سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون -1

باب: -

صفحو :4

 

 

محمود شاهه

ڪنهن سمي، هڪڙي ملڪ ۾ هڪڙو انصاف وارو ۽ عاقل بادشاهه حڪومت ڪندو هو. کيس دين دنيا ۾ هڪڙو ئي پٽ هو، ڀلا بادشاهي ٻار، سو به سڪي سڪي ڄاول، انهيءَ ڪري شهزادو ڏاڍو دادلو هوندو هو. ننڍي هوندي، سنگتين ساٿين سان پيو گهمندو ڦرندو ۽ موجون ڪندو هو. جڏهن جوان ٿيو تڏهن پڻس کيس ٻه سهڻيون شهزاديون پرڻايون، شهزادي کي گهوڙي سواريءَ جو تمام گهڻو شوق هو. وٽس ڪيترائي عمدا گهوڙا هئا، پر هڪڙي تمام ڀلي گهوڙي هيس، جنهن سان هن جو ڏاڍو پيار هوندو هو، شهزادو روزانو گهوڙيءَ تي چڙهي سنگتين سان گڏجي گهمڻ ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڪيلو به ويندو هو.

انهيءَ شهر ۾ هڪڙو ريٻاري رهندو هو، جنهن کي تمام حسين ڌيءَ هئي، جنهن جي حسن جي هاڪ چوڌاري پکڙيل هئي. اها ڇوڪري پنهنجين ساهيڙين سان روزانو گڏجاڻي پاڻي ڀرڻ لاءِ درياءَ تي ويندي هئي. هڪڙي ڏينهن شهزادو انهيءَ مهل اتان اچي لنگهيو، جنهن مهل هي ڇوڪريون درياءَ تي هيون. گهوڙيءَ جي ٽاپ ٽاپ ۽ سوار جي ڦڙتائيءَ کين متوجهه ڪيو. عشق جو تير سيني ۾ کپي ويو، ۽ شهزادو هن ريٻارڻ ڇوڪريءَ تي موهت ٿي پيو، گهر ته موٽي آيو، پر آرام نه پيو اچيس، لوڇ پوڇ ۽ بيقراريءَ ۾ رات گذري. ٻئي ڏينهن صبح سان شهزادي گهوڙيءَ تي لانگ ورائي، ۽ ڇوڪريءَ جي رستي تي وڃي بيٺو، هوڏانهن ڇوڪري سهيلين سميت درياءَ تي پاڻي ڀرڻ لاءِ آئي. شهزادي به اچي هنن جي ڀر ورتي. جڏهن هو پاڻي ڀري موٽيون، تڏهن شهزادو به سندن ڪڍ هلڻ لڳو.

اهڙيءَ طرح روز ٿيندو هو. ڇوڪريءَ کي اها ڳالهه نه آئڙي. سانده مهينو ائين گذري ويو. آخر ڇوڪري ڪڪ ٿي، اهو ارادو ڪيو ته ’شهزادي کي اهڙو سبق سيکاريان، جو سڄي ڄمار ياد ڪري؛ پوءِ جي بادشاهه اسان کي کڻي لڏايو ته اسين لڏي وينداسين.‘ اهو پڪو پرن ڪري گهران نڪتي ته شهزادو به اچي گڏيس، جڏهن شهزادي جي گهوڙي ڇوڪريءَ جي ڀرسان آئي، تڏهن هڪدم هن گهوڙيءَ کي اهڙي ته لپاٽ هنئين، جو گهوڙي غش ٿي ڪري پيئي ۽  شهزادو به پريان وڃي ڪريو، ڇوڪريون ته هليون ويون، پر گهوڙي، جا نه اٿي سا نه اٿي، ۽ اتي ئي ساهه ڏنائين، اها ڳالهه شهزادي کي ڏاڍي ڏکي لڳي، پر ڪري ڇا؟ گهر ته موٽي آيو پر ڏک وچان ڪا به ڳالهه نه پئي وڻيس. ماٺ ڪري اونڌي منهن وڃي محلات ۾ ليٽي پيو، ۽ خبر ئي نه پئي پيس ته ڇا ڪري. نيٺ دل ۾ اهو پڪو ارادو ڪيائين ته ريٻارڻ ڇوڪريءَ کان انهيءَ جو عيوضو ضرور وٺندس. ان لاءِ هيءَ رٿا رٿيائين ته ڪنهن اٽڪل سان هن ڇوڪريءَ سان شادي ڪري، پوءِ کيس طلاق ڏجي. اهو پڪو پهه پچائي، شهزادو ڌرڻو ماري ويهي رهيو، نه سنگتين ساٿين سان هلي ۽ نه ڪنهن سان گهمي ڦري، ۽ نه ماني ٽڪي کائي، سڄو ڏينهن محلات ۾ ويٺو هوندو هو، سنگتي ساٿي به جڏهن ساڻس ملڻ ايندا هئا، تڏهن انهن سان به چڱيءَ طرح منهن نه ڏيندو هو، دوستن پڇيس، ”ڏي خبر، خير ته آهي؟“ هن جواب ڏنو ته  ”مڙئي خير آهي!“ پر سنگتين سهي ڪري ورتو ته ڪا ڳالهه ضرور آهي، پر اسان کي نٿو ٻڌائي. اها خبر نيٺ بادشاهه کي پئي، بادشاهه ڊوڙندو آيو، چي،  ”پٽ تو سان ڪهڙي ويڌن آهي؟“ شهزادي جڏهن ڏٺو ته بابو منهنجي هر ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار آهي تڏهن يڪدم چيائينس، ”بابا! آءٌ هڪ ريٻارڻ کي پيار ٿو ڪريان، منهنجي ان سان شادي ڪرايو!“ بادشاهه ڳالهه ٻڌي کيس دلداري ڏني، شهزادو خوش ٿيو ۽ اٿي خير سان ماني ٽڪي کاڌائين.

