.
امير حمزو ۽ ڪڻڪ راڻي
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙي بادشاهه کي ست پٽ هئا، جن مان ڇهه ڄڻا ته
بي عقل ۽ بي همت هئا، باقي جيڪو ننڍو هو، سو ڏاڍو
سورهيه ۽ سياڻو هو. سندس نالو هو امير حمزو.
بادشاهه جي مرضي هئي ته ستن ئي پٽن کي اهڙي گهران
پرڻايان جو ست ئي ڪنواريون پاڻ ۾ ڀينرون هجن.
غريبن وٽان ته اهڙا سڱ گهڻائي ملي پئي سگهيا، پر
بادشاهي گهر ۾ انهن جو جوڙ جڙڻ مشڪل هو. آخر
بادشاهه پنهنجي وزير کي چيو ته ”خدا جي خدائي گهڻي
پيئي آهي، وڃي ڳولا ڪر، جتي به ڪنهن بادشاهه جون
ست ڌيئر هجن، ان سان وڃي مائٽي ڪري اچ!“ وزير،
خرزين اڇي ڳاڙهي جي ڀري، اٿي روانو ٿيو. هڪليندو
هڪليندو، ڪيتريون ئي بادشاهيون لتاڙي ويو- ڪٿي
چار، ڪٿي پنج، ته ڪٿي ڇهه ڪنواريون به مليون ٿي-
پر جن جو نالو ست، سي ملنس ئي نه.
آخر پڇائيندي پڇائيندي، هڪڙي ڏينهن، هو هڪڙي شهر ۾ اچي پهتو،
جتي رات جو هڪڙيءَ پوڙهيءَ دائيءَ جي گهر اچي
مهمان ٿيو. جڏهن رات ٿي، تڏهن ٻڍڙيءَ سان رهاڻيون
ڪندي، کيس پنهنجا ٻار ٻچا ياد پيا، ۽ روئي ڏنائين.
مائيءَ جي پڇڻ تي، هن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. دائيءَ
کان کل نڪري ويئي. وزير کي عجب به ٿيو، پر ڏاهو
ماڻهو هو، تنهن سمجهيو ته هاڻي شايد ڪا واهه پيدا
ٿي پوي- تنهنڪري ٻڍڙيءَ کان کلڻ جو سبب پڇيائين.
مائيءَ چيس ته ”ابا! ڪٿي چور سُڃا ڪٿي ڍور سُڃا...
اڃا گذريل رات هڪڙو وزير هتي ٽڪيل هو، سو وري وتيو
ٿي پنهنجي بادشاهه جي ستن ڌيئرن جا ور ڳوليندو!
اجهو بنهه اڄ صبح جو، هتان فلاڻي شهر ڏانهن روانو
ٿي ويو آهي.“ وزير، هيءَ ڳالهه ٻڌي. جيئن تيئن ڪري
رات نباهي، ۽ صبح ٿيندي ئي ڪيائين ان شهر جو رخ،
چئن ڏينهن جو پنڌ ٻن ڏينهن ۾ پورو ڪيائين، پر کيس
انهن پارن پتن وارو ماڻهو واٽ ۾ ڪٿي به ڪونه مليو.
وزير، اتي به هڪ دائيءَ جو گهر ڳولي، پنهنجي رهڻ
جو بندوبست ڪيو، ۽ گهوڙو اتي ٻڌي، اچي شهر جي
ٻاهران دروازي وٽ ويٺو، ۽ سامهون رستي ۾ اکيون
وجهي ويهي رهيو.
ٻن ڏينهن جي انتظار کان پوءِ، هيءُ جيئن ئي نااميد
ٿي، دائيءَ جي گهر ڏانهن وڃڻ لاءِ پئي سنڀريو،
تيئن کيس سڙڪ مان رَئِي اُٿندي نظر آئي. هيءُ بيهي
رهيو، ۽ کن به ڪانه گذري، ته هڪڙو گهوڙي سوار اچي
دروازي تي لٿو. وزير پارن پتن مان هن کي سڃاڻي
ورتو ته هيءُ ته اهو ساڳيو ماڻهو آهي، جنهن جو
دائيءَ ٻڌايو هو. سو، سواءِ ڪڇڻ پڇڻ جي، انهيءَ
سوار جي پٺيان لڳو، تان جو سوار به پڇائي پڇائي،
وڃي انهيءَ ساڳئي دائيءَ جي گهر ٽڪيو، جتي وزير
پاڻ ٽڪيل هو. جڏهن رات ٿي، تڏهن وزير وڃي انهيءَ
نئين آيل مهمان جو پاسو ورتو. پاڻ هُرتو کيس
ٻڌايائين ته ”مان ستن ڪنوارين جي تلاش ۾ نڪتل
آهيان!“ جنهن تي اهو سوار، جو پاڻ به وزير هو،
تنهن چيس ته ”ادا آءٌ پاڻ به اهڙن ستن شهزادن جي
ڳولا ۾ آهيان، جن سان منهنجي بادشاهه جي ستن
شهزادين جو سڱ ٿئي!“ بس پوءِ ته هو انهيءَ وزير
سان گڏجي، ستن شهزادين جي ملڪ ۾ ويو، ۽ اتي جي
بادشاهه سان ڳالهه پڪي ڪري، شاديءَ جي تاريخ مقرر
ڪري موٽي اچي پنهنجي بادشاهه وٽ پهتو. بادشاهه
ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ شادين جون تياريون ٿيڻ لڳيون.
مقرر تاريخ تي، بادشاهه هڪ وڏي ڄڃ وٺي، ستن گهوٽن سميت روانو
ٿيو. جڏهن شهر کان ٻاهر نڪتا، تڏهن امير حمزو پيءُ
وٽ آيو، ۽ چيائين ته ”قبلا! پويان جيڪڏهن ڪو غنيم
ڪاهي اچي، ته ان سان ڪير مقابلو ڪندو؟ چڱو ائين
آهي ته اسان مان هڪڙو ڄڻو هت رهي پوي.“ سڀني چيو
ته ڳالهه سورهن آنا ٺيڪ آهي، پر هتي رهي ڪير؟“
سڀڪو پيو چاهي ته مان ضرور وڃان. نيٺ امير حمزي
چيو ته ”اوهان سڀ وڃو، مان هتي ٿو ترسان. منهنجي
ڪنوار کي لائون منهنجي گز سان ڏيارجو.“ وڃڻ وقت
کين تاڪيد ڪيائين ته ”رستي تي هڪ هنڌ کوهه آهي، ۽
ان جي ڀرسان هڪڙو عاليشان بڙ جو وڻ بيٺو آهي، جنهن
جي هيٺان رهڻ جي لاءِ جاءِ به ڏاڍي وڻندڙ آهي، پر
انهيءَ هنڌ هڪ ديو ٿو رهي، تنهنڪري اُتي متان ٽڪيا
آهيو!“ اها ڳالهه ٻڌي، سڀني هائو ڪئي؛ ڄڃ رواني
ٿي؛ باقي امير حمزو گهر موٽي آيو.
هلندي هلندي، ڄڃ جڏهن انهيءَ کوهه وٽ پهتي، تڏهن رات پئجي ويئي؛
سڀئي ڏاڍا ٿڪل هئا، رات رهڻ جي لاءِ جاءِ به ڏاڍي
سٺي ئي، پر ديو جي خوف کان اُتان هليا ويا، ۽ وڃي
ٻئي هنڌ رات رهيا. اهڙيءَ طرح منزلون ڪندا ڪندا،
نيٺ هڪڙي ڏينهن، اچي انهيءَ بادشاهيءَ ۾ پهتا، جتي
مائٽي ڪئي هئائون. شاديون خير سان پوريون ٿيون، ۽
هر ڪو ماڻهو انعام اڪرام وٺي خوش ٿيو. امير حمزي
جي ڪنوار کي سندس گز سان پرڻايو ويو، ۽ آخر
موڪلائي، ڪنواريون وٺي، پنهنجي بادشاهيءَ ڏانهن
روانا ٿيا. ويهندا وڳندا، پنڌ ڪٽيندا، جڏهن انهيءَ
ديو واري کوهه وٽ پهتا، تڏهن وري رات پئجي وين. ڪن
ماڻهن چيو ته اڳتي هلجي، پر شهزادن چيو ته ”سڄي ڄڃ
ٿڪجي چور ٿي پيئي آهي، الائجي ديو آهي به يا رڳو
وهم آهي، ڇو پاڻ کي تڪليف ۾ وجهون، پر جي ديو
هوندو به سهي، ته اسان هيترن سارن جي اڳيان ان جي
ڪهڙي دال ڳرندي! امير حمزو پهلوان آهي، ته اسان به
ان کان گهٽ ڪونه آهيون. پاڻهي مقابلو ڪنداسون.“
رات جو سڀڪو کائي پي سمهي رهيو. پرڀات جو ڏسن ته ڄڻ سندن چوڌاري
ڪارو ڪوٽ چڙهيو پيو آهي. سڀئي ڊڄي ويا. جڏهن سج
اڀريو، تڏهن ڏٺائون ته هڪڙو وڏو ازگر ڪارو نانگ
آهي، جو ڄڃ کي چوڌاري ويڙهيو پيو آهي- پڇ ورائي،
کڻي وات ۾ وڌو اٿس... نڪرڻ جي ڪا جاءِ ئي ڪانهي.
