عقلمند شهزادو
هڪڙي
بادشاهه کي ست پٽ هئا. ننڍي پٽ کي بادشاهه گهڻو
پيار ڪندو هو- اُن جو نالو عقلمند هو. ۽ سچ پچ ته
هيءُ سڀني ڀائرن کان عقل ۾ اڪابر هو. ڀائرن جي پاڻ
۾ ڏاڍي محبت هوندي هئي. هڪڙي ڏينهن، شڪار ڪرڻ لاءِ
ست ئي ڄڻا سنڀري نڪتا. خيال ڪيائون ته ٻه چار
ڏينهن ساندهه شڪار ڪري پوءِ گهر موٽجي. انهيءَ
خيال سان، شڪار جي چوس ۾ هلندي هلندي ٽئين ڏينهن
پنهنجي ملڪ جي حد کان ٻاهر نڪري ويا. سڄو ڏينهن
شڪار ڪرڻ کانپوءِ، هنن ڪنهن وسهن جي ڳولا ڪئي. پري
کان هنن کي هڪ وڏو محلات نظر آيو. اُتي وڃي ڏسن ته
چوڌاري باغ باغيچا لڳا پيا آهن. تن جي ڀر ۾ هڪ
محلات آهي، جنهن ۾ ٻين ننڍن ڪمرن کانسواءِ ست وڏا
ڪمرا آهن، ۽ ستن ئي ڪمرن جي دروازن تي ست نوجوان
شهزاديون هار سينگار ڪيون بيٺيون آهن. هي جڏهن
ويجها پهتا، ته اُنهن مان وڏيءَ چيو: ”ادي، اسان
جا مڙس اچي ويا.“ پوءِ هڪڙيءَ هڪڙيءَ ڄڻيءَ وڌي
اچي هڪ هڪ شهزادي جو گهوڙو ورتو. هي حيران ٿي ويا،
پر دل جهلي انهن کان حال احوال پڇيائون. هنن ٻڌايو
ته ”اسان هن ملڪ جون شهزاديون آهيون... اسان جو
پيءُ مري ويو آهي ۽ مرڻ وقت چئي ويو آهي ته ’اوهان
جا مڙس اوهان جي ڳولا ۾ هت ايندا‘- ڪيترن ڏينهن جي
انتظار کان پوءِ اڄ اوهان آيا آهيو... هاڻي اسين
اوهان جي ملڪه آهيون.“
پوءِ ته زالن جي شوق ۾ هنن کان ملڪ ۽ مائٽ سڀ وسري ويا، ۽ ست ئي
ڀائر اتي ديرو دمائي ويهي رهيا. صبح جو شڪار تي
ويندا هئا، ۽ شام جو موٽي ايندا هئا. عقلمند
پنهنجي ڀائرن جا گهوڙا سنجيندو هو، تنهنڪري
شهزاديون سمجهنديون هيون ته هو سندن نوڪر آهي، ۽
انهيءَ تي پنهنجي ننڍيءَ ڀيڻ کي چيڙائينديون
رهنديون هيون. ننڍي راڻي سڀني کان سياڻي هئي. تنهن
اُن ڳالهه ڏانهن گهڻو خيال نه ڏنو، پر نيٺ عقلمند
کان هڪ رات حقيقت پڇيائين. عقلمند چيس: ”هاڻي هيئن
ڪر، جڏهن منهنجي ڀائرن کي ننڊ اچي، تڏهن وڃي کين
جاڳاءِ، ۽ چوين ته اوهان جي ڀاءُ عقلمند کي پيٽ ۾
سور پيو آهي.“ هن ائين ڪيو ته ڇهه ئي شهزادا
روئيندا پٽيندا اُٿيا، ۽ جتيون ۽ پٽڪا به هٿ ڪين
