سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون -1

باب: -

صفحو :3

 

گل بادشاهه، شوق شهزادو

گل بادشاهه کي ست زالون  هيون، ٻيون سڀ زالون بنان اولاد هيون، مگر هڪڙي پيرين هئي؛ تنهنڪري ٻين دل ۾ خيال ڪيو ته ’جي هن کي پٽ ڄائو، ته بادشاهه هن کي وڌيڪ گهرندو، ۽ اسان بادشاهه کي نه وڻنديونسين.‘ سو، هنن ڇا ڪيو جو گاهيءَ کي لب لالچ ڏيئي، حڪم ڪيائون ته ”روز بادشاهه جو هڪ گهوڙو ماري، راڻيءَ جي محل ۾ ان جا هڏا پوري ايندو ڪر.“ اهڙيءَ طرح بادشاهه جا گهوڙا، هڪ هڪ ٿي کٽندا ويا. جڏهن بادشاهه کي ان ڳالهه جي خبر پيئي، تڏهن بادشاهه ۽ سندس وزير، سڀ منجهي پيا ته ’گهوڙا ڪيڏانهن ٿا وڃن!‘ هڪڙي ڏينهن ڇهن راڻين بادشاهه کي صلاح ڏني ته گهوڙن جي ڳولا لاءِ ڪو نجومي گهرائڻ گهرجي، پوءِ پاڻهي خبر پئجي ويندي. بادشاهه وزير کي حڪم ڏنو ۽ نجومي گهرايو ويو.

نجوميءَ کي راڻين اڳيئي سيکاري ڇڏيو هو؛ سو جڏهن بادشاهه نجوميءَ سان سڄي حقيقت ڪئي، ته نجوميءَ حساب ڪري، بادشاهه کي چيو ته ”سائين اوهان جي محلات ۾ هڪڙي پيرين ڀاري راڻي آهي، انهيءَ  گهوڙا ماري انهن جا هنيانءَ کاڌا آهن. منهنجو علم ٿو چوي ته گهوڙن جا هڏا راڻيءَ جي محلات ۾ پوريل آهن.“ بادشاهه ۽ وزير ۽ ٻيا نوڪر چاڪر سڀئي انهيءَ راڻيءَ جي محلات ڏي ويا، ۽ جتي نجوميءَ چين، اتي کوٽي ڏسن ته برابر هڏا پيا آهن. اهو ڏسي، بادشاهه ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ حڪم ڪيائين ته ”هن ڏائڻ کي ڪنهن رڻ پٽ ۾ ڦٽو ڪري اچو.“ حڪم ملڻ شرط، وزير راڻيءَ جون اکيون ٻڌي، کين پنهنجي بادشاهيءَ کان ٻاهر، ڪنهن ڏورانهن رڻ پٽ ۾ ڦٽو ڪري آيو.

