛ جهڙو اسان جو غريباڻو
حال آهي، تهڙو توسان ونڊيو پيا هلنداسين.“ هنن جي
دلداريءَ تي شهزاديءَ جي اکين مان لڙڪ وهڻ بند ٿيا
۽ هوءَ اتيئي رهڻ لڳي.
ڪجهه ڏينهن بعد، شهزاديءَ کي هڪڙو گول مول ننڍڪڙو ’ڪدو‘ ڄائو.
وڏي مائي ويچاري ڏاڍي حيران ٿي.... شهزاديءَ کي
ٻڌايائين، جنهن چيس: ”ڪدوءَ کي ڇا ڪنداسين؟ کڻي
وڃي ڍير تي ڦٽو ڪريوس!“ وڏي مائي ڪدوءَ کي کڻي ڍير
تي ڇڏي، اڃا آئي مس، ته ڏسن ته ساڳيو ڪدو ٽپڪ ٽپڪ
ڪندو، اچي گهر ۾ گهڙيو، وري به هن کي ڍير تي ڇڏي
آيا، ته وري ٽپڪ ٽپڪ ڪندو واپس اُتي پهچي ويو. اتي
شهزاديءَ جي دل ڀرجي آئي ۽ ڪدوءَ کي کڻي ڇاتيءَ
سان لاتائين.
جڏهن جاڳي جاڳي لوڪ لقاءُ سمهي پوندو هو ۽ شهزاديءَ جي به اک
لڳي ويندي هئي، تڏهن ڪدوءَ کي به ماءُ جي پاسي ۾
ننڊ کڻي ويندي هئي. صبح جو شهزادي اڃا ستي ئي پيئي
هوندي هئي، ته ڪدو سوير ئي اکيون کولي ويٺو ٻوليون
ڪندو هو! اهڙيءَ طرح اڄ ننڍو سڀان وڏو.... جڏهن
ڪدو اچي وڏو ٿيو، تڏهن هن کي ڍور وٺي ڏنائون، جي
هي پيو چاريندو هو، جهنگ ۾ ڌراڙ هن سان جهيڙو جهٽو
ڪندا هئا، ته انهن کي ٽپڪيون ڏيئي، چڱي سيکت ڏيندو
هو، پر هن جي هڪڙي عادت هوندي هئي، جو ٻين جي
سامهون ڪڏهن به تلاءَ ۾ ڪين وهنجندو هو- ڇو ته
تلاءَ ۾ وهنجڻ لاءِ ويندو هو، ته ڪدوءَ جا پڙدا
لاهي هڪ سدا ملوڪ شهزادو ٿي پوندو هو ۽ گهڻي
ديرتائين گل وانگر پاڻيءَ ۾ پيو ترندو هو.
هڪڙي ڏينهن هڪڙي تلاءَ تي هي ڪدوءَ جا پڙدا لاهي، اڪيلو ئي
اڪيلو پئي وهنتو، ته ان ملڪ جي ڪا شهزادي هئي، جا
پنهنجي سهيلين سان شيل شڪار تي نڪتي هئي، تنهن هن
کي ڏسي ورتو ۽ هن تي عاشق ٿي پيو. هي ته وهنجي
سهنجي، ڪدوءَ جا پڙدا پهري، موٽي پنهنجي گهر آيو؛
پر شهزاديءَ پنهنجي پيءُ کي چيو ته ”آءٌ پرڻبيس ته
ڪدوءَ سان!“ بادشاهه پنهنجي ڌيءَ جي انگل رکڻ
لاءِ، هن ڏانهن اٺ ڏهه ڪدو ڏياري موڪليا! شهزادي
ڪدو واپس ڪري پيءُ کي چوائي موڪليو: ”هنن ڪدن سان
منهنجو ڪهڙو واسطو! مون کي هلندڙ گهمندڙ ڪدو
گهرجي.“ بادشاهه حيران ٿي ويو، ۽ اچي ڳڻتي ٿيس ته
’شهزادي چري ٿي پيئي آهي؟ هلندڙ گهمندڙ ڪو ڪدو
ٿيو؟“ نيٺ پڇا ڳاڇا مان خبر پيس ته برابر هڪ اهڙو
ڪدو آهي... ۽ بادشاهه اُن کي گهرائي، شهزاديءَ ڏي
موڪليو. شهزادي ان کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽ پنهنجي
