شهزادو لال ملوڪ
ڪنهن ملڪ ۾ هڪ ڪاٺير رهندو هو، جو ڪاٺيون وڪڻي، ڏکيو سکيو ٻچن
جو پيٽ پاليندو هو. هڪ ڏينهن هن جي گهر ۾ اَن ختم
ٿي ويو، تڏهن سندس زال چيس ته ”گهر ۾ کائڻ لاءِ
ڪڻو به ڪونهي، ڪٿان وڃي اَن لپ وٺي اچ، ته ٻارڙن
کي ته کارايون!“ هي گهر مان نڪري، منجهي پيو، ۽
اچي هڪڙي مڪان ۾ ويهي رهيو، جتي ڪنهن چڪڙي پياري
ڇڏيس؛ ۽ جڏهن ٻپهر ٿيا، تڏهن نشي ۾ چُور ٿي، اچي
گهر سمهي رهيو. سندس زال، جا پاڙي مان ان داڻا
اُڌارڻ ويئي هئي، سا موٽي اچي ڏسي، ته مڙس سنئون
سڌو ٿيو ستو پيو آهي. هن کيس جاڳائي چيو ته ”ميان!
ٻارڙا پيا مانيءَ ڳڀي لاءِ دانهون ڪن، ۽ تون خبر
ناهي ڪٿان گهميو ڦريو اچيو سمهيو پوين!“ پر مڙس
ماٺ ڪري، پاسو ورائي، وري به ڦوڪن ۾ پئجي ويو.
سندس زال به سور پِي ويئي، ۽ پاڙي مان جيڪي اَن
داڻا آندا هئائين، سي پيهين ٻارڙن لاءِ ماني
پچايائين ۽ پوءِ پاڻ به گرهه کاڌائون، ۽ ٻارڙن کي
به کارائي سمهاري ڇڏيائين.
اِتي مائيءَ کي خبر پيئي ته ڳوٺ جا ٻه ٽي ماڻهو روزگار هٿ ڪرڻ
لاءِ مسافريءَ تي ٿا وڃن، تنهنڪري مڙس کي چيائين
ته ”ويٺي ڪيترو وقت گذاربو؟ تون به انهن ماڻهن سان
گڏجي وڃ!“ هن پهرين ته نٽايو، پر پوءِ زال جي زور
ڀرڻ تي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. ٻئي ڏينهن مائيءَ لولو
پچائي ڏنس، جو کڻي ٻين ساٿين سان گڏجي، هو سفر تي
روانو ٿيو.
هلندي هلندي، هنن کي هڪ هنڌ رات پئجي ويئي، اُنڪري اُتي ئي ترسي
پيا، ۽ هرڪو ٽڪو ڀور کائي، سمهي رهيو. هن به
ڳوٿريءَ مان سڪل لولو ڪڍي کاڌو ۽ ڳوٿريءَ کي پاسي
۾ بيٺل ڪرڙ تي وجهي، پاڻ ليٽي پيو. صبح جو، همراهن
هن کي اڳتي هلڻ لاءِ اُٿاريو، پر هن انڪار ڪيو، ۽
پاسو ورائي سمهي رهيو. جڏهن سج ڪافي مٿي چڙهي آيو،
تڏهن اک کليس. ڏسي ته سندس ساٿي سڀ هليا ويا هئا،
۽ ڪرڙ تي سندس اڇلايل ڳوٿريءَ ۾ هڪڙو وڏو نانگ
آهي، جو سُرندو اندر پيو وڃي. جڏهن نانگ ڳوٿريءَ ۾
گهڙي ويو، تڏهن يڪدم ڊوڙي، ڳوٿريءَ جو منهن بند
ڪري ڇڏيائين. دل ۾ چيائين ته ’زال به روز روز پيئي
تنگ ڪري... وڃي ٿو هيءَ ڳوٿري هٿ ۾ ڏيانس- هن جي
سورن کان ته ڇٽي پوندس.‘ اهو خيال ڪري، نانگ واري
ڳوٿري کڻي، واپس اچي ڳوٺ پهتو. گهر ۾ ڏٺائين ته
زال آهي ئي ڪانه، سو يڪدم اُها نانگ واري ڳوٿري هڪ
اَٽي جي ڪُني ۾ وجهي، پاڻ وري به چُڪڙي جي چسڪي تي
مڪان ڏانهن هليو ويو.
مائي جڏهن گهر موٽي آئي، تڏهن ٻارن ٻڌايس ته ”بابا آيو آهي.“
مائي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ دل ۾ چيائين ته مسافريءَ تان
ضرور ڪجهه نه ڪجهه آندو هوندائين- سو، سڄي گهر جا
ٽپڙ ڦولهڻ لڳي. ڳوليندي ڦولهيندي، آخر اچي اُن
ڪُنيءَ جو ڍڪ لاٿائين، جنهن ۾ اُها نانگ واري
ڳوٿري پيل هئي. ڳوٿري ڪڍي، بسم الله ڪري، جان کڻي
کولي، ته ڏسي ته اُن ۾ هڪ نو لکو هار پيو آهي!
مائي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ اُهو نولکو هار کڻي، هڪ
جوهريءَ وٽ آئي، ۽ چيائينس ته ”مون کي هن جا پئسا
ڏي.“ جوهري نولکو هار ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ مائيءَ
کي چيائين ته ’مائي! هن هار جا پئسا مون وٽ ته ڇا،
پر بادشاهه وٽ به مشڪل هوندا؛ باقي آءٌ توکي ايترا
ڏيان ٿو، جو سڄي عمر پيا کائجو.“ مائيءَ کي
جوهريءَ جهول ٽڪن جو ڀري ڏنو؛ مائي اهي کڻي آئي
گهر، ۽ يڪدم اَن وغيره وٺي گنديون ۽ ٻيلهڙا ڀري،
ڏينهن ٻن جي ورؤ ٻاهر سڪائڻ وجهي ڇڏيائين، ۽ ٻيو
به جيڪي کتس، سو وٺي آڻي گهر ڀريائين. جڏهن سج به
اچي لهڻ تي ٿيو، ۽ مڙسس نه موٽيو، تڏهن پٽ کي
موڪليائين ته ”وڃي پيءُ کي وٺي اچ.“ ڇوڪرو سڌو
مڪان تي آيو، ۽ پڻس کي اچي گهر هلڻ لاءِ چيائين.
هن سوچيو ته ”شايد نانگ ڏنگيو اٿس، تڏهن مون کي
گهرائي ٿي، پر ائين آءٌ به ڪٿي ٿو وڃان! ڀل ته
مري، ته پوءِ ويندس.“ تنهنڪري پٽ کي چيائين ته
”تون هل ته آءٌ اچان ٿو.“ ڇوڪرو موٽي گهر آيو.
ٿوريءَ دير بعد، وري به مائيءَ ڇوڪري کي موڪليو.
