سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون -1

باب: -

صفحو :17

 

آفيمي بادشاهه

هڪڙو بادشاهه هو، جنهن کي آفيم کائڻ جي ڏاڍي عادت هئي. هڪڙي ڏينهن سندس وزير عرض ڪيو ته ”بادشاهه سلامت! گستاخي معاف ٿئي، ته ڪجهه عرض ڪريان.“ بادشاهه چيس ته ”چؤ!“ وزير چي ته حضور جن آفيم واپرائين ٿا، جو سراسر خراب آهي؛ ۽ انهيءَ جو نتيجو به خراب نڪرندو؛ سو ڪيئن، جو توهان دشمن ۽ دوست کي ڪونه سڃاڻيندؤ، ڪوڙ ڳالهائڻو پوندو، ۽ چوري ڪندؤ.“ بادشاهه حيران ٿي ويو، ۽ وزير کي چيائين ته ”اڙي وزير، اڄ وري اها ڪهڙي نئين ڳالهه پيو ڪرين!“ آءٌ آفيم ته روز پيو کاوان؛ سو اچي اچي، اڄ ڪيئن ٿو چوين ته آءٌ دوست دشمن ڪين سڃاڻيندس چوري ڪندس ۽ ڪوڙ ڳالهائيندس؟“ وزير چيو ته ”بادشاهه سلامت جيئن آءٌ چوان ٿو، تيئن ٺيڪ آهي.“ ڪجهه ڏينهن مهلت ڏيو، آءٌ جيڪي چوان ٿو، سو اوهان کي ثابت ڪري ڏيکاريندس.“

ٻن چئن ڏينهن کانپوءِ، بادشاهه کي شڪار جو خيال ٿيو، سو هڪڙي ڏينهن پنهنجي ساٿ سميت اٿي شڪار تي روانو ٿيو. هلڻ کان اڳ بادشاهه هڪ شرط وڌو ته ”شڪار جنهن جي منهن ۾ نڪتو، اُهو ئي انهيءَ شڪار پٺيان ويندو، ۽ جي شڪار نه ڪيائين، ته پوءِ اُن کي سزا ڏني ويندي.“ سڀني اها ڳالهه قبول ڪئي، ۽ پوءِ ڊنبلي جو ڊنبلو گهوڙا ڊوڙائيندو اچي شڪار گاهه ۾ رسيو، ٿورو ئي اڳتي وڌيا، ته اچي هڪڙي گهاٽي جهنگ ۾ پهتا. اوچتو اوچتو، هڪ سونن سڱن وارو هرڻ ڇلانگ ڏيئي، بادشاهه جي سامهون آيو ۽ ڪيل شرط موجب بادشاهه پنهنجو گهوڙو هرڻ پٺيان ڇڏيو. اڳيان هرڻ پٺيان بادشاهه- ڊوڙندي ڊوڙندي، ڳچ دير کانپوءِ بادشاهه ٿوري اُڃ محسوس ڪئي... پر وچ واري شرط جي يادگيري پيس، ته وري کڻي گهوڙي جو لغام ڍرو ڪيائين. ايتري ۾ هرڻ ٽپ ڏيئي هڪ گهاٽي ٻوٽي جي پٺيان گم ٿي ويو، ۽ بادشاهه ششدر ٿي بيهي رهيو. اوسي پاسي نظر ڪيائين ته ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيس، اُڃ به اچي ڏاڍي ستايس. ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيو. نه ساٿ نه سنگت، ڪري سو ڪري ڇا. آخر هانو جي ٻل تي، آهستي هستي وڌي اڳتي هليو. ٿوري پنڌ کانپوءِ هن کي پريان هڪ ٻڪرار ويٺل نظر آيو، جنهن وٽ پاڻيءَ جي کلي هئي. بادشاهه ٻڪرار کي چيو ته ”اي ٻڪرار، مون کي پاڻي ڏي!“ ٻڪرار بادشاهه کي سڃاتو ڪونه، ۽ پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. بادشاهه ٻڪرار کان کليءَ ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻڪرار کلي اڳ ۾ ئي کولي، پاڻي هاري ڇڏيو. بادشاهه پوءِ نااُميد ٿي اڳتي هليو، ته وري به ساڳيو هرڻ ڏٺائين. بادشاهه وري به پٺيان پيس ۽ هرڻ ٽهي اٿي ڀڳو... پر بادشاهه تير هڻي هرڻ کي منڊو ڪري وڌو ۽ پوءِ گهوڙي کي ڊوڙائي، وڃي هرڻ کي جهليائين، ۽ ان کي کڻي اچي هڪڙي وڻ جي هيٺان ويهي رهيو. بادشاهه جو هڪ طوطو هو، جو بادشاهه جو سڄڻ هو، ۽ بادشاهه سان گڏ مٿي اڏامندو پئي آيو- تنهن کي هن سڏي پنهنجي ڀرسان ويهاريو. اوچتو مٿان وڻ مان پاڻيءَ جي ڦڙن وانگر ڪجهه ٽمڻ لڳو. بادشاهه وڻ جي پن ۾ ڦڙو ڦڙو گڏ ڪري پيئڻ ٿي چاهيو. ٽي دفعا هن ڪوشش ڪئي، پر ٽيئي دفعا طوطي ڀڙڪو ڏيئي اهو پاڻي هاري ڇڏيو. بادشاهه کي به لڳي ٿي ڪاوڙ، سو منڍيءَ کان وٺي جو مَروٽو ڏنائينس، ته سسي وڃي پري پيس. نراس ٿي ُاتان به اُٿيو.