راڻيءَ جڏهن اکيون کوليون، ته ڏٺائين ته چوڌاري رڻ بيابان لڳو پيو آهي. نيٺ ويچاري هڪ پاسي منهن ڪري اٿي هلي. هلندي هلندي، هڪ جهنگ ۾ اچي پهتي، اتي هن کي ويم جا سور به ٿيا. لاچار ٻي ڪا واهه نه ڏسي، هڪڙي وڻ هيٺ ويهي رهي. قدرت سان انهيءَ ڏينهن راڻيءَ کي پٽ ڄائو. راڻيءَ، پنهنجو رئو ڦاڙي، ٻار جا ٻنڌڻا وغيره ٺاهيا، ۽ پنهنجو گذران جهنگلي ميوي تي ڪرڻ لڳي. ٿورا گهڻا ڏينهن گذريا، ته ان ملڪ جو بادشاهه، شڪار ڪندي، اتان اچي لانگهائو ٿيو. بادشاهه جو پيري ڪُتو، سڀني جي اڳيان پئي آيو، سو اوچتو هڪ هنڌ بيهي ڀونڪڻ لڳو. بادشاهه وزير کي حڪم ڪيو ته ”وزير، ڏس ته ڪتو ڇا تي پيو ڀونڪي؟“ وزير، سٽ پائي وڃي، ڏسي ته ڪتو هڪ وڻ جي جهڳٽي جي ٻاهران بيهي ڀونڪي رهيو آهي. وزير لنگهي جهڳٽڪي جي اندر ويو، ته راڻيءَ اندران هڪل ڪيس ته ”هيڏانهن نه اچج، جو آءُ بي سُرتي آهيان.“ وزير، جو ههڙي جهنگ ۾ عورت جو آواز ٻڌو، سو اچرج ۾ پئجي ويو، ۽ سڌو وڃي بادشاهه کي حقيقت ٻڌايائين. بادشاهه هڪدم هڪ چادر کنئي، ۽ پاڻ اڪيلو اوڏانهن ويو. ٻاهران بيهي، هڪل ڪري چيائين ته ”مائي! هيءَ چادر وٺ، ۽ ڍڪي ٻاهر اچ. آءٌ هتي جو بادشاهه هيان، ۽ تون ڪوبه الڪو نه ڪر- تون منهنجي ڀيڻ آهين.“ راڻي چادر ڍڪي، ٻاهر آئي، ۽ ادب سان بادشاهه کي سلام ڪري بيهي رهي. بادشاهه هن کان سموري حقيقت پڇي، ۽ راڻيءَ به سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايس... جنهن جي ٻڌڻ سان بادشاهه کي ڏاڍو رحم اچي ويو، ۽ پوءِ وڌيڪ شڪار ڪرڻ بند ڪري، راڻيءَ کي پاڻ سان گڏ پنهنجي محلات ڏي وٺي ويو.

ٿورا گهڻا ڏينهن گذريا، ته ڇوڪرو وڏو ٿيو، ۽ ٻين بادشاهي ٻارن سان راند روند ڪرڻ پيو ويندو هو. راند ڪندي ڇوڪرن کي چوندو هو ته ”مان اوهان جو بادشاهه آهيان.“ تنهن تي ڇوڪرا چوندا هئس ته ”تون ڪنهن جو پٽ آهين، تنهنجو پيءُ ڪٿي آهي؟“ ڪيترا ڏينهن ته ڇوڪرو ماٺ ڪري ويندو هو، پر نيٺ هڪ ڏينهن ڪاوڙجي، وڃي ماءُ کي چيائين ته ”اما! منهنجو پيءُ ڪير آهي، ۽ ڪٿي آهي؟“ راڻيءَ هن کي سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي ته ”تنهنجو پيءُ ڀر واري ملڪ جو بادشاهه آهي، ۽ هن جي ڇهن راڻين اسان سان ظلم ڪري، اتان اسان کي لوڌي ڪڍيو آهي.“ ڇوڪري اها حقيقت ٻڌي تمام گهڻو ارمان ڪيو، ۽ نيٺ ڪجهه سوچ ڪري، ماءُ کي چيائين ته ”اما، مون کي هڪڙو گهوڙو ۽ ترار وٺي ڏي، ته آءٌ بابا وٽ ٿو وڃان.“ پهريائين ته ماءُ پٽ کي گهڻو ئي سمجهايو، پر نيٺ هو جڏهن نه مڙيو، تڏهن بادشاهه کان هڪڙو گهوڙو ۽ ترار وٺي، پٽ کي ڏنائين. ڇوڪرو گهوڙي تي چڙهي پنهنجي پيءُ جي بادشاهيءَ ڏانهن روانو ٿيو، نيٺ اچي اتي پهتو، ۽ وڃي درٻار ۾ حاضر ٿيو. قدرت سان، بادشاهه ڪو سخت بيمار هو، ۽ بيماري به اهڙي موذي هئي، جنهن جي لاءِ حڪيمن ڏس ڏنو هو ته ’ان جو ٻيو ته ڪو به علاج ڪونه آهي، باقي جيڪڏهن سامونڊي گهوڙي جو رت ملي پوي، ۽ بادشاهه اهو رت پئي، ته چاق چڱو ڀلو ٿي پوي.‘ بادشاهه انهيءَ لاءِ سڄي شهر ۾ پڙهو ڏياريو هو ته جيڪو سامونڊي گهوڙي جو رت آڻي ڏيندو، تنهن کي مالامال ڪيو ويندو؛ مگر ڪنهن جي همت ڪانه ٿي ته ڪو ايڏي مسافري ڪري- ۽ وري ڪنهن کي اها به خبر ڪانه هئي ته سامونڊي گهوڙا ٿين ڪٿي ٿا. نيٺ بادشاهه، جنهن کي تنهن وچ ۾ ڇهن راڻين مان ڇهه پٽ ٻيا به ڄاوا هئا، تنهن پنهنجن پٽن کي گهرائي، سامونڊي گهوڙي جي آڻڻ لاءِ چيو؛ جي ٺهي سنبري، مسافريءَ تي نڪتا هئا، ته مٿان شهزادو به اچي پنهنجي پيءُ وٽ پهتو هو.