پوءِ ته هر ڪو منهن مٿو پٽڻ لڳو، ۽ امير حمزي جا
ڀائر ويچارا ته منهن لڪائي ويهي رهيا. آخر امير
وزير وڃي نانگ کي التجائون
ڪرڻ لڳا ته ”اسان کي ڪنهن حيلي حوالي رستو ڏي.“
نانگ جواب ڏنو ته ”امير حمزو منهنجو يار آهي، مون
کي سندس منهن ڏسڻ جي ڏاڍي سڪ آهي؛ هونئن ته هتي
هرگز نه ايندو، پر جيڪڏهن سندس ڪنوار هتي ڇڏي
ويندؤ، ته هو ضرور ان کي وٺڻ ايندو، ۽ انهيءَ
بهاني سان آءٌ پنهنجي يار کي ڏسي سگهندس. هاڻي جي
امير حمزي جي ڪنوار مون وٽ ڇڏيو، ته پوءِ اوهان
سڀني کي موڪل آهي، نه ته ڀلي سڀ اتي ويٺا هجو. “
وزير نانگ کي چيو ته ”ٻيون ڪيتريون به زالون چوين،
ته توکي ڏيون؛ باقي ڪنوارين جي ڳالهه نه ڪر.“
نانگ، اها ڳالهه ٻڌي، پُڇ کي ڳهڻ شروع ڪيو، گهيرو
ويو سوڙهو ٿيندو، ۽ ماڻهو ويا هڪٻئي جي مٿان
چڙهندا. اتي سڀني ماڻهن بادشاهه کي عرض ڪيو ته
”سائين، هاڻي جيئن وڻيئي تيئن اسان کي هن اويڙ مان
ڇڏاءِ.“ بادشاهه پاڻ نانگ وٽ ويــو، ۽ کـيس چيائين
ته ”منهنجي ٻين ڇهن پٽن مان جنهن جي ڪنوار وڻيئي
تون روڪ، باقي امير حمزي جي ڪنوار نه روڪ.“ پر
نانگ جي ڳالهه هڪ- چي، ”ڏيو ته امير حمزي جي
ڪنوار، نه ته سڀني جون هڏيون گڏيون ڀڃي ڇڏيندس.“
ائين چئي، پڇ کي وڌيڪ ڳهڻ شروع ڪيائين. جڏهن ماڻهو
هڪٻئي جي مٿان سٿجڻ لڳا، تڏهن بادشاهه کي چيائون
ته ”سائين، هڪ ماڻهوءَ جي ڪري سڀ مري وينداسين...
وڌيڪ پاڻ ڄاڻ.“ نيٺ بادشاهه مجبور ٿي امير حمزي جي
ڪنوار نانگ کي ڏني، جنهن تي نانگ پڇ وات مان
ڪڍيو، ۽ امير حمزي جي ڪنوار وٺي کوهه ۾ هليو ويو.
باقي ڄڃ روئندي پٽيندي، ملڪ ڏانهن رواني ٿي.
امير حمزو روزانو شهر جي ٻاهران بيهي ڄڃ جو انتظار ڪندو هو. هڪ
ڏينهن، هيءُ جيئن شهر جي ٻاهران بيهي ڄڃ جو انتظار
ڪري رهيو هو، تيئن ڏٺائين ته ڄڃ پيئي اچي، پر نه
دهل نه دماما، نه راڳ نه روپ، ويتر پٽڪو سٽڪو پيو
ٻڌجي... تڏهن پڪ ٿيس ته هي ضرور کوهه تي رات ٽڪيا
هوندا! جڏهن ويجهو پهتا، تڏهن پڇا ڪرڻ تي معلوم
ٿيس ته برابر ائين هو... ۽ نانگ سندس ڪنوار روڪي
ڇڏي هئي! اها ڳالهه ٻڌي، اتان ئي گهوڙي تي چڙهي،
هڪ نوڪر ساڻ ڪري، کوهه تي روانو ٿي ويو. بادشاهه
کيس گهڻو ئي پليو، مگر هي نه مُڙيو. آخر سڀ سندس
حياتيءَ جو آسرو لاهي، ماتم ڪندا شهر ڏانهن ويا.
امير حمزو جڏهن کوهه وٽ پهتو، تڏهن خيال ڪيائين ته
گهوڙي ۽ نوڪر کي پري بيهارجي- پوءِ به پنهنجو سر
وڃي، هنن ويچارن ڪهڙي چوري ڪئي! اها ڳالهه سوچي،
گهوڙو پري هڪ وڻ سان ٻڌي، نوڪر کي اتي بيهڻ جو حڪم
ڏنائين. نوڪر به پنهنجو گهوڙو تيار ڪري بيهي رهيو-
چي، ’ڪا نه ڪا مهل جهڙي، ته ڏيان گهوڙي کي مُٺ.‘
امير حمزو کوهه جي مٿان اچي ڏسي ته سندس دشمن ننڊ ۾ ستو پيو
آهي، ۽ سندس ڪنوار هڪ پاسي کان موڙهي ويٺي آهي. هڪ
دل چويس ته ستل جو ئي ڪم لاهجي، پر پوءِ خيال
ڪيائين ته ڪنوار چوندي ته گيدي هو، جو ستل دشمن تي
وار ڪيائين. اها ڳالهه ڳڻي، هڪل ڪيائين؛ جنهن تي
ديو جاڳي پيو، ۽ هٿ ٻڌي امير حمزي کي عرض ڪيائين:
”سائين! تنهنجي ديدار جي ڏاڍي سِڪ هئي، سو اهو
نصيب ٿيو. هاڻي، هيءَ اوهان جي ڪنوار حاضر آهي،
ڀلي وٺي وڃو. پر منهنجو هڪ عرض آهي ته ’ڪڻڪ راڻي
ملوڪزادي، جنهن جو منهن ستن برقعن مان به ائين پيو
چمڪندو آهي، جو سڄو محلات رات جو به ڏينهن وانگر
پيو ٻرندو آهي، اها ڏڦيل ديو مون کان کسي ورتي
آهي، سا تون ئي وٺي ڏيندين: مان تنهنجو ۽ الله جو
آسرو ڪري، هن کوهه ۾ اچي ڪِريو آهيان- هاڻي منهنجي
مدد ڪر!‘ امير حمزي دل ۾ چيو ته ’ٻيلي، يا ته مدد
نه گهري ها؛ جي گهري اٿس، ته هاڻي مڙسن جو وڙ نه
آهي، جو دل لاهي جواب ڏجي.‘ سو ديو کي چيائين ته
”چڱو يار! اسان جي الاتوهار آهي... جي جيئرا
رهياسون، ته اچي پنهنجي ڪنوار هٿ ڪنداسون، جي
مئاسون ته اها به توکي پرتي.“ ديو چيو ته ”سائين!
هيءَ ته تنهنجي ئي ملڪيت آهي. مان کيس هر طرح جو
آرام ڏيندس. تون رڳو مون کي پنهنجو حق وٺي ڏي.“
امير حمزو نوڪر وٽ موٽي آيو ۽ ان کي چيائين: ”هاڻي
توکي موڪل آهي، وڃي منهنجي عزيزن کي سلام ڏي ۽
ٻڌائين ته آءٌ وڃان ٿو ديو جي منهن ۾- هوندي حياتي
ته اچي ملندس.“ ائين چئي، الاتوهار ڪري ٿيو روانو.
