[ ارشادات
۽ سمجھاڻي
]
سلطان الاولياء فرمايو:
الله تعاليٰ جي ذڪر ڪرڻ لاءِ ڪنهن به شرط کي نه
ڏسو ۽ ذڪر کان سواءِ ڪنهن ٻي شيءِ کي اصل واجب نه
سمجهو. ڇاڪاڻ ته، (ذڪر جو) مقصود صرف “الله” آهي.
ذڪر ڪندڙ ئي فرمانبردار ٻانهو چئبو، پوءِ ڀلي سندس
نمازون ۽ روزا گهٽ ڇونه هجن. جيڪو ذڪر نه ٿو ڪري
سو غافل آهي، پوءِ ڀلي ان جون نمازون ۽ روزا زياده
ڇو نه هجن.
سلطان الاولياء فرمايو:
الله (جي معرفت) ڪو افسانو يا قصو نه آهي، جيڪو
طالب کي بيان ڪري ٻڌائجي. مگر هن طرح ياد ڪرڻ
لازمي آهي ته اهو (ربّ) بنا ڪنهن عرض (رنگ ۽ بوءِ
وغيره) ۽ ڪيفيت جي موجود ۽ حاضر آهي.
آئون چوان ٿو ته:
هن گـفتـار مـان مـراد ۽ مـطلب اهـو آهي ته نـاقـص
مـاڻهن جـي قـصن
ڪهاڻين کان
پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪي ظاهر بين آهن يا وري باطن
وارن مان آهن (پر اڃا منزل کي نه پهتا آهن) ڇاڪاڻ
ته دين ۾ آساني آهي.
سلطان الاولياء فرمايو:
منم موجود اي طالب کجائي
چرا در حضرت ما مي نيائي.
[معنيٰ: اي طالب! آئون موجود آهيان، پر تون ڪٿي
آهين؟ تون منهنجي حضور ۾ ڇو نه ٿو اچين!]
ڪتاب
”الزبور“
۾ (وري هن ريت) آهي:
انا الموجود فاطلبني تجدني
فان تطلب سوائي لم تجدني.
[معنيٰ: اي طالب! آئون موجود آهيان، مون کي ڳولھ
ته مونکي حاصل ڪري سگھين پر جيڪڏهن مون کي ڇڏي
ڪنهن ٻئي کي ڳوليندين ته مون کي نه لهندين.]
عاقبت جوينده يا بنده بود
[معنيٰ : جيڪو ڳوليندڙ آهي، سو نيٺ ان کي لهندو.]
آئون چوان ٿو ته:
جنهن غير الله جي طلب ۾ پنهنجي نفس کي گم ڪيو،
تنهن ڄڻ
پنهنجي ربّ تعاليٰ کي وڃايو. پر جيڪو ائين نه آهي
(يعني غير الله جي طلب ۾ محو نه آهي) سو الله کان
غافل به نه آهي. چوڻ جوڳي ڳالهه جنهن کي ظاهر ڪرڻ
مُمڪن آهي ته بيشڪ اصل مقصد ‘محبت’ آهي. پوءِ
جيترو محبت کي مقيد ڪبو، اوترو ئي حجاب آڏو ايندو.
تنهنڪري تون معين محبوب کان سواءِ عاشق ٿيءُ.
الله تعاليٰ فرمايو آهي:
مَا جَعَلَ
عَلَيڪُم
فِي الدِّينِ مِنْ حَرَجٍ
(78:22:17)
[ ترجمو:الله تعاليٰ توهان تي دين ۾ ڪابه تنگي نه
رکي آهي.]
پوءِ ڪنهن ڪهڙو نه سٺو چيو آهي: “الخدا خانه
يغما” [ الله تعاليٰ غنيمت جو گهر آهي.]
سلطان
الاولياء فرمايو:
جيڪا شيءِ الله جي ذڪر ۾ مددگار نه بنجي، ان کي
ڇڏڻ گھرجي.
ڪنهن به ڪتاب جو مطالعو رڳو هن لاءِ ڪيو وڃي ته
ذڪر ۾ جيڪي خدشا رنڊڪ وجھندڙ آهن، اُهي پري ٿين.