بادشاهه، جو بيمار هو، تنهن ائين ئي شهزادي کان پڇيو ته ”اي جوان! تون ڪير آهين، ۽ مون ۾ ڪهڙو ڪم اٿيئي؟“ ڇوڪري بادشاهه کي ورندي ڏني ته ”سائين، منهنجو نالو ’شوق‘ آهي ۽ آءٌ گل بادشاهه جو پٽ آهيان.“ بادشاهه بيماريءَ ۾ تمام ڪمزور هو، تنهنڪري وڌيڪ بحث ڪري نه سگهيو، پر ايترو سو چيائين ته ”جيڪڏهن منهنجو پٽ آهين، ته جئين منهنجا ڇهه پٽ اڳي ئي ويا آهن، تيئن تون به وڃ، ۽ منهنجي لاءِ سامونڊي گهوڙو ڳولي آءُ.“ اهو ٻڌي، ڇوڪري دل ۾ خيال ڪيو ته ’مڙسي ڏيکارڻ جي مهل هيءَ آهي- پنهنجي پيءُ کي به شفاياب ڪندس، ۽ منهنجو منهن به مٿي ٿيندو.‘ اهو خيال ڪري، ڀائرن جو ڏس پڇي، اٿي اوڏانهن روانو ٿيو. ٿوري پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، هن کي ڇهه ئي ڀائر گڏيا، جن کانئس پڇيو ته ”تون ڪير آهين؟“ شهزادي وراڻي ڏني ته ”منهنجو نالو ’شوق‘ شهزادو آهي، ۽ جنهن جا اوهين پٽ آهيو، تنهن جو آءٌ به پٽ آهيان. آءٌ به بادشاهه سلامت جي بيماريءَ لاءِ سامونڊي گهوڙي جو رت آڻڻ لاءِ اوهان سان گڏجي هلان ٿو.“ شهزادن، جو اهو ٻڌو، سو اچي حسد جاڳين، ۽ شوق شهزادي کي چيائون ته ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين، تنهنڪري اسان سان نه هل.“ شهزادي گهڻوئي چين، پر ڇهه ئي شهزادا پنهنجا گهوڙا تکا ڊوڙائي هليا ويا، جهٽ پٽ نظرن کان غائب ٿي ويا.