پيءُ کي چوائي موڪليائين ته ”آءٌ هن سان شادي
ڪنديس.“ بادشاهه ٻڌي اچي ٽهڪن ۾ پيو- چي، ڌيءُ چري
آهين ڇا؟ ڪدوءَ سان به ڪنهن شادي ڪئي، جو تون ٿي
ڪرين! شهزاديءَ چيو:”ڪجهه به هجي، پر آءٌ ته هن
سان شادي ڪنديس.“ اها ڳالهه سڄي شهر ۾ پکڙجي ويئي،
هر ڪو پيو کلي- چي:”شهزادي ڪدوءَ سان شادي ٿي
ڪري!“ بادشاهه پنهنجي اميرن وزيرن سان صلاح ڪئي،
جن چيس ته ”بادشاهه سلامت! شهزادي آهي ٻار، ڀانئي
ته ڪنهن گُڏي سان شادي ڪري ڏسان، سو شهزاديءَ جو
انگل کڻي پورو ڪيو. پوءِ ڏسو ته شهزادي جهٽ ۾ ڪڪ
ٿي ڪيئن اڇلائي ٿي ڇڏيس!“ مطلب ته نيٺ شهزاديءَ جي
ڪدوءَ سان شادي ٿي.
هڪڙي ڏينهن، بادشاهه وٽ هڪ ايلچي آيو- چي: ”توهان هن سال آنڪي
ڪانه پياري آهي- سو، يا ته آنڪي ڏيو، يا جنگ لاءِ
تيار ٿيو!“ بادشاهه وزيرن سان صلاح ڪئي ته ”هاڻي
ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ وزيرن صلاح ڏنس ته ڪدوءَ کي انهيءَ
جنگ تي موڪلجي... جي فتح ڪري آيو، ته ساري عمر
آنڪي ڀرڻ کان ڇٽي پونداسين؛ ڀلا جي مارجي ويو، ته
شهزاديءَ جي هيءَ چريائپ لهي پوندي.“ بادشاهه جنهن
کي شهزاديءَ جي ڳڻتي رهندي هئي، تنهن کي اها ڳالهه
ڏاڍي وڻي- سو ايلچيءَ کي چيائين ته ”آنڪيءَ ڀرڻ
وارا ڏينهن گذري ويا... جي توهان جي بادشاهه کي
جنگ ڪرڻ جو ارادو آهي، ته اسين تيار آهيون.“ ايلچي
روانو ٿي ويو ۽ بادشاهه جنگ جي تياري ڪرڻ لڳو،
جڏهن جنگ جو وقت ويجهو آيو، تڏهن بادشاهه ڪدوءَ کي
چيو ته ”هاڻي جنگ لاءِ تيار ٿيءُ!“
نيٺ ڪدو لشڪر وٺي جنگ جي ميدان تي آيو ۽ پنهنجي سڄي لشڪر کي
چيائين:”ڪوبه ماڻهو جنگ نه ڪري- آءٌ هڪ ئي هنن
لاءِ ڪافي آهيان.“ ائين چئي دشمنن جي لشڪر ۾ ڪاهي
پيو. هن کي جيڪو ڌڪ هڻي، تنهن جو ڌڪ هن کي لڳي ئي
نه، ۽ جي لڳي ته اثر ئي ڪونه ڪريس- ۽ هي بل ڏيئي
ڪنهن جو مٿو ڦيهيو ويٺو آهي. ڪنهن جون پاسيريون
ڀڃيو بيٺو آهي- ڪنهن جي ٽنگ چٽ، ڪنهن جي ٻانهن
چٽ... تان جو هن ڪيترائي ماڻهو ماري ڇڏيا، ۽ نيٺ
وڃي لشڪر جي سردار کي جهليائين. دشمن جي فوج
سمجهيو ته ’هيءَ الائجي ڪهڙي ازغيبي آفت آهي! هن
کان ڪير بچي، ڪير بچندو!‘ سو پويان پير ڪري، اُٿي
ڀڳا. پوءِ ڪدو لشڪر جي سردار کي ڪنڌ کان جهلي،
بادشاهه وٽ وٺي آيو. اهو ڏسي، بادشاهه ڏاڍو خوش
ٿيو.
