ڀاڳوَند بادشاهه
هڪڙو هو بادشاهه، اُن پنهنجي لشڪر کي حڪم ڪيو ته ”سڀاڻي شڪار تي
هلنداسين؛ جنهن جي سامهون شڪار اچي، اُهو ئي ان جي
پٺيان پوي!“ ٻئي ڏينهن صبح جو، بادشاهه پنهنجي
اَٽالي سميت جهنگ ڏي روانو ٿيو؛ اوچتو ئي اوچتو،
هڪ هرڻ وڻن جي جهڳٽي مان نڪتو ۽ بادشاهه جي سامهون
ٿي اڳتي وڌي ويو. بادشاهه به کڻي هرڻ جي پٺيان
لغام ٽيڪيو. اڳيان هرڻ پٺيان بادشاهه، وڃي اهڙي
هنڌ نڪتا، جتي وسنهن نه واڙي؛ جهنگ به اتي گهاٽو
هو، هرڻ ڇلانگ ڏيئي اُن جهنگ ۾ گم ٿي ويو، ۽
بادشاهه حيران ٿي بيهي رهيو. بادشاهه آخر وري
گهوڙي کي وٺي ڊوڙايو، پر گهڻي پنڌ کان پوءِ به هن
کي ڪا وسندي نظر نه آئي. گهوڙو به سڄو ڏينهن اُڃ
بک ۾ ڊوڙيو هو، سو اچي ماندو ٿيو، ۽ ٿوري پنڌ ڪرڻ
کان پوءِ اڳتي هلڻ کان جواب ڏيئي بيهي رهيو. خار
۾، بادشاهه گهوڙي کي ٻٽي چهبڪ وهائي ڪڍيا، گهوڙي
کي اهڙو ڪو ڌڪ بلائتو لڳو، جو يڪدم ڪري پيو ۽ مري
ويو. بادشاهه هاڻ ته هيڪاري اچي پريشان ٿيو. آخر
توڪل جو ترهو ٻڌي، پيرين پنڌ اٿي اڳتي هليو. سج به
اچي لٿو هو، ۽ بک اُڃ ۾ بادشاهه بنهه بيحال ٿي
پيو: ايتري ۾ اوچتو هڪ هنڌ چلڪو ڏسڻ ۾ آيس، ۽ منهن
۾ ڪجهه رونق آيس، ۽ همت ٻڌي وٺي ان طرف روانو ٿيو.
مڄاڻ اهو چلڪو هڪ تلاءُ جو هو! جيئن تيئن ڪري،
بادشاهه اتي پهتو، پاڻي پيتائين، ۽ پوءِ جهٽ کان
پوءِ اگهور ننڊ ۾ پئجي ويو.
ٻئي ڏينهن صبح جو بادشاهه ننڊ مان اٿيو؛ هيڏي هوڏي ڏٺائين ته
بنهه بيابان آهي. نه دڳ نه چارو. خيال ڪيائين ته
’هن بَر ۾ هيءُ هڪ ئي تلاءُ آهي، ضرور ڪو جانور
هتي ايندو هوندو.‘ سو گهاٽي گاهه ۾ لڪي ويهي رهيو.
جهٽ نه گذري، ته هرڻن جو ٽولو پاڻي پيئڻ لاءِ آيو،
۽ پاڻي پي ڀرسان بيهي چرڻ لڳا. جڏهن بادشاهه جي
ڀرسان هڪ هرڻ آيو، تڏهن باشاهه اُڇانگ ڏيئي کڻي
ٽنگ ۾ ورتس، ۽ هڪدم ليٽائي کڻي تڪبير وڌائينس، ۽
پوءِ سچيءَ ڪوڙيءَ ڪاٺيءَ کي گسائي، باهه ٻاري،
گوشت پچائي، پيٽ ڀري کاڌائين. اهڙيءَ طرح روز پيو
گذارو ڪندو هو. انهيءَ وچ ۾ بادشاهه جي حالت صفا
جهنگلين جهڙي ٿي ويئي هئي. ڪپڙا به اچي کُٿس. جهنگ
گهمي گهمي هڪ گاڏر چارو هٿ ڪيائين. پوءِ اڳئين
وانگر هڪڙو هرڻ جهلي، ان کي کڻي، اٿي هڪ طرف روانو
ٿيو. ٻن چئن ڪوهن جي پنڌ کان پوءِ، هڪ شهر ڏسڻ ۾
آيس. شهر ۾ گهڙيو ته پهريائين ڏٺائين ته هڪ ڊکڻ
ويٺو ڪاٺ ڪمائي. بادشاهه ڊکڻ وٽ پهچي سلام ورايو.
ڊکڻ سلام جو جواب ڏيئي، پڇيس ته ”يار، هرڻ ويڪو
آهي ڇا؟“ بادشاهه چيس ته ”يا ته يار نه سڏين ها،
جي يار سڏيو اٿيئي ته پوءِ مُلهه وري ڪهڙا ٿو
پڇين! جي گهرج هجيئي، ته هرڻ حاضر آهي.“ ڊکڻ گهڻو
ئي زور ڀريس، ته پيسا وٺ، پر بادشاهه صفا جواب
ڏنس. بادشاهه جڏهن وڃڻ لڳو، تڏهن ڊکڻ چيس ته ”ادا
الله ته اڙي اوچتي نه وجهندئي، پر جي ڪنهن وقت ڪا
ڏکيائي پيش اچيئي، ته مان فلاڻي پاڙي ۾ ويٺو
آهيان، هڪل ڪندين ته اچي حاضر ٿيندس!“
بادشاهه وري ساڳئي تلاءَ تي موٽي آيو. ٻئي ڏينهن به وري هرڻ
جهليائيــــن، ۽ خيـــال ڪيائين ته شهر جي ٻئي
پاسي
کان وڃي، هرڻ وڪڻي، ڪپڙو لٽو وٺان. اِهو پور
پچائي، شهر جي ٻيءَ ڪنڊ کان اچي نڪتو، ڇا ڏسي ته
هڪ ملنگ ويٺو آهي. بادشاهه ملنگ کي سلام ڪيو، جنهن
سلام جو جواب ڏيئي چيس، ”يار، جي هرڻ وڪڻين، ته
ملهه ٻڌاءِ.“ بادشاهه
جواب
ڏنس ته
”فقير
سائين يا
ته
يار نه
سڏين
ها،
پر
جي يار
سڏيو اٿئي
ته پوءِ
مُلهه
ڪهڙا
ٿو
ڪٿائين!
لوڙهه هجي،
ته
هرڻ حاضر
آهي.“ ائين
چئي، بادشاهه
هرڻ فقير
کي
ڏنو،
۽
پاڻ
هلڻ
لڳو. فقير
چيس،
ته ”بابا،
الله
ڪم
ته
ڪونه وجهندئي
پر
جي ڪم پويئي
ته
انهيءَ دونهين
تي
پيو اچجانءِ!“
وري
ٽئين
ڏينهن
به
ساڳيءَ طرح
بادشاهه
هرڻ پڪڙيو
۽
شهر
جون اڳي
ٻه
ڪنڊون
ڇڏي،
ٽينءَ
ڪنڊ
جي راهه
ورتائين. اڳيان هڪ
سوداگر مليس.
بادشاهه ان
کي
سلام
ڪيو ۽ هن
وراڻي
ڏيندي چيو
ته
”يار،
ڪر
خبر، هرڻ
ويڪو
آهي ڇا؟“ بادشاهه
چيو ته
”يارن
سان
ڪهڙا
مُلهه، اچي
هرڻ تون
کڻ!“
جڏهن
موٽڻ لڳو.
تڏهن
سوداگر چيس
ته
”خدا
ڪو ڪم نه
وجهندئي پر
جي
ڪا
گهڙي
وقت
جي پيئي،
ته
اسين حاضر
آهيون، منهنجو
نالو فلاڻو
اٿيئي.“
چوٿين
ڏينهن
به
وري ساڳي
ڪرت،
هن
ڀيري بادشاهه
کي
اُتي جي
بادشاهه جو
پٽ
مليو، جنهن
کانئس،
يار
چئي،
هرڻ ورتو
۽
پاڻ
کي هن
جو
دوست ڪري هليو
ويو.
بادشاهه موٽي
اچي
تلاءَ
تي
ليٽي پيو.
اڃا
سج
ئي نه
اُڀريو
هو، ته
هڪ
واهر پير
کڻي
اچي
تلاءَ
جي
ڀرسان وڃايا
۽ بادشاهه
کي
کڻي
ٻڌائون،
چي:
”تون خون
ڪري
هِتي
اچي لِڪو
آهين!“ بادشاهه
ويچاري اهو
اَمرالله
جي
طرفان
سمجهيو
۽
چپ چاپ
هِنن سان
گڏ هلڻ
لڳو.
جڏهن بادشاهه
کي
انهيءَ بادشاهيءَ
۾
آندائون، جتي
هيءُ
هرڻ
ڏيئي ويندو
هو.
تڏهن هن
کي
ياد
آيو
ته واهر
اُهي ئي
پيرا
کنيا
آهن،
جن سان
هيءُ
هرڻ
ڏيئي
موٽندو هو.
