ڏتڙيل شهزادو
هڪڙو هو بادشاهه- بادشاهه ته پاڻ خداتعالى آهي، پر هيءُ به هڪ
زماني جو بادشاهه هو. هن کي ٻه زالون هيون. هڪ مان
پٽ هوس، ٻيءَ مان کيس هڪ ڌيءُ هئي. سندس ٻيئي ٻار
اڃا ننڍا ئي هئا، ته بادشاهه وفات ڪئي. ان بعد،
وزيرن ۽ اميرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته تخت اهڙي ماڻهوءَ
جي حوالي ڪجي، جيڪو اڻ پڙهيل هجي، ۽ کيس اولاد به
نه هجي- ۽ اهو ايستائين جيستائين بادشاهه سلامت جو
پٽ بالغ عاقل ٿئي.“ اها صلاح ڪري، هڪڙي ڌنار کي
حڪومت جو مالڪ بڻائي، هن کي سينگاري سنواري،
بادشاهي پوشاڪ پهرايائون، ۽ تاج پوشي ڪرائي کڻي
تخت تي ويهاريائونس.
حڪومت جو ڪاروبار وزيرن ۽ اميرن پنهنجي هٿ ۾ رکيو، ۽ هن کي رڳو
نالي ماتر بادشاهه کڻي ڪيائون. جڏهن هيءُ ڌنار تخت
تي ويٺو، تڏهن ڪجهه وقت حڪومت جي ڪاروبار هلائڻ
بعد، هڪ ڏينهن هو بادشاهي محلات ۾ ويو، ۽ اتي
بادشاهه جي ننڍي راڻي، جنهن کي هڪ نياڻي هئي، هن
کي ڏسندي ئي، هن تي عاشق ٿي پيئي، ۽ ٿوري گهڻي
ڏينهين هن سان شادي ڪري ويهي رهي. پر، پٽ جي ماءُ
هميشه نئين بادشاهه کي ڌڪار جي نظر سان ڏسندي هئي-
۽ هو به هن کي هر وقت پيا ڏنڀيندا هئا، ۽ طرحين
طرحين جا عذاب ڏيندا هئا. آخر جڏهن هن محلات ۾ هن
جو رهڻ بنهه زهر ٿي پيو، تڏهن هڪڙي ڏينهن هوءَ
پنهنجي ننڍڙي پٽ کي ساڻ ڪري، رات جي وڳڙي ۾، محلات
مان چوريءَ نڪري اٿي هلي، ۽ پنڌ ڪندي ڪندي، پٽ
سميت، نيٺ هڪڙي غريب ڪاٺير جي گهر وڃي پهتي. ان
گهر ۾ هڪ پوڙهي ماءُ ۽ ان جا ٽي جوان جماڻ پٽ
رهندا هئا، جن راڻيءَ کي سڃاتو ته ڪونه، پر هن کي
ڏاڍي عزت ڏنائون، ۽ کيس چيائون ته ”تون ۽ تنهنجو
پٽ بي ڌڙڪ هتي اسان وٽ رهو- تنهنجو پٽ اسان جو
ڀاءُ آهي، ۽ تون اسان جي ماءُ آهين.... اڳ ۾ توهان
کي کارائبو، اسين پوءِ کائينداسين.“
ٿورن گهڻن ڏينهن کانپوءِ، شهزادو وڏو ٿيو، ۽ دل ۾
خيال ڪيائين ته ’هرو ڀرو هنن غريب ڀائرن تي آءٌ
بار ڇو ٿيان؟ آءٌ هينئر ڪمائڻ جهڙو آهيان، سو آءٌ
به جيڪر ڪمايا ته چڱو.‘ آخر هڪڙي ڏينهن، ماءُ کي
چيائين ته ”اما، سڀاڻي آءٌ به ڪاٺين وڍڻ لاءِ
ويندس، سو منهنجي لاءِ هڪ رسي ۽ ڪهاڙي تيار ڪري
رکجانءِ.“ خير جو صبح ٿيو، ته ڏسي ته هن جا ويڳا
ڀائر سوير ئي هن کان اڳ ۾ هليا ويا. هيءُ به، خدا
تي توڪل ڪري، ڪهاڙي ۽ رسي کڻي، انهن جي پٺيان
روانو ٿيو. جهنگل ۾ هلندو هلندو، اچي ڏسي ته
هڪڙيون ٽي ڪوٺيون آهن، جن کي تالا لڳا پيا آهن. هن
همت ڪري هڪڙي ڪوٺيءَ جو تالو ڀڳو، ۽ ڪوٺيءَ ۾ اندر
گهڙي ويو. اُتي ڇا وڃي ڏسي، ته ڪوٺيءَ جي ڇت ۾
هڪڙو دهل ٽنگيو پيو آهي. هن آنڪا ڪئي هم نه ڪا تم
کڻندي ئي ڏونڪو بيهي رهيو. دهل وڄائڻ... ته ايتري
۾، هڪڙو اچي ديو هن جي سامهون بيٺو. ان کي ڏسي،
شهزادو ڊڄي ويو، پر دل جهلي، پنهنجو پاڻ کي
سنڀالي، اُتي بيهي رهيو.