اڃا هڪ ڏينهن جو پنڌ مس ڪيائين، ته کيس هڪ ٻڪرار نظر آيو، جو مڻ
جو ڪهاڙو ڪلهي تي رکيو، سؤ ليلا کٿي جي ڪانبي ۾
وجهيو، انهن لاءِ پُور ڍنگرن جو مٿي تي کنيو، ڍيرو
ڪتيندو ٿي وتيو. امير حمزو هن جي پهلوانيءَ تي
حيران ٿي ويو. ويجهو ٿي سلام واري هن شخص کي
چيائين ته ”يار، تون آهين ته ڏاڍو جوان!“ ٻڪرار
ورندي ڏني: ’سائين، مان ڪهڙو ڏاڍو جوان آهيان،
ڏاڍو جوان ته آهي امير حمزو، جنهن جو ڌرتي تي ڌاڪو
آهي.“ امير حمزي ورندي ڏني ته ”ادا، هڪڙو امير
حمزو ته آءٌ به آهيان.“ ٻڪرار چيو: سائين، جي امير
حمزو تون آهين ته آڳل تنهنجي پيڇل منهنجي.“ ائين
چئي، ٻڪريون اتي ئي ڇڏي، امير حمزي سان اٿي پنڌ
ٿيو.
ٻيئي ڄڻا هڪليندا آيا، تان جو هڪڙي هنڌ ڇا ڏسن ته هڪڙو ميهار
آهي، جو نديءَ جي ڪپ تي مينهون پيو چاري ۽ ڪوڏي وچ
ڪڇ ۾ جهلي، ٽپ ڏيئي ٿو، ته نديءَ جي هُن ڀر وڃي ٿو
بيهي... اُتان وري ٽپ ڏئي ٿو، ته نديءَ جي هِن ڀر
اچيو بيهي. هن کي ڏسي، ٻيئي ڄڻا حيران ٿي ويا.
ويجهو اچي سلام ورائي، امير حمزي چيس ته ”يار، تون
ته ڪو ڏاڍو جوان ٿو ڏسجين!“ ميهار ورندي ڏني:
”ادا، مان ڪهڙو ڏاڍو جوان آهيان. ڏاڍو جوان آهي ته
امير حمزو آهي، جنهن جو ڌرتيءَ تي ڌاڪو آهي.“ امير
حمزي چيو ته ”هڪڙو امير حمزو ته مان به آهيان.“
تنهن تي ميهار چيو ته ”سائين، جي امير حمزو تون
آهين، ته مان به تنهنجي ڪڍ. مينهون پورتيون ربّ
کي.“ ائين چئي، هو به هنن جو همراهه ٿي پيو.
اڳتي اچي ڏسن ته هڪڙو لوهار آهي، جو ويٺو تير ٺاهي. سندس پاسن
کان ٻه ٽڪريون آهن، سي جڏهن آهستي آهستي رڙهيون
اچيو پاڻ ۾ ويجهيون ٿيون ٿين، تڏهن انهن کي رڳو
ٺونٺ ٿو هڻي، ته وري پوئتي هٽي ٿيون وڃن. انهيءَ
وقت اُهي ٽڪريون به هن کي اچي ويجهو پيون، ته مٿان
امير حمزي، ٻڪرار ۽ ميهار به اچي سلام ورايو.
لوهار پهريائين ته ٺونٺيون هڻي ٽڪرين کي پري ڌڪيو،
پوءِ وعليڪم السلام چئي اچي هنن سان مليو. هي ٽيئي
ڄڻا حيران رهجي ويا. امير حمزي چيس ته ”ٻيلي، تون
ته ڪو ڏاڍو جوان ٿو ڏسجين!“ لوهار وراڻي ڏني ته
”ادا، آءٌ ڪهڙو ڏاڍو جوان آهيان، ڏاڍو جوان ته آهي
امير حمزو جنهن جو ڌرتيءَ تي ڌاڪو آهي.“ تنهن تي
امير حمزي چيو: ”هڪڙو امير حمزو ته آءٌ به آهيان.“
لوهار چيو ته ”سائين، جي امير حمزو تون آهين، ته
پوءِ آءٌ به تنهنجو پوئلڳ آهيان.“ ائين چئي، دوڪان
ڦٽو ڪري، هن به امير حمزي جي ڪڍ ورتي.
اڃا ٿورو پنڌ اڳتي هليا، ته کين هڪڙو ماڻهو نظر آيو، جو ميدان ۾
بيٺو هو، ۽ اکيون آسمان ۾ هيس. سلام وارڻ بعد،
امير حمزي پڇيس ته ”ادا، تون ڇو اُڀ ۾ اکيون پايو
بيٺو آهين؟“ هن وراڻيو: ”سائين، ڇهه مهينا ٿيندا،
جو مون هڪڙيءَ ڪونج کي گز هنيو هو. آءٌ گز اهڙي
زور سان هڻندو آهيان جو اهو پنج مهينا پيو مٿي
ويندو آهي، ۽ هڪ مهينو ان کي موٽڻ ۾ لڳندو آهي. اڄ
ان جي ڪِرڻ جو ڏينهن آهي، تنهنڪري انهيءَ انتظار ۾
آهيان.“ اڃا هن ڳالهه به پوري ڪانه ڪئي ته گز ڪونج
سميت اچي هيٺ ڦهڪو ڪيو. اِهو ڏسي سڀ حيران ٿي ويا.
امير حمزي چيس ته ”ٻيلي، تو جهڙو ڏاڍو جوان نه
ٻڌوسين نه ڏٺوسين.“ هن وراڻيو: ”سائين، مان ڪهڙو
ڏاڍو جوان آهيان، ڏاڍو جوان آهي ته امير حمزو آهي،
جنهن جو ڌرتيءَ تي ڌاڪو آهي.“ امير حمزي چيو ”هڪڙو
امير حمزو ته مان به آهيان.“ هن چيو: ”سائين، جي
تون امير حمزو آهين؛ ته مان به تنهنجي ڪڍ ٿو
لڳان.“ اهڙيءَ طرح اهو پنجون يار به اچي هنن سان
مليو.
ڪونج ڏسي، سڀني کي مانيءَ جو خيال ٿيو؛ سو خيال ڪيائون ته ڪٿي
ڪا باهه نظر چڙهي، ته ڪونج پچائي هانءَ جهل ڪجي.
انهيءَ لاءِ ٻڪرار کي چيائون ته ”ڪنهن وڻ تي چڙهي،
ڪو دونهين جو نشان ڏس.“ ٻڪرار يڪدم هڪ وڻ تي چڙهي
ويو، ۽ ڏٺائين ته هڪ طرف کان دونهين جي سنهي لاٽ
پيئي نظر اچي. هيٺ لهي، سڀني دوستن کي ٻڌايائين.
سڀني چيس ته ”باهه به تو ڏٺي آهي، ته کڻي به تون
اچ.“ هيءُ مڙس به هاڪاري ڪري هليو ويو. اُتي وڃي
ڏسي ته هڪڙو ديو آهي، جو ليٽيو پيو آهي- سندس اکين
جا ڇپر وڌي وڃي گوڏن تي پيا آهن. ٻڪرار چاهيو ته
هن کي ڇيڙڻ جو ضرور ڪونهي، باهه کنيو هليو وڃان؛
پر پوءِ خيال آيس ته اڻ موڪلائي شي کڻڻ مردن جو وڙ
نه آهي، سو هڪل ڪري چيائينس ته ”ماما! هتان ڇيڻو
دکائي وٺان؟“ ديو چيو ته ”باباَ ڀلي، پر پهريائين
مون کي هٿ ڏيئي اٿاري ته ويهار، گهڻي وقت کان سمهڻ
ڪري پاسا ئي لڳي ويا اٿم.“ ٻڪرار جيئن وڌي اچي ديو
کي هٿ ڏنو، تيئن هن ورائي کڻي گوڏي هيٺان ڏنس. مڙس
اتي ئي هٿيڪو ٿي ويو.