آخر
بادشاهه کي اچي
شهر جي
بيديخاني ۾ بند
ڪيائون،
۽
کيس
ٻڌايائون
ته
”توکي سڀاڻي
ڦاهيءَ
تي چاڙهيو
ويندو!“ بادشاهه
ڏاڍو
ششدر
ٿيو، آزيون
نيزاريون ڪرڻ لڳو،
وڏي
واڪي دعائون
پنڻ لڳو.
مڄاڻ
قيد
جي
ڀرسان
بادشاهه به
اچي
لنگهيو. انهيءَ،
جو بادشاهه
جون آهون
دانهون
ٻڌيون، تنهن
ڇا
ڪيو جو
گهڙي
ويو جيل
۾
۽
داروغي کي چيائين
ته
”مون کي فلاڻي
قيديءَ وٽ
وٺي
هل!“ داروغي
يڪدم هن
کي
قيدي
بادشاهه وٽ
پهچايو، جنهن
وٽ
بادشاهه پاڻ
کي
جيل جو
داروغو ظاهر
ڪيو
۽
چيائينس ته
”جيڪڏهن
توکي
پنهنجي
ڪنهن دوست
يار
سان ملڻو
ڪرڻو
هجي،
ته ٻڌاءِ، ته
ان کي گهرائجي.“
قيدي بادشاهه
چيو ته
”مون
پرديسيءَ کي هتي
ڪير
ڪونه
ٿو
سڃاڻي. ها
باقي
شهر
جي فلاڻي
پاسي هڪ
ملنگ
فقير ويٺو
آهي.
ان
کي سڏي
ڏيو.“
بادشاهه يڪدم
فقير
کي
گهرايو، ۽ هو
قيدي
بادشاهه جي
آڏو
پيش ڪيو ويو.
فقير
کي
ڏسي
هن چيو:
”يار،
پنهنجا
حال هي
اٿيئي!“ ملنگ
پنهنجي يار
جي اها
حالت
ڏسي،
سڀڪجهه سمجهي
ويو
۽
چيائينس ”يار
خدا
ڪندو بادشاهه
سڀاڻي توکي
ڇڏي
ڏيندو.
پر جي
نه
ڇڏيائين، ته
شهر
اسان
به
غرق ڪري ڇڏينداسون. هاڻي
وڃي
مزي
سان
رات گذار.“
پوءِ
قيدي
بادشاهه کان
پڇيائون
ته
”جيڪڏهن ڪو ٻيو يار
هجيئي ته
ان کي به
آندو
وڃي!“ جنهن
تي
هن ڊکڻ جو
نالو
کنيو. تنهن
تي
ڊکڻ
کي
هڪدم وٽس
حاضر
ڪيو
ويو. ڊکڻ کي ڏسي هن
چيو
ته ”يار
اسان جي
هاڻي
الله
توهار
آهي،
سڀاڻي بادشاهه
ڦاسيءَ
تي چاڙهائي
ڇڏيندو: مون
چيو
ته يار
کان موڪلايو
وڃان!“ ڊکڻ چيو
”يار،
خدا
ڪندو،
بادشاهه توکي
سڀاڻي ڇڏي
ڏيندو؛ جي
نه
ته، محلات جا
ٿنڀا
مون
ٺاهيا
آهن“
۽
انهن
۾
هڪ اهڙي
چپر آهي
جو
اها
ڪڍي
وٺان
ته
بادشاهه جي
سڄي
محلات
چٽ
ٿي
وڃي. هاڻي
الله
کي ياد
ڪر،
سڀاڻي اسان توکان
اڳي اتي
هونداسين.“ ائين
چئي ڊکڻ رمندو
رهيو.
پوءِ
وري
قيدي بادشاهه
کان پڇيائون
ته،
”ٻيو ڪو يار
هجئي، ته
ٻڌاءِ!
هن
پوءِ سوداگر
جو نالو
ٻڌايو،
جنهن کي اتي
جو اتي
آڻي وٽس
پيش
ڪيائون.
سوداگر يار
جي اها
حالت
ڏسي،
حيران
ٿي ويو؛
خبر
چار
ورتائينس.
آخر قيدي
بادشاهه سوداگر
کي
ٻڌايو
ته، ”يار، چيم
هاڻي مرون
ٿا،
سو يار
سان
ته
موڪلاڻي
ڪجي!“ سوداگر
جواب
ڏنس ته،
اسين
تنهنجا
يار
باقي
ڇا
لاءِ
آهيون، هاڻي،
تون ڪو خيال
نه ڪر، سڀاڻي
آءٌ انهن
ٻن
گهوڙن جو
به
واڪ
ڏيندس، جن
تي
بادشاهه عاشق
آهي؛ پر
جي
انهن تي
به
راضي نه
ٿيو،
ته
آءٌ پنهنجي
زال
تان به
هٿ
کڻندس-
ان
تي
بادشاهه به
عاشق آهي!
پر
انهيءَ تي
به
جي راضي
نه ٿيو ته
پوءِ
ڀائو،
الله واهي!“ ائين
چئي سوداگر
هليو.
قيدي
بادشاهه کان
وري
به پڇا
ٿي ته
”اٿئي
ڪو
ٻيو
يار
دوست،
ته ان
کي
به گهرائي
وٺجي!“
تنهن تي هن شهزادي جو نالو ٻڌايو. يڪدم شهزادي کي
گهرايو ويو. شهزادي پنهنجي دوست جي اها حالت ڏسي،
ڏک جو اظهار ڪيو، ۽ چيو ته ”يار، خدا ڪندو ته
بادشاهه سڀاڻي توکي ڇڏي ڏيندو؛ جي نه ڇڏيائين، ته
پوءِ پنهنجا به هٿ بادشاهه ۾ آهن- پوءِ کٽن ڀاڳ!“
ائين چئي شهزادو به هليو ويو.
جڏهن صبح ٿيو، تڏهن بادشاهه ڪچهري گڏ ڪئي، ۽ قيدي بادشاهه کي به
گهرايائين. جهٽ ڪانه گذري، ته سوداگر ٻه گهوڙا وٺي
اچي ڪچهريءَ جي ڀرسان بيٺو. هڪ گهوڙي تي سون جون
خرزينون هيون، ۽ ٻئي تي سندس سدا ملوڪ گهر واري
ويٺي هئي. ٻئي پاسي ڊکڻ به محلات جي هڪ ڪنڊ وٺيو
ويٺو هو. هوڏانهن شهزادو به پنهنجو لشڪر وٺي تيار
ٿيو بيٺو هو. ٻئي پاسي وري ملنگ پنهنجو سڄو هٿ
رنبيءَ وانگر زمين ۾ پُرڙي ويٺو هو.
شهر جي بادشاهه کي ته اڳي ئي سڀ ڳالهه جي خبر هئي، باقي رڳو
پئي ڀاڳوند بادشاهه جا ڀاڳ آزمايائين، سوداگر
بادشاهه کي عرض ڪيو ته ”هيءُ خوني سون جي بدلي مون
کي توري ڏيو.“ بادشاهه انڪار ڪيو، تڏهن سوداگر
پنهنجا گهوڙا آڇيا، پر بادشاهه وري به ”نه“ ڪئي.
تنهن تي هن پنهنجي زال پيش ڪئي، پر بادشاهه اِها
ڳالهه به نه مڃي. وري ڊکڻ کي سڏ ڪيائين، پر ڊکڻ
اُتائين رڙ ڪئي ته ”جيئندا قبلا، پهريائين منهنجي
يار کي آزاد ڪر، ته پوءِ اُٿان، نه ته محلات اچئي
ٿي پٽ تي!“
انهن ڳالهين مقالن کانپوءِ، بادشاهه، ڀاڳوند بادشاهه کي آزاد
ڪري، سوداگر کي ڀاڪر پاتو، ۽ سوداگر جي زال کي ڀيڻ
جي گندي مٿي تي ڍڪائي، چيائين ته ”واقعي منهنجي
نيت بد هئي؛ پر اڄ کان پوءِ تون منهنجي ڀيڻ آهين!“
ان بعد فقير کان معافي ورتائين، ڊکڻ کي انعام
ڏنائين، ان کان پوءِ پنهنجي پٽ کي ڀاڪر پائي،
چيائين ته ”بيشڪ تون حلالي ٻار آهين.“
انهيءَ کان پوءِ ڀاڳوند بادشاهه کي پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ
ڏنائين. جڏهن گهوٽ ڪنوار سيج تي ويٺا، تڏهن ڀاڳوند
بادشاهه پنهنجي ڪنوار کي ٻڌايو ته ”شهزادي آءٌ هتي
رڳو اڄوڪي رات آهيان؛ سڀاڻي پنهنجي وطن ويندس.
جيڪڏهن تون اوڏانهن مون سان گڏ وطن هلين ته ڀلي؛
نه ته اسان جي الله توهار اٿيئي!“ شهزادي پهرين ته
حيران ٿي ويئي، پر پوءِ چيائين ته ”ٺيڪ آهي؛
تنهنجي آءٌ ٻانهي آهيان- جيڏانهن تون، تيڏانهن آءٌ
به تنهنجي پٺيان!“ تنهن تي ڀاڳوند ٻڌايس ته
”شهزادي مان پاڻ بادشاهه آهيان، تنهنجو پيءُ به
منهنجو ڏنَ ڀرو آهي! تون فڪر نه ڪر؛ قسمت جي لکئي
مون کي هتي آندو آهي، نه ته ڪير ائين ايندو آهي!“
صبح جو ڀاڳوند بادشاهه پنهنجي سهري کي به سڄي ڳالهه ٻڌائي، جو
پڻ ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ بادشاهه ۽ شهزاديءَ کي خوشيءَ
سان پنهنجي ملڪ موٽي وڃڻ جي موڪل ڏنائين.
