سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون -1

باب:-

صفحو :7

لال ملوڪ بادشاهه

 

هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙو ڪو غريب شخص رهندو هو. هڪ سال ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو، سڀ ماڻهو ڪنهن ٻئي آباد ملڪ ڏانهن ڀڄي ويا، تڏهن هن غريب شخص به اڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو، ۽ گهران زال ۽ پٽ سميت سنڀري روانو ٿيو. رات تي هنن کي اچي بک لڳي. غريب شخص دل ۾ خيال ڪيو ته ’اَن جو ڪڻو به ڪونهي، ڇو نه ڇوڪري کي ڪهي ان جو گوشت کائون، ۽ اڳتي هلڻ جهڙا ٿيون.‘ هن اها ڳالهه پنهنجي زال سان ڪئي، جنهن پهرين ته ناڪار ڪئي، پر چوندا آهن ته "بک بڇڙو ٽول، دانهه ديوانا ڪري." سو آخر زال به هائوڪار ڪئي، غريب شخص ڇوڪري کي وٺي، پري ڪنهن پاسائين جاءِ تي پهتو. ڇوڪري کي سمهاري ڪهڻ تي هو، ته ايتري ۾ ڀرسان پيل هڪڙي مئل هرڻ تي نظر پيس، جنهن کي ڪنهن شينهن ماري اڌ کائي ڇڏيو هو. ۽ اڌ اوباري تي ڇڏي ويو هو. تڏهن ڇوڪري کي ڇڏي، انهيءَ هرڻ کي کڻڻ ويو... ۽ وري اچي ڏسي ته ڇوڪرو آهي ئي ڪو نه! سمجهيائين ته ان کي اهو ئي شينهن کڻي ويو هوندو، جنهن هرڻ کي ماري اتي ڇڏي ڏنو هو. پوءِ ڇا ڪيائين جو هرڻ جي کل لاهي، ڪجهه گوشت پچائي پاڻ کاڌائين، ۽ ڪجهه زال وٽ کڻي آيو. ويچاريءِ زال اهو ڏسي چيو: "هاءِ افسوس! هي منهنجي ٻچڙي جو گوشت آهي، آءٌ نه کائينديس." غريب شخص جواب ڏنو ته "هي گوشت ڇوڪري جو نه آهي." تنهن تي زال پڇيو "پوءِ ڪنهن جو گوشت آهي؟ تڏهن منهنجو ٻچڙو ڪٿي؟"غريب شخص چيو ته "پريان ٽڪر جي اوٽ ۾ ڇوڪري کي سمهاري ڪهڻ وارو هوس ته ڀرسان مئل هرڻ ڏٺم، ڇوڪر کي اتي ڇڏي، ان کي کڻڻ ويس، ته انهيءَ وچ ۾ ڇوڪر کي ڪو شينهن کڻي ويو، ۽ آءٌ انهيءَ هرڻ جو هي گوشت کڻي آيو آهيان." زال اهو گوشت پچائي کاڌو، ۽ پنهنجي مڙس کي چيائين "مون کي هلي اها جاءِ ڏيکار - ضرور انهيءَ ٽڪر ۾ ڪٿي اوسي پاسي شينهن جو غار هوندو." پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي اتي آيا، ۽ ڳولا ڪندي شينهن جو غار ڏٺائون، پر ڇوڪرو ڪو نه لڌن، ڇوڪري جي پٺيءَ جا نشان سو بيٺا هئا، ۽ ڀري سان شينهن جي پيرن جا نشان ڏٺائون، جنهن مان پڪ ٿين ته شينهن ڇوڪري کي چر اندر گهلي ويو آهي، اهو ڏسي ٻئي ڄڻا ٻي ڪا واهه نه ڏسي، نااميد ٿي هليا ويا ۽ چيائون ته "هاڻي کٽي ڇوڪري جو ڀاڳ." زال ۽ مڙس سمجهيو ته شينهن ڇوڪري کي کائي ويو هوندو، سو آسرو پلي روانا ٿيا. انهيءَ غار ۾ هڪ شينهڻ پنهنجي ٻچن سان رهندي هئي، اها هن ڇوڪري کي به کير پياريندي هئي، جنهن ڪري شينهڻ جا ننڍڙا ٻچا به هن سان هري مري ويا، ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ، جڏهن اهي شينهڻ جا ٻچا ۽ ڇوڪر وڏا ٿيا، تڏهن غار مان ٻاهر نڪري شڪار ڪرڻ ويندا هئا، اهي بادشاهه جي ٻڪرين جي ڌڻ تي اچي هريا، سو روزانو اتان ٻڪريون شڪار ڪري کڻي ايندا هئا، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن بادشاهه خبر پئي ته شينهن جا ٻچا رات جو واڙ مان ٻڪريون ماريو کڻيو ٿا وڃن، تڏهن بادشاهه، واڙ جي چوڌاري هڪڙو وڏو لوهي ڪوٽ اڏايو، جيئن ته واڙ مٿان کليل هئي، شينهن جا ٻچا ۽ ڇوڪر اهو ڪوٽ به ٽپي هر روز ٻڪريون کڻي ويندا هئا، بادشاهه خيال ڪيو ته لوهه جي ڪوٽ جي ڪري ٻڪرين جو بچاءُ ٿي نه سگهيو، سو ڇا ڪيائين جو ڪوٽ جي چوڌاري اونهي کاهي کوٽائي ڇڏيائين، رات جو شينهڻ جا ٻچار ته کاهي ٽپي ويا، پر ڇوڪر ٽپي نه سگهيو ۽ کاهيءَ ۾ اندر ڪري پيو ۽ ٻاهر نڪري نه سگهيو، صبح جو بادشاهه جا ماڻهو آيا ۽ اچي ڏٺائون ته کاهيءَ اندر هڪڙو ڇوڪرو پيو آهي، جو شينهن وانگر گوڙ پيو ڪري، اها حالت ڏسي اهي سڀ ڊڄي ويا ۽ چيائون "هي ماڻهوءَ جو ٻچو شينهن جي گجگوڙ ڪيئن ٿو ڪري!" اها حقيقت وڃي بادشاهه کي ٻڌايائون، بادشاهه چيو ته "هڪڙو دهل، ڪپڙا ۽ رسيون کڻي وڃو، دهل وڄائي ان ماڻهوءَ جي ٻچي کي ڊيڄاريو، جنهن تي کاهيءَ مان نڪرڻ لاءِ هو اٿي بولاٽيون کائيندو ۽ ٽپا ڏيندو، پوءِ جڏهن ٽپا ڏيئي ساڻو ٿي ڪري پوي تڏهن ڪپڙن سان ڍڪي رسين سان ٻڌي قابو ڪري وٺي اچوس." نوڪرن، بادشاهه جي حڪم جي تعميل ڪئي ۽ هن کي ٻڌي سوگهو ڪري بادشاهه وٽ وٺي آيا، بادشاهه کيس هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪرائي، قلف ڏيارائي ڇڏيو، انهيءَ جاءِ ۾ هڪڙي دري هئي، جتان هن کي ماني ۽ پاڻي ڏيندا هئا، اهڙيءَ طرح ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي، ڳالهائڻ سکندو ويو، هڪڙي ڏينهن ماڻهن کي چيائين، "ٻيلي مون کي ڪپڙا ڏيو ته پايان، آءٌ اڳ ننڍي هوندي جهنگ ۾ رهندو هوس، مون کي هڪ شينهڻ کڻي ويئي، ان جي ٻچن سان گڏ نپنس ۽ جانورن وارا لڇڻ سکيس، پر آءٌ اوهان جهڙو ئي انسان آهيان." تنهن تي بادشاهي نوڪرن هن کي ڪپڙا ڏنا.