ٿوري پنڌ کان پوءِ، هن کي هڪ فقير جو آستانو نظر آيو، ۽ اوڏانهن تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي ويو. فقير ويو هو پاڻي ڀرڻ، سو به پريان پيئي آيو. پنهنجي جهوپڙيءَ وٽ هڪ مسافر ڏسي ان جو آڌرڀاءُ ڪيائين ۽ پاڻي به پياريائينس، ۽ چيائينس ته ”آفيم به کائيندو آهين؟“ بادشاهه چيو: ”هائو.“ فقير چيس: ”وٺ دٻلي، جيترو کائيندو آهين، ايترو کاءُ، ۽ ٻيو اتي رک ته آءٌ ٻاهران ٿي ٿو اچان.“ بادشاهه ڇا ڪيو جو کائڻ جيترو کائي، ٻيو اوترو کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين- جو فقير ڏسي ورتو،جنهن چيس ته ”مون توکي کائڻ لاءِ ڏنو هو، نه چوري ڪرڻ لاءِ!“ بادشاهه پڪو منهن ڪري چيس: ”مون چوري ڪانه ڪئي آهي.“ انهيءَ سوال جواب ۾ هئا؛ ته وزير به اچي نڪتو؛ جنهن فقير کان پڇيو ته ”ڇا ڳالهه آهي؟“ فقير ساري حقيقت ڪري ٻڌايس، ۽ بادشاهه جي کيسي مان آفيم ڪڍي ڏيکاريائينس. اتي وزير بادشاهه سلامت کي پنهنجي ڳالهه ياد ڏياريندي چيو ته ”بادشاهه سلامت! مون اوهان کي چيو هو ته آفيم کائڻ سان ٽي ڳالهيون ڪندا، جي ٽيئي اوهان ڪيون. چڱو هاڻي ٻڌايو ته توهان جو  سڄڻ طوطو ڪٿي آهي؟“ بادشاهه چيس ته ”اهو وڻ هيٺان ماري ڇڏيم.“ وزير چيس ته اهو وڻ ڪٿي آهي، مون کي ته ڏيکاريو!“ بادشاهه اهو وڻ ڏيکاريس، جنهن جي چوٽيءَ تي ارڙ بلا کي ڪنهن ماري ڇڏيو هو- تنهن جو زهر پئي اتان ٽميو. وزير چيو ته ”طوطي توهان کي اهو پاڻي پيئڻ نه ڏنو، جو ڏٺائين پئي ته اهو زهر آهي- پر اوهان ان سڄڻ کي نه سڃاتو، ۽ اُن کي ماري وڌو.“ بادشاهه کي وزير جون ٽيئي ڳالهيون دل سان لڳيون ۽ ڏاڍو افسوس ڪيائين.

آخر پنهنجو جهليل سونن سڱن وارو هرڻ کڻي، منزل ڏي موٽيا، رستي تي هڪ ٻي بادشاهي پين، جتي جي شهزاديءَ جڏهن بادشاهه وٽ هرڻ ڏٺو، تڏهن يڪدم ٻانهيءَ کي چيائين ته ”انهيءَ ماڻهوءَ سان آءٌ شادي ڪنديس- انهيءَ وٽ منهنجو پيارو هرڻ آهي!“ پوءِ ٻنهي جي شادي ٿي، ۽ بادشاهه راڻيءَ کي وٺي موٽي آيو، ۽ ٻيئي اچي خوشيءَ ۾ حياتي گذارڻ لڳا... ۽ پوءِ بادشاهه آفيم کائڻ ڇڏي ڏنو.

