سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون -1

باب: -

صفحو :2

گل انداز بادشاهه

هڪڙو هو بادشاهه،- بادشاهه ته پاڻ الله آهي، پر هو زماني جو بادشاهه هو، لاءُ لشڪر، مال متاع ۽ ڌن دولت جي وٽس ڪمي ڪانه هئي. جيڪڏهن ڪو غم هوس، ته فقط اهو جو کيس ڇهن راڻين هوندي به ڪو اولاد ڪونه هو. بادشاهه انهيءَ ڳڻتيءَ ۽ غم ۾ ڏينهون ڏينهن ڳرندو ويو. هڪڙي ڏينهن هڪڙو درويش اوچتو اچي بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾ نڪتو. بادشاهه درويش کي سوال ڪيو ته ”اي درويش، خدا جي درگاهه مان مون کي اولاد وٺي ڏي!“ فقير بادشاهه کي چيو ته ”بادشاهه سلامت، توکي اولاد نصيب ۾ لکيل آهي، پر تڏهن جڏهن تون ستين شادي ڪندين!“ بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو سرهو ٿيو، ۽ پنهنجي وزير کي حڪم ڏنائين ته ”منهنجي لائق ڪٿان ٻانهن جو بندوبست ڪر!“

ٻئي ڏينهن بادشاهه ۽ وزير ڪجهه لشڪر ساڻ ڪري شڪار تي نڪتا. گهوڙا ڊوڙائيندي ڊوڙائيندي، ڏينهن تپي وين، پر شڪار هٿ نه لڳن. بادشاهه کي اُڃ ۽ ٿڪ ڏاڍو هلاڪ ڪيو. وزير، بادشاهه کي اتي ڇڏي، پاڻ گهوڙي تي چڙهي، اٿي پاڻيءَ جي ڳولا ۾ نڪتو. اڃا ٿورو پنڌ ڪيائين، ته هڪڙي جهوپڙي ڏسڻ ۾ آيس. گهوڙي کي هڪلي وزير جهوپڙيءَ وٽ آيو، ۽ در تي بيهي سڏ ڪيائين. اندران هڪ جوان ڇوڪري نڪري آئي. وزير اُن ڇوڪريءَ کان پاڻي گهريو، جنهن پاڻيءَ جو وٽو ڀري، ان ۾ ٿورو بُهه  وجهي، آڻي هٿ ۾ ڏنس. وزير به اهو پاڻي کڻي تڪڙو تڪڙو بادشاهه وٽ آيو. پاڻي پيئڻ کان پوءِ، بادشاهه جڏهن سامت ۾ آيو، تڏهن وزير کان پڇيائين ته ”پاڻيءَ ۾ بُهه پيو هو، تنهن جو سبب ڇا؟“ وزير سموري ڳالهه ڪري ٻڌايس، ۽ چيائين  ته ”ان جو سبب ڇوڪريءَ کان پڇجي، ته بهتر!“ بادشاهه ۽ وزير ٻيئي ڄڻا پوءِ سڌا جهوپڙيءَ وٽ آيا، ۽ سندن سڏ تي اُها ئي ڇوڪري ٻاهر نڪري آئي. بادشاهه ڇوڪريءَ کان پڇيو ته ”ڇوڪري! جڏهن توکي وزير ٻڌايو هو ته بادشاهه پاڻي پيئندو، تڏهن تو اُن ۾ بُهه ڇو وڌو!“ ڇوڪريءَ جواب ڏنو ته ”بادشاهه سلامت! مون سمجهيو ته هِن سخت ڪاڙهي ۾ بادشاهه سلامت کي اڃ لڳي آهي؛ جيڪڏهن يڪساهيءَ پاڻي پيئندو، ته لاشڪ نقصان ٿيندس: تنهنڪري ان ۾ بُهه وڌم ته من آهستي آهستي پاڻي پِئي.“ بادشاهه ڇوڪريءَ جو هيءُ عقل ڏسي حيران ٿي ويو، ۽ وري پڇيائينس، ”ڀلا توکان سواءِ ٻيو ڪو ڀاتي گهر ۾ آهي، يا اڪيلي آهين؟“ ڇوڪريءَ وراڻيو، ”بادشاهه سلامت! هن وقت ڪوبه ڪونهي، ڇو ته ادو ويو آهي مِٽيءَ ۾ مِٽي ملائڻ، امان ويئي آهي پاڻيءَ مان پيسا پيدا ڪرڻ، ۽ بابو ويو آهي سمنڊ تان ڪانگ اُڏائڻ، سويل ويا آهن؛ اجهي آيا ڪي آيا!“ بادشاهه ڇوڪريءَ جي اها ڳالهه ڪانه سمجهي، سو وزير کان پڇيائين ته ”وزير، جو ڪجهه ڇوڪريءَ چيو، ان جو مطلب ڇا؟“ ويچاري وزير پاڻ ئي ڪجهه نه سمجهيو هو، سو بادشاهه کي جواب ڏنائين ته ”جيئندا قبلا، آءٌ خود ڇوڪريءَ جي ڳالهه سمجهي نٿو سگهان.“ تڏهن بادشاهه ڇوڪريءَ کان ڳالهه جو مطلب پڇيو. ڇوڪريءَ کلي وراڻيو ته ”جهان پناهه! ادو ڪنهن لاش سان ڪانڌي ٿي ويو آهي، اما ويئي آهي ڌڏ وڪڻڻ، ۽ بابو ويو آهي اما جي پويان ته متان ڪنهن جي پريت جي پيچ ۾ نه اچي وڃي.“ بادشاهه ڇوڪريءَ جون هي ڳالهيون ٻڌي، هيڪاري حيران ٿي ويو، ۽ وري پڇيائينس ته ”ڀلا تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ڇوڪريءَ وراڻيو ته ”نه مئي نه مرندي!“ بادشاهه هڪو ٻڪو ٿي، وزير ڏانهن ڏٺو، جنهن چيس ته ”قبلا، ڇوڪريءَ جو نالو ’جيئندي‘ آهي.“

پوءِ بادشاهه ۽ وزير گهوڙن تي چڙهي، اچي پنهنجي جاءِ تي پهتا. ٻئي ڏينهن، بادشاهه وزير کي حڪم ڪيو ته ”هڪدم انهيءَ ڇوڪريءَ جي مائٽن کان منهنجي لاءِ سڱ جي گهر ڪئي وڃي- بس اها ئي ڇوڪري منهنجي راڻي ٿيڻ جي لائق آهي!“ بادشاهه جو خيال ڏسي، وزير سڌو ڇوڪريءَ جي پيءُ وٽ آيو. اوڀاريون لهواريون ڪندي، پنهنجي اچڻ جو مقصد ظاهر ڪيائين، ۽ بادشاهه لاءِ سڱ جي گهر ڪيائين. ڇوڪريءَ جو پيءُ پهريائين ته وائڙو ٿي ويو ته ’اسين غريب ماڻهو، سو بادشاهه ڪيئن ٿو اسان کان سڱ جي گهر ڪري!‘ پر پوءِ وزير جي يقين ڏيارڻ تي خوشيءَ سان ڳالهه قبول ڪيائين. بادشاهه يڪدم کڻي شاديءَ جي تياري ڪئي ۽ ٻن چئن ڏينهن ۾، ان سياڻيءَ سڀاڳيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪري، خير سان خوش ٿي، اچي ساڻس هڪ جدا محلات ۾ رهڻ لڳو.

 خدا جي قدرت اهڙي، جو جڏهن بادشاهه هِن ستينءَ راڻيءَ سان شادي ٿي ڪئي، تڏهن سندس ڇهن ئي راڻين کي اڳي ئي ڪا اميدواري هئي! ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ، ستينءَ راڻي کي به ڏينهن ٿيا. ٿيندي ٿيندي، نيٺ ڇهن ئي راڻين کي ڇهه پٽ ڄاوا، پر ستينءَ کي پاسا آجا ڪرڻ ۾ اڃا مهينا پيا هئا، جنهن جي پروڙ بادشاهه کي ڪانه هئي. بادشاهه، جيڪو ورهين کان اولاد جو سڪايل هو، تنهن جو ڇهه پٽ اکئين ڏٺا، سو اڳين راڻين سان نئين سر قرب ۾ ڪڙجي ويو، ۽ ستينءَ راڻيءَ کي بنهه وساري ڇڏيائين- ايتري قدر جو هن جي محلات ڏانهن منهن ڪري نهارڻ به ڇڏي ڏنائين. ننڍيءَ راڻيءَ پنهنجيءَ پر ۾ گهڻيئي حيلا وسيلا ڪيا، پر ڪجهه به ڪونه وريو. ٿورين گهڻي ڏينهين، ستينءَ راڻيءَ کي به خير سان پٽ ڄائو: راڻي بهار بهار ٿي ويئي، ۽ ڏاڍي لاڏ پيار سان هن جو نالو ”گل انداز“ رکيائين. بادشاهه، جو ڏانهنس ايڏو اگوندرو ٿي ويو هو، سو راڻي به پٽ ڄمڻ جي خبر هن کي ڪانه ڏني. ۽ دل ڏاڍي ڪري، ڳجهه ڳوهه ۾، پنهنجي منهن پاڻ، پٽ جي پالنا ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين؛ ۽ جڏهن ڇوڪرو سمجهه ڀريو ٿيو تڏهن هن جي پڙهڻ ۽ پهلوانيءَ جي فن سکڻ جو جوڳو بندوبست ڪيائين. شهزادو اڄ ننڍو سڀاڻ وڏو، تان جو اچي جوان ٿيو، پر انهيءَ عرصي ۾ نه پنهنجي محلات کان ٻاهر نڪتو، ۽ نه ڪڏهن پيءُ جي ئي شڪل ڏٺائين.

هڪڙيءَ رات، جيئن بادشاهه پنهنجي محلات ۾ ستو پيو هو، تيئن اڌ رات مهل خواب ۾ ڇا ڏسي ته ’روپو ٿُڙ‘ سونا ڏارَ، جواهري پَن- لعلون پيون لڙڪن؛ ٿڌڙي هير پيئي لڳي؛ ۽ چار پريون آهن، جي روئن به پيون ۽ لعلون به پيون چونڊين!‘ بادشاهه ڇرڪ ڀري اٿي کڙو ٿيو. حيرت جهڙو خواب هو! گهڻو ئي مٿو هنيائين، پر سمجهه ۾ ڪجهه به ڪونه آيس، ۽ انهيءَ فڪر ۾ صبح تائين ننڊ نه آيس- اُٿلندي پُٿلندي، لوچ پوچ ۾ صبح ٿي ويس. صبح ٿيڻ شرط درٻار ڪوٺائين، ۽ اميرن، وزيرن ۽ نجومين کي خواب ٻڌائي، تعبير جي گهر ڪيائين. اميرن، وزيرن ۽ ڏاهن گهڻيئي مٿا مونا هنيا، پر خواب جو تعبير نه ڪري سگهيا. آخر هڪڙي جهور پوڙهي نجوميءَ رمل هڻي ٻڌايس ته ”بادشاهه سلامت، انهيءَ خواب جو تعبير جيڪڏهن ڪو آهي ته تنهنجا پٽ ئي اهو توکي ڪٿان آڻي ٻڌائي سگهن ٿا!“ بادشاهه کي ستين پٽ جي ته خبر ئي ڪانه هئي، تنهنڪري ڇهن ئي پٽن کي گهرائي، کين خواب جي تعبير آڻي ڏيڻ جو حڪم ڪيائين. شهزادن، ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، سفر جي تياري ڪئي، ۽ ناڻي جون خرزينون ڀري، گهوڙن تي سوار ٿي، هڪڙي پاسي هڪلي اٿي راهي ٿيا.

