گنگل راڻي
هڪڙي بادشاهه کي ست پٽ هوندا هئا، جڏهن اهي وڏا ٿيا، تڏهن
بادشاهه کي هنن جي پرڻائڻ جي اچي ڳڻتي لڳي. هڪ
ڏينهن، وزير کي گهرائي صلاح ڪيائين، ۽ کيس چيائين
ته ”شهزادن جي مٽي مائٽي انهيءَ بادشاهه سان
ڪنداسون جنهن کي ست ڌيئرون هونديون.“ پوءِ وزير کي
ناڻي جا خچر ڀرائي، کيس ڪنهن اهڙي بادشاهه جي ڳولا
ڪرڻ، ۽ ڏس لهڻ لاءِ موڪليائين.
وزير گهمندي گهمندي هڪ بادشاهيءَ ۾ اچي نڪتو، مگر اتي سندس من
جي مراد پوري نه ٿي. اهڙيءَ طرح ڇهه بادشاهيون
گهميو، پر ڪٿي به سندس مطلب پورو نه ٿيو. آخر
هڪليندو هڪليندو، ستينءَ بادشاهيءَ ۾ اچي نڪتو.
جڏهن شهر ۾ آيو، تڏهن هڪڙيءَ ڌوتيءَ کي هٿ ڪري هن
کي انعام اڪرام ڏيئي، کانئس اتي جي بادشاهه جي
اولاد جي بنسبت پڇيائين- جنهن چيس ته ”هتي جي
بادشاهه کي ست ڌيئرون آهن، جي هونئن ته سڀ حسن ۾
هڪٻئي کان وڌيڪ آهن، پر وڏي شهزادي ڪنن کان ٻوڙي ۽
زبان کان گونگي آهي. هن بادشاهه جي اها مرضي آهي
ته ستن ئي شهزادين جي ڪنهن هڪ ئي بادشاهيءَ جي ستن
شهزادن سان شادي ٿئي، ته چڱو.“ ڌوتيءَ کان هيءَ
خبر چار هٿ ڪري، وزير بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾ آيو ۽
اچي بادشاهه سان ملاقات ڪيائين.
ڀريل درٻار ۾ انهيءَ بادشاهه جو وزير، هن کان احوال وٺڻ لڳو-
ڇاڪاڻ ته اُتي جو رواج اهو هو ته وزير وزير کان
احوال وٺي، ۽ بادشاهه بادشاهه کان. پر هن وزير کي
احوال نه ڏنو ۽ چيائين ته ”مان بادشاهه کي پنهنجو
احوال پاڻ ڏيندس.“ جڏهن ڪچهري ختم ٿي، تڏهن
بادشاهه کي چيائين ته ”مان اوهان سان پنهنجو احوال
روبرو ڪندس، تنهن لاءِ مون کي اجازت ملي.“ بادشاهه
کيس اجازت ڏني، ۽ هن اول پنهنجي بادشاهه طرفان ڏنل
سوکڙيون ۽ سوغاتون سندس آڏو رکيون، ۽ پوءِ پنهنجي
اچڻ جو مقصد بيان ڪيائين.
بادشاهه احوال کان واقف ٿي خوش ٿيو ۽ کيس چيائين ته ”شهزادن جون
تصويرون ڏيکار.“ جي هن بادشاهه کي ڏنيون ۽ اِتي
وزير به بادشاهه کان شهزادين جون تصويرون طلب
ڪيون- جي بادشاهه به کيس ڏنيون. پوءِ بادشاهه ۽
وزير پاڻ ۾ سڱ بندي جون ڳالهيون پڪيون ڪيون، ۽ آخر
وزير بادشاهه کان موڪلائي، شهزادين جون تصويرون
کڻي، پنهنجي وطن وريو. اچڻ سان پنهنجي بادشاهه کي
مبارڪون ڏيئي، تصويرون اڳيان رکيائين، جي ڏسي
بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو. وزير بادشاهه کي ٻڌايو ته
”ڇهه بادشاهيون رُليس، تنهن کانپوءِ مس وڃي ستينءَ
بادشاهيءَ ۾ هي ست شهزاديون ڏٺيم- جي هونئن ته ست
ئي حسن ۾ لاثاني آهن، پر وڏي شهزادي البت ڪَنن کان
ٻوڙي ۽ زبان کان گونگي آهي.“ بادشاهه هيءَ ڳالهه
ٻڌي ڪجهه ويچار ۾ پئجي ويو، پر لاچار ٻي ڪا واهه
نه ڏسي، سڀني سان صلاح ڪري، تاريخ مقرر ڪيائين، ۽
هن بادشاهه ڏانهن به تِٿ بنسبت پيغام ڏياري
موڪليائين، جو هن پڻ وڏيءَ خوشيءَ سان قبول ڪيو.
اُن تاريخ تي بادشاهه، وزير ۽ امير امراء ڄڃ ڪري اُٿي هليا، مگر
بادشاهه جي وڏي شهزادي هلڻ کان انڪار ڪيو. آخر هن
کي ريهي ريبي، ڪنهن طرح پاڻ سان وٺي هليا، ۽ اُتي
کيس وڃي پرڻايائون. شاديءَ ڪرڻ کانپوءِ، شهزادو
پويان پير ڪري اُتان وٺي ڀڳو، مگر وزير کيس وٺي
آيو. جڏهن شهزادو موٽي آيو، تڏهن سندس سس ناراض ٿي
کيس چيو ته ”منهنجي ڌيءُ ڪا ڪوجهي آهي، ڪاڻي آهي،
جو هن کان ايترو پيو ڀڄين! تون پنهنجي به شڪل ڏس-
تون ڪو منهنجي ڌيءَ کان وڌيڪ سهڻو به آهين ڇا؟
منهنجي هن لُڏڻ شهزاديءَ کان فقط هڪڙي ’گنگل راڻي‘
سا وڌيڪ آهي- باقي ٻين سڀني کان منهنجي ڌيءُ وڌيڪ
حسين ۽ سهڻي آهي!“ اُتي شهزادي چيو ته ”تنهنجي
ڌيءُ جو پرڻيو آهيان، سو اها به قبول اٿم، پر مان
گنگل راڻيءَ سان ضرور شادي ڪندس.“
پوءِ اُتان ساهرن مان ئي شهزادو گهوڙي تي چڙهي، اڪيلو ئي اڪيلو
گنگل راڻيءَ جي ڳولا ۾ نڪري پيو. هلندو هلندو
هڪڙي جبل جي ڀرسان اچي نڪتو. اتي ڇا ڏسي ته هڪڙو
گهر آهي، مگر اُن جو دروازو بند پيو آهي. هي در
کولي اندر ويو، ته هڪ ديو سمهيل نظر آيس. جنهن کي
ڏسي بيهي رهيو. جڏهن ديو پاسو ورايو، تڏهن ڊوڙي
”ماما، ماما“ ڪري وڃي ڀاڪر پاتائينس. اتي ديو چيس
ته ”جيڪڏهن ”ماما، ماما“ نه ڪرين ها، ته سرنهن
جيڏا داڻا ڪري ڇڏيانءِ ها. پر هاڻي ٺهيو، جو
ڀاڻيجا شينهن کي به پيارا آهن. هاڻي چؤ، جيڪي چوڻو
هجيئي!“
اُتي شهزادي چيس ته ”مون کي الله جو ڏنو سڀڪي آهي، پر گنگل
راڻيءَ تي پرپٺ عاشق آهيان- تنهن جو ڏس ڏي.“ تنهن
تي ديو چيس ته ”گنگل راڻيءَ جي ڪري ته گوڏن ۾ گاهه
به ڄمي ويو اٿم: مون کي گنگل راڻيءَ جي ڪابه خبر
ڪانه آهي- باقي اڳتي منهنجو ٻيو ڀاءُ اٿيئي،
انهيءَ کي ڪا خبر هوندي، ته اهو توکي ڏس ڏيندو.
اُن کي منهنجا سلام وڃي ڏي، ته هو تنهنجي مدد
ڪندو.“
پوءِ شهزادو ان کان ڏس پتو ۽ نشاني وٺي، موڪلائي، اٿي اڳتي
هليو. ٿوري گهڻي ڏينهين، پنڌ ڪندي ڪندي، هو نيٺ
وڃي ٻئي ديو وٽ نڪتو. جڏهن اتي پهتو، ته ڏسي ته
هيءُ به سمهيو پيو آهي. تنهنڪري شهزادو ماٺ ڪري
هڪڙي پاسي کان ويهي رهيو. جڏهن ديو پاسو اٿلايو،
تڏهن هي ”ماما، ماما“ ڪري، وڃي سندس پيرن تي ڪري
پيو. ديو چيس ته ”جيڪڏهن ”ماما ماما“ نه ڪرين ها،
ته چيڻي جيڏا داڻا ڪري ڇڏيانءِ ها. پر هاڻي ٺهيو.“
شهزادي هن کي سندس ڀاءُ جا سلام ڏنا ۽ نشاني به
ڏني. تنهن تي ديو خوش ٿي هن کان خبرون ورتيون.
