ڪرمان ۽ ڪوري بادشاهه
بادشاهن جو بادشاهه ته رب پاڪ آهي، پر ڪوڙي زماني جو هڪڙو ڪو
بادشاهه هوندو هو، جنهن کي مايا ملڪيت جي ته ڪا
پرواهه ڪانه هئي، پر سير مٽيءَ (اولاد) جو بکيو
هو. اهو بادشاهه ذات جو ڪوري هو. هڪڙو ڏينهن الله
جو اهڙو ٿيو، جو درٻار ۾ پنجن سڀني اميرن ۽ وزيرن
کان صلاح پڇيائين ته ”جيڪڏهن آءٌ مري ويس، ته پوءِ
منهنجي رعيت ته سڄي دربدر ٿي ويندي! مون کان پوءِ
ڪير آهي، جو انهن جي سار سنڀال لهندو! خدا پاڪ ته
مون کي ٻيو سڀ ڪجهه ڏنو آهي، پر انهيءَ ڌن جو ڌنار
ڪونه ڏنو اٿس. هاڻي هيءَ رعيت ئي منهنجو سچو پچو
اولاد آهي؛ تنهنڪري منهنجو خيال آهي ته آءٌ پنهنجي
سموري مايا ۽ ملڪيت جيئري ئي پنهنجي هن اولاد کي
پنهنجن هٿن سان ورهائي ڏيان، ۽ چوان ته اها ملڪيت،
جا هونئن پڻ سندن ئي آهي، سوگهي ڪري پاڻ وٽ سميٽي
رکن. البت جيسين منهنجي حياتي آهي، تيسين ان کي هٿ
نه لائين، باقي منهنجي مرڻ پڄاڻان ڀلي پنهنجي ڪم
آڻين. سندن وقت پوءِ سٺو پيو گذرندو.“
وزيرن ۽ عقل جي ويرن کي بادشاهه جي انهيءَ ’بيوقوفي‘ تان ڏاڍي
کل به آئي، مگر ڪنهن کي به همت نه پئي ٿي، جو ڪجهه
ڪڇي سگهي! آخر هڪڙي پيرسن وزير دل جهلي، ٻانهون
ٻڌي، ڪنڌ نمائي بادشاهه کي چيو: ”جهان پناهه،
بادشاهه سلامت جي سر بخت جو سدائين شل خير هجي،
جنهن جي حڪومت اندر شينهن ٻڪري گڏ کائين ٿا، تنهن
جي انصاف ۽ عدل جي هنڌين ماڳين هاڪ لڳي پيئي آهي،-
اسان سڀني کي بادشاهه سلامت جن جي بي اولاد هجڻ تي
دل جو ڏاڍو ارمان ۽ افسوس آهي؛ پر سچو بندو الله
جو اُهو آهي، جو مرڻ گهڙيءَ تائين الله پاڪ جي
مهربانين مان اميد لاهي نااميد نه ٿئي. ڪالهه اسان
کي خبر پيئي آهي ته پنهنجي شهر کان ڏهن ڪوهن جي
پنڌ تي جبل جي هڪڙي غار ۾، هڪ الله لوڪ درويش رهي
ٿو، جو هميشه خدا جي عبادت ۾ ئي رڌل رهي ٿو، ۽
گهڻو ڪري ڪنهن به بني بشر سان نٿو ڳالهائي. ٻڌو
اٿئون ته سندس منهن مان هميشه نور پيو وسي. ڪچهري
ڪنهن سان به ڪونه ڪري، سڄو وقت اکيون پوريون پيون
اٿس، ۽ تسبيح سوريندو ۽ چپ چوريندو رهي ٿو- جيڪي
به پيو پڙهي، سو سڀ دل ۾. اسان جو سائينءَ جن کي
عرض آهي ته انهيءَ درويش کان به ته هلي سوال ڪري
دعا پني ڏسو! من ٻاجهارو ڌڻي انهيءَ وليءَ جي
مهابي کڻي سير مٽيءَ جي مهرباني ڪري!“
بادشاهه وزير کي وراڻيو ته ”اي عقل جا اڪابر وزير! آءٌ تنهنجي
انهيءَ نيڪ راءِ سان شامل آهيان. هڪدم سواريءَ جو
بندوبست ڪريو ته هلي درويش کي ڏسجي.“ حڪم جي دير
هئي؛ بادشاهه سلامت ۽ ساڻس گڏجي ويندڙ وزيرن اميرن
جي سواريءَ جو يڪدم بندوبست ٿي ويو. درٻار پوري
ڪري، منزل ڪوچ ڪئي ويئي؛ ڏينهن تپي ويو هو، جنهن