بادشاهه ۽ ٻڪرار
زماني جو هڪڙو بادشاهه هوندو هو، جنهن وٽ ٻيءَ ڪنهن شيءِ جي ته
ڪمي ڪانه هئي، پر اولاد ٿيندو ئي ڪونه هوس. آخر
گهڻي خير خيرات ۽ دعائن کانپوءِ، هن کي پٽ ڄائو.
بادشاهه جو پٽ، اڄ ننڍو سڀان وڏو، نيٺ اچي لائق
ٿيو. هڪ ته بادشاهي ٻار ۽ ٻيو سِڪي سِڪي ڄاول، سو
آزاد ٿي پيو گهمندو هو. اُتي هڪ ٻڪرار به رهندو
هو،جنهن سان بادشاهه جي پٽ جي جيڪي سو زياده دوستي
هوندي هئي. ٻڪرار ڌڻ ڪاهي جهنگ ڏانهن ويندو هو ته
شهزادو به وڃي ساڻس گڏبو هو. بادشاهه کي جڏهن اها
خبر پئي، تڏهن ڏاڍو ناراض ٿيو. کيس اها ڳالهه پسند
ڪانه هئي ته ڪو سندس پٽ ٻڪرار جي دوستيءَ ۾ جهنگل
گهمندو وتي، مگر پيار ۽ لاڏ سبب کيس چوندو ڪجهه به
ڪونه هو.
هڪڙي ڏينهن، ٻئي دوست درياءَ جي ڪناري تي بيٺا هئا ۽ ٻڪرين کي
پاڻي پيئي پياريائون، ته هڪ غوراب اچي لنگهيو،
جنهن تي هڪ چنڊ جهڙي سهڻي، پري پيڪر، انساني روپ ۾
پسار ڪري رهي هئي. سندس حسن جي تجليءَ شهزادي کي
موهي ڇڏيو، ۽ هو بت بڻجي بيهي ڏانهنس ڏسڻ لڳو.
عشق جو تير ٻنهي طرفن لڳي چڪو هو. هڪ ئي ڌڪ سان ٻيئي نشانو بنجي
چڪا هئا- ۽ پريان شهزادي به شهزادي سان اکيون
اڙائي بيهي رهي.
ٻانهي، جنهن اهو لقاءُ بيٺي ڏٺو، تنهن شهزاديءَ کي هوش ۾ آندو ۽
چيائينس ته ”پرديسيءَ سان پريت جو پيچ پائڻ آهي
پاڻ نهوڙڻ، ڪير ڄاڻي، هيءَ ڪٿي جي بلا!“ شهزاديءَ
چيو ته ”هيلو آءٌ به ڪنديس، وسيلو پاڻهي ٿيندو!“
ائين چئي، شهزادي جي ڏسندي ڏسندي، هڪ ٿالهه کڻي ان
۾ هڪڙي سوپاري وڌائين؛ وري اُها سوپاري کڻي وچ
ٿالهه تي رکيائين؛ اُتان کڻي وري پنهنجيءَ چوڙيءَ
تي رکيائين؛ اتان کڻي وري ڏندن تي رکيائين، پوءِ
اُتان کڻي، اکين تي رکي، درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين.
آخر پُٺ ورائي، غوراب اندر هلي ويئي. ايتري ۾
شهزادي جي بنهه اکين آڏو غوراب مَٽي، اڳتي روانو
ٿي ويو.
اهو سڄو تماشو ٻڪرار به پيئي ڏٺو. شهزادي ٻڪرار کان پڇيو ته
”انهن اهڃاڻن جو مطلب ڪهڙو؟“ ٻڪرار دل ۾ خيال ڪيو
ته جي سڄي حقيقت، جيئن مون سمجهي آهي، تيئن کيس
ٻڌائيندس ته شهزادي کي صبر ايندو ئي ڪونه، ۽ چوندو
ته هينئر ئي غوراب جي پٺيان هليا هلون!“ تنهنڪري
جواب ڏنائين ته ”آءٌ بنهه بُوز، ٻڪرار؛ مون کي
ڪهڙي خبر ته هن ڇا ٿي چيو؟ گونگن جا اشارا گونگا
سمجهن ۽ ٻيا سمجهن گونگن جا مائٽ!“
خير، غوراب ته هليو ويو، پر شهزادو انهيءَ حسينه جي فراق ۾
روزبروز ڳرندو ويو، نيٺ شهزادي جي پريشانيءَ جي
خبر وڃي بادشاهه تائين پهتي، جنهن نه سوچيو نه
ويچاريو، ڳنڍ کڻي ٻڌائين ته هي سڀڪجهه ٻڪرار جي
صحبت جو اثر آهي، ۽ هن جي ڪري ئي منهنجي پٽ جي
حياتي برباد ٿي رهي آهي!“ ۽ حڪم ڏنائين ته ”ٻڪرار
کي شهر نيڪالي ڏيئي، ڏيهان ڏور ملڪان پري، ڪنهن
اهڙي هنڌ اماڻي ڇڏيو، جو اتان وري ڪڏهن موٽي
هيڏانهن منهن نه ڪري سگهي!“
ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، غريب جي ڇا مجال، جو ڪڇي سگهي! سو ٻڪرار
ويچارو اهو شهر ڇڏي، ڪنهن ٻئي شهر ڏانهن هليو ويو.
پر شهزادو هو، جو ڏينهون ڏينهن ويو پئي پوئتي
پوندو. بادشاهه نيٺ کانئس هن ڳڻتيءَ جو سبب پڇيو؛
جنهن تي شهزادي پهريائين ته ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو،
پر نيٺ اکين مان زارو زار ڳوڙها ڳاڙيندي ڳاڙيندي،
سڄي حقيقت ڪري ٻڌايائين، بادشاهه پنهنجي وزيرن ۽
اميرن کي گهرائي، شهزادي جي ڳجهارت ڀڃڻ لاءِ چيو،
مگر منجهانئن ڪو به ڳجهارت جو منجهه لهي ڪين
سگهيو، اتي بادشاهه کي اچي شهزادي جي حياتيءَ جو
ڊپ لڳو، تنهنڪري حڪم ڏنائين ته ”ٻڪرار کي ئي ڪنهن
طرح ڳولي هٿ ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته نيٺ به هو شهزادي
جو دوست آهي، ممڪن آهي ته ڳجهارت جو حل هن وٽان ئي
هٿ اچي سگهي!“
حڪم جي دير هئي، بادشاهه جا ماڻهو، مٿا مونا هڻي، چارئي ڪنڊون
نهاري، نيٺ ٻڪرار کي ڳولي وٺي آيا. بادشاهه کيس
شهزادي جي سموري حقيقت ٻڌائي ۽ چيو ته ”هيءُ هاڻ
مرڻ کي اچي ويجهو ٿيو آهي، سندس علاج ڪو توکي
سمجهندو هجي، ته مهل هيءُ اٿيئي! هاڻي ٻڌاءِ ته
اصل اها ڳالهه ڪيئن آهي؟“ ٻڪرار بادشاهه کي ٻڌايو
ته ”بادشاهه سلامت! اها ڳالهه آسان آهي. مون
شهزادي سان رڳو انهيءَ ڪري ڳالهه نه ڪئي، جو
انهيءَ مهل ٻڌي ها ته يڪدم اوڏانهن وڃڻ لاءِ تيار
ٿئي ها، ۽ جهان پناهه جو ڏمر وري به ناحق مون غريب
تي ٿئي ها!“
پوءِ ٻڪرار بادشاهه کي ٻڌايو ته ”شهزاديءَ جنهن وقت ٿالهه کنيو،
تنهن مان مطلب اهو نڪتو ته شهزادي ’ٿالهار‘ شهر جي
آهي؛ سوپاري ٿالهه جي وچ ۾ رکيائين، تنهن جو مطلب
اهو هو ته سندس محلات وچ شهر ۾ آهي، ۽ ان جي
دروازي تي سوپاريءَ جو وڻ بيٺل آهي، چوڙيءَ تي
سوپاري رکڻ جو اهو مطلب هو ته چوڙيگر جو دڪان به
ڀرسان ئي اُتي ڪٿي آهي؛ وري سوپاريءَ کي ڏندن تي
رکڻ مان هيءُ مطلب ظاهر ٿيو ته هوءَ ’ڏاندار‘
بادشاهه جي ڌيءَ آهي؛ ۽ ان کي اکين تي رکڻ مان
مطلب اهو نڪتو ته ’جيڪڏهن توهين اُتي ايندا، ته
منهنجين اکين ۾ جايون لهندا.‘ آخر ۾ سوپاريءَ کي
درياءَ ۾ اڇلڻ جو مطلب هيءُ هو ته اها ڳالهه ائين
ٻڌي ۽ سُڻي، سوپاريءَ جيان خسيس سمجهي، من تان
لاهي، وساري نه ڇڏجو!‘“
ٻڪرار جي ڳالهه ٻڌي بادشاهه ۽ سندس امير وزير پهريائين ته حيران
ٿي ويا، پر پوءِ ڏاڍو خوش ٿيا. بادشاهه کيس چيو ته
”هاڻي اهو سڄو ڪم تنهنجي حوالي آهي. منهنجي پٽ جي
حياتي هاڻ توکي ئي بچائڻي آهي!“ ائين چئي، شهزادي
۽ ٻڪرار، ٻنهي جي سفر اسهڻ لاءِ هڪدم بندوبست ڪرڻ
جو حڪم ڪيائين، بس پوءِ ته بيٺي بيٺي تياريون ٿي
ويون، ۽ ٻئي ڏينهن شهزادو ۽ ٻڪرار پرديس وڃڻ لاءِ
سنڀري اچي ٻاهر بيهي رهيا؛ ٻه ڀلا گهوڙا ناڻي جي
خرزينن سان ڀري کين ڏنائون، جن تي چڙهي، انهيءَ ئي
مهل ٻيئي اُٿي هليا.