هوڏانهن امير حمزي ۽ ساٿين جڏهن گهڻو وقت ٻڪرار جو انتظار ڪيو،
تڏهن سمجهيائون ته شايد مڙس کي اچي ليلا ياد پيا،
جو پڇاڙيءَ جو موڪلايائين به ڪين. انهيءَ ڪري
ميهار کي چيائون ته ”ادا، تون وڃ ۽ باهه کڻي اچ!“
ميهار، ٻڪرار جا پير کڻي، روانو ٿيو. ساڳئي هنڌ
پهچي ديو کي ڏسي دهلجي ويو؛ مگر همت جهلي، باهه
مان ڳوهو دکائڻ تي هو، ته ديو دانهن ڪئي: ”اي شخص!
مون ٻڍڙي کي پاسي اٿلائي ڏينهن ٿي ويا آهن؛ ڀلائي
ڪري هٿ ڏيئي اٿار ته سهي.“ ميهار جيئن وڌي وڃي
سندس هٿ ورتو، تيئن ديو هن کي به ورائي کڻي گوڏي
هيٺان ڪيو.
ڳچ وقت ميهار کي به تڪيائون، پر هو نه موٽڻو هو نه موٽيو. امير
حمزي چيو ته ”ادا! هن کي به ڪنڍيون ياد پيون،
ويندي ويرم ئي نه ڪيائين. هاڻي اوهان مان ڪو وڃي.“
اهو ٻڌي، لوهار سنبري اٿي هليو؛ مگر وڃڻ وقت هن کي
چيائون ته”ٻيلي! ادا! دڪان تي وڃڻو هجيئي، ته
هينئر ئي کڻي ٻڌاءِ!“ لوهار چيو ته ”جي دوڪان جي
ايتري ڳڻتي هجي ها، ته هتي اچان ئي ڪونه ها.“ ائين
چئي، هو روانو ٿي ويو. جڏهن دونهينءَ تي پهتو،
تڏهن ديو ڏسي ڪجهه شڪ پيس، پر دل جهلي چيائينس ته
”ماما! ڇيڻي دکائڻ جي موڪل آهي؟“ پر ديو هن کي به
ساڳيءَ طرح سٽ ڏيئي، کڻي ٻين سنگتين سان ڀيڙو ڪيو.
جڏهن لوهار به ڪين موٽيو، تڏهن امير حمزي گازڙئي کي چيو: ”ادا،
هو سڀئي وڃي پنهنجي پنهنجي گهر آسودا ٿيا، تون به
جي سنگت ٽوڙين، ته هاڻي ئي کڻي ٻڌاءِ!“ تنهن تي هن
چيو ته ”سائين، وڃڻ وارا ويا، منهنجو سِرُ سائينءَ
سان آهي.“ ائين چئي، هو به اُٿي ٿيو ساڳين پيرن تي
روانو. پر اتي پهتو، ته هن سان به ديو ساڳي ڪار
ڪئي.
جڏهن امير حمزي يارن جي موٽڻ جو آسرو پليو، تڏهن پاڻ به انهن ئي
پيرن تي اُٿي پنڌ پيو. ڇا وڃي ڏسي ته ٻلي! هڪڙو
آفت جيڏو ديو ستو پيو آهي! شڪ پيس ته هن ئي منهنجا
دوست گم ڪيا آهن. اڃا انهيءَ ويچار ۾ هو ته کيس
چار ڇيڻا به دونهينءَ جي ڀر ۾ پيل نظر آيا. هاڻي
پڪ ٿيس ته اهو ڪم انهيءَ ديو جو آهي. سو، وڌي وڃي
پڇيائينس ته ”سائين! باهه کڻي وڃان؟“ ديو ساڳيءَ
طرح وراڻيو ته ”بابا! ڀلي، پر مون ٻڍڙي کي ته هٿ
کان وٺي اُٿاري ويهار.“ امير حمزي ته کيس سڃاتو
هو، تنهن هٿ کان وٺي اهڙي سٽ ڏنيس، جو ديو ته وڃي
ميل پنڌ تي ڪريو- پر ڇا ڏسي ته سندس دوست ’ڪيڙو
ڪيڙو‘ ڪيو پيا اُٿن! امير حمزو پنهنجن دوستن سان
مِلي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ هنن کان قيد ٿيڻ جو پڇيائين-
تڏهن سڀني ساڳي ڳالهه ڪئي. ايتري ۾ ديوُ به ڌڪ
جهلي، ٻرانگهون ڀريندو، اچي ويجهڙو بيٺو، پر ڀَوَ
کان ڏڪيو پئي. اتي امير حمزي ديو کي چيو ته ”اي
شخص، تون ته ڪو ڏاڍو جوان آهين، جو منهنجا چار
بهادر دوست هڪ ئي گوڏي هيٺ ڪري ويهي رهئين!“ ديو
هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”سائين، مان ڪهڙو پهلوان آهيان
ڏاڍو مڙس آهي ته امير حمزو آهي، جنهن جو ڌرتيءَ تي
ڌاڪو آهي.“ امير حمزي چيو ته ”هڪڙو امير حمزو ته
مان به آهيان.“ ديو هٿ ٻڌي چيو ته ”سائين، جي امير
حمزو تون آهين، ته آڳو تنهنجو پيڇو منهنجو!“ ۽
ائين چئي هو به امير حمزي وارن جو همراهه ٿي پيو.
جڏهن ڪجهه پنڌ ڪيائون، تڏهن ديو پڇيو ته ”سائين، آخر ڪيڏانهن
هلڻ جو ارادو آهي؟“ امير حمزي کيس ٻڌايو ته ”مان
وڃان ٿو ڏڦيل ديو جي قيد مان ڪڻڪ راڻيءَ کي ڇڏائڻ؛
توکي خبر آهي ته اهو ڪهڙي هنڌ آهي؟“ ديو هٿ ٻڌي
عرض ڪيو: ”قبلا، اهو خيال لاهي ڇڏ؛ هو اهڙي بلا
آهي، جو اسين به هن جي ڀَوَ کان ڀڄي، ست بادشاهيون
پري دونهيون دکائي اچي هتي ڪريا آهيون... ڪوبه ديو
سندس ملڪ ۾ ڪو نه ٿو رهي؛ سو تون اڪيلو آدمزاد اتي
ڇا ڪري سگهندين؟ چڱو ائين ٿيندو ته ڪنهن ٻئي پاسي
منهن ڪر. جنهن به بادشاهيءَ جي ڪابه حسين ۽ سهڻي
عورت توکي وڻي، سا آءٌ آڻي تو وٽ حاضر ڪريان، باقي
انهيءَ نامراد ديو جي اوڏو نه وڃ.“ اهو ٻڌي، امير
حمزي چيس ته ”اي يار، مون پنهنجي هڪڙي دوست سان
وعدو ڪيو آهي، سو مڙندس اصل ڪونه، توکي هلڻو آهي
ته هل، نه ته اسين وڃون ٿا.“ اهو ٻڌي ديو هنن سان
گڏ هلڻ تي رضامند ٿيو- چيائين ته ”هيءُ ته هڪڙو
سِرُ آهي، پر جي ڏهه هجن، ته به دوستن تان قربان
ڪري ڇڏيان.“
ديو ملڪ جو سونهون هو، تنهنڪري هنن کي ڪا تڪليف ڪانه ٿي. شام جو
اچي هڪڙي شهر وٽ پهتا. امير حمزي چئن ئي يارن کي
هڪ هڪ رپيو ڏنو، ته ڀلي وڃي شهر گهمي کاڌي پيتي جو
سامان وٺي اچن؛ باقي ديو کي هڪ سو رپيا ڏنائين- ڇو
ته ڄاتائين ٿي ته هن جو پيٽ ٿوري مان نه ڀربو. ٻيا
ته سڀ مُلهه سان شيون خريد ڪري کائڻ لڳا، باقي ديو
رپيا دڪاندارن جي منهن تي اُڇلائيندو ويو. جڏهن
روپين کان جند آزاد ٿيس، تڏهن جيڪي جتان وڻيس، سو
کڻي کائڻ لڳو. ٿورو گهڻو ڌُڪ بُجو ته مٿس اثر ئي
ڪونه پيو ڪري. آخر پڇاڙيءَ جو جيترو سامان کڻي
سگهيو، سو کڻي امير حمزي وٽ آيو. شهر جي ماڻهن وڃي
بادشاهه کي اهو اطلاع ڏنو. بادشاهه لشڪر تيار ڪري،
مقابلي لاءِ سنڀري آيو. امير حمزي ديو کي چيو ”ته
تو ناحق ڪري ڇڏيو! هاڻي ڪير هنن سان منهن ڏيندو؟“
ديو نڪا ڪئي هم نڪا تَمَ، ڀر واريءَ ٽڪريءَ تان
وڏيون ڇپون کڻي، لشڪر تي اڇلائڻ لڳو، ۽ ڳچ لشڪر چٽ
ڪري ڇڏيائين. بادشاهه پيش پيو، صلح جي شرطن ۾ اڌ
بادشاهيءَ جو ۽ ڌيءَ جو سڱ ڏنائين. امير حمزي اهو
سڱ ٻڪرار کي ڏنو، ۽ اڌ بادشاهي به ان کي بخشي، کيس
هڪ تير ڏيئي اڳتي روانو ٿيو- وڃڻ وقت چيائينس ته
”هيءُ پاڻ وٽ سوگهو رکجانءِ. جڏهن ڏسين ته تير
ڪٽجي ويو آهي، تڏهن پڪ ڄاڻجانءِ ته منهنجي سر ڏي
خير ڪونهي.“
جڏهن ٻئي شهر وٽ پهتا، تڏهن امير حمزي ٻين ٽن ڄڻن کي هڪ هڪ رپيو
خرچي ڏنو، باقي ديو کي وري به سَو رپيا ڏيئي،
نصيحت ڪيائين ته ”اجائي جهڳڙي مان ڪهڙو سود...