شهزادي چيس ته ”آءٌ گنگل راڻيءَ جي محبت ۾ گرفتار
آهيان- ان جي ڏس لاءِ هي ڏاکڙا ڪندو وتان.“ تنهن
تي ديو چيس ته ”گنگل راڻيءَ جي مون کي ڪابه خبر
ڪانهي، باقي منهنجون ٽيون ڀاءُ اٿيئي- سو ان ڏي
وڃ، ته من اهو ڪا خبر ڏيئي. شهزادو هن کان به پتا
نشان وٺي انهيءَ ٽئين ديو ڏانهن روانو ٿيو. آخر
پنڌ ڪندو ڪندو، اچي انهيءَ ديو وٽ پهتو. ديو هن کي
ڏسي اُلر ڪرڻ تي هو، ته هن ”ماما، ماما“ ڪري وڃي
ڳراٽري وڌيس. ديو چيو ته جيڪڏهن ”ماما، ماما“ ڪري
وڃي ڳراٽري وڌيس. ديو چيو ته ”جيڪڏهن ماما ماما“
نه ڪرين ها ته پرزا پرزا ڪري ڇڏيانءِ ها پر هاڻي
جيڪي گهرڻو هجيئي، سو گهر.“ هن چيس ته آءٌ گنگل
راڻي جي ڳولا لاءِ نڪتل آهيان- ڪو ڏس پتو ڏيو.“ هن
ديو به چيس ته ”مون کي خبر نه آهي- منهنجي چوٿين
ڀاءُ وٽ وڃ، ته هو توکي ٻڌائيندو.“ خير، هيءُ ان
چوٿين وٽ به ويو. ان پنجين جو ڏس ڏنس. هي ويچارو
نيٺ ڏک ڏاکڙا ڏسندو ڏسندو، اچي ستين ديو وٽ پهتو.
اتي ان کي هنن ڇهن ڀائرن جا سلام به ڏنائين،
نشانيون به ڏنائين. هن ديو به هن کان حال احوال
ورتا، جنهن تي شهزادي پنهنجو سارو قصو ڪري ٻڌايس.
ديو چيس ته ”هت ڄاڻ ته ديو ۽ پريون ٿيون اچن، جو
هتي مون وٽ راڳ ۽ ناچ جو ٺهراءُ ٿيل آهي. آءٌ توکي
هن ڪپهه جي ڪوٺيءَ ۾ وجهي ٿو ڇڏيان، ته جيئن ڪنهن
کي تنهنجي بواءِ نه اچي.“ ديو هن کي لڪائي واندو
ٿيو، ته مٿان ديو ۽ پريون اچي ڪڙڪيون، ۽ ”آدم
بوءِ، آدم بوءِ“ ڪندا اچي پهتا. تنهن تي هن ديو
چين ته ”هت آدم ڪٿان آيو! ڀلجو ٿا، ماٺ ڪري پنهنجو
راڳ ناچ ڪيو.“ آخرڪار، هي راڳ ناچ پورو ڪري هليا
ويا.
پوءِ ديو شهزادي کي ٻاهر ڪڍي کيس ڏس ڏنو ته ”فلاڻي هنڌ کوهه
اٿيئي- ان ۾ ٽٻيون وڃي هڻ. پاڻي توکي هيٺ ڇڪيندو،
پر تون جوان مڙس آهين- پنهنجي خبرداري ڪج. جيڪڏهن
قسمت چڱي هوندئي، ته ٽٻين هڻن ۾ توکي هڪ آنو هٿ
ايندو. ان مان توکي راڻي ملندي. ڇو ته گنگل راڻي
ان ۾ بند آهي. اهو آنو حفاظت سان سنڀالي، پنهنجي
گهر کڻي وڃي ڀڃجانءِ.“ شهزادو الله جو آسرو ڪري،
همت جي ڪمرڪشي انهيءَ ڏس تي روانو ٿيو، ۽ اچي
انهيءَ کوهه وٽ پهتو، الله کي ياد ڪري لٿو کوهه ۾
اندر، ۽ وٺي ٽٻيون هڻڻ لڳو. ۽ ٽٻيون هڻي آني کي
ڳولڻ لڳو. آخرڪار، ڪي پير زور هئس؛ ستينءَ ٽٻيءَ
کانپوءِ، هن کي اهو آنو هٿ آيو. پوءِ شڪرانا بجا
آڻي، آنو کڻي ستين ديو وٽ آيو، جنهن هن کي فتحياب
ڏسي، کيس مبارڪون ڏنيون ۽ هدايت ڪيائينس ته ”هاڻي
بنا دير، پنهنجي گهر وڃ.“ ۽ وڃڻ مهل کيس پنهنجو هڪ
وار به پٽي ڏنائين، ۽ چيائين ته ”ڪنهن به مهل ڪا
ڏکي پويئي، ته هن کي سيڪ ڏيندين، ته آءٌ اتي اچي
حاضر ٿيندس.“
شهزادو هن کان موڪلائي، سڀني ديون کان ٿيندو، هر هڪ کي پنهنجي
ڪاميابيءَ جو حال احوال ڏيندو، اچي پنهنجي گهر
پهتو. اچڻ شرط پنهنجي گهر ۾ آني کي ڀڳائين، ته ان
مان هڪ چنڊ جهڙي سدا سهڻي نوجوان عورت نڪري پيئي،
جنهن کي ڏسي، شهزادي جا سڀ دک درد لهي ويا.
ڪن ڏينهن کان پوءِ، شهزادو وڏي ڌام ڌوم سان، گنگل راڻي پرڻيو، ۽
هوءَ گونگي ۽ ٻوڙي شهزادي به وٺي آڻي پاڻ وٽ
ويهاريائين، ۽ پوءِ حياتيءَ جا باقي ڏينهن نهايت
خير خوشيءَ سان گذارڻ لڳو.
غيبي راڻي
هڪڙو هاري هوندو هو، جنهن پنهنجي ٻنيءَ ۾ هنداڻا پوکيا هئا. هڪ
ڏينهن هاريءَ پنهنجي زال کي چيو ته ”وڃي هنداڻا
پٽي اچ، ته کائون.“ هاريءَ جي زال ٻنيءَ تي وڃي هڪ
وڏو هنداڻو ڳولي، ان کي جيئن پٽڻ لڳي، ته هنداڻي
مان آواز آيو ته ”آهستي کڻ، آهستي کڻ!“ هاريءَ جي
زال اهو آواز ٻڌي، ڊڄي ويئي، ۽ هنداڻي کي اُتي ئي
ڇڏي، ڀڄندي ڀڄندي، مڙس وٽ آئي، ۽ هن کي سموري
ڳالهه ڪري ٻڌايائين. هاريءَ زال کي چيو ته ”چَري
ٿي آهين ڇا؟ هنداڻي مان وري آواز ڪيئن ايندو؟ مون
کي هلي اهو هنداڻو ڏيکار.“ ٻيئي گڏجي هنداڻي وٽ
آيا. هاري اڃا هنداڻي کي کڻڻ لڳو، ته ان مان آواز
آيو ته ”آهستي کڻ، آهستي کڻ!“ اهو ٻڌي، هاري حيرت
۾ پئجي ويو. نيٺ هنداڻي کي کڻي، گهر اچي وڍيائون،
ته ان مان هڪ سدا ملوڪ معصوم ڇوڪري نڪري آئي. هاري
۽ ان جي زال کي اولاد ٿيندو ئي ڪونه هو، تن قدرت
جي طرفان مليل هن سهڻي ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڌيءُ ڪري
سمجهيو، ۽ کيس گهڻي لاڏ ڪوڏ سان پالڻ لڳا.
ڇوڪري، اڄ ننڍي سڀان، وڏي نيٺ اچي جوان ٿي، ڇوڪري اهڙي سهڻي
هئي، جو سڄي ملڪ ۾ سندس هاڪ پئجي ويئي. هاريءَ کان
وڏا وڏا ماڻهو ۽ امير امراء ڇوڪريءَ جو سڱ گهرڻ
لڳا، پر هاريءَ سڀني کي جواب ڏنو. نيٺ اها ڳالهه
بادشاهه جي ڪن تائين وڃي پهتي. بادشاهه ڇوڪريءَ جي
حُسن جو ٻڌي مٿس اڻ ڏٺي عاشق ٿي پيو، ۽ هاريءَ
ڏانهن نياپو موڪليائين ته ”ڇوڪريءَ جو سڱ مون کي
ڏي، آءٌ توکي اڏي ڇڏيندس... نه ته زوريءَ به کڻائي
ويندس.“ هاريءَ جڏهن اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن دل ۾
خيال ڪيائين ته بادشاهه سان ڪهڙو ضد هلندو-
تنهنڪري چوائي موڪليائين ته ”هيءَ ته ڀاڳ جي ڳالهه
آهي- سڱ ڏيڻ لاءِ مان تيار آهيان.“
بادشاهه اهو ٻڌي، ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ وڏي ڌام ڌوم سان شادي ڪري،
هاريءَ کي انعام اڪرام ڏيئي، ڇوڪريءَ کي پنهنجي
محلات ۾ وٺي آيو. بادشاهه جي ٻين راڻين، جو اهڙي
صورتمندي ننڍي نيٽي راڻي ڏٺي، سي ته ڏسڻ سان اندر
۾ جلي ويون. دل ۾ چيائون ته ’بادشاهه جو سمورو راض
هاڻي هِن تي ٿي ويندو- اسان کي ته پڇندو به ڪونه-
تنهن لاءِ ڪچيءَ ۾ ئي ڪجهه ڪرڻ گهرجي.‘ ٿيو به
ائين، جو بادشاهه جي رات ڏينهن نئين زال سان ريجهه
رهاڻ ٿيڻ لڳي، ۽ اڳينءَ راڻين جو منهن ڏسڻ به ڇڏي
ڏنائين. ٿوري گهڻي ڏينهين، نئين راڻيءَ کي
اميدواري ٿي. اڳين راڻين، جو اها ڳالهه ٻڌي، سو
هيڪاري سڙي ويون، ۽ هنن کي ڦٽائڻ ۽ جدا ڪرڻ لاءِ
پهه پهچائڻ لڳيون. ڏاڍا تال مڪر ۽ ٽوڻا ڦيڻا
ڪيائون، پر هُت اثر ئي نه ٿئي. هڪٻئي کي چوڻ لڳيون
ته ”جنهن جو پيءُ نه ماءُ ۽ بــُڻ نه بڻياد- ڄائي،
ڦــُٽي هنداڻي مان- تنهن تي ڪنهن جو جادو به ڪيئن
چلي!“ آخر هنن سڀني گڏجي پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ۽ هڪ وڏي
بَلا (ڌوتي رن) گهرايائون جا ظاهر ۾ زاهدياڻي ۽
اندر ۾ ڪا بنهه ابليس هئي- ان کي وڏا انعام اڪرام
ڏيئي، ۽ وڌيڪ دم دلاسي ۾ رکي، کيس نئين راڻيءَ جي
راز وٺڻ لاءِ روانو ڪيائون.