ڇو جو اُهي مطالعي کان سواءِ دور نٿا ٿين.[3]
سلطان الاولياء فرمايو: موت جي وقت
ذڪر ۽ حضور جي ملڪي کانسواءِ، ٻيو ڪو به علم فائدو
نه ڏيندو آهي.
آئون چوان ٿو ته:
ذڪــر جـي مـلڪـي جـي مـعـنيٰ اهـا آهـي جـنهن
طـرف شيـخ سـعـدي
پنهنجي ديوان ۾ اشارو ڪيو آهي:
سعدي مبر انديشه که در کام نهنگان
چون در نظر دوست نشيني همہ کام است
[معنيٰ: اي سعدي! جيڪڏهن تون واڳُن جي وات ۾ هجين
ته به ڊپ نه ڪر، (ڇو ته) جڏهن دوست جي نظرِ (حضور)
هيٺ آهين ته پوءِ سڀ ڪم هن جي حوالي آهن.]
سلطان الاولياء فرمايو:
جيڪو اسان (اوليائن) سان جھڳڙو ڪندو، اهو هدايت
وارو نه ٿيندو. الله جي معرفت اهو ماڻيندو، جيڪو
اسان (الله وارن) جي تابعداري ڪندو.
آئون چوان ٿو ته:
ڪتاب ‘مڪتوبات زڪيه’ ۾ آهي ته پنهنجي مُرشد جي
هـلت چلت مان ئي دين جي ڄاڻ ۽ سمجھ حاصل ٿئي ٿي.
هن مسڪين (گرهوڙيءَ) هي بيت چيا آهن:
هر که او تابعش بشرع رسد
او اصول الفقہ و راه رشد
[معنيٰ: جيڪو اُن (مرشد) جو تابع ٿيو، اهو شريعت
تي پهتو. (ڇوته) فِقھ جا اصول ۽ سنئين واٽ سندس
ذات آهي.]
اصل الفقہ چيست راه نما
شاه آن مرشد ست راه نما
[معنيٰ: فقھ جو بنياد ڇا آهي؟ رستو ڏيکاريندڙ ۽
رهنمائي ڪندڙ اهو مُرشد ئي ان راهه جو اڳواڻ آهي.]
مرد جامع رسيد بالاجماع
در ذلالت رسيد جهل و نزاع
[معنيٰ: اجماع ۽ اتفاق آهي ته مرد کي جامع پهتل
بنائي ٿو، باقي جھيڙوجھٽو گمراهيءَ ۾ پهچائي ٿو.]
نفس چون نيست در درون باقي
جمله اش جمله را شود ساقي
[معنيٰ: جڏهن نفساني خواهشون باقي نه رهن، تڏهن هو
سڀني جو سڀني لاءِ ساقي ٿئي ٿو.]
قبط را خون و سبط را صافي
همچو قرآن مضلّ شود هادي
[معنيٰ: هو قبطيءَ لاءِ رت ۽ سبطيءَ لاءِ صاف
(پاڻي) آهي. قرآن شريف وانگر گمراهن کي هدايت ڪندڙ
بنائي ٿو.]
سلطان الاولياء فرمايو:
نفي کن اثبات هر موجود را
تا به بيني هستي معبود را
[معنيٰ: هر هڪ موجود (شيءِ) جي اثبات کي نفي ڪر ته
جيئن پنهنجي معبود حقيقي (الله) جي هستي کي ڏسي
سگهين.]
آئون چوان ٿو ته:
حـديث شريف ۾ آهي ته عـرب جي (شاعر لبيدُ جي)
ڪـلام ۾(سڀ کان) وڌيڪ سچي ڳالهه هيءَ آهي ته:
”اَلاَ
کلُّ شيءِ ما خل الله باطل“
[ترجمو: خبردار! هر اها شيءِ جيڪا الله کان سواءِ
آهي سا باطل آهي.]