ڪدو جنگ کٽي محلات ۾ آيو، ۽ اچي پنهنجي شهزاديءَ سان مليو، رات
ٿي... سڀڪو وڃي آرامي ٿيو. ڪدو به پنهنجي لِڪَ
واري پوشاڪ لاهي سمهي رهيو. ڪدوءَ جي پڙدن لهي وڃڻ
ڪري سڄيءَ محلات ۾ شعاع ٿي ويو، ۽ فتح جي شادمانن
۾ جيڪي ماڻهو جاڳيا پئي، تن شعاع ڏسي سمجهيو ته
محلات ۾ باهه لڳي آهي. سي ڊوڙي بادشاهه وٽ ويا.
بادشاهه پاڻ به حيران ٿي ويو، ۽ سڌو محلات تي آيو.
اچي کڻي ڏسي ته شهزاديءَ جي ڀر ۾ هڪڙو سداملوڪ
شهزادو ستو پيو آهي، ۽ ويهاڻي جي ڀرسان ڪدوءَ وارا
اُودا پِيلا پڙدا لٿا رکيا آهن! اتي بادشاهه
پنهنجي ههڙي پريزاد ناٺيءَ کي ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽
ماڻهن کي ٻڌايائين ته ”اها باهه ڪانهي، پر منهنجي
پريزاد ناٺيءَ جي سونهن جي تجلي آهي.“ اها ڳالهه
ٻڌي، هر ڪو ماڻهو واپس موٽي ويو.
ڪدو رات رات جو پڙدا لاهي سمهندو هو ۽ ڏينهن جو چاڙهي ڇڏيندو
هو. شهزاديءَ کي اها ڳالهه نه وڻي، تنهن ڇا ڪيو،
جو هڪڙيءَ رات ڪدوءَ جا پڙدا کڻي ساڙي ڇڏيائين.
ڪدو صبح جو اُٿي ڏسي، ته پڙدا آهن ئي ڪونه!
شهزاديءَ کان پڇيائين، جنهن چيس: ”اهي ته مون ساڙي
ڇڏيا.“ اها ڳالهه ٻڌي، هو ڪاوڙجي پيو ۽ يڪدم ليٽي
پيٽي، ڪبوتر ٿي اڏامي هليو ويو... ويندي وقت
شهزاديءَ کي چئي ويو ته ”منهنجا پڙدا سو ساڙيا
اٿئي، پر تون به سڄي عمر پيئي سڙندينءَ
پڄرندينءَ!“
چون ٿا ته اها شهزادي پوءِ ڪبوترن کي ڏاڍو ڀائيندي هئي... ۽
جڏهن ڏسبو هوس، تڏهن تلاءَ تي ڪدوءَ جي گلن ڏانهن
ويٺي ڏسندي هئي... ۽ ائين ئي پيئي هر گهڙيءَ ٿڌا
ساهه ڀريندي هئي.
سج شهزادو ۽ چنڊ شهزادو
هڪڙو بادشاهه هو، جنهن کي ٻه راڻيون هونديون هيون، پر اولاد
ٿيندو ئي ڪونه هوس. گهڻيئي پير فقير ڀيٽيائين، پر
ڪٿان به دل جي مراد پوري نه ٿيس. هڪڙي دفعي اوچتو
ئي اوچتو هڪ فقير گڏيس، جنهن بادشاهه کي دعا ڪئي ۽
ٻه ٻير ڏنا- چي،”وڃي راڻين کي کاراءِ، ته ٻه فرزند
ٿيندئي، جن مان هڪ پٽ تنهنجو ۽ هڪ پٽ منهنجو.“
بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ فقير جي ڳالهه قبول ڪري،
ٻنهي راڻين کي اچي هڪڙو هڪڙو ٻير کارايائين. ڏينهن
گذرڻ بعد، ٻنهي راڻين مان ٻه پٽ ڄاوس، جن مان هڪ
جو نالو ’سج‘ ۽ ٻئي جو نالو ’چنڊ‘ رکيائين، ۽
منجهانئن هڪڙي کي لڪائي، هڪ بُهري ۾ پالڻ لڳو، ته
جيئن فقير کي پٽ ڏيڻو نه پوي .