ديو شهزادي کي چيو ته ”اي ڇوڪرا! انهيءَ دهل ۾ منهنجو ساهه پيل
آهي... تون هرو ڀرو مون کي ڇو ٿو ستائين!“ تنهن تي
شهزادي چيس ته ”اڙي ديو، تون ڪير آهين، ڇا ڪندو
آهين، هتي ڪيئن آيو آهين؟“ ديو چيو ته ”آءٌ هڪڙيءَ
بادشاهزاديءَ جو غلام آهيان، تو مون کي سڏيو، اچي
حاضر ٿيو آهيان.“ اِتي شهزادي به سمجهيو ته ’هينئر
ديو جو ساهه منهنجي هٿ ۾ آهي، سو هن کي جيئن چوندس
تيئن ڪندو.‘ سو، ديو کي چيائين ته ’جي جيئدان
گهرين، ته اها شهزادي هڪدم هتي حاضر ڪر.“ ديو، هن
جي چوڻ موجب، اها شهزادي هڪ پل ۾ کڻي آيو. شهزادو
پوءِ دهل ڳچيءَ ۾ وجهي، شهزاديءَ کي ٻانهن کان
جهلي، سڌو وٺي آيو گهر، ۽ اچڻ سان شهزاديءَ سان
نڪاح ڪيائين. رات ٿي ته ٻيئي وڃي ستا، ۽ شهزادي کي
ننڊ اچي ويئي.
ديو، شهزادي کي ننڊ ۾ غافل ڏسي، دهل ڊوهي ورتو ۽ شهزاديءَ کي به
ساڻ کڻي، وٺي اٿي ڀڳو. صبح جو، جان شهزادو اٿي
ڏسي، ته ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن. سڄو ڏينهن
انهيءَ غم ۾ گذاريائين؛ ٻئي ڏينهن صبح جو وري به
اها رسي ۽ ڪهاڙي کڻي، جهنگ منهن ڪري اٿي هليو.
هلندو هلندو، انهن ساڳين ڪوٺين وٽ آيو. هن خيال
ڪيو ته هاڻي ٻي ڪوٺي کولي ڏسان، ته ان ۾ ڇا آهي!
سو همت ڪري، ان جي ڪلف کي اچي لڳو، ۽ نيٺ هڻي هڻي
ان کي به ڀڳائين. ان ۾ ڇا ڏسي ته ڇت ۾ هڪڙو رومال
ٽنگيو پيو آهي. ٽپ ڏيئي، هن اهو رومال لاهي هٿ ۾
ڪيو. ائين ڪندي، رومال کي، جو هٿ ۾ ٿورو ڇنڊڪو اچي
ويو، سو ان مان هيرا جواهر ڇڻ ڇڻ ڪري اچي هيٺ پيا.