عارفن مان ڪنهن چيو آهي ته: “الڪفر اول الطريق”
يعني (سالڪ جي) پهرين واٽ “ڪفرُ” (نفي) آهي، ۽
(طالب جي) پهرين طلب الله کان سواءِ ٻي هر شيءِ جي
نفي ڪرڻ آهي. پوءِ الله جي ذريعي ئي شين کي ثابت
ڪيو وڃي. (هن جو مثال ائين آهي) جيئن پاڻي جو
ڦوٽو يا ڪکُ پَنُ ترندڙ هوندو آهي.
و ما هي الا ان تجلت بمظاهره[4]
فظنوا سواها و هي فيها تجلت
[معنيٰ: اهو ڪير آهي؟ جنهن مختلف مظهرن ۾ جلوو ڪيو
آهي. انهن تجلين کي ڪا ٻي شيءِ نه سمجھو، بلڪ اها
ذات انهيءَ صورتن ۾ جلوه گر ٿي آهي.]
مولوي رومي چوي ٿو:
ان فضل الله غيمً هاطِلّ
ڪُلّ شيءِ ما خلا
الله باطل.
[معنيٰ: بيشڪ الله تعاليٰ جي فضل ۽ مهربانيءَ جو
ڪڪر ماڪ (وانگر) آهي، الله کان سواءِ ٻي هر شيءِ
باطل آهي.]
اهي مظاهر (۽ صورتون) نالا آهن ۽ اهو
مُسمّيٰ (الله) آهي يا اهي جسم آهن ۽ الله انهن جو
روح آهي. جيڪو انهن مظهرن کي الله سمجهي يا الله
جو حصو سمجهي، (سو) “وحدت الوجود” توڙي “وحدت
الشهود” (صوفين جي ٻنهي مسلڪن وٽ) ان ڪفر ڪيو.
سلطان الاولياء فرمايو:
سانوري رنگ هوندي به ليليٰ کي اهڙو حسنُ هو، جنهن
کي فقط مجنون ئي سُڃاڻي سگھيو.
حسان ما قدر اينا مثلها بشرا
يزيدک وجھہ حسنا اذا ما زدتہ نظرا
[معنيٰ: هن جھڙو سُهڻو ٻيو انسان نٿو ڏسان جيئن
مان هن کي گھڻو ڏسان ٿو ته هن کي وڌيڪ حسين سمجھان
ٿو.]
آئون چوان ٿو ته:
هــتي ليـليٰ مــان مــراد “مُــرشــد” آهـــي يـا
ڪـلـمـي پــــاڪ جـو لـفـظ
“لاالہٰ الاالله” مراد آهي يا الله تعاليٰ
جي جلال وارو اسم يا مُسمِّيٰ بنا ڪيفيت جي مراد
آهي ۽ ماڻهو جن شين سان عشق رکن ٿا (تنهن جا)
ڪيترائي اسباب آهن.
سلطان الاولياءَ فرمايو:
شين جون ذاتيون، انهن جون ڄاتل سڃاتل صورتون آهن ۽
الله جي ذات انسان جي ذات وانگر آهي. پوءِ جنهن
انسان (پاڻ) کي سڃاتو، ان ڄڻ ته الله کي سڃاتو. پر
هي عقيدو رکبو ته،
لَيْسَ کَمِثِلِہ شَيْءٌ (11:42:25)
[ترجمو:- ان جهڙي ڪابه شيءِ نه آهي.]
سڪندر جو ايلچي يا سفير ٿي وڃڻ وڏي ڳالهه نه آهي.
آئون چوان ٿو ته:
ڦــرهــيءَ تــي چـٽـيـل نـقـش دل جـي ڳـالهه کـي
پـڌرو ڪري ٿو ۽ اهو
مشهور آهي ته ظاهر، باطن جو عنوان هوندو آهي.
سلطان الاولياء فرمايو: نفس ڪُفر آهي ۽
ربّ اسلام آهي. ڪفر ۽ اسلام کي سمجھڻ ، ڄڻ ته نفس
۽ ربّ کي ڄاڻڻ آهي.