 

●●●

 

سياڻو بادشاهه

 

هڪڙو شخص هو، جنهن وٽ بيشمار ڌن دولت هئي، هن کي چار پٽ هئا. هڪڙي ڀيري هو سخت بيمار ٿيو ۽ گهڻا ئي علاج ڪرايائين، پر فائدو بنهه ڪونه ٿيس. جڏهن بچڻ محال ڏٺائين، تڏهن خيال ٿيس ته مون وٽ جيڪا به ملڪيت آهي، سا هينئر ئي ڇوڪرن ۾ ورهائي ڇڏيان، متان منهنجي مرڻ کانپوءِ، پاڻ ۾ وڙهي بڇڙا نه ٿين، اهو خيال ڪري هن چار ديڳڙا گهرايا، ۽ پنهنجي ملڪيت جا حصا ڪيائين.... ۽ ڪجهه هڪڙي ۾، ڪجهه ٻئي ۾- اهڙيءَ طرح چئن ئي ديڳڙن ۾ ڪجهه نه ڪجهه وجهي، چارئي ديڳڙا جدا جدا پنهنجي کٽ جي چئن پاون هيٺان پورائي ڇڏيا.

جڏهن سڪرات جو وقت آيس، تڏهن چئن ئي پٽن کي سڏائي چيائين ته ”بابا! ڌن دولت اهڙي شيءِ آهي، جنهن تان هميشه خون خرابا ٿيندا آهن. مون پنهنجي سموري ملڪيت چئن ڀاڱن ۾ ورهائي آهي ۽ چار ئي حصا الڳ پنهنجي کٽ جي چئن پاون هيٺان پورائي ڇڏيا آهن، مون لاءِ اوهان چارئي اکين جي تارن جيان آهيو... پنهنجي ملڪيت جو مون ڪوبه حصو گهٽ وڌ ڪونه ڪيو آهي... تنهنڪري اوهان مان هر هڪ، منهنجي روبرو کٽ جو هڪ هڪ پائو پنهنجو پنهنجو ڪري ڇڏي، ۽ منهنجي مرڻ کانپوءِ اُن جي هيٺان جو ڪجهه پوريل هجي، سو کوٽي کڻي.“ ڇوڪرن پيءُ جي اها ڳالهه قبول ڪئي... ۽ پکا وجهي، هر هڪ پنهنجو پنهنجو پائو مقرر ڪري ڇڏيو.

جڏهن شاهوڪار مئو، تڏهن چئن ئي ڀائرن کٽ جي پنهنجي پنهنجي پائي هيٺان زمين کوٽي، ڌن جا ديڳڙا ٻاهر ڪڍيا... ڇا ڏسن ته هڪڙي ديڳڙي ۾ هيرا جواهر رکيا آهن، ٻيو سون سان ڏٽيو پيو آهي... ۽ ٽئين چوٿين ۾ ڪجهه به ڪونهي- هڪڙي ۾ رڳو ٻڪ مٽيءَ جو پيو آهي، ۽ ٻئي ۾ ٻه چار سڪل هڏيون رکيون آهن! جن ڇوڪرن کي هيرن جواهر ۽ سون چانديءَ جا ديڳڙا هٿ آيا، اهي ته ڏاڍا خوش ٿيا، باقي ٻن ڇوڪرن کي، جو مٽيءَ ۽ هڏن جا ديڳڙا مليا، سو سخت ناراض ٿيا، ۽ ڀائرن کي چيائون ته ”هن ڌوڙ ۽ هڏين کي ڇا ڪنداسين! اسين اصل ملڪيت مان ضرور حصا وٺنداسين.“ انهيءَ تي هنن چين ته ”بابو هٿن سان ملڪيت ورهائي ويو، ۽ اوهان پاڻ اها ملڪيت قبول ڪئي هئي، ۽ پنهنجي خوشيءَ سان پنهنجا پاوا مقرر ڪيا... هاڻي ڇا ٿيندو؟“ آخر هنن جو تڪرار وڌڻ لڳو ۽ ڳالهه چئن چڱن تائين ويئي؛ پر چڱا به ڪنهن فيصلي تي پهچي ڪين سگهيا، ۽ چيائون ته ”ان ۾ ڪو راز رکيل آهي، تنهنڪري ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ کان نياءُ ڪرايو.“ سڀئي ڀائر ان تي راضي ٿيا، ۽ ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ جي ڳولا ڪيائون، پر ڪوبه ڏاهو ماڻهو ڪونه ملي سگهين، جو ڪو نبيرو ڪري سگهي. تڏهن لاچار چارئي گڏجي، ملڪ جي بادشاهه وٽ انصاف لاءِ ويا.