بادشاهه يڪدم پنهنجي وزير کي گهرايو ۽ کيس سربستي ڳالهه ٻڌائي چيائين ته، ”تون ريٻاريءَ وٽ وڃ ۽ کانئس سڱ جي گهر ڪر!“ وزير جواب ڏنو ”جيئندا قبلا! ريٻاري گهٽ ذات، اوهان ملڪ جا بادشاهه - اها شادي نٿي ٿي سگهي. ٻئي ڪندي، هي بنهه بکيا ماڻهو آهن! شهزادي کي چئو ته پنهنجي هٺ کان هيٺ لهي، انهيءَ ۾ ئي سندس ڀلائي آهي!“ بادشاهه وراڻيو ،”مون ته گهڻا مٿا مونا هنيا آهن پر هو مڃي ئي نٿو، باقي تون وڃي سمجهائينس، من سنئين رستي تي اچي.“ وزير به شهزادي کي گهڻو ئي سمجهايو، پر وريو ڪي به ڪين. لاچار وزير کي ريٻاريءَ وٽ وڃڻو پئجي ويو؛ ۽ کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌايائين. ڳالهه ٻڌي ريٻاري ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو، جي سڱ ٿو ڏئي، ته برادريءَ مان ٿا ڪڍنس، جي نٿو ڏئي، ته بادشاهي ڏمر ٿو کڻي! ڪري، سو ڪري ڇا؟ آخر ريٻاريءَ ڳالهه جهلي، ۽ هڪ مهيني جي مهلت گهري. وزير هائوڪار ڪئي ۽ واپس موٽي، اچي شهزادي ۽ بادشاهه کي حقيقت ٻڌايائين.

ريٻاريءَ پنهنجي ڌيءَ کان پڇيو ته، ”تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟“ ڇوڪريءَ چيو ته ”جيڪو قسمت ۾ لکيل آهي، سو اوس ٿيندو، جي سڱ نه ڏيندؤ، ته به هو مون کي زوريءَ کڻي ويندا، انهيءَ ڪري اها مائٽي کڻي قبول ڪريو!“ ريٻاريءَ کي به اها ڳالهه دل سان لڳي ۽ بادشاهه کي چورائي موڪليائين ته ”مون کي اها مائٽي منظور آهي.“ آخرڪار ڏاڍي ڌام ڌوم سان هيءَ شادي ٿي، ۽ شهزادو ريٻارڻ سان گڏ هڪ جدا محلات ۾ رهڻ لڳو، ۽ ريٻارڻ جي ڏاهپ ڪري شهزادي کي پنهنجو ڪيل پرن بلڪل وسري ويو.

هوڏانهن شهزادي جون ٻيون ٻه زالون اچي حيران ٿيون ته ڪيئن شهزادي سان ملجي، جنهن هنن کي صفا وساري ڇڏيو هو. انهيءَ سوچ ۾ هيون ته در تي هڪ فقير صدا هنئين، راڻين جي خيال ۾ آيو ته ڇو نه انهيءَ فقير کي شهزادي ڏي موڪلي، کيس پنهنجي کنيل قسم جي يادگيري ڏيارجي، سو فقير کي لالچ ڏئي پڪو ڪري چيائونس ته ”تون شهزادي جي در تي صدا هڻجانءِ، ۽ جڏهن ريٻارڻ تو کي خيرات ڏئي ته تون اها نه وٺجانءِ ۽ چئج ته ’مون کي شهزادو پاڻ پنهنجي هٿن سان بکيا ڏئي، پوءِ شهزادو جڏهن تو کان انهيءَ جو سبب پڇي، تڏهن کيس ٻڌائجانءِ ته تنهنجي ريٻارڻ زال پاپڻ آهي، هن تنهنجي گهوڙي ماري آهي؛ ۽ هن جي پيٽ ۾ جيڪو ٻار آهي سو تنهنجي سر جي تباهيءَ جي باعث بڻبو.“ فقير يڪدم شهزادي جي در تي آيو، ۽ جيئن کيس راڻين سمجايو هو، تئين ڪيائين، شهزادي کي پنهنجي ڪيل پرن جي يادگيري پئي ۽ مٿان اچي ڊپ ورايس ۽ ٻيو وري بادشاهي آرا... سو يڪدم پنهنجن نوڪري کي حڪم ڪيائين ته ”هن نڀاڳيءَ رن کي جهنگ ۾ وڃي ماري اچو ۽ ثابتيءَ لاءِ سندس اکيون ڪڍي آڻي مون کي ڏيکاريو!“