آين. شهزاديءَ کي پڪ ٿي ته هي پاڻ ۾ ڀائر آهن. هن
جي عقلمند سان ڏاڍي محبت هئي، تنهنڪري هن عقلمند
کي ٻڌايو ته ”اسين شهزاديون نه آهيون پر ڏائڻيون
آهيون- جڏهن اوهان کي هتي ست راتيون پوريون
ٿينديون، تڏهن اوهان کي ماري، اوهان جو گوشت
کائينديونسين.“ عقلمند اِها ڳالهه ٻڌي ڪنبي ويو، ۽
چيائينس: ”ڀلا تون مون کي به کائيندينءَ؟“ ڏائڻ
چيس: ”جي توکي کائڻ جو خيال هجيم ها، ته توکي
ٻڌايان ڇو ها؟“ هاڻي هيئن ڪر، پنهنجي ڀائرن کي
شڪار تي موڪلي، تون سڀاڻي هتي ترس، ۽ ويهي اسان جو
تماشو ڏس.“ عقلمند صبح جو ڀائرن کي چيو: ”اوهان اڄ
ڀلي شڪار تي وڃو، مان ڪجهه خوش نه آهيان.“
پهريائين ته هن جا ڀائر شڪار تي نه پيا وڃن پر
پوءِ تيار ٿيا. گهوڙن کي سنجڻ لڳا، ته سنج وجهڻ ئي
نه پيا اَچنن... نيٺ عقلمند اٿي گهوڙا سنجي ڏنن.
ننڍيءَ ڏائڻ کي هاڻي خبر پيئي ته روز عقلمند ڇو
ڀائرن جا گهوڙا سنجيندو آهي. جڏهن عقلمند جا ڀائر
شڪار تي ويا، تڏهن عقلمند جي زال مڙس کي ڪنجيون
ڏيئي، چيو ته ”اسان شڪار تي وينديونسين- پٺيان تون
سڀ ڪوٺيون جاچي ڏسجانءِ.“
ڏينهن ڪجهه مٿي چڙهيو، ته ڏائڻيون شڪار لاءِ اُڏامي هليون ويون.
هنن جي وڃڻ کانپوءِ، عقلمند پهرين ڪوٺي وڃي کولي-
ڏسي ته ان ۾ ست گهوڙا اهڙي قسم جا بيٺا آهن، جو
وٺي جو هوند پنڌ ڪن، ته پکين جي به ساڻن مجال نه
آهي. ٻي ڪوٺي وڃي ڏسي ته سڄي شاهي هٿيارن سان ڀري
پيئي آهي. ٽين کولي ڏٺائين ته سڄي ماڻهن جي سسين
سان سٿيل نظر آيس، جن سڀني هن کي ڏسي پهريائين ته
روئي ڏنو، پر پوءِ بيهي کلڻ لڳيون. عقلمند حيران
ٿي اُنهن کان روئڻ ۽ کلڻ جو سبب پڇيو. سِرين
ٻڌايس ته ”روئڻ انهيءَ ڪري هو ته تو جهڙو سهڻو
جوان ستن راتين کانپوءِ مارجي ويندو، ۽ تنهنجي سسي
به اچي اسان سان ملندي. کلون انهيءَ ڪري ٿيون ته
پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي! اسين به ته نيٺ تو جهڙن
شهزادن جون ئي سسيون هيونسين!“ عقلمند کي پڪ ٿي ته
هِتي جيئڻ محال آهي. پوءِ هي يڪدم ڪوٺيون بند ڪري،
چپ چاپ اچي سمهي رهيو.