جڏهن بادشاهه جي شهر کي ويجهو پهتا، ته پريان شهزادو گهوڙي تي ايندو ڏسڻ ۾ آين. هنن اڳتي وڌي، شهزادي کان بادشاهه جي پڇا ڪئي، جنهن چيو ته ”بادشاهه ويٺو ته آهي، پر چريو ٿيو ويٺو آهي...“ اها ڳالهه ٻڌي، هنن سڀني کي عجب لڳو، ۽ خيال ڪيائون ته موٽي هلون پر وري رڙهي اڳتي وڌيا، ۽ وڃي محلات وٽ پهتا. اتي هنن کي شهزادي ملي، جنهن ٻڌاين ته ”بادشاهه ويٺو ته آهي، پر انڌو ٿيو ويٺو آهي...“ ان ڳالهه به هنن ڀائرن کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو. خيال ڪيائون ته ڪو مڙيوئي راز آهي، اڃا ڪجهه اڳڀرو وڌيا ته، راڻي دريءَ ۾ بيٺي هئي، پڇا ڪرڻ تي راڻيءَ ٻڌاين ته ”ٻارنهن مهينا ٿيا، جو بادشاهه گذاري ويو...“ راڻيءَ جي جواب ته هنن کي ويتر منجهائي ڇڏيو. نيٺ گهڻيءَ پڇا ڳاڇا مان معلوم ٿين ته بادشاهه سلامت واقعي موجود آهي- ۽ هي چارئي ڀائر پوءِ بادشاهه جي درٻار ۾ پهچي ويا، ۽ بادشاهه کي فيصلي ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائون.

بادشاهه هنن جي ڳالهه ٻڌي، پهرين ته ڪجهه خيال ۾ پئجي ويو، پر پوءِ ڳجهارت کي سلي چيائين ته ”اوهان جو پيءُ بلڪل پورو فيصلو ڪري ويو آهي هيرن جواهرن وارو ڀلي هيرا جواهر کڻي، ۽ سون وارو سون کڻي- باقي جنهن کي مٽيءَ جو ديڳڙو مليو آهي، سو پيءُ جي زمين سنڀالي، ۽ جنهن کي هڏيون هٿ آيون آهن سو چوپائي مال جو مالڪ ٿئي.“ بادشاهه جو اهو فيصلو ٻڌي، چارئي ڀائر ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ بادشاهه جا لکين شڪرانا بجا آندائون. پر وڃڻ وقت بادشاهه کي عرض ڪيائون ته ”بادشاهه سلامت، جي اجازت ملي، ته هڪ ٻيو به عرض پيش ڪريون...“ بادشاهه هنن کي موڪل ڏني ۽ هنن مان هڪڙي ادب سان عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا! اسين جڏهن حضور جن ڏانهن پئي آياسين، تڏهن پهريائين شهزادو گڏيو، جنهن چيو ته ’بادشاهه ويٺو ته آهي، پر چريو ٿيو ويٺو آهي!‘ وري ڪجهه اڳڀرو آياسون، ته شهزادي ملي، جنهن ٻڌايو ته ’بادشاهه ويٺو ته آهي پر انڌو ٿيو ويٺو آهي!‘ وري اڃا اڳتي آياسين ته راڻي ملي، جنهن چيو ته ’ٻارهن مهينا ٿيندا، جو بادشاهه گذاري ويو!‘ پر جڏهن اسين هتي پهتاسون، ته ڏٺوسين ته سائينءَ جن سلامت ويٺا آهن! آخر هنن جي اهڙين ڳالهين جو ڪهڙو مطلب هو؟“

انهيءَ تي بادشاهه چيو ته ’انهن ٽنهي سچ چيو، پر اوهان هنن جي ڳالهه نه سمجهي. شهزادي، جو چيو ته ’بادشاهه چريو ٿيو ويٺو آهي.‘ ان جو مطلب هيءُ هو ته آءٌ اڃا هن جي شادي ڪرڻ نٿو گهران، ۽ چاهيان ٿو ته ڀلي ته پڙهي ۽ زياده علم حاصل ڪري... ته پوءِ شادي ڪرايانس؛ پر شهزادو سمجهي ٿو ته ’آءٌ بالغ اچي ٿيو آهيان، ته به بابو شادي نٿو ڪرائي- شايد سمجهي نٿو... تنهنڪري چريو آهي.‘  شهزاديءَ جو چيو ته  ’باشاهه انڌو ٿيو آهي‘، ان جو مطلب هيءُ ته شهزادي سمجهي ٿي ته ’آءٌ سورنهن سالن جي اچي ٿي آهيان- بادشاهه مون کي روز ڏسي ٿو.... پر اُن هوندي به، منهنجي شادي نٿو ڪرائي!‘ حقيقت ۾ مون کي ڪو اهڙو لائق ور ۽ گهر نٿو سُجهي، جو شهزاديءَ کي پرڻايان... تنهنڪري سمجهي ٿي ته ’بادشاهه انڌو آهي.‘ وري راڻيءَ، جو چيو ته ’بادشاهه ٻارنهن مهينا اڳ مري ويو.‘ تنهن جو مطلب هيءُ هو ته اڄ برابر ٻارنهن مهينا ٿيا آهن، جو بادشاهي ڪمن جي تڙ ڀيڙ ڪري، آءٌ هڪ ساعت لاءِ به راڻيءَ سان ملاقات نه ڪري سگهيو آهيان... تنهنڪري هوءَ سمجهي ٿي ته ’بادشاهه مري ويو آهي.‘“