ڪاٺير وري به خيال ڪيو ته ”ڀل ته مري... پوءِ
ويندس.“ جڏهن وري به ڇوڪرو خالي گهر موٽيو، تڏهن
مائيءَ چڙ ۾ ٻه لپاٽون هڻي، کيس وري به پڻس کي سڏي
اچڻ لاءِ پوئتي ڊوڙايو. هن دفعي، جڏهن ڇوڪرو
روئيندو پڻس وٽ آيو، تڏهن هن دل ۾ سوچيو ته شايد
هاڻ مري ويئي آهي... سو، دل ۾ خوش ٿيو، ۽ چيائين
ته ’چڱو
ٿيو، جو هن هچا مان خدا کڻي جند ڇڏائي.‘ پوءِ پٽ
سان گڏجي گهر آيو. گهر پهچڻ سان ڏسي ته مار، هتي
ته قصو ئي ٻيو لڳو پيو آهي! هڪ پاسي اَن جا ڍير
پيا سڪن ته ٻئي پاسي ڪپڙن، شين ۽ ٽولن جا اَنڇر
لڳا پيا آهن، ته ٽئي پاسي وري ڏاڍا طعام پيا تيار
ٿين. پهرين ته کيس شڪ پيو ته شايد سندس وڃڻ
کانپوءِ، سندس زال ڪنهن سان ڦٽي آهي، پر پوءِ جڏهن
زال کان حقيقت پڇيائين ۽ اُن نَو لکي هار جو
ٻڌايس، تڏهن بنهه وائڙو ٿي ويو. پر دل ۾ ڪجهه
سوچي، سڌو اُن جوهريءَ وٽ آيو، ۽ کيس ڊيڄارڻ لاءِ
چيائين ته ”منهنجي زال جيڪو هار توکي ڏيئي ويئي
آهي، سو مون بادشاهه لاءِ آندو هو، پر هوءَ ڀل ۾
توکي ڏيئي ويئي آهي... اُهو مون کي موٽائي ڏي، نه
ته وڃي ٿو بادشاهه کي ٻڌايان.“ بادشاهه جو نالو
ٻڌي، جوهري ڊڄي ويو، ۽ آخر هٿ جوڙ ڪري، جهول ٽڪن
جو هن کي به ڀري ڏنائين، جيڪو خوش ٿي هو گهر کڻي
آيو، ۽ آڻي زال کي ڏنائين. پوءِ ته ڪاٺير ۽ سندس
زال ۽ ٻار ڏاڍي مزي سان ويهي ڏينهن گذارڻ لڳا.
جوهري ٻئي ڏينهن اُهو ساڳيو هار کڻي، بادشاهه وٽ آيو. بادشاهه
نولکو هاڻي ڏسي، عجب ۾ پئجي ويو، ۽ دل ۾ چيائين ته
’اهڙو هار ته منهنجي سڄي بادشاهيءَ ۾ ڪونه هوندو.‘
سو جوهريءَ کي چيائين ته ”هيءُ هار مون کي ڏي؛ اُن
جي عيوض توکي جيڪي گهُرڻو هجي، سو گهر.“ جوهري ته
آيو ئي انهيءَ نيت سان هو، سو هار بادشاه کي ڏيئي،
ڏنل رقم کان چؤڻون پنجوڻون خزانو بادشاهه کان وٺي،
رمندو رهيو. بادشاهه هار کڻي، سڌو محلات ۾ آيو، ۽
اچي راڻيءَ جي ڳچيءَ ۾ وڌائين.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، راڻيءَ اهو هار لاهي صندوق ۾ رکي ڇڏيو، رڳو
ڪنهن ڏينهن وارَ تي پيئي پائيندي هئي. هڪڙي ڏينهن
راڻي وهنجي سهنجي تيار ٿي، اچي آرسيءَ جي سامهون
ويٺي، ۽ دل ۾ خيال ڪيائين ته ’اڄ نو لکو هار
پائجي.‘ اهو خيال ڪري، ٻانهيءَ کي سڏي چيائين ته
”وڃي نولکو هار کڻي اچ.“ ٻانهي جو اچي پيتي کولي،
ته ڏسي ته هار آهي ئي ڪونه.... اُن جي جاءِ تي هڪ
موتين جهڙو ملوڪ ٻار ستو پيو آهي. هيءَ ڊوڙي
راڻيءَ وٽ آئي، ۽ چيائينس ته ”راڻي! توهان کي
مبارڪ هجي- خدا توهان کي پٽ ڏنو آهي!“
راڻيءَ کي ڪو اولاد هوندو ئي ڪونه هو، تنهن سمجهيو ته شايد
ٻانهي چٿرون ٿي ڪري- سو تپي باهه ٿي ويئي، ۽
چيائينس ته ”گستاخ! تون مون تان چٿرون ٿي ڪرين؟“
ٻانهي، قسم کڻي، چوڻ لڳي ته ”سانئڻ! تونه پاڻ هلي
ڏس، ته ٻار آهي يا نه.“
راڻي ٻانهيءَ سان گڏجي، اچي ڏسي، ته واقعي ٻانهيءَ جي ڳالهه سچي
آهي. راڻي ڏاڍو خوش ٿي، ۽ بسم الله ڪري، کڻي هنج ۾
ويهاريائينس. پوءِ ته يڪدم ساڳئي ٻانهيءَ کي
بادشاهه ڏانهن مبارڪ واسطي موڪليائين. ٻانهيءَ اچي
بادشاهه کي مبارڪ ڏني ۽ چيائين ته ”بادشاهه سلامت،
قدرت توهان کي پٽڙو نصيب ڪيو آهي!“ بادشاهه خيال
ڪيو ته ’ڪيترو عرصو گذري ويو آهي، پر اسان کي ڪو
اولاد ئي ڪونه ٿيو آهي، ۽ نه وري ڪا اُميدواري
هئي، سو هينئر پٽ وري ڪيئن ڄائو؟ شايد ٻانهي مون
تي چٿرون ٿي ڪري.‘ سو، يڪدم ڪاوڙ ۾ آپي کان نڪري
ويو، ۽ ٻانهيءَ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو، آخر
ٻانهيءَ جي قسم سُنهن کڻڻ تي، بادشاهه محلات ۾
آيو، ۽ اچي ڏٺائين ته برابر راڻي هڪ منهن ملوڪ ٻار
کي هنج ۾ کنيو ويٺي آهي. پوءِ ته بادشاهه ڏاڍو خوش
ٿيو، ۽ اُن ٻانهيءَ کي وڏا وڏا انعام اڪرام ڏيئي،
خوش ڪيائون، ۽ ٻار جو نالو ”لال ملوڪ“ رکيائون.