شهزادي سهي ڪيو ته هن رومال ۾ اها ڪرامت آهي- سو
خوش ٿي، اهو رومال کڻي، وري گهر واپس آيو. اتي
رومال کي، جو ڇنڊيائين ته وري به ان مان هيرا
جواهر ڇڻ ڇڻ ڪري ڪري پيا. پوءِ اهي سڀ ماءُ ۽
ڀائرن کي ڏيئي، انهن کي چيائين ته ”آءٌ وڃان ٿو،
پنهنجي زال کي ڳولڻ ۽ توهان کي خرچ پکي واسطي هيءُ
گهڻو ئي خزانو آهي.“
شهزادو ماءُ ۽ ڀائرن کان موڪلائي اٿي هليو. هلندو هلندو، ڏس پنڌ
پڇندو، نيٺ انهيءَ شهر ۾ اچي نڪتو، جتي سندس زال
اُها شهزادي هئي. شهر ۾ پهچڻ سان، رومال ته هن جي
هٿ ۾ هو، سو ان کي ڇنڊيندو، ماڻهن کي هيرا، جواهر
ڏيندو، آخر وڃي پنهنجي زال تائين پهتو. زال سان
مليو، ۽ کيس چيائين ته ”تون لِڪي لِڪي، رات جو مون
کان ڇو ڀڄي آئينءَ؟“ هن چيس ته ”تون هڪ سڃو ماڻهو
آهين... تو وٽ رهي ڇا ڪريان ها؟“ تنهن تي شهزادي
رومال کي جو کڻي ڇنڊيو، ته ان مان هيرا جواهر ڇڻ
ڇڻ ڪري ڪِري پيا. زال کي چيائين ته ”ڏس، مون جهڙو
ڪو شاهوڪار هوندو؟“ سندس زال رومال جي ڪرامت ڏسي،
حيرت ۾ پئجي ويئي، ۽ کيس چوڻ لڳي ته ”بيشڪ تون
شاهوڪار آهين... تون ڀلي مون وٽ رهه، آءٌ تنهنجي
آهيان.“ ٻه چار ڏينهن شهزادي سان گذاري، هن جي
خوشامد ڪري، انگل ڪيائينس ته ”شهزادا! اهو رومال
مون کي ڏي.“ شهزادي کي هن جي مڪر جي خبر ڪانه رهي،
تنهن رومال کڻي هن کي ڏنو. رومال هٿ ڪري، نوڪرن کي
حڪم ڪيائين ته ”هن کي هينئر جو هينئر تڙي ڪڍي
ڇڏيو!“ تِن شهزادي کي ڌڪي محلات کان ٻاهر کڻي ڦٽو
ڪيو.
شهزادي کي ڏاڍو ڏک ٿيو... غمگين ٿي اٿي هليو ۽ وري به پوئين
پيرين هلندو هلندو، اچي پنهنجي گهر پهتو. اتي هفتو
کن ٿڪ ڀڃي، آرام ڪري، صبح جو اها ساڳي نوڙي ۽
ڪهاڙي کڻي، جهنگ ڏانهن ڪاٺين واسطي نڪتو. وري به
اچي انهن ڪوٺين وٽ پهتو. اتي ترسي، خيال ڪيائين ته
’باقي وڃي هڪڙي ڪوٺي ڇڏي اٿم، هاڻي وري به هڪ دفعو
نصيب آزمائي ڪري ڏسان، ته ڇا آهي!‘ سو، همت ڪري،
انهيءَ ٽينءَ ڪوٺيءَ جي ڪلف کي لڳي ويو، جيئن تيئن
ڪري، نيٺ ان کي به ڀڳائين. ڪلف ڀڃي، گهڙي ويو
اندر. اُتي ڇا ڏسي ته ان ۾ هڪڙي ٽوپي پيئي آهي.
ٽوپيءَ ۾ اهو اسرار هو، جو جيڪو ماڻهو اها پائيندو
هو، تنهن کي ٻيو ڪوبه ماڻهو ڏسي ڪونه سگهندو هو.
شهزادي اها ٽوپي هٿ ڪري، کڻي مٿي ۾ پاتي، ۽ اتان ئي روانو ٿيو.
زال ڏانهن، ته ڪيئن به ڪري ان کي هٿ ڪريان، نيٺ ان
وٽ وڃي پهتو. زالس وري به مڪر ڪري، ڪنهن طرح اها
ٽوپي به هن کان کسي ورتي، ۽ هن کي وري به لوڌائي
ڪڍيائين، اتي شهزادو بلڪل هارجي ويو، ۽ سڀ حيلا
وسيلا وڃائي ويٺو، ۽ مايوس ٿي وري به جهنگ منهن
ڪري اٿي هليو. گهڻي رولڙي سبب، هن ويچاري کي بک
تمام پريشان ڪيو، ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو، ته
ڪا کاڌي جي شيءِ هٿ اچي. ايتري ۾ ڀرسان ڏسي ته
هڪڙو ميويدار وڻ بيٺو آهي، جنهن ۾ ڪيترا ميوا پڪا
بيٺا آهن. هن يڪدم اهي ميوا ڇني، کڻي وات ۾ وڌا، ۽
کائي اڃا بس ئي نه ڪيائين، ته سندس شڪل انساني
صورت مان ڦري ٻڪري جي جامي ۾ اچي ويئي. اتي هن کي
ڏاڍو خوف اچي لڳو ته متان ڪو جهنگلي جانور نه پڪڙي
وٺيم- سو سڄو ڏينهن اتي لڪندو ڇپندو رهيو. ٿيندي
ٿيندي، اُتي ڇا ڏسي ته هڪ ٻيو وڻ ميويدار بيٺو
آهي. ان جي هيٺان جو هڪ داڻو ڪريو پيو هو، سو به
هي کائي ويو، ۽ ان جي کائڻ سان خدا جي قدرت اهڙي،
جو هي وري ساڳيو انسان ٿي پيو. اتي هن خدا جا
شڪرانا بجا آندا.