فقير کي اڳي ئي خبر هئي؛ سو ٿوري گهڻي ڏينهين، لنگهي بادشاهه وٽ
آيو، ۽ انجام ياد ڏياري، کانئس هڪڙي ڇوڪري جي گهر
ڪيائين، بادشاهه فقير کي چيو ته ”مون کي ته ڄائو
ئي هڪڙو پٽ.“ تنهن تي فقير چيس ”بُهري وارو ڇوڪرو
تڏهن ڪنهن جو آهي؟“ بادشاهه ڏٺو ته فقير کي سڀ
معلوم آهي، سو بُهري وارو چنڊ شهزدو آڻي فقير جي
حوالي ڪيائين. موڪلائڻ مهل، چنڊ پنهنجي ڀاءُ سج کي
منڊي ڏيئي، چيو ته ”جنهن وقت هن جي ٽڪ ڪاري ٿئي،
تنهن وقت سمجهجانءِ ته مون ڏانهن خير ڪونهي.“
جڏهن شهزادو هلڻ لڳو، تڏهن هڪڙي ٻانهي هئي، جنهن رنو به پئي، ته
کليو به پئي! اهو ڏسي، شهزادي ٻانهيءَ کان پڇيو ته
”ڇو روئين به ٿي ۽ کلين به ٿي؟“ تنهن تي ٻانهيءَ
چيو ”روئان انهيءَ لاءِ ٿي ته هيءُ فقير جادوگر
آهي، جنهن وٽ هڪ تيل جو ڪڻاهه آهي، جنهن جي چوڌاري
توکي ڦيرا ڏياري، ان ۾ ڦٽو ڪري ماري ڇڏيندو، پر
تون خبردار ٿي، فقير کي انهيءَ مهل چئج ته ”آگي
گرو پيڇي چيلا.“ ۽ پوءِ اٽڪل سان هن کي پٺيان ڌڪو
ڏيئي، ڪڻاهه ۾ اڇلائيندين، ته پاڻ ان ۾ سڙي مري
ويندو... کلان ٿي انهيءَ ڪري.“ شهزادو پوءِ فقير
جي پويان هلندي، سج لٿي مهل اچي فقير جي گهر پهتو.
فقير چيس ”شهزادا، هيءَ نما شام جي مهل آهي- تون
هن ڪڻاهه کي پهرين ست ڦيرا ڏي، ۽ پوءِ اچي مون وٽ
ويهه، ته استاد جي ڏني مان ڪجهه ڀاڱو مليئي.“
شهزادي چيو ته ”فقير سائين، سو ته سچ، پر ”آگي گرو
پيڇي چيلا.“ پوءِ اڳ ۾ فقير ۽ پويان شهزادو ڪڻاهه
جي چوڌاري ڦرڻ لڳا. جڏهن شهزادي موقعو ڏٺو، تڏهن
اٽڪل سان فقير کي ڌڪو ڏيئي، کڻي ڪڻاهه ۾
اڇلايائين، ۽ فقير گهڙيءَ ۾ جلي ڪوئلو ٿي ويو،
پوءِ چنڊ شهزادو فقير جي مڪان ۾ گهڙيو؛ ته اتي ٻه
گهوڙا سنجيا ٺهيا ٻڌا بيٺا هئا، تن مان هڪڙي کي
ڇوڙي، ان تي لانگ ورائي، اٿي پنڌ پيو، ۽ اچي هڪڙي
شهر ۾ پهتو، اتي جي بادشاهه جي ڌيءُ، جا ان وقت
محلات جي دريءَ تي بيٺي هئي، تنهن جڏهن پري کان
چنڊ شهزادي کي ڏٺو ته مٿس عاشق ٿي پيئي، ۽ ٻانهيءَ
کي چيائين ته ”انهيءَ گهوڙي واري ماڻهوءَ کي
هيڏانهن مون وٽ وٺي اچ.“ ٻانهي ڊوڙندي، سڌي چنڊ
شهزادي وٽ آئي، ۽ شهزاديءَ ڏي هلڻ لاءِ عرض
ڪيائينس، پر شهزادي انڪار ڪيو، ۽ سڌو وڃي شهر جي
ٻاهران هڪڙي باغ ۾ لٿو.