اڄ ننڍو سڀان وڏو، آخر لال ملوڪ به اچي وڏو ٿيو، ۽ بادشاهه هن
کي مڪتب ۾ ويهاريو. جڏهن پڙهي قابلڪار ٿيو، تڏهن
بادشاهه خيال ڪيو ته جهڙو لال ملوڪ خوبصورت آهي،
تهڙي ئي خوبصورت سندس ڪنوار هجي. اُن وقت بادشاهن
جو اهو دستور هوندو هو ته سڱاوتيءَ لاءِ پنهنجي
وزير کي گهوٽ يا ڪنوار جي تصوير ڏيئي، ٻيءَ
بادشاهيءَ ۾ موڪليندا هئا. هن به پنهنجي هڪ وزير
کي لال ملوڪ جي تصوير ڏيئي، لال ملوڪ لاءِ ڪنوار
ڳولڻ لاءِ موڪليو، ۽ چيائينس ته ”ڪنوار اهڙي ڳولي
اچ، جو جهڙو لال ملوڪ تهڙي هن جي ڪنوار! ٻيو ته
جيسين ڪٿي سڱاوتي ٿئي، تيسين واپس نه ورج.“
وزير ته اُن وقت ئي روانو ٿيو، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، پويان
بادشاهه گذاري ويو. لال ملوڪ جنهن رستي کان روز
شيل شڪار تي ويندو هو، تنهن رستي تي هميشه هڪڙو
فقير ويٺو هوندو هو، جو هُونئن ته ويٺو روئندو هو،
پر لال ملوڪ کي ڏسي، کلي ڏيندو هو. هڪ ڏينهن، لال
ملوڪ فقير کان پڇيو ته ”مون کي ٻڌاءِ ته هونئن تون
ويٺو روئيندو آهين، پر مون کي ڏسي کلي ڏيندو آهين-
اهو ڇو؟“ فقير چيس ته ”بابا سائين! ان ڳالهه تان
لهي وڃو.“ مگر لال ملوڪ جڏهن ضد تان نه لٿو، تڏهن
فقير چيس ته ”مان تنهنجو موت ٿو ڏسان، ته مون کي
روئڻ ٿو اچي. ۽ جي توکي ٿو ڏسان ته کلان ٿو.“ لال
ملوڪ پڇيس ته ”اهو وري ڪيئن؟“ فقير چيس ته ”تنهنجي
پيءُ جو فلاڻو وزير، جيڪو تولاءِ ڪنوار جي ڳولا ۾
ويل آهي، سو ڪنوار ڳولي، واپس پيو اچي؛ پر واٽ تي
بادشاهه جي موت جو ٻڌي، هن جي نيت خراب ٿي ويئي
آهي، ۽ هو هِتي پهچي، توکان بادشاهي کسي، توکي
مارڻ جا خيال ڪري رهيو آهي، ۽ اها به نيت اٿس ته
تو واري ڪنوار ڪنهن طرح پنهنجي پٽ کي پرڻائي ڇڏي.
بس هو هتي پهتو، ته پوءِ تنهنجو خير ڪونهي؛
تنهنڪري منهنجي صلاح آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي،
پنهنجو شهر ڇڏي هليو وڃ... پوءِ جي بادشاهي ۽
ڪنوار هونديئي نصيب ۾، ته ٻيئي ملي پوندئي.“ فقير
جي ڳالهه ٻڌي، لال ملوڪ سڌو ماءُ وٽ آيو ۽ سموري
حقيقت کيس ٻڌايائين، ۽ چيائينس ته ”مان هي شهر اڄ
ئي ڇڏي ويندس؛ پوءِ جي هوندي حياتي، ته اچي وزير
کان بدلو وٺندس.“ راڻيءَ کيس گهڻو ئي سمجهايو، پر
لال ملوڪ نه مڙيو ۽ ڪجهه خزانو پاڻ سان کڻي، گهوڙي
تي چڙهي، ماءُ کان موڪلائي، فقير کان اجازت وٺي،
فقير جي چوڻ موجب اُٿي اُلهندي طرف روانو ٿيو.
هلندي هلندي، ٿوري گهڻي ڏينهن، لال ملوڪ اچي ُان شهر ۾ نڪتو،
جنهن ۾ سندس مڱڻو ٿيو هو. هوڏانهن وزير به لال
ملوڪ جي شهر ڇڏڻ جي ٻئي ڏينهن، اچي پٺيان اُتي
پهتو، ۽ يڪدم تخت تي قبضو ڪري، لال ملوڪ جي پڇا
ڪيائين. کيس پتو پيو ته لال ملوڪ سندس اچڻ کان اڳ
شهر ڇڏي ويو آهي. وزير لال ملوڪ جي ڳولا ۾ گهڻيئي
گهوڙا ڊوڙايا، پر ڪجهه نه وريس. ڪجهه وقت کانپوءِ،
وزير کي لال ملوڪ جو خيال به لهي ويو، سو سوچيائين
ته ’هاڻي وڃي لال ملوڪ جي مڱ سان پٽ جي شادي ڪرائي
اچان.‘ اهو خيال ڪري، هو پٽ جي شاديءَ جون تياريون
ڪرڻ لڳو.
هوڏانهن لال ملوڪ به اندروني طرح پنهنجي مڱ جي پڇا ڳاڇا ڪرڻ
لڳو. آخر جلد ئي کيس پتو پيو ته سندس مڱ به هن ئي
شهر ۾ آهي- بادشاهي سڱاوت هئي، سا آخر ڪٿي ٿي لڪي
سگهي! هن ڇا ڪيو جو پنهنجي تصوير ڪڍائي، اُن سان
گڏ هڪ خط ۾ پنهنجي سموري حقيقت لکي، شهزاديءَ
ڏانهن ڏياري موڪليائين، ۽ خط ۾ اهو به لکيائين ته
”وزير تنهنجي شادي پنهنجي پٽ سان ڪرڻ گهري ٿو.
جيڪڏهن تون اُتي راضي هجين، ته پوءِ تنهنجي مرضي؛
جي نه، ته پوءِ مون کي خط جو جواب ڏياري موڪل.“
شهزاديءَ وٽ جڏهن تصوير ۽ خط پهتو، تڏهن سڄي قصي
کي سمجهي ويئي، ۽ جواب لکي موڪليائينس ته ”جيڪڏهن
توهان جي اها حقيقت درست آهي، ته پوءِ آءٌ اوهان
جي آهيان، ۽ هر وقت اوهان سان ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار
آهيان.“ اها حقيقت پڙهي، شهزادو لال ملوڪ ڏاڍو خوش
ٿيو، ۽ هاڻي وزير جي پٽ جي ڄڃ اچڻ جو انتظار ڪرڻ
لڳو.
آخر هڪ ڏينهن وزير به پنهنجي پٽ جي ڄڃ وٺي، اچي اُتي نڪتو. لال
ملوڪ يڪدم شهزاديءَ ڏانهن خط لکيو ته ”ڏينهن
پرايو، رات پنهنجي آهي... هاڻ فقط تنهنجي سچائي
گهرجي، نه ته ڳالهه هٿان ويئي، ته خالي افسوس جا
هٿ ملڻا پوندا.“ شهزاديءَ کي به هاڻي پڪ ٿي ويئي
ته برابر وزير دغا ڪري رهيو آهي، سو لال ملوڪ کي
چوائي موڪليائين ته ”تون آڌيءَ رات جو ٻه گهوڙا
تيار ڪرائي، محلات جي پٺئين پاسي اچي بيهج... مان
پاڻيهي اچي تو وٽ پهچنديس.“ لال ملوڪ انجام تي
تيار ٿي، اڌ رات جو اچي محلات جي پٺيان بيهي رهيو،
۽ شهزادي به موقعو ڏسي، نڪري آئي، ۽ هي ٻيئي گهوڙن
تي چڙهي روانا ٿي ويا.
هڪليندي هڪليندي، هنن کي سج اچي ڪنهن ٻيءَ بادشاهيءَ ۾ اُڀريو.
سڄيءَ رات جي مسافريءَ ڪري ٿڪجي پيا هئا، تنهنڪري
هڪ هنڌ لهي پيا. لال ملوڪ شهزاديءَ کي چيو ته ”هن
وقت ڏينهن ٿي چڪو آهي، انڪري منهنجي مرضي آهي ته
تون زناني پوشاڪ لاهي، منهنجن ڪپڙن مان ڪا مرداڻي
پوشاڪ پاءِ، متان ڪو سڃاڻي وٺي.“ ڪپڙن بدلائڻ
کانپوءِ، شهزادي گهوڙن وٽ ترسي، ۽ شهزادو کاڌو
پيتي جو ڪجهه سامان وٺڻ لاءِ شهر ڏانهن روانو ٿيو،
۽ اتي پهچي، گهمندي گهمندي، هڪ دڪان تي اچي بيٺو ۽
بيهي سامان چڪائڻ لڳو. اُن دڪان تي هڪ عورت ويٺل
هئي، جنهن سامان ڏيندي، لال ملوڪ ڏانهن ڏسي ڏسي،
هن کي ڪجهه نوِڙڻ لاءِ چيو. لال ملوڪ اڃا نوڙيو ئي
مس، ته عورت يڪدم هڪ ڌاڳو کڻي هن جي ڳچيءَ ۾ وڌو.