جڏهن ڇهه ئي شهزادا نظر کان غائب ٿي ويا، تڏهن شوق شهزادو به، الله تي توڪل ڪري، هڪ پاسي منهن ڪري اٿي هليو. هلندي هلندي، هڪ باغ ۾ اچي پهتو، ۽ باغ اندر ڏسي ته هڪڙي ماڙي بيٺي آهي. هن دل ۾ خيال ڪيو ته هتي ڪجهه ڏينهن به ٺارجي ۽ هتان ڏس پتو پڇي پوءِ اڳتي هلجي؛ سو اڳتي وڌي، وڃي ماڙيءَ جو دروازو کڙڪايائين. دروازي کڙڪائڻ سان، هڪ ڇوڪري لهي آئي ۽ هڪ آدمزاد کي ڏسي حيران ٿي ويئي. نيٺ پڇيائينس ته ”تون ڪير آهين ۽ هتي ڪيئن آيو آهين؟“ ڇوڪر ورندي ڏني ته ”منهنجو نالو شوق شهزادو آهي، ۽ آءٌ ٿڪجي پيو آهيان، سو ڪجهه وقت آرام ڪندس.“ ڇوڪريءَ چيس ته ”هن ماڙيءَ ۾ ست ديو ٿا رهن، جي اجهي آيا ڪي آيا، سو تون هتان ڀڄي وڃ، نه ته توکي ماري کائي ڇڏيندا.“ ڇوڪريءَ کي شهزادي چيو ته ”انهيءَ جي ته مون کي پرواهه ڪانهي، پر مون کي بک لڳي آهي، سو ڪجهه هجي، ته آڻي کاراءِ.“ ڇوڪريءَ هن کي ميوا وغيره آڻي ڏنا، جي هن کائي ڍؤ ڪيا، ۽ پوءِ باغ ۾ وڃي هڪ وڻ هيٺ ويهي رهيو. ڪا مهل ٿي ته ست ئي ديو به سٽيندا، اچي باغ ۾ گهڙيا. اوچتو هڪڙي ديو جي شهزادي تي نظر پئجي ويئي، سو هڪل ڪري پنهنجو گرز کڻي شهزادي تي وريو. شهزادو به اڳي ئي هوشيار ٿيو بيٺو هو، سو وارو بچائي، هڪدم پٺيان کڻي جو پنهنجو ڏنڊو هنيائينس، ته ديو ڌو منهن ڀر وڃي ڪريو. پوءِ يڪدم شهزادي رسو کڻي، جهٽ ۾ هن ديو کي وڻ سان ٻڌي ڇڏيو. ڪا مهل ٿي، ته ٻيو ديو پهرئين ديو کي ڳولڻ لاءِ نڪتو. جڏهن ڳوليندي ڳوليندي، اتي اچي پهتو تڏهن يڪدم شهزادي تي گرز کڻي وار ڪيائين. شهزادي وري به پهرئين وانگر وار بچائي، ديو کي ڏنڊو هڻي ڪيرائي، ان کي به وڻ سان ٻڌي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح ستن ئي ديون کي، سُڪ ڪري، وڻ سان ٻڌي ڇڏيائين. نيٺ ڇوڪري، جا اصل ۾ ديون جي ڀيڻ هئي، تنهن جو اها حالت ڏٺي، سو اچي شهزادي کي منٿ ڪيائين ته ”اسين سڀ تنهنجا غلام آهيون، جيئن چوندين تيئن ڪنداسون؛ مهرباني ڪري منهنجن ڀائرن کي آزاد ڪر.“ شهزادي اتي ديون کان به پڇيو. ديون به اهو قبول ڪيو، ۽ حضرت سليمان جو قسم به کنيائون. شهزادي انهن ستن ئي ڄڻن کي کوليو، جن پوءِ هن کي ڏاڍي آدرڀاءُ سان مٿي ماڙيءَ تي وڃي ويهاريو، ۽ هن جي خوب خدمت ڪيائون. شهزادو هڪ ٻه ڏينهن اتي رهجي پيو. هڪ ڏينهن، جيئن شهزادو دريءَ کان بيٺو هو، تيئن پري کان دونهين جي لاٽ ڏٺائين. ديون کان پڇيائين ته ”اهو ڇا آهي؟“ ديون جواب ڏنو ته ”اهو هڪڙو ديو آهي، جو ٻارهن مهينا سمهندو آهي، ۽ ٻارهن مهينا جاڳندو آهي، هينئر اهو ستو پيو آهي، ۽ اها هن جي نڪ مان نڪتل هوا جي لاٽ آهي. جڏهن اهو جاڳندو آهي، تڏهن ٻيا ماڻهو ته ٺهيو، پر اسين ديو به هي ملڪ ڇڏي ڀڄي ويندا آهيون.“ ڇوڪري انهن کي چيو ته ”دلجاءِ ڪريو، هاڻي ان ديو جا ڏينهن اچي پورا ٿيا آهن.“