ٿوري گهڻين ڏينهين، منزلن پويان منزلون ڪندا، ڏسندا وائسندا، ۽
پڇائون ڳاڇائون ڪندا، نيٺ شهزادو ۽ ٻڪرار اچي
’ٿالهار‘ جي شهر ۾ پهتا. شهر ۾ جاءِ هڪڙي مسواڙ تي
ڪري، گهوڙن کي اتي ٻڌي، هڪدم نڪري شهر ڏانهن گهمڻ
لاءِ روانا ٿي ويا. گهمندي ڦرندي، ڏٺائون ته هڪ
محل شهر جي وچ ۾ آهي، جنهن جي اڳيان سوپاريءَ جو
وڻ بيٺل آهي، ۽ چوڙيگر ڀرسان دڪان ڄمايون برابر
اتي ويٺو آهي. هنن کي پڪ ٿي ته ”هيءَ ئي اها محلات
آهي، جنهن لاءِ هيترا ڪشالا ڪڍي، اسين هت آيا
آهيون!“ اهڙيءَ طرح ٻيو به ڪيترو ئي ملڪ جو واءُ
سواءُ لهي، ڳچ وقت کانپوءِ هو موٽي پنهنجي رهڻ
واري جاءِ تي آيا، ۽ جو ڪجهه ڏٺو وائٺو هئائون،
تنهن تي گهڻيءَ گهڻيءَ تائين ڳالهيون مقالون ڪندي
ڪندي، هڪ منا ٿي سمهي رهيا ۽ ننڊ کڻي وين.
ٻئي ڏينهن سوير صبح جو اُٿندي ئي، نيرن پاڻي ڪري، ٻڪرار وڃي
هڪڙيءَ پوڙهيءَ مائيءَ کي هٿ ڪري آيو ۽ هن کي پئسا
ٽڪا ۽ ٻيا دم دلاسا ڏيئي، سمجهائي پڪو ڪري، بنهه
پنهنجو ڪري ڇڏيائين؛ چوندا آهن ته ”هونئن نه ماسي،
پئسي سان سڀڪا ماسي.“ سو ٻئي ڄڻا هاڻ کيس ”ماسي
ماسي“ ڪري سڏڻ لڳا. پوءِ کيس چيائون ته ”تون محلات
۾ وڃ، ۽ شهزاديءَ کي فقط ايترو چئو ته ’تو جيڪي
ساريا، سي آيا!‘ بس، پوءِ تون ڇٽين!“ پوڙهي ”ماسي“
پهريائين ته ڊني، مگر پئسن جي لالچ تي دل ٻڌي
شهزاديءَ وٽ ويئي ۽ چيائنس ته ”تو جيڪي ساريا، سي
آيا!“ شهزادي اها ڳالهه ٻڌي، باغ باغ ٿي ويئي!
پهريائين ”ماسيءَ“ کي ڪجهه انعام ڏنائين، ۽ پوءِ
هڪ ٿالهه آڻي ڏنائينس، جنهن ۾ اٽي جا قبا ٺهيل
هئا، جن مان هڪ قبو چوٽيءَ کان ڀڳو پيو هو! تنهن
کان پوءِ، شهزاديءَ کيس هڪڙي ڏاڍي مار ڏيئي، لوڌي
پاڻ وٽان روانو ڪري ڇڏيو! چي: ”ڪني رن، ههڙي تهڙي،
هلي آهين نامحرم مردن جا نياپا پهچائڻ... ٽري وڃ
منهنجي منهن تان، ته بهه سان کل نه ڀرائي ڇڏيئين!“
پوڙهيءَ ”ماسيءَ“ ٿالهه آڻي ٻڪرار کي ڏنو، جنهن
اُتي جو اُتي سڄين ڳجهارتن کي سمجهي ورتو. هي ٻيئي
ڄڻا پوءِ اُٿي شهر جي چوڌاريءَ چڪر هڻڻ لڳا. نيٺ
ڏٺائون ته شهزاديءَ جيڪي نشان ڳجهارت ۾ موڪليا
هئا، انهن نشانن وارا قبا شهر جي ٻاهران بيٺا هئا!
رات ٿي، ته ٻڪرار چپڙي ڪري، شهزادي کي چوٽيءَ لٿل
قبي ۾ ويهاري ڇڏيو. ڪجهه وقت کان پوءِ شهزادي به
اچي اتي پهتي، ۽ اهڙيءَ طرح شهزادي ۽ شهزاديءَ جي
پهرين ملاقات ٿي، پوءِ انهيءَ جاءِ تي روزانو ملڻ
جو وعدو ڪري، فجر مهل شهزادي جيئن آئي هئي، تيئن
محلات ڏانهن واپس موٽي هلي ويئي.
ٻيءَ رات، ڪيل وعدي موجب، شهزادي مقرر وقت تي محلات کان ٻاهر
نڪتي، پر اتفاق اهڙو ٿيو جو اڃا شهر جي گهٽين ۾ مس
پهتي ته ڪنهن چوڪيدار کيس ڏسي ورتو، ۽ هڪل ڪري
سندس آڏو دڳ جهلي بيهي رهيو. شهزادي به آواز تي
هيسجي، جتي هئي اتي هڪدم بيهي رهي. چوڪيدار ويجهو
اچي کانئس ايڏيءَ مهل محلات مان نڪرڻ جو سبب پڇيو.
تنهن تي شهزاديءَ منهن پڪو ڪري، کيس جواب ڏنو ته
”منهنجي فلاڻي پير تي باس باسيل آهي، سو اوڏانهن
ٿي وڃان.“ چوڪيدار خاموش ٿي ويو. پوءِ شهزادي
چوڪيدار کي ڪجهه مکائي، انهيءَ ئي ويل ڏسيل جاءِ
تي اچي پهتي، جتي رات جو باقي حصو شهزادي سان
رهاڻيون ڪيائين ۽ اڳئينءَ رات وانگر فجر کان اڳ
موٽي محلات ڏانهن هلي ويئي.
ٽيءَ رات وري ڇا ٿيو، جو شهزادي اڃا قبن وٽ وعدي موجب پهتي ئي
مس ته کيس مجاور ڏسي ورتو ۽ جڏهن قبي اندر ويئي،
تڏهن مجاور ٻاهران بيهي ڪَنائڻ لڳو. ٻڪرار دل ۾
خيال ڪيو ته هن وقت، جي ڳالهه رهجي آئي، ته چڱو؛
نه ته خير ڪونهي. سو ظاهر ٿي سڌو مجاور وٽ آيو، ۽
کيس چيائين ته ”پري کان پنڌ پيو آهيان؛ مون کي
بنهه هينئر زيارت ڪرڻي آهي- آءٌ قبي اندر ويندس!“
مجاور پهريائين ته اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو، پر
کيس جڏهن خاصو نذرانو ٻڪرار کان مليو، تڏهن راضي
ٿيو، ۽ چيائينس ته ”ميان، جيئرن جاڳندن ولين جي
زيارت کان ڪهڙي جهل!“ ٻڪرار ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اندر
وڃي، سڄي ڳالهه شهزاديءَ کي ڪري ٻڌايائين. نيٺ
صلاح ڪيائون ته ’هتان هاڻي جلد نڪرڻ گهرجي.‘
شهزاديءَ جواب ڏنو ته ”سڀاڻي سج لٿي، اوندهڙي مهل،
گهوڙا تيار ڪري هتي پهچجو؛ پاڻ هتان نڪري
هلنداسون!“ پوءِ شهزادي ٻڪرار جو پٽڪو ٻڌي، ۽
ٻڪرار جي اجرڪ ڪلهن تي ويڙهي ۽ پنهنجي جتي هٿ ۾
کڻي ٻڪرار جي جُتي پيرن ۾ پائي، قبي کان ٻاهر نڪري
ويئي، گهڻيءَ گهڻيءَ دير کانپوءِ، جڏهن مجاور در
کڙڪايو، ته ٻڪرار ۽ شهزادو ٻاهر نڪري آيا، جن وري
به خاصو نذرانو ڏيئي، صدق دل سان دعائون گهريون ۽
پوءِ خير سان ٻيئي موٽي اچي پنهنجيءَ جاءِ تي
آرامي ٿيا.