انهيءَ شهر ۾ هڪڙو سوداگر رهندو هو، جنهن کي اولاد ڪو نه هو، جڏهن هن ڇوڪري جي ڳالهه ٻڌي تڏهن بادشاهه وٽ ويو ۽ بادشاهه کي چيائين ته "انهيءَ ڇوڪر جي ٻانهن مون کي ڏيو، ڇاڪاڻ ته مون کي ڪو به اولاد ڪو نه آهي." بادشاهه اهو ڇوڪر سوداگر جي حوالي ڪيو، جو کيس پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ لاڏ ڪوڏ سان ٻيئي زال مڙس هن کي پالڻ نپائڻ لڳا، سندس نالو "لال ملوڪ" رکيائون، ۽ خاص نوڪر چاڪر رکي ڪجهه وقت خلاصي جاءِ ۾ هن جي رهڻ جو بندوبست ڪيائون، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سوداگر کي زال چيو ته ڇوڪر کي هاڻ وٺي اچو ته آءٌ ڏسان." سوداگر ٻئي ڏينهن ڇوڪر کي گهر وٺي آيو، ۽ پوءِ هو اتي گهر ۾ ئي رهڻ لڳو، اهڙي طرح لال ملوڪ اچي جوان ٿيو، لال ملوڪ جي جوانيءَ ۽ حسن ڏسي، سوداگر جي زال جي اچي نيت خراب ٿي، ۽ کيس تمام گهڻو تنگ ڪرڻ لڳي، لال ملوڪ چيو "توهان مون کي پنهنجو پٽ ڪري پاليو آهي ۽ تون منهنجي ماءُ لڳين، مون کان اهڙو ڪڌو ڪم ڪڏهن به نه ٿيندو." جڏهن سوداگر جي زال سڀ حيلا هلائي ٿڪي، تڏهن کيس دڙڪو ڏئي چيائين "چڱو اٿئي ته منهنجو چوڻ مڃ، نه ته سوداگر کي چئي، تو کي بدنام ڪري مارائينديس." لال ملوڪ چيو ته "مون کي مارائين ته ڀلي مارائي ڇڏ، منهنجي نظر ۾ تون اها ئي منهنجي ماءُ آهين." سوداگر جي زال ڏٺو ته وڌيڪ چوڻ هن کي اجايو آهي، سو ڇا ڪيائين، جو جڏهن سوداگر گهر آيو، تڏهن بڇڙا حال ڪري، سوداگر کي چيائين ته "تو گهر ۾ نانگ پاليو آهي، هن حيوان کي نمڪ جو به قدر ڪو نه پيو، ڪيتري وقت کان مون ۾ بدنظر رکيو ويٺو آهي، هيترا ڏينهن مون توهان سان ڳالهه ڪا نه ڪئي، هن کي ڪيترو ئي سمجهايم پر هيءُ نٿو سمجهي، تڏهن لاچار اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿي." سوداگر هو سياڻو، دل ۾ خيال ڪيائين ته جي ڇوڪري کي لوڌي ڪڍيم يا مارايم، ته ملڪ ۾ بدنام ٿيندس ۽ اجائي گلا به ٿيندي، تنهن ڪري اهڙي ڪا اٽڪل ڪري، جو هو پاڻهي مري وڃي ۽ آزار کان به آجو ٿي پئجي. اهو خيال ڪري هڪ ڏينهن ڇوڪر کي سڏي چيائين ته "پٽ مون کي پيٽ ۾ سور پوندڙ  آهي، اڄ ڏس مليو اٿم ته شينهڻ جو کير ملي ته اهو پيئڻ سان سور لهي ويندو، سو تون ڪٿان به شينهڻ جو کير وٺي اچ." سوداگر خيال ڪيو ته شينهڻ جو کير آڻڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، تنهن ڪري ڇوڪرو ڊپ جي ڪري پاڻهي ڀڄي ويندو يا کيس شينهن ماري ڇڏيندا ۽ اهڙي طرح اسين خواريءَ کان به بچنداسون، ۽ هن مان به جند ڇٽندي." ڇوڪر اها ڳالهه ٻڌي، سوداگر کي چيو "مون کي هڪ گهوڙو ۽ لوٽو آڻي ڏيو." پوءِ سوداگر هن کي گهوڙو ۽ لوٽو آڻي ڏنو، جو هو وٺي روانو ٿيو.