اڃا پنهنجي ملڪ جي حد ئي ڪانه ڇڏي هئائون، ته ڌاڙيلن جو هڪ ٽولو ڦري آين، جن کانئن خزانو ڦري، کين ٻڌي کڻي هڪڙيءَ جاءِ ۾ قابو ڪيو. ٻارهن مهينا گذري ويا، مگر شهزادن جو ڪو پتو ئي ڪونه پيو. نيٺ بادشاهه شهزادن جي خبر آڻڻ لاءِ چئن ئي ڪنڊن تي ماڻهو موڪليا، ليڪن سڀ نااميد ٿي موٽي آيا، ۽ ٿيندي ٿيندي بادشاهه به پٽن جي موٽڻ جو آسرو لاهي ويهي رهيو.

خدا جي قدرت سان هڪڙي ڏينهن اهو ساڳيو درويش بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾ اچي وارد ٿيو. بادشاهه هن فقير کي پنهنجي خواب، ۽ خواب جي تعبير آڻڻ لاءِ ڇهن ئي پٽن جي سفر تي اسهڻ جو ذڪر ڪري ٻڌايو. فقير سمورو احوال ٻڌي، باشاهه کي چيو ته ”بادشاهه سلامت، تنهنجي انهيءَ خواب جو تعبير سواءِ تنهنجي ستين پٽ جي ڪوبه آڻي ڪونه سگهندو. ان کي ئي موڪلين ها.“ بادشاهه حيران ٿي چيو ته ”درويش! مون کي انهن ڇهن پٽن کانسواءِ ڪو ٻيو پٽ آهي ئي ڪونه!“ ان تي درويش کلي چيو ته ”بادشاهه سلامت، تنهنجون راڻيون ست، ۽ پٽ ڇهه! اهو ڪو حساب ٺهي ٿو؟ توکي ستينءَ راڻيءَ مان به پٽ آهي، پر تون نڪو اوڏانهن ويو آهين ۽ نه ئي توکي خبر آهي.“ بادشاهه، اها ڳالهه ٻڌي، پنهنجي ننڍيءَ راڻيءَ سان ڪيل بي وفائيءَ تي ڏاڍو پشيمان ٿيو. هيڪاري انهيءَ تي عجب ٿيس ته کيس ستين پٽ جي ڇو خبر ڪانه پيئي؟ تنهنڪري درويش کي چيائين ته ”سائين، هاڻي اوهين پاڻ هلي مون کي پنهنجي اُن سڀاڳي ستين پٽ سان ملايو!“ پوءِ درويش ۽ بادشاهه ٻيئي گڏجي، ننڍيءَ راڻيءَ جي محلات جي در تي آيا. درويش چيو ته ”بادشاهه سلامت، تنهنجي پٽ جو نالو ”گل انداز“ آهي، ۽ ’گل انداز‘ ڪري سڏ، ته پاڻهي توکي جواب ملندو.“ بادشاهه، فقير جي چوڻ موجب، ”گل انداز“ ڪري سڏ ڪيو. راڻيءَ بادشاهه جو آواز سڃاتو، ۽ خيال ڪيائين ته ’اڄ سالن کان پوءِ بادشاهه هن طرف آيو آهي، ۽ وري گل انداز جو نالو وٺي سڏ ڪيو اٿس، ضرور ڪنهن ڌوتيءَ ڌوتبو ڪيو آهي، يا ڪنهن چغل چغلي هنئي آهي؛ ائين نه ٿئي، جو شهزادو مون کان کسجي وڃي!‘ سو ڇا ڪيائين، جو شهزادي کي ڪوٺيءَ ۾ لڪائي، بادشاهه کي محلات ۾ گهرايائين. بادشاهه، درويش سميت، محلات ۾ داخل ٿيو، ۽ اچڻ شرط راڻيءَ کان گل انداز جي پڇا ڪيائين. راڻيءَ، ڄاڻي واڻي نٽائڻ خاطر، بادشاهه کان پڇيو ته ”بادشاهه سلامت! ڪهڙو گل انداز؟“ تڏهن درويش راڻيءَ کي چيو ته ”راڻي! اسان درويشن کان ڪابه ڳالهه ڳجهي ڪانه رهندي آهي. بادشاهه کي پٽ جي خبر هجي ها، ته پهريائين اچي ها، پر مون ئي کيس تنهنجي گل انداز جي خبر ڏني آهي. هاڻي ڪوٺيءَ مان گل انداز کي ٻاهر ڪڍ، ته پنهنجي پيءُ سان ملي.“ راڻيءَ جڏهن ڏٺو ته ميڙائي جا ڏينهن موٽيا آهن، تڏهن خوش ٿي  شهزادي گل انداز کي ٻاهر آڻي، بادشاهه جي آڏو بيهاريائين. شهزادو پيءُ سان ڏاڍي ادب سان مليو، ۽ بادشاهه به پنهنجي پٽ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. اتي درويش بادشاهه کي وري به ٻڌايو ته ”بادشاهه سلامت، اهو ئي ڇوڪرو آهي، جيڪو تنهنجي خواب جو تعبير توکي آڻي ڏيندو!“ ان کانپوءِ، بادشاهه، درويش ۽ شهزادو گل انداز گڏجي درٻار ۾ آيا، ۽ ڪيترن ڏينهن تائين سڄيءَ بادشاهيءَ ۾ خوشيون ۽ شادمانا ٿيندا رهيا.

ڪجهه وقت گذرڻ بعد، بادشاهه، شهزادي گل انداز کي پنهنجو خواب ٻڌائي، چيو ته ”پٽ! جڏهن کان اهو خواب ڏٺو اٿم، تڏهن کان نڪو اٿم ڏينهن جو قرار، نڪو اٿم رات جو آرام. دوريش جي چوڻ موجب تون ئي هن خواب جو تعبير آڻيندين. تنهنڪري ستن ڏينهن اندر تياري ڪر، ۽ الله تي آسرو رکي، خواب جي تعبير هٿ ڪرڻ لاءِ روانو ٿي وڃ!“ انهيءَ تي گل انداز سفر جي تياري ڪئي ۽ پورن ستن ڏينهن کان پوءِ، هو سڀني کان موڪلائي ’اڇي ڳاڙهي‘ جون خرزينون ڀري، اُٿي روانو ٿيو. اڃا پنهنجي ملڪ جي حد ئي پار ڪانه ڪئي هئائين، ته هن کي اُهي ساڳيا ڌاڙيل ڦري آيا، جن سندس ڀائرن کي ڦري ماري قيد ڪيو هو. ڌاڙيلن هن کي چيو ته ”مال، گهوڙي سميت، اسان جي حوالي ڪر، نه ته تنهنجو خير ڪونهي!“ گل انداز کين چيو ته ”اوهين به مڙس آهيو، ۽ آءٌ به مڙس آهيان؛ جيڪڏهن اوهان کي مردن وانگر مقابلو ڪرڻو هجي، ته پوءِ هٿيارن سان يا بنان هٿيارن جي هڪ هڪ ٿي مقابلو ڪريو. جي اوهان کٽيو، ته مال ۽ گهوڙو اوهان جو؛ جي مون کٽيو، ته پوءِ جيڪي مون کي وڻيو، سو اوهان سان ڪندس.“ ڦورن اها ڳالهه ٻڌي، خيال ڪيو ته ’اسان مان هر هڪ هن ڇوڪري جهڙا ڪئين کايو کپايو ويٺو آهي، سو هي اسان کي ڇا ڪندو!‘ تنهنڪري شهزادي گل انداز جو شرط قبول ڪيائون، ۽ هڪڙو هڪڙو ٿي، بيهي هن سان مقابلو ڪرڻ لڳا. گل انداز جي پهلوانيءَ جو فن  پنهنجيءَ جاءِ تي هو، ۽ جيڪي ان جا انگ هن کي ياد هئا، تن مان هڪڙي هڪڙي انگ پيچ سان ڇهن ئي ڌاڙيلن کي جدا جدا ڪيرائي، ٻڌي سوگهو ڪندو، هڪ پاسي اڇلائيندو ويو- تان جو جڏهن ڇهه ئي ڌاڙيل ٻڌجي سڪ ٿي ويا، تڏهن پاسي ۾ بيٺل ٻير جي وڻ مان تلهڙون ڪڍي، هڪ منو ٿي، بيهي سٽڻ لڳن. چي: ”سچي ڪريو، هن کان اڳ اوهان ڪهڙا ظلم ڪيا آهن؛ ۽ اوهان جي رهڻ جي جاءِ ڪهڙي آهي؟“ پهريائين ته ڌاڙيلن سچي ئي ڪانه ڪئي، پر چوندا آهن ته ”موچڙن کان جن به ڀڄي وڃن“، تنهنڪري شهزادي کي وٺي وڃي پنهنجو ٿاڪُ ڏيکاريائون، جتي هن جا ڇهه ئي ڀائر قيد هئا. گل انداز ڇهن ئي ڀائرن کي ڇڏائي کڻي ساڻ ڪيو، ۽ ڌاڙيلن کان آئيندي جي چڱي چال جو سنهن ساک وٺي، اٿي اڳتي هليو.