آئون چوان ٿو ته:
‘ڪشف’ ڪتاب ۾ آهي ته ڪفر جي معنيٰ، حق کي غير حق
سان
لڪائڻ آهي. پوءِ اهو غير ڀلي عمل صالح ئي ڇو نه
هجي. ليڪن پنهنجي علم ۽ عمل سان غير جي نفي ڪرڻ
توحيد آهي. [5] ڪفر ۽ توحيد ٻنهي جي حقيقت ڄاڻڻ
گھرجي.
آب مي نوشيم ما از چشمها
موج دريا هر دو مي بينيم ما
[معنيٰ: اسان (فيض ۽ هدايت جي) چشمن جو پاڻي پي
رهيا آهيون. (اسلام ۽ ڪفر جي) موج واري درياءَ
ٻنهي کي ڏسي رهيا آهيون.]
سلطان الاولياء فرمايو: (اي طـالـب!) تـو
تـي لازم آهـي ته تون پاڻ کي الله جي
(قدرت وارن هٿن) آڏو اُڇلاءِ
۽ جيڪي هو ڪري ان تي راضي رهه.
وکلت امري الي الحبيب کلها
فان شاءَ احياني وان شاءَ اتلفا
[معنيٰ: مون پنهنجا سڀ ڪم انهيءَ دوست جي
حوالي ڪري ڇڏيا آهن. پوءِ جيڪڏهن مون کي جياري ته
به سندس مرضي ۽ ماري ته به سندس مرضي.]
هوئ لہ فرض تعطف ام جفا
و مشربه عذب تکدر ام صفا
[معنيٰ: هن سان محبت ۽ دوستي مون لاءِ فرض آهي
پوِءِ سندس مرضي مهرباني ڪري يا رنجُ رسائي. سندس
(فيض جو) چشمو مِٺو آهي، پوءِ ڀلي ظاهر ۾ اهو ميرو
هجي يا صاف هجي.]
سلطان الاولياء فرمايو: اسان
تقدير تي هلڻ وارا آهيون ۽ تدبير کي ڇڏي ڏنو
اٿئون، (ڇو ته) اُهي ٻئي جنت ۽ جھنم آهن.
اٺو پهر آڙاهه جي، مٿي گهُر گهاري،
وس نه ويچاري، ڪا ماڳ ڍوئي مڪڙي.
[معنيٰ: ٻيڙي اٺئي پهر (ڏينهن رات) اونهي
پاڻيءَ تي پئي هلي پر اها بيوس آهي ته منزل تي
سلامتيءَ سان وڃي پهچي.]
آئون چوان ٿو ته:
هن ٻول ”القول الفِصل“ جو نالو ”فتح
الفضل“ رکجي ٿو.
حافظ چيو آهي ته:
برو زاهدا خورده بر ما مگير
که کارِ خدائي نه کاريست خورد
[معنيٰ: اي زاهد! هليو وڃ، اسان جا عيب ۽ خطائون
نه پڪڙ، ڇو ته اهو ننڍڙو ڪم ناهي پرالله جو ڪم
آهي.]
مطلب ته اسان الله پاڪ جي خواهش تي هلون ٿا، زاهد
وانگر پنهنجي خواهش تي نٿا هلون.
هن مسڪين (گرهوڙيءَ) جو هڪ بيت آهي:
بنده با تدبير را بيرون ز دنيا راه نيست
سوزن عيسيٰ حجاب است جز مجرد شاه نيست
[معنيٰ: تدبير تي هلندڙ ٻانهي لاءِ دنيا کان ٻاهر
ٻي ڪابه واٽ نه آهي، عيسيٰ واري سُئي هڪ حجاب آهي،
ان کان ٻاهر فقط اهو بادشاهه آهي.]
صائب چوي ٿو ته :
قدم ز دائره اختيار بيرون نہ
که سود هر دو جهان زين سفر تواني يافت
[معنيٰ: جڏهن پنهنجي اختيار جي دائري کان پير ٻاهر
رکندين، تڏهن ئي هن سفر مان ٻنهي جهانن جو فائدو
ماڻي سگھندين.]
عارف
احمد بن عطاء شاذلي
هن مضمون بابت هڪ ڪتاب نالي ‘التنوير في اسقاط
التدبير’ لکيو آهي.