لال ملوڪ جنهن ڏينهن کان شينهڻ جي ٻچن کان جدا ٿيو هو، انهيءَ ڏينهن کان وٺي، اهي لال ملوڪ جي جدائيءَ ۽ فراق ۾ غمگين گذاريندا هئا، سو جڏهن لال ملوڪ گهوڙي تي چڙهي غار جي ويجهو آيو ته پري کان شينهڻ جي ٻچن ڏسي ماءُ کي چيو ته "امان، اڄ ادو پيو اچي." شينهڻ چيو "ٻچا! اهو وري ڪٿان آيو؟ اوهين ڀلجو ٿا، اهو ڪو ٻيو هوندو." ايتري ۾ لال ملوڪ به اچي پهتو ۽ هڪڙي پٿر سان گهڙو ٻڌي ڇڏيائين، ٻچن ڊوڙي اچي کيس ڀاڪر پائي کيڪاريو ۽ ڏاڍي چاهه سان وٺي وڃي ويهاريائونس ۽ حال احوال پڇيائونس، لال ملوڪ سڄي پيرائتي ڳالهه ڪري کين ٻڌائي، ۽ چيائين ته "اڄ آءٌ کير وٺڻ آيو آهيان!" ٻچن چيو ته "ادا، کير ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، تو کي جي اسان جو سر کپي ته اهو به حاضر آهي." جڏهن لال ملوڪ شينهڻ مان کير ڏهي لوٽو ڀري موڪلائڻ لڳو، تڏهن ٻچن چيو ته "اسين به تو سان گڏ هلنداسين." لال ملوڪ چيو ته "ادا هلو ته ڀلي، پر جيئن آءٌ چوان تيئن ڪجو." ٻچن ائين ڪرڻ قبول ڪيو، لال ملوڪ چيو ته "آءٌ گهوڙي تي چڙهي هلان ٿو، ۽ اوهين پويان گجڪارون ڪندا هلو، پر جڏهن شهر جي ويجها هلو، تڏهن سڀئي گڏجي گجڪارون ڪنداسون." آخر سڀ گڏجي روانا ٿيا، جڏهن شهر جي ويجهو پهتا تڏهن شينهڻ جي ٻچن ۽ ڇوڪري گڏجي وٺي گجڪارون ڪيون، ماڻهو اچي ڊنا ۽ شينهڻ جي ٻچن کي ڏسي ڊپ وچان هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا، لال ملوڪ شينهن جي ٻچن سميت شهر ۾ پهچي ويو ۽ ڀڄندڙ ماڻهن کي دلداري ڏئي، چيائين "اوهين ڪو به ڊپ نه ڪريو ۽ ڀڄو نه، اوهان جو ڪو به نالو نه وٺندو." تڏهن ماڻهن کي دلجاءِ ٿي ۽ ڀڄڻ بند ڪيائون، لال ملوڪ کير آڻي سوداگر کي ڏنو، سوداگر اهو ڏسي خيال ڪيو ته ڇوڪرو هن نموني مئو ئي ڪو نه، تڏهن لاچار ٿي لال ملوڪ کي چيائين "تون اسان کي نه کپين، هاڻ جيڏانهن جو آهين، ماٺ ڪري اوڏانهن هليو وڃ." لال ملوڪ شينهڻ جي ٻچن کي چيو ته "هاڻي ڀلي موٽي وڃو." تڏهن اهي سڀ موڪلائي روانا ٿيا، انهن جي وڃڻ کان پوءِ پاڻ به اهو شهر ڇڏي هڪ طرف روانو ٿيو.