هلندي هلندي، ڇهن ڀائرن مان هڪڙي هن کان خبر چار پڇي. گل انداز ٻڌاين ته ”آءٌ اوهان جو ننڍو ڀاءُ، گل انداز آهيان، ۽ بادشاهه سلامت جي خواب جي تعبير لاءِ نڪتو آهيان،- هاڻي ست ئي ڄڻا گڏجي هلي ٿا ڪوشش ڪريون.“ انهن ڀائرن جڏهن ٻڌو ته هي به اسان جو ڀاءُ آهي، تڏهن حسد ٿين ته هيءُ اسان کان ننڍو، سو اسان کان ڪٿي ڪسر نه کڻي وڃي! تنهنڪري خيال ڪيائون ته موقعو وٺي، هن کي ڪنهن طرح ختم ڪري ڇڏجي! ٻه چار ڏينهن گڏ مسافري ڪرڻ کان پوءِ، گل انداز ڀائرن جي اجائي سُس پس ۽ اشارن اندازن مان سهي ڪيو ته هنن جي نيت ۾ مڙيوئي ڪو خلل آهي، ۽ منجهانئن نيٺ به هن کي نقصان رسڻو آهي. تنهنڪري، جيڪا به مالي پاڻ سان آندي هئائين، سا ڇهن ئي ڀائرن کي ڏيئي، هنن مان جند ڇڏايائين ۽ پنهنجي منهن، اڪيلو ئي اڪيلو راهه وٺي اٿي هڪ پاسي روانو ٿيو.

هلندي هلندي، شهزادو گل انداز، ٿورن ڏينهن کان پوءِ، آخر اچي هڪ باغ ۾ پهتو. نظر ڦيرائي ڏٺائين ته باغ ته سڄو سڪو پيو آهي، پر ان جي بنهه وچ ۾ هڪڙو کوهه آهي، جنهن تي صحيح سلامت نار چڙهيو پيو آهي! باغ ۾ ٿورو اڳڀرو ويو ته ڏٺائين ته هڪڙي هنڌ هڪڙو جهور پوڙهو فقير ستو پيو آهي. هن کي يقين ٿي ويو ته منهنجو مطلب ٿيڻو آهي ته هن ئي فقير وٽان پورو ٿيندو. سو خيال ڪيائين ته جيسين فقير سجاڳ ٿئي، تيسين ڇو نه باغ کي بيهي پاڻي ڏيان. اها ڳالهه ڳڻي، هن باغ کي پاڻي ڏيڻ شروع ڪيو. ٻه چار ڏينهن گذري ويا، پر فقير ننڊ مان پاسو به ڪونه چوريو! شهزادو ويچارو باغ جو ڪم ڪندو رهيو، تان جو ڪيترا ڏينهن ائين گذري ويس. تيسين باغ به سڄو سرسبز ٿي ويو. قسمين قسمين ميوا به ان ۾ پچي تيار ٿيا. پوءِ ته شهزادو اهي ميوا کائي پيو اتي وقت گذاريندو هو. نيٺ ڇهن مهينن کان پوءِ فقير سجاڳ ٿيو. اک کڻي کولي، ته مار! سڄو باغ سرسبز لڳو پيو آهي! سو رڙ ڪيائين ته ”جن هجين، ڀوت هجين يا دندا جو ڪو آدمي هجين، اُٿي ڏي جواب؛ نه ته اَهُر جيڏا داڻا ڪري ڇڏيندوسانءِ!“ شهزادي جواب ڏنو ته ”نڪي جن آهيان، ۽ نڪي ڀوت؛ دنيا جو ماڻهو آهيان ۽ دنيا جي ڪنهن ڪم پٺيان اچي نڪتو آهيان!“ ائين چئي، ”آديس گرو آديس گرو“ ڪري، اچي پير مرد جي پيرن تي ڪريو. فقير هن کي ٻانهن کان وٺي اُٿاريو، ۽ چيائين ته ”ٻچا! جي ’آديس گرو، آديس گرو‘ نه ڪرين ها، ته اَهُر جيڏا داڻا ڪري ڇڏيئين ها!“ ٿوريءَ دير کان پوءِ، شهزادي گل انداز ڪجهه ميوا پٽي، آڻي فقير کي ڏنا. فقير ميوا کائي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ گل انداز کي چيائين ته ”ٻچا، تو منهنجي باغ کي سائو ڪيو آهي، هاڻي گهر جيڪي گهرڻو اٿيئي!“ شهزادي به فقير کي راضي ڏسي، پيءُ جي خواب واري سموري حقيقت هن کي ٻڌائي، ۽ عرض ڪيائين ته ”فقير سائين، هاڻي آءٌ منجهي پيو آهيان ته ڪيڏانهن وڃان، ۽ ڪيئن ڪريان؟ مهرباني ڪري مون کي ڪنهن دڳ لائي!“ فقير گل انداز کي چيو ته ”ٻچا، تمام مشڪل ڪم ۾ هٿ وڌو اٿئي، پر هاڻي خدا مڙيوئي چڱي ڪندو: هتان اولهه طرف مهيني جي پنڌ تي هڪڙو سمنڊ آهي؛ سمنڊ اُڪرڻ کان پوءِ ’ننڊ ولايت‘ آهي، جنهن ۾ گهڻو تڻو ديو ۽ پريون رهندا آهن- اهي ڇهه مهينا جاڳندا آهن ۽ ڇهه مهينا سمهندا آهن، تون ’ننڊ ولايت‘ جي سر اُتر طرف هليو وڃ؛ ٻن ڏينهن جي مسافريءَ کان پوءِ، توکي هڪڙو بَڙَ جو وڻ ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن جي

ڀرسان هڪڙي ماڙي هوندي؛ تنهنجي خواب جو تعبير ان ماڙيءَ ۾ آهي. هيءُ تعويذ وٺي سوگهو ڪر، ۽جڏهن اهو ٻانهن ۾ ٻڌندين، ته توکي ڪوبه ديو يا پري نقصان ڪونه رسائي سگهندو.“

شهزادو گل انداز تعويذ ٻانهن ۾ ٻڌي، فقير کان موڪلائي، اُٿي اولهه طرف هليو ويو. واٽ تي هڪڙي هنڌ ڏسي ته برپٽ ۾ هڪڙو خوبصورت نوجوان، جنهن کي موڙ ٻڌل آهن ۽ ميندي لڳل آهي، سو منهن مٿو پيو پٽي ۽ هانءُ ڦاڙي رڙيون پيو ڪري. گل انداز گهوڙي کي هڪلي سڌو ان وٽ پهتو، ۽ خبر چار پڇيائينس. هن ٻڌايو ته ”آءٌ شادي ڪري ڄڃ سان پئي آيس، ته اوچتو ئي اوچتو، هن پٽ ۾ سڄي سڃ غائب ٿي ويئي، هاڻي آءٌ اڪيلو هن برپٽ ۾ پيو دانهون ڪريان. خبر نه ٿي پوي  ته هي ڪهڙو طلسم آهي! تون ئي چئو ته هاڻي آءٌ ڪهڙو منهن کڻي ڳوٺ وڃان؟“ گل انداز، اها خبر ٻڌي، حيران ٿي ويو. نوجوان کي اتي بيهاري، پاڻ گهوڙو هڪليندو، سڌو فقير وٽ آيو، ۽ اچي ساري حقيقت ٻڌايائينس. فقير چيس ته ”بابا، تون ان ڳالهه ۾ هٿ نه وجهه. تون جنهن ڪم سان آيو آهين، ماٺ ڪري وڃي اهو ڪر!“ پر گل انداز چيس ته ”سائين، هو ويچارو رڻ ۾ رُلي رُلي مري ويندو؛ ڪيئن به هجي، پر هن کي پنهنجي ڪنوار ڄڃ سميت ضرور ملڻ گهرجي.“ فقير، لاچار ٿي گل انداز کي ٽي گل ڏنا، ۽ چيائينس ته پهريون گل ميدان ۾ اڇلائيندين، ته ڌوڙ جو طوفان لڳندو؛ غبار لهڻ کان پوءِ، هڪڙو ڪوٽ نظر ايندئي، جنهن کي چوڌاري ڪوبه دروازو ڪونه هوندو: وري ٻيو گل ان ڪوٽ کي هڻندين، ته ڪوٽ غائب ٿي ويندو، ۽ اُتي باهه جو مچ پيدا ٿيندو؛ جڏهن باهه جهڪي ٿيندي، تڏهن ان مان هڪڙو هيبتناڪ جادوگر نڪري ايندو؛ تون ڪوبه ڊپ ڊاءُ نه ڪري، تلوار جي ڌڪ سان سندس سري لاهي ڇڏج: ان کان پوءِ، ٽيون گل وري مچ ۾ ڦٽو ڪج، ته جادوءَ جو سڄو اثر غائب ٿي ويندو ۽ اُهو ساڳيو جادوگر، ماڻهوءَ جي صورت ۾،  تنهنجي آڏو هوندو، پر منجهس اُها اڳين طاقت نه هوندي- تون هن کي مارجئين نه، پوءِ جيئن چوندينس، تيئن ڪندو!“

شهزادو گل انداز، فقير جي سڄي ڳالهه سمجهي، ٽيئي گل کڻي، اُن ميدان ۾ آيو. جيئن فقير سمجهايو هوس، اُئين ئي ڪري، جادوگر کي هٿ ڪيائين. جادوگر هٿ ٻڌي شهزادي کي منٿون ڪيون ته ”ڌڻيءَ جي نالي مون کي نه مار، باقي جيئن چوندين تيئن ڪندس!“ شهزادي چيس ته ”اول اسان کي اُها ڄڃ صحيح سلامت گهرجي، جيڪا تو هن ميدان مان غائب ڪئي آهي.“ جادوگر گل انداز کي وٺي وڃي اُها ڄڃ ۽ ڪنوار ڏيکاري. شهزادي ان جاءِ جون ٻيون به ڪوٺيون گهمي ڏٺيون،

.... ۽ اُتي جو اُتي گل انداز کي پٺيءَ تي کڻي وٺي اُڏاڻو

جن ۾ ڪيترائي ماڻهو ۽ نيون نويليون ڪنواريون بند هيون. شهزادي انهن سڀني کي آزاد ڪرائي، خير سان پنهنجي پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ڪيو. انهن ۾ هڪڙيون ٻه ڄڻيون، جي بادشاهي گهراڻي جون ڏسڻ ۾ ٿي آيون، تن جو دنيا ۾ ڪوبه عزيز باقي ڪونه هو؛ تنهنڪري شهزادي گل انداز گهوٽ کي چيو ته ”تون پنهنجي ڄڃ وٺي روانو ٿيءُ، پر هي ٻه شهزاديون تو وٽ امانت آهن: جي جيئرو موٽيس، ته تو وٽان وٺي ويندوسانءِ، نه ته الله داني تو داني، اهي توکي پرتيون، پنهنجي ساهه سئين سار سنڀار پيو لهجئينِ.“ ائين چئي، گل انداز پنهنجو رستو ورتو.