سلطان الاولياء فرمايو: دنيا وارن ۽ فنا
وارن (ٻنهي) جي وچ ۾ هن کان سواءِ ٻيو ڪو به فرق
نه آهي ته، پنهنجي خواهش تي راضي رهڻ يا الله جي
خواهش تي راضي هجڻ. [6] پوءِ جنهن پنهنجي خواهش کي
ترڪ ڪيو ۽ جو ڪجھ ان لاءِ الله حڪيم ۽ ڪريم نصيب ۾
رکيو آهي تنهن تي راضي رهيو ته ان پنهنجي نيڪي ۽
سلوڪ کي
مڪمل ڪيو. ڇاڪاڻ ته پنهنجي سڌ کي ڇڏڻ ڄڻ ته تمام آرزوئن جو مول متو
آهي. نفس جي خواهش رڳو ان جي سڌ آهي، هن معنيٰ ۾
الله جي عبادت ۽ تڪليف رڳو پنهنجي غرض ۽ خواهش کي
ڇڏڻ جو 0نالو آهي. جڏهن تو پنهنجي نفس کي ڇڏيو ته
پوءِ الله کان سواءِ ٻي ڪا حاجت ۽ ضرورت نه ٿي
رهي.
جيئن نظامي چيو آهي:
سپردم بتو مايه خويش را
تو داني حساب کم و بيش را
[معنيٰ: مون سڀ ڪجھ تنهنجي حوالي ڪيو، هاڻي منهنجي
گهٽ وڌ جي حساب کي تون ئي ڄاڻين ٿو.]
آئون چوان ٿو ته:
ڪتاب ‘محصول الاصول’ ۾ آهي ته فساد ۽ صلح جو بنياد
مڪلف (انسان) جو اختيار ئي آهي. بيشڪ اهو الله جو
طريقو آهي ته هو ڪنهن به شيءِ کي ان ماڻهو جي چونڊ
مطابق پيدا ڪندو آهي، جنهن لاءِ اها شيءِ پيدا ڪئي
وئي آهي.
حديث شريف ۾ آهي:
”لِڪُلّ
امرِي مَّا نَويٰ“
[ترجمو: هر ماڻهوءَ کي اها شيءِ ملندي آهي، جنهن
جي هن نيت ڪئي آهي.]
پوءِ مصلحت انهيءَ ۾ آهي ته (انسان) ٻنهي (پنهنجي
توڙي ڪنهن ٻئي جي) اختيار کان آزاد ٿي وڃي ۽ ٻنهي
جهانن جي مالڪ جي اختيار کي پسند ڪري. اهو ئي قضا
تي راضي رهڻ آهي ۽ الله جي عين ذات جي طلب مان به
اها ئي مراد آهي.
سلطان
الاولياء فرمايو:
ڪيترن وڏن عالمن، شارحن ۽ مفسرن علمي نُقطي کي
ڪجهه به نه ڄاتو آهي، (۽ اهو نقطو آهي الله جي
وحدانيت) پوءِ اهڙا ماڻهو“ناجي جماعت” جي
لقب تي ڪيئن ٿا پورا اچي سگھن؟
مولوي
رومي چوي ٿو:
از خليل آموز اين راه اي پسر
کو شده بيزار اول از پدر
[معنيٰ: اي پٽ! حضرت ابراهيم خليل الله کان
(وحدت جي) واٽ سِکُ، جو هو پهرين پنهنجي پيءُ کان
بيزار ٿيو.]
تا نخواني لا و الا الله را
در نيابي منهج اين راه را
[معنيٰ: جيستائين تون غير الله جو انڪار نه
ڪندين، تيستائين هن مطلب جي واٽ کي نه لهي
سگھندين.]
معنيٰ لا الهٰ الاهو اين است اي پناه
که نمايد مہ ترا ديگ سياه
[معنيٰ: اي الله جي پناهه
گهرندڙ! ڪلمي طيبه ”لاالـٰہ
الاالله“ جي معنيٰ هيءَ آهي ته تو کي (لله جي
ڀيٽ ۾) چنڊ (جهڙو سهڻو به) ڪارو نظر اچي.]