ڌاڳي پوڻ سان لال ملوڪ يڪدم گهيٽو ٿي پيو.
ٻئي طرف شهزاديءَ کي راهه ڏسندي ڏسندي، ٻپهر ٿي ويا؛ اِتي هن کي
اچي شڪ پيو ته لال ملوڪ جو شايد خير ڪونهي. نيٺ،
گهوڙا اُتي ڇڏي، تير ڪمان کڻي، پاڻ به مردان ڪپڙن
۾ سڌو اچي اُنهيءَ شهر ۾ نڪتي، ۽ هيڏانهن هوڏانهن
لال ملوڪ کي ڳولڻ لڳي- پر ڪٿي به لال ملوڪ نظر نه
آيس. اوچتو هن ڏٺو ته هن هنڌ ماڻهو ميڙو ڪيو بيٺا
آهن. پڇا ڪندي، ڪنهن ٻڌايس ته ”جيڪو هن جاءِ تان
راڻيءَ جي محلات تائين تير پهچائيندو، اُن جي شادي
بادشاهه جي ڌيءُ سان ڪئي ويندي- سو پري اوري جا
جوان اچي گڏ ٿيا آهن ۽ ٻيا ماڻهو هنن جي هيءَ ڪسرت
ڏسي، پاڻ بيٺا وندرائين.“ هيءَ ڳالهه ٻڌندي،
شهزاديءَ بسم الله ڪري، تير ڪمان ۾ وجهي، اهڙو ته
وٺي زور سان تير هنيو، جو سڌو وڃي راڻيءَ جي محلات
۾ ڪِريو. شهزاديءَ جنهن هيءَ رنگ مٿان بيٺي ڏٺو،
اهڙي حسين نوجوان کي شرط کٽيندو ڏسي، يڪدم پنهنجي
پيءُ ڏانهن ماڻهو موڪليو، ۽ حقيقت کان آگاهه
ڪيائينس. جنهن يڪدم وزير کي موڪلي هن کي پاڻ وٽ
سڏايو، پهرين ته لال ملوڪ جي ڪري هن پاڻ ڇڏائڻ جي
ڪوشش ڪئي، پر پوءِ بادشاهه جي ماڻهن جي زور ڀرڻ
تي، اچي بادشاهه جي حضور ۾ حاضر ٿي. بادشاهه
پنهنجي اڳيان هڪ خوبصورت شهزادو ڏسي، ڏاڍو خوش
ٿيو، ۽ چيائين ته ’جهڙي خوبصورت ڌيءُ اٿم، تهڙو ئي
اُن لاءِ شهزادو مليو اٿم.‘ خبرن چارن پڇڻ تي، هن
پاڻ کي ’شهزادو لال ملوڪ ظاهر ڪيو، ۽ نالو به اهو
ئي ٻڌايائين. آخر ٻئي ڏينهن، هن جي شادي به
شهزاديءَ سان ٿي ويئي.
خير، ڦاسڻ ته پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙا! رات ٿي، تڏهن هن پنهنجي ’زال‘ کي
چيو ته ”ٻڌ، وچ ۾ کنو رکنداسين، ڇو ته منهنجو قول
ڪيل آهي ته جنهن ڪم لاءِ نڪتو آهيان، جيسين اهو
پورو نه ٿيو آهي، تيسين مون لاءِ هر خوشي حرام
آهي؛ اُنڪري منهنجي صلاح آهي ته ٻيئي پنهنجو پاسو
وٺي سمهي رهون.“ شهزاديءَ اها ڳالهه قبول ڪئي، ۽
ٻيئي وچ ۾ کنو رکي سمهي رهيا.
شهزاديءَ نقلي شهزادو ٿي، شادي ته ڪئي، پر ان مان هن جي پريشاني
پاڻ وڌي، کٽي نه. هوءَ سدائين لال ملوڪ جي فڪر ۾
رهندي هئي، ۽ پنهنجيءَ پر ۾ لال ملوڪ کي پيئي
ڳوليندي هئي. هڪ ڏينهن گهمندي گهمندي، هن هڪ
ماڻهوءَ جي هٿ ۾ هڪ پڃرو ڏٺو، جنهن ۾ ويٺل طوطي
ڏاڍيون مٺيون مٺيون ٻوليون پئي ڪيون. هُن کي اُهو
مٺو وڻي ويو، سو طوطو خريد ڪري، اچي محلات ۾
رکيائين، ۽ پوءِ روزانو اُن سان دل وندرائيندي
رهندي هئي.
’شهزادي‘ (شهزادي جي ويس ۾) بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾ روز ويندي
هئي؛ هڪ ڏينهن هڪڙي وزير هن کي تاڙي ورتو ته هي
مرد نه پر عورت آهي. تنهن يڪدم پنهنجي بادشاهه سان
حقيقت ڪئي. تڏهن بادشاهه چيس ته ”تنهنجو شڪ اجايو
آهي؛ جي زال هجي ها، ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي زال ته
مون سان ڳالهه ڪري ها! تون ڀليل آهين.“ وزير،
بادشاهه جو اهو خشڪ جواب ٻڌي، ماٺ ڪري ويهي رهيو،
۽ ان راز کي ظاهر ڪرڻ جون سِٽون سٽڻ لڳو.