ويندي ويندي، لال ملوڪ واٽ تي ڏٺو ته هڪ ماڻهو گز ڪمان سان ڪونج ماريو بيٺو آهي، اهو ڏسي لال ملوڪ چيو "يار! تو ته انصاف ڪري ڇڏيو آهي، جو هڪ ئي ڌڪ سان ايترو مٿي ۽ ايتري تکي اڏامندڙ ڪونج ماري ڇڏي اٿئي." تنهن تي هن ماڻهوءَ جواب ڏنو، "ادا انهيءَ ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، مون ته فقط هڪڙي ڪونج ماري آهي، پر شابس ته لال ملوڪ کي آهي، جو شينهن جي ٻچن سان گڏ ٿو گهمي!" لال ملوڪ چيو "اهو ته آءٌ آهيان." تڏهن هن چيو ته "جيڪڏهن لال ملوڪ تون آهين ته آءٌ به تو سان گڏ هلندس." لال ملوڪ چيس ته "ڀلي هل" ٻيئي ڄڻا گڏجي، اڳتي هلي ڏسن ته هڪڙي ماڻهوءَ ڊوڙي وڃي هرڻ کي جهليو، ويجهو اچي هنن چيس "تون ته وڏو ڪو افلاطون آهين، جو ڊوڙي وڃي هرڻ کي جهليو اٿئي!" ان ماڻهوءَ وراڻيو ته "ادا، انهيءَ ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، شابس ته لال ملوڪ کي آهي، جو شينهن جي ٻچن سان گڏ ٿو گهرجي!" تنهن تي لال ملوڪ چيو "ادا اهو ته آءٌ آهيان." هرڻ مار چيو ته "پوءِ آءٌ به تو سان هلندس!" لال ملوڪ چيس ته "ڀلي هل." آخر ٽيئي ڄڻا روانا ٿيا، اڳتي اچي ڏسن ته هڪڙو واڍو آهي، جو ٺونٺين سان پيو وڻ ڦوڙي. تڏهن لال ملوڪ چيو "تو جهڙو ڏاڍو مڙس به ڪو ٻيو، جو ٺونٺين سان پيو وڻ ڦوڙي!" واڍي چيو "ادا انهيءَ ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، شابس ته لال ملوڪ کي آهي، جو شينهن جي ٻچن سان گڏ ٿو گهمي!" لال ملوڪ چيو "اهو ته آءٌ آهيان!" تڏهن واڍي چيو ته "پوءِ آءٌ به تو سان گڏ هلندس!" آخر چارئي ڄڻا گڏجي اتان روانا ٿيا، اڳتي هلي ڏسن ته هڪڙو راڪاس آهي، جو ريڙهيون پائيندو پيو وڃي، ويجهو اچي هنن چيس ته "ائين ڇو ٿو هلين، اٿي ڇو نٿو هلين؟" انهيءَ راڪاس چيو ته "جي اٿي ٿو هلان ته منهنجي وک آهي وڏي، هڪڙو پير هتي ته ٻيو پير دنگ کان به پرتي هليو ٿو وڃي، پر منهنجو ڪم هتي اورتي آهي، تنهن ڪري ائين ٿو هلان." لال ملوڪ چيو "تون ته ڏاڍو ڪو حيرت جهڙو مڙس آهين، جو وک ئي ايڏي ٿو کڻين!" راڪاس چيو "ادا، انهيءَ ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، شابس ته لال ملوڪ کي آهي، جو شينهن جي ٻچن سان گڏ ٿو گهمي!" لال ملوڪ چيو ته "اهو ته آءٌ آهيان!"، تڏهن راڪاس چيو ته "پوءِ آءٌ به تو سان گڏ هلندس."

پوءِ هي پنج ئي يار گڏجي اڳتي روانا ٿيا، اڳتي ويا ته هڪڙو شهر نظر آين، پر ان ۾ ڪو به ماڻهو ڪو نه هو، ان شهر ۾ هڪ اَکئو راڪاس رهندو هو، جنهن شهر جا سڀ ماڻهو کائي کپائي ڇڏيا هئا؛ فقط هڪ حسين ڇوڪري هئي، جنهن کي پاڻ وٽ رکيو هئائين. راڪاس ان ڇوڪريءَ کي ڏينهن جو اڪيلو ڇڏي، ٻاهر ڪيڏانهن نڪري ويندو هو، ۽ وري رات جو موٽي ايندو هو. آخر گهمندي گهمندي، جڏهن انهيءَ جاءِ وٽ پهتا، جتي اها ڇوڪري رهندي هئي، تڏهن لال ملوڪ ڇوڪريءَ وٽ ويو. ڇوڪريءَ هن کي ڏسي چيو ته ”اي آدمزادا! تون هتي ڪيئن آيو آهين؟ ڀڄ! نه ته هڪ اکئو راڪاس توکي ڏسندو، ۽ بنهه سرنهن جيڏا داڻا ڪري ڇڏيندءِ!“ لال ملوڪ هن کي دلداري ڏني، ۽ چيائين ته ”تون ڪوبه خيال نه ڪر؛ رڳو ٻڌاءِ ته راڪاس ڪيڏيءَ مهل ايندو آهي؟“ ڇوڪريءَ چيو؛ ”راڪاس سج لٿي مهل ايندو آهي.“ سج لٿو، ته هڪ اکئو راڪاس به آيو، ۽ هنن کي ڏسي عجب ۾ پئجي ويو ته ’هي ڪير آهن، جو ايتري همت اٿن؟ آءٌ ته شڪار ڳولڻ لاءِ ٻاهر ويس، پر هي ته گهر ويٺي هٿ اچي ويا!‘ دل ۾ اها ڳالهه ڳڻي، ڀانيائين ته اڳو پوءِ هنن کي پورو ڪري وٺان، ته لال ملوڪ پنهنجي دوست، وڏ- وکئي راڪاس، کي اشارو ڏنو.... ۽ اک ڇنڀ ۾ ويڙهه شروع ٿي ويئي. آخر لال ملوڪ جي دوست، هن ديوس راڪاس کي دَسي، ٻڌي ڌڪن ۽ چنبن سان هڻي پورو ڪري ڇڏيو. پوءِ ان کي سڀني گڏجي کڻي تيل جي تتل ڪڻاهيءَ ۾ وڌو، جتي ڀُڄي ڀُڄي ڪوڪِي ٿي ويو. پوءِ سڀ دوست گڏجي اُتي رهڻ لڳا. لال ملوڪ انهيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي.