سلطان الاولياء فرمايو:
انسان جي ڪهڙي “لطيفي” سان مناسبت آهي ان جي ڄاڻ
ضروري آهي ۽ ان لطيفي جو فيض انسان جي علم ۾ ڄاڻ
جو واڌارو ڪندو آهي. [7]
آئون چوان ٿو ته:
(ســلـوڪ جـي) طـالـب کـي گهـرجـي ته طـريقـت ۾
شـغل رکــي ۽ ان کوجنا
۾
نه رهي ته ڪهڙي مقام تي پهتو آهي. ڇاڪاڻ ته
‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته:
”خربوزه بخور ترا بفاليزه چه کار“
[معنيٰ: تون گدرو کاءُ، (گدري جي) واڙيءَ سان
تنهنجو ڪهڙو ڪم!]
امام
غزالي جي ڪتاب ‘احياءُ العلوم’ ۾ آهي ته عارف جي
واٽ آهي سائي ڀاڄي کائڻ ۽ زمين جي سوال کان پاسو
ڪرڻ پر عالم ان جي ابتڙ آهي، جيڪو الله جي رؤيت ۽
ديدار بابت بحث ڪندو آهي ته اهو ديدار دل سان
ٿيندو آهي يا اکين سان.
پوءِ ڄاڻڻ گهرجي ته هر لطيفو “اولي العزم” نبين
مان ڪنهن نبيءَ جو مقام آهي، اهي پنج مشهور نبي
آهن ۽ انهن لطيفن جا نالا هي آهن: پهريون“قلب”
(دل)، ٻيو“ قدم”، ٽيون “مقام”، چوٿون “ولايت” ۽
پنجون “نور”.
الله تعاليٰ فرمايو آهي:
قُلْ
ڪُل
يَعْمَلُ عَلَىٰ شَاکِلَتهِ
(84:17:15)
[ترجمو: اي پيغمبر ﷺ) چئو ته هر هڪ پنهنجي نموني
تي ڪم ڪندو آهي.]
حديث شريف ۾ آهي ته: لِکُلّ
امرِي مَّا نَوَيٰ
[ترجمو: هر ماڻهوءَ کي اها ئي شيءِ ملندي آهي،
جنهن جي هو نيت ڪري ٿو.]
ولين جي مرتبن ۾ تفاوت گهڻو ڪري (انهن پنجن)
لطيفن جي فرق جي ڪري ٿيندو آهي.
(جيئن مولوي جامي جي) هن بيت ۾ آهي:
نهي صد دسته ريحان پيش بلبل
نخواهد خاطرش جز نکهت گل
[معنيٰ: جيڪڏهن تون سوين نازبوءِ جا گل بُلبل جي
اڳيان رکندين، تڏهن به ان جي دل گلاب جي گل کان
سواءِ ٻيو نه گهرندي.]
“نبض عاشق جز بنامِ يار نايد در طپش”
[معنيٰ: عاشق جي نبض رڳو يار جي نالي ٻُڌڻ سان ئي
حرارت ۾ ايندي آهي.]
لفظ “لطيفي” جي لغت ۾ معنيٰ آهي سُهڻو يا سُٺو.
جيئن ڪتاب ‘ڪشف اللغات’ ۾ آهي.
سلطان الاولياء فرمايو:
تاري لاءِ بُرج (منزلون) آهن ۽ “والنهاية
الرجوع الي البداية” يعني سندس انتها اها آهي
ته وري شروعات ڏانهن موٽ کائي ۽ تنهنجي جاءِ اها
آهي جيڪا تنهنجي لاءِ ظاهر ٿئي.
سلطان الاولياء فرمايو:
مراقبي جو طريقو ٻليءَ کان سکڻ گهُرجي، جڏهن ڪُئي
جي ٻِرَ تي جوھ ماري ويهي انتظار ڪندي آهي. انسان
جيِ دل جيڪا کٻي پاسي آهي، سا مقصود لاءِ آکيرو
آهي ۽ اها جامع حقيقت آهي.