شهزادي ڇا ڪيو، جو اهي ميوا ٻنهي قسمن جا کڻي، ڳچ جيترن ميون جي
هڪڙي پٺارڪ ٻڌي، گيڙو رتا ڪپڙا ڪري، پاڻ کي جوڳي
بنائي، اٿي پنهنجي زال واري شهر ڏانهن هليو، اتي
جڏهن پهتو، تڏهن خبر پيس ته سندس زال بيمار ٿي
پيئي آهي، وٽس ڪئين حڪيم طبيب آيا آهن، مگر ڦڪين
مان ڪو فرق ڪونهي. شهزادو، اها ڳالهه ٻڌي، پاڻ کي
سنياسي حڪيم سڏائڻ لڳو. شهر جي ماڻهن وڃي بادشاهه
جي اڳيان هن جي تعريف ڪئي ته ”پري کان هڪڙو سنياسي
حڪيم آيل آهي- هن کان به شهزاديءَ جي دوا ڪرائي
ڏسو.“ بادشاهه هن ’سنياسي‘ کي گهرايو، جنهن چيس ته
”آءٌ شهزاديءَ جي دوا ڪندس، مگر اسان کي هڪڙو
نويڪلو محلات گهرجي.“ بادشاهه اهو قبول ڪري، هن کي
علاج واسطي جدا جاءِ ڏني. شهزادي پنهنجي زال کي
جدا جدا قسمن جا ميوا پئي کارايا. آخر هڪڙي ڏينهن،
انهيءَ وڻ جو ميوو کارايائينس، جنهن کي کائي پاڻ
ٻڪرو ٿي پيو هو. هن کي اهڙيءَ ريت ٻڪري بنائي، اچي
موچڙن جو وار ڪيائينس. ماري ماري، جڏهن صفا سڄائي
ڇڏيائينس، تڏهن وري ماڻهوءَ جي شڪل بنائڻ وارو
ميوو کارائي ماڻهو ڪيائينس. اهڙي طرح، ڪئين دفعا
هن کي ٻڪري بنائي، مارون اهڙيون ڪڍيائينس، جو هن
بنھه توبهه ڪئي ۽ شهزادي کي چيائين ته ”هاڻي مون
کي ٻڪري نه ڪجان... آءُ هاڻي سڄي عمر تنهنجي ٿي
رهنديس.“
شهزاديءَ پوءِ پنهنجي والد کي چيو ته ”آءٌ اهو سنياسي مڙس
ڪنديس.“ بادشاهه اهو قبول ڪيو. حقيقت ۾ هنن جي
شادي نڪاح اڳي ئي ٿيل هو، باقي رڳو شهزاديءَ جي
ماءُ پيءُ جي قبوليت جي ضرورت هئي. سو، بادشاهه
به، راضي ٿي، شهزاديءَ جي شادي سنياسيءَ سان ڪري
ڏني.
ٿورن گهڻن ڏينهن کانپوءِ، شهزادو زال سميت پنهنجي ماءُ وٽ آيو،
۽ پنهنجي ماءُ، زال ۽ انهن ويڳن ڀائرن ۽ سندس
پوڙهيءُ ماءُ سميت پنهنجي بادشاهيءَ ۾ آيو، جتي
پنهنجي همت سان وري ڌنار بادشاهه ۽ هن جي راڻي کي
جهلي، ٻڪرو ۽ ٻڪري بنائي، ڌڻ سان پهرائي ڇڏيائين،
۽ پنهنجي پيءُ جو تخت حاصل ڪري، پنهنجي سموري عيال
سميت ڏاڍي دٻدٻي سان ويهي پنهنجي حڪومت پاڻ هلائڻ
لڳو.