 

ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ، هڪ ڏينهن سڀ دوست لال ملوڪ وٽ آيا، ۽ چيائونس ته ”وطن جي سڪ ٿي اٿئون. هاڻ موڪلائينداسون.“ لال ملوڪ ڀاڪر پائي ۽ هٿ هٿ ۾ ڏيئي سڀني سان موڪلايو، ۽ هر هڪ دوست کي هڪڙو گل ڏنائين، ۽ چيائين ته ”مون تي جڏهن به ڪا آفت آئي، ته هيءُ گل ڪومائجي ويندو، ۽ سمجهجو ته آءٌ وڏيءَ مصيبت ۾ آهيان، ۽ جي يار آهيو ته انهيءَ مهل اچي منهنجي خبر وٺجو!“ واڍي لال ملوڪ کي پوءِ رڪ جي هڪ تلوار، خالي هٿن سان ٺپي ٺاهي، تيار ڪري ڏني، جنهن ۾ لال ملوڪ جو ساهه رکيل هو، ۽ چيائينس: ”اها تلوار نه باهه ۾ وجهج ۽ نه وري پاڻيءَ ۾، ۽ نه وري ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏج. جيستائين اها سلامت هوندي، تيستائين تنهنجي سر کي ڪوبه جوکو نه رسندو.“ انهيءَ بعد، هي چارئي يار موڪلائي روانا ٿيا، ۽ لال ملوڪ پنهنجي زال سميت اتي ئي رهي پيو.

لال ملوڪ جي زال تمام سهڻي هئي؛ هن جي جتيءَ تي سون جو ڀرت ۽ هيرن جي جڙت ٿيل هئي. هوءَ هر روز صبح جو درياءَ تي وهنجڻ ويندي هئي. لال ملوڪ وٽ پاليل هڪ ڪتو ۽ هڪ ٻلي پڻ هئا. هڪ دفعي جيئن هن جي زال درياءَ تي وهنجڻ ويئي، تيئن جهڙو جُتي ٿي پاتائين، تهڙو هڪڙو پادر ترڪي وڃي درياهه ۾ ڪريس. جتيءَ جي پادر کي گهڻو ئي ڳوليائين، پر هٿ نه آيس. قضا سان اهو پادر هڪ مڇي ڳهي ويئي، جا هڪڙي مهاڻي جي ڄار ۾ ڦاٿي. مهاڻي اها مڇي وڃي بزار ۾ وڪڻڻ لاءِ رکي، جا هڪڙي شاهوڪار خريد ڪئي، ۽ گهر وڃي ان کي وڍايائين، ته اندران جتيءَ جو پادر نڪتو! شاهوڪار جي جوان پٽ جڏهن جتيءَ جو هيءُ سهڻو پادر ڏٺو، تڏهن خيال ڪيائين ته ’جنهن ڇوڪريءَ جي جتي ئي ههڙي آهي، سا پاڻ ته الائي ڪهڙي سهڻي هوندي!‘ سو پر پٺ ان تي عاشق ٿي پيو، ۽ دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين ته انهيءَ ڇوڪريءَ کي ڳولي لهندس، ۽ ان سان ئي شادي ڪندس.‘ پوءِ اتان اٿي سڌو پنهنجي پيءُ وٽ آيو ۽ چيائينس: ”ابا، جي مون کي شادي ڪرائڻي اٿئي، ته هن جتيءَ واريءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪراءِ!“ پيءُ جو ڇوڪري سان تمام گهڻو پيار هو، ۽ هن کي پئسي جي پرواهه ته هئي ڪانه. ۽ پئسي سان ڇا نٿو ڪري سگهجي! سو ڇوڪريءَ جي پڇا ڳاڇا لاءِ چئن ئي ڪنڊن تي ڪيترائي ماڻهو ۽ ڌوتيون کڻي ڇڏيائين، ۽ چيائين: ”ڪوشش ڪري، اها ڇوڪري هٿ ڪريو؛ جي نه، ته به پڇا ڳاڇا ڪري، ڏس پتو ڪڍي اچو ته اها ڪير آهي ۽ ڪٿي جي رهندڙ آهي. جيڪو به اها خبر آڻيندو، تنهن کي جهجهو انعام ڏيندس.“