اها ڳالهه ٻڌي، ۽ پنهنجو انصاف ٿيندو ڏسي، اهي چارئي ڀائر بادشاهه جي عقل ۽ دانائيءَ جي ساراهه ڪرڻ لڳا، ۽ دعائون ڪندا، اچي گهر پهتا، ۽ پاڻ ۾ مٺ محبت سان گذارڻ لڳا.

 

●●●

 

ولايت شاهه

هڪڙو هو بادشاهه، جو پنهنجيءَ راڻيءَ سان گڏ محلات ۾ ويٺو هو، ته اوچتو اچي سندن مٿان ٻه وڏا پکي لانگهائو ٿيا، بادشاهه راڻيءَ کان پڇيو ته  ”اهي ڪهڙا پکي هئا؟“ راڻيءَ جواب ڏنو ته ”سائين! اهي هئا هنج پکي!“ بادشاهه چيس ته ”نه، اهي هئا مور پکي!“ راڻيءَ کي هئي خاطري، سو چيائين ته ”بادشاهه سلامت! جي هنج پکي نه هوندا، ته آءٌ هن محلات مان نڪري وينديس!“ بادشاهه ٻانهين کي حڪم ڏنو ته ”ڏسي اچو ته اهي ڪهڙا پکي هئا.“ ٻاهر نڪري انهن ڏٺو ته برابر هنج هئا، مگر بادشاهه جي خوف ۽ خوشامد جي ڪري، ڪوڙ هڻي چيائون ته ”سائين! برابر مور آهن، ۽ سرڪار جو چوڻ سچو آهي.“ جنهن تي بادشاهه راڻيءَ تي اچي ڪاوڙيو، ۽ چيائينس ته ”جيڪي پاڻ سان کڻڻو اٿئي، اهو کڻ ۽ محلات مان نڪري وڃ.“

راڻي، آسرو الله جو ڪري، ڪجهه کڻڻ جهڙيون شيون کڻي، فقيراڻو ويس ڪري، اُٿي هلي، هلندي هلندي، اچي ڪنهن ٻئي بادشاهه جي بادشاهيءَ ۾ پهتي، ۽ هڪ وڻ جي هيٺان اچي منزل ڪيائين اتفاقاً انهيءَ وقت بادشاهه جا ماڻهو به اُتي آيا، ۽ هن جو حسن جمال ڏسي، حيرت ۾ پئجي ويا، ۽ وڃي بادشاهه کي ٻڌايائون. بادشاهه وزير کي موڪليو ته وڃي ڏسي، ۽ اچي احوال ٻڌائي. وزير هن سان اچي مليو، ۽ حال احوال پڇيائينس، راڻيءَ چيو ته ”آءٌ فقيرياڻي آهيان.“ ۽ وزير کان پڇيائين ته ”ڀلا هتي جي بادشاهه جو نالو ڇا آهي؟“ وزير وراڻيو ته ”هن ملڪ جي مالڪ جو نالو آهي عزت شاهه بادشاهه، ۽ آءٌ سندس وزير آهيان.“ پوءِ وزير وڃي سندس سونهن ۽ سوڀيا جو احوال بادشاهه کي ڏنو. بادشاهه کيس حڪم ڪيو ته ”انهيءَ عورت کي عزت سان وٺي اچ، ۽ محلات جي هڪ حويليءَ ۾ آڻي رهاءِ!“ بادشاهه جي حڪم موجب، وزير هن کي آڻي محلات ۾ رهايو، ۽ پوءِ هوءَ پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن خير سان اُتي ڪاٽڻ ۽ گذارڻ لڳي.

راڻيءَ کي هو حمل، سو ٿوري گهڻي ڏينهين کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو رکيائين ”ولايت شاهه.“ ڇوڪر اڄ ننڍو سڀان وڏو، اچي ٻاهر گهمڻ ڦرڻ ۽ راند روند ڪرڻ لڳو. هڪڙي ڏينهن وزير جي نظر مٿس پئجي ويئي، ۽ کانئس پڇڻ لڳس ته ”ڇوڪرا، تون ڪنهن جو پٽ آهين؟“ ڇوڪر اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو، ۽ وڃي ماءُ سان ڳالهه ڪيائين. وزير کي هئي شادي ڪرڻ جي اون، ڇو ته اُنهن ڏينهن ۾ سندس گهر واري گذاري ويئي هئي؛ سو جاچ مان پتو پيس ته اهو منهن ملوڪ نينگر انهيءَ فقيرياڻيءَ جو پٽ آهي، جنهن کي پڻ بادشاهه وٺي آيو هو. پوءِ، ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان، فقيرياڻيءَ وٽ اچڻ وڃڻ لڳو ۽ ڇوڪر سان پڻ پيار ۽ محبت ميٺ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو.