شهزادو لعل ۽
شهزادي لعلان
هڪڙو هو بادشاهه، جنهن کي سِڪي سِڪي، هڪ سهڻو ۽
سدا ملوڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو رکيائين ”شهزادو
لعل.“ شهزادو، اڄ ننڍو سڀان وڏو، نيٺ اچي جوان
ٿيو. هڪ ڏينهن، شهزادي لعل پنهنجي پيءُ کي چيو ته
”بابا سائين، منهنجي شادي فلاڻيءَ ولايت جي
شهزاديءَ لعلان سان ڪرايو، نه ته آءٌ هتي ڪونه
رهندس.“ بادشاهه کيس چيو ته ”ابا، انهيءَ ولايت جو
بادشاهه اسان جي دشمنن مان آهي- ۽ پنڌ به ڏاڍو
ڏورانهون ۽ اڻانگو آهي... هرو ڀرو، جي تنهنجو
ارادو آهي، ته ڪجهه وقت ترس.“ لعل شهزادي، جنهن
لعلان جي سونهن ۽ سندس سوڀيا حد کان وڌيڪ ٻڌي هئي،
تنهن کي ڀلا ڪٿي جو قرار اچي؟ سو، رات ٿيڻ تي،
ڪجهه ٽپڙ ۽ روڪڙ کڻي، اڪيلي سر وٺي انهيءَ ولايت
جو رخ رکيائين.
هلندي هلندي، نيٺ هڪڙي ڏينهن، وڃي انهيءَ ولايت ۾
پهتو، ۽ اتي جاچ مان پتو پيس ته شهزادي لعلان هڪ
مُلا جي مدرسي ۾ پڙهندي آهي. هيءُ به وڃي انهيءَ
مدرسي ۾ پڙهڻ ويٺو. ٿوري گهڻي ڏينهين، هنن ٻنهي جي
محبت جا پيچ ڳنڍجي ويا- ايتري قدر، جو هڪٻئي کي
ڏسڻ کانسواءِ هنن جو کاڌو پيتو حرام ٿي ويو. آخر
هڪ ڏينهن، لعلان پنهنجي پيءُ کي چئي ڏنو ته ”مون
کي مڙس گهرجي، ته هيءُ گهرجي.“ بادشاهه، ڌيءُ جو
راز ۽ شهزادي لعل جي ملوڪائپ ڏسي، شهزاديءَ جي
شادي لعل سان ڪرائي، ۽ هنن کي هڪ نئين محلات
جوڙائي، انهيءَ ۾ رهايائين.
هڪڙي ڏينهن، بادشاهه شهزاديءَ کي چيو ته ”ڌيءُ، اڄ
آءٌ شڪار تي وڃان ٿو، تنهنڪري تنهنجي مڙس کي به
وٺيو ٿو وڃان.“ شهزاديءَ لعلان کيس چيو ته ”بابا
سائين، هن کي ڀلي وٺي وڃو- مگر هي آهي نازڪ مزاج،
تنهنڪري کيس ڪا تڪليف ڪانه ڏجو، ۽ سندس خيال
رکجو.“ ٻئي ڏينهن، بادشاهه شهزادي لعل کي ساڻ ڪري،
ويو شڪار تي، شڪار گاهه ۾ اُس ۽ ڪاڙهي هئڻ سبب کيس
هڪ نهر جي ڪپر تي، جتي وڻراهه ۽ ٿڌڪار هئي، اتي
ويهاري، پاڻ ويو شڪار سان. مڄاڻ ته اتي ڪو ديو
بيٺو هو، سو ويس بدلائي، اچي شهزادي کي کڻي ويو.
بادشاهه، شڪار کان موٽڻ بعد، گهڻو ئي هن جي ڳولا
ڪرائي، مگر هن جو پتو ئي ڪونه پيو. آخر ڏاڍي ڏک ۾
ڀرجي، اچي ڌيءُ کي سموري ڳالهه ڪري ٻڌايائين.