پنهنجا پئسا ڏيئي، جيڪي وڻئي سو وڃي کاءُ پيءُ.“
پر ديو جي وري به ساڳي ڪار! وڃي شهر ۾ مانڌاڻ
وڌائين. بادشاهه وٽ شڪايت پهتي، تنهن هن بلا سان
مقابلي لاءِ لشڪر روانو ڪيو. ديو به، هڪ وڻ پاڙؤن
ڪڍي، رخ رکيائين لشڪر ڏانهن- ڪيترا سپاهي هڻي سٽي
وڌائين. آخر هن بادشاهه به اڌ بادشاهي ۽ ڌيءَ جو
سڱ ڏيئي، جند ڇڏائي. امير حمزي اهو سڱ ۽ بادشاهي
ميهار جي حوالي ڪئي، ۽ وڃڻ وقت هن کي به هڪ تير
ڏنائين، ۽ کيس سمجهايائين ته ”جيڪڏهن تير ڪٽيل
ڏسين ته منهنجو خير نه سمجهجانءِ.“
هاڻي هيءُ چار ڄڻا روانا ٿيا، ۽ وڃي رات جو هڪ شهر جي ٻاهران
نڪتا. صبح جو شهر گهمڻ لاءِ لوهار ۽ گازڙي رپيو
رپيو وٺي روانا ٿيا؛ باقي ديو کي امير حمزي ٻه سو
رپيا ڏيئي، چيو ته ”ٻيلي! باقي وڃي چار ڄڻا بچيا
آهيون. هروڀرو ڇو ٿو کٽراڳ ڪرين؟“ ديو وعدو ڪيو ته
”سائين، هاڻي ڪجهه به نه ڪندس.“ مگر جڏهن شهر ۾
پير پاتائين، ته وري به اهو ڳن اهو ڪهاڙو! ڪيائين
لٽ مار شروع. هڪڙيءَ شاديءَ لاءِ ڪڻاهه پئي تيار
ٿيا... لذيذ طعام ڏسي، دل نه رهيس؛ سو پلٿي ماري
ويٺو کائڻ. ماڻهو ته سندس هيبت کان اڳ ۾ ئي ڀڄي
ويا هئا، سو مڙس بي فڪر ٿي ويٺو ڀڀ ڀرڻ. شهر ۾ هل
پئجي ويو. ماڻهن وڃي بادشاهه جو ڳلو ورتو، جنهن
پنهنجي پٽ کي هاٿيءَ تي چاڙهي روانو ڪيو. ديو به
طعام کائي، شهر کان ٻاهر نڪتو مس، ته شهزادو اچي
پهتس. ديو، شهزادي کي هاٿيءَ سميت کنڀي کڻي اچي
امير حمزي وٽ پهتو. بادشاهه پنهنجي پٽ جي آزاد
ڪرائڻ لاءِ وزير کي موڪليو، جنهن سان امير حمزي
وري به اڌ راڄ ڀاڳ ۽ ڌيءَ جي سڱ ملڻ تي ٺاهه ڪري،
شهزادي کي آزاد ڪرايو. امير حمزو اهو سڱ ۽ بادشاهي
لوهار جي حوالي ڪري، هڪڙو تير کيس به نشانيءَ طور
ڏيئي، اڳتي روانو ٿيو.
جڏهن ٻيءَ بادشاهيءَ ۾ پهتا، تڏهن وري به ديو جي شرارت سبب اتان
جي بادشاهه جنگ ڪئي، مگر هار کائي، امير حمزي کي
ڌيءَ جو سڱ ۽ اڌ بادشاهيءَ جو ڏنائين. امير حمزي
اهو سڱ گازڙئي کي پرڻائي، بادشاهيءَ جو حصو کيس
بخشي، ٻين وانگر هن کي به هڪ تير نشاني ڏنو، ۽ پاڻ
اڳتي روانو ٿيو. هاڻي رڳو وڃي ديو همراهه رهيو
هوس. منزلون ڪندا ڪندا اچي ڪڻڪ راڻيءَ جي محلات کي
ويجها پيا. جڏهن ديو جي اک ڏڦيل ديو جي محلات تي
پيئي، تڏهن هن، امير حمزي جي پيرن تي هٿ رکي،
کانئس موڪلايو- چي، ”سائين، ديو کي مات ڪيئه، ته
اچي تو وٽ سهڙنداسون، نه ته پرتين پِرين کي!“
امير حمزو جڏهن ويجهو پهتو، تڏهن ڏٺائين ته سڄو محلات پيو جرڪي.
ڪوبه ان جو اوهي واهي نه ڏسي، گهڙي پيو محلات ۾.
اندر وڃي ڏسي، ته هڪ ملوڪزادي ستن برقعن ۾ منهن
بند ڪيو ويٺي آهي. هن وڃي، سندس برقعا لاٿا.
ملوڪزادي هن جي حسن تي حيران ٿي ويئي، ۽ هيءُ وري
سندس سونهن تي موهجي پيو. آخر پڇا ڪيائين ته
”تنهنجو نالو ڇا آهي، ۽ هت ڪيئن ٿي رهين؟“
ملوڪزاديءَ ٻڌايو ته ”اي شهزادا، منهنجو نالو ’ڪڻڪ
راڻي‘ آهي. مون کي هيءُ ديو منهنجي پيءُ جي
بادشاهيءَ مان زوريءَ کڻي آيو آهي. ڏينهن جو هو
شڪار تي ويندو آهي، ۽ شام جو موٽي ايندو آهي. هيءُ
ديو سڀني ديون کان وڌيڪ خراب آهي. توکي هتي ڏسندو،
ته ماري ڇڏيندو؛ تنهنڪري بهتر ٿيندو ته تون هڪدم
هتان هليو وڃ.“ امير حمزي چيو: ”راڻي، آءٌ آيو ئي
تنهنجي ڳولا ۾ آهيان؛ يا ته اچان نه ها، جي آيو
آهيان ته هاڻي مڙس ٿي منهن ڏيندس.“
سڄو ڏينهن رهاڻيون ڪندي گذاريائون. جڏهن شام ٿي، تڏهن پهريائين
ڇوهو آيو ۽ آسمان تي غبار ڇائنجي ويو. ڪڻڪ راڻيءَ
امير حمزي کي ٻڌايو ته ”هيءَ انهيءَ ديو جي هلڻ
ڪري دز اڏاڻي آهي. هاڻي ڄاڻ هو آيو، تنهنڪري ڀڄي
وڃي ڪٿي لِڪ!“ پر امير حمزو ويٺو ئي رهيو. ٿوريءَ
دير بعد، مينهن جي ڪڻ ڪڻ شروع ٿي؛ ڪڻڪ راڻيءَ اتي
هن کي ٻڌايو ته ”هاڻي هو بلڪل ويجهو آهي.“ پر امير
حمزي تڏهن به ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. جهٽ ڪانه گذري،
ته ديو آدمبوءِ آدمبوءِ“ ڪندو پهچي ويو. امير حمزو
به ديو سان مقابلي لاءِ محلات کان ٻاهر نڪري آيو.