ڪجهه ڏينهن جي مسافريءَ کان پوءِ، هڪڙي ڏينهن شهزادو ٿڪجي پيو ۽ آرام ڪرڻ لاءِ هڪڙي وڏي وڻ جي ڇانو هيٺ گهوڙي جا سنج سيرانديءَ کان رکي، سمهي رهيو. پورا ٻپهر ٿيا ۽ سج ڪاپار تي آيو، ته اوچتو پکين جي ڦڙڦڙ ۽ آواز تي سندس اک کلي. ڏسي کڻي ته هڪڙو وڏو نانگ وڻ تي پيو چڙهي؛ مٿي وڻ تي، جو نظر پيس ته ڏسي ته هڪڙو آکيرو آهي، جنهن ۾ پکيءَ جا ٻچا آهن، جي نانگ کي مٿي ايندو، ڦڙڪيون پيا کائين ۽ دانهون پيا ڪن. شهزادي سمجهيو ته نانگ انهن ٻچن کي کائي ڇڏيندو، سو ڪڍندي ئي ترار وڻ تي چڙهي ويو، ۽ هڪ ئي ڌڪ سان نانگ ماري ان کي ٽڪر ٽڪر ڪري، پکيءَ جي ٻچن آڏو آکيري ۾ رکي، پاڻ لهي، وري سمهي رهيو. مڄاڻ جو اهو آکير گُرڙ پکيءَ جو هو، جنهن کي ٻن ٽن ڏينهن کان شڪار هٿ نه آيو هو. سو صبح جو ٻچن کي چئي ويو هو ته ’جيڪڏهن اڄ به ڪو شڪار نه لڳو ته اوهان جو خير ڪونهي!‘ ٻچن، جو نانگ جا ٻيرا آڏو ڏٺا، سي ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ ڪجهه پاڻ کاڌائون ۽ ڪجهه پنهنجي پيءُ لاءِ رکي ڇڏيائون. خدا جي قدرت، جو گرڙ پکيءَ کي ان ڏينهن به شڪار هٿ ڪونه آيو، سو بک کان ڇتو ٿي آکيري ۾ گهڙيو، ۽ نانگ جي ٻيرن کي پيل ڏسي کائڻ ۾ جنبي ويو. جڏهن کائي ڍؤ ڪيائين، تڏهن هڪل ڪري چيائين ته ”ڪي بچيا به آهيو، يا سڀ کاڄي ويئو؟“ ٻچا، جيڪي گرڙ جي اچڻ وقت لڪي ويا هئا، سي ’چُون چُون‘ ڪري ڊوڙي آيا. گرڙ پکيءَ ٻچن کان پڇيو ته ”اوهين سڀ سلامت آهيو، پوءِ مون ڇا کاڌو؟“ ٻچن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ته ”وڻ هيٺان جيڪو ماڻهو ستو پيو آهي، انهيءَ اسان جي جان بچائي آهي، نه ته اڄ اسان کي جيئرو نه ڏسين ها.“ گرڙ پکيءَ ٻچن جي اها ماجرا ٻڌي، دل ئي دل ۾ ڏاڍا شهزادي جا ٿورا مڃيا.

انهيءَ مهل سج لڙي ويو هو، جنهنڪري وڻ جي ڇانو بدران شهزادي گل انداز تي اُس اچي ويئي هئي. پر هن تي جو ننڊ جا الوٽ چڙهيل هئا، تنهنڪري اک ئي ڪين کليس. گرڙ پکي، اهو حال ڏسي، يڪدم وڻ تان لهي آيو، ۽ پنهنجا پر پکيڙي شهزادي مٿان ڇانوَ ڪري بيهي رهيو. هوشيار ٿيڻ تي، گل انداز پنهنجي مٿان گرڙ پکيءَ کي ڏسي، دهلجي ويو. پر گرڙ پکيءَ چيس ته ”اي انسان! تون ڪنهن به قسم جو خيال نه ڪر. تو منهنجي ٻچن جي جان بچائي آهي، تنهنڪري آءٌ تنهنجو نوڪر آهيان؛ جيڪو ڪم چوندين، اکين سان ڪري ايندس!“ اتي گل انداز سڄي خبر ڪري چيس ته ”مون کي ’نڊ ولايت‘ پهچڻو آهي، تنهنڪري تنهنجي مدد جي ضرورت آهي.“ گرڙ پکيءَ اها ڳالهه وڏيءَ خوشيءَ سان قبول ڪئي، ۽ اُتي جو اُتي گل انداز کي پکيءَ پٺيءَ تي کڻي وٺي اُڏاڻو، اڏامندي اڏامندي ”ننڊ ولايت“ جي سرحد تي نيئي شهزادي کي ڇڏيائين.

شهزادو گرڙ پکيءَ کي موڪل ڏيئي، ’ننڊ ولايت‘ جي شهر ۾ آيو، پر ڇا ڏسي ته جو ماڻهو جتي آهي، سو اُتي ئي ستو پيو آهي. گهمندي گهمندي، شهزادو نيٺ هڪڙيءَ محلات ۾ گهڙي ويو، جنهن جي دروازي تي ديو ستا پيا هئا. شهزادي کي ته ڊپ جو تعويذ ٻڌل هو، سو ڊنو اصل ڪونه! اندر کڻي ڏسي ته هڪڙي پري غسلخاني ۾ وهنجڻ لاءِ گهڙي آهي، ۽ سندس نوڪرياڻي پاڻيءَ جو بدنو ڀريو بيٺي آهي، پر ٻنهي کي اتي ئي ننڊ کڻي ويئي آهي! گل انداز پريءَ کي ڏسڻ شرط، مٿس عاشق ٿي پيو؛ سو ڇا ڪيائين، جو پريءَ کي غسلخاني مان کڻي، اچي پلنگ تي سمهاريائين. پريءَ جي شال پاڻ کنيائين، ۽ پنهنجي شال پريءَ جي مٿان وڌائين. پريءَ جي منڊي جنهن تي ’ننڊ پري‘ نالو لکيل هو، اُها پنهنجي آڱر ۾، ۽ پنهنجي نالي واري منڊي کڻي هن جي آڱر ۾ وڌائين. رات اُتي ئي ترسي پيو، ۽ صبح جو اُٿي غسل ڪري، فقير کان مليل ڏس تي اُتر طرف روانو ٿيو. ڪجهه پنڌ ڪرڻ کانپوءِ، بڙ جو وڻ ۽ اُن جي ڀرسان ماڙي نظر آيس- ۽ شهزادو اچي انهيءَ ماڙيءَ جي هيٺان بيٺو.

مٿي ماڙيءَ تي ڪن پرين پئي چوپڙ راند ڪئي. اتفاق سان هڪڙي ساري ماڙيءَ تان هيٺ ڪري پئي ۽ اچي گل انداز جي اڳيان ڪِري. هن يار به ساري کڻي پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏي. هڪڙيءَ پريءَ جيئن ساري ڏسڻ لاءِ دريءَ مان منهن ڪڍيو، ته ڏسي ته هڪڙو خوبصورت نوجوان هيٺ بيٺو آهي! هن ٻين ساهيڙين کي سڏ ڪري، اهو لقاءُ ڏيکاريو- ۽ گهڙي کن ته دريءَ مان ئي ديدار بازي ٿيندي رهي. آخر پرين پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ’هن ملڪ ۾ ههڙو خوبصورت جوان پاڻ کي خدا ڏياريو آهي، تنهن کي هٿان ڪيئن ڇڏيون!‘ سو فيصلو ڪيائون ته ’پاڻ چار ڄڻيون آهيون- جنهن جي کٽ تي ويهندو، تنهن جو ٿيندو: ڀلا جي سردار جي کٽ تي ويٺو، ته پوءِ چئن جو ٿيندو!‘ اهو فيصلو ڪري، شهزادي کي ماڙيءَ تي اچڻ لاءِ سڏ ڪيائون. شهزادو گل انداز به وڏي چاهه مان مٿي چڙهي ويو. ماڙي عجب جنسار سان سينگاريل هئي: سون، چانديءَ ۽ هيرن جواهرن مان اُهي اُهي شيون ٺهيل هيون، جن کي ڪا مهل ته هو عجب مان وات ڦاڙي ڏسندو رهيو. نيٺ جڏهن پرين ويهڻ لاءِ چيس، تڏهن هڪڙي پلنگ تي ويهي رهيو. مڄاڻ، جو اهو پلنگ هو سردار جو! بس پوءِ ته چئن ئي ڄڻين هن کي کڻي پنهنجو ڪيو. اُن بعد راڳ رنگ جون محفلون لڳي ويون، ۽ شهزادو به خوشيءَ سان ويهي اهي مجلسون ماڻڻ لڳو.

ڪيترائي ڏينهن راڳ ناچ جي انهن محفلن ۾ اهڙيءَ طرح گذري ويا. هڪڙي ڏينهن شهزادي کي ويٺي ويٺي پنهنجي پيءُ جو خواب ياد پيو. ڏاڍو ويچار ٿيس ته ’هيترا ڪشالا ڪيم ۽ ڏاکڙا ڏٺم، پر اڃا منزل کي نه پهتو آهيان!‘ اهو ويچار ڪري مايوس ٿي ويهي رهيو. پرين، جو هن کي اداس ڏٺو، سو ڏاڍي پاٻوهه مان سبب پڇيائونس. شهزادي گل انداز پنهنجي پيءُ جي خواب جي ساري حقيقت کين ٻڌائي. انهيءَ تي پرين چيس ته ”شهزادا! بس... ڳالهه به ايتري، جنهن لاءِ کڻي دل ننڍڙي ڪئي اٿئي! هاڻي جنهن مهل به چوين، توکي اهو تعبير ڪري ڏيکاريون.“ گل انداز، جنهن ايترا ڏاکڙا

... سونو ٿُڙُ، روپا ڏار، جواهر پن- لعلون پيون لڙڪن، ٿڌڙي هير پئي لڳي ۽ اهي ساڳيون چار پريون آهن، جي روئن به پيون ۽ لعلون به پيون چونڊين.