ڪري واٽ تي هڪ وڏي گهاٽي وڻ جي هيٺان ڪاڙهو
ٺاريائون. ڀر ۾ بيٺل پاڻيءَ جي دُٻن مان گهوڙن کي
پاڻي پياريائون، ٿورو وقت آرام ڪيائون، آندل کاڌو
کاڌائون، ته مٿان اچي اڳينءَ جي مهل ٿي. سج لڙندو
ڏسي، بادشاهه ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ڪيو. يڪدم منزل ڪوچ
ٿي، ۽ وچينءَ مهل وڃي درويش وٽ پهتا. درويش به
اوڏيءَ مهل غار کان ٻاهر نڪري، پنهنجي ٻهاريل
ٽڪريءَ جي وچ ۾ دکايل دونهينءَ کي ڪوڙو ڏيو،
پاٿولي ماري اکيون بند ڪيو ويٺو هو، ۽ تسبيح پڙهي
رهيو هو. بادشاهه جيڏيءَ مهل دونهينءَ جي ويجهو
ويو، تيڏيءَ مهل درويش پنهنجي دونهينءَ جي ٻئي
پاسي وڇايل تڏي تي ويهڻ لاءِ اشارو ڪري، کانئس
پڇيو ته ”بادشاهه سلامت کي اڄ اسان غريبن جي ڪيئن
يادگيري آئي، جو هيڏي ساري تڪليف ورتي اٿن!“
بادشاهه فقير کي چيو ته ”الله جو ڏنو، ٻيو سڀ ڪجهه آهي؛ سير
مٽيءَ جو طالبو آهيان، جنهن جي ڳاراڻيءَ ۾ ڳري
رهيو آهيان. انهيءَ ڪري ئي اڄ اوهان جي حاضريءَ ۾
حاضر ٿيو آهيان. اوهان درويشن کي الله پاڪ وڏي
سگهه ڏني آهي، اوهان جي ڪيل ڪمائيءَ تي ڪلتار راضي
آهي. چوندا آهن ته ڪامل درويش جي هنئي ڪڏهن به ڪين
گسي! درويش جي دعا کي الله پاڪ به نٿو موٽائي،
تنهنڪري مون بي اولاد بندي جي حق ۾ الله جي درٻار
مان دعا گهري، سير مٽيءَ جو وٺي ڏيوم، جنهن جو
ڏاڍو بکايل ۽ سڪايل آهيان!“
درويش بادشاهه جي سموري حقيقت ٻڌي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ٿورو وقت
صبر ڪري، کلي چيائين: ”بادشاهه سلامت! تنهنجي لاءِ
اولاد ته مون کي لکيل ئي نظر نٿو اچي؛ آءٌ به خدا
جي سموري خدائيءَ کي اُٿلائي پٿلائي، ڳولي ڦولي
آيو آهيان. جنهن صورت ۾ توکي ڪو اولاد ئي لکيل نه
آهي، تنهن صورت ۾ هيءُ گنهگار بندو ڇا ٿو ڪري
سگهي!“
اتي، ڏس ڏيندڙ وزير، ٻانهون ٻڌي، وچ ۾ عرض ڪيو ته ”فقير سائين!
جيڪڏهن اسان جي بادشاهه سلامت جي پُٺ پڌري ٿيڻ
لاءِ سير مٽيءَ جو لکيل هجي ها، ته ضرور کيس ملي
ها؛ جڏهن ته لکيل ئي ڪونه آهي، تڏهن ته اوهان جي
قدمن ڇهڻ لاءِ اچي حاضر ٿيا آهيون!“
اتي بادشاهه وچ ۾ وراڻيو: ”لکيو ته سڀڪو لهي ٿو، پر ڪمائيءَ
وارا ڪامل بزرگ ۽ درويش اُهي، جي اڻ لکيا پلئه
پائين ٿا!“
انهيءَ تي درويش جون ڳاڙهيون مشعل جهڙيون اکيون کلي ويون ۽ هڪل
ڪري دهشت سان چيائين: ”بابا! انهيءَ ڳالهه تان لهي
وڃو، خدا جي ڳجهه ۾ ڪنهن کي به هٿ وجهڻ جي طاقت نه
آهي. تنهنڪري ماٺ ڪري جتان آيا آهيو، اوڏانهن واپس
هليا وڃو!“
بادشاهه تمام ڪيرتون ڪري عرض ڪيس: ”درويش سائين! اچڻا اچي
چڪاسين، باقي اهڙيءَ درٻار مان بنا وٽ وٺڻ جي هٿين
خالي موٽي، پاڻ کي مهڻيهاب ڪين بنائينداسين.