جڏهن شام ٿي، تڏهن ڏائڻيون ۽ هن جا ڀائر آيا، رات جو عقلمند
زال کي چيو: ”مون سڀڪجهه ڏٺو. هاڻي مون کي يقين
آهي، ته تو جيڪي چيو، سو سچ آهي. پر خدا جي نالي
منهنجي ڀائرن جو بچاءُ ڪر، باقي آءٌ حاضر آهيان.“
ڏائڻ چيس: ”خيال نه ڪر، تنهنجي صدقي اُهي به بچي
پوندا. هاڻي هيئن ڪجو، جو صبح جو سوير، شڪار جي
بهاني اٿي، پنهنجي ملڪ ڏانهن روانا ٿي وڃجو، ۽
جڏهن شام ٿئي، تڏهن ڪنهن ٽڪر تي چڙهي گهوڙن جون
کُچون ترارين سان ڪپي، اُتي ويهي رهجو.... ۽ جڏهن
اسين ڳولينديون ڳولينديون توهان وٽ اچي پهچون،
تڏهن اوهان چئو ته ’اسان اڄ رات هتي رهي، صبح جو
شڪار ڪندا ڪندا گهر موٽنداسون، اوهان پنهنجا گهوڙا
اسان ڏانهن ڏياري موڪلجو‘!“
جڏهن صبح ٿيو، تڏهن هي شڪار تي روانا ٿيا. اتي عقلمند پنهنجي
ڀائرن کي سڄي حقيقت ٻڌائي، چيو ته ”جيترو ٿي سگهي،
گهوڙن کي هڪليو.“ سڀني کي ساهه جي لڳي ويئي، ۽
اهڙو گهوڙن کي ڇوٽ ڇڏيائون، جو ٻن ڏينهن جيترو پنڌ
هڪڙي ڏينهن ۾ ڪڍي آيا، جڏهن شام ٿي، تڏهن هڪ
ٽڪريءَ تي چڙهي ويا، ۽ اُتي گهوڙن جون کُچون ڪپي،
ويهي رهيا.
شام ٿي ۽ هي جو ڪونه موٽيا، ڏائڻين کي ائين شڪ پيو ته شهزادا
شايد ڀڄي ويا. سڀئي صلاح ڪري، هنن کي ڳولڻ نڪتيون
۽ نيٺ هنن کي ڳولي اچي لڌائون، جڏهن وٽن پهتيون،
تڏهن شهزادن چيو: ”اسان کي اڄ شڪار نه لڳو آهي...
ٽڪر ۾ گهوڙن جا سنب به ڦٽجي پيا آهن- هاڻي ڪي
اوهان گهوڙا موڪليو ته پوءِ گهر اچون.“ اهو ٻڌي،
هي موٽي ويون، ۽ يڪدم پنهنجا سامونڊي گهوڙا وٺي
آيون. جڏهن هنن شهزادن کي هلڻ لاءِ زور رکيو، تڏهن
عقلمند چيو ته ”اسان جي عادت آهي ته هٿين خالي گهر
نه موٽندا آهيون. سڀاڻي شڪار ڪري، پوءِ گهر
اينداسين.“ ڏائڻيون هليون ويون، ۽ هنن گهوڙن تي
زينون رکيون، ۽ جيترو ٿي سگهين، گهوڙن کي وٺي
هڪليائون- سڄي رات ۽ ٻيو ڏينهن گهوڙا ڪاهيائون.
رات ٿي، هو نه موٽيا، سو ڏائڻيون صلاح ڪري وري هنن
جي ڳولا ۾ نڪتيون. ننڍيءَ ڀيڻ گهڻو ئي هيڏانهن
هوڏانهن ٿيڙين، پر نيٺ ڪيترو ٿڙن! پري کان ڪنهن
مهل ڏٺائون ته مڙس وڃن ٿا اُڏاڻا! ڏائڻين کي ڏسي،
ويتر هنن به گهوڙن تي مار وڌي. دنگ باقي ٻن چئن
وکن تي رهيو... ٻيا سڀ ٽپي ويا، باقي عقلمند، جو
سڀني جي پٺيان هو، تنهن جي گهوڙي جي پڇ ۾ هڪ ڏائڻ
جو هٿ پئجي ويو. ننڍيءَ ڏائڻ سمجهيو ته هاڻي جوان
جو سر ٿو وڃي، تنهن رڙ ڪئي ته ”انڌا، گهوڙي جو پڇ
نٿو ڪپين.“عقلمند ڪڍندي ترار گهوڙي جي پڇ تي وهائي
ڪڍي، ته پڇ ڪپجي وڃي پري پيو، ۽ گهوڙو ٽپي وڃي دنگ
جي هن پار ٿيو. ڏائڻيون هٿ ملي بيهي رهيون، ۽
پنهنجي ڀيڻ کي ميارون ڏينديون، موٽي ويون... ۽
شهزادا صحيح سلامت اچي پنهنجي ملڪ پهتا.