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير، شهزادي ديون کي چيو ته ”هاڻي اهو ديو هلي مون کي ڏيکاريو.“ ديو هن سان گڏجي، اوڏانهن روانا ٿيا. ڪجهه مهل کان پوءِ، اچي اتي پهتا. ڏسن ته برابر هڪ شاهي ديو اتي سُتو پيو آهي، ۽ ڀرسان جهوپڙي آهي، جنهن ۾ هڪ حسين عورت ويٺل آهي. عورت هنن کي ڏسي، چيو ته ”خدا جي واسطي، منهنجي هن آفت مان جند ڇڏايو.“ شهزادي ان کي به چيو ته ”اي عورت! تون گهٻراءِ نه.“ ائين چئي، هن دل ۾ خيال ڪيو ته ستل کي مارڻ بهادري نه آهي، هاڻي هن ديو کي ننڊ مان جاڳائي پوءِ حملو ڪجي؛ سو، يڪدم ديو جي ٽنگ ۾ ترار ٽنبي ڪڍيائين. ديو ڪجهه مڙيئي پاسو ورايو، ڄڻ ته ڪنهن جيت وغيره چڪ هنيو هوس. تنهن تي شهزادي وري ٻي ترار ٽنبي ڪڍيس، جنهن تي ديو هڪدم سجاڳ ٿي؛ ويهي رهيو، ۽ ڏٺائين ته هڪ آدمزاد آهي، جو ترار کنيو بيٺو آهي. اتي ديو کي به جوش آيو، سو هڪدم هڪ پٿر جي ڇپ کڻي، شهزادي ڏي ڦٽي ڪيائين. ڇوڪري گوهي ڏيئي، پٿر کان پاڻ بچائي، ٽپ ڏيئي، وٺي جو ترار هنيس ته ديو جي سسي وڃي پري پيئي. پوءِ ته ان حسين عورت کي هو پاڻ سان وٺي واپس ماڙيءَ ۾ آيا، جتي هن عورت پنهنجي رضا خوشيءَ سان شهزادي سان شادي ڪئي. نيٺ هڪڙي ڏينهن شهزادي اُنهن ديون سان پنهنجي مطلب واري ڳالهه ڪئي، ۽ سامونڊي گهوڙن جو ڏس پڇيائين. ديون شهزادي کي چيو ته ”تون هن تخت تي ويهه، ته اسين توکي اتي ٿا کڻي هلون، باقي تنهنجي پهچڻ جي جاءِ نه آهي.“ پوءِ شهزادو تخت تي چڙهي ويٺو ۽ ديون مان هڪڙو ديو هن کي کڻي وٺي اڏاڻو. ستن ڏينهن ۽ ستن راتين جي اڏامڻ کانپوءِ ديو هڪ هنڌ اچي تخت لاٿو. ڏسن ته برابر هڪ گهوڙو بيٺو آهي، ۽ ان تي هڪ پري چوڪيدار آهي؛ مگر اوڏيءَ مهل پري ستي پيئي هئي. شهزادو به پنهنجو رومال هن جي منهن تي وجهي، وٺندي گهوڙي کي واڳ مان، ٽپ ڏيئي هڪدم تخت تي ويهي

...تخت کڻي ديو وٺي اڏاڻو

رهيو، ۽ تخت کڻي ديو وٺي اڏاڻو. گهڙي نه گذري، ته پري به سجاڳ ٿي؛ ڏسي ته گهوڙو آهي ڪونه. يڪدم هيڏانهن هوڏانهن اُڏامي گــهــوڙي کـي ڳولڻ لڳي. نيٺ پري کان ڏٺائين ته ديو گهوڙي کي کنيو پيو وڃي. بس ٻي ڪا ڀڄڻ جي واهه نه ڏسي، پاڻ به اچي انهن سان گڏي، ۽ پوءِ سڀئي باخيريت واپس اچي ديون جي ملڪ ۾ پهتا. شهزادي پوءِ اتي هن پريءَ سان به شادي ڪئي، ۽ پوءِ ٽيئي ڄڻا ديون کان موڪلائي، خير سان پنهنجي ملڪ ڏي روانا ٿيا.