’شهزاديءَ‘ کي جڏهن وزير جي سـُڻس پيئي، تڏهن ويتر پريشان ٿيڻ
لڳي، ۽ دل ۾ سوچڻ لڳي ته هاڻ ڇا ڪجي؟ اُن ڏينهن
کان پوءِ، هن بادشاهه جي درٻار ۾ به اچڻ وڃڻ گهٽ
ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن، ’شهزاديءَ‘ کي پريشان ڏسي،
مٺوءَ چيس ته ”شهزادا، تنهنجي پريشانيءَ جو ڇا سبب
آهي؟“ مٺوءَ جي پڇڻ تي ’شهزاديءَ‘ به دل ۾ سوچيو
ته مٺوءَ کي کڻي رازدار ڪجي... پوءِ به پکي آهي.‘
پوءِ اهو خيال ڪري، سموري حقيقت مٺوءَ کي
ٻڌايائين. مٺوءَ چيس ته ”جيڪڏهن ائين آهي، ته تون
ڪوبه خيال نه ڪر، آءٌ تنهنجي هر مدد ڪرڻ لاءِ تيار
آهيان.“ اتي ’شهزادي‘ سَرهي ٿي، ۽ مٺوءَ کي چيائين
ته ”هاڻ تون هڪڙو ڪم ڪر، جو آءٌ جڏهن درٻار ۾
وڃان، تڏهن تون به پاسو وٺي اچي اُتي ويهج... پوءِ
جڏهن مان اُتان اُٿي اچان، تڏهن تون اُتي ويهي،
بادشاهه ۽ وزير جون ڳالهيون ٻڌي، اچي مون کي
ٻڌائج. جيسين لال ملوڪ ملي، تيسين ته ڏکيو سکيو
وقت گذاريون، پوءِ ڏٺو ويندو.“
ٻئي ڏينهن ’شهزادي‘ درٻار ۾ ويئي، ته مٺو به اچي سندس پاسو وٺي
ويهي رهيو. ڪجهه وقت ڪچهري ڪري، ’شهزادي‘ ته واپس
هلي آئي، پر مٺو اُتي ويٺو رهيو. ’شهزاديءَ‘ جي
وڃڻ کانپوءِ، وزير وري به بادشاهه کي چيو ته
”قبلا، توهان مڃيو نٿا، پر مون کي پڪ آهي ته هيءَ
زال آهي.“ بادشاهه چيس ته ”مون کي يقين نٿو اچي ته
ڪا هيءَ عورت آهي، پر جي تون چوين ٿو ته ڀلا اهڙي
ڪا اٽڪل ٻڌاءِ جنهن مان پڪ ٿئي ته هيءَ عورت آهي.“
وزير چيو ته ”سائين هڪڙي اٽڪل آهي- اُها هيءَ ته
عورت، در مان ٻاهر يا اندر وڃڻ وقت، پهرين ڏائو
پير کڻندي آهي ۽ پوءِ سائو؛ پر مرد پهريائين سائو
پير کڻندو آهي، پوءِ ڏائو. تنهنڪري سڀاڻي توهين
جاچي ڏسو ته درٻار ۾ اچڻ وقت هيءَ پهريائين سائو
پير ٿو چائنٺ تان کڻي، يا ڏائو- پوءِ پاڻهي ڳالهه
ظاهر ٿي پوندي.“
مٺو سڌو شهزاديءَ وٽ آيو ۽ سموري حقيقت کيس اچي ٻڌايائين، ٻئي
ڏينهن، درٻار ۾ وڃڻ وقت، مٺو اڳ ۾ ئي اُڏامي، اچي
درٻار ۾ ويٺو، ۽ شهزاديءَ به چائنٺ اُڪرڻ وقت
پهرين ساڄو پير کنيو ۽ پوءِ کاٻو. بادشاهه ۽ وزير
به هن جي پيرن ۾ جاچي رهيا هئا. شهزادي اچي پنهنجي
جاءِ تي ويهي رهي. ڪجهه وقت ڪچهري ڪري، شهزادي
جڏهن وڃڻ لڳي، تڏهن به پهريائين ساڄو پير کنيائين
۽ پوءِ کاٻو کڻي، دروازو اُڪري هلي ويئي.
اِتي بادشاهه وزير کي چيو ته ”هاڻ ته اعتبار ڪندين يا اڃا به
چوندين ته عورت آهي؟“ وزير چيو، ”سائين، ڇا به
هجي، مگر اِها زال آهي.“ تڏهن بادشاهه چيس ته ”جي
اڃا به نٿو مڃين، ته ٻيو ڪو امتحان وٺينس.“ وزير
چيو ”هائو، سائين ڇا ڪجي جو سڀاڻي هن جي دعوت ڪجي،
ته پاڻ سان گڏجي ماني کائي؛ عورت کي هميشه مٺو
کاڌو وڻندو آهي- جي هن به مٺو کاڌو، ته پوءِ پڪ
ٿيندي هي هيءَ مرد نه پر عورت آهي.“ بادشاهه به
اها ڳالهه مڃي، ۽ هن کي دعوت ڏياري موڪليائين.
مٺو به سڀ ڳالهيون ٻُڌي، سڌو شهزاديءَ وٽ آيو ۽ سموري حقيقت کيس
ٻڌايائين، ۽ تاڪيد ڪيائينس ته ”سڀاڻي دعوت ۾ مٺي
کاڌي کي اصل ويجهو نه وڃجانءِ.“
ٻئي ڏينهن شهزادي وري به تيار ٿي، مردانا ڪپڙا پائي، اچي دعوت
تي پهتي، ۽ مٺو به ساڻس گڏ اُڏامندو اچي پاسو وٺي
ويهي رهيو. ماني کائڻ وقت، وزير ڇا ڪيو جو مٺو
طعام کڻي، هن جي اڳيان رکيائين. تڏهن شهزاديءَ
وزير کي منهن ۾ نهاري چيو ، ”مٺو طعام ته زالون
لائينديون آهن، ٻي ڪا چهر ناهي ڇا؟“ اتي وزير جو
منهن هارجي ويو، ۽ گوشت ڀريل ڍاڪون کڻي، شهزاديءَ
جي اڳيان رکيائين. خير شهزادي ته ماني کائي هن کان
موڪلائي هلي ويئي... پٺيان بادشاهه وزير کي چيو،
”هاڻ ته پڪ ٿيئي يا نه؟“ وزير وري به مڃڻ کان
انڪار ڪيو. تڏهن بادشاهه چيس ته ”ڀلا توکي ڪيئن پڪ
ٿئي ته هي مرد آهي؟“ وزير چيو، ”هڪڙي ڳالهه آهي،
اُن ۾ ضرور اهو راز ظاهر ٿي پوندو- اُها هيءَ آهي
ته سڀاڻي وهنجڻ جي سٽا ڪريون، پوءِ تلاءَ تي وهنجڻ
وقت سڀ ظاهر ٿي پوندو.“ بادشاهه کي به اها ڳالهه
پسند آئي سو شهزاديءَ ڏانهن وهنجڻ جي دعوت ڏياري
موڪليائين.
مٺو، جو اها سڄي ڳالهه ٻڌي رهيو هو، سو وري به سڌو آيو راڻيءَ
وٽ، ۽ سڄي ڳالهه ڪري اچي ٻڌايائينس. اها ڳالهه
ٻڌي، شهزادي پريشانيءَ ۾ پئجي ويئي ۽ ”هاڻ ڇا ڪجي؟
ڇو ته هيءَ ته اهڙي ڳالهه آهي، جنهن جو ڪو ٽارُ ئي
ڪونهي.“ مٺوءَ شهزاديءَ کي غمگين ڏسي کيس دلاسو
ڏنو ته ”شهزادي، تون فڪر نه ڪر، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو؛
فقط سڀاڻي وهنجڻ وڃڻ وقت هڪ ڪپهه جي دکيل وٽ
منهنجي چهنب ۾ وجهي وڃج- پوءِ ڏس ته ڇا ٿو ٿئي!
آءٌ اها دکيل وٽ کڻي وڃي بارود خاني ۾ ڦٽي ڪندس...
پوءِ ويهي ڏسج خدا جا رنگ! بادشاهه ۽ وزير توکي
ڇڏي شهر جي بچاءَ لاءِ ڀڄندا؛ پوءِ جيسين واپس
اچن، تيسين تون وهنجي وٺج.“ شهزادي، اها صلاح ٻڌي،
ڏاڍو خوش ٿي.
ٻئي ڏينهن، هيءَ وزير سان گڏجي، تلاءَ تي وهنجڻ لاءِ رواني ٿي،
۽ وڃڻ کان اڳ مٺوءَ جي چنهب ۾ دکيل وٽ وجهي ويئي.