ڪجهه ڏينهن گذريا ته عقلمند کي اچي انهيءَ ڏائڻ جي سڪ ٿي. مڙس
خيال ڪيو ته ڪجهه به ٿي پوي، پنهنجي محبوب جو منهن
ضرور ڏسندس. ڀائرن گهڻو ئي سمجهايس، پر هي پڙ ڪڍي
بيٺو. آخر عقلمند کان جيڪو وڏو ڀاءُ هو، تنهن چيو:
”ادا جي تون وڃين ٿو ته مان به توسان هلندس- توکي
اڪيلو ڪيئن ڇڏيان!“ پوءِ ٻيئي ڄڻا اٿي اوڏانهن
روانا ٿيا.
هڪليندا هڪليندا هڪڙي کوهه جي ڀرسان اچي مانجهاندو ڪرڻ لاءِ هڪ
پپر هيٺان لٿا. عقلمند جو ڀاءُ گهوڙن جون واڳون
ڪڍي، ويو پاڻي ڀرڻ، ته ڏسي ته کوهه جي ڳل تي هڪ
پٿر مٿان هڪ اهڙي مورت چٽيل آهي جو اهڙي سهڻي عورت
نه دنيا ۾ پيدا ٿي نه ٿيندي. هن خيال ڪيو ته
جيڪڏهن عقلمند اها مورت ڏٺي، ته انهيءَ تي عاشق ٿي
پوندو. پوءِ اڳلي کان به چڳلي ٿي پوندي. اهو خيال
ڪري، هن کوهه مان پاڻي ڪڍيو، ۽ گارو ٺاهي، انهيءَ
مورت کي ان سان لنبي ڇڏيائين. پاڻ پوءِ پاڻي ڀري
کڻي آيو، ۽ ماني ٽڪي تيار ڪري، کائي پي، سمهي
رهيا. اُٿڻ مهل پاڻيءَ جي ضرورت ٿين. عقلمند جو
ڀاءُ پاڻيءَ لاءِ وڃڻ لڳو، ته عقلمند روڪيس. چي،
”هاڻي منهنجو وارو آهي.“ هن گهڻو ئي روڪيس، پر
عقلمند نه مڙيو ۽ جڏهن کوهه تي ويو، ته اها مورت
ڏسي بيهوش ٿي ويو. ڀاڻس وڃي کيس کنيو، ۽ پاڻي وجهي
هوش ۾ آندائينس. ڀاڻس منهن ورائي جو ڏسي، ته اها
ساڳي مورت جيئن پهرين ڏٺي هئائين، تيئن پٿر مٿان
صاف ئي صاف ائين بيٺي آهي! عقلمند جڏهن هوش ۾ آيو،
تڏهن ڀاءُ کي چيائين: ”جيڪڏهن انهيءَ مورت واري
عورت پرڻائين ته واهه، نه ته اسان جو مڙهه مقام
انهيءَ کوهه تي آهي.“ عقلمند جو ڀاءُ حيران ٿي
بيهي رهيو... ڪو چارو نه پيو سجهيس. ڀاءُ کي
چيائين: تون وري ساڳئي هنڌ ٿي ويهه، ته مان ڳولا
ڪريان.“ هن وري به گارو ٺاهي، انهيءَ مورت کي لنبي
ڇڏيو، ۽ پاڻ ويهي تماشو ڏسڻ لڳو. جهٽ ڪانه گذري ته
هڪ ڪارو نانگ اچي انهيءَ مورت تي ليٽڻ لڳو، ۽ اُتي
جو اتي وري اڳي وانگر مورت صاف ٿي ويئي. هن سمجهيو
ته حرڪت پڪ ئي پڪ انهيءَ نانگ ۾ آهي. پوءِ هن کوهه
۾ چتائي، جو ڏٺو، ته ڏسي ته کوهه جي پاسي ۾ هڪ دري
لڳل آهي، پر بند آهي، گمان ٿيس ته ضرور انهيءَ
دريءَ اندران ڳالهه جو پتو پوندو. اهو خيال ڪري،
هيءُ ڀاءُ وٽ آيو. ڀاءُ کي چيائين: ”گهوڙي جون
واڳون ڳنڍ، ۽ مون کي کوهه ۾ لاهه... پوءِ ٿيڻو
هوندو، ته گهڻو ڪجهه ٿي پوندو.“ عقلمند واڳون ڳنڍي
ڀاءُ کي کوهه ۾ لاٿو. هي سڌو انهيءَ دريءَ وٽ ويو.