هيءَ رن وڏي طمطراق سان هِن اَڻ ڄاڻ راڻيءَ وٽ آئي، ۽ اوڀاريون
لهواريون ڳالهيون ٻڌائي، کانئس اصل حقيقت ۽ حال
احوال پڇڻ لڳي، ۽ هن وٽ اچڻ وڃڻ شروع ڪيائين. ٿوري
گهڻي ڏينهين، نئين راڻيءَ به هن جي فريبي ڳالهين ۾
ڦاسي پيئي، ۽ هن سان پنهنجي حقيقت بيان ڪرڻ ويهي
رهي- چي:”ناني، آءٌ ته هنداڻي ڄائي آهيان... پر
اها خبر ڪانه اٿم ته ان ۾ آيس ڪيئن؟ باقي ايتري سا
سڌ اٿم ته منهنجو ساهه هارَ جي موتيءَ ۾ آهي، ۽
اهو موتي جيسين سلامت هوندو، تيسين آءٌ به سلامت
آهيان... پر جي اهو موتي هٿان ويم، ته پوءِ جهڙي
چايس تهڙي نه ڄايس.“ ڌوتي اها ڳالهه ٻڌي، چوڻ لڳس
ته ”اَما! اهو هار ڀلا تو وٽ رکيل آهي، يا ڪنهن
ٻئي هنڌ؟“ هن چيو، ”هائو امان! اهو هار منهنجي سر
سان آهي- مون وٽ رکيل آهي... ٻيو ڪير ان کي ايترو
سانڍي سگهندو!“ ڌوتيءَ پوءِ هيٺانهيون مٿانهيون
وٺي، هن کي چيو ته ”اما، تون معصوم ٻار، جوانيءَ
کي اوسيئڙو گهٽ، ساهه جهڙي شي، ڪٿي وڃائي نه
ڇڏين... ڪنهن مون جهڙيءَ پوڙهيءَ نانيءَ وٽ هٿيڪو
ڪري رکي ڇڏ! هان، هي ڏس- پتل جي ڪوڙي منڊي آهي،
پڙنانيءَ جي هٿن جي نشاني آهي- ساهه سنئون
سانڍيندي اچانس!“ ويچاري وسوڙل راڻي ڌوتيءَ جي دام
۾ ڦاسي پيئي ۽ هار ڪڍي هن کي رکڻ لاءِ ڏيئي
ڇڏيائين. پوڙهي ڏائڻ، هن کان هار وٺي ويندي رهي، ۽
پوءِ آڻي هن جي پهاڄين کي ڏنائين. راڻين هار ڏسي
ڏاڍي خوشي ڪئي، پر اصل موتي ڪهڙو، جنهن ۾ هن جو
ساهه هو، تنهن جي خبر ئي ڪانه هين- سو ڇا ڪيائون،
جو هار کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري، کٿي ۾ ويڙهي، ان جي مٿان
ٻه مڻو بار ڏيئي، پاسائون ڪري رکي ڇڏيائون، اتي
ويچاريءَ ننڍيءَ راڻيءَ جو به اچي ساهه گهٽجڻ
لڳو، ۽ ڪرڙيءَ وانگر ڦَٿڪڻ لڳي. ڄاتائين ته هيءَ
مصيبت هٿن سان وهائي اٿم، پر ڪُڇي نه سگهي.
بادشاهه به اهو حال ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيو، ۽ کانئس
وصيت پڇڻ لڳو. راڻيءَ چيو ته ”بادشاهه سلامت!
منهنجي هاڻي موڪلاڻي آهي. اوهان منهنجي ميت کي
پورايو متان- پورائڻ بدران مون کي ڪنهن ڪوٺيءَ ۾
رکرائي، دروازو بند ڪرائي ڇڏجو.“ بادشاهه کي ڏاڍو
ڏک ٿيو ۽ هڪ عاليشان ڪوٺيءَ ۾ راڻيءَ جو لاش پلنگ
تي رکرائي، ڪوٺي بند ڪرائي ڇڏيائين.
راڻيون ڏاڍو خوش ٿيون، ۽پاڻ ۾ کڳيون هڻڻ لڳيون. بادشاهه کان به،
ٿورن گهڻن ڏينهن کانپوءِ ننڍي راڻي دل تان لهي
ويئي، راڻين کي خوف لڳو رهندو هو ته ڪٿي هار چوري
نه ٿي وڃي- سو ڇا ڪنديون هيون، جو روزانو رات جو
ان کي کولي، پاڻ وٽ رکنديون هيون ۽ ڏينهن جو
ساڳيءَ ريت ان کي ويڙهي، مٿس بار رکي ڇڏينديون
هيون. ۽ جڏهن رات جو ان کي کولينديون هيون، ته
هوڏانهن ننڍيءَ راڻيءَ کي به ساهه پئجي ويندو هو،
۽ ڏينهن جو وري هار جي دٻجڻ سان هن جو ساهه گهٽجي
ويندو هو ۽ هوءَ لاش بنجي وري پئجي رهندي هئي.
اهڙيءَ طرح ڪيئي ڏينهن گذري ويا.
ڏهن مهينن بعد، راڻيءَ کي اُن ڪوٺيءَ ۾ پٽ به ڄائو جنهن کي هوءَ
رات جو هوش ۾ اچڻ کانپوءِ، کيس به پياريندي ۽ پيار
به ڪندي هئي. اهڙي طرح، جڏهن اهو شهزادو سمجهه
جهڙو ٿيو، تڏهن هن سان سموري حقيقت بيان ڪري
چيائينس ته ”پٽ! جڏهن جوان ٿئين، ته ضرور پنهنجي
پيءُ کي وڃي ڏسجانءِ، ۽ هيءَ ڳالهه ٻڌائجانءِ.“
هڪ ڏينهن، بادشاهه کي اچي دل ۾ اوچتو خيال ٿيو ته وڃي ڏسان ته
سهي ته ڪوٺيءَ ۾ منهنجي زال جو ڪهڙو حال ٿيو! سو،
اهو خيال ڪري، وڃي ڪوٺيءَ جو در کوليائين، ڇا ڏسي
ته ڇوڪرو ويٺو راند ڪري، ۽ سندس زال اڳئين وانگر
ستي پيئي آهي. ڇوڪري، جو دروازو کلندو ۽ بادشاهه
کي اُن مان ايندو ڏٺو، سو ڇرڪ ڀري ۽ ”اما، اما“
ڪندو، وڃي ماءُ کي چنبڙيو. بادشاهه کي حيرت وٺي
ويئي، ۽ بت بڻجي بيهي رهيو. گذريل وقت جون ڳالهيون
ياد اچڻ لڳس، ۽ بيٺي بيٺي سج لهي ويس. جڏهن رات
ٿي، ته راڻي اُٿي ويهي رهي.بادشاهه تي جو اک پيس،
سو دانهن ڪري، اچي هن سان ملي. بادشاهه کي هيڪاري
حيرت وٺي ويئي، ۽ کانئس هن ريت مرڻ ۽ وري جيئڻ ۽
ٻار بابت پڇيائين. راڻيءَ کيس پنهنجي ۽ ٻار جي
سموري حقيقت ڪري ٻڌائي.