ڇوڪر سهي ڪيو ته وزير جي دل ۾ مڙيوئي ڪجهه کوٽ آهي، ۽ خود هن جي ماءُ به ڳالهه کي سمجهي ويئي، پر لاچاريءَ جي ڪري زماني سارو دل جي دل ۾ رکي، ٻيئي ماءُ پٽ وزير سان ڳالهائيندا ٻولهيندا رهيا.

هڪڙي ڏينهن، وزير ان نينگر کي ساڻ ڪري، جهاز ۾ چڙهي، ڪنهن سفر ۾ ويو. نينگر کي اچي شڪ جاڳيو ته ’هيءُ وزير منهنجي جان جو گهوريو آهي.‘ سو، هڪ ڏينهن جهاز اچي ڪٿي لنگر ڪيو، ته نينگر پنهنجي خيال سان هيٺ لهي، وڃي اُتي جي وڻن جي هڪ گهاٽي جهڳٽي ۾ لڪي ويٺو. ايتري ۾، کيس اندر هڪ ڦٽل کوهه ۾ سوجهرو ڏسڻ ۾ آيو. جان کڻي چتائي نهاري، ڏسي ته اندر ڪي عجيب قسم جا ماڻهو آهن، جي ويٺا ٿا ڍاري راند ڪن. ماڻهن، جو هن کي ڏٺو، سو وٺي ڀڳا ۽ اُتي جو اُتي ڪيڏانهن گم ٿي ويا؛ ۽ نينگر يڪدم اندر وڃي، اُهي ڍارا کڻي آيو، ۽ اچي وزير کي ڏنائين. وزير، اهي ڍارا ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ سفر کان موٽڻ تي اچي بادشاهه جي اڳيان نذر رکيائين، ۽ بادشاهه اُهي ڍارا اچي پنهنجي راڻيءَ کي ڏنا. راڻيءَ ڍارن کي ڏسي، چيو ته ”مون کي ستن سهيلين لاءِ اهڙا ست ڍارا ۽ ست چؤپڙيون گهرجن، ۽ ضرور گهرجن.“ بادشاهه پنهنجي راڻيءَ کي راضي رکڻ لاءِ، وزير کي حڪم ڪيو ته ”يڪدم اهڙا ست ڍارا ۽ ست چؤپڙيون آڻ، نه ته توکي گهاڻي ۾ پيڙايو ويندو!“

وزير، مٰنجي اونڌي ڪري، اچي گهر سمهي پيو، نينگر، جو وڃي هن جو هيءُ حال ڏٺو، سو کيس چيائين ته ”وزير سائين! اهو ڪم آسان آهي. اوهان اڳي وانگر جهاز وري انهيءَ منزل تائين ڪَهرائي هلو، ته آءٌ ٿو اهي ست ڍارا اوهان کي پيدا ڪري ڏيان.“ وزير يڪدم بادشاهه کان موڪلائي، جهاز ڪهرائي، اچي اُنهيءَ ساڳيءَ جاءِ تي لنگر هنيو. نينگر جهاز تان لهي انهيءَ کوهه وٽ آيو، ته ساڳيءَ طرح کيس سوجهرو ڏسڻ ۾ آيو؛ ۽ هيٺ وڃي ڏٺائين ته هڪ گهاڻو آهي، جو جادوءَ جي زور تي پيو هلي. اڃا اڳتي ويو، ته کيس هڪ شهر ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ۾ هڪ به ماڻهو نه هو. اتي هڪ گنبذ واري جاءِ ڏٺائين، ۽ اُن ۾ هڪ نهايت سهڻي ۽ ملوڪ عورت ڏٺائين، جا اُبتي ٽنگي پيئي هئي، ۽ مئي پيئي هئي، وڌي وڃي اُن کي هيٺ لاٿائين، ۽ سبتو ڪري اڃا پلنگ تي ليٽايائينس ئي ڪونه، ته عورت اُٿي ويهي رهي، ۽ هن کي پنهنجي سامهون ڏسي، حيرت ۾ پئجي ويئي، ۽ پڇيائينس ته ”تون ڪير آهين، ۽ هتي ڪيئن آيو آهين؟“ هن سمورو احوال ڪري ٻڌايس، جنهن تي انهيءَ عورت چيس ته ”هتي هڪ برڙ باڪاس رهندو آهي، ۽ هيءَ سندس جوءِ آهي: هي سڄو شهر، جو  ڀڙڀانگ پيو آهي، سو به هن برڙ باڪاس کائي کپائي ڇڏيو آهي. اصل ته مان شهزادي آهيان، پر مون کي، زوريءَ کڻي آڻي هتي قيد ڪيو آهي، ۽ ڏينهن جو مون تي جادو ڪري، جيئن ڏٺئي تيئن هن گنبذ ۾ ٽنگي هليو ويندو آهي، ۽ رات جو اچي مون کي اتان لاهي سجاڳ ڪندو آهي.“ اهو ٻڌي، نينگر چيس ته ”ڪو فڪر نه ڪر، تون فقط ايترو ڪر، جو جڏهن اُهو اچي، ته کانئس ’پڇج ته تنهنجو ساهه  ڇا ۾ آهي؟‘ تنهن کانپوءِ برڙ باڪاس جي اچڻ جي مهل ٿي، ۽ ولايت شاهه هڪڙي هنڌ وڃي لڪي ويهي رهيو.