 رڳو خواب جي تعبير لاءِ ڪڍيا هئا، تنهن جو اها ڳالهه ٻڌي، سو خوش ٿي پرين کي چيائين ته ”جي ائين آهي، ته پوءِ دير نه ڪريو. آءٌ خواب جو تعبير هينئر ئي ڏسڻ چاهيان ٿو.“ انهيءَ تي پرين چيس ته ”چڱو، اسين جيئن توکي سمجهايون تيئن ڪج. جيڪڏهن ٿورڙي به ڀل ڪندين، ته خطا کائيندين.“ پوءِ چيائونس ته ”وهنجي سهنجي، کير جهڙي اڇي صاف چادر پنهنجي بدن کي ويڙهي، اگهاڙي تلوار هٿ ۾ کڻي، هن ڪرسيءَ تي خبرداريءَ سان ويهي رهه. اسين جيئن ناچ گانو ٿيندو آهي، تيئن تنهنجي اڳيان اڄ ناچ گانو ڪنديونسين. جنهن وقت ڳائيندي ڳائيندي ۽ نچندي نچندي، اسان مان ڪابه تنهنجي اڳيان اچي جهڪي بيهي، تنهن مهل تون بنا سوچ ويچار جي بي ڌڙڪ تلوار جو اهڙو ڌڪ هڻج، جو ان جي سسي ڌڙ کان ڌار ٿي وڃي... پوءِ راڳ ناچ جي ڪرشمي جي پاڻهي توکي خبر پوندي! پر ياد رک، انهيءَ ڪم ۾ ڪنهن به قسم جو انديشو ڪيئي، ته پوءِ هڪڙو ته خواب جو تعبير اڌ ۾ رهجي ويندو، ۽ ٻيو ته اسان جو ۽ تنهنجو وڌيڪ جيئڻ مشڪل ٿي پوندو!“

گل انداز سڄي ڳالهه سمجهي، پرين جي چوڻ موجب، وهنجي سهنجي، کير جهڙي اڇي صاف چادر ويڙهي، اگهاڙي تلوار هٿ ۾ کڻي، هڪڙيءَ ڪرسيءَ تي ٿي ويٺو. ناچ گانو شروع ٿيو، پريون ڳائيندي ڳائيندي ۽ نچندي نچندي، جڏهن راڳ ناچ جي پوريءَ موج ۾ آيون، تڏهن انهن مان هڪڙي پري ٻين پرين کان جدا ٿي، شهزادي جي اڳيان اچي ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهي. گل انداز به تيار ٿيو ويٺو هو، تنهن دل پڪي ڪري، پهرئين ئي ڌڪ سان پريءَ جي سسلي لاهي ڇڏي. پريءَ جي سسي ته وڃي پري پيئي، پر ان جو ڌڙ پرڀرو وڃي روپو ٿڙ بنجي بيهي رهيو! اهڙيءَ طرح وري ٻي پري هن جي آڏو آئي، لاچار ان جي سِري به تلوار سان لاٿائين ۽ کڻي جو ڏسي ته سونا ڏار ٿڙ سان مليا بيٺا آهن! وري ٽين پري آئي، ۽ ان  به ساڳيءَ طرح پنهنجو سر قربان ڪيو- ۽ ان مان وري وڻ جا جواهري پن ٺهي پيا! اهڙيءَ طرح چوٿينءَ پريءَ جڏهن پنهنجي سسيءَ جي ڀيٽا ڏني، تڏهن شزادو گل انداز کڻي جو نظر ڪري، ته سبحان الله— ”روپو ٿڙ، سونا ڏار، جواهري پن- لالون پيون لڙڪن ۽ ٿڌڙي هير پئي لڳي، ۽ اهي ساڳيون چار پريون آهن، جي روئن به پيون ۽ لالون به پيون چونڊين!“ گل انداز اهو لقاءُ ڏسي، بيهوش ٿي، ڪرسيءَ تان ڪري پيو. چئن ئي پرين ڊوڙي، اچي هن تي گلاب جو پاڻي ڇٽڪاريو. شهزادي جڏهن اک کولي، ته ڏسي ته اهو وڻ غائب، ۽ پريون سندس حاضريءَ ۾ بيٺيون آهن! اهڙيءَ طرح پيءُ جي خواب جو هيءُ عبرت جهڙو تعبير اکين سان ڏسي، شهزادو بنهه لاڳاپا لاهي ۽ بي اونو ٿي، چئن ئي پرين سان راڳ رنگ جي هنن هوشربا محفلن ۾ مگن ٿي ويو، ۽ ٿيندي ٿيندي ڪيئي ڏينهن اتي هن کي ائين گذري ويا. ٿورن گهڻن ڏينهن کانپوءِ، هڪڙي ڏينهن نيٺ هن کي ويچار ٿيو ته’ جنهن ڳالهه لاءِ هتي آيو هوس، سا پاڻ اکين سان ڏسي، ائين ئي اتي رهجي ويس!- هوڏانهن بادشاهه سلامت جو ڇا حال هوندو، تنهن جي ڪا اون ئي دل تي ڪانه ٿو آڻيان!‘ پوءِ هن پرين کي چيو ته ”مون کي هاڻي پنهنجي ملڪ موٽڻو آهي؛ پر هڪڙي ڳڻتي اٿم ته خواب جو تعبير جو مون ڏٺو آهي، سو بادشاهه سلامت کي ڪيئن ثابت ڪري ڏيکاريندس!“ تنهن تي پرين چيس ته ”اي شهزادا، تون اها ڳڻتي اصل نه ڪر: هاڻي اسين تنهنجي سر سان ٻڌل آهيون؛ جڏهن چوين، تڏهن توسان گڏ اتي هلي، بادشاهه کي خواب جي تعبير ڪري ڏيکارينديونسين!“

پوءِ، چارئي پريون، ڏينهن ٻن بعد، گل انداز کي تخت تي کڻي، اٿي اڏاڻيون ۽ اڏامندي اڏامندي هڪڙي ڏينهن صبح جو، ڪنهن شهر جي ٻاهران اچي لٿيون. پرين شهزادي گل انداز کي چيو ته ”هتي ڪجهه ڏينهن آرام ڪبو؛ تون شهر ۾ ڪا جاءِ مسواڙ تي وٺي، وڃي ان ۾ رهه. اسين پريون آهيون؛ سو شهر ۾ رهي ڪين سگهنديونسين؛، تنهنڪري سج لٿي کان پوءِ، سج اڀرڻ تائين ڪنهن به مهل، هتي ئي اسان سان روزانو اچي ملاقات ڪج!“ گل انداز شهر ۾ اچي هڪڙي پوڙهيءَ جي گهر ۾ ٽڪيو، ۽ جيئن پرين ٻڌايو هوس، ان موجب صبح شام شهر جي ٻاهران وڃي هنن سان ملاقات ڪندو هو. خدا جي قدرت، جو هڪڙي ڏينهن، شهر جي بادشاهه جي وڏ وَر ڌيءَ پنهنجي مڙس جي ڳولا لاءِ چؤنري ٿي ڦيرائي. پوڙهيءَ به گل انداز کي اچي اها حققت ٻڌائي. شهزادي ڇا ڪيو جو ميرا ۽ ڦاٽل ڪپڙا پائي، اچي انهيءَ ميڙ ۾ بيٺو، جتي چؤنري ڦري ڦري اچي شهزادي گل انداز جي مٿان بيٺي. ماڻهن، جو ڏٺو ته هڪڙي گدلي ۽ غريب ماڻهوءَ تي اچي چؤنري ڍري آهي، سو هن کي ڌڪا ڏيئي، ميڙ مان ڪڍي ڇڏيائون، ۽ چوڌاري هوڪار مچي ويئي ته ’سانئڻ نه ڀلي، ٻانهي ڀلي! سانئڻ نه ڀلي، ٻانهي ڀلي!‘ ان کانپوءِ، وري ٻه دفعا چؤنري ڦيرايائون، پر چؤنري ڦري ڦري، اچيو شهزادي تي بيهي! اتي شهزاديءَ، جنهن سمورو تماشو پئي ڏٺو، تنهن پنهنجي پيءُ کي چيو ته ”بابا! وڌيڪ تڪليف ڪريو ئي نه، اهو ئي مڙس منهنجي قسمت ۾ لکيل آهي، ۽ مون کي اهو قبول آهي- اڳتي کٽن منهنجا ڀاڳ!“ پر باشاهه اچي ڪاوڙيو؛ چي، ”هي الائي ڪير آهي؟ آءٌ اهڙي کٽل ماڻهوءَ کي پنهنجو ناٺي ڪيئن ڪريان؟“ تنهن تي شهزاديءَ چيو ته ”بابا، ائين آهي، ته پوءِ سڀاڻي عام درٻار ڪرايو، ته اتي آءٌ پاڻ ئي پنهنجو ڪو وَرُ چونڊيان!“ بادشاهه، اها ڳالهه قبول ڪري، شهر ۾ پڙهو گهمارايو ته ”سڀاڻي شهزادي عام درٻار ۾ پنهنجو ور چونڊيندي، تنهنڪري جنهن کي قسمت آزمائڻي هجي، ته اچي آزمائي!“

ٻئي ڏينهن مقرر وقت تي ماڻهو اچي درٻار ۾ مڙيا. گل انداز انهيءَ ڏينهن اتي نه ويو. شهزادي ساريءَ درٻار کي ڏسي موٽي ويئي، ۽ بادشاهه کي چيائين ته ”وري سڀاڻي!“ بادشاهه تپي ٽامڻي ٿي ويو، ۽ ڪاوڙ ۾ شهزاديءَ کي چيائين ته ”تو منهنجو نالو ٻوڙي ڇڏيو آهي؛ ملڪ سڄو مون تان پيو کلي؛  هاڻي جيڪڏهن سڀاڻي مڙس نه چونڊ ئي ته وچ درٻار ۾ هڪڙي ئي ڌڪ سان تنهنجي سسي لاهي ڇڏيندس!“ ٻئي ڏينهن گل انداز ڇا ڪيو، جو ڪپڙا لٽا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري، هڪڙو پراڻو سراڻو ٺڪر جو جمن هٿ ڪري، ان ۾ ڏڌ ۽ مانيءَ جا ڀور وجهي، چرين وانگر ٿيڙ کائيندو، گگون ڳاڙيندو، اچي درٻار ۾ نڪتو. درٻار ۾ جوانن جا هشام هار سينگار ڪري، اُچا ۽ ريشمي ڪپڙا پائي، شهزاديءَ سان شادي ڪرڻ جي سڌ ۾ اچي گڏ ٿيا هئا: تن جو هن چرئي کي بڇڙن حالن ۾ ڏٺو، سو ڌڪا ڏيئي درٻار مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائونس. شهزادو به جنهن هنڌ جتيون رکيون هيون، اتي پاسو ڏيئي اچي ويهي رهيو. مانيءَ ڀور به پيو کائي، ۽ گگون به پيو ڳاڙي! ماڻهو پيا کلن- چي، ”اڙي هي به آيو آهي شهزادي ماڻڻ!“ مقرر وقت تي شهزادي درٻار ۾ آئي. ڪئين شهزادا، وزيرزادا، امير، سکيا ستابا ماڻهو، هار سينگار ڪري، اچي گڏ ٿيا هئا. ساري درٻار خوشبوءِ سان واسيل هئي. درٻار ۾ ڪا گهٽتائي هئي، ته فقط اها، جو هڪڙو مستانو ماڻهو جتين رکڻ جي جاءِ تي ويٺو هو! شهزاديءَ به، درٻار لتاڙي، اچي ان مستاني تي هٿ رکي، چيو ته ”منهنجو مڙس آهي، ته هيءُ آهي!“ سڀني کي حيرت وٺي ويئي. وڏو ويل ته بادشاهه سان ٿيو. جتي هيترا شهزادا ۽ اميرزادا اچي گڏ ٿيا هئا، اتي شهزاديءَ هڪڙو چريو ۽ گِگرُ پنهنجو مڙس چونڊيو هو! قصو ڪوتاهه، گل انداز جي انهن ئي حالن ۾ شادي ڪرائي ويئي، مگر شاديءَ کانپوءِ به، شهزادو گل انداز مکر ڪري، سوليءَ طرح نه پيو ڳالهائي، نه ٻولهائي. شهزاديءَ ويچاريءَ گهڻائي حيلا وسيلا ڪيا، مگر شهزادو پنهنجيءَ تان هڪڙو تر به نه هٽيو.