شهزادي لعلان هيڪر ته ڏندڻجي ويئي، پر پوءِ گلاب
جي پاڻيءَ ۽ خوشبوءِ ڇٽڻ سان سامت ۾ آئي، رات
ڏينهن روئڻ کانسواءِ ٻي تات ڪانه هيس. آخر هڪڙي
ڏينهن، مرداڻو ويس ڍڪي، ساهيڙيون ۽ زر زيور ساڻ
ڪري، هٿيارن پنهوارن سان گهوڙن تي سوار ٿي، اُٿي
انهيءَ شڪارگاهه ڏي رواني ٿي. جڏهن انهيءَ نهر تي
پهتي، تڏهن اُتي کيس هڪ پري نظر آئي. شهزادي لعلان
وڃي ان جي پيرن تي ڪِري، ۽ پنهنجي مڙس جو پتو
پڇيائينس. پريءَ چيس ته ”برابر، تنهنجو مڙس منهنجي
مڙس کڻي پاڻ وٽ لڪايو آهي.“ شهزادي روئي کيس ايلاز
۽ منٿون ڪرڻ لڳي، جنهن تي پريءَ کي رحم آيو. ۽
چيائينس ته ”توهان هاڻي هتان هليا وڃو... رات ٿيڻ
تي آهي، ۽ ديو به اچڻ وارو آهي. سندس اچڻ تي، کيس
چئي، مان شهزادو توکي وٺي ڏيندس.“ رات جو ديو جڏهن
آيو، تڏهن هن کان انهيءَ ڪوٺيءَ جي ڪُنجي وٺي
رکيائين، ۽ صبح جو جڏهن ديو ٻاهر نڪري ويو، تڏهن
شهزادي به موٽي اُتي آئي، جنهن کي هوءَ انهيءَ
ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويئي، ۽ شهزادي لعل کي ٻاهر ڪڍي هٿ ۾
ڏنائينس، ۽ کيس چيائين ته ”هتان جلدي نڪري وڃو، نه
ته ديو آيو، ته سڀني کي کڻي قيد ڪندو.“ شهزادي
لعلان شهزادي لعل سان مِلي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ کيس
گهوڙي تي سوار ڪري، محلات ۾ وٺي آئي، ۽ مزي سان
پاڻ ۾ گڏ گذارڻ لڳا.
هڪڙي ڀيري بادشاهه وري شڪار تي تيار ٿيو، ۽
شهزاديءَ کي اچي چيائين ته ”اما، آءٌ لعل کي شڪار
تي وٺي ٿو وڃان.“ شهزاديءَ چيس ته ”بابا سائين،
اڳي به لعل کي وڃائي آيو هئين، ۽ مان وڃي، وڏن
جهدن سان، کيس واپس وٺي آئي هيس. هينئر مان هن کي
موڪل ڪونه ڏيندس- باقي اوهان مالڪ آهيو.“ آخر
بادشاهه ضد ڪري، لعل کي وري به شڪار تي وٺي ويو، ۽
وڃي انهيءَ نهر تي کيس ويهاريائين. اوچتو اهو
ساڳيو ديو اچي هن کي کڻي ويو. شڪار تان موٽڻ بعد،
بادشاهه سندس گهڻي ئي ڳولا ڪرائي، پر هن جو پتو ئي
ڪونه پيو. نيٺ نااميد ٿي، اچي پنهنجي ڌيءُ سان خبر
ڪيائين. شهزاديءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ وري به ساڳيءَ
طرح سنبري اوڏانهن ويئي، ۽ وڃي پريءَ جي پيرن تي
ڪري، روئي حال ڪيائين. پريءَ کيس چيو ته ”ادي،
اوهان جي وڃڻ کانپوءِ، ديو اچي لعل جي جاچ ڪئي، ۽
پوءِ هن کي نه ڏسي، اچي مون تي مَٽيو، ۽ اڄ ڏينهن
تائين رخ ڏيئي مون سان ڳالهائي به ڪونه ٿو. ۽ هن
ڀيري لعل کي ڪوٺيءَ ۾ پورڻ بدران، وڌو اٿس پنهنجي
مٿي جي وارن ۾- تنهنڪري جڏهن هو اچي، تڏهن تون پاڻ
کيس ايلاز منٿ ڪري ڏس... مَن ڪو قياس پئجي وڃيس،
جيڪڏهن هو توکي چوي ته ’مون وٽ ڪونهي.‘ ته تون کيس