شهزادي ۽ ٻڪرار ٻئي ڏينهن سفر لاءِ سامان سڙو ٺاهي، سڄو ڏينهن
آرام ڪيو ۽ رات جو مقرر وقت تي ڏسيل جاءِ وٽ وڃي
پهتا. جيسين شهزادي اچي ئي اچي، تيسين ٻڪرار
شهزادي کي ڇڏي، پاڻ ويجهڙائي ۾ چڪر هڻڻ لڳو، ته
جيئن ڪنهن اوچتي خطري جو اڳ بچاءُ ڪري سگهجي.
مڄاڻ، ڀرسان ماڙيءَ تي هڪ جادوگرياڻي رهندي هئي،
جنهن ان ئي گهڙيءَ پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي پئي
پنهنجي ڪانيءَ مانيءَ جو مقالون ٻڌايون. ٻڪرار جو
اهو آواز ٻڌو، سو ڪَن ڏيئي ڳالهه ٻڌڻ لڳو.
جادوگرياڻيءَ نوڪرياڻيءَ کي پئي چيو ته ”اڄ اسان
جي شهر مان ڏاندار بادشاهه جي شهزادي وڃي رهي آهي.
ساڻس گڏ هڪ شهزادو به آهي. واٽ تي هيءُ هڪ ٻير جي
هيٺان لنگهندا؛ شهزادو ٻير مان ٻير پٽي کائيندو،
جنهن جي زهريلي اثر ڪري شهزادو مري ويندو! پر
جيڪڏهن اتان هو بچي ويو ته، گس تي هڪ ڏوڌياڻي ڏڌ
کنيو پئي ايندي؛ پر ان ڏُڌ ۾ نانگ جو زهر مليل
هوندو ۽ جي اهو ڏڌ پيئندو ته اُڦٽ مري ويندو! پر
جيڪڏهن اُتان به هو بچي ويو ته جڏهن پنهنجي محلات
۾ سمهندو، تڏهن رات جو هڪ بلا شهزاديءَ جي ڳل تي
زهر هاري ويندي؛ شهزادو ننڊ جي خمار ۾ کيس چُمي
ڏيندو، ۽ يڪدم مري ويندو! پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو هيءَ
ڳالهه ٻڌي، اڳي يا پوءِ، شهزادي کي ٻڌائيندو ته ان
ماڻهوءَ جو سڄو بدن پنڊ پهڻ ٿي پوندو!“ اتي
نوڪرياڻيءَ جادوگرياڻيءَ کان پڇيو ته ”ان ويچاري
جو بُت پهڻ مان ڪيئن ڇٽندو؟“ تنهن تي جادوگريانيءَ
جواب ڏنس ته ”شهزادي جي پهروٺي پُٽ جو رت سندس بدن
تي پوندو، ته هو وري ساڳيءَ حالت ۾ ايندو؛ ٻيءَ
صورت ۾ هو هميشه ائين ئي رهندو!“
ٻڪرار اها سڄي حقيقت ٻڌي، ماٺ ڪري هليو آيو، اتي ڪنهن مهل
شهزادي به اچي پهتي، پوءِ هيءُ سڀ گهوڙن تي سوار
ٿي، پنهنجي ملڪ ڏانهن روانا ٿيا. هلندي هلندي،
ڏينهن ٿي وين. پهر اڌ سج مٿي چڙهيو، ته گس تي هڪ
ٻير پڪي ڏٺائون. شهزادي ٻيرن کائڻ جي خواهش ظاهر
ڪئي، ۽ ٻڪرار کي چيائين ته ”ٻير کي ڌوڻ ته ڪجهه
کائون!“ ٻڪرار هڪدم ”هائو“ ڪئي ۽ ٻير کي ڌوڻڻ لاءِ
مٿي چڙهيو، پر شهزادي کي چيائين ته ”جيسين آءٌ لهي
نه اچان، تيسين ڪنهن ٻير کي چکڻ اوهان تي حرام
آهي!“ آخر ٻير کي ڌوڻي، ٻڪرار هيٺ لهي آيو، ۽ هڪدم
ٻيرن سان خرزين ڀري، ان ۾ ٽنگ ڪري ڇڏيائين، ۽
شهزادي کي چيائين ته ”اڳتي هلي آرام سان ويهي ٿا
ٻير کائون؛ جتي پاڻي به ملي سگهي؛ رستي تي سِڪڻن
وانگر ٻير کائڻ پنهنجي منهن تي ڪونه ٿو پوي!“
شهزادو اها ڳالهه ٻڌي، لاچار گهوڙو هڪلي اڳتي
وڌيو. ٻڪرار به پٺيان گهوڙي کي ڊوڙايو، جيئن گهوڙا
ڊوڙيا، تيئن خرزين مان سڀ ٻير هڪ هڪ ٿي پٽ تي ڪري
پيا. اڳيان هڪڙي چشمي تي نظر پين، سو اتي لهي،
شهزادي ٻڪرار کان ٻير گهريا، ٻڪرار خرزين ۾ هٿ وڌو
۽ رڙ ڪري چيائين ”مار... ٻير ته سڀ هارجي ويا؛
خرزين کي ڪو اڳي ئي ٽُنگ هو!“ شهزادي ٻڪرار جي اها
ڳالهه ٻڌي، کڻي صبر ڪيو. چشمي جي ڪپ تي ٿورو
مانجهاندو ڪري، سڀ گهوڙا هڪلي، سڄي رات پنڌ
ڪيائون، ورندي ٻئي ڏينهن جڏهن پورن ٻنپهرن جي گهڙي
هئي، ته رستي ۾ کين هڪ ڏوڌياڻي گڏي. شهزادي تنهن
تي چيو ته ”مون کي اُڃ لڳي آهي، ۽ گرمي به ڇيهه
ڪري ڇڏيا آهن؛ هتي ترسو، ته ڏُڌ پي، ڪجهه نڙيءَ کي
سائو ڪريون ۽ آرام وٺون!“ تنهن تي ٻڪرار چيو ته
”شهزادا سڄي ماٽي ٿا خريد ڪريون، اڳتي هلي آرام
سان پيئجو!“ پوءِ ٻڪرار ڏڌ جي سڄي ماٽي خريد ڪري،
کڻي پنهنجي اڳيان رکي ۽ گهوڙو هڪلي اڳتي وڌڻ لڳو.
ڪجهه پنڌ هليا، ته ٻڪرار ماٽيءَ مان هٿ کڻي ڪڍيو،
ته ڏڌ سڀ هارجي ويو، ۽ ماٽيءَ ڀڄي پيئي! شهزادي
جڏهن ڏٺو ته ڏڌ سڀ هارجي ويو آهي، تڏهن وري به صبر
کان ڪم ورتائين ۽ جهڙو هو تهڙو ماٺ ڪري اڳتي هلڻ
لڳو.
آخر هلندي هلندي، شهزادو، شهزادي ۽ ٻڪرار اچي پنهنجي ملڪ پهتا.
ٻڪرار شهزادي کي چيو ته ”اڄ رات تنهنجي محل تي آءٌ
پهرو ڏيندس!“ شهزادي کلي کيس اجازت ڏني، رات جو
شهزادو ۽ شهزادي پلنگ تي ستا پيا هئا، ته اوچتو هڪ
بلا آئي، جيڪا شهزاديءَ جي ڳل تي زهر هاري هلي
ويئي. ٻڪرار اهو سڄو لقاءُ ڏسي رهيو هو؛ تنهن ڇا
ڪيو، جو يڪدم راڻيءَ جي ڳل تان پنهنجي پٽڪي جي پلو
سان زهر اگهڻ لڳو.
قدرت جي ڳالهه، اوچتو شهزادي سجاڳ ٿي پيئي ۽ پڪ ٿيس ته، ماڻهوءَ
جي کرڻ جي ڪا مند ڪانهي، سو هڪ ٻڪرار جي نيت ۾ به
ڪووڏو خلل هو!‘ سندس دانهن تي شهزادو به اٿي ويهي
رهيو! شهزاديءَ سموري ڳالهه کيس ڪري ٻڌائي ۽
چيائينس ته ’هن نمڪ حرام کي هن گستاخيءَ جي اهڙي
سزا ڏجي جو دنيا ڏسي ۽ عبرت وٺي.‘ شهزادو پهريائين
ته ٻڪرار جي ههڙيءَ حرڪت جو ٻڌي تپي باهه ٿي ويو،
پر پوءِ کيس پنهنجي هڪ پڳ مٽ يار جي وفاداري ۽
سچائي ياد پئي؛ جنهنڪري ٿڌو ٿي، کانئس حقيقت
پڇيائين، ٻڪرار چيس ته ”شهزادا، مون گستاخي برابر
ڪئي آهي، مگر انهيءَ ۾ ڪو راز رکيل آهي. مون کان
هوند نه پڇو ته بهتر!“ شهزادي چيس ته ”پنهنجي جان
جي امان گهرين، ته اتي جو اتي ٻڌاءِ ته اهو راز
ڪهڙو آهي!“ ٻڪرار لاچار ٿي پيو ۽ سڄي ڳالهه ٻڌائي،
تيئن تيئن پيرن کان شروع ٿي، مٿي تائين پنڊ پهڻ
ٿيندو ويو! ٻڪرار جي هيءَ حالت اکئين ڏسي، شهزادي
کي پڪ ٿي ته هن جيڪي چيو ٿي، سو سچ ٿي چيو... ۽
سندس ئي حياتيءَ جو بچاءُ ڪندي، هن پاڻ کي انهيءَ
مصيبت جي منهن ۾ وڌو هو. ٻڪرار غريب جي نيٺ حالت
هيءَ اچي بيٺي جو هوڏانهن بلا جي زهر واري ڳالهه ۽
پنهنجي ڇوٽڪاري واري ڳالهه ٻڌائي، پوري ڪيائين، ۽
هيڏانهن سِسيءَ سوڌو پنڊ پهڻ بنجي بيهي رهيو!