منزلون ڪندي ڪندي، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، هيءُ هڪ شهر ۾ اچي پهتا، جتان گل بادشاهه جو شهر باقي هڪ ڏينهن پنڌ تي هو. اتي هنن جو خيال ٿيو ته ڪجهه دير آرام ڪري، پوءِ پنڌ پئجي. شام جو گهمندي گهمندي، هڪڙي هنڌان اچي لنگهيا، ته شهزادي پنهنجي ڇهن ئي ڀائرن کي ڪاٺيون وڪڻندي ڏٺو. هن کي اهو ڏسي ڏاڍو ارمان ٿيو، سو اچي انهن کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرايائين. ڀائر هن کي ڏسي ڏاڍا رُنا. شهزادي پڇين ته ”اوهان حقيقت ٻڌايو ته ڪيئن هي حال ٿيوَ!“ هنن چيو ته ”اسان جا پئسا سڀ کپي ويا؛ پوءِ ڪيڏانهن وڃون، جو کاڌي لاءِ به پيسو نه هجي؛ نيٺ پرديس ۾ رهي هي ڌنڌو ڪري پيٽ پيا پاليون.“ شهزادو پوءِ ڇهن ئي ڀائرن کي وٺي پاڻ وٽ آيو، ۽ انهن کي تڙ وغيره ڪرائي، نوان ڪپڙا سبائي ڏنائين، ۽ هنن جا پراڻا ڪپڙا لهرائي پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين. پوءِ سڀ اٿي پنهنجي ملڪ ڏي روانا ٿيا. رستي تي، جو شهزادي جي ڀائرن سامونڊي گهوڙو ۽ خوبصورت راڻيون ڏٺيون، سو نيت خراب ٿي وين، ۽ نيٺ هڪ هنڌ شوق شهزادي جون ٽنگون ٻانهون وڍي، هڪ هنڌ ڦٽو ڪري، پنهنجي ملڪ ڏي روانا ٿيا. شهزادي جي راڻين کي هن ڳالهه جي خبر ئي پئجي ڪانه سگهي. جڏهن ڇهه ئي ڀائر راڻين سميت پنهنجي ملڪ ۾ اچي پهتا، تڏهن بادشاهه کي سامونڊي گهوڙو ڏنائون؛ جنهن جو رت ڪڍرائي بادشاهه ڪم آندو، ته چاق چڱو ڀلو ٿي ويو. پوءِ ڇهن ئي ڀائرن کان خبر پڇيائين، جن ڪوڙ سچ ملائي؛ بادشاهه کي پنهنجي بهادريءَ جي ڳالهه ڪري ٻڌائي، بادشاهه ٻڌي، ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ شوق شهزادي جي ٻنهي راڻين کي محلات ۾ رهائي ڇڏيائين. ڏينهن ٻه ڏينهن شوق شهزادو پنهنجي راڻين وٽ نه ويو، ته راڻين کي ڏاڍو ويچار ٿيو، تن نيٺ ڀائرن کان شهزادي بابت پڇيو، ڇهن ئي ڀائرن ٺٺوليءَ طور سڄي حقيقت ڪري ٻڌاين، ۽ چيائون ته ”هاڻي ماٺ ڪري ويهي رهو، نه ته اوهان جو به اهڙو حال ٿيندو، جهڙو هُن جو ٿيو.“ اتي پريءَ ٻيءَ شهزاديءَ کي دلجاءِ ڏني ته ”گهٻراءِ نه؛ آءٌ پاڻهي ٿي شهزادي کي ڳولي اچان.“