گل انداز دستور موجب روزانو صبح شام، شهر کان ٻاهر وڃي، پرين سان ملاقات ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن پرين چيس ته ”تون ڪجهه ڏينهن اتي آرام ڪر؛ تيسين اسين پنهنجي ملڪ مان چڪر هڻي ٿيون اچون.“ گل انداز پهرين ته انڪار ڪيو، پر پوءِ خيال ڪيائين ته ’پنهنجيءَ تي اچي، زوريءَ هليون وڃن ته به آءٌ ڇا ڪري سگهندس!‘ تنهنڪري هنن جي محبت ۽ وفاداريءَ کي ياد ڪري، کلي خوش ٿي، موڪل ڏنائين. پرين شهزادي گل انداز کي موڪلائڻ ۾ هل پنهنجي وارن جون چڳون ڏيئي، کيس چيو ته ”اسان جي وارن مان ڪمان ٺاهي پاڻ وٽ رکي ڇڏ؛ جنهن مهل ضرور پويئي، ته رڳو ڪمان کي ڇڪ ڏجئين، ته هڪدم  اسين اچي حاضر ٿينديونسين!“ ائين چئي پريون موڪلائي وينديون رهيون، ۽ شهزادو موٽي محلات ۾ آيو. هن پنهنجي چريائيءَ واري حالت ۾ اڃا تائين ڪوبه ڦيرو ڪونه آندو هو؛ ان ڪري سندس سهرو هن کي ڏسي پيو سڙندو هو ته ’ههڙي ناٺيءَ کان ائين ئي ڀلي هئي!‘ ٻئي ٽئين ڏينهن، هو هلي، شهزاديءَ کان خبر چار وٺڻ ويندو هو. شهزادي به گل انداز جي انهيءَ روش کان ڪڪ ته ٿي پيئي هئي، پر دل تي پٿر رکي، هڪڙي ڏينهن بادشاهه کي سنئون سڌو ۽ صاف چئي ڏنائين ته ”بادشاهه سلامت! منهنجو مڙس چريو آهي يا کريو آهي، پر جي آهي ته اهو آهي؛ اوهان هن مان بيزار آهيو، پر آءٌ ته هن مان بيزار نه آهيان. هاڻي اڳتي جيئن وڻيو، تيئن وڃي ڪريو؛ پر مون کي وري ان باري ۾ ڪو اکر چيو اٿو، ته پاڻ کي اڳو پوءِ زهر ڏيئي ماري ڇڏينديس!“ تنهن تي بادشاهه کي لڳي خار، سو وزير کي چيائين ته ”وزير! ڪا اٽڪل ڪڍ ته جيئن هن چرئي مان جند به ڇٽي، بدنام به نه ٿجي، ۽ شهزاديءَ جو ساهه به سلامت رهي. لال به  لڀي ۽ پريت به رهجي اچي. يا ته هن کي ماڳهين مارائي ڇڏجي، يا وري شهر نيڪالي ڏجيس- پوءِ جيڪي ٿئي، تنهن کي ڏسي رهجي.“ اڃا انهيءَ ويچار ۾ هئا، ته هڪڙي ڏَن ڀَروءَ ملڪ جي بادشاهه جو ايچلي ڪچهريءَ ۾ آيو، جنهن پنهنجي بادشاهه جو پيغام آڻي پهچايو ته ”اسين هر سال اوهان کي ڏن ڀريندا هئاسين، مگر هن سال کان اسان ڏن نه ڏيڻ ۽ آزاد رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جيڪڏهن اوهان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهيو، ته اسين به تيار آهيون. ٻيءَ صورت ۾ پاڻ  اوهان کي صلاح ٿي ڏجي ته اسان کي ڏن ادا ڪريو، نه ته اسان جي طرفان هيءُ جنگ جو اعلان ڪري سمجهو!“ بادشاهه هن اوچتيءَ خبر ڪري ويچار ۾ پئجي ويو ته ’هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ جنگ ڪرڻ جي اسان ۾ طاقت ڪانه رهي آهي، ۽ آنڪي ڀري ڏيڻ ته هيڪاري بي عزتي آهي. هاڻي ڪجي، سو ڪجي ڇا!‘

اوڏيءَ مهل گل انداز به ڪچهريءَ ۾ آيو، ۽ بادشاهه کي پريشان ڏٺائين. پڇا ڪرڻ تي ساريءَ ماجرا کان واقف ٿيو. گل انداز يڪدم ڪچهريءَ ۾ اٿي بيٺو ۽ ايچليءَ کي چيائين ته ”پنهنجي بادشاهه کي وڃي چؤ ته ’ستن ڏينهن اندر ڏن ادا ڪري، نه ته ٻئي هفتي ۾ سندس ملڪ تي حملو ڪيو ويندو!‘“ بادشاهه، امير، وزير ۽ درٻاري سڀئي ماٺ ۾ اچي ويا ته گل انداز هي ڇا ڪيو؟ پاڻ ۾ سس پس ڪرڻ لڳا. بادشاهه وزير کان پڇيو ته ”هاڻي ڇا ٿيندو؟ وزير جواب ڏنو ته ”قبلا! ٿيندو وري ڇا؟ هاڻي ته پاڻ سولائي ٿي؛ جي گل انداز جنگ کٽي، ته فتح پنهنجي. جي هارايائين، ته يا مارجي ويندو يا قيد ٿيندو... ٻنهي حالتن ۾ گل انداز کان پنهنجي جند ڇٽي پوندي!“ بادشاهه وزير جي صلاح ٻڌي خوش ٿيو، ۽ گل انداز کي سڏي چيائين ته ”پٽ! تو ڏاڍو خراب ڪم ڪيو؛ سمجهين ٿو ته انهيءَ جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟“ گل انداز ورندي ڏني ته ”بادشاهه سلامت! نتيجو وري ڪهڙو نڪرندو؟ هڪڙو غلام ملڪ اسان کي هن طرح هيسائي ۽ ڏن گهري، تنهن کي اهڙي ته سزا ڏجي، جو سڄي ڄمار ياد ڪري!“ بادشاهه چيس ته ”ائين ته برابر آهي، پر ان جي مقابلي جي طاقت اسان ۾ ڪٿي آهي؟ نه آهي زر. نه لشڪر.“ گل انداز چيو ته ”انهن سڀني ڳالهين کان اوهين ڇٽل آهيو. اوهين جنگ واري ڏينهن کان فقط هڪڙو ڏينهن اڳ ڏسجو ته ڇا ٿو ٿئي.“  بادشاهه، گل انداز جي ڳالهه ٻڌي، حيران ٿي ويو ته هفتي ۾ ڪهڙي تياري ڪري سگهندو؟ پر وري وزير واري صلاح جو خيال ڪري، ماٺ ڪري ويهي رهيو. گل انداز جي وري به اها ئي ساڳي ڪار- نه ڪنهن سان ڳالهائي نه ٻولهائي! اِتي شهزادي ويچاري ڏاڍي پريشان ٿي ته ’خدا خير ڪري- ڪٿي شهزادي کي ڪجهه ٿي نه پوي!‘

جنگ کان هڪ ڏينهن اڳ بادشاهه گل انداز کي گهرائي چيو ته ”سڀاڻي جنگ جو نقارو وڄائڻو آهي. دشمن جو لشڪر منزل هڻي چڪو آهي!“ گل انداز شهر کان ٻاهر وڃي پرين جي وارن مان ٺهيل ڪمان کي ڇڪ ڏني، ته يڪدم چارئي پريون اچي حاضر ٿيون. هن پرين سان ساري حقيقت ڪئي. پرين کيس چيو ته ”اڄ رات وچ ۾، جنگ جي ميدان کان ميل اوري، هڪ هزار تنبو هڻائي ڇڏ؛ هر هڪ تنبوءَ ۾ کٽ، هنڌ ۽ پاڻي موجود هجي. صبح جو ڪوبه ماڻهو انهن تنبين جي ويجهو نه وڃي، نه ته مئو پيو هوندو؛ ڇو ته صبح سان ديون جو لشڪر هتي پهچي ويندو! تون پاڻ به انهن تنبن کان پري بيهي، ديون کي حڪم ڏج؛ ۽ ٻئي ڪنهن کي به تنبن ڏانهن وڃڻ نه ڏج.“ ائين چئي پريون وينديون رهيون. شهزادي گل انداز هڪ هزار تنبو جنگ جي ميدان کان اوري هڻائي، ان ۾ کٽون، هنڌ ۽ پاڻي رکيائي ڇڏيا، ۽ حڪم ڪيائين ته ”اڌ رات کان پوءِ اوڏانهن ڪير به نه وڃي، نه ته مئو پيو هوندو!“ اهو ٻڌي بادشاهه، وزير ۽ ٻين کي اچي کل ڇڙي ته ’هي آهي چريو، سو پاڻ سان گڏ اسان سڀني کي به مارائيندو.‘ خيال ڪيائون ته ’غنيم سان کڻي صلح ڪجي.‘ ٻئي ڏينهن جڏهن دشمن جو لشڪر سهي سنڀري ميدان ۾ آيو... ته هتان گل انداز جو اشارو ڏيڻ ۽ ديون جو مڇرجڻ. دشمن جي فوج ۾ ڌوڙيو مچائي ڏنائون، ۽ پنجن منٽن ۾ سڄو سپاهه مارجي وين. حملي آور بادشاهه ڏٺو ته الائي ڪهڙيون آفتون اچي لشڪر ۾ پيون آهن، سو به وٺي ڀڳو. هيڏانهن، جو هيءُ بادشاهه پنهنجي لشڪر سميت جنگ جي ميدان کان ٻه ميل پري، صلح جو جهنڊو کنيو بيٺو هو، ته جي گل انداز هارايو، ته اسين صلح ڪري جان بچائينداسون، سو ويچارو وائڙن وانگر، صلح جي جهنڊي سميت، ائين جو ائين رهجي ويو. ان وقت پريون به جنگ جو نظارو ڏسي رهيون هيون. گل انداز انهن کي چيو ته ”فتح ته برابر پنهنجي ٿي آهي، پر دشمن جي لشڪر جو بادشاهه اڃا گرفتار ٿيو ئي ڪونهي.“ تنهن تي پرين هڪڙي ديو کي سڏي، حڪم ڪيو، جو اوڏيءَ مهل دشمن جي بادشاهه کي صحيح سلامت پڪڙي گل انداز وٽ وٺي آيو.