اندرئين پاسي، انهيءَ مورت واري شهزادي ويٺي هئي،
۽ هڪ ديو سندس گوڏي تي سر رکيو، ستو پيو هو.
شهزاديَ هن کي ڏسي عبرت ۾ پئجي ويئي، ۽ اشاري سان
کيس چپ رهڻ لاءِ چيائين، ۽ پوءِ آهستي آهستي اٿي
دري کولي ڇڏيائين. ائين ڪندي، شهزاديءَ دريءَ مان
منهن ڪڍي، مٿي جو ڏٺو، ته عقلمند نظر آيس. ٻنهي
جون اکيون اٽڪي ويون. عقلمند جي ڀاءُ شهزاديءَ کي
اشارو ڏيئي چيو: ”تون گوڏو ڪڍي ٻاهر ٿي ته مان
گوڏو ڏيانس.“ شهزادي پهريائين ته ڪجهه هٻڪي، پر
پوءِ همت ٻڌي اُٿي، ۽ ڀڙڪو ڏيئي هڪدم وڃي کوهه جي
پڳ تي پير کوڙيائين. هيڏانهن عقلمند به کڻي گهوڙي
تي چاڙهيس، ۽ وٺي کڻي گهوڙي کي اڙي هنيائين، ۽
پٺتي ڀاءُ ڏانهن نهاريائين به ڪين.
ديو کي جڏهن جاڳ ٿي، تڏهن چيائين: ”او منهنجا يار!“ عقلمند جي
ڀاءُ ورندي ڏنس: ”تنهنجي يار کي کڻي ويو منهنجو
يار.“ ديو خار مان چيس: ”بيوقوف! اُهو يار نه هو،
پر يارن جو خار هو- ياريءَ جا پنڌ اڃا پري آهن.“
هن وري به جواب ڏنس: ”تنهنجي يار کي کڻي ويو
منهنجو يار.“ ديو وري به چيس ”بيوقوف، اهو يار نه
هو پر يارن جو خار هو- ياريءَ جا پنڌ اڃا پري
آهن.“ اهڙيءَ طرح جڏهن ديو ٽيون دفعو سڏيو ۽ هن
ساڳيو جواب ڏنس، تڏهن ديو چيس: ”بيوقوف، ٻڌ ته مان
توکي يارن جي ڳالهه ٻڌايان.“
سوداگرزادي ۽ چاڪيءَ جي پاڻ ۾ ياري هئي. جڏهن سوداگر واپار تي
ويندو هو، ۽ ڇهه ڇهه مهينا لائي پوءِ موٽيندو هو،
تڏهن انهيءَ وچ ۾ چاڪي وڃي سوداگر جي گهر ٽڪندو
هو، ۽ رات جو سوداگر جي زال سان ساڳيءَ کٽ تي
سمهندو هو. شهر ۾ اها ڳالهه هُلي ويئي، ۽ ڪن وڃي
بادشاهه جا ڪن ڀريا. بادشاهه رات جو چمڙا پوش ڪري
وڃي سوداگر جي گهر جي ڀر ۾ لڪو. سنجهو ٿيو، ته
چاڪي آيو، ۽ هنڌ وڇائي سوداگر جي زال سان وڃي ستو.