ديو، پنهنجي محلات اڳيان هڪڙي آدمزادي کي ڏسي،
ڪاوڙ ۾ ڪارو ٿي ويو، ۽ هڪڙي ڇپ کڻي امير حمزي تي
اُڇلايائين. امير حمزي ڍال سان اُن ڇپ کي اهڙو ته
ٿيڙ ڏنو، جو وڃي ڪوهن ۾ ڪِري. ديو ڏٺو ته مار،
هيءَ ته ڪا وڏي آفت آهي! تڏهن ويجهو اچي چيائينس
ته ”هٿيار اُڇلاءِ؛ اچ ته هٿين خالي مقابلو
ڪريون.“ امير حمزي به ترار کڻي اڇلائي، ۽ ٻئي ٻکين
پئجي ويا. پهريائين امير حمزي کي ديو ڦيرائي پٽ
سان هنيو، ته گوڏن تائين زمين ۾ ويهي ويو. امير
حمزي پاڻ کي آجو ڪري، ديو کي ٻک وجهي مٿي کنيو، ۽
ڦيراني ڦيرائي اهڙي زور سان زمين تي هنيائينس، جو
هو چيلهه تائين زمين ۾ گهڙي ويو. وري ديو ڪاوڙ مان
اتان نڪري، امير حمزي کي گهمائي گهمائي، زمين تي
هنيو، ته هو سيني تائين مٽيءَ ۾ پورجي ويو. اِتي
امير حمزي يڪدم پاڻ ڇڏائي، جوش مان ديو کي ڦيرائي
اهڙو ته زور سان زمين تي هنيو، جو هو ڳچيءَ تائين
ڌوڙ ۾ دفنجي ويو، ۽ گهڻي ئي ڪوشش ڪيائين، پر اتان
نڪري نه سگهيو. پوءِ امير حمزي ڌڪ هڻي ماري ڇڏيس.
امير حمزي جو دوست ديو، جنهن اهو تماشو پري کان پئي ڏٺو، سو
اڏامندو آيو، ۽ امير حمزي کي ڪلهي تي کڻي يڪدم سڄي
شهر جي چوڌاري ڦيرائي، آڻي محلات ۾ لاٿائينس. ان
کان پوءِ، امير حمزي کي چيائين: ”سائين، مون
انهيءَ ديو جي ڀَوَ کان ٻارهن مهينا ننڊ نه ڪئي
آهي، هاڻي اجازت ڏيوم ته اک لائي وٺان... پر ڇهه
مهينا مون کي نه اُٿارجو.“ امير حمزو پوءِ اچي ڪڻڪ
راڻيءَ سان مليو، جا اڳ ۾ ئي در وٽ بيٺي هئي. ٻيئي
ملي ڏاڍا خوش ٿيا.
امير حمزو شهر گهمي ڏسي، ته سڄو ويران ٿيو پيو آهي. ماڻهو ڇيڻو
ڪوبه ڪونهي، باقي کاڌ خوراڪ جو ڪاٿو ڪونه هو. هن
کان ته پنهنجو ملڪ ئي وسري ويو. رات ڏينهن شڪار جي
شوق ۽ ڪڻڪ راڻيءَ جي محبت ۾ غرق هو. هڪڙي ڏينهن،
ڪڻڪ راڻيءَ جيئن محلات جي هيٺان وهندڙ نديءَ ۾ تڙ
ٿي ڪيو، تيئن ڦڻي ڏيئي، ڦڻيءَ ۾ ڦاٿل وار ڳوڙهي
ڪري کڻي نديءَ ۾ اڇلايائين. اچي جا هڪ سينگاري
مڇي، تنهن اُهي وار ڳِهي ڇڏيا. ڪڻڪ راڻيءَ جا وار
سونا هئا.
هڪڙي ڏينهن، پاسي واريءَ ڪنهن ٻيءَ بادشاهيءَ ۾ هڪڙي مهاڻي ڄار
وڌو. اتفاق سان اها ئي سينگاري مڇي ڄار ۾ ڦاٿي،
جنهن جي پيٽ ۾ ڪڻڪ راڻيءَ جا سونا وار هئا. انهيءَ
ڏينهن ڄار ۾ ڦاٿي به رڳو اها ئي هڪڙي مڇي، سو
مهاڻي دل ۾ خيال ڪيو ته مون کي ته آهي گهل ٻچن جي،
سو هن مان انهن جو ڪيئن پيٽ ڀربو... تنهنڪري انعام
جي لالچ تي بادشاهه وٽ سوکڙي ڪري کڻي آيو. بادشاهه
مڇيءَ جو تحفو قبول ڪري، مهاڻي کي انعام ڏيئي
روانو ڪيو. ٻانهيءَ جڏهن وڃي مڇي چيري، ته ڏسي ته
اندر سونن وارن جي هڪ ڳوڙهي پيئي آهي. ٻانهي اهي
سونا وار کڻي سڌو بادشاهه وٽ آئي. بادشاهه سونا
وار ڏسي ڪڻڪ راڻيءَ تي اڻ ڏٺو عاشق ٿي پيو، ۽ يڪدم
شهر ۾ هوڪو ڏياريائين ته ”جيڪو ماڻهو مون کي اها
راڻي آڻي ڏيندو، تنهن کي ڌيءَ جو سڱ، ۽ اڌ بادشاهي
ڏيندس.“ پڙهو ٻڌي، هڪڙي پوڙهي بادشاهه وٽ آئي ۽
اچي چيائين ته ”اي بادشاهه، اهو ڪم آءٌ ڪنديس، پر
هينئر مون کي مهاڻا گهرائي ڏي.“ مهاڻن کي گهرايو
ويو. پوڙهيءَ انهن کان پڇيو ته ”هن موسم جي مڇي
اوڀاري يا لهواري؟“ مهاڻن جواب ڏنو ته ”لهواري.“
پوڙهيءَ پوءِ بادشاهه کي چيو ته مون کي هڪڙي ٻيڙي
چئن مهاڻن سميت ڏي، ۽ انهن لاءِ ڇهن مهينن جو سيڌو
به ڏي. بادشاهه حڪم ڪيو ته ”پوڙهي جيڪي به گهري سو
کيس هڪدم ڏيو.“ آخر پوڙهيءَ ٻيڙو کڻي درياهه ۾
هاڪاريو.
ٻيڙو اوڀارو هلندو رهيو. جڏهن ڪڻڪ راڻيءَ جي محلات کي اوڏو آيا،
تڏهن پوڙهيءَ ملاحن کي ٻيڙي بيهارڻ لاءِ چيو. جڏهن
ٻيڙو ڪنڌيءَ لڳو، تڏهن پوڙهي محلات ۾ وڃڻ بدران
شهر ۾ هلي ويئي. شهر گهمي ڏٺائين ته سڄو سڃ لڳو
پيو هو. خيال ڪيائين ته هتي ضرور ڪنهن ديو جو واسو
آهي. اهو خيال ڪري، هن وڃي محلات جو پاسو ورتو، ۽
لِڪي لِڪي محلات ڏانهن نهاريندي رهي. ڪڻڪ راڻي
جڏهن گهمندي ڦرندي اچي هڪ دريءَ وٽ بيٺي، تڏهن هن
جا سونا وار ڏسي پوڙهيءَ مائيءَ کي پڪ ٿي ته هيءَ
اها ئي راڻي آهي، جنهن جي تلاش ۾ آئي آهيان. اتي
پوڙهيءَ مڪريلڻ ڇا ڪيو، جو تيل جي هڪڙيءَ مَٽيءَ
۾ ويهي، يڪدم ٻاهر نڪري آئي، ۽ انهيءَ حالت ۾ ئي
ڪڻڪ راڻيءَ جي محلات ۾ هلي ويئي. ڪڻڪ راڻي هن کي
ڏسي ڏاڍي حيران ٿي، ۽ کانئس پڇيائين: ”اي ٻڍڙي!