جنگ کٽڻ کانپوءِ، گل انداز پنهنجي سهري بادشاهه کي چوائي موڪليو ته ”هاڻي منهنجو لشڪر شهر گهمڻ واسطي اچي ٿو، ۽ فتح جي خوشيءَ ۾ هنن لاءِ انعام جو بندوبست ڪيو وڃي!“ بادشاهه، ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، گل انداز جي لشڪر کي شهر گهمڻ جي موڪل ڏني. جنهن مهل ديو شهر ۾ گهڙيا، ان مهل هٽ تاڙ ٿي ويئي. ماڻهو ڀڄندا بادشاهه وٽ آيا ته ”هي آفتون شهر مان ڪڍو!“ بادشاهه جان کڻي نظر ڪري، ته مار رڳا ديو ئي ديو! اچي ڊپ ورايس، ۽ گل انداز کي چيائين ته ”ڌڻيءَ جي نالي هنن آفتن کي شهر مان ڪڍ، نه ته رعيت ڊپ ۾ مري ويندي!“ گل انداز چيو ته ”هنن مان هر هڪ ديو کي ڏيهه سير سونو نيئر ڳچيءَ ۾ پارايو، ته هليا وڃن!“ بادشاهه سڄي شهر جو سون گڏ ڪرايو، مگر انهيءَ مان رڳو هڪ سو ديون جي نيئرن جي پورت مس ٿي ٿي. نيٺ گل انداز ڇا ڪيو، جو ديون جي سردار کي هڪ مڻ تور جو يڪو سونو زنجير ٺهرائي ڏنائين، جنهن کان پوءِ سڀئي ديو چپ چاپ پنهنجي ملڪ هليا ويا.

شهزادو گل انداز انهن ڪمن کان واندو ٿي محلات ۾ آيو، جتي شهزادي ۽ بادشاهه سندس انتظار ۾ ويٺا هئا. هينئر هو چريو گل انداز ڪونه هو، پر حقيقي شهزادو پئي معلوم ٿيو. بادشاهه، گل انداز جي همت ڏسي، ڏاڍو خوش هو، ۽ شهزادي ته هونئن ئي گل انداز تان پنهنجو سر فدا ڪرڻ لاءِ تيار هئي. ٻئي ڏينهن، بادشاهه فتح جي خوشيءَ ۾ جشن ڪيو، گرفتار ٿيل بادشاهه کي گل انداز انهيءَ شرط سان معافي ڏني ته هو سال بسال باقاعدي ڏن ادا ڪندو رهندو. هن بادشاهه به اهو شرط قبول ڪري آڻ مڃي. انهيءَ فيصلي تي سڀني واهه واهه ڪئي، ۽ سڀئي گل انداز کي پنهنجي اکين ۾ جايون ڏيڻ لڳا.

ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد، گل انداز پنهنجي ملڪ موٽڻ جو ارادو ڪيو؛ ۽ پنهنجي راڻيءَ سان اها ڳالهه ڪيائين. راڻيءَ چيس ته ”آءٌ توسان ٻڌل آهيان؛ ڀلي بادشاهه سلامت کان موڪلاءِ ته هليا هلون.“ بادشاهه گل انداز جي موڪل گهرڻ تي ڏاڍو غمگين ٿيو، ۽ چيائين ته ”گل انداز، مون کي ٻيو ڪوبه اولاد ڪونهي، آءٌ هن وقت مرڻ ڪنڌيءَ تي آهيان، ۽ مرضي اٿم ته جيئري ئي حڪومت جون واڳون تنهنجي حوالي ڪري، عمر جا باقي ڏينهنڙا ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي خدا جي عبادت ڪريان.“ مطلب ته بادشاهه گهڻي ئي منٿون ڪيس، پر شهزادي وڌيڪ ترسڻ جي نه ڪئي؛ تنهنڪري بادشاهه لاچار ٿي، هنن کي اجازت ڏني. وڃڻ وقت، بادشاهه پاڻ گل انداز کي، سوکڙيون ۽ تحفا ڏيئي، هڪڙيءَ منزل تائين اُماڻڻ آيو. گل انداز جو هيءُ شاندار قافلو هلندو رهيو، ۽ چار ئي پريون ساڻس گڏ مٿان اڏامنديون آيون. هلندي هلندي، گل انداز کي ٻه شهزاديون اچي ياد پيون، جيڪي جادوگر وٽان قيد مان ڇڏايو هئائين. خيال ڪيائين ته انهن کي به هٿ ڪجي، سو منزلون ڪندو اچي ان شهر ۾ نڪتو، جتي اهي شهزاديون هيون. شهزاديون ويچاريون، جيڪي شهزادي گل انداز لاءِ سڪايل هيون. تن هن کي ڏسي روئي ڏنو، ۽ وڏي حب سان پاڻ وٽ رهائي خاطرداري ڪيائونس. آخر گل انداز هنن کان پڇيو ته ”اوهان جو ڪو مِٽ مائٽ هجي، ته ٻڌايو ته اوهان کي اتي رسائجي!“ شهزادين جواب ڏنو، ”شهزادا، اسان جو هاڻي وارث وسيلو سڀڪجهه تون آهين. اسان جا سڀ عزيز انهيءَ موذي ديو ماري ڇڏيا، جنهن کان تو اسان کي آزاد ڪرايو هو؛ تنهنڪري توکانسواءِ هاڻي اسين ڪيڏانهن وڃون؟ تنهنجو اسان تي احسان آهي، تنهنڪري توکان هڪ پل به جدا ٿيڻ نٿيون گهرون!“ اهڙين سڪ ڀرين ڳالهين مهاڙين کانپوءِ، گل انداز انهن کي ساڻ ڪري پنهنجي ملڪ روانو ٿيو.

ڪجهه ڏينهن جي مسافريءَ کانپوءِ، آرام ڪرڻ جي خيال سان، هڪڙي شهر ۾ ڪا جاءِ مسواڙ تي وٺي، پاڻ، راڻيءَ ۽ شهزادين سميت، اتي رهڻ لڳو، ۽ باقي سندس ماڻهو شهر جي ٻاهران رهڻ لڳا. هڪڙي ڏينهن، شهر ۾ گهمندي گهمندي، گل انداز هڪڙا ڇهه ماڻهو ڏٺا، جن جي مٿي تي ڪاٺين جون ڀريون هيون، سندن ڪپڙا ميرا ۽ ڏاڙهيون وڏيون ٿي ويون هيون. گل انداز کين سڃاڻي ورتو ته ’اهي ته منهنجا ڀائر آهن!‘ سو پنهنجن ماڻهن کي اشارو ڪيائين، جي کانئن ڪاٺين خريد ڪرڻ جي بهاني سان، هنن کي پنهنجي جاءِ تي وٺي آيا. اتي گل انداز ڇهن ئي ڄڻن کي چيو ته ”اوهين چور آهيو- جيڪڏهن سچي نه ڪندا، ته اوهان کي جيل ۾ وجهائبو!“ ويچارا ڇهه ئي ڄڻا اچي عاجز ٿيا، سو گل انداز کي روئي عرض ڪيائون ته ”سائين، نالي خدا جي ڪيئن به اسان جي جند آزاد ڪريو، اسين بي گناهه آهيون.“ شهزادي چين، ”چڱو، انهيءَ شرط سان معافي ملندؤ، جو اڄ کان پوءِ منهنجا غلام ٿي رهندؤ، ۽ منهنجي مهر توهان جي پٺن تي نشانيءَ طور هڻبي!“ ڇهن ئي ڀائرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ’اسان کي آخر به پنهنجي ملڪ وڃڻو آهي، ۽ هي سوداگر به انهيءَ ملڪ جو ٿو ڏسجي؛ تنهنڪري اسان کي به ضرور اوڏانهن وٺي هلندو. پنهنجي ملڪ ۾ پهچڻ کانپوءِ، هي سوداگر ڇا ڪري سگهندو؟‘ سو نيٺ گل انداز کي چيائون ته ”اسان کي اها ڳالهه منظور آهي.“ اتي، گل انداز پنهنجي منڊيءَ سان هر هڪ جي پٺيءَ تي مهر هنئي، ۽ هنن ڇهن ئي جي حوالي رات جو پهري جو ڪم مقرر ڪري ڇڏيائين، ۽ ماني جيڪا گل انداز پاڻ کائيندو هو، سا هنن کي ملندي هئي.

ڪجهه ڏينهن بعد، گل انداز اُتان ڪوچ ڪيو. پرين چيس ته ”شهزادا، تون پنهنجي ملڪ پهچي، پوءِ اسان کي گهرائج؛ هينئر اسان کي اجازت ڏي!“ پرين جي ڳالهه به عدولي ڪين سگهيو، سو کين وڃڻ جي اجازت ڏيئي، پاڻ اُٿي وري به پنهنجي وطن ڏانهن روانو ٿيو، ٻن ٽن منزلن بعد، هڪڙيءَ رات، گل انداز پنهنجي راڻين کي ٻڌايو ته ”اهي ڇهه ئي ڄڻا منهنجا ڀائر آهن!“ اتفاق سان گل انداز جي ڀائرن اهو ٻڌي ورتو- سي اندر ۾ سڙي ويا، ۽ پهه پچايائون ته ’ڪيئن به ڪري شهزادي کي ختم ڪجي!‘ ٻيءَ رات، گل انداز تي، اوچتو، ڇهن ئي گڏجي، حملو ڪيو، جنهنڪري کيس سخت زخم رسيا ۽ بيهوش ٿي ويو. شهزادي کي مئل ڄاڻي، ڀائر رات وچ ۾ گهوڙن تي چڙهي، اچي پنهنجي ملڪ کان نڪتا؛ ۽ ٺاهه ٺاهي پنهنجي پيءُ کي اچي ٻڌايائون ته ”اسين خواب جي تعبير لهي پئي آياسين ته واٽ تي گل انداز اسان کي ڦري ماري، پاڻ الائي ڪيڏانهن هليو ويو!“ ائين چئي، بادشاهه کي ڪوڙ بدوڙ ٻڌائي، خوش ٿي ويهي رهيا.