بادشاهه ڏٺو ته سوداگر جي زال بيحد سهڻي آهي، ۽ هن
کي پڪ ٿي ته چاڪي انهيءَ زال سان ضرور کريل آهي.
پر اهڙو لقاءُ اکين سان ڏسڻو هوس. ٿوريءَ دير
کانپوءِ ٻنهي کي ننڊ کڻي ويئي. ننڊ ۾ جيڪڏهن
مائيءَ جي ڪپڙي جو پلؤ اچي چاڪيءَ کي ٿي لڳو، ته
چاڪيءَ رڙ ٿي ڪئي- ’ادي پنهنجو ڪپڙو سنڀال‘، ۽ جي
وري چاڪيءَ جو پلؤ مائيءَ کي ٿي لڳو ته اُنهيءَ
دانهن ٿي ڪئي- ’ادا ڪپڙو سنڀاري پؤ.‘ بادشاهه سڄي
رات اهو تماشو ڏسندو رهيو.صبح جو وزير کي چيائين:
’چاڪي بيشڪ وفادار دوست آهي. وزير چيو: ”برابر
سائين، چاڪي وفادار آهي.“ پوءِ ٻيئي ڄڻا چاڪيءَ وٽ
هلي آيا. چاڪي گهاڻو هلائي رهيو هو، وڌي بادشاهه ۽
وزير کي ادب سان مليو، ۽ هٿ ٻڌي، اچڻ جو پڇيائين.
بادشاهه چيو: ”مان توسان ياري رکڻ آيو آهيان.“
چاڪيءَ عرض ڪيو: ”قبلا، مان تيلي آهيان، کائڻ
جيترو به ڪونهيم، سو مان ڪيئن ياريءَ جهڙو ٿيس!“
بادشاهه چيو: ’ڪجهه به ٿي پوي، مان ضرور توسان
ياري رکندس.‘ چاڪيءَ ڏٺو ته بادشاهه نه مڙندو،
تنهنڪري هن کي هڪ پراڻو تڏو وڇائي ڏنائين، ۽ زال
کي چيائين ته ’جوئر جي رٻ اهڙي تيار ڪر، جا پيئڻ
سُرڪڻ جهڙي هجي.‘ جڏهن رٻ تيار ٿي، تڏهن ٺڪر جي ٻن
ڀڳل پيالن ۾ وجهي، آڻي حاضر ڪيائين. وزير ته سڙي
ويو، پر بادشاهه بسم الله ڪري رٻ سرڪڻ شروع ڪئي.
لاچار وزير به رٻ چٽي پوري ڪئي... ۽ پوءِ چاڪيءَ
کان موڪلائي ٻيئي هليا ويا. وزير بادشاهه کي چيو:
’ڪميڻي چاڪيءَ اسان سان ڪريز ڪري ڇڏي آهي، اوهان
به قهر ٿا ڪريو!‘ بادشاهه هن کي جواب نه ڏنو... پر
ٻئي ڏينهن چاڪيءَ وٽ پاڻ اڪيلو ويو. چاڪيءَ
بادشاهه کي اڪيلو ڏسي، سندس ڏاڍي آجيان ڪئي، ۽ وڃي
مٿي ماڙيءَ تي ويهاريائينس. زال کي چيائين:’ڀلي ۾
ڀلا کاڌا تيار ڪر.‘ بادشاهه کاڌو کائي اچرج ۾ پئجي
ويو. وري جو چاڪيءَ جي زال ڏٺائين چوڏهينءَ جو
چنڊ، تڏهن ته وڌيڪ حيران ٿي ويو... ۽ سندس دل کوٽي
ٿي پيئي. چاڪيءَ به تاڙي ورتو ته بادشاهه جي نيت ۾
خلل آهي. پوءِ بادشاهه کي ويهي زور ڏيڻ لڳو.