ٻڪرار جي هيءَ حالت ڏسي، شهزادو ۽ شهزادي ڏاڍا غمگين ٿيا، ۽ دعا
گهريائون ته پاڻ کي ڪو پٽ ڄمي، ته هن ٻڪرار تي
سندس رت هاري، کيس هن تڪليف کان ڇوٽڪارو ڏيون. نيٺ
ٿورن گهڻن ڏينهن کانپوءِ، سندن دعا اگهي ۽ کين چنڊ
جهڙو هڪ سهڻو ۽ سلڇڻو پٽ ڄائو، پوءِ هڪ ڏينهن
شهزادي ۽ شهزاديءَ، ٻنهي صلاح ڪري پنهنجي سڪيلڌي
پٽ جو رت ٻڪرار جي بدن تي هاريو ته ٻڪرار صحيح
سلامت ساڳي حالت ۾ اچي ويو! اهڙيءَ طرح هي ٽيئي
ڄڻا پوءِ خوش ٿي هڪ دفعو وري هڪٻئي کي مليا، ۽
حياتيءَ جا باقي ڏينهن خير خوبيءَ سان گذارڻ لڳا.
شهزادي جي پٽ جي ڏؤنري تي سو هڪڙو وَڍَ جو نشانو
سڄي عمر چٽو ئي چٽو بيٺو رهيو، ڇاڪاڻ ته اتي ئي
ٽڪو ڏيئي سندس رت ٻڪرار جي پنڊ پهڻ جسم تي هاريو
هئائون ۽ پوءِ هو پنهنجي اصلوڪيءَ صورت ۾ آيو هو.
اُميدن ڀريو بادشاهه
ڪنهن زماني ۾ هڪڙو بادشاهه هو، جنهن جو نالو ته ڪو ٻيو هو، پر
ماڻهو هن کي ”اُميدن ڀريو بادشاهه“ ڪري سڏيندا
هئا. هن کي هڪڙي زال هئي، جا ڏاڍي بدشڪل هئي، هر
روز صبح جو هوءَ ڇا ڪندي هئي، جو هار سينگار ڪري،
عطر عنبير مکي، هڪ چتونءَ جي آڏو بيهي، (جو سندس
ڌاريل هو) چوندي هيس ته ”اي چتون! مون کان وڌيڪ ڪا
ملڪ ۾ سهڻي؟“ چتون ويچارو مار جو ماريل هو، سو
راڻيءَ کي چوندو هو ته ”راڻي! بحال، توکان وڌيڪ ٻي
ڪٿي!“ اهڙيءَ طرح ڪيترائي ڏينهن گذري ويا، ۽ چتون
به ائين چئي، راڻيءَ جي دل روزانو خوش ڪندو رهيو.
هڪ ڏينهن، دستور موجب راڻي هار سينگار ڪري، اچي چتونءَ جي آڏو
بيٺي، چتون به خوشامد ڪري ڪري بيزار ٿي پيو هو، سو
دل جهلي کيس چيائين ته ”راڻي، سهڻي ته آهي ’نيڻان
ٻائي‘، جا ڪدوءَ ۾ ڄائي ۽ ڪدوءَ ۾ نپني!“ راڻيءَ
کي چتونءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن کي ٻه ٽي لپاٽون
وهائي ۽ دس گارين جو ڪڍي، جهڙي هئي تهڙي پلنگ تي
وڃي مُنهن سڄائي ويهي رهي، مڄاڻ، سمورو لقاءُ
بادشاهه پاڻ بيٺي ڏٺو، سو چتونءَ کي چيائين ته ”اي
چتون! اها نيڻان ٻائي ڪٿي؟“ چتونءَ جواب ڏنو ته
”بادشاهه سلامت! جي مون سان گڏجي هلو، ته نيڻان
ٻائيءَ جو ملڪ ڏيکاريانو.“ تنهن تي بادشاهه چيو ته
”چڱيءَ ڳالهه ۾ دير ڪانه ڪبي، هل ته هينئر ئي هليا
هلون!“
پوءِ، اڳ ۾ چتون، پويان بادشاهه؛ چتون اُڏامندو وڃي ۽ بادشاهه
پٺيان گهوڙي تي سوار؛ هلندي هلندي، جهنگ بر
لتاڙيندي، وڃي هڪڙي شهر ۾ نڪتا. چتونءَ مٿان ئي
بادشاهه کي چيو ته ”بادشاهه سلامت! نيڻان ٻائي،
اتي انهيءَ شهر ۾ ٿي رهي؛ هاڻ تون ڄاڻ، تنهنجو ڪم،
جيئرن جون موڪلاڻيون ڪونهن، پر راڻيءَ جون سهمون
مون کي به پيون سُجهن!“ ائين چئي، بادشاهه کي اُتي
ڇڏي، چتون اتان ئي ورائي پٺ، ۽ وٺي واپس ملڪ
اُڏاڻو.
بادشاهه الهه توهار ڪري گهڙيو شهر ۾، ۽ هڪ جاءِ مسواڙ تي وٺي
اُتي ويهي رهيو، ٿورن ئي ڏينهن ۾، اتي هڪ ڌوتي هٿ
ڪري، ان کي انعام اڪرام ڏيئي، خوش ڪيائين، ۽ اڃا
به ورسائڻ جو وعدو ڪري، کيس چيائين ته ”نيڻان
ٻائي، جا ڪدوءَ ۾ ڄائي ۽ ڪدوءَ ۾ نپني، ان جو ڏس
پتو هٿ ڪر!“ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، ڌوتيءَ بادشاهه
کي چيو ته ”شهر جي وچ ۾ جيڪو لوهو ڪوٽ آهي، اُها
نازنين انهيءَ ۾ رهي ٿي، ۽ هن جو وڌيڪ احوال اوهان
کي هن شهر جي دائيءَ کان ملندو، ڇو ته ان کانسواءِ
وٽس ٻيو ڪوبه ماڻهو نه ويو آهي ۽ نه ويندو آهي.“
ائين چئي، بادشاهه کان موڪلائي ڌوتي هلي ويئي.