تنهنڪري عرض آهي ته تون پاڻ کي سڃاڻي، سوال ڪري،
اسان جو سبب پورو ڪر، ته اسين مانائتا ٿي موٽي
وڃون.
اها حقيقت سڻي، فقير سائين وري ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ڳچ ڳچ جيتريءَ
دير کان پوءِ، ڪنڌ لوڏي، ٿورو مشڪي چيائين:
”بادشاهه سلامت، توکي مبارڪ هجي! الله پاڪ جي
درٻار ۾ عرض اگهاڻو آهي. ستت ئي توکي ٻه ٻار
ٿيندا، اول نياڻي ۽ ان کان پوءِ پٽ. نياڻي جڏهن
وڏي ٿيندي ۽ بلوغت کي پهچندي، تڏهن ڀر وارن
بادشاهن ۾ تنهنجي لاءِ دشمني پيدا ٿي پوندي، ۽ هو
لڙاين لاءِ ميدان اچي والاريندا:“ فقير وري ٽٻيءَ
۾ پئجي ويو، ۽ ساعت کن کانپوءِ چيائين: ”پر فتح
نيٺ تنهنجي ٿيندي.“
اها حقيقت ٻڌي، بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ آندل سڀيئي تحفا درويش
جي اڳيان نذرانو رکي، درويش کان مليل کير جي وٽي
پي، موڪلائي پنهنجي شهر تخت گاهه ڏانهن روانا ٿيا،
۽ خير سلامتيءَ سان اچي پنهنجي شهر پهتا؛ جتي
بادشاهه کي پنهنجي محلات ۾ ڇڏي، سڀڪو وڃي پنهنجي
آستاني تي آرامي ٿيو.
خير! ڳالهيون سگهيون پوريون ٿين، ڏينهن پنهنجي مُدي تي گذرن.
ٿوري گهڻي ڏينهين بادشاهه جي ٻن راڻين کي اميدواري
ٿي. بادشاهه به خوشيءَ ۾ ڪيترو ئي خزانو لٽايو.
غريبن به بادشاهي انعام وٺي پنهنجا پنهنجا گهر
ڀريا. آخرڪار، مدي پوري ٿيڻ تي، هڪ راڻيءَ کي ڌيءَ
ڄائي، ۽ مهيني ٻن کان پوءِ ٻيءَ راڻيءَ کي پٽ
ڄائو. بادشاهه خدا پاڪ جا شڪرانا ڪري، نجوميءَ کان
ٻارڙن جي بخت بنسبت پڇيو، جنهن پڻ ڪامل درويش واري
ڳالهه ڏسي؛ بلڪ صاف طرح کولي بيان ڪئي. چي:
”بادشاهه سلامت جي ٻنهي ٻچڙن مان صاحبزاديءَ ۽
صاحبزادي جا بخت بلڪل زور آهن. باقي ٿوري رنڊڪ
آهي- جيڪڏهن جهان پناهه اسان کي جيئدان ڏئي، ته
اُها به بيان ڪريون.“
بادشاهه کين وچن ڏنو ته ”اوهان بنا ڪنهن خوف جي حقيقت بيان
ڪريو.“ انهيءَ تي آيل نجومين مان هڪڙي جهور پوڙهي
نجوميءَ، جنهن جي ڪنن جون پاپڙيون پئي لڏيون،
ٻانهون ٻڌي چيو: ’جيئندا قبلا! جنهن وقت اوهان جي
”.... جنهن وقت شهزادي بلوغت کي پهچندي، تنهن وقت
حڪومت کي ڪجهه لوڏو ايندو...“
صاحبزادي، اسان رعيت جي شهزادي، بلوغت کي پهچندي، تنهن وقت
حڪومت کي ڪجهه لوڏو ايندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر جلد ئي