هڪڙي ڌوتي، ملڪ گهمندي، ڏيهه ڏوريندي، آخر هڪڙي ڏينهن وڃي ڇوڪريءَ واري شهر ۾ پهتي، جتي پڇا ڪندي نيٺ لال ملوڪ جي گهر جو ڏس مليس، ۽ ڪجهه ڏينهن اُتي رهي، واقفيت حاصل ڪري، وڃي ان ڇوڪريءَ تائين پهتي. ڇوڪريءَ جي خوشامد ڪندي، ان کي چوڻ لڳي: ”آءٌ تنهنجي ناني آهيان، توکي راڪاس کڻي ويو هو، تنهنجا ماءُ پيءُ تنهنجي وڇوڙي ۾ مري ويا، ۽ آءٌ به پڇائون ڪندي ڪندي، الائي ڪيڏن ڪشالن کان پوءِ اڄ هتي پهتي آهيان- خدا ڪيو، جيئري تنهنجو منهن اچي ڏٺو اٿم!“ آخر اتي رهي، هيءَ ڌوتي ڇوڪريءَ سان اهڙي ته گهائل مائل ٿي ويئي، جو خيال ڪيائين ته ڇوڪريءَ کي هاڻي ڪنهن طرح هتان ڪڍجي. آخر ڪنهن نموني هن کي خبر پيئي، ته لال ملوڪ جو ساهه آهي ترار ۾، جيڪا ڏينهن رات هو ساهه سان سانڍيو پيو گهمي، سو خيال ڪيائين ته ’اها ترار مڙيوئي ڪنهن اٽڪل سان هٿ ڪريان ۽ لال ملوڪ کي ماري پوءِ هن ڇوڪريءَ کي وٺي وڃان.‘ پر اها ترار لال ملوڪ ڪڏهن به پنهنجي جان کان جدا ڪونه ڪندو هو. پر چوندا آهن ته ’شڪاريءَ کي جيڪڏهن صبر آهي، ته شڪار ڪڏهن نه ڪڏهن پاڻهي اچي سندس جهوليءَ ۾ پوندو‘؛ سو هڪڙي ڏينهن اتفاق اهڙو ٿيو، جو لال ملوڪ ترار گهر ۾ ڇڏي، پاڻ ٻاهر ڪنهن ڪم سان هليو ويو. ڌوتيءَ به ڏٺو ته ’وجهه ته واهه جو اڄ مليو آهي، وري اهڙو موقعو هٿ نه ايندو!‘ سو ڇا ڪيائين، جو هڪدم اها ترار کڻي، لڪائي، پاسي واري درياءَ ۾ وڃي اڇلايائين. ٻئي طرف لال ملوڪ جتي ويل هو، انهيءَ گهڙيءَ اتي ئي مري پيو! اويءَ ئي مهل، سنگتين کي ڏنل لال ملوڪ جا گل اوچتو ڪومائجي ويا. سنگتين خيال ڪيو ته ’اڄ لال ملوڪ تي ڪا آفت اچي ويئي آهي!‘ سو هر ڪو جتي هو، اتان اٿي روانو ٿيو. ڏينهن رات هڪ ڪندا، نيٺ سڀ سنگتي اچي لال ملوڪ جي گهر پهتا، ۽ اچي کڻي ڏسن ته نه آهي لال ملوڪ نه آهي ان جي زال- ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن. دوستن مان ٻيا ته سڀ آيا، پر راڪاس ڪونه آيو هو، تنهنڪري سڀ ڊوڙي ويا راڪاس وٽ. اتي اچي ڏسن ته راڪاس الوٽ ننڊ ۾ ستو پيو آهي. تڏهن ٻڪرين جو ڌڻ هڪلي آڻي هن جي ناسن ۾ وڌائون، ته راڪاس سجاڳ ٿي اٿي ويهي رهيو. پوءِ هن کي به لال ملوڪ ۽ سندس زال جي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائون.