بادشاهه، وزير ۽ شهزادي اڃا تلاءَ تي پهتا ئي مس،
ته اوچتو بارود ڦاٽڻ جا ٺڪاءَ ٿيڻ لڳا. بادشاهه ۽
وزير اُٿي اوڏانهن ڀڳا، تيسين شهزاديءَ وهنجي
ورتو. جڏهن بادشاهه ۽ وزير باهه وسارائي واپس آيا
۽ ڏٺائون ته شهزادي اڳ ۾ ئي وهنجيو وار پيئي
سڪائي، تڏهن دل ۾ سڄا سڙي ويا، پر ڳالهه هٿن مان
ويئي هلي، تنهنڪري دل جو سور دل ۾ کڻي، ٻيئي ڄڻا
اڪيلا وهنتا، ۽ پوءِ سڀڪو پنهنجي پنهنجي گهر
ڏانهن روانو ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن، شهزادي وري به درٻار ۾ آئي، ۽ ٿوري ڪچهري ڪري،
مِٺوءَ کي اُتي ڇڏي، پاڻ واپس هلي ويئي. شهزاديءَ
جي وڃڻ کانپوءِ وزير وري به بادشاهه کي چيو
”ڪالهوڪو ڌڪ ته گسائي ويئي، پر هاڻي هڪڙي صلاح آهي
ته سڀاڻي شهر جو گشت ڪجي. بازار ۾ عورتن جا به
دڪان آهن- جيڪڏهن هُن عورتن سان وڃي واپار ڪيو يا
اُنهن جي طرف خاص خيال ڪيو، ته سمجهبو ته پڪ عورت
آهي.“ بادشاهه به هائوڪار ڪئي، ۽ ’شهزاديءَ‘ کي به
چوائي موڪليائين.
مِٺو ته اڳ ۾ ئي اُتي ويٺو هو، سو وري به سڌو شهزاديءَ وٽ آيو،
۽ سموري ڳالهه ڪري ٻڌايائينس. شهزاديءَ سڄي ڳالهه
مغز ۾ رکي، ۽ ٻئي ڏينهن، بيڌڙڪ هنن سان گشت تي
نڪتي. گهمندي گهمندي، کيس بازار ۾ هڪ گهيٽو ڏسڻ ۾
آيو. شهزاديءَ اُتي بيهي، اُن کي هٿڙا گهمائڻ لڳي.
وزير بادشاهه کي اشارو ڪيو، تنهن تي بادشاهه پڇيس
ته ”شهزادا!، اڳ ۾ شايد تو گهيٽيا گهڻا نه ڏٺا
آهن؟“ شهزاديءَ وراڻيس ته ”بادشاهه سلامت، ٻي ته
ڪا خاص ڳالهه هن ۾ ڪانهي، پر بابا وٽ هڪڙو ڌڻ
هوندو هو، اُن ۾ ساڳيو هن جهڙو هڪڙو گهيٽيو هوندو
هو؛ انڪري دل ٿوري ڇڪي کاڌي، ۽ هٿ لائي ڏٺومانس،
پر، بادشاهه سلامت، هن شهر ۾ صرف عورتن جا دڪان
آهن ڇا؟ ڪو مردن جو دڪان ڪونهي؟“ ان سوال تي
شهزادي هيءُ ڌڪ نه ميٽي ويئي، ۽ وزير سڙي ويو.
بادشاهه به شرمسار ٿيو. خير، پوءِ وري مردانيءَ
بازار ۾ آيا، جتان شهزاديءَ ڪي شيون خريد ڪيون...
۽ پوءِ سڀئي واپس روانا ٿيا.
ٻئي ڏينهن، دستور موجب، وري به شهزادي مِٺوءَ سان گڏ ڪچهريءَ ۾
آئي، ۽ ٿوري دير ويهڻ بعد، واپس هلي ويئي.
شهزاديءَ جي وڃڻ کانپوءِ، وزير ۽ بادشاهه وري به
شهزاديءَ جي عورت هجڻ بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳا، جي
مِٺو ٻڌندو رهيو. وزير چوڻ لڳو، ”بادشاهه سلامت،
باقي هڪڙي تجويز هيءَ آهي ته آءٌ پنهنجي وَڏُور
ڌيءُ جي شادي به هِن ’شهزادي‘ سان ٿو ڪريان...
پوءِ پاڻهي اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا.“ بادشاهه کي
اِها تجويز ڏاڍي وڻي، ۽ وزير کي ڌيءُ جي سڱ ڏيڻ جي
اجازت ڏنائين.
مٺوءَ سڄي ڳالهه اچي شهزاديءَ کي ٻڌائي، ۽ چيائينس ته ”اها ته
اهڙي ڳالهه آهي، جو منهنجو عقل به ڪم نٿو ڪري
سگهي.“ شهزادي، اها ڳالهه ٻڌي، ڍڪرجي ويئي، ۽ سوچڻ
لڳي ته ’هاڻ ڇا ٿيندو؟‘ آخر سوچيندي سوچيندي، خيال
آيس ته ’لال ملوڪ، جو هن شهر ۾ اچي گم ٿي ويو آهي،
سو هن سان ضرور ڪو ڊوهه ٿيو آهي‘... اهو خيال
ڪندي، هن کي يڪدم بازار ۾ ڏٺل گهيٽي جو خيال آيو،
۽ هن يڪدم گهيٽي گهرائڻ لاءِ ماڻهو موڪليو. دڪان
واريءَ ڌوتيءَ پهرين ته گهيٽي ڏيڻ کان انڪار ڪيو،
مگر بادشاهه جو ماڻهن جي زور ڏسي، ڪڇي نه سگهي، ۽
شهزاديءَ جي موڪليل ماڻهن زبردستيءَ گهيٽو ڪاهي،
اچي شهزاديءَ جي حوالي ڪيو.
ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ، وزير پنهنجيءَ ڌيءَ جو سڱ، ’شهزاديءَ‘ کي
ڏيڻو ڪيو. جنهن لاچار ٿي قبول ڪيو. آخر ٿوري ئي
وقت ۾ شادي به ٿي. ليڪن شاديءَ جي رسمن ختم ٿيڻ
بعد، شهزادي وڌيڪ فڪر ۾ پئجي ويئي ته ’هاڻ جيڪڏهن
راز فاش ٿي ويو، ته خبر ناهي ڪهڙو حشر ٿيندو.‘
انهن ئي خيالن ۾“ هيءَ گهيٽي وٽ آئي، ۽ کيس هٿرا
ڦيرائڻ لڳي. هٿن ڦيرائيندي شهزاديءَ جو هٿ وڃي
گهيٽي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڌاڳي کي لڳو... ۽ ڌاڳو ٽٽي
پيو. ۽ ڌاڳي ٽٽڻ سان يڪدم هيءُ گهيٽي مان ڦري لال
ملوڪ ٿي پيو. لال ملوڪ کي ائين اوچتو سامهون ڏسي،
شهزادي وائڙي ٿي ويئي... پر، جڏهن هوش جاءِ تي
آيس، تڏهن ڏاڍو خوش ٿي. پوءِ ته يڪدم ڀاڪر پائي
پاڻ ۾ مليا، ۽ شهزاديءَ سموري حقيقت کيس ٻڌائي، ۽
پنهنجا شاديءَ جا گهوٽ وارا ڪپڙا کڻي لال ملوڪ کي
پاريائين. شهزاديءَ پنهنجي نئين پرڻيل زال کي به
راز ٻڌايو، جنهن پاڻ ان راز کي لڪائي رکڻ، ۽ لال
ملوڪ سان شادي ڪرڻ جو انجام ڪيو.