بادشاهه حقيقت ٻڌي سوچ ۽ ويچار ۾ پئجي ويو- دل ۾ ويچاريائين ته
جيڪڏهن هنن راڻين کي هيءَ خبر پئجي ويئي، ته پوءِ
متان ماڳهين اُن هار ۽ اُن موتيءَ کي ذرا ذرا ڪري
ڇڏين، ۽ هيءَ هتي مري وڃي! تنهنڪري هيءَ سٽ
سٽيائين، جو هڪڙي چالاڪ پينو فقير کي سڏائي،
اڪيلائيءَ ۾ چيائين ته ”تون سڀاڻي سوير اچي
منهنجيءَ محلات جي در تي سين هڻي، هڪ هار جي گهُر
ڪج، ۽ اهو جيسين نه مليئي، تيسين نه وڃج، ۽ ڀٽ
بڻيو بيٺو رهج، پوءِ جڏهن هار توکي ملي، تڏهن اهو
مون کي آڻي ڏج، ۽ آءٌ ان جي عيوض توکي مالامال ڪري
ڇڏيندس.“ فقير کي ڀلا ٻيو ڇا گهرجي؟ سو، ٻئي ڏينهن
تي، سوير صبح جو وڃي دروازي تي سين هڻي، ڀٽ بڻجي
بيهي رهيو- وقت گذري ويو، ۽ بادشاهه به درٻار مان
محلات ۾ آيو، ۽ اُن فقير کي محلات جي دروازي تي
بيٺل ۽ صدا هڻندي جو ڏٺائين، سو منهن جي پڪائي
ڪري، راڻين کي چيائين ته ”ويچارو فقير ڪيڏيءَ مهل
کان در تي بيٺو صدائون ڪري، اوهان ان کي ڪونه ڪو
هڪڙو هار کڻي ڏيو.“ راڻين گهڻو ئي نٽايو، پنهنجو
هار ڀلا سڀني کي پيارو، ڪنهن جي دل تان نه پيو
اُتري- سو، بادشاهه جي چوڻ تي، نيٺ صلاح ڪري، کڻي
اهو هار فقير کي ڏنائون. فقير ڦيرو کائي، هار
بادشاهه کي ڏيئي، انعام وٺي، رمندو رهيو، ۽
بادشاهه اهو هار آڻي پنهنجي پٽ راڻيءَ جي ڳچيءَ ۾
پاتو... ته هوءَ اڳي کان اڳري ٿي، اُٿي ويهي رهي.
پوءِ بادشاهه، ان راڻيءَ کي پنهنجي پٽ سميت وٺي آڻي محلات ۾
ويهاريو، راڻين، جو هيءَ حالت ڏٺي، سو پنهنجي
ڪئيءَ تي پشيمان ٿي، اچي بادشاهه جي پيرن تي
ڪريون، ۽ زار زار روئي معافي گهرڻ لڳيون. بادشاهه
کي هنن جي آزين نيزارين تي رحم اچي ويو، ۽ انهن
تان ڦاسيءَ جي سزا معاف ڪري، کين طلاق ڏيئي، خالي
هٿين ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏيائين- ۽ پاڻ ۾ پٽ سميت،
پوءِ هو خوش گذارڻ لڳا.
شهزادو تاج الملوڪ
بادشاهه ته پاڻ خدا آهي- مگر هن ڪوڙيءَ دنيا جو هڪ
بادشاهه هو، جنهن کي اولاد ڪونه هو. راڻيءَ جا
علاج سُتيون ڪيائين، ڦيڻا ڇنڊا تنهن کان ڌار- ٻيون
به ٻه شاديون ڪيائين... پر اولاد ڪونه ٿيس. نين
راڻين جي محبت ۾ بادشاهه اهڙو ته محو ٿي ويو، جو
پنهنجي اڳينءَ ڏاڏي پوٽيءَ زال کي صفا وساري
ڇڏيائين. راڻيءَ کي ڏک ته البت سُنوالو ٿيو، پر
مُٺي به ماٺ ته مِٺي به ماٺ ڪري ويهي رهي ۽ خدا کي
ٻاڏائڻ لڳي. هميشه حيلي رزق، بهاني موت ايندو آهي،
سو هڪ ڏينهن بادشاهه ڪٿان ٿي لنگهيو ته ٻن ماڻهن
جي ڳالهائڻ جو پڙلاءُ ڪن تي پيس: هڪڙو ٻئي کي چئي
رهيو هو ته ”يار، ڏس ته سهي، بادشاهه ڪهڙو انڌير
ڪيو آهي، جو ويچاريءَ اڳينءَ ڏاڏي پوٽيءَ زال کي
وساري، ڌارين کي کڻي اکين سان لاتو اٿس! اڳتي ڪهڙو
جواب ڏيندو؟“ بادشاهه، ڳالهه ٻڌي، دل ۾ چوڻ لڳو ته
’برابر ويچاريءَ بيگناهه جو گيم کنيو اٿم‘... سو
سڌو آيو محلات ۾، ۽ اتي اچي ٻنهي راڻين کي چيائين
ته ”اڄ آءٌ ڪنهن پاسي وڃان ٿو، منهنجو انتظار نه
ڪجو.“ ائين چئي، بادشاهه اڳينءَ راڻي جي محلات
ڏانهن هليو آيو. بادشاهه کي اندر ايندو ڏسي،
راڻيءَ کي خوشيءَ وچان اکين ۾ آب اچي ويو، ۽
گهڻيءَ سڪ مان بادشاهه کي روئيندي کڻي ڀاڪر
پاتائين. راڻيءَ جي سڪ ۽ سچائي ڏسي، بادشاهه جي دل
به ڀڄي پيئي، ۽ گهڻيءَ حب سان راڻيءَ سان ويهي دل
جا حال اورڻ لڳو... ۽ رات راڻيءَ وٽ گذاري، صبح جو
ٻهر وڌو ئي اچي درٻار ۾ ويهي رهيو.
نين راڻين کي ڪهڙي خبر ته بادشاهه ڪيڏانهن ويو، سو کين شڪ گمان
ڪونه جاڳيو. خدا جي قدرت، انهيءَ رات ڏاڏي پوٽيءَ
راڻيءَ کي حمل رهجي ويو. وقت ۽ وير ڪنهن لاءِ نه
ترسندا آهن.... پلڪن مان پهر، پهرن مان ڏينهن، ۽
ڏينهن مان مهينا ٿي، وقت گذرندو رهيو. آخر ڏهن
مهينن بعد بادشاهه کي چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙو پٽ
ڄائو. جنهن جو نالو تاج الملوڪ رکيائون. هر طرف
خوشيون ٿي ويون، بادشاهه به ڏاڍي ڌام ڌوم سان
خيرخيراتون ڪرڻ لڳو. نيون راڻيون خبر ٻڌندي ئي،
ساڙ کان سڙي ويون. بادشاهه جو چاهه به هاڻي اڳينءَ
راڻي ۽ پٽڙي تي ٿي ويو، سو هنن ٻن وٽ گهڻو اچڻ وڃڻ
ڇڏي ڏنائين. تنهن تي هيڪاري هو حسد ڪرڻ لڳيون، ۽
وير وٺڻ لاءِ بهانا ڳولڻ لڳيون.
هوڏانهن شهزادو، اڄ ننڍو سڀان وڏو، آخر اچي جوان ٿيو. هڪ ڏينهن،
ڪنهن ڪم سانگي بادشاهه ڪيڏانهن وڃڻو هو، سو ضروري
گهرو ڪم ڪار پٽ کي سمجهائي ويندو رهيو. پٺيان ٻيئي
راڻيون صلاح ڪرڻ لڳيون ته ڪو اهڙو بهانو ٺاهجي، جو
بادشاهه شهزادي کي مارائي ڇڏي، ته آزار کان ڇٽي
پئون. گهڻيءَ مٿاڪُٽ ڪرڻ بعد، هڪڙيءَ راڻي ٻيءَ کي
چيو: ”مون کي هڪ اٽڪل ياد آئي آهي... ائين جي
ڪيوسين، ته پوءِ پڪ بادشاهه کي ڪاوڙ ايندي، ۽ پٽ
کي مارائي ڇڏيندو. هاڻي هيئن ڪجي، جو جڏهن بادشاهه
محلات ۾ اچي، تڏهن پنهنجي منهن آهستي آهستي ويهي
پاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون، جڏهن ويجهو اچي، تڏهن ماٺ ڪري
ويهي رهون؛ پري کان ڳالهيون ڪندي ۽ ويجهو ماٺ ۾
ڏسي، بادشاهه کي ضرور شڪ پوندو، ۽ ڳالهه ٻڏائڻ
لاءِ زور ڀريندو- پر پاڻ ويهي نٽائينديونسين. جڏهن
بادشاهه ڪڪ ٿي، ڪاوڙ ڪندو، تڏهن چونديونسين ته
’شهزادي اسان سان هٿ درازي ڪئي آهي.‘... پوءِ ڏس
ته لقاءُ، ڪيئن نه گهڙين جا فيصلا ٿين!“ ٻيءَ راڻي
چيو ته ”ڳالهه ته واه جا ڪئي اٿئي! ائين ضرور ڪبو،
پوءِ کٽن ڀاڳ.“
ٿورن گهڻن ڏينهن کانپوءِ بادشاهه موٽي آيو، تڏهن، بيهاريل اٽڪل
موجب، زارو زار روئي، بادشاهه کي چيائون ته ”اوهان
ٻاهر ويا هئا، تڏهن اوهان جو شهزادو هڪ رات اچي
اسان سان هٿوپائي ڪرڻ لڳو، اسان کي تمام گهڻو تنگ
ڪيائين، گهٽ ۾ گهٽ پيءُ جي لڄن جو خيال ۽ حيا ته
ڪري ها.“ بادشاهه ڳالهه ٻڌي باهه ٿي ويو، ۽ ٻاهر
اچي نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته ”شهزادي کي وٺي ڪنهن
رڻ پٽ ۾ وڃي ڪُهو ۽ اُن جون ٻيئي اکيون ڪڍي مون کي
اچي ڏيکاريو.“ هيءُ قهر جهڙو حڪم ٻڌي، نوڪر ڏڪڻ
لڳا، پر بادشاهه اڳيان انڪار ڪير ڪري! آخر هو
شهزادي کي وٺي اچي هڪڙيءَ سڃ ۾ نڪتا؛ اُتي شهزادي
کي جهلي ڪهڻ لڳا... تڏهن شهزادي وٺي دانهون ڪيون،
۽ نوڪرن کي چيائين ته ”مون کي ڇو ٿا ماريو؟ مون
ڪهڙو گناهه ڪيو آهي؟“ نوڪرن جواب ڏنس ته ”اسان کي
بادشاهه وٽان اهڙو حڪم مليل آهي... ٻي اسان کي ڪا
خبر ناهي.“ شهزادي تڏهن منٿون ڪندي چين ته ”جيڪڏهن
ائين آهي ته اوهين ڪنهن هرڻ کي ماري، ان جون اکيون
ڪڍي، وڃي بادشاهه کي ڏيو. منهنجي حياتي به بچي
پوندي، ۽ بادشاهه به خوش ٿيندو.“ ايتري ۾ هڪ هرڻ
اُن گوڙ تي اُتي اچي نڪتو، ۽ شهزادي جي رڙين جو
سبب پڇڻ لڳو. نوڪرن کيس ساري حقيقت ٻائي. هيءَ
دردناڪ خبر ٻڌي، هرڻ کي شهزادي تي رحم اچي ويو، ۽
نوڪرن کي چيائين ته ”منهنجون اکيون ڪڍي وڃو، ۽
شهزادي کي ڇڏي ڏيو.“ نوڪرن کي به قياس پئجي ويو،
سو هرڻ جون اکيون ڪڍي، بادشاهه کي وڃي ڏنائون، ۽
شهزادي کي اُتي ڇڏي ڏنائون. شهزادو پوءِ اُتي ئي
جهنگ ۾ اُن انڌي هرڻ جي خدمت ڪرڻ ويهي رهيو.