فتح ۽ ڪاميابي اسان جي بادشاهه سلامت جي ٿيڻي
آهي، ۽ جيڪي به غنيم چڙهي ايندا، سي هار کائي وٺي
ڀڄندا، ۽ انهن سڀني جو جنگي مال ۽ اسباب پڻ
بادشاهه سلامت جي هٿ ۾ ايندو.“
خير، ڏينهن به مندائتا گذري اچي پورا ٿيا. شهزادي به اچي بالغ
ٿيڻ کي ويجهي پهتي؛ سندس حسن جي هاڪ هنڌين ماڳين
پکڙجي ويئي. چئن ئي ڏَسين کان ٻين بادشاهن جا
قاصد، ڪوري بادشاهه وٽ سندس ڌيءَ جي سڱاوتيءَ لاءِ
ايندا رهيا. بادشاهه به سڀني کي ڇوٽ جواب ڏيندو
رهيو. ٻين بادشاهن ته کڻي ماٺ ڪئي، پر سندس دنگئي
بادشاهه، جنهن جو نالو ”ڪرمان“ هو، جو مغز جو ڦريل
هو. تنهن دل ۾ چيو ته ”هيءُ ڪوريءَ جو پٽ پيدا
ڪڏهن ٿيو، جو منهنجي پٽ جي مٽيءَ کان ٿو اسان کي
عدولي ڇڏي! سندس حڪومت آهي ڪيتري! آءٌ جي پنهجيءَ
تي اچان، ته پنهنجيءَ حڪومت مان ڪجهه ڌاڙيل موڪلي
به سندس حڪومت هٿ ڪري سگهان ٿو، سو منهنجي هيڏي
ساري ڪٽڪ اڳيان ڪيئن دم پٽي سگهندو؟‘ ساري رات
ڪرمان بادشاهه کي اهڙن پورن پچائڻ ۾ پلنگ تي لڇندي
پڇندي گذري ويئي، مگر ننڊ نه آيس. صبح جو سويل
درٻار ۾ جڏهن سڀ امير وزير اچي گڏ ٿيا، تڏهن
ڪرمان بادشاهه ساڻن گذريل رات واري سموري حقيقت
بيان ڪري، کانئن صلاح پڇي؛ جنهن تي ٻين سڀني
بادشاهه سان هائو ۾ هائو ملائي، مگر هڪ ٻڍڙو وزير
ماٺ ۾ ئي رهيو؛ جنهن تي بادشاهه چيس: ”ٻڍڙا وزير،
تون ڇو نٿو ڪڇين؟ ڇا اسان جي راءِ توکي نه ٿي
وڻي؟“ ٻڍڙي وزير هٿ ٻڌي چيو ته ”بادشاهه سلامت جي
سربخت جو سدائين خير هجي! جيڪي حضور جن فرمايو
آهي، سو سڀ برحق سچ آهي، مگر منهنجي مرضي آهي ته
توهان وري به کيس هڪ خط لکو، جنهن ۾ ڪڻس حقيقت
کولي ٻڌايو ته ’جنهن صورت ۾ تو منهنجي پٽ جي آيل
مائٽي عدولي آهي، تنهن صورت ۾ بادشاهي قاعدي ۽
قانون موجب جنگ ڪرڻ ئي ٿي جڳائي؛ هاڻي يا ته سڱ ڏي
يا ته جنگ ڪر!‘ پوءِ هو ڊڄي ويندو ۽ کڻي سڱ
ڏيندو.“ بادشاهه ۽ ٻين سڀني کي ٻڍڙي وزير جي اها
اصلاح پسند آئي، جنهنڪري بادشاهه کي ڪرمان، پنهنجي
خاص ڪاتب کان خط لکائي، شاهي مهر هڻي، ٻڍڙي وزير
هٿان ڪوري بادشاهه ڏانهن موڪليو. ٻڍڙو وزير ڪوري
بادشاهه جي درٻار ۾ وڃي ادب سان حاضر ٿيو، ۽
بادشاهي خط هڪڙي سوني ٿالهيءَ ۾ رکي، ٻيءَ سوني
ٿالهيءَ سان ڍڪي، بادشاهه سلامت کي پيش ڪيائين، ۽
ڪرمان بادشاهه کان آندل هيرا ۽ جواهر به تحفو ڪري
پيش ڪيائين.