ڳالهه هيءَ هئي ته لال ملوڪ جيئن گهران نڪتو، تيئن وري نه موٽيو؛ تنهن تي سندس زال کي ڏاڍي اُڻ تڻ ٿي پيئي، مگر ڌوتيءَ هن کي دلداري ڏيندي چيو: ”تون ڪوبه فڪر نه ڪر، ڪنهن ڪم سان ٻاهر پرڀرو نڪري ويو هوندو، پاڻهي موٽي ايندو، تون ڇو ٿي ڳڻتي ڪرين؟“ نيٺ هڪڙي ڏينهن ڌوتيءَ ڇوڪريءَ کي چيو ته ”هل ته ڀرسان درياءَ تان گهمي ڦري اچون.“ ڇوڪري هن کي پنهنجي ناني سمجهندي هئي، سا هن سان گهمڻ لاءِ ٻاهر نڪتي، ۽ اچي درياءَ تي پهتيون. اتي اڳي ئي رٿيل منصوبي موجب، شاهوڪار جا ماڻهو ٻيڙين سميت تيار بيٺا هئا، ۽ ڇوڪريءَ کي زوريءَ ٻيڙيءَ ۾ وجهي روانا ٿيا ويا، ۽ سڌو اچي ماڳ پهتا. ڇوڪريءَ کي گهڻي ئي لالچون ڏنائون، آخر ۾ دڙڪو به ڏنائونس ته ”شاهوڪار جي پٽ سان شادي ڪر، نه ته توکي ڪوٺيءَ ۾ پوري ڇڏبو.“ ڇوڪريءَ هنن جي هڪ به نه مڃي، پر هو به هن کي روز ستائڻ لڳا. ڇوڪريءَ ڏٺو ته ’هنن مان هاڻ ڪيئن جند ڇڏايان، سو هڪ ڏينهن انهن کي چيائين : ”جن جا مڙس مري وڃن ٿا، سي به ٻارهن مهينا ويهن ٿيون، منهنجو مڙس ته جيئرو آهي: گهٽ ۾ گهٽ مون کي به ته ڇهه مهينا کن مهلت ڏيو، پوءِ آءٌ شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“ هن جو خيال هو، ۽ کيس اميد هئي، ته ڇهن مهينن اندر لال ملوڪ منهنجي ضرور پوئواري ڪندو ۽ هتان جند ڇٽي ويندي. شاهوڪار خيال ڪيو ته ڇهه مهينا اجهي ڪي اجهي گذريا، تنهنڪري هن کي وڏيءَ خوشيءَ سان مهلت ڏنائين.

لال ملوڪ جا سنگتي ۽ راڪاس به پڇا ڳاڇا ڪندا، آخر اچي انهيءَ درياءَ جي ڪنڌيءَ تي پهتا. اتي لال ملوڪ جا پاليل ڪتو ۽ ٻلي اڳي ئي ويٺا هئا، جن کي هنن ڇوڪريءَ کي ڳولڻ لاءِ موڪليو. چوندا آهن ته ’ڪتن ٻلين کان ڪنهن جا گهر لڪل ڪين آهن.‎‘ سو ڳوليندي ڳوليندي، نيٺ لال ملوڪ جو ڪتو ۽ ٻلو وڃي انهيءَ شهر ۾ پهتا ۽ شاهوڪار جو گهر ڳولي وڃي هٿ ڪيائون، ۽ ڇوڪريءَ کي اکئين ڏسي، خاطري ڪري، اچي لال ملوڪ جي دوستن کي ساري حقيقت ٻڌايائون.

ٻئي طرف لال ملوڪ جا دوست، ڪتي ۽ ٻلي کي روانو ڪري، اتي ئي ترسي پيا هئا... جيستائين ڪتو ۽ ٻلي واپس موٽي اچن. هڪڙي ڏينهن سڀ سنگتي انهيءَ درياءَ ۾ وهنجڻ لڳا. چوندا آهن ته ’بخت ورندي ويرم ئي ڪانه ٿئي‘، سو واڍي کي وهنجندي وهنجندي، پير ۾ ڪجهه لڳو ۽ جهڙو نِوڙِي، هٿ وجهي، کڻي ٻاهر ڪڍيس، ته ڏسي ته ساڳي لال ملوڪ واري ترار، جا پاڻ هٿن سان ٺاهي هئائين! ترار ڏسي، سڀني سنگتين کي پڪ ٿي ته لال ملوڪ سان دغا ٿي آهي. پوءِ ترار مهٽي مهٽي خوب صاف ڪيائون، ۽ اهڙو چلڪايائونس جهڙي وڄ. هيڏانهن ترار صاف ٿيندي ويئي، ۽ هوڏانهن لال ملوڪ جتي هيترا ڏينهن پيو هو، اتي ڪر موڙيندو جاڳندو ويو ۽ نيٺ نوبنو ٿي اُٿي ويهي رهيو. پوءِ پيرين سيرين ٿي پنڌ ڪري، انهيءَ گهڙيءَ اچي هو پنهنجي گهر پهتو، ۽ ڇا ڏسي ته سڄو گهر ڀَڙڀانگ لڳو پيو آهي. ڏسندي وائسندي، پتو پيس ته سڀ سندس دوست درياءَ جي ڪپ تي لٿل آهن ۽ سندس ۽ سندس زال جي ڳولا پيا ڪن. پوءِ لال ملوڪ هڪدم ڊوڙي اچي دوستن سان مليو، ۽ پاڻ ۾ حالي حوالي ٿيا. ايتري ۾ ڪتي ۽ ٻلي به لال ملوڪ جي زال جي خبر آڻي کين ڏني. لال ملوڪ، دوستن سان صلاح ڪري، ڪتي ۽ ٻلي هٿان پنهنجي وفادار زال کي نياپو ڪيو ته ”تون ڪوبه فڪر نه ڪر؛ شاهوڪار کي چئو ’آءٌ شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر انهيءَ شرط سان ته شادي ستن ڏينهن اندر ٿئي!‘ پوءِ جڏهن شاديءَ جي پوريءَ طرح تياري ٿي وڃي، تڏهن شهر جي سڀني زالن کي چئج ته پنهنجن ٻارن سميت سڀ هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ ويهي ڳيچ ڳائين. جڏهن اهي ڳيچ ڳائڻ ۾ مشغول ٿي وڃن، تڏهن ٻاهر نڪري، جاءِ کي ڪلف ڏيئي، تاڙي وڄائج. اسين به اتي ڀرسان بيٺا هونداسين، ۽ هڪدم اچي تو وٽ پهچنداسون، ۽ انهيءَ ئي گهڙيءَ توکي واپس وٺي هلنداسون. هاڻي، انهن ڳالهين جي پورائي ڪري، اسان کي جواب واپس موڪل.“