.... تنهن تي بادشاهه چيو ته ”چڱيءَ ڳالهه ۾ دير ڪانه ڪجي،-
هل ته هينئر ئي هليا هلون!“
ٻئي ڏينهن، بادشاهه ڇا ڪيو، جو ٽي سونا ڍاڪئان ٺهرايائين ۽ انهن
۾ طرح طرح جا طعام وجهي، وڃي دائيءَ جي در تي سڏ
ڪيائين، جنهن تي ٻانهي نڪري آئي، بادشاهه ان کي
چيو ته ”مائي! آءٌ ڪنهن ولايت جو سوداگر آهيان،
قسمت سانگي هن ملڪ ۾ اچي نڪتو آهيان، تنهنجي سانئڻ
کي دين دنيا جي ڀيڻ سمجهي، هيءَ عيد ان جي لاءِ
کڻي آيو آهيان، جا ان کي وڃي پهچاءِ!“ ٻانهي اهي
ڍاڪئان کڻي؛ وڃي دائيءَ جي اڳيان رکيا، ۽ بادشاهه
جو پيغام به اکر اکر ڪري ٻڌايائينس. اهڙيءَ طرح،
ٻه چار ڏينهن رکي، بادشاهه وري به سونن ڊاڪئن ۾
قسمين قسمين طعام وجهي، وڃي دائيءَ جي ٻانهيءَ کي
ڏيئي آيو ۽ ساڳيءَ طرح جڏهن ٽيون ڀيرو ساڳي ”عيد“
کڻي ويو ته دائي پاڻ ٻاهر نڪري آئي ۽ اچي چيائينس
ته ”ادا! ڪو ڪم ڪار هجي، ته آءٌ حاضر آهيان!“ ۽
پوءِ بادشاهه کي وٺي، وڃي گهر ۾ ويهاريائين، اُتي
احوال ڏيندي، بادشاهه چيس ته ”مون کي نيڻان ٻائي
جا ڪدوءَ ۾ ڄائي ۽ ڪدوءَ ۾ نپني، ان جو ڪو پتو کرو
ڏس!“ دائي اهو ٻڌي، ٿورو وقت ته ماٺ ۾ اچي ويئي،
پر دل من هڻي، نيٺ بادشاهه کي چيائين ته ”ادا! تو
مون کي دين جي ڀيڻ ڪيو آهي، تنهنجا ٿورا لاهڻ کان
ئي ٻاهر آهن. توکان ڪهڙي لڪ، ڪهڙو حجاب! هي جيڪو
پنهنجي اوڀر پاسي کان لوهر ڪوٽ آهي، جتي نر پکي
پيو لوڌجي، نيڻان ٻائي انهيءَ ڪوٽ ۾ رهي ٿي، اتي
هڪ هندورو آهي، جنهن ۾ اهو ڪدو آهي، جنهن ۾ نيڻان
ٻائي ستل آهي. هوءَ ڄائي به ان ڪدوءَ ۾، ۽ نپني به
ان ڪدوءَ ۾. هن جون ٻاهتر ٻانهيون آهن، جيڪي
هندوري کي هر وقت لوڏينديون رهن ٿيون، اول ڪنهن
لوهار کان هڪ سئو لوهيون ڪليون ٺهرائي وٺ، پوءِ
فلاڻيءَ ڪنڊ کان ڪليون کوڙيندو، مٿي چڙهندو
ويندين، ته هڪڙو جارو ڏسندين- ان جاري ۾ ٽپ ڏيئي
لڪي وڃي ويهه. هندوري لوڏڻ واريون ٻانهيون، جڏهن
نشي ۾ چور ٿينديون آهن، تڏهن هندوري کي وٺي زوم
مان لوڏينديون آهن، پوءِ جڏهن هندوري جون واڳون
اچي ان جاري کي لڳن ته انهن کي جهلي اهو ڪدو کڻي
وٺجان!“
بادشاهه اهو ڏس وٺي، ڪليون ٺهرائي، دائيءَ جي ڏسيل پاسي کان
ڪليون هڻندو، وڃي جاري ۾ ويٺو، ۽ جڏهن ٻانهين کي
نشي ورتو، تڏهن وٺي نيڻان ٻائيءَ جو هندورو ڏاڍيان
لوڏيائون، ته هندوري جون واڳون اچي جاري کي لڳيون
۽ هن ڦڙتائيءَ سان اهو ڪدو کڻي ورتو ۽ هيٺ لهي ۽
گهوڙي تي لانگ ورائي، وٺي ڀڳو، ۽ ڏينهن کي رات ۽
رات کي ڏينهن ڪندو، منزلون ماريندو، نيٺ اچي
پنهنجي شهر جي ٻاهران شاهي باغ ۾ لٿو. لهڻ سان
ڪدوءَ کي چير ڏيئي، جان کڻي ڏسي ته سبحان الله! هڪ
سهڻي من مهڻي پري پيڪر انساني صورت ۾ ڪنڌ نمايو هن
جي اڳيان بيٺي آهي! بادشاهه ڏسڻ سان هوش حواس
وڃائي ويهي رهيو ۽ پتنگ جيان اهڙو ته مٿس موهت ٿي
پيو، جو ڀانئي ته بيٺي بيٺي دل جان قربان ٿئي، ته
بار لهي. هوڏانهن نيڻان ٻائي به، جو ڪدوءَ جي قيد
مان آزاد ٿي، سو دل ئي دل ۾ بادشاهه جي بنجي ويئي،
رکي رکي نيٺ بادشاهه نيڻان ٻائيءَ کي چيو ته ”مان
زماني جو بادشاهه آهيان، تنهنڪري شادي پنهنجي شان
مطابق ڪندس.“ ۽ کيس ان باغ ۾ رهائي، پاڻ شاديءَ جي
تياريءَ لاءِ شهر ڏانهن روانو ٿيو.
هيڏانهن هڪ پوڙهي ڏائڻ اتي ان باغ ۾ رهندي هئي،
.... جان کڻي ڏسي ته سبحان الله! هڪ سهڻي من مهڻي
پري پيڪر... اڳيان بيٺي آهي!
جا ماٺ ماٺ ڪري، پنهنجي ڌيءَ کي گهليندي، باغ ۾ لنگهي آئي، ۽
نيڻان کي اچي چيائين ته ”توکان سهڻي ته هيءَ
منهنجي ڌيءَ آهي!“ نيڻان چيس ته ”جهڙي تون پاڻ
تهڙي تنهنجي ڌيءَ!“ ڏائڻ چس ته ”کڻي آءُ آرسي ته
ڏسون.“ نيڻان ٻائيءَ جواب ڏنو ته ”آرسي هتي باغ ۾
ڪٿان آئي؟“ ڏائڻ چيس ته ”پوءِ هل ته باغ جي کوهه
تي هلون، جتي ٻنهي جا چهرا ڏيکاريان!“ پوءِ ٽيئي
ڄڻيون نڪري ٻاهر باغ جي کوهه تي اچي بيٺيون... ۽
جهڙو نيڻان ٻائي ۽ ڏائڻ جي ڌيءَ گڏجي، نوڙي پاڻيءَ
۾ پنهنجا منهن ڏسڻ لڳيون، تهڙو وجهه وٺي پوڙهيءَ
ڏائڻ ڇا ڪيو، جو وٺي نيڻان ٻائي کي ڌڪو ڏنائين، ته
ڌو وڃي ويچاري کوهه ۾ ڪري- ۽ ڪرڻ سان هڪ سهڻو گل
بنجي پاڻيءَ ۾ ترڻ لڳي.
پوڙهي ڏائڻ خوش ٿي پنهنجي ڌيءَ کي نيڻان ٻائيءَ جي پوشاڪ
پهرائي، اچي باغ ۾ نيڻان ٻائيءَ جي جاءِ تي ويهاري
ڇڏيو ۽ پاڻ ڪيڏانهن گم ٿي ويئي. ٿوري وقت کانپوءِ،
بادشاهه به ڌام ڌوم سان ڄڃ وٺي اچي نڪتو، ۽ هن چٺ
کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو، ۽ پڇيائينس: ”توکي هيءُ
ڇا ٿي ويو، جو تنهنجو رنگ ۽ ڊول ويٺي ويٺي ايترو
بدلجي ويو آهي؟“ تنهن تي ڏائڻ جي پڪيءَ پڙهايل
ڌيءَ جواب ڏنس ته ”بادشاهه سلامت! مان ساڳي نيڻان
آهيان، مگر مان هن کان اڳ ڪدوءَ ۾ هيس- سج، چند ۽
هيءَ هوا مون ڏٺي ئي ڪانه هئي؛ هينئر انهن جي اثر
کان ڪجهه رنگ روپ ڦري ويو آهي.“ بادشاهه ان تي
اعتبار ڪري، ساڻس شادي ڪئي، ۽ پوءِ جيئن تيئن ان
سان گڏ گذارڻ لڳو.
هيڏانهن نيڻان ٻائي گل بنجي کوهه ۾ تري رهي هئي ۽ ڪيترن ئي
ماڻهن ان کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس ڪڍي ڪونه
سگهيا. ٿوري گهڻي ڏينهين اهو گل، پاڻهي مالهه جي
هڪ لوٽيءَ ۾ پئجي، اچي ٻاهر پاڙڇ ۾ پيو ۽ اتان وري
لڙهي نيسر جي ذريعي، اچي ڪسيءَ ۾ پيو، ۽ اُتي هڪ
ٻوٽي جي شڪل ۾ وٺي ڦٽو جو ٿوري گهڻي ڏينهن وڌي وڻ
ٿيو ۽ گُل به جهلڻ لڳو. ان جي ڇانوَ ۽ خوشبوءِ جي
واکاڻ ايڏي وٺي پکڙي، جو بادشاهه جي ڪنن تائين خبر
وڃي پهتي، ۽ بادشاهه جڏهن اُتي آيو ۽ ان جي ڇانو ۾
ويٺو ۽ خوشبوءِ سُنگهيائين، تڏهن هن کي هيءُ وڻ
ايترو ته وڻيو، جو هر روز ٿڪجي ٽٽجي اچي هن وڻ جي
هيٺان گهڙي کن ويهندو هو ۽ آرام وٺندو هو. ان وقت
ڪيترائي گل بادشاهه جي جهوليءَ ۽ سينيءَ تي پيا
ڪرندا هئا، پر بادشاهه انهن کي سواءِ سُنگهڻ جي،
پنهنجي کيسي ۾ وجهي ويندو هو. ٿورن گهڻن ڏينهن
گذرڻ کان پوءِ، پوڙهيءَ ڏائڻ کي پتو پيو ته نيڻان
ٻائيءَ وارو گل وڻ جي شڪل وٺي بيٺو آهي، ۽ روز
بادشاهه ان وڻ جي ڇانو ۾ وڃي ويهندو ۽ سمهندو آهي،
تنهنڪري کيس ساڙ ورتو ۽ دل ۾ خيال ڪيائين ته ’ڪيئن
به ڪري اهو وڻ پاڙئون پٽائي دل ٺاريان، نه ته
منهنجي ٻچڙيءَ کان ڪڏهن نه ڪڏهن بادشاهه جي دل
بنهه کٽي ٿي پوندي.‘ سو هڪڙي ڏينهن، وجهه وٺي، لڪي
ڇپي، اچي ڌيءَ کي پٽي پڙهائي ويئي. ٻئي ڏينهن ڌيڻس
مڪر ڪري، ڊگهي ٿي سمهي رهي، ۽ وٺي سنهيون سنهيون،
ڊيڄڙي جهڙيون چيخون ڪرڻ شروع ڪيائين- چي: ”پيٽ ۾
سور مران، ڙي پيٽ ۾ سور مران!“ آخر بادشاه کي خبر
ڏنائون، سُتيون ڦڪيون آيون پر پيٽ جو سور هٿ جو،
سو فرق ئي نه پوي؛ تنهن تي بادشاهه پڇيس ته ”آخر
تنهنجو سور ڪيئن لهندو؟“ هن چيو ته ”آءٌ سمجهان ٿي
ته جيڪڏهن بادشاهه سلامت، پنهنجي باغ واري هُن وڻ
جون پاڙون ساڙائي، ته انهن جي رک هوندو هفتو ڏيڍ
ڦڪيان، ته دل ٿي چئيم ته پوءِ منهنجو درد هوند
جهڪو ٿي وڃي.“... بس، حڪم جي دير هئي. وڻ پاڙؤن
پٽجي ويو، ۽ سندس سڀ گل ڪومائجي ويا، فقط هڪڙو گل
سرسبز ۽ تازو وڃي ان جي چوٽيءَ واريءَ ٽاريءَ ۾
رهيو.