ڪوري بادشاهه پنهنجي اڪابر وزير کان خط پڙهايو، ۽ جنگ جي ڌمڪيءَ
جو ٻڌي، تپي باهه ٿي ويو. خط ڦاڙي ساڙيو ويو، ۽
آندل هيرا جواهر به اڇلارايا ويا، ۽ آيل ٻڍڙي وزير
کي چيو ويو: تنهنجي پيرسنيءَ تي قياس ٿو اچيم ۽
خدا جو خوف ٿو ٿئيم، جنهنڪري توکي سلامت واپس وڃڻ
ٿو ڏيان؛ هاڻي آندل خط جو اهو جواب اٿيئي، جو
پنهنجي مغرور بادشاهه کي وڃي پهچاءِ ته ’جنگ جا
دڙڪا نه ڏي؛ لڙائي ڪرڻي اٿئي، ته لهي اچ ميدان ۾،
ته خبر پوي!‘“
ٻڍڙو وزير بادشاهه جو زباني پيغام کڻي، پنهنجي ڪرمان بادشاهه وٽ
پهتو، ۽ اکر به اکر وڃي کيس ٻڌايائين. ڪرمان
بادشاهه سموري حقيقت ٻڌي، تپي باهه ٿي ويو، ۽ هڪدم
جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيڻ جو حڪم ڏنائين. طبل وڄي
ويا، جنگ لاءِ سيڌا سامان ۽ هٿيار پنوهار گڏ ٿي
ويا. هڪ شاهي ڪٽڪ تيار ٿي ويو. آخرڪار بادشاهه به
پنهنجي گهوڙن ٻيڙن سميت اچي ڪوري بادشاهه جي تخت
گاهه کان اڌ ميل کن پنڌ تي پنهنجا خيما کوڙيا، ۽
ڪوري بادشاهه کي چوائي موڪليائين ته ”آءٌ لڙائي
لاءِ فوج وٺي آيو آهيان، تون به پنهنجي فوج وٺي
اچي لڙائي ڪر، يا پنهنجي ڌيءَ جي منهنجي وڏي پٽ
سان شادي ڪري ڏي، ته پوءِ آءٌ واپس هليو وڃان!“
ڪوري بادشاهه، پيغام پهچڻ تي، پنهنجو لشڪر تيار ڪري. وڏي وزير
جي هٿ هيٺ، ڪرمان بادشاهه سان لڙائي ڪرڻ لاءِ
موڪليو. وڏي وزير جي جڏهن ڪرمان بادشاهه جي لشڪر
تي نظر پيئي، تڏهن پاڻ ۽ سندس سپهه سالار دهلجي
ويا، ۽ بادشاهه کي پيغام ڏياري موڪليائون ته
”ڪرمان بادشاهه سان ايڏو ته ڪٽڪ آهي، جو پنهنجو
لشڪر ان جي اڳيان ڪجهه به نه آهي: تنهنڪري اسان جو
عرض آهي ته اجائي خونريزي ڪرڻ ۽ لشڪر مارائي رت جي
ندين وهائڻ مان ڪجهه به ڪين ورندو. سٺو ائين ٿيندو
ته اوهان پنهنجي صاحبزاديءَ جو سڱ کڻي ڪرمان
بادشاهه جي صاحبزادي کي ڏيو، ائين ڪرڻ سان هڪڙو ته
ٻنهي ڌرين جي عزازت ڳنڍجي پوندي، ۽ ٻيو ته ٻنهي
بادشاهن جي وچ ۾ ايتري ته محبت وڌي ويندي، جو ٻيو
ڪو به ڌاريو غنيم اوهان ٻنهي بادشاهن تي ڪاهه ڪري
نه سگهندو.“
ڪوري بادشاهه کي جڏهن پنهنجي وزير جو اهو پيغام پهتو، تڏهن کيس
ڏاڍي مٺيان لڳي، ۽ ائين سمجهيائين ته ”اسان جو
لشڪر يا ته ڊنو آهي، يا ته دشمن جي لشڪر سان ملي
هڪ ٿي ويو آهي.“ تنهنڪري پنهنجي لشڪر کي سبق
سيکارڻ ۽ ڪرمان بادشاهه سان دوبدو ڳالهائڻ لاءِ
پاڻ هڪ ارڏو گهوڙو تيار ڪرائي، ان تي سوار ٿي، وٺي
گهوڙي کي اڙي هنيائين، ته گهوڙو اک ڇنڀ ۾ بادشاهه
سميت اچي سندس پنهنجي ڪٽڪ ۾ ڪڙڪيو. بادشاهه جي
گهوڙي، جو ڪرمان بادشاهه جا گهوڙا پريان بيٺل ڏٺا،
سو امالڪ کڻي انهن ڏي رخ رکيائين. ڪوري بادشاهه،
گهڻوئي گهوڙي کي روڪيو، پر گهوڙو سندس وَس کان
بنهه ٻاهر نڪري ويو، جنهنڪري بادشاهه کي پنهنجي
ڪِرڻ جو اچي خوف جاڳيو. گهوڙو اهو ئي ڀڄندو، دشمن
جي لشڪر ڏي ڪاهيندو پئي ويو. ڪوري بادشاهه به نيٺ،
پنهنجي ڪِرڻ کان بچڻ لاءِ، کڻي هڪ وڻ کي ڀاڪر وڌو.