نوڪر ريٻارڻ کي مارڻ لاءِ جهنگ ۾ وٺي ويا، اتي پهچي جڏهن هن کي مارڻ لڳا ته ريٻارڻ کين روئيندي چيو ته ”مون کي مارڻ مان توهان کي ڇا حاصل ٿيندو؟ توهان مون کي ڇڏي ڏيو، آءٌ توهان کي دعا ڪنديس!“ نوڪرن چيو ته ”جيڪڏهن اسين توکي ڇڏي ڏيون، ته پوءِ شهزادي کي تنهنجون اکيون ڪيئن ڏيکارينداسين؟“ سامهون هڪ هرڻي پئي اچنو، ريٻارڻ ان ڏانهن اشارو ڪري چيو ته ”انهيءَ هرڻ کي ماري، ان جون اکيون ڪڍي، وڃي شهزادي کي ڏيو!“ نوڪرن به ريٻارڻ جي ڳالهه مڃي، ۽ هرڻ ماري ان جون اکيون ڪڍي وڃي شهزادي کي ڏنائون.

ريٻارڻ اتان هلندي هلندي نيٺ هڪ ٻئي شهر ۾ وڃي پهتي، ڪو به ڄاڻ سڃاڻ ڪو نه هوس، وڃي ته وڃي ڪيڏانهن! انهيءَ ٻڏتر ۾ هئي ته اتان هڪڙي سوداگر جي هن تي نظر پئجي وئي، ۽ هن کي مٿس ڪهل آئي، ۽ وڌي اچي پڇيائينس. ريٻارڻ به سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايس، جنهن تي هن چيس ته ”اڄ کان تون منهنجي ڀيڻ آهين، تون هلي منهنجي گهر ٽڪ، ، روز رازق تي آهي، مڙيئي پيو وقت گذرندو!“ سوداگر ريٻارڻ کي گهر ڇڏي، ۽ پنهنجي زال کي هن جي پارت ڪري واپس موٽي اچي دڪان تي ويٺو.

ريٻارڻ خوشيءَ سان وقت گذارڻ لڳي، هن کي پيٽ به هو، سو نوين مهيني کيس هڪ پٽ ڄائو. نالو رکيائنيس ”محمود.“ ڇوڪر اڄ ننڍو، سڀان وڏو، اچي سمجهه ڀريو ٿيو، پاڙي جا ٻار هن کي ڏاڍو ڪڪ ڪندا هئا، چي ”هن جو پيءُ آهي ئي ڪونه!“ هو ڏاڍو شڪي ٿيندو هو، آخر هڪ ڏينهن پنهنجي ماءُ کان پڇيائين ته ”منهنجو پيءُ ڪير آهي؟“ آخر راڻيءَ کيس سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ۽ چيو ته ”تنهنجو پيءُ بادشاهه، تنهنجو ڏاڏو بادشاهه ۽ تون به ڪڏهن بادشاهه ٿيندين!“ اها ڳالهه ٻڌي ممحمود ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ اڳتي ٺهي ٺڪي شان مان سان هلڻ لڳو.

هڪ ڏينهن، سوداگر واپار سانگي ڪنهن ولايت ڏي سنڀريو، تڏهن ريٻارڻ چيس ته ”ادا هي تنهنجو ڀاڻيجو اچي وڏو ٿيو آهي، تون هن کي ساڻ وٺي ويندين، ته ڪجهه پرائيندو، هتي ته رڳو پيو سڀني سان وڙهي ۽ جهيڙا ڪري!“ محمود کي جڏهن اها خبر پئي تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو، ٻئي ڏينهن سهي سنڀري، موڪلائي توڪلائي هو سوداگر سان گڏ سفر تي نڪتو، هلندي هلندي ڪيئي ولايتون پوئتي ڇڏي، هڪ ڏينهن جاوا ٻيٽ جي هڪ ملڪ ۾ اچي پهتا. محمود پنهنجي مامي کان موڪل وٺي ويو شهر ۾ گهمڻ، گهمندي گهمندي، اچي هڪ ميدان ۾ پهتو، جتي گهوڙن جي ڊوڙ پئي ٿي، خبر پيس ته سال بسال، هتي بادشاهه جي سامهون گهوڙن جون شرطون لڳنديون آهن، اڄ به اهو ڏينهن آهي. هن ڏٺو ته هڪ مٿانهينءَ جاءِ تي هڪ عاليشان تخت تي بادشاهه ويٺو آهي. هن نڪا ڪئي هم نڪا تم، سڌو وڃي بادشاهه جي ڀر ۾ ويٺو. بادشاهه هن کان پڇيو ته ”ڇوڪرا تون ڪير آهين؟“ ڇوڪري جواب ڏنو، ”منهنجو پيءُ بادشاهه، منهنجو ڏاڏو بادشاهه ۽ آءٌ به ڪڏهن بادشاهه ٿيندس! حال هتي گهمڻ آيو آهيان!“ هن جو جواب ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ هن کي وٺي پنهنجي قريب ويهاريائين، گهوڙن جي ڊوڙ ڏسڻ کانپوءِ محمود شهر جي بزار ڏسڻ ويو. جڏهن هڪ جوهريءَ جي دڪان وٽ آيو، تڏهن ڏٺائين ته جوهري هڪ شخص کي ٺڳڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. چي، ”هي سچا موتي آهن!“ محمود، جو اهو ناحق ٿيندو ڏٺو، سو يڪدم دڪان تي چڙهي ويو، ۽ چيائين ”ڪير ٿو چئي ته هي سچا موتي آهن، تو وانگر هي به ڪوڙا آهن!“ جوهريءَ کي عجب به ٿيو ۽ ڪاوڙ به لڳي ته هي وري ڪير آهي، جو منهنجي ڪم ۾ هروڀرو ٿو دخل ڏئي، تنهن چيس ته ”ميان! جيڪڏهن تون هي سچا موتي ڪوڙا ثابت ڪندين ته آءٌ تو کي هي سڄو دڪان ڏيندس!، پر جي تون ڪامياب نه ٿئين ته تون سڄي عمر منهنجو ٻانهو ٿي رهندين!“ محمود چيو ”مون کي منظور آهي.“ جوهريءَ چيو ”چڱو آءٌ امين ٿو وٺي اچان.“ دل ۾ خيال ڪيائين ته ڪنهن کي ڪجهه پئسا ڏيئي، سيکاري ڇڏيندس،بس پوءِ شرط منهنجي ٿيندي. پر محمود به چالاڪ هو، تنهن يڪدم چيس ته "امين آءٌ آڻيندس!" ائين چئي سڌو بادشاهه وٽ ويو، ۽ کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائين، بادشاهه يڪدم جوهريءَ کي گهرايو ۽ اهي ساڳيا موتي شاهي جوهريءَ کي ڏيکاريائين، جنهن تصديق ڪئي ته اهي موتي ڪوڙا آهن. اتي ڪپتيئي جوهريءَ جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون؛ منهن مٿو پٽيندو وڃي گهر ويٺو، ۽ محمود سندس دڪان جو مالڪ ٿي ويهي رهيو.