خدا جي قدرت سان هڪ ڏينهن هرڻ جيئن سمهي اُٿيو، تيئن اُن جي نظر
وري سالم ٿي پيئي... ۽ شهزادي کي چيائين ته ”توکي
شاباس هجي، جو آءٌ ته حيوان هوس، پر تو انسان ٿي
ڪري، هن جهنگ ۾ رهي، منهنجي خدمت ڪئي آهي. هاڻي
توکي موڪل آهي، تون ڀلي ڪنهن شهر ۾ وڃي، ماڻهن
سان گڏجي گذار... مان ته حيوان آهيان، سو هتي ئي
گذاريندس.“
خير شهزادو تاج الملوڪ به هرڻ کي سڄو ڏسي، کانئس موڪلائي، اُٿي
هليو. ڀلا بادشاهي ٻار، سو به اڪيلو جهنگ ۾، ويتر
مٿان اچي سج لٿو، سو هيڪاري منجهي پيو، پر ٻيو ڪو
چارو نه ڏسي، اڳتي هلندو هليو. ڪجهه پنڌ ڪرڻ
کانپوءِ، پري کان کيس هڪ شهر ڏسڻ ۾ آيو. شهزادو
ڌڻيءَ جا شڪرانا ڪري، اُن شهر ڏانهن تڪڙو تڪڙو هلڻ
لڳو. شهر ۾ پهچندي، ڏٺائين ته هڪ گهر ۾ ڪا پوڙهي
مائي آهي، جنهن جو پِٽڪو پيو پوي... گهر ۾ ٻيو ڪير
ڪونهي. شهزادي کي مائيءَ جي اهڙي حالت ڏسي، قياس
اچي ويو، ۽ اندر وڃي، هن کي چوڻ لڳو، ”اي اما! ڏي
خبر، تون ايترو ڇو ٿي روئين؟“ مائيءَ چيو ته ”ابا!
تون ڪو مسافر ٿو ڏسجين، تون پنهنجي واٽ وٺي هليو
وڃ... منهنجي سورن کي تون ڇا ڪندين؟“ شهزادي چيو
ته ”تون مون کي پنهنجو حال ٻڌاءِ، آءٌ تنهنجي هر
ڪا مدد ڪندس.“ آخر، لاچار ٿي، پوڙهيءَ شهزادي کي
چيو ته ”هن شهر ۾ روزانو رات جو راڪاس ايندو آهي،
جنهن کي هڪ ماڻهو واري تي ملندو آهي. اڄ منهنجي پٽ
جو وارو آهي. منهنجو دين دنيا ۾ هڪڙو ئي اهو ٻچڙو
آهي، تنهن ڪري ان ٻچڙي لاءِ ٿي دانهون ڪريان؛ چوان
پنهنجي قسمت کي، ٻيو ڪنهن کي ڏوهه ڏيان...“
شهزادي دل ۾ خيال ڪيو ته هن ويچاريءَ پوڙهيءَ جي واهر ضرور ڪرڻ
گهرجي، سو مائيءَ کي چيائين ته ”جيجل تون ڪوبه غم
نه ڪر... اڄ تنهنجي مدد لاءِ خدا مون کي موڪليو
آهي- اڄ ته تنهنجي ٻچڙي جي پاران مان ٿو وڃي سر
ڏيان، باقي اڳتي کٽن تنهنجا ڀاڳ.“ شهزادي کي هيئن
چوندو ڏسي، پوڙهيءَ جي پيٽ ۾ ساهه پيو، ۽ شهزادي
کي دعائون ڪرڻ لڳي.
بادشاهه جو اعلان هو ته ’جيڪو به انهيءَ راڪاس کي ماريندو،
تنهن کي اڌ بادشاهيءَ جو ۽پنهنجي نياڻي ڏيندس.‘
شهزادو، وقت تي، راڪاس جي اچڻ واري هنڌ تي آيو، ۽
ڏسي ته هڪ ڍڳو ٻڌو بيٺو آهي. سمجهيائين ته اهو به
راڪاس لاءِ ئي هوندو، سو ماٺ ڪري اتي ويهي رهيو.
ويٺي ويٺي، خيال ڪيائين ته مرڻو ته ضرور آهي، ڇو
نه مقابلو ڪري مرجي. اهو خيال ڪري، ڀر واري
بادشاهه جي باغ ۾ لنگهي ويو، ۽ باغائيءَ کي ترار ۽
ڍال آڻڻ لاءِ چيائين. باغائيءَ هن کي هڪ عاليشان
ترار ۽ ڍال آڻي ڏني. شهزادو اها ترار ۽ ڍال کڻي
ساڳيءَ جاءِ تي آيو، ۽ ڍڳي کي ڪهي، ان جي
ڍونگهريءَ ۾ لڪي ويهي رهيو.
ٿوري دير گذري ته راڪاس به مينهن واءُ ڪندو اچي اُتي نڪتو.
شهزادو به ترار سنڀالي، چست ٿي ويهي رهيو. راڪاس
ايندي شرط اچي ڍڳي تي مارو ڪيو. شهزادي رکي رکي،
اوچتو ئي اوچتو ٺڪاءُ جو ترار ڪيس، ته راڪاس جي
منڍي سرڙاٽ ڪري وڃي پري پيئي، پوءِ ڌڻيءَ جا
شڪرانا ڪري شهزادي موٽي اچي مالهيءَ سان خبر ڪئي،
باغائي کي به مس پيٽ ۾ ساهه پيو. پوءِ شهزادو به
اُتي ئي مالهيءَ وٽ رات ترسي پيو. ڀلا هڪ گهڻين
راتين جو اوجاڳيو، ٻيو پنڌ جي ٿڪاوٽ، سو شهزادي کي
يڪدم ننڊ کڻي ويئي، ۽ مالهي به سمهي رهيو. مالهيءَ
کانسواءِ، ٻئي ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي ته راڪاس
ڪنهن ماريو.
پرهه ڦٽيءَ مهل هاري ناري ۽ ڪمي ڪاري ڪم تي ٿي ويا، ته ڏسن ته
راڪاس مُئو پيو آهي. انعام جي لالچ تي ڪو گاهه جو
ڏاٽو رت ۾ ڀريو وڃي، ڪو گـُڏ جو رنبو، کنيو وڃي،
ته ڪو ڪهاڙيءَ کي رت لائي، بادشاهه ڏانهن پيو وڃي.
دل ۾ اهو خيال هون ته جي بادشاهه ڌيءُ نه
پرڻائيندو ته به انعام سان ته گهر ڀري ڇڏيندو، ۽
گاهه پٺي ڪرڻ کان ڇٽي پونداسين. سو سڀڪو بادشاهه
کي اچي چوڻ لڳو ته ”سائين، راڪاس مون ماريو آهي،
مون کي انعام ڏنو وڃي.“ بادشاهه راڪاس جي مرڻ ڪري
خوش ته ٿيو، پر منجهي پيو ته هاڻي انعام ڪنهن کي
ڏيان. نيٺ وزير کان پڇيائين ته ”وزير، صلاح ڏي ته
انعام ڪنهن کي ڏيڻ گهرجي.“
وزير چوڻ لڳو، ”بادشاهه سلامت، ڏاٽن ۽ رنبن سان به ڪڏهن راڪاس
مئا آهن؟ باقي ڪهاڙيءَ واري همراهه جي ڪهاڙي تکي
ٿي ڏسجي- راڪاس پڪ انهيءَ ماريو آهي.“ تنهن تي
بادشاهه چيو ته ”جي راڪاس انهيءَ ماريو آهي، ته
هاڻي دير نه ڪريو! بس، مون انجام موجب ڌيءُ انهيءَ
کي ڏني، ۽ شاديءَ جي تياري ڪريو.“
بادشاهه جو حڪم ڏيڻ ۽ دهلن شرنائين جو وڄڻ، چوڌاري خوشيءَ جا هل
مچي ويا. گوڙ تي شهزادي جي اک کلي پيئي، ۽
باغائيءَ کان پڇڻ لڳو ته ”ڏي خبر، هي گوڙ ڇا جو
آهي؟“ دُهل شرنائيون ڇو پيون وڄن؟“ باغائيءَ چيو
ته ”توکي خبر ڪانهي ته راڪاس جي مارڻ لاءِ بادشاهه
وڏو انعام رکيو هو؟ هينئر بادشاهه کي ڪنهن ڪوڙ وڃي
ٻڌايو آهي ته راڪاس مون ماريو آهي، سو شايد
بادشاهه پنهنجي نياڻيءَ اُن سان ٿو پرڻائي.“
شهزادو ڳالهه ٻڌي، عجب ۾ پئجي ويو، ۽ مالهيءَ کي
چيائين ته ”هاڻ وارو ڪر- راڪاس کي ماريو مون ۽
پرڻجن ٿا ٻيا! اها ڳالهه ڏاڍي خراب ٿيندي....