بادشاهه جو خيال هجي ته چاڪي ننڊ ڪري ته سندس زال
سان محبت جا ڪي ٻه ٻول ونڊيان. پر چاڪي زورن کان
بس ئي نه ڪري، ۽ بادشاهه جي روڪڻ تي به نه مڙي.
ٿيندي ٿيندي، ائين ئي سج اُڀري ويو. چاڪيءَ،
بادشاهه جي پيرن تي هٿ رکي چيو:’سائين ياريءَ جا
پنڌ اڃا پري آهن.... جيڪڏهن مان ننڊ ڪريان ها، ته
تنهنجي نيت ڪا ٻي هئي. هل ته مان توکي پنهنجا دوست
ڏيکاريان. هاڻي، تون ڪوٽوال جا ڪپڙا ڪري، مون کي
هٿ ڪڙيون هڻي سوداگر جي زال وٽان هلي لنگهه.‘
بادشاهه تماشي ڏسڻ لاءِ ائين ڪيو. جڏهن چاڪيَ
سوداگر جي گهر وٽان اچي لنگهيو، تڏهن بادشاهه هڪل
ڪري چيو: ’هل ڙي چاڪي، تو به گهڻا ڏينهن ملڪ کاڌا
آهن!‘ مائيَ، چاڪيءَ جي نالي ٻڌڻ سان ئي ڊوڙي
دروازي تي آئي، ۽ ڪوٽوال کي ڏسي ڏڪي ويئي، ۽ چوڻ
لڳي: ”ادا انهيءَ کي ڇڏي ڏي، جيتري دنيا وڻئي، مون
کان وٺ.“ بادشاهه چيو: ’اصل نه ڇڏيندوسانس.‘
مائيءَ چيو: ’هيءَ سڄي جائداد تون وٺ، مان رڳو
گندي مٿي تي رکي، ٻاهر نڪري ٿي بيهان- پر تون
چاڪيءَ کي ڇڏ!‘ چاڪيءَ بادشاهه کي چيو ته ’هاڻي
فلاڻي مڪان وٽ هل.‘ بادشاهه هن کي اوڏانهن وٺي
ويو، ۽ مڪان جي ٻاهران هڪل ڪيائين: ’هل ڙي چاڪي،
تو به گهڻا ڏينهن ملڪ کاڌا آهن!‘ مڪان ۾ هڪ ملنگ
ويٺو هو، جنهن اهو آواز ٻڌي، ٻاهر اچي ڏٺو ته
ساڳيو چاڪي سندس دوست آهي. بس، پوءِ ته ڀنگ وارو
ڏنڊو کڻي، بادشاهه تي سڌو ٿي آيو، ۽ چيائينس ته
’چاڪيءَ کي ڇڏ، نه ته هڪڙو ئي ڏنڊو سِر ۾
ڏيندوسانءِ.‘ بادشاهه لاچار ٿي، چاڪيءَ کي ڇڏي
ڏنو. هلندي ويل، چاڪيءَ بادشاهه کي چيو: ’دوستي
ائين ٿيندي آهي.‘ بادشاهه قبول ڪيو ته ’بيشڪ
تنهنجي دوستيءَ جي ڏانءُ جو آءٌ نه آهيان!‘“
ديو، ائين چئي هن جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي، وٺي جو جهوٽو ڏنس، ته وڃي
کوهه کان ٻاهر پيو. اُتي ڏسي ته سندس گهوڙو ٻڌو
بيٺو آهي، باقي نه عقلمند ٺهي ۽ نه شهزادي. هيءُ
سڌو گهر آيو.... اُتي عقلمند مليس، جنهن کي
چيائين: ”ادا، ديو سلام ڏيندو هوءِ!“ عقلمند،
شرمندو ٿي، کڻي ڀاءُ کي ڀاڪر وڌو.
●●● |