هيڏانهن هڪڙو ٻڪرار هو، سو ٻڪرين جي کائڻ لاءِ وڻ جون ٽاريون
ڇانگي، ڀري ٻڌي گهر کڻي آيو، اتي ٻڪرار جي زال
ڪومايل پنن جي وچ ۾ اهو تازو گل ڏسي، حيرت ۾ پئجي
ويئي. ۽جنهن وقت ان کي پٽي ۽ نڪ تي رکي،
سُنگهيائين، ته... ان مان انهيءَ ئي گهڙيءَ هڪڙي
سدا ملوڪ ۽ سهڻي ڇوڪري پيدا ٿي پيئي. ٻڪرار کي
اولاد ڪونه هو، سو ههڙي چنڊ جهڙي نينگر ڏسي، ٻيئي
زال مڙس ڏاڍو خوش ٿيا، ۽ وڏي لاڏ ڪوڏ سان هن جي
پرورش ۽ پالنا ڪرڻ لڳا.
ٿوري گهڻي ڏينهين بادشاهه جي زال کي ڏائڻ ماءُ کان پتو پيو ته
نيڻان ٻائي ٻڪرار جي گهر وري پيدا ٿي آهي، اهو
ٻڌي، هوءَ ڏاڍي ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويئي، ۽ وري به مڪر
ڪري وٺي دانهون ڪرڻ لڳي ته ”هاءِ پيٽ سور مران،
پيٽ سور مران!“ بادشاهه ڏي ٻانهي ڀڄندي آئي. چي،
”بادشاهه سلامت! راڻي ٿي مري.“ بادشاهه ڀڄندو آيو
۽ ڪئين طبيب ۽ حاذق حڪيم اچي ڪٺا ٿيا، مگر سور لهي
نه. آخر راڻيءَ بادشاهه کي چيو ته ”بادشاهه سلامت!
جيڪڏهن مون سان دل اٿيئي ته تنهنجي ٻڪرار جي گهر
جيڪا ڌيءَ ڄائي آهي، ان کي ڪهائي ان جو رت منهنجي
پيٽ کي مَکيندين ته پوءِ اڌ ۾ آءٌ شايد چڱي ڀلي ٿي
پونديس.“ بادشاهه اهو ٻڌي، فڪر ۾ پئجي ويو، ۽ دل ۾
خيال ڪيائين ته ’هو وڻ هو منهنجي باغ جو، جو مون
وڍرائي ڇڏيو، باقي پرائي ڌيءَ منهنجو ڪهڙو قصور
ڪيو آهي، جو ان ويچاريءَ کي بي ڏوهه مارايان!‘ پر
راڻي هُئي، جا رکي رکي اُهي پيئي دانهن مٿان
دانهون ڪري، جو ماڻهوءَ جا وار پيا ڪانڊارجن- چي:
”ٻڪرار جي ڌيءَ جو رت آڻيو.... رت آڻيو!“ اِتي
بادشاهه کي دل ۾ اچي شڪ جاڳيو ته آخر ڳالهه ڇا
آهي، جو هرو ڀرو راڻي وٺي غريب ٻڪرار جي ڌيءَ
پٺيان هٿ ڌوئي پيئي آهي؟“
اها ڳالهه دل ۾ رکي، بادشاه پنهنجي سر شهر ۾ جاچ ڪرڻ ۾ ملڪ جو
واءُ سواءُ لهڻ لاءِ ويو، ته راڻيءَ جي پيٽ سور
لاءِ ماڻهن ۾ ڪهڙا چؤٻول هئا! گهمندي گهمندي،
ماڻهن جون اُبتيون سبتيون ڳالهيون ڪنائيندي
ڪنائيندي، اچي هڪڙيءَ گهٽيءَ ۾ نڪتو، جان کڻي
سامهون نهاري ته ڏسي ته هڪڙي ڇوڪري بيٺي آهي، جا
هوبهو بنهه ”نيڻان ٻائيءَ“ جهڙي! بادشاهه کي ڏاڍو
عجب لڳو، ۽ ان جي پيءُ کي سڏرائي پڇيائينس ته
”بابا! سچ ٻڌاءِ ته هيءَ ڇوڪري ڪنهن جي آهي؟
تنهنجي ته هيءَ ڌيءُ ٿي نٿي سگهي، ڇو ته تون ڌنار
ماڻهو ۽ هيءَ سٻاجهي سهڻي نينگر ته شهزادين کي به
ڇيهه ڏيو بيٺي آهي!“ تنهن تي لاچار ٿي ٻڪرار باغ
مان وڻ جي ٽارين کڻي اچڻ، ۽ انهن جي هڪ گل کي سندس
زال جي سنگهڻ، ۽ ان مان ڇوڪريءَ جي پيدا ٿيڻ جي
سموري حقيقت بيان ڪري ٻڌائي. بادشاهه اچرج ۾ پئجي
ويو ۽ وک وڌائي نينگر ڏانهن ويو، جنهن سڄي حقيقت
کان هن ريت واقف ڪيس ته ”اي بادشاهه سلامت! آءٌ
اُها نيڻان ٻائي آهيان، جا ڪدوءَ ۾ ڄايس، ڪدوءَ ۾
نپنيس، ۽ لوهي ڪوٽ اندر وڌيس ۽ وڏي ٿيس؛ جنهن کي
توهان اتان ڪڍي پنهنجو ڪيو، ۽ پوءِ مون کي باغ ۾
ڇڏي، شهر هليا ويؤ؛ پٺيان اها ڏائڻ جا هن وقت
اوهان جي راڻي آهي، تنهن جي مڪريلڻ پوڙهيءَ ماءُ
مون کي کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، جتي آءٌ ”گل“ ٿي ٽڙڻ
لڳيس، ۽ مون کي ڪوبه اُتان ڪڍي نه سگهيو،خيال ڪيم
ته من بادشاهه اچي اتان ڪڍيم، پر اوهان به ڪونه
آيا؛ پوءِ آءٌ پاڻهي اتان ٻاهر نڪتيس، ۽ وڻ ٿيس ۽
گُل جهليم، توهان منهنجي ڇانو ۾ ويهندا هئا، ۽ آءٌ
اوهان جي مٿان گل ٿي ڪرندي هيس، ته من ڪڏهن ڪو گُل
سُنگهيو، پر اوهان ڪوبه گل ڪونه سُنگهيو- فقط کيسي
۾ وجهندا رهيا- نه ته اوهان جي هٿن ۾ آءٌ اها ئي
نيڻان ٻائي ٿي پوان ها؛ پر اوهان ته مون کي پاڙئون
پٽي کڻي ڦٽو ڪرايو! منهنجي ڪا قسمت سٺي هئي جو
باقي هڪ گل ۾ منهنجا پساهه وڃي رهيا، ۽ هيءُ ٻڪرار
ان وڻ جون ٽاريون کڻي آيو، ۽ هن جي زال اهو اڌ
ڪومايل گل سُنگهيو، ۽ آءٌ هنن غريبن وٽ پيدا ٿي
پيس، جتي مون کي پيار مليو ۽ پنهنجائپ ملي، آءٌ
هينئر به اوهان جي اها ئي مِلڪ آهيان!“
بادشاهه هيءُ خبر ٻڌي ڏاڍو ارمان ڪيو، ۽ يڪدم ڏائڻ راڻيءَ کي
ماءُ سوڌو گهرائي آلن ٽوئن ۾ وجهي، ساڙائي خاڪ
ڪرائي ڇڏيو؛ ۽ ٻڪرار کي جهجهو انعام اڪرام ۽
پهرياڻيون پهرايون؛ پوءِ بادشاهه نيڻان ٻائيءَ سان
ڏاڍي ڌام ڌوم ۽ شان مان سان شادي ڪري، دل جي ڦٽل
باغ کي سائو ڪيو، ۽ هنن جي سڄي حياتي خوشين ۾ ڀرجي
ويئي؛ ڪالهه ڏٺاسين ته ٻيئي گلاب جي گل وانگر پئي
ٽڙيا، ۽ خوش لڳا ويٺا هئا.
●●● |