تنهنڪري هاڻي ئي بادشاهه کي وڃي چؤ ته ’تڪڙ ڪري
نياڻي نه پرڻايو. انهيءَ راڪاس جو وڏو ڀاءُ
سانجهيءَ وير وٺڻ ضرور ايندو- ان کي جيڪو ماري، سڱ
به ان کي ڏجو.‘“ مالهي اُٿي ڀڳو، ۽ سارو ذڪر اچي
بادشاهه سان ڪيائين. ڪُهاڙي وارو، جو هيستائين
ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو، تنهن جا ته ڏند ئي ڀيڙجي
ويا، ۽ ٿڙڪڻ لڳو. بادشاهه ڳالهه ٻڌي، چيو ته ”واهه
جا ڳالهه ڪئي اٿئي. اڙي ڪهاڙيءَ وارا جوان!
سانجهيءَ تنهنجو ۽ راڪاس جي وڏي ڀاءُ جو مقابلو
آهي.“
ڪهاڙيءَ واري چيو، ”سائين مون توبهه ڪئي... اهو ته ٺهيو، پر
راڪاس جو ننڍو ڀاءُ به مون ڪونه ماريو هو! مون کي
جيئدان ملي!“ بادشاهه وڌي ڏاٽي واري ۽ رنبي واري
کان پڇيو ته ”اڙي، اوهان سچ چؤ، راڪاس ڪنهن ماريو
هو؟“ هو به خوف کان چوڻ لڳا ته ”بادشاهه سلامت
معافي ملي- اسان نه راڪاس ماريو آهي، نه ئي ڪا خبر
اٿئون ته ڪنهن ماريو!“ بادشاهه وري مالهيءَ کي چيو
ته ”تون ڀر ۾ هئين، ٻڌاءِ ته راڪاس ڪنهن ماريو
آهي؟“ مالهي چوڻ لڳو ”حضور! سچي حقيقت هيئن آهي ته
هڪڙو پرديسي جوان، جو مون وٽ مهمان آهي، اُنهيءَ
ئي هيءَ مڙسي ڪئي آهي، ۽ انعام به ان کي ئي ڏنو
وڃي.“ آخر بادشاهه ان نوجوان کي گهرايو. شهزادو به
ٺهي ٺڪي، بادشاهه وٽ اچي حاضر ٿيو. بادشاهه هن کي
پري کان ڏسي، دل ئي دل ۾ هن کي داد ڏيڻ لڳو. ويجهو
اچڻ تي، شهزادي کان پڇيائين ته ”اي نوجوان، راڪاس
تو ماريو آهي؟“ شهزادي هائوڪار ڪئي. تنهن تي
بادشاهه چيس ته ”سانجهيءَ ان راڪاس جو وڏو ڀاءُ
اچڻو آهي، ان سان مقابلو ڪر، ته وعدي موجب توکي
انعام ڏنو وڃي.“ شهزادي اها ڳالهه ٻڌي، کلي ڏنو.
بادشاهه پڇيس ته ”کلين ڇو ٿو؟“ تنهن تي شهزادي چيس
ته، ”سائين راڪاس جو ڪوبه ننڍو وڏو ڀاءُ ڪونهي...
هو ته نامراد هڪڙو ئي هو، جو ڍير ٿيو، ٻاهر ڪنو
پيو ٿئي! مون کي اوهان جي انعام جي بلڪل خبر ڪانه
هئي، پر جڏهن دهل شرنائيون ٻڌم، تڏهن اوهان جي
مالهيءَ کان پڇيم، جنهن ساري ڳالهه ڪري ٻڌائي.
انهيءَ کي مون ٻئي راڪاس جي اچڻ جو چئي، اوهان
ڏانهن موڪليو هو، ته جيئن اُهي ڪوڙا رستم ڀڄي وڃن،
۽ انعام حقدار کي ملي.“ بادشاهه هن جي ڳالهائڻ جي
فضيلت، بهادري ۽ عقل مان سمجهي ويو ته هي ڪو
بادشاهي ٻار آهي، ۽ دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو ته ههڙو عقل
وارو ناٺي ته مون کي ڳوليو به ڪونه لڀندو. پوءِ
يڪدم شاديءَ جو حڪم ڏنائين، ۽ ڏاڍي ڌام ڌوم سان
شهزادي جي شادي ٿي ويئي ۽ اڌ بادشاهي به مليس.
گهوٽ ڪنوار ڏاڍا خوش گذارڻ لڳا، نه ڳڻتي نه اوسيئڙو، قادر جي
قدرت آهي- ڪڏهن ڏک ڪڏهن سک، ڪڏهن روئڻ ۽ ڪڏهن کلڻ
جو وارو ايندو آهي. شهزاديءَ جي ماءُ گذاري ويئي
هئي، باقي ماٽيجون مائون هيس، سي سندن ايڏو قرب
ڏسي، دل ۾ سڙڻ لڳيون ۽ هن کي اُٿندي ويهندي، ستائڻ
۽ بيزار ڪرڻ لڳيون. شهزادي ويچاري هنن جا عذاب سهي
سهي، هڪڙي ڏينهن شهزادي وٽ آئي، ۽ روئي اچي
چيائينس ته ”هاڻ هنن منهنجو هتي رهڻ زهر ڪري ڇڏيو
آهي؛ منهنجي مرضي آهي ته پاڻ هي شهر ڇڏي ڪنهن ٻئي
پاسي هلي رهون... اُتي نه هي هونديون ۽ نه ڪجهه
ڪري سگهنديون.“ شهزادي جو زال سان گهڻو پيار هوندو
هو، تنهن يڪدم کڻي ڳالهه منظور ڪئي. پوءِ بادشاهه
کان موڪلائي، ٻيئي زال مڙس، خدا تي توڪل رکي، اُٿي
پنڌ پيا. هلندي هلندي، آخر ڪنهن ٻيءَ بادشاهيءَ ۾
وڃي پهتا، ۽ اُتي ڪا جاءِ وٺي رهڻ لڳا. شهزادو دل
۾ چوڻ لڳو ته کاڌي کوهه به کٽي ويندا آهن، چڱو
ائين ٿيندو ته ڪا نوڪري هٿ ڪري، مزي سان وقت
گذارجي. هڪ ڏينهن پڪو ارادو ڪري، اُن شهر جي
بادشاهه وٽ لنگهي ويو، ۽ نوڪريءَ لاءِ عرض
ڪيائينس. بادشاهه هن کي پاڻ وٽ پهريدار ڪري رکيو.
بادشاهه جي محلات تي ٽي ٻيا به چوڪيدار هئا. بادشاهه شهر جي
واءَ سواءَ لهڻ لاءِ، ڪڏهن ڪڏهن چمڙا پوش ڪري، پاڻ
وڃي شهر گهمندو هو. شهزادي جي عادت هئي، جو محلات
تي پهري جو پهرو پورو ڪري، وري پاڻمرادو اچي شهر
تي پهرو ڏيندو هو. بادشاهه هن کي ڪيئي دفعا ائين
ڪندو ڏسي، دل ۾ چوڻ لڳو ”هي ڪهڙو نه حلالي آهي، جو
سڄي رات پهرو ڏئي ٿو، پر مون کي ڪڏهن به نٿو
ٻڌائي.“ تنهنڪري بادشاهه هن تي مهربان ٿيڻ لڳو.
شهزادي جي گهر ۾ اميدواري هئي، ۽ وقت تي کيس سدا
سهڻو پٽڙو ڄائو. ڏينهن گذرندا رهيا، ۽ بادشاهه هن
تي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مهربان ٿيندو ويو. هڪڙيءَ
رات شهزادو محلات جي پهري کان واندو ٿي، شهر تي
چؤنڪي ڏيڻ ويو. چونڪي ڏيندي، ڇا ٿو ڏسي ته هڪ مائي
آهي، جا عاليشان ڪپڙن ۽ سونن زيورن سان جنجهي،
بادشاهه جي محلات مان ٻاهر نڪريو ٿي وڃي. مائيءَ
کي ويجهو اچي، شهزادي چيو ته ”اي مائي! هن بيگاهه
وقت، اڪيلي ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ پر مائيءَ ڪوبه جواب
نه ڏنو، ۽ ماٺ ڪري هلندي رهي. شهزادي وري هڪل ڪري
چيس، ”اي مائي! هن وقت ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ تنهن تي
مائيءَ وراڻيو ته ”آءٌ بادشاهه جي لڇمي آهيان، ۽
مان هينئر بادشاهه کان ڪاوڙجي وڃي رهي آهيان.“
قدرت خدا جي، اُن وقت بادشاهه به گهمندو ڦرندو،
اُتي اچي، لڪي لڪي، انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳو.
شهزادو مائيءَ جي ڳالهه ٻڌي، ارمان ڪرڻ لڳو.