صبح جو سوير شهزاديءَ پنهنجي پيءُ کي چيو ته ”آءٌ ڏٺي تي ور
ڪندس.“ بادشاهه اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ملڪان ملڪ
پڙهو گهمي ويو ته ”مهيني جي چوڏهين رات، شاهي باغ
۾، تلاءَ جي ڪپ سان شهزادي سير تي نڪرندي... ۽
اُتي ڏٺي تي پنهنجو ور چونڊيندي.“ پوءِ جڏهن اهو
ڏينهن آيو، سج لٿو ۽ رات ٿي، ته ملڪ ملڪ جا
بادشاهزادا اچي اُتي گڏ ٿيا، ۽ چنڊ شهزادو به
پنهنجي گهوڙي تي چڙهي اچي اُتي لٿو. شهزاديءَ به
چونڊي چونڊي، وڃي چنڊ شهزادي جي ڳچيءَ ۾ هار وڌو،
۽ پوءِ ٻنهي جي ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ٿي.
شهزاديءَ چنڊ شهزادي کي، پنهنجي ملڪ جون ڳالهيون ٻڌائيندي
ٻڌائيندي، جهلي ڇڏيو ته ”هن ملڪ جي ٽن ڪنڊن تي
جڏهن وڻيو ۽ جيئن وڻيو، تيئن پيا گهمجو ڦرجو ۽ سير
شڪار ڪجو پر چوٿينءَ ڪنڊ تي ڀلجي ڪري به نه وڃجو،
جو نقصان جو انديشو آهي.“ شهزاديءَ جي ڳالهه دل تي
رکي، چنڊ شهزادو روزانو شڪار تي ويندو هو- ڪڏهن
ڪهڙي پاسي، ڪڏهن ڪهڙي پاسي، پر چوٿينءَ ڪنڊ جو
ڪڏهن خيال به ڪونه ڪندو هو. هڪڙي دفعي اوچتو اچي
دل تي ڳالهه ويٺس، سو اُٿي چوٿينءَ ڪنڊ ڏانهن
روانو ٿيو. هلندي هلندي، اوچتو هن جو گهوڙو بيهي
رهيو- گهڻيئي اڙيون هنيائينس، لغام کي ڇڪيائينس،
هيڏانهن هوڏانهن ڪيائينس، پر گهوڙو چري ئي نه.
ايتري ۾ ڇا ڏسي ته سامهون ٻه حسين شهزاديون، هٿ هٿ
۾ ڏيو، دڳ جهليو بيٺيون آهن. چنڊ شهزادو گهوڙي تان
لٿو. شهزادين هن کي اشارو ڏنو ۽ بيوس ٿي هنن جي پٺ
ورتائين، ۽ هلندي هلندي، اچي انهن جي جاءِ تي
پهتو. شهزادين چيس ”تون هينئر اسان جي قبضي ۾
آهين- پر پاڻ ڍاري راند ڪنداسين، پوءِ جيڪڏهن اسان
مان هڪڙيءَ کان به تو کٽيو، ته اسين تنهنجون
آهيون؛ جي نه ته تون اسان جو غلام ٿي رهندين.“ هن
اها ڳالهه قبول ڪئي، ۽ ڍاري راند شروع ٿي. هي
شهزاديون اصل ۾ جادوگرياڻيون هيون، ۽ هنن وٽ ڪئا
پاليل هئا، جي اونداهيءَ ۾ اچي، ڍارو ڦيرائي
ڇڏيندا هئا. هن شهزادي سان به اها ساڳي ڪار ٿي، ۽
ڍاري راند ۾ هارائي ويهي رهيو، پوءِ ورتل قول موجب
جادوگرڻين چنڊ شهزادي کي سُئي هڻي، گهيٽو بڻائي،
پاڻ وٽ بيهاري ڇڏيو. هوڏانهن چنڊ شهزادي جو ڀاءُ
سج شهزادو به هر روز منڊيءَ کي پيو ڏسندو هو، هڪڙي
ڏينهن منڊيءَ کي ڏسي، ته اُن جي ٽڪ سڄي ڪاري ٿي
پيئي آهي. هن کي پڪ ٿي ته اَدو چنڊ ضرور ڪنهن اَئي
۾ آيل آهي، ۽ مدد لاءِ پيو پڪاري .