ايتري ۾، واءُ ۽ طوفان اچي لٿو، ۽ ان مان برڙ باڪاس ظاهر ٿي، اچي ”آدم بُو آدم بُو“ ڪرڻ لڳو. شهزاديءَ ڪاوڙجي چيس ته”ٻيو ته ڪونه آهي- آءٌ ئي تو وٽ هڪڙو آدم وڃي بچي آهيان، سو کڻي مون کي ماري کاءُ!“ برڙ باڪاس پوءِ ٿڌو ٿي، اچي شهزاديءَ جي ڀرسان ويٺو ۽ هن سان محبت ميٺ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. اتي شهزادي وري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي... ۽ ديو جي پڇڻ تي چيائينس ته ”تون مون کي هن جهنگ ۾ اڪيلو ڦٽو ڪيو ٿو وڃين؛ مردن جا گهڻا ئي دشمن هوندا آهن؛ جي، خدا نه ڪري، ڪو دشمن توکي ماري وجهي، ته آءٌ ته هتي يا عمر ٽنگي پيئي هجان!“ ديو چيس ته ”تون فڪر نه ڪر: مون کي مارڻ وارو اڃا پيدا ئي ڪونه ٿيو آهي؛ ۽ منهنجو ساهه سٿرو ۽ سولو نڪرڻو نه آهي، ڇو ته اُهو آهي هڪ پراڻي مَٽَ ۾ پيل ميڻ ۾، جنهن جي مون کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي خبر ڪانهي. مون کي منهنجيءَ ماءُ جو چوڻ آهي ته ’ابا توکي جي ماريندو، ته ڪڏهن نه ڪڏهن ولايت شاهه شهزادو اچي ماريندو‘... ۽ اهو اڃا ڄائو ئي ڪونه آهي. سو تون دلجاءِ ڪر. آءٌ ويندس ته انهيءَ ڪوٺيءَ جون ڪنجيون به هتي تو وٽ ڇڏي ويندس.“

صبح جو برڙ باڪاس دستور موجب هليو ويو- ۽ ڪنجيون راڻيءَ کي ڏيئي ويو، اتي ولايت شاهه به بُهري کان نڪري نروار ٿيو، ۽ اچي اُبتي ٽنگيل شهزادي کي لاهي، ۽ کيس چڱو ڀلو ڪري، کانئس احوال ورتائين. شهزاديءَ سموري خبر ڪيس، ۽ چيائينس ته ”هي ڪنجيون کڻي، فلاڻي ڪوٺيءَ کي کولي، ان ۾ پيل پراڻي مَٽَ وارو ميڻ ڪڍي ديوَ جو پتلو ٺاهه، ۽ پوءِ عضوو عضوو ڪري ماري ڇڏينس.“ ولايت شاهه ائين ڪيو ته برڙ باڪاس سهڪندو ڀڄندو، گوڙ گهمسان ۽ زمين آسمان هڪ ڪندو آيو، جڏهن ويجهو آيو، ولايت شاهه پتلي جي هڪ ڄنگهه ڀڃي ڇڏي... اڃا به ويجهو آيو، ته ٻي به ٽوڙي ڇڏيائينس، پوءِ ته ديو رڙ ڪري پٽ تي ڪري پيو، ۽ هٿن تي رڙهندو، هن ڏانهن اچڻ لڳو. اتي ولايت شاهه يڪدم ان جي سِسِي مروڙي، ڀڃي ڇڏي، ته ديو به پويان پساهه ڏنا ۽ مري ويو.