هوڏانهن جڏهن محمود کي ڳچ دير ٿي وئي، تڏهن مامس کي اچي اونو ٿيو، سو يڪدم هن کي ڳولڻ لاءِ روانو ٿيو، ۽ بزار مان گهمندي گهمندي هو اچي جوهريءَ جي دڪان وٽان لنگهيو، محمود مامي کي ويندي ڏٺو سو يڪدم سڏ ڪيائنيس. مامو محمود کي ڏسي خوش ٿيو ۽ خبر چار پڇيائينس، هن کيس سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ چيائينس ته ”هاڻي سڄو دڪان پنهنجو آهي، توهين هتي ويهي ويهو، ته آءٌ ماڻهو وٺي اچان، ته هتان سڀ سامان کڻايون.“ پوءِ مامي کي اتي ويهاري هو سڌو جهاز تي ويو ۽ اتان ماڻهو وٺي سامان ڍوئڻ لڳو ۽ نيٺ سمورو سامان سڙو کڻي جهاز هاڪاريائون، هلندي هلندي هڪ ٻيٽ تي اچي پهتا، جتي رات ٽڪڻ جو فيصلو ڪيائون. محمود پهري تي ويٺو ۽ ٻيا سڀ ننڊ سمهي پيا. ٿوري رات گذري ته محمود ڏٺو ته ٻه پکي، هڪ ننڍو ۽ ٻيو وڏو، وڻ جي ٽار تي هڪ ٻئي ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهن- وڏي پکيءَ چيو ته ”جيڪڏهن ڪو منهنجو گوشت کائي ته الهه تلهه چٽ ٿي وڃي!“ وري ننڍي پکيءَ چيو ته ”ڪو ماڻهو جيڪڏهن مون کي ماري کائي ته اهو بادشاهي ماڻي!“ محمود جو اهو ٻڌو ته يڪدم تير ڇوڙيا ۽ ٻئي پکي اچي پٽ تي پــــيا،

 ننڍي جو گوشت پچائي پاڻ کاڌائين ۽ وڏو اڇلائي ڪتن کي ڏيئي ڇڏيائين. سوداگر اهو ئي ستو رهيو ۽ محمود وري جاڳندو رهيو، آڌيءَ رات جو، هن پريان روشنائي ڏٺي؛ پهريدار کي سجاڳ ڪري پاڻ سڌو روشنيءَ ڏي ويو، هلندي هلندي وڃي هڪ بڙ جي ويجهو پهتو. ڇا ڏسي ته چار پريون ويٺيون چؤپڙ راند ڪن، خيال ڪيائين ته انهن مان هڪ کي ضرور جهلجي؛ ۽ جهڙي اُڇانگ ڏنائين، تهڙو پريون ته اڏامي ويون، پر هڪڙي پري جنهن ڍارا ۽ چؤپڙ کٽڻ ٿي گهريا، تنهن کي ٿوري دير ٿي ويئي، جنهن ڪري پٺيان رهجـي ويــئي ۽ هڪڙو ڍارو به پوئتي رهجي ويس، محمود رهيل ڍارو کڻي انهيءَ پريءَ جي پٺيان پيو، هيءَ پري ٿورو اڳتي هلي بيهي رهي ۽ اتي هڪڙو دروازو هو، انهيءَ ۾ اندر گهڙي ويئي گهڙڻ وقت ايترو چيائين ته ”جي محمود هجين، ته مون کي ڳولي هٿ ڪج!“ پري جا اهي گفتا محمود ٻڌا ۽ خيال ڪيائين ته اندر وڃان، پر غار تمام اونهو هو، جنهنڪري هن پنهنجو اهو خيال لاٿو ۽ اتان جا ڪي نشان کڻي واپس ماڳ تي موٽي آيو.