مائيءَ کي گهڻو ئي روڪيائين، پر هُن هڪ به نه ٻڌي.
شهزادي پنهنجي بادشاهه جي لڇمي ويندي ڏسي، مائيءَ
کي چيو ته ”نيٺ تون ڪنهن قول تي موٽيندينءَ به؟“
مائيءَ چيو ته ”هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجي
اڳيان پنهنجو پٽ ڪهي، بادشاهه تان قربان ڪري، ته
آءٌ وري بادشاهه وٽ موٽي وينديس.“ شهزادي چيس ته
”مون کي تنهنجو شرط قبول آهي.“ شهزادو مائيءَ کي
اُتي ترسائي، پاڻ ڊوڙندو آيو، ۽ پنهنجي زال کي اچي
چيائين ته ”اڄ پنهنجي بادشاهه جي لڇمي ٿي هن کان
رسيو وڃي، تنهنڪري بادشاهه جي لڇمي ورائڻ لاءِ
پنهنجي ٻچڙي جي قرباني ڪرڻي آهي.... سو تون رنج نه
ٿجانءِ.“ شهزادي جي زال چيو ته ”آءٌ به توهان جي،
هيءَ شيءِ به توهان جي... جنهن ۾ توهين خوش، اُن ۾
اسين اڳي ئي خوش آهيون.“ پوءِ شهزادي يڪدم پنهنجو
معصومڙو کڻي اچي اُن مائيءَ جي اڳيان ڪٺو، ۽ مائي
هن جي هيءَ قرباني ڏسي واپس محلات ڏانهن هلي ويئي.
بادشاهه هن جي ايڏي وفاداري ڏسي حيران ٿي ويو. دل
۾ چيائين ته ”اڳي سڄي رات پهرو ڏيندو هو پر ڳالهه
نه ڪندو هو... ۽ اڄ ته ههڙي قرباني ڪئي اٿس، سو
صبح جو ضرور ڳالهه اچي ڪندو.“
شهزادو سڄي رات پهرو ڏيئي، صبح جو مئل پٽڙي کي کڻي، اُٿي گهر
ڏانهن هليو. ان کي غسل ڏيئي، زمين جي حوالي
ڪيائين، ۽ پوءِ اُٿي بادشاهه جي ڪچهريءَ ڏانهن
هليو. ڪجهه دير ٿي ويئي هئس، ۽ ماٺ ڪري اچي درٻار
۾ ويهي رهيو. بادشاهه دل ۾ چيو ته اجهو ٿو راتوڪي
ڳالهه ڪري... پر ڏسندي ڏسندي، ڪچهري اُٿڻ جو وقت
ٿي ويو، پر شهزادي ڪڇيو به ڪونه. بادشاهه کي ماٺ
اچي ويئي. دل ۾ چوڻ لڳو ته اهڙي حلال پائي پنهنجو
پٽ به ڪونه ڪندو- هن کي ضرور نيڪ بدلو ڏيڻ گهرجي.
ٻيو ڏينهن ٿيو، بادشاهه پنهنجي اڳئين وڏي وزير کي ڪڍي، هن کي
پنهنجو وڏو وزير مقرر ڪيو ۽ کيس گهڻا انعام اڪرام
ڏيئي خوش ڪيائين. شهزادو ته پنهنجي ايمانداريءَ
سان وزارت هلائڻ لڳو، پر اڳئين وزير کي اچي ساڙ
ٿيو، سو هن کي نقصان رسائڻ لاءِ بهانا ڳولڻ لڳو.
هڪڙي ڏينهن، بادشاهه جو مالهي بادشاهه کي اچي چوڻ
لڳو ته ”سائين اوهان جي باغ ۾ جيڪو سهڻن گلن وارو
وڻ آهي، تنهن کي الائي ڇا ٿي ويو آهي، جو روز بروز
سـُڪندو وڃي ٿو؛ مون گهڻا علاج ڪيا آهن، پر مون
کان زور آهي، ۽ هاڻي ته صفا سُڪڻ ۾ آهي- مهرباني
ڪري ان جو علاج ڪرايو. بادشاهه ته ڪوبه ڌيان ڪونه
ڏنو. مالهيءَ به ٻه ٽي ڀيرا بادشاهه کي ساڳيو عرض
ڪيو، پر بادشاهه ڌيان ئي نه ڏئي. اُتي ڪچهريءَ ۾
ٻئي ملڪ جو هڪ سوداگر به ويٺو هو، جنهن مالهيءَ کي
چيو ته ”ابا، انهيءَ وڻ جو علاج هي آهي ته ڪي سَتي
جَتي زال مڙس انهيءَ وڻ جي پاڙ ۾ وهنجن، ته ان کي
بيماري ڇڏي ويندي.“
بادشاهه سوداگر جي ڳالهه ٻڌي، نوڪرن کي ستي جتي زال مڙس آڻڻ جو
حڪم ڏنو. پر شهزادي، نوڪرن کي روڪي، بادشاهه کي
چيو ته ”سائين اجائي تڪليف ڪرڻ جو ضرور ڪونهي؛
منهنجي زال ۽ مان جيئن ڄاوا آهيون، تيئن ڪنهن ٻئي
انسان جو انگ نه ڏٺو اٿئون، تنهنڪري اسان ئي
انهيءَ ڪم جي پورائي ڪنداسين اتي اڳئين وزير کي
وير وٺڻ جو بهانو هٿ اچي ويو، سو بادشاهه کي
چيائين ته ”سائين، هي ڪوڙ ٿو ڳالهائي. هن جي زال
بدچلن آهي- ٻيو ته ٺهيو، خود مون سان به لحاظ اٿس.
اوهان دانشمند هوندي به، هن جي ڳالهه تي کڻي
اعتبار ڪيو آهي.“ شهزادي ڳالهه ٻڌي، بادشاهه کي
چيو ته ”سائين اسان جو هڪ خدا شاهد آهي، هي ناحق
بهتان ٿو هڻي؛ هن وٽ ڪا به ثابتي ڪانهي.“ تنهن تي
بادشاهه اڳئين وزير کي چيو ته ”چڱو، تون هن جي زال
جي ڪا پڪي نشاني ڏيکار، نه ته توکي ڦاسيءَ تي
لٽڪايو ويندو.“ وزير چئن پنجن ڏينهن جي مهلت گهري،
۽ خوش ٿي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. ناڻي جا
ٿيلها ڀري، هڪ وڏي ڌوتي ٿي سجهيس، اُن وٽ آيو. ان
کي چيائين ته ”تون بادشاهه جي وزير جي زال جون ڪي
بدن جون خاص نشانيون ڏسي اچي ٻڌاءِ، ته هن کان به
وڌيڪ انعام ملندءِ.“ ڌوتي ايترا پيسا ڏسي، يڪدم
تيار ٿي ويئي، ۽ هن کي چيائين ته ”بس، ڳالهه به
ايتري! تون ٽئين ڏينهن نشانيون لهڻين.“
پوءِ ڌوتيءَ ڇا ڪيو، جو عاليشان ڪپڙا کڻي سبايائين ۽ ٻيو به
سوکڙيءَ پاکڙيءَ جهڙو سامان تيار ڪيائين، ۽ نوڪر
چاڪر ساڻ ڪري، وڏي ٺٺ ٺاهه سان اُٿي وزير جي زال
ڏانهن هلي. محلات جي اندر نياپو ڏياري موڪليائين
ته ”تنهنجي ماسي، جا فلاڻيءَ ولايت ۾ هئي، سا اڄ
توکي ملڻ آئي آهي.“ شهزادي جي زال جي ماسي ته هئي
ڪانه، پر سمجهيائين ته ’آءٌ ننڍي آهيان، شايد مون
نه ڏٺي هجي- منهنجي ماسي ئي هوندي.‘ سو ٻانهيون
موڪليائين ته يڪدم وٺي اچوس. ڌوتيءَ، اندر اچي،
روئيندي ڀاڪر پاتس، ۽ هن کي هيڏانهن هوڏانهن جون
لهواريون اوڀاريون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳي. شهزادي جي
زال جو به گمان لهي ويو، ۽ هن کي سڳي ماسي سمجهڻ
لڳي، ۽ ويهي هن کي پنهنجو حال احوال ٻڌائڻ لڳي.
مطلب ته ڌوتيءَ پيار ڏيئي، هن جا سڀئي شڪ شبها دور
ڪري ڇڏيا. پوءِ، ڌوتي رات به اُتي رهي پيئي. جڏهن
صبح ٿيو، تڏهن شهزادي جي زال کي چيائين ته ”اچ ته،
اما، پاڻ گڏجي وهنجون.“ هوءَ به ويچاري ماسيءَ جي
مرضي ڏسي، ڪنڌ نه ڪڍائي سگهي، ۽ ٻيئي گڏجي وهنجڻ
لڳيون. وهنجندي، ڌوتيءَ هن جي چيلهه تي بيٺل تِر
تاڙي ورتو. وهنجي سهنجي، ٻيئي اچي ماني کائڻ
لڳيون. ماني کائيندي، ڌوتيءَ جي اک اوچتو وڃي هڪ
عاليشان ڪؤنري تي پيئي. شهزادي جي زال کان پڇيائين
ته ”اما، هي ڪؤنرو ڪٿان آندو اٿئي؟“ هن چيو ته
”ماسي اهو بادشاهه منهنجي مڙس کي سوکڙي ڪري ڏنو
آهي.“ تنهن تي ڌوتي چوڻ لڳي ته ”اما، اهو ڪؤنرو ته
مون کي ڏي- تنهنجي ڪا نشاني مون ماسيءَ وٽ به
رهي!“ شهزادي جي زال دل ۾ چوڻ لڳي ته ’هاڻي ڪيئن
ڪريان، ڪؤنرو ڏينديس، ته مڙس ناراض ٿيندو، جو هن
کي بادشاهه سوکڙي ڪري ڏنو آهي، ۽ جي نه ڏينديس، ته
ماسي چوندي ته هيتريءَ دنيا هوندي، هڪ ننڍو ڪؤنرو
نٿي ڏئي.‘ نيٺ ڌوتيءَ کي چيائين ته ”ماسي، ڀلي-
ڪؤنري جي ڳالهه آهي- کڻي وڃ.“ ڌوتي، اهو ڏينهن به
سڄو اتي رهي شهزاديءَ کان موڪلائي، اُٿي هلي، ۽
سڌو اچي اڳئين وزير کي نشاني به ٻڌايائين، ۽ ڪؤنرو
به هٿ ۾ ڏنائينس.