رات جو جڏهن گهوٽ ڪنوار ستا، تڏهن وزير به هڪڙي ڌوتي موڪلي،
جيڪا لڪي اچي دريءَ کان بيهي رهي... ۽ پڪ ڪري، وڃي
وزير سان حقيقت ڪيائين. صبح جو بادشاهه وزير کي
گهرايو. وزير چيس، ”بادشاهه سلامت، آءٌ برابر ڀليل
هوس... هو واقعي مرد آهي. اِها حقيقت ٻڌي، بادشاهه
به خوش ٿيو ۽ ناٺيءَ تان به نالتاڻيءَ جو بوجو لهي
پيو.
هاڻي ته لال ملوڪ به کليو کلايو پنهنجي ٽنهي راڻين سان کلي خوش
ٿي زندگي گذارڻ لڳو، ۽ بادشاهه جي ڌيءُ، جي هيترا
ڏينهن اداس ٿي پيئي هلندي چلندي هئي، تنهن جو منهن
به خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳو.
هڪ ڏينهن لال ملوڪ شڪار تي ويل هو، ته اوچتو سندس محلات ۾ هڪ
پوڙهي لنگهي آئي، جا لال ملوڪ جي اصل ماءُ هئي، ۽
پاڻ کي انساني صورت ۾ آڻي، ملڪان ملڪ لال ملوڪ جون
پڇائون ڪندي، اچي اُن محلات ۾ نڪتي هئي. وجهه وٺي،
هن لال ملوڪ جي وڏي زال کي چيو ته ”لال ملوڪ ذات
جو ڪير آهي؟“ راڻي چيس ته ”مون کي خبر ناهي، باقي
اچي ته پڇنديسانس.“ پوڙهي ته پوءِ گم ٿي ويئي...
پر، شام جو جڏهن لال ملوڪ شڪار تان موٽي آيو، تڏهن
وڏيءَ زال پڇيس ته ”تنهنجي ذات ڪهڙي آهي؟“ لال
ملوڪ گهڻيئي نٽايو، پر جڏهن راڻي ضد تان نه لٿي،
تڏهن هن چيس ته ”جي تون پنهنجي ضد تان نٿي لهين،
ته پوءِ سڀاڻي توکي پنهنجي ذات ٻڌائيندس.“
... شهزادي اڃان اٿي ته کيس هڪ نانگ ڏسڻ ۾ آيو.
ٻئي ڏينهن، وري به جڏهن شهزادي کانئس ذات پڇڻ لڳي، تڏهن لال
ملوڪ هن کي تلاءَ تي وٺي آيو، ۽ چيائينس ته ”مان
پاڻيءَ ۾ گهڙان، ته پوءِ توکي ذات ٻڌايان ٿو.“ لال
ملوڪ پاڻيءَ ۾ گهڙي، وري به راڻيءَ کي چيو ته ”اڃا
به وقت اٿيئي، پنهنجي ضد تان لهي وڃ ۽ ذات نه پڇ،
نه ته پوءِ پڇتائڻو پوندئي.“ مگر جڏهن شهزادي وري
به ضد تان نه لٿي، تڏهن لال ملوڪ چيس ته ”چڱو، جي
ضــد تـــان نٿي لهين، ته هاڻ مان ٽٻي هڻي نڪرندس،
پوءِ جيڪي ڏسين، اها اٿيئي منهنجي ذات.“ ائين چئي،
لال ملوڪ ٽٻي هڻي، ٻاهر نڪتو، ته انسان مان نانگ
جي صورت ۾ اچي ويو، ۽ وري يڪدم ٻي ٽٻي هڻي گم ٿي
ويو. راڻي سندس آسري ۾ رهي ته اجهو ٿو نڪري، مگر
جڏهن هي وري نه نڪتو، تڏهن شهزاديءَ کي پڪ ٿي ته
لال ملوڪ کانئس ڪاوڙجي ويو آهي... سا غمگين ٿي،
واپس موٽي، ۽ محلات ۾ اچي ٻين شهزادين سان سموري
حقيقت ڪيائين، ۽ کين چيائين ته ”توهان خدا تي
ڀروسو رکو- پر تيسين هي راز ڪنهن سان به ظاهر نه
ڪجو، جيسين پاڻ لال ملوڪ کي ڳولي لهون. تنهن وچ ۾
ڪو به پڇي ته چئجو ته لال ملوڪ ٻاهر شڪار تي ويل
آهي.“
پوءِ ته هنن لال ملوڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڏاڍا حيلا وسيلا ڪيا، پر
کين ڪوبه پتو نه پيو. هڪ ڏينهن وڏيءَ شهزاديءَ کي،
جا تمام فڪرمند رهندي هئي، ڏس مليو ته ”فلاڻي هنڌ
هڪ بڙ جو وڻ آهي، اُتي جمعي جمعي رات از غيبي راڳ
روپ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، تنهنجو مطلب به اُتان پورو
ٿيندو.“
اها ڳالهه ٻڌي، جمعي جي رات وڏي شهزادي وڃي اُن بڙ هيٺيان ويهي
رهي، جڏهن ويهي ويهي ٿَڪجي، تڏهن نااُميد ٿي واپس
موٽڻ لڳي... پر اڃا اُٿي، ته اوچتو کيس هڪ نانگ
ڏسڻ ۾ آيو. پهرين ته هيءَ ڊني، پر ٿوري ئي وقت ۾
جڏهن اُهو نانگ ليٽي پيٽي انساني صورت ۾ اچي ويو،
تڏهن ڪجهه ساهه پيس، ۽ هيڪاري خوشي ٿيس، جو ڏٺائين
ته اهو لال ملوڪ هو. هڪٻئي کي ڏسي، پهرين ته ٻيئي
ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هڪٻئي سان مليا... پر پوءِ، لال
ملوڪ چيس ته ”شهزادي، افسوس آهي، جو هاڻي مان
تيسين توسان هلي نه سگهندس، جيسين مون کي منهنجو
مرشد موڪل نه ڏيندو.“ اتي راڻيءَ جو منهن هارجي
ويو، ۽ چيائينس ته ”ڀلا تنهنجو مرشد توکي ڪهڙيءَ
طرح موڪل ڏيندو؟“ لال ملوڪ چيس ته ”هر مهيني جي
چوڏهينءَ تاريخ، هن بڙ هيٺ اسان جي مرشد جي وڏي
مجلس ٿيندي آهي، جنهن ۾ جنُ جنَ جي ذات اچي گڏ
ٿيندا آهن. اُن رات، تون هي ميدان صاف ڪرائي، هتي
مٺي کير جا مٽ ڀرائي ڇڏج، ۽ تون پاسو وٺي ويهي
رهج. پوءِ جڏهن راڳ شروع ٿئي، ۽ تون ڏسين ته
طلبلچي سُرتار کان نڪري ويو آهي، تڏهن تون پاسو
وٺي، ان جاءِ تي ويهي طلبو وڄائڻ شروع ڪج. پوءِ جي
مرشد راضي ٿيو، ته توکان پڇندو ته ’گهر طبلچي،
جيڪي گهرڻو هجيئي.‘ پوءِ تون منهنجي گهر ڪجانءِ...
هو منهنجي ٻانهن تنهنجي حوالي ڪندو... ۽ مان هميشه
جي لاءِ توسان هليو هلندس.“ اها ڳالهه ٻڌي، شهزادي
ڏاڍي خوش ٿي ۽ لال ملوڪ کان موڪلائي، محل ڏانهن
رواني ٿي، ۽ لال ملوڪ وري به ليٽي، نانگ ٿي رمندو
رهيو.