صبح جو سويل قافلو روانو ٿيو ۽ ڪجهه ڏينهن جي سفر ڪرڻ کانپوءِ اچي پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان پهتا، اتي ٻاهر ئي محمود کي پنهنجا ننڍ پڻ جا دوست گڏيا، تن محمود کي خبر چار ٻڌائڻ لاءِ ترسايو، محمود پنهنجي مامي کي ڍارو ڏيئي موڪليو ته ”هي وڃي امان کي ڏي، آءٌ اچا ٿو.“ سوداگر کي ڏسي ريٻارڻ پنهنجي پٽ جي پڇا ڪئي، جنهن ٻڌايس ته اهو به آيو آهي ۽ ٻاهر دوستن سان ڪچهري ڪري اجهو اچي ٿو، پر سوداگر اهو ڍارو جيڪو محمود ڏنو هوس سو ريٻارڻ کي نه ڏنو ۽ خيال ڪيائين ته اسان جي ڪهڙي ڪم ايندو، ڇو نه بادشاهه کي ڏئي خوشنودي حاصل ڪريان! وري محمود به ماءُ کان نه پڇيو ته ڪو مامي تو کي ڍارو ڏنو يا نه؟ آخرڪار سوداگر هڪ ڏينهن ڍارو کڻي بادشاهه کي ڏنو، جنهن اهو وري پنهنجي راڻين کي ڏنو. راڻين هڪڙو ڍارو ڏسي چيو ته ”هن هڪڙي ڍاري مان ڇا ٿيندو؟ اسان کي اهڙا ٻه ٻيا به ڍارا گهرائي ڏي!“ بادشاهه يڪدم سوداگر کي سڏايو، ۽ حڪم ڪيائنيس ته ”جيترو جلد ٿي سگهي، اهڙا ٻه ٻيا به ڍارا پيدا ڪر، نه ته ڦاسيءَ تي چاڙهندوسانءِ!“ سوداگر ويچارو اچي حيران ٿيو ته هاڻي ڇا ڪريان؟ آخر ٻڏي تري ڪجهه مهلت گهريائين. بادشاهه اها ڳالهه مڃي، سوداگر گهر موٽي آيو ۽ اونڌي منجي ڪري سمهي پيو. محمود سوداگر کي انهيءَ حالت ۾ ڏٺو، تڏهن پڇيائينس ته ”ماما تو ڇو ههڙو حال بڻايو آهي؟“ مامس کيس سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي. محمود چيو، ”بس ڳالهه به اها!، پاڻ هلي ٿا ڍارا هٿ ڪري اچون! بادشاهه وٽ وڃ ۽ وڃي کيس چئو ته مون کي ڪائي جي ڪوٺي ۽ ريشم جي رسي تيار ڪرائي ڏي!“ سوداگر جي پيٽ ۾ ساهه پيو، ۽ ڊوڙندو بادشاهه وٽ ويو ۽ کانئس ڪائي جي ڪوٽيءَ ۽ ريشم جي رسيءَ جي گهر ڪيائين، جي ٻئي شيون هن کي جهٽ ٺهي مليون.