پري اتان وٺي اڏاڻي، ۽ ڳوليندي ڳوليندي، نيٺ اچي ڏسي ته شهزادو پنگلو ٿيو، هڪ هنڌ پيو آهي. پري وڌي اچي شهزادي کي ملي، ۽ حقيقت پڇيائينس. شهزادي جواب ڏنو ته ”ڏينهن جو الائي ڪير کاڌو ڏيو وڃيم، ۽ رات جو الاجي ڪٿان چار پريون اچيو وڃن، جي اچيو مون کي ٻانهون ٽنگون چنبڙائين، ۽ پوءِ مون وٽ سرندو هٿ ۾ ڏين. آءٌ سرندو وڄائيندو آهيان، ۽ هو پريون موج ۾ اچيو ڳائينديون ۽ نچنديون آهن. جڏهن صبح ٿئي، تڏهن وري منهنجون ٽنگون ۽ ٻانهون جدا ڪريو هليون وڃن، ۽ آءٌ اهڙي جو اهڙو هتي پيو آهيان.“ پريءَ اهو ٻڌي، چيس ته ”چڱو هاڻي تون ماٺ ڪري جيئن دستور موجب ڪندو آهين، تيئن ڪج؛ باقي آءٌ پاڻهي ٿي بندوبست ڪريان.“ پوءِ پري واپس محلات ۾ آئي، ۽ شهزاديءَ کي ٻڌائي آئي ته  ”شهزادو لڌو آهي، ۽ تون دلجاءِ ڪري ويهه؛ اسين صبح جو اينداسون.“ شهزاديءَ ويچاريءَ خدا جو شڪر ڪيو، ۽ صبح جو انتظار ۾ ويهي رهي. سانجهيءَ جو پري اڏامي، وري ساڳئي هنڌ لڪي، اچي ويهي رهي. دستور موجب، چارئي پريون آيون ۽ شهزادي کي ٽنگون ٻانهون چنبڙائي، کيس سرندو هٿ ۾ ڏنائون. شهزادي سرندو وڄائڻ شروع ڪيو، ۽ هوڏانهن پريون موج ۾ اچي ويون. تيڏيءَ مهل، اوچتو پري، ظاهر ٿي، وٺي جو گوڙ ڪيو، ته هو چارئي پريون خوف ۾ ڇرڪي، ڀڄي ويون ۽ هوءَ شهزادي کي وٺي سڌو محلات ۾ آئي، ۽ پوءِ ٽيئي پاڻ ۾ ملي ڏاڍو خوش ٿيا.

صبح جو شهزادي وڃي بادشاهه کي سلام ڪيو. بادشاهه هن کي ڏسي تعجب ۾ پئجي ويو، ۽ چيائينس ته ”منهنجي لاءِ سامونڊي گهوڙي جو رت آندئي؟“ شهزادي بادشاهه کي چيو ته ”سائين اهو ڪونه مليو؟ اهو ته منهنجا ڇهه ڀائر کڻي آيا هئا.“ بادشاهه چيو ته ”هائو، اهو ته برابر انهن آندو هو.“ تنهن تي شهزادي بادشاهه کي سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي، ۽ پڇاڙيءَ جو ڀائرن جا پراڻا ڪپڙا به ڏيکاريائينس، ۽ پوءِ پنهنجي ماءُ جي ۽ ٻين ڇهن راڻين جي دغا جي به سڄي حقيقت بادشاهه کي ڪري ٻڌايائين. بادشاهه اهو ٻڌي، اهڙو اچي سخت ڪاوڙيو، جو پنهنجن ڇهن ئي راڻين ۽ ڇهن کي پٽن کي ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏيائين... ۽ پوءِ پنهنجي هن راڻيءَ کي وٺي اچي ڏاڍي مزي سان باقي حياتيءَ جا ڏينهن گذارڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org