گل انداز جا زخم جڏهن ڇُٽا، ۽ هلڻ گهمڻ جهڙو ٿيو، تڏهن منزلون ڪري، اچي پنهنجي ملڪ ۾ نڪتو، ۽ شهر جي ٻاهران هڪڙي باغ ۾ منزل ڪري، پيءُ ڏانهن چوائي موڪليائين ته ”آءٌ خواب جو تعبير ڪري آيو آهيان- هاڻي فقط توهان جي حڪم جي دير آهي!“ بادشاهه، گل انداز جو نياپو ٻڌي، خوشيءَ ۾ نه ماپو. يڪدم پٽ سان اچي مليو، ۽ کيس چيائين ته ”ٻيون خبرون چارون پوءِ، پهرين خواب جو تعبير!“ شهزادو پيءُ سان ڏاڍي ادب سان پيرين پئي مليو، ۽ چيائينس ته ”بادشاهه سلامت! توهين درٻار ڪوٺايو، ته سڀ خواب جو تعبير ڏسن.“ بادشاهه جي حڪم سان اتي جو اتي درٻار لڳي ويئي. شهزادي ڇا ڪيو جو تنبوءَ ۾ وڃي ڪمان ڇڪيائين، ته چارئي پريون اچي حاضر ٿيون. تن کي چيائين، ”هينئر بادشاهه سلامت کي خواب جو تعبير ڏيکارڻو آهي؛ ان لاءِ اوهان کي تڪليف ڏني اٿم.“ پرين، وڏيءَ خوشيءَ سان هائوڪار ڪري، شهزادي کي اڳئين وانگر هدايتون ڏنيون. ان بعد ناچ گانو شروع ٿيو، ۽ گل انداز پاڻ وهنجي سهنجي، کير جهڙي اڇي صاف چادر ڍڪي، تلوار هٿ ۾ کڻي، هڪڙيءَ ڪرسيءَ تي ٿي ويٺو. جڏهن راڳ رنگ ۽ ناچ گانو اوج تي پهتو، تنهن وقت هڪڙي پري گل انداز جي ويجهو آئي، ۽ هن جي اڳيان ڪنڌ نمائي بيهي رهي. گل انداز هدڪم پنهنجي تلوار سان هن جي سسي لاهي ڇڏي. ماڻهو حيرت وچان ڏسڻ لڳا ته ههڙيءَ حسين عورت کي شهزادي ڇو ماريو؛ مگر خبر تڏهين پين، جڏهن ڏٺائون ته سامهون باغ جي وچ ۾ روپو ٿڙ ٺهيو بيٺو آهي! اهڙيءَ ريت، ٻيءَ پريءَ جي سسيءَ لهڻ تي سونا ڏار ٺهي پيا. وري ٽينءَ جو سر قلم ٿيو، ته جواهري پن جڙجي ويا؛ ۽ چوٿينءَ جي سسي لٿي، تڏهن ڏسن ته کڻي ’روپو ٿڙ‘ سونا ڏار، جواهري پن- لالون پيون لڙڪن؛ ٿڌڙي هير پئي لڳي، ۽ اهي ساڳيون چار پريون آهن، جي روئن به پيون ۽ لالون به پيون چونڊين!‘ بادشاهه پنهنجي خواب جو تعبير ڏسي خوشيءَ وچان بيهوش ٿي ويو. گل انداز ڊوڙي وڃي اٿاريس. بادشاهه جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن چيائين ته ”راڳ ناچ جو اهو لقاءُ آءٌ وري به ڏسندس!‘ گل انداز چيس ته ”جيئندا قبلا! اهو اوهين ڪنهن به وقت ڏسي سگهو ٿا، ڇو جو اهي چارئي پريون توهان جون نُهرون آهن، ۽ هميشه هتي ئي رهنديون!“

هاڻي، بادشاهه کي ڇهن پٽن جو خيال آيو، سو انهن کي گهرائي، چيائين ته ”توهان کي جيڪا به گل انداز خلاف شڪايت ڪرڻي هجي، سا هن جي روبرو ڪريو، ته ان جو هڪدم فيصلو ڪيو وڃي.“ ڇهن ئي ڀائرن، جو گل انداز کي ڏٺو، سي شرم ۾ ٻڏي ويا. مگر پيءُ جي آڏو، جا شڪايت ڪئي هئائون، سا به سچي ڪرڻي هيس. سو، پير ٻڌي، ڪوڙ تي محڪم بنجي رهيا؛ چي، ”اهو سڀڪجهه اسان جي محنت جو نتيجو آهي- گل انداز اسان سان دغا ڪري اسان کان  ڦري ويو آهي.“ گل انداز به ڀريءَ درٻار ۾ پنهنجن ڀائرن جي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ۽ آخر ۾ اُها منڊي به ڏيکاري، جنهن سان ڀائرن کي مهر هنئي هئائين. اها ڳالهه ٻڌي، ڇهن ئي ڀائرن کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيا، ۽ بادشاهه به سمجهي ويو ته واقعي گل انداز جيڪي چيو ٿي سو سچ هو. ان کانپوءِ ڏاڍي شان مان سان گل انداز کي ستن ئي راڻين سان شهر ۾ آندائون.

راوي هن طرح ٿا بيان ڪن ته ننڊ پري جنهن وقت سجاڳ ٿي، ته ڏسي ته سندس شال جي عيوض ٻي شال مٿانئس پيل آهي، جنهن تي گل انداز جو نالو لکيل هو. وري هٿ منهن ڌوئڻ مهل منڊيءَ تي اک پيس. جنهن تي پڻ گل انداز جو نالو اڪريل، ۽ سندس پنهنجي منڊي غائب! حيران ٿي ويئي ته هي شيون ڪيئن آيون؟ وري ياد آيس ته ”آءٌ ننڊ واري عرصي کان اڳ غسل ڪرڻ لاءِ حمام ۾ گهڙي هيس ۽ اتي ئي ننڊ کڻي ويئي هيم. پوءِ هنڌ تي ڪيئن پهتيس! آخر اهو ماڻهو ڪير آهي، جنهن پنهنجي محبت جون هي نشايون مون وٽ ڇڏيون آهن؟ بس، منهنجو سرتاج به هاڻي اهو ٿيندو.“ ننڊ پريءَ پوءِ ساري حقيقت پيءُ سان ڪئي ۽ چيائين ته ”بابا، منهنجو وارث اهو ئي ٿيندو، جيڪو مون وٽ پنهنجون نشانيون ڇڏي ويو آهي. تنهنڪري انهيءَ ماڻهوءَ جي ڳولا ڪنديس!“

ننڊ پري قافلو تيار ڪرائي، ٻه چار ديو پاڻ سان وٺي، گل انداز جي ڳولا ۾ نڪتي. جنهن به شهر ۾ ويندي هئي. اتي وڃي پڙهو ڏياريندي هئي ته ’ننڊ پري انهيءَ ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ نڪتي آهي، جيڪو ننڊ ولايت ۾ پنهنجون نشانيون ڇڏي آيو آهي؛ هاڻي جيڪو به ماڻهو پار پتا ڏيندو، اهو ننڊ پريءَ جو سڱ ماڻيندو!‘ پڙهو گهمارائي، ٻه ٽي ڏينهن ان شهر ۾ رهندي هئي، ۽ جڏهن ڪوبه اهڙو ماڻهو ملاقات لاءِ نه ايندو هو، تڏهن ٻئي شهر ڏانهن ڪوچ ڪندي هئي. اهڙيءَ طرح شهر بحر، ديس بديس گهمندي ڦرندي، پڇا ڳاڇا ڪندي رهي. نيٺ هڪڙي ڏينهن، گل انداز جي شهر ۾ اچي پهتي. اتي به اهڙيءَ طرح پڙهو ڏياريائين. ڪيئي ماڻهو ويا، پر ڏسي ڏسي، پري کان ئي موٽي ٿي آيا. جيڪو ويجهو وڃي، سو رڳو ديون جون صورتون ڏسي واپس موٽيو اچي. اها ڳالهه گل انداز جي به ڪن تي پيئي؛ تنهن ڇا ڪيو، جو ننڊ پريءَ واري شال ۽ منڊي کڻي، سڌو ننڊ پريءَ جي تنبوءَ ڏانهن رخ ڪيائين. تنبوءَ جي اڳيان ٻه ديو ويٺل هئا، تن وٺي کيکڙاٽ ڪيا، مگر هن جوان ڪوبه خيال نه ڏنن، ۽ سڌو ننڊ پريءَ جي تنبوءَ جي در تي اچي بيٺو. ننڊ پريءَ به شهزادي کي پري کان ئي ڏسي، سهي ڪيو ته ’آهي نه آهي، اهو ئي شخص آهي، جو ديون کان به ڪونه ڊنو آهي؛ شايد هن جو اڳيئي ديون سان واسطو پيل ٿو ڏسجي. آءٌ به ڪيترائي ملڪ گهمي آئي آهان، پر ڪوبه ماڻهو رڳو منهنجي در تائين به نه پهتو آهي؛ تنهنڪري لاشڪ گل انداز اهو ئي آهي!“ پريءَ گل انداز کي اندر گهرائي چيو ته ”مون کي پڪ آهي ته جنهن ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ آءٌ نڪتي آهيان، سو تون ئي آهين. پر شڪ دور ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پڪ ڪنديس؛ هاڻي جي تون ئي آهين، ته ڪي نشانيون ڏي!“گل انداز شال ۽ منڊي ڪڍي ڏيکاريس؛ جي ڏسي، ننڊ پريءَ کي پڪ ٿي ويئي. پوءِ شهزادو پريءَ کي وٺي شهر ۾ آيو، ۽ اعلان ڪيائين ته ”ننڊ پريءَ سان اسان جي لاڏ ڪوڏ واري شادي شاهاڻي شان مان سان ٿيندي!“ شاديءَ واري ڏينهن رستن تي فرش فروش، گلم غاليچا وڇائجي ويا. رات مان ڏينهن ٿي ويو. گهر گهر ۾ بادشاهي حڪم پهتو ته ”ستن ڏينهن تائين ڪوبه ماڻهو پنهنجي گهر باهه نه ٻاري- انهن کي گهر ويٺي کاڌو ملندو.“ گل انداز لاءِ هيرن جواهرن جو جهلڪيدار وڳو تيار ٿي ويو. سرگس ۾ روپا ۽ سونا ڦل گهور پيا، جي غريب چونڊي امير ٿي ويا. گل انداز پنهنجي اٺينءَ راڻيءَ، ننڊ پريءَ، کي به وٺي، انهيءَ محلات ۾ اچي رهيو، جتي چئن راڳ راڻين سميت سندس ست راڻيون اڳيئي هيون.

بادشاهه هاڻي ٻڍو ٿي چڪو هو، سو جيئري ئي پنهنجو تخت ۽ تاج ننڍي پٽ گل انداز جي حوالي ڪري، پاڻ محلات ۾ ويهي، خدا جي عبادت ڪرڻ لڳو... ۽ گل انداز به باقي عمر امن امان، عدل انصاف ۽ عيش آرام سان گذاري. لھ

- جهڙا ميلا انهن سڀني جا ٿيا، تهڙا شل جڳ جهان جا ٿين، ۽ اسان سڀني جي عمر به شال انهن وانگر امن امان، عدل ۽ انصاف ۽ سک آرام سان گذري- آمين!

 

●●●

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org