گهوڙو جو ڌوڪيندو پئي ويو، سو وڻ به بادشاهه جي
ٻکن ۾ اچي پاڙان پٽجي ويو، ۽ بادشاهه جي ڪلهي تي
اچي پيو.
ڪرمان بادشاهه جي ڪٽڪ جڏهن ڏٺو ته ”مار! ڪوري بادشاهه جي ٻي فوج
ته الائي ڪٿي آهي! سندس فوج جو هڪ رواجي سپاهي به
بي ڊپو اهڙيءَ بهادريءَ سان گهوڙي کي ڪڏائيندو، وڻ
پاڙان پٽيو ڪلهي تي کنيو، اسان تي ڪاهيندو پيو
اچي، ۽ اسان جي لشڪر کي چيريندو سڌو بادشاهه سلامت
جي تنبوءَ ڏانهن ڌوڪيندو پيو وڃي!‘- سي ڊپ ۾ ڇڙوڇڙ
ٿي، وٺي ڀڳا.
ڪوري بادشاهه کي سِر سان اچي لڳي، سو به وڏي واڪ
دانهون ڪندو پئي ويو ته ”ڪٿي ڪِران!“ پر ڪرمان
بادشاهه
۽ سندس لشڪر سمجهيو ته ڪوري بادشاهه للڪاريندو پيو
اچي، ته ”ڪٿي ڪرمان!“ جڏهن ڪرمان بادشاهه جي ڪَن
تي هيءُ پڙلاءُ پيو، تڏهن تنبوءَ کان ٻاهر نڪتو.
جان کڻي ڏسي ته سندس فوج ڀڄي ويئي آهي ۽ ڪيترا
ماڻهو سرڪش گهوڙي پنهنجي لتن هيٺان آڻي، سنبن سان
ئي سوراٽي ڇڏيا آهن... سو ڀر وارن بيٺل گهوڙن مان
تڙ تڪڙ ۾ هڪڙو گهوڙو ڇوڙيندي مٿس سوار ٿي وٺي ڀڳو؛
مگر متيون اهڙيون ته منجهي پيس، جو گهوڙي جي پڇاڙي
ڪڍڻ وسري ويس، جنهنڪري گهوڙي جي، سٽ ڏيڻ سبب،
پوئين ڄنگهه ڀڄي پيئي! تيسين ڪوري بادشاهه جو
گهوڙو به اچي مٿس ڪڙڪيو، ۽ جيئن بيٺل گهوڙي سان
وڙهڻ لاءِ نَرا کنيائين، تيئن بادشاهه جي ڪلهي تان
پٽيل وڻ ڪِري پيو، ۽ وڃي ڪرمان بادشاهه کي لڳو، ۽
ڪرمان بادشاهه ان جي هيٺان چپجي مري ويو. هيڏانهن
ڪوري بادشاهه خود گسڪي وڃي زمين تي پيرن ڀر بيهي
رهيو. ڪوري بادشاهه پاڻ سان خدا جي مدد ڏسي ڏاڍو
خوش ٿيو؛ ۽ ڪرمان بادشاهه جو ملڪ ۽ آندل لشڪر جا
هٿيار ۽ سامان سمورا کڻي، وڃي خيرن سان اڳي کان به
وڌيڪ عدل ۽ انصاف سان پنهنجي بادشاهي هلائڻ لڳو. |