اهو سامان کڻائي، ٻئي ڄڻا روانا ٿيا، هلندي هلندي هو انهيءَ برپٽ ۾ پهتا، جتان محمود اهو ڍارو لڌو هو ۽ اچي انهيءَ غار وٽ بيٺا، جتي هڪ پري غائب ٿي ويئي هئي. محمود مامي کي چيو ته ”هاڻي آءٌ ڪائي جي ڪوٺيءَ ۾ ويهان ٿو، ۽ تون مون کي هيٺ لاهيندو وڃجانءِ، جڏهن آئون ڏور کي لوڏو ڏيان، تڏهن سمجهج ته آءٌ ڪنهن منزل تي پهتو آهيان، پر جيڪڏهن وري آءٌ ٻي ڇڪ ڏيان تڏهن پيتي ڇڪي وٺجانءِ....“ ائين چئي هو پيتيءَ ۾ ويٺو ۽ پيتي ڍرندي ڍرندي وڃي هڪ ميدان ۾ لٿي، ٻاهر نڪري ڏور کي لوڏو ڏئي اڳتي هليو، چوڌاري نظر ڪيائين، پر ڪجهه به نظر نه آيس. ٿورو اڳڀرو هليو ته هڪڙي محلات جي چوٽي ڏسڻ ۾ آيس، تڪڙو تڪڙو اوڏانهن رخ  رکيائين، اها هڪ تمام وڏي محلات هئي، جنهن کي هڪ ننڍڙو دروازو هو. دروازي مان گهڙي اندر داخل ٿيو؛ ته حيران ٿي ويو، چوطرف باغ بستان لڳا پيا هئا، ڦوهارا جهر مر لايو بيٺا هئا، پر عجب اهو هو ته ماڻهو هڪ به نه هو- چوڌاري سڃ لڳي پيئي هئي. محمود آهستي آهستي اندر گهڙيو ته ڇا ڏسي ته هڪ حسين نوجوان ڇوڪري تخت تي چڙهي ويٺي آهي! هيءَ اها ئي ڇوڪري هئي، جنهن محمود کي چيو هو ته ”جي محمود هجين ته مون کي ڳولي لهج.“ڇوڪري محمود کي ڏسي ڇرڪي ۽ ڊپ وچان چيائين ته ”اي آدمزاد، تون ڪير آهين، ۽ هتي ڇو آيو آهين؟“ محمود جواب ڏنس. ”آءٌ محمود آهيان، ۽ توکي ڳولڻ لاءِ هت آيو آهيان!“ ڇوڪريءَ جو منهن خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳو، ۽ ڊوڙي وڃي هن کي ڀاڪر پاتائين، خوشيءَ وچان ٻيئي ماٺ ۾ هئا، آخر محمود هن کان خبر چار پڇي ته ”تون ڪير آهين، ۽ هتي ڪيئن آئي آهين؟“ ڇوڪريءَ جواب ڏنو ته آءٌ پارس ولايت جي بادشاهه جي ڌيءَ آهيان، ۽ هتي هڪ ظالم ديو جي قيد ۾ آهيان، جنهن 12ڪوهن جي آباديءَ ۾ هڪ به ماڻهو نه ڇڏيو آهي. هو صبح جو ويندو آهي ۽ شام جو موٽي ايندو آهي! هو ظالم تو کي به کائي ويندو! پر تون ڪو به خيال نه ڪر، آءٌ جادوءَ جي زور تي تو کي طوطو بڻائي ڇڏينديس!“ محمود چيس ته ”ڀلا تو کي ڪيئن خبر پوندي ته ديو آيو آهي؟“ شهزاديءَ جواب ڏنس ته ”پهرين واچ لڳندي آهي، پوءِ پٿرن جو مينهن پوندو آهي، اها نشاني ديو جي اچڻ جي آهي!“ ايتري ۾ واچ لڳڻ شروع ٿي، شهزاديءَ يڪدم محمود تي ڦيڻو پڙهيو، ۽ هو طوطو ٿي وڃي وڻ تي ويٺو، هاڻي پٿر اڏامڻ شروع ٿيا، مينهن پيو، آخر ڪار راڪاس به اچي ٺڪاءُ ڪيو، اچڻ سان ئي وٺي رڙيون ڪرڻ لڳو ته "آدم بو، آدم بوءِ!" ڇوڪريءَ چيس ته "چريو ٿيو آهين ڇا؟ هتي ڪٿان آيو آدم؟" جڏهن ڪجهه نظر نه آيس ته ماٺ ڪري سمهي پيو، صبح جو راڪاس اٿي هليو ويو، ۽ شهزاديءَ محمود کي ساڳيءَ شڪل ۾ آندو، اهڙي طرح ٻٽي ڏينهن گذري ويا.

هڪ ڏينهن، محمود شهزادي کي سمجهايو ته "تون ديو جو منجهه ڪڍ ته سندس ساهه ڪٿي آهي؟" شهزادي هائوڪار ڪئي، ۽ ديو جي اچڻ کان اڳ ڪارا ڪپڙا پائي زر زيور لاهي، منهن سڄائي ويهي رهي. ديو جو هن کي اداس ڏٺو، تنهن کانئس پڇيو ته "سچي ڪر، ڇا ڳالهه آهي؟" ڇوڪريءَ چيو ته "ڳالهه وري ڇا آهي! تون روز الائي ڪيڏانهن ٿو هليو وڃين، ۽ آءٌ هتي اڪيلي ويٺي آهيان، قضا سان ڪير تو کي ماري وجهي، ته پوءِ منهنجو ڇا ٿيندو؟" ائين چئي، اچي روئڻ ۾ پيئي، ديو ٽهڪ ڏيئي چيو ته "تون انهيءَ جو ڪو به فڪر نه ڪري، مون کي ڪير به ماري نٿو سگهي!" شهزاديءَ پڇيس ته "ڇو، ائين ڇو آهي؟" راڪاس جواب ڏنس ته "منهنجو ساهه منهنجي بدن ۾ ڪونهي - منهنجو ساهه هڪ ٻئي هنڌ محفوظ رکيل آهي!" تنهن تي شهزاديءَ چيس ته "ائين وري ڪيئن هوندو!" تنهن تي هن چيو ته "هن محلات جي باغ جي اتر پاسي هڪ غار آهي، ان غار جي مٿان هڪ سئو مڻو پٿر رکيل آهي، اهو پٿر مون کانسواءِ فقط محمود نالي شخص چوري سگهي ٿو: انهيءَ غار ۾ لوهه جو پڃرو رکيل آهي؛ ۽ ان پڃري ۾ هڪ ڀونئر آهي، انهيءَ ئي ڀونئر ۾ منهنجو ساهه آهي، هاڻي ته پڪ ٿيئي ته مون کي ڪو به نٿو ماري سگهي!" ڳالهه ٻڌي شهزادي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ هن سان کلي ڳالهائڻ لڳي.