اهو خيال ڪري، سج شهزادو ڀاءُ جي ڳولا ۾ اُٿي هليو ۽ هلندي
هلندي اُتان اچي لنگهيو، جتان چنڊ شهزادي گهوڙو
کنيو هو. سج شهزادو به اُتي بيٺل ٻيو گهوڙو ڇوڙي،
ان تي چڙهي ويٺو ۽ هڪلي هڪلي اڳتي روانو ٿيو؛ ۽
هلندو هلندو، پڇندو پڇندو، سڌو اچي اُن شهر ۾
پهتو، جتان سندس ڀاءُ چنڊ شهزادي شادي ڪئي هئي.
شهزادا، ٻيئي ڀائر، هڪ مهانڊي تي هئا، تنهنڪري
سڀني پئي چيو ته ”چنڊ شهزادو الاجي ڪٿان اچي نڪتو
آهي، ۽ هيترا ڏينهن الاجي ڪٿي هو!“ سج شهزادو به
پڇا ڪندو پنهنجي ڀاڄائيءَ جي محلات ۾ ويو. راڻيءَ
هن جي ڏاڍي خاطر تواضح ڪئي، ۽ ٻنهي ڀائرن جا
مهانڊا، جو بنهه هڪجهڙا هئا، سو راڻيءَ سمجهيو ته
سندس مڙس، چنڊ شهزادو آيو آهي. رات ٿي ته راڻي هن
کي پنهنجو مڙس سمجهي ساڻس گڏ سمهي رهي. سج شهزادي
چيس، منهنجو هڪڙو قول ٿيل آهي، سو ڪي ڏينهن رات جو
آءٌ ڪنهن سان به ملاقات ڪانه ڪري سگهندس.
بادشاهزاديءَ کي انهيءَ ڳالهه تي اعتبار اچي ويو،
۽ چيائين: ”جيڪا تنهنجي مرضي.“
صبح ٿيو، ته سج شهزادو شهر ۾ ويو. ۽ ويندي ئي وڃي هڪڙي ٻڍڙيءَ
مائيءَ جي اڱڻ ۾ لٿو، جنهن کان پنهنجي ڀاءُ بابت
پڇا ڳاڇا ڪيائين. ٻڍڙيءَ چيس ته ”تنهنجو ڀاءُ شڪار
جي خيال سان هن ملڪ جي چوٿينءَ ڪنڊ ڏانهن، جنهن جي
منع ٿيل هيس، ويل آهي؛ پر اتي جادوگرياڻيون ۽ انهن
جا پاليل ڪُئا رهن ٿا، جيڪي ڍاري راند کيڏڻ مهل
اونداهيءَ ۾ ڍارو ڦيرائي ڇڏيندا آهن، ۽ بازي هميشه
جادوگرياڻيون کٽينديون آهن.... پوءِ جيڪو بازي
هارائيندو آهي، ان کي جادوءَ جي زور تي گهيٽو
بنائي پاڻ وٽ بيهاري ڇڏينديون آهن.... سو تنهنجي
ڀاءُ کان به اها شرط کٽي هوندائون، ۽ ٻين وانگر هو
به وڃي وٽن ڦاٿو آهي... هاڻي تون هيئن ڪر، جو هڪ
ٻلي پالي پوءِ وڃي انهن جادوگرياڻين سان راند ڪر-
پوءِ ڏس ته توکان ڪيئن ٿيون راند کٽين!“ سج شهزادي
پوءِ هڪ ٻلي هٿ ڪئي ۽ ٻه ٽي ڏينهن انهيءَ کي
پڙهائي پڪو ڪري- جيئن ٻليءَ جو ڊپ لهي ۽ ماڻهن سان
رلي ملي ويهي سگهي- هو اٿي ملڪ جي ان چوٿينءَ ڪنڊ
ڏانهن روانو ٿيو. هلندي هلندي، هڪڙي هنڌ ڏٺائين ته
هڪ سونن سڱن سان هرڻ ڀڳو وڃي. شهزادي جلدي پنهنجو
گهوڙو انهيءَ هرڻ جي پويان ڊوڙايو، ۽ شهزادي جي
گهوڙي اڳيان ڊوڙندي ڊوڙندي، هرڻ وڃي شهزادي کي هڪ
وڏي ڪوٽ ۾ ڪڍيو، جتي اهي جادوگرياڻيون هونديون
هيون، پوءِ هرڻ غائب ٿي ويو. سج شهزادي عجب ۾
پئجي، هرڻ کي ڳولڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو،
پر هرڻ جهڙو هو ئي ڪونه. ايتري ۾ جادوگرڻيون
شهزادي کي چوڌاري ڦري ويئون ۽ سج شهزاو سمجهي ويو
ته ٻڍڙيءَ واري ڳالهه سراسر صحيح پئي نڪري.