شهزادي به ڏکيو سکيو وقت گذاري، چوڏهينءَ تاريخ جو انتظار ڪرڻ
لڳي ۽ ان سان گڏ طبلي وڄائڻ جي فن ۾ قابليت حاصل
ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. آخر چوڏهين تاريخ به اچي
ويئي، ۽ هيءَ تيار ٿي، اچي اُن بڙ وٽ پهتي.
پهريائين سڄو ميدان صاف ڪرائي، اُتي مٺي کير جا مٽ
ڀرائي رکيائين.... پوءِ پاسو وٺي، جنن جي انتظار ۾
ويهي رهي. نيٺ ٿوريءَ دير کانپوءِ جن به اچڻ شروع
ٿيا، ۽ پڇاڙيءَ ۾ سندن مرشد جي سواري آئي- جنهن تي
سڀيئي جن اُٿي بيهي رهيا. اُن اچڻ شرط چوطرف نظر
ڦيرائي، ۽ ميدان صاف ۽ کير جا مٽ ڀريل ڏسي، ڏاڍو
خوش ٿيو، ۽ چيائين ته ”جنهن به هيءَ خاطرداري ڪئي
آهي، ان کي محفل ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت ڏجي ٿي، ۽
محفل ختم ٿيڻ تي کيس انعام پڻ ڏنو ويندو.“ ائين
چئي، پاڻ مسند تي وڃي ويٺو ۽ راڳ جي مجلس شروع ٿي.
راڻيءَ جڏهن ڏٺو ته هاڻ طلبي وارو سُرتار کان نڪري
ويو آهي، تڏهن کيس ڌِڪو ڏيئي، پاڻ ويهي طبلو وڄائڻ
لڳي. طبلو اهڙو ته سريلو وڄايائين، جو جنن جي مرشد
خوش ٿي چيس ته ”واهه ڙي طبلچي، واهه! هيترن ڏينهن
۾ اڄ تو خوش ڪيو آهي، هاڻ گـُهر، جيڪي گهرڻو
هجيئي؟“ جنن جي مرشد جو اهو آواز ٻڌي، شهزاديءَ هٿ
ٻڌي عرض ڪيو ته ”قبلا، پهريائين وچن گهرجي.“ وچن
وٺڻ کانپوءِ، چيائينس ته ”سائين مون کي لال ملوڪ
گهرجي.“ جنن جي مرشد چيس، ”ڇا تون لال ملوڪ جي زال
ته نه آهين؟“ شهزاديءَ هائوڪار ڪئي، اُن تي جنن جي
مرشد پڇيس ته ”کير ۽ صفائيءَ جو بندوبست به تو ڪيو
آهي؟“ راڻيءَ وري به هائوڪار ڪئي. تڏهن جنن جي
مرشد لال ملوڪ جي ٻانهن هميشه لاءِ راڻيءَ کي ڏني،
۽ لال ملوڪ کي چيائين ته ”تون راڻيءَ سان وڃ...
توکي اجازت آهي.“
مرشد جي اجازت ملڻ تي، لال ملوڪ يڪدم انساني صورت ۾ اچي ويو، ۽
راڻيءَ سان گڏجي، خوش خوش، پنهنجي محل ڏانهن روانو
ٿيو. اُتي سڀني راڻين سان اچي مليو، ۽ هڪٻئي سان
ملي سڀ ڏاڍا خوش ٿيا.
ٿورن گهڻن ڏينهن گذرڻ بعد، هڪڙي ڏينهن لال ملوڪ پنهنجي ٽنهي
راڻين کي چيو ته ”مون کي ڳوٺ ڇڏئي تمام گهڻو عرصو
ٿيو آهي، منهنجي ماءُ جي، خبر ناهي، ڪهڙي حالت
هوندي؛ ان ڪري منهنجي مرضي آهي ته هاڻ وطن ورجي.“
تڏهن ٽنهي راڻين چيس ته ”اسين به تنهنجي سر سان
ٻڌل آهيون- جيڏانهن تون، تيڏانهن اسين.“ راڻين جي
راءِ ڏسي، لال ملوڪ پنهنجي ساهرن، بادشاهه ۽ وزير،
کان موڪلائي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ٿوري
گهڻي ڏينهين، اچي پنهنجي ڳوٺ ٻاهران تنبو هڻائي
ويٺو. پوءِ پنهنجا ماڻهو شهر ۾ موڪلي، شهر جي خبر
چار ورتائين. کيس خبر پيئي ته اڃا وزير حڪومت ڪري
رهيو آهي. پر رعيت منجهانس ڏاڍي تنگ آهي. پوءِ ته
هن اندروني طرح ماڻهو روانا ڪري، شهر جي ماڻهن کي
چوائي موڪليو ته ”آءٌ اچي ويو آهيان... تنهنڪري
توهين اچي مون سان ملو.“ شهر جي ماڻهن کي جڏهن لال
ملوڪ جي اچڻ جي خبر پيئي، تڏهن سڀ اچي وٽس گڏ ٿيا،
۽ هن کي چيائون ته ”اسين هاڻي وزير جي حڪومت مان
تمام تنگ ٿي پيا آهيون... هاڻي تون ڪيئن به ڪري
حڪومت هٿ ڪر- اسين سڀ توسان ٻڌل آهيون.“
لال ملوڪ شهر جي سڀني ماڻهن جو پاڻ سان ساٿ ڏسي، يڪدم وزير کي
چوائي موڪليو ته ”هن حڪومت جو مان ئي حقدار آهيان،
تنهنڪري سڌيءَ طرح حڪومت منهنجي حوالي ڪر، يا ته
جنگ لاءِ تيار ٿيءُ.“ لال ملوڪ جو پيغام ٻڌي، وزير
کي اچي ٿڙڪڻيءَ کنيو، ۽ جڏهن ڏٺائين ته سڄي رعيت
وڃي لال ملوڪ سان گڏي آهي، تڏهن دل ۾ چيائين ته
چڱائي هاڻي ان ۾ آهي ته حڪومت کڻي لال ملوڪ جي
حوالي ڪجي، اهو خيال ڪري، وزير لال ملوڪ وٽ آيو ۽
ڳچيءَ ۾ ڪپڙو پائي، اچي معافي گهريائين، ۽ حڪومت
لال ملوڪ جي حوالي ڪيائين.
لال ملوڪ، حڪومت هٿ ڪري، وزير کي سندس پٽ سميت يڪدم شهر ڇڏي وڃڻ
جو حڪم ڏنو، ۽ پوءِ سڌو پنهنجي ماءُ وٽ آيو، جيڪا
سندس وڇوڙي ۾ روئي روئي نور وڃائي ويٺي هئي...
تنهن، جو پٽ جو آواز ٻڌو، ته خوشيءَ ۾ يڪدم سندس
اکين مان لڙڪ وهي اُٿي هليا، ۽ سندس اکين جا پردا
لهي ويا ۽ سندس نور واپس اچي ويو. يڪدم اُٿي
پنهنجي پٽ کي ڀاڪر پاتائين. پوءِ ته لال ملوڪ کيس
پنهنجي ٽنهي راڻين سان ملايو، ۽ هي سڀ وري پنهنجي
وڃايل حڪومت هٿ ڪري، يا عمر خير خوشيءَ جي زندگي
بسر ڪرڻ لڳا. |