تون ڪير آهين ۽ ڪٿان آئي آهين؟“ ٻڍڙيءَ جواب ڏنو
”اما، بادشاهن واقعا پوندا، ڄَٽِي ڪانه ويچاري؛
مان هن شهر جي بادشاهه جي ماءُ هيس. جڏهن اهو مُئو
ديو هن شهر تي اچي ڪريو، تڏهن ٻيا ته سڀ کائي
کپائي ڇڏيائين، باقي مان تيل جي هڪ مَٽيءَ ۾ وڃي
لڪيس. تيل جي بانس سبب هن کي منهنجي بانس ڪانه
آئي، انهيءَ ڪري بچي ويس. هاڻي جڏهن ڏٺم ته ديو
مارجي ويو آهي، تڏهن هت وسهن سمجهي، هلي آئي
آهيان. الله جي ڏني مان ڪو ڪڻو ڏيندينءَ ته واهه،
نه ته الله خوش رکيئي.“ ڪڻڪ راڻيءَ کي هن تي رحم
اچي ويو. تنهن چيس ته ”ماسي، ويٺي کاءُ. مان اڪيلي
ٿيندي آهيان. هاڻي هڪ کان ٻه ٿي پيونسين.“
جڏهن شام ٿي، ۽ امير حمزو موٽي آيو، تڏهن ٻڍڙيءَ کي ڏسي ڇرڪ
پيس. ڪڻڪ راڻيءَ کان ان بابت پڇيائين. ڪڻڪ راڻيءَ
سڄي حقيقت ٻڌايس. امير حمزي چيو ته ”هاڻي خير
ڪونهي. هن مڪريل پير کوڙي ڪوڙ هنيو آهي. انهيءَ
مان ڀلائي ڪانه ٿيندي. چڱو ائين آهي ته هن کي هاڻي
ئي ٿڙا مٿي تي ڏي.“ پر ڪڻڪ راڻي چوي ته ”پوڙهي
جهور، پنهنجي ئي ساهه ۾ ٿي مري، سا اسان کي ڪهڙو
نقصان رسائيندي!“ ڪڻڪ راڻيءَ جي ضد تي ٻڍڙي اُتي
ئي ترسي پيئي.
هڪ ڏينهن خدا جو ٿيو، ته ٻڍڙيءَ ڳالهين ڪندي، ڪڻڪ راڻيءَ کي چيو
ته ”عورت ڪيتري به سچي هجي، مگر مرد کي ان ۾
اعتبار نه ويهندو.“ ڪڻڪ راڻيءَ چيو ته ”منهنجو مڙس
مون تي پورو ويساهه رکندو آهي.“ ٻڍڙيءَ چيو ته
”تون پنهنجي دل ۾ کڻي ڪيترو به خوش هجين، پر ڳالهه
سچي اها اٿيئي، جا مون ٻڌائي آهي.“ آخر گهڻي جهڳ
جهڳ کانپوءِ، ٻڍڙيءَ چيو ته ”تون کڻي منهنجي ڳالهه
کي آزمائي- جڏهن امير حمزو اچي، تڏهن کانئس
پڇجانءِ ته سندس ساهه ڪهڙيءِ شيءِ ۾ آهي؟“ ڳالهه
پڪي ٿي پيئي. رات جو امير حمزو ماني کائي جيئن
سُتو، تيئن ڪڻڪ راڻيءَ پڇيس: ”اي شهزادا! ٻڌاءِ ته
تنهنجو ساهه ڪهڙيءَ شيءِ ۾ آهي؟“ امير حمزي کي
هانءَ ۾ ڄڻ ڌڪ لڳي ويو. سمجهيائين ته اهي ڪم
انهيءَ پوڙهيءَ ڏائڻ جا آهن. پوءِ ڳالهه ڳڻي، جواب
ڏنائين: ”اها به ڪا عقل جي ڳالهه آهي! ساهه سڀڪنهن
جو بدن ۾ هوندو آهي، ٻيو وري ڇا ۾! پر هيءَ به پڪي
پڙهايل هئي، سا مڃي ڪٿي ٿي! نيٺ امير حمزي کي
مڃائي وڌائين، جنهن انجام ڪيس ته ”مهيني کان پوءِ
توکي ڏسيندس.“
صبح جو ٻڍڙيءَ راڻي کان پڇيو، جنهن تي هن ٻڌايس ته، ”مهيني جو
وعدو ڪيو اٿس.“ پوڙهي به ٺڪرين جي پڙهيل هئي؛ تنهن
ڇا ڪيو، جو هڪ ڌاڳو کڻي هڪڙي ڳنڍ ڏيئي ڇڏيائين.
جڏهن ٻيو ڏينهن ٿيو، تڏهن وري ٻي ڳنڍ ڏنائين.
اهڙيءَ طرح هر روز هڪ ڳنڍ ڏيندي هئي. جڏهن مهينو
پورو ٿيو، تڏهن وري راڻيءَ کي چيائين: ”راڻي، اڄ
رات مهينو پورو ٿيو، هاڻي وري پڇجانس.“ رات ٿي، ته
ڪڻڪ راڻيءَ وري به امير حمزي کي چيو ته ”هاڻي
پنهنجو وعدو پورو ڪر.“ امير حمزي سمجهيو هو ته
زائفان جي ذات آهي، ڳالهه وسري وينديس. پر هيءَ ته
ڪنهن پڪي مُلي جي پاڙهيل هئي؛ تنهنڪري لاچار ٿي
ٻڌائڻو پيس ته ”منهنجو ساهه هن کَني (ترار) ۾
آهي.“
اڃا صبح ئي مس ٿيو ته ٻڍڙيءَ اچي پاسو ورتس. ڪڻڪ راڻيءَ به کيس
سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي. ٻئي ڏينهن پوڙهي شهر گهمڻ
جو بهانو ڪري، وڃي ٻيڙيءَ وارن ملاحن سان پڪ ڪري
آئي ته سڀاڻي فلاڻي گهيڙ وٽ اچي ٻيڙي کي جهلجو.“
ٻئي ڏينهن ڪڻڪ راڻيءَ کي چيائين ته ”اما، اچ ته
ميٽ تيل ڪري نديءَ مان تڙ ڪري اچون.“ ڪڻڪ راڻيءَ
به کڻي هائو ڪئي. جڏهن ٻئي ڄڻيون نديءَ تي پهتيون،
تڏهن ملاحن کي کڻي اشارو ڪيائين، جن ڪڻڪ راڻيءَ کي
وجهندي ئي ڀاڪر، کڻي ٻيڙيءَ ۾ وڌو؛ ۽ هڪلي ٿيا
روانا. اڃا سڏ پنڌ پرڀرو ويا ته اتي ٻڍڙيءَ کي
امير حمزو ياد آيو. سو يڪدم محلات ۾ موٽي ويئي، ۽
ڇا ڪيائين، جو امير حمزي جو کنو ٻئي کني سان
بدلائي، ڪپهه جي بُرڪين ۾ ويڙهي، مٿان تيل هاري،
کڻي باهه ڏنائينس. پوءِ موٽي اچي بيڙي تي پهتي، ۽
ٻيرو هاڪاري ٿيا پنهنجي ملڪ ڏانهن روانا.
امير حمزي ان مهل شڪار پئي ڪيو... جو سندس ڪپڙن کي اوچتو ئي
اوچتو اچي باهه ورتو. هو ڳالهه سمجهي ويو، سو يڪدم
گهوڙي تي چڙهي محلات ڏانهن موٽيو. پر تيستائين
سندس سڄو جسم سڙي ويو. نيٺ هو بيهوش ٿي، اچي پلنگ
تي ڪِريو، ۽ دم ڏنائين- ڇو ته کنو انهيءَ وچ ۾ سڄو
سڙي ڪارو ٿي ويو هو.
جڏهن ڪڻڪ راڻيءَ کي بادشاهه وٽ آندائون، تڏهن بادشاهه ڏاڍو خوش
ٿيو ۽ انجام موجب ٻڍڙيءَ جي پوٽي کي پنهنجي ڌيءَ
جو سڱ ۽ اڌ بادشاهي ڏنائين. ان کانپوءِ، ڪڻڪ
راڻيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ سنڀريو، مگر ڪڻڪ راڻيءَ
جواب ڏنس ته ”جن جا وَرَ مري ٿا وڃن، سي به چار
مهينا عِدت ۾ ويهنديون آهن؛ پر آءٌ ته مڙس ڇڏي آئي
آهيان، سو مون کي ٻارهن مهينا مهلت ڏي... ان
کانپوءِ تنهنجي مرضي.“ بادشاهه اها ڳالهه قبول
ڪئي، هن کي نديءَ جي ڪپ تي هڪڙو جدا محلات ٺهرائي
ڏنائين، جنهن ۾ ڪڻڪ راڻي ڪارا ڪپڙا ڍڪي، امير حمزي
جي ارمان ۾ ويهي رهي.