جادوگرڻين شهزادي کي اهو ئي ڍاري راند وارو شرط ڏنو، جنهن سان
هنن چنڊ شهزادو ۽ ٻيا ڪيترائي بادشاهزادا پاڻ وٽ
گهيٽا بنائي بيهاري ڇڏيا هئا. سج شهزادي هنن جي
ڍاري راند کيڏڻ واري ڳالهه قبول ڪئي ۽ پنهنجي
ٻليءَ جي مٿي تي هڪ ڏيو ٻاري، انهن جادوگرڻين سان
راند کيڏڻ ويهي رهيو، پوءِ ڇا ٿيو جو جادوگرڻين جا
ڪئا اچن، ته ٻليءَ کي ڏسيو واپس ڀڄيو وڃن- اهڙيءَ
طرح راند ٽيئي دفعا سج شهزادو جادوگرڻين کان کٽي
ويو... ۽ ڪيل انجام موجب اهي سڀ جادوگرڻيون هن جي
تابع ٿيون. سج شهزادي پهرين ته انهن جادوگرڻين کي
جادو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي تڪليف ڏيڻ کان توبهه ڪرائي، ۽
انجام ورتائين ته اڳتي ڪنهن کي به تڪليف ڪانه
ڏينديون ۽ جادو نه ڪنديون. تنهن کانپوءِ سج شهزادي
پنهنجي ڀاءُ چنڊ شهزادي جي جان جادوءَ کان آزاد
ڪرائي، ۽ واپس هن کي ماڻهوءَ جي شڪل ۾ آڻايو. پوءِ
انهن جادوگرڻين مان هڪ سان پاڻ شادي ڪيائين ۽
ٻيءَ کي چنڊ بادشاهه سان پرڻايائين؛ ۽ ٻيا به
گهڻيئي، جيڪي جادوءَ جي زور تي جانور ٿيا اُتي
بيٺا هئا، انهن کي به ماڻهو ڪري سڀني جي جند آزاد
ڪرايائين، ۽ انهن کي خرچ ڀاڙا ڏيئي، پنهنجي ملڪ
روانو ڪيائين، ۽ ٻئي ڀائر جادوگرڻين سميت پوءِ
واپس چنڊ شهزادي واري شهزاديءَ جي ملڪ ۾ آيا. چنڊ
شهزادي پنهنجي ڀاءُ سج شهزادي کي پنهنجي محلات
ڏانهن (جتي شهزادي رهندي هئي) وٺي ويو، ۽ اُتي سج
شهزادي بادشاهزاديءَ کي سڄي پيرائتي ڳالهه ڪري
ٻڌائي. سج شهزادو پوءِ ڪجهه ڏينهن اُتي رهي،
پنهنجي ڀاءُ چنڊ شهزادي ۽ ٻين سڀني کي ساڻ ڪري،
پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس موٽيو، ۽ اچي پنهنجي پيءُ
ماءُ ۽ يارن دوستن سان مليو، ۽ پوءِ سڀ ڏاڍي مزي ۾
وقت گذارڻ لڳا، جهڙو ميلو اُنهن جو ٿيو، تهڙو ميلو
شل جڳ جهان جو ٿئي. (آمين)
●●● |