صبح جو، جڏهن راڪاس ويو، تڏهن هوءَ محمود سان گڏجي انهيءَ غار ڏي ويئي وڃي ڏسن ته برابر هڪ پٿر رکيو آهي. محمود ان کي ڌڪي پري ڪيو، ۽ اندر گهڙي ويو، غار ۾ هڪ پڃرو پيو هو، ۽ پڃري ۾ ڀونئر پئي ڦيرا کاڌا، محمود يڪدم کڻي ڀونئر کي جهليو. هوڏانهن راڪاس جو پاڻ کي جهليل سمجهيو سو وٺي ڀڳو؛ ۽ مينهن واءُ ڪندو اچي پنهنجي محلات ۾ پهتو ۽ جيئن محمود ڏانهن وڌيو، تيئن هن ڀونئر جي هڪ ٽنگ اڇلائي ڇڏي. راڪاس جي به هڪ ٽنگ غائب ٿي وئي! تڏهن به هو هڪڙي ٽنگ تي ڌوڪيندو آيو. اتي محمود ڀونئر جي ٻي ٽنگ به پٽي اڇلائي.... ته راڪاس جي ٻي ٽنگ به گم ٿي وئي! تڏهن به راڪاس پيٽ ڀر رڙهندو پئي آيو. محمود يڪدم هن جي منڍي مروٽي اڇلائي ته هن جي سسي به غائب ٿي ويئي ۽ راڪاس مري ويو، راڪاس جي مرڻ کانپوءِ هو ڪيترا ڏينهن آرام سان رهيا، ۽ آخر هڪ ڏينهن اهڙا ڍارا ۽ ٻيا هيرا جواهر پاڻ سان کڻي اچي ڪائي جي ڪوٺيءَ  وٽ بيٺا، سامان سڙا ان ۾ رکي بس ڪيائون ته ڏٺائون ته جاءِ رڳو هڪڙي ماڻهوءَ جي آهي! سو محمود شهزاديءَ کي ان ۾ ويهاري، رسي لوڏي، شهزاديءَ کي چيائين ته مٿي وڃي ڪوٺي وري هيٺ موڪلج ته آءٌ به اچان!" ڪائي جي پيتي جڏهن مٿي پهتي تڏهن سوداگر حيران ٿي ويو، جان کڻي ڏسي ته ڍارن جي پيتي ۽ ٻيا ڪيترائي هيرا جواهر پيا هئا. سوداگر جي دل ۾ اچي بي ايماني جاڳي، سو ڇا ڪيائين جو پيتي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيائين. پريءَ گهڻيون ئي رڙيون ڪيون، پر هن ڪجهه به نه ٻڌس، ۽ وري وٺي آڻي گهر ويهاريائينس.

پري سڄو ڏينهن پيئي محمود جي ياد ۾ روئندي هئي. هڪ ڏينهن سوداگر پريءَ کي چيو ته "ڪيترا ڏينهن پيئي روئندينءَ ۽ رڙندينءَ؟ تون مون سان شادي ڪر...." پريءَ ڏٺو ته سوداگر هٿ ڌوئي اچي پٺيان پيو آهي، سو ڪجهه وقت مهلت ڏيڻ لاءِ عرض ڪيائينس، جا ڳالهه سوداگر خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ انهيءَ خوشيءَ ۾ سوداگر هڪ وڏي دعوت ڪئي، ۽ ملڪ جا مشهور ۽ وڏا پنڊت "شڀ گهڙي" ڳولڻ لاءِ گهرايائين، پنڊت مٿو هڻي هڻي بيٺا، پر ويجهڙي ڪا سندس شاديءَ جي شڀ گهڙي ڳولي نه سگهيا، پر سوداگر کي هئي تڪڙ..... انهيءَ ڪري ته  متان ڪٿان محمود اچي نڪري!

هوڏانهن محمود ڳچ ڏينهن انتظار ڪري سمجهي ويو ته سوداگر دغا ڪئي، سو اچي حيران ٿيو، آهستي آهستي پور پچائيندو ديو جي محلات ڏانهن وڃڻ لڳو، اتي ڏٺائي ته پاڏي جيڏا پکي آهن، جي پيا ديو جو ڍڍر کائين، محمود ڇا ڪيو، جو لڪندو لڪندو وڃي هڪ پکيءَ جي ٽنگ جهلائين، پکي اڏامڻ لڳا ، هي به پکيءَ سان گڏ اڏامندو، اچي هڪ وڻ تي لٿو، وڻ تان لهي پيرين پنڌ اڳتي هلڻ لڳو. پويان هڪ جهوپڙي ڏٺائين، تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو، انهيءَ پاسي ويو، ۽ جهوپڙيءَ ۾ اندر گهڙي ويو. ڏٺائين ته اتي هڪ درويش ويٺو آهي، ڏاڍي ادب سان مليس. درويش هن کي ماني ٽڪي کارائي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن محمود درويش کان موڪل گهري تڏهن هن کيس ٻه دٻليون ڏنيون ۽ چيائين ته "هن وڏي دبليءَ ۾ جيڪو گل پيو آهي، ان کي سنگهڻ سان ماڻهو پير مرد ٿي ويندو آهي ۽ ننڍي ڊٻلي واري گل سنگهڻ سان وري جوان ٿي ويندو. هي منهنجي طرفان تحفو اٿئي. هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ڪم ايندو!" محمود درويش جو ٿورو مڃيو، ۽ پنهنجي ڳوٺ جو رستو پڇي روانو ٿيو.