ولايت شاهه اُتان جا سڀ قيمتي زيور ۽ سامان کڻائي ۽ چؤپڙيون ۽ ڍارا کڻي اچي جهاز ۾ رکرايا، ۽ شهزاديءَ کي به ساڻ وٺي آيو. اهو ڏسي، وزير هيڪاري حسد ۾ ڀرجي ويو، ۽ انهيءَ شهزاديءَ تي عاشق ٿي پيو، ۽ جڏهن وطن موٽي پئي آيا، تڏهن واٽ تي اٽڪل سان ولايت شاهه کي هن هڪ اونهي کوهه ۾ اُڇلائي ڇڏيو... ۽ اهي ڍارا ۽ چؤپڙيون اچي بادشاهه کي ڏنائين. بادشاهه اهي شيون ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن  تي راضي ٿيو، ۽ ان جي بدلي ۾ کيس پهراڻيون پهرايائين.

وزير ان شهزاديءَ کي ٻاهران ئي ٻاهران آڻي پنهنجيءَ محلات ۾ رهايو ۽ اُن سان شادي ڪرڻ جو ذڪر ڪيائين: جنهن تي هن وراڻيو ته ”آءٌ جي مڙس ڪنديس ته ولايت شاهه ڪنديس. ٻئي ڪنهن سان مون کي شادي ڪرڻي ڪانهي.“ تنهن تي وزير کي ڏاڍي خار لڳي، ۽ هن کي اونداهيءَ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيائين.

اتفاق سان انهيءَ کوهه وٽ اچي سيلانين جو لڏو لٿو، ۽ هڪ نينگر کوهه مان پاڻي ڀرڻ لاءِ، جيئن ڏول کوهه ۾ وڌو، ته ولايت شاهه شهزادو انهيءَ ڏول کي چنبڙي پيو، ۽ اُن جي ذريعي ٻاهر نڪري آيو، سيلانيءَ جي ڌيءُ پنهنجي پيءُ کي چيو ته ”بابا! خدا نه ڀلائي ته هيءُ ولايت شاهه شهزادو آهي، جنهن جي تون ڳالهه ڪندو آهين.“ پڻس چيو ته ”امان! جي اهو هوندو، ته آءٌ کيس اهڙي هڪ لٺ ڏيندس، جو ان کي جوان هٿ ۾ کڻندو، ته ٻڍو ڏسڻ ۾ ايندو.“ پٽ چيس ته ”بابا! جي اُهو هوندو، ته آءٌ کيس اهڙو مَڻيو ڏيندس، جو جيڪڏهن هو وات ۾ وجهندو، ته پکي ٿي اُڏامي سگهندو.“ سيلانيءَ جي ڌيءُ چيو ته ”جي برابر اهو آهي، ته آءٌ هن کي اهڙو سرمو ڏينديس، جو پائڻ سان پوڙهو هوندو ته وري جوان ٿي ويندو.“ آخر حال احوال ورتائون، ۽ هن چيو ته ”مان برابر اُهو ولايت شاهه شهزادو آهيان.“ تنهن تي هنن کيس وعدي ڪيل سڀ چيزون ڏنيون. پوءِ انهن چيزن سميت هو ماءُ وٽ موٽي آيو، ۽ هڪدم بادشاهه جي درٻار ۾ ويو، ۽ سموري حال جي حقيقت عرض ڪيائين. تنهن تي بادشاهه حڪم ڏنو ته ”هن وزير کي جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ وجهي لوڙهائي ڇڏيو.“ پوءِ شهزايءَ کي اونداهيءَ ڪوٺيءَ مان ڪڍائي، ان جي ولايت شاهه شهزادي سان ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ڪرايائين، ۽ هڪدم شهزادي جي پيءُ ڏي سربستي حقيقت لکي موڪليائين، جنهن ۾ هن کي شرمايائين ته ”پکين جي ڳالهه تي ڪي پنهنجا ننگ ڇڏبا آهن!“ ولايت شاهه شهزادي جي پيءُ جو اهو خط پڙهي ڏاڍو شرمندو ٿيو، ۽ اميرن وزيرن کي ساڻ ڪري پاڻ پنهنجي سَر اُتي هلي آيو ۽ وڏي شان مان سان پنهنجي راڻيءَ ۽ پٽ کي ننهن سميت پنهنجي بادشاهيءَ ڏانهن وٺي ويو، ۽ اُتي اعلان ڪيائين ته ”پنهنجي جيئري ئي پنهنجي هن پٽ ولايت شاهه شهزادي کي تخت نشين ٿو ڪيان.“ ۽ پوءِ شهزادي کي تخت نشين ڪري، پاڻ گوشه نشيني اختيار ڪيائين. ولايت شاهه شهزادو پوءِ پنهنجيءَ راڻي سميت تخت جو مالڪ ٿيو، ۽ زندگيءَ جا ڏينهن خير خوشيءَ سان گذارڻ لڳو.

 

●●●

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org