ڪتو ۽ ٻلو، جي بيحد سياڻا هئا، لال ملوڪ جو نياپو کڻي، هڪ ئي ڊوڙ وڃي ڇوڪريءَ وٽ حاضر ٿيا، ۽ سمورو نياپو ذري پرذي هن کي رسايائون، جنهن کين روڪي حال في الحال پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو. ڇوڪريءَ پوءِ شاهوڪار کي چوائي موڪليو ته ”آءٌ شادي ڪرڻ لاءِ هاڻي تيار آهيان، پر انهيءَ شرط سان ته شادي اڄ کان بنهه ستين ڏينهن ٿئي!“ شاهوڪار ته اڳي ئي آتو ويٺو هو، تنهن جڏهن اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن خوشيءَ ۾ اهڙا وٺي ٻڌا ٻڌا ٽپ ڏنا، جو ماڻهن سمجهيو ته مغز سان ڪجهه معاملو ٿي ويو اٿس. مطلب ته هڪدم شاديءَ جي تياريءَ جو حڪم ڏنائين، ۽ شاديءَ جون تياريون زور شور سان شروع ٿي ويون: چوڌاري دعوتون ڏجي ويون، ٻڪرا ڪسجي ويا، ديڳيون چڙهي ويون، ۽ دعوتي پڻ سوداگر جي گهر اچي گڏ ٿيڻ لڳا، ڇوڪريءَ سمورو احوال ڪتي کي ڪن ۾ ٻڌائي، لال ملوڪ ڏانهن روانو ڪيو. جڏهن ڪتو لال ملوڪ وٽ پهتو، تڏهن سموري حقيقت معلوم ڪري سڀ خوش ٿيا، ۽ هڪدم اوڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيهي رهيا.

انجام موجب ٽئين ڏينهن شاديءَ جي تياري پوري ٿي ويئي. رات جو شهر جون ننڍيون وڏيون زالون ٻارن سميت سڀ اچي گڏ ٿيون، ڇوڪريءَ چين ته ”مهرباني ڪري سڀيئي هن ڪوٺيءَ ۾ ويهي ڳيچ ڳايو.“ جڏهن سڀ زالون ڳيچ ڳائڻ ۾ لڳي ويون، ۽ ٻارڙا سمهي رهيا، تڏهن ڇوڪري اٿي، انهيءَ ڪوٺيءَ کي ڪلف ڏيئي، ٻاهر نڪري، تاڙي وڄائڻ بيهي رهي. تاڙيءَ جي آواز تي لال ملوڪ ۽ سندس دوست، جي ويس بدلائي آيل هئا، سي سڀ ظاهر ٿيا. پوءِ ته لال ملوڪ جي دوست، راڪاس، زالن واري ڪوٺي هڪدم کڻي وڃي درياءَ جي ٻئي ڪپ تي ڇڏي، ۽ واپس اچي، ظالم شاهوڪار ته ٺهيو، پر سڀ شهر جا ماڻهو، جيڪي ههڙي ظالم کي شهر ۾ ڇيڪ ڇڏيو ويٺا هئا، ۽ هميشه هن جي آڏو هٿ جوڙ ڪيو بيٺا هوندا هئا، ماري ختم ڪري، ۽ سڄي شهر کي باهه ڏيئي، ساڙي ڀسم ڪري، موٽي آيو، پنهنجن ٻين سنگتين وٽ ڪوٺي کولي ڏسن ته سبحان الله، اندر ته ڪي اهڙيون حسين حورون ويٺيون آهن، جن جي ڳالهه ئي نه پڇو! پوءِ سڀ گڏجي آيا، لال ملوڪ جي جاءِ تي، جتي لال ملوڪ سڀني دوستن کي ٻه ٻه چار چار دل گهريون شاديون ڪرايون. پوءِ هي خير خوشيءَ جا ڪجهه ڏينهن اتي گذاري هڪڙي ڏينهن انهن سنگتين لال ملوڪ کي چيو ته ”يار، هاڻ موڪلائينداسون، وطن پيو ساري!“ لال ملوڪ ڏاڍي ڏک سان دوستن کان موڪلايو، ۽ پاڻ سوداگر جي شهر جون زالون ۽ ٻار وٺي، پنهنجي سلڇڻيءَ سهڻيءَ زال سميت وري اچي اهو شهر وسائي ويهي رهيو، جنهن هڪ اکئي راڪاس ڦٽائي نابود ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي پوءِ هن پاڻ تتل تيل جي ڪڻاهيءَ ۾ وجهي ڪوڪي ڪري هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو هو.

هائو سائين، لال ملوڪ جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪري ڪهڙيون ڪجن! جهڙو هوس نالو، تهڙو ئي بيشڪ هو مڙس لال ملوڪ!

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org