وزير ڏٺو ته خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي- چي، ”ٻه چار پئسا ويا ته ڇا
ٿيو، بادشاهه جي اڳيان ته سچو ٿيندس.“ سو ڏاڍو دهل
دمام وڄائي، وڏي ڪَر فَر سان اُٿي، بادشاهه ڏانهن
هليو. بادشاهي ڪچهري ۾ اچي، شهزادي جي منهن تي
بادشاهه کي چيائين ته ”سائين، هن کان پڇو ته برابر
هن جي زال کي چيلهه ۾ ڪارو تِر آهي؟“ بادشاهه
شهزادي کان پڇيو، جنهن هاڪار ڪئي؛ پوءِ ڪؤنرو ڪڍي،
کڻي بادشاهه جي اڳيان رکيائين- چي، ”سائين، هيءَ
اَٿو ٻي نشاني.“ بادشاهه ڏٺو ته برابر هي سچو آهي،
هي ڪونرو به مون ئي شهزادي کي سوکڙي ڪري ڏنو هو-
سو، يڪدم شهزادي کي وزيريءَ تان لاهي، کڻي هٿڪڙيون
هڻايائينس، ۽ اڳئين وزير کي وري وزيري ڏيئي
ڇڏيائين.
جڏهن وزير دهل شرنائيون وڄائيندو، بادشاهه ڏانهن ٿي ويو، تڏهن
شهزادي جي زال هڪ ٻانهي موڪلي، ته وڃي حقيقت لهي
اچ ته هي اوچتا دهُل دماما ڇا جي ڪري پيا وڄن.
ٻانهيءَ وڃي پڇا ڪري ڳالهه معلوم ڪئي، ۽ موٽي اچي
هن کي ٻڌايائين ته ”اڳئين وزير کي ههڙيءَ طرح
وزيري ملي آهي، ۽ تنهنجو مڙس ڦاسيءَ ٿو چڙهي.“
شهزادي جي زال اها ڳالهه ٻڌي، اُمالڪ کڻي گوڏن تي
ڌڪ هنيو- ڇو ته پنهنجي وڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب.
آخر سوچ ويچار ڪري، بادشاهه جي خاص رقاصه وٽ آئي، ۽ هن کي
روئيندي چيائين ته ”ههڙيءَ طرح منهنجي سر جو سهارو
ٿو ڦاسيءَ چڙهي، خدا جي نالي منهنجي مدد ڪر.“
رقاصه هن کي بيحال ٿيندو ڏسي، کيس دم دلاسا ڏنا، ۽
پوءِ هن سان صلاح ڪري تيار ٿي، بادشاهه وٽ ويئي، ۽
چيائين ته ”بادشاهه سلامت، منهنجي ڀيڻ اوهان جي
ڪچهريءَ ۾ ڳائڻ لاءِ پري کان ڪشالا ڪري، هتي آئي
آهي- اوهان پاڻ وٽ اچڻ جي مهرباني ڪري اجازت
ڏيوس.“ تنهن تي بادشاهه چيو ته ”تنهنجو راڳ ته
روزانو پيا ٻڌون؛ اڄ تنهنجي ڀيڻ جو نئون آواز ۽
نئين صدا ٻڌبي.“
شهزادي، هار سينگار ڪري، بادشاهي ڪچهري ۾ ويئي. سامهون مڙس کي
ٻڌل ڏسي، اکين مان آب وهڻ لڳس. شهزادو به هن کي
ڏسي سڙي ويو، ۽ اکين مان ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو. بادشاهه
هن کي ڳائڻ لاءِ حڪم ڏنو. بس ساز سرود وڄڻ شروع ٿي
ويا. شهزادي جي زال اهڙو ته دردي راڳ ڳايو، جو
بادشاهه کي لونئن لونئن ۾ چڀي ويو، هن کي چيائين
ته ”گهر جيڪي گهرڻو هجيئي.“ تنهن تي شهزادي جي زال
چوڻ لڳي ته ”بادشاهه سلامت، مون کي ٽڪي ٽڪر جي بک
ڪانهي، مان اوهان جو نالو ٻڌي، پري کان ڪشالا ڪڍي،
اوهان وٽ فرياد کڻي آئي آهيان. خدا لڳ مون مسڪين
جو عرض اونايو.“ بادشاهه چيو ته ”توکي جيڪي چوڻو
هجي، سو بنا ڊپ چئي ڏي... مان تنهنجو انصاف ضرور
ڪندس.“ تنهن تي شهزادي جي زال روئي چوڻ لڳي ته
”سائين منهنجا، آءٌ اوهان جي ڀر واري بادشاهه جي
ڪچهري ۾ راڳ ڳائيندي آهيان، هڪ ڏينهن هي اوهان جو
وزير مون وٽ آيو، ۽ منهنجو راڳ ٻڌي، منهنجا هيترا
هيترا پيسا ۽ مڻيا منڊيون چوري ڪري، ڀڄي هتي آيو
آهي- مان سائينءَ جن کي اها دانهن ڏيڻ آئي آهيان،
ته جيئن اوهان مون کي پنهنجو حق ڏيو.“ بادشاهه،
ڳالهه ٻڌي، وزير کان ڪڙڪو ڪري پڇيو ته ”ڳالهه ڇا
آهي؟“ تنهن تي وزير چيو، ”سائين، هيءَ الائي ڪير
آهي، ۽ ڪٿان آئي آهي... مان ته هن کي سڃاڻان به
ڪونه ٿو. هيءَ مون کي ناحق بدنام ٿي ڪري.“ وزير جي
ڳالهه ٻڌي، شهزادي جي زال چيو ته ”سائين، اوهان جو
وزير ڪوڙ ٿو ڳالهائي، هن کان قسم ڀرائي پڇو ته هن
کان اڳ هن مون کي ڪڏهن ڏٺو به نه آهي، يا منهنجي
سامان جي چوري نه ڪئي آهي؟“ وزير ڏهه قرآن مٿي تي
کڻي بيهي رهيو- چي، ”سائين! مون هن جي نه چوري ڪئي
آهي، ۽ نه هن کي يا عمر ڪڏهن ڏٺو اٿم- مان هن کي
سڃاڻان به ڪونه ٿو.“ اُتي شهزادي جي زال يڪدم چيو
ته ”سائين، جي هن مون کي ڪڏهن به نه ڏٺو آهي، ته
پوءِ منهنجو بيگناهه مڙس ڇو ٿو ڦاسيءَ چڙهي؟“ اُتي
وزير جون ٻه به ويون، ته ڇهه به ويون. دل ۾ چيائين
ته ’هاءِ! تنهن کان هن کي اُهي پيسا ڀري ڏيان ها،
ته وزيري ته نه وڃي ها.‘ بادشاهه يڪدم هن کي
ڦاسيءَ جو حڪم ڏنو، ۽ شهزادي کي يڪدم وڏي ڌام ڌوم
سان پاڻ وٽ ساڳيو وزير مقرر ڪري رکيائين، ۽ وڏا
وڏا انعام ڏيئي، هن کي خوش ڪيائين... ۽ پوءِ
شهزادو ۽ سندس زال اڳئين وانگر پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي
ويا.
ٿوري گهڻي ڏينهين، بادشاهه کان موڪلائي، شهزادو شهزاديءَ سميت
پنهنجي اصل ملڪ موٽي آيو، ۽ اچي پنهنجي پيءُ سان
مليو، جيڪو راڻين جي چوڻ پٺيان، اٻهرو ٿي هيڪر ته
هن جي قتل جو حڪم ڏيئي ويٺو هو، پر پوءِ ترت ئي
معاملي کي سمجهي ويو هو، ۽ ڏاڍو پڇتايو هئائين، ۽
روئي روئي اکين جو نور به وڃائي ويٺو هو. هنن
وڻواند راڻين کي به اڳيئي ملڪ نيڪالي ڏياري ڇڏي
هئائين... ۽ هاڻ جو پنهنجو سڪيلڌو پٽ هيئن جيئرو
جاڳندو پنهنجي اڳيان ڏٺائين سو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽
هڪدم هن کي پنهنجي مهاراڻيءَ وٽ وٺي ويو، ۽ وڃڻ
سان وري به وڃي هن کان روئي معافي ورتائين... ۽
پوءِ هو سڀ گڏجي هميشه هميشه پنهنجي عزت آبروءَ ۽
راڄ ڀاڳ سان خوش گذارڻ لڳا.
●●● |