هلندي هلندي آخر هڪ ڏينهن پنهنجي ڳوٺ اچي پهتو. رستي تي محمود وڏو گل سنگهيو، ۽ هو سچ پچ پوڙهو ٿي ويو. ڳوٺ رسڻ کانپوءِ هو سڌو وڃي هڪ ڪنڀار جي گهر وٽ بيٺو، ڪنڀار سمجهيو ته هي ڪو وڏو درويش آهي، سو مهماني قبول ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائينس، جو هن خوشيءَ سان قبول ڪئي. ماني ٽڪي کائڻ کانپوءِ خبر چار هلي. ڪنڀار ٻڌايس ته "هتي هڪڙو سوداگر ولايت مان هڪ نهايت سهڻي شهزادي وٺي آيو آهي، تنهن سان شادي ڪرڻ ٿو گهري، پر ڪو سڀ شگن نٿو نڪريس" محمود چيو ته "آءٌ وڏو پنڊت آهيان، وڃي ٻڌائينس ته آءٌ کيس شڀ لگن ڪڍي ڏيندس!" ڪنڀار اٿيو ۽ جلدي جلدي سوداگر وٽ ويو ۽ وڃي کيس اهو حال ٻڌايائين، سوداگر يڪدم عاليشان سواري موڪلي، جنهن تي محمود چڙهي آيو ۽ ڏٺائين ته محفل لڳي پئي آهي، جنهن ۾ بادشاهه به ويٺو آهي ۽ دغاباز مامس به ويٺو آهي. هو يڪدم پوٿي کولي ويهي رهيو، گهڻيءَ دير کان پوءِ هن ٻڌايو ته "اڄ رات جو لڳن آهي، پر صبح جو سج اڀرڻ کان ٿورو اڳي ’شڀ چؤگهڙيو’ آهي- اهو وقت ايندو، ته آءٌ توهان کي ٻڌائيندس..." سڀ خوش ٿيا، تڏهن ننڍن هن کي پير مرد ڏسي کانئس پڇيو ته "درويش سائين توهان به گهڻي دنيا ڏٺي هوندي، ڪو درنگي دنيا جو تجربو اسان کي به ٻڌايو!" محمود چيو "ها! ابا ٿورا گهڻا سال ٿيا، جو هن ملڪ تي هڪڙو مشهور بادشاهه حڪومت ڪندو هو؛ اهو بادشاهه هڪ ڏينهن هڪ ريٻارڻ تي عاشق ٿي پيو، پوءِ ريٻارڻ هن کي پسند نه ڪيو، آخر هڪ ڏينهن بادشاهه زوريءَ ريٻارڻ سان شادي ڪئي...." اتي بادشاهه جو ويٺو هو، تنهن کي اها ڳالهه کي آئي! محمود پوءِ محفل ۾ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي ته ڪيئن بادشاهه ويچاري ريٻارڻ کي مارڻ جو حڪم ڏنو، ڪيئن ريٻارڻ موت کان بچي، ڪيئن محمود ڄائو ۽ ڪيئن محمود جي مامي ساڻس دغا ڪئي! سوداگر جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون - ويچارو ڳاڙهو پيلو پيو ٿئي! ڳالهه ختم ٿي ته بادشاهه پڇيو "هاڻي محمود ڀلا ڪٿي آهي؟" محمود چيو ته "اهو هتي ئي موجود آهي، ڳوليوس!" پر بادشاهه کي ڪهڙي خبر جو ٻڌائي ! آخر چيائين "مون کي خبر نٿي پوي، تون ٻڌاءِ ته ڪهڙو آهي؟" محمود چيو ته "ريٻارڻ گهرايو، اها پاڻهي پنهنجي پٽ کي ڳولي لهندي." ريٻارڻ آئي ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي هڪدم وڃي مٿس هٿ رکيائين! چي، "خدا نٿو ڀلائيم ته منهنجو پٽ محمود تون ئي آهين." تنهن تي محمود به يڪدم ننڍيءَ دٻلي وارو گل سونگهي پاڻ کي اصلي حالت ۾ آڻي ڇڏيو! ريٻارڻ پنهنجي پٽ کي ڏسي يڪدم کڻي ڀاڪر پاتو. بادشاهه ۽ سوداگر - ٻنهي پنهنجي ڪئي تي پڇتايو، آخر بادشاهه ريٻارڻ کي وٺي محل ۾ آيو. محمود به شهزادي ماڻي ويٺو، سوداگر کي بادشاهه معافي ڏني ۽ محمود به بخشيو. ۽ سڀ خوش ٿي گذارڻ لڳا.

"جهڙو ميلو انهن سڀني جو ٿيو، تهڙو شل جڳ جهان جو ٿئي."-آمين!

       

●●●

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org