امير حمزي جا يار هڪڙي ڏينهن فجر جو اُٿيا، ته سندن تير ڪٽيا
پيا هئا. جوانن جي دل کاڄي ويئي. ٻڪرار ڀڳو سڌو
ميهار وٽ. ميهار اڳيئي سنڀريو بيٺو هو. ٻنهي ڄڻن
رکيو پيرن تي زور... سڌو آيا لوهار وٽ. لوهار به
حال احوال پڇي هنن سان ڪيو ٽيلهڙو. هليا اڳتي، ته
گازڙيو به پنهنجي گز ڪمان سان تيار بيٺو هو. چارئي
ڄڻا حوال احوال ڏيندا، هڪليندا جڏهن امير حمزي جي
محلات وٽ آيا، تڏهن ڏسن ته محلات جي هيٺان ديو ستو
پيو آهي، سندس کونگهري جو ٺڪاءُ پيو لڳي!
جاڳايائونس، پر هن پڇڙي به نه چوري. صلاح ڪيائون
ته هن کي جاڳائڻ به ضرور آهي. سو ڍنگرن جا پور کڻي
اچي هن جي مٿان ڪُهَڙَ بڻايائون، ۽ ٺوڪي ڏنائوننِ
تيلي. تڏهن باهه جي سيڪ تي ’اون اون‘ ڪري اُٿي
ويٺو. يارن تي ناراض ٿي چيائين: ”اڃا اک ئي مس لڳي
هئي، ته اچي جاڳايو اٿو!“ تنهن تي هنن ٻڌايس ته
”خدا خير ڪري، امير حمزي جو الائي ڪهڙو حال آهي،
جو اسان جا گز ڪٽجي ويا آهن، نيٺ ديو اُٿيو. سڀئي
ويا محلات ۾. ڇا ڏسن ته امير حمزو سڄو سڙيو ڪارو
ٿيو پيو آهي. ڏاڍو تعجب لڳن ته ٻيو ڪوبه ٽپڙ ڪونه
سڙيو، باقي جوان ڪيئن سڙيو؟ لوهار هو سياڻو، تنهن
ٽپڙ ڦولهڻ شروع ڪيا. ڏسي ته ٻيا سڀ ٽپڙ، جو جتي
آهي تتي رکيو آهي، باقي هڪ کنو سو سڙيو پيو آهي.
هن سهي ڪيو ته حرڪت ئي انهيءَ کني ۾ آهي؛ سو
ٺڪريون کڻي، اچي ويٺو، کني کي گسڻ. اڃا ان جو هڪ
پاسو صاف ڪيائين، ته امير حمزي پاسو بدلايو. وري
ٻيو پاسو صاف ڪيائين، ته امير حمزي پاسو بدلايو.
وري ٻيو پاسو صاف ڪيائين، ته ڪلمو ڀري اُٿي ويٺو.
اُٿڻ شرط پڇيائين ته ”ڪڻڪ راڻي ڪٿي آهي؟“ هنن چيس
ته ”اسان کي خبر ڪانهي.“ پوءِ ته پوڙهي ياد آيس، ۽
سڄو معاملو سمجهي ويو. ديو کي چيائين ته ”ڪيئن به
ڪري ڪڻڪ راڻيءَ کي ڳول.“ ديو، طوطو بڻجي ڪڻڪ
راڻيءَ کي ڳولڻ لاءِ اُڏامي روانو ٿي ويو. طوطي
کان، سو به ديو طوطي کان، ڪهڙي ٿي ڳالهه لڪي
رهي... سو چئن ئي ڪنڊن تي لامارا ئي چار ڏنائين،
ته وڃي راڻيءَ کي ڳولي هٿ ڪيائين، ۽ پري کان
راڻيءَ کي چتائي ڏسي ويهي رهيو.
-تڏهن
ديو محلات کڻي تِريءَ تي رکيو....
ڪڻڪ راڻيءَ طوطي کي پاڻ ڏي ائين ڏسندو ڏسي، چيو ته ”جي منهنجو
آهين ته، مون ڏانهن اچ.“ طوطو خوش ٿيندو ٽلندو
ڏانهنس ويو، ۽ وڃي خبر چار ٻڌايائينس. نيٺ صلاح
ڪيائون ته ڪڻڪ راڻي بادشاهه کي چيو ته هوءَ شاديءَ
لاءِ تيار آهي. ٻئي ڏينهن ڪڻڪ راڻي بادشاهه کي
ٻڌايو. بادشاهه ٻڌي، ڏاڍو خوش ٿيو. رات جو شهر
جون خوبصورت ۽ معتبر زالون ان ساڳيءَ پوڙهيءَ
مڪريلڻ سان گڏ ڪڻڪ راڻيءَ کي ميندي لائڻ ويون.
جڏهن سڀ محلات ۾ پهتيون، تڏهن ديو اهو محلات کڻي
تِريءَ تي رکيو، ۽ جيئن جو تيئن اک ڇنڀ ۾ آڻي امير
حمزي جي اڳيان حاضر ڪيو. امير حمزو ڪڻڪ راڻيءَ سان
ملي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ٻِين کي دوستن جي حوالي ڪري
ڇڏيائين. ديو عوض ڪيو ته ”سائين! اها پوڙهي مون کي
ڏيو.“ امير حمزي اُها ان کي ڏني، جنهن ڄنگهه تي
ڄنگهه رکي چيري ڇڏيس.
امير
حمزي کي هاڻي
خيال
آيو
ته پنهنجي
ملڪ
وڃان. يارن
کان موڪلائي،
ديو کي چيائين
ته ”اسان
کي هڪدم
انهيءَ
کوهه
تي پهچاءِ،
جنهن ۾ ديو
رهي
ٿو.“
ديو جي
اڳيان
ڪهڙي دير
هئي!
جهٽ پٽ
اُتي
اچي ڇڏيائين. امير
حمزي ڏٺو ته
هائو
ٻيلي، اُهو
ديو اڃا
ستو
پيو
آهي، ۽ سندس
ڪنوار
ويچاري اها
ئي
موڙهي سوڙهي
هن
جي پاسي
۾
ويٺي آهي.
ڏاڍي
غيرت آيس،
پر
ڪاوڙ
پي ويو،
۽
هڪل
ڪري
اُٿاريائينس. ديو
امير
حمزي کي ڏسي ڏڪي ويو.
امير
حمزي کيس چيو:
”مان
ڪڻڪ
راڻيءَ کي وٺي
آيو
آهيان، ۽ تنهنجو
دشمن
به ماري
آيو آهيان.
هاڻي مون
کي
پنهنجي
ڪنوار
ڏي.“ ديو
چيو:
”سائين،
تنهنجي ملڪ
آهي... وٺي
وڃ،
۽ ڪڻڪ راڻي
مون کي
ڏي!“ امير
حمزي کي ڏاڍي خار
آئي، ۽ ٺڪاءُ
جو
ترار
ڪرايائينس ته
سسي
وڃي
پري
پيس. پوءِ
ڪنوار
کي
وٺي، ڪڻڪ راڻيءَ
سميت خير
سان
گهر
پهتو. سندس
ماءُ، پيءُ
هن
جي غم
۾
روئي
روئي انڌا
ٿي پيا
هئا.
انهن
جڏهن ٻڌو ته
امير
حمزو آيو
آهي،
تڏهن اول
ته اعتبار ئي
نه
پيا
ڪن
پر
جڏهن امير
حمزي جو
ڳالهاءُ ٻڌائون، تڏهن
ڏاڍا
خوش
ٿيا.
بس پوءِ
ته
ملڪ ۾ خوشيون
ٿي
ويون.“ ۽ بادشاهه
پنهنجي پٽ
امير
حمزي کي پنهنجي
جيئري ئي
کڻي
تخت
تي ويهاريو.
جهڙو ميلو
انهن
جو
ٿيو، تهڙو
شل
جڳ جهان
جو
ٿئي.
●●● |