چئج ته ’توهان جي وارن ۾ لڪل آهي!‘ پوءِ اميد ته
توکي ڪڍي ڏيندو، پر هڪڙي ڳالهه ياد رک ته جي هيءُ
ڀيرو شهزادو توکي ملي، ته وري هن کي هيڏانهن ڪڏهين
به نه موڪلج.“ شهزادي رات اتي رهي پيئي، ۽ جڏهن ديو آيو، تڏهن
”ماما! ماما!“ ڪري وڃي ديو جي پيرن تي ڪري. ديو
کيس چيو ته ”جي ’ماما، ماما!‘ نه ڪرين ها، ته هوند
سرنهن جيڏا داڻا ڪري ڇڏيانءِ ها.“ شهزاديءَ کيس
چيو ته ”ماما، هاڻي به حاضر آهيان.“ ديو وراڻيو ته
”هاڻي چؤ، ڇا ٿي چئين؟ ڇو هتي آئي آهين؟“ شهزاديءَ
سموري حقيقت ڪري ٻڌايس. ديو چيو ته ”اهو ته مون وٽ
ڪونهي.“ شهزاديءَ چيس ته ”ماما، اُهو اوهان جي مٿي
جي وارن ۾ پيل آهي.“ اهو ٻڌي، ديو ڏاڍو شرمندو ٿيو
۽ يڪدم وارن مان ڪڍي لعل کي لعلان جي اڳيان کڻي
بيهاريائين ۽ چيائينس ته ”هن کي وٺي وڃ، ۽ وري کيس
منهنجي حد ۾ ڪڏهن به نه موڪلج.“ پوءِ شهزادي لعلان
شهزادي لعل کي ساڻ ڪري پنهنجي شهر ۾ آئي ۽ مزي سان
پاڻ ۾ گڏ گذارڻ لڳا.
هڪڙي ڏينهن، شهزادي لعل بادشاهه کي چيو ته ”چاچا سائين، منهنجي
پيءُ ۽ ماءُ جو حال نه معلوم ڪهڙو ٿيو هوندو! چڱو
ائين آهي ته هاڻي مون کي اجازت ڏيو، ته وڃي پنهنجي
ماءُ پيءُ سان ملان، ۽ وڃي اُتي رهان.“ بادشاهه
اها ڳالهه مناسب ڄاڻي، کيس اجازت ڏني ۽ هن کي
شهزاديءَ جي ٻانهن ۽ حفاطتي لشڪر ۽ سفر جو سامان
ساڻ ڏيئي، روانو ڪيو، هلندي هلندي، هڪڙي ڏينهن،
لعل شهزادو اچي پنهنجيءَ ولايت ۾ پهتو ۽ وڃي پيءُ
ماءُ سان مليو. هو ته هن کي مُئو سمجهي، روئي پٽي،
آسرو لاهي، ويهي رهيا هئا. سو کيس ڏسي، بادشاهه،
راڻي ۽ امير امراءُ سڀ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ انهيءَ
خوشيءَ ۾ بادشاهه حڪم ڏنو ته ”پوري شهر ۾ ڪوبه
پنهنجو کاڌو نه پچائي، چاليهه ڏينهن سڀني کي
بادشاهي لنگر تان کاڌو ملندو.“ بس، پوءِ ته گهر
گهر خوشي ۽ شهزادي لعل جي اچڻ سان شادمانا ٿي ويا،
۽ بادشاهي حڪم موجب سموري شهر جي ماڻهن کي پورا
چاليهه ڏينهن، گهر ويٺي ماني پئي ملي. حفاظتي
لشڪر، جو شهزادي لعل سان گڏجي آيو هو، تنهن کي ٻه
ٽي مهينا بادشاهه پاڻ وٽ وڏي مان سان رهايو ۽
پوءِ انهن جي منٿ تي، کين بادشاهه لاءِ شاهي
سوکڙيون پاکڙيون ۽ سفر جو سامان ساڻ ڏيئي، واپس
وڃڻ لاءِ موڪل ڏنائين. جن وڃي پنهنجي بادشاهه سان
ملي، ساڻس سموري حقيقت بيان ڪئي، ۽ پوءِ ٻيئي
بادشاهه عمرين جا زنگ وساري، هڪٻئي جا گهاٽا يار
بنجي ويا... هنن جي مرڻ کانپوءِ، ٻنهي بادشاهين کي
گڏي هڪڙي بادشاهي ڪيائون، ۽ شهزادو لعل ڏاڍي آب
تاب سان تخت نشين ٿيو. شهزادي لعلان ۽ شهزادو لعل
پوءِ پنهنجي باقي عمر جا ڏينهن، انهيءَ بادشاهيءَ
۾، گڏجي ڏاڍي موج مزي سان گذارڻ لڳا.
●●● |