آئون چوان ٿو ته:
مراقبي جي انهيءَ طريقي ڏانهن ڪنهن وڏي مشائخ هن
طرح اشارو ڪيو: آهي:
عليٰ بيض قلبک کن کانک طائر
فمن ذلک الاحوال فيک تولد
[معنيٰ: تون پنهنجي دل جي آني تي ان پکيءَ
وانگر ويهه، جيڪو آني مان ٻچي نڪرڻ جي انتظار ۾
آهي. تڏهن تو ۾ (معرفت جون) مختلف حالتون ۽ احوال
پيدا ٿيندا.]
سلطان الاولياء فرمايو:
جيڪڏهن تون ذاتِ الاهي جو نمونو ڏسڻ گھرين ته پوءِ
اها ذات عام ماڻهن وٽ ڪنهن معنيٰ وانگر نه آهي.
جيئن عارف جو بدن جيڪو (ظاهري ۽ باطني) خواهشن کان
پاڪ هوندو آهي.(سو ئي ذات جو نمونو آهي) ڇو ته
ظاهر ۾ عارف کي تون ڀتر وانگر ۽ ڌيان جوڳو نه
سمجهندو آهين ۽ اهو ظاهر ۾ بي فائدو ڏسڻ هن ڪري
هوندو آهي جو عارف جون معنائون ۽ لطيفا معنيٰ جي
سمنڊ ۾ فنا ٿيل هوندا آهن. اها معنيٰ بيان ڪرڻ يا
لکڻ، جسم ۽ جوهر جي نالي کان پاڪ آهي.
آئون چوان ٿو ته:
پوءِ ٻيو ڪو به مـقصد نه آهي، جنهن جو عـام مـاڻهو
(ظـاهـري عـلم وارا)
قصد ۽ ارادو نه ڪندا آهن ۽ اهو مقصد آهي الله جي
غير کي نيست ۽ نابود ڄاڻڻ.
مولوي رومي چيو آهي:
تا ز لا لا مي گريزي وصل نيست
ز انکه لا لا را ز شاهد فصل نيست
[معنيٰ: جيستائين تون (محبوب جي) خدمتگار کان
پاسو ڪندين، تيستائين تون محبوب سان ڪونه ملندين،
ڇو ته محبوب هن کان پري ناهي.]
سلطان الاولياء فرمايو:
عالمِ خلق، عالمِ امر کان افضل آهي، ڇاڪاڻ ته
ظهورو عالمِ خلق ۾ ئي آهي.
آئون چوان ٿو ته:
اهو انهيءَ ڪري جو روشني هميشہ اونداهيءَ واري
جاءِ تي ظاهر ٿيندي آهي.
جيئن مولوي رومي چوي ٿو:
بانگ مي آيد که اي طالب کجا
جود محتاج گدايان چون گدا[8]
[معنيٰ: آواز پيو اچي ته اي طالب! تون ڪٿي آهين؟
ڇو ته سخا پاڻ پنڻ وارن فقيرن وانگر محتاج آهي.[
سلطان الاولياء فرمايو:
مُرشد، مريد واسطي هڪ نصيحت واري بيت يا آيت جو
نمونو آهي، پوءِ جيڪڏهن مُريد ۾ سمجهه هوندي ته ان
مان مريد کي اصل جي ڄاڻ ملندي.
ان جو مثال هي بيت آهي:
دلا تاکي درين کاخ مجازي
کني مانند طفلان خاکبازي.
[معنيٰ: اي دل! تون هن مجازي ماڙيءَ (دنيا) ۾
ڪيستائين ٻارن وانگر مٽيءَ سان راند ڪندي
رهندينءَ!]
توئي آن دست پرور مرغ گستاخ
که بودت آشيان بيرون از اين کاخ
[معنيٰ: تون ته اهو هٿ جو پاليل گستاخ پکي آهين،
جنهنجو آکيرو هن ماڙيءَ کان ٻاهر هو.]
بيشڪ اهي بيت اصلي وطن ڏانهن خبردار ڪن ٿا ۽ ان
ڏانهن موٽڻ ۽ هن ڌارئي وطن (دنيا) کي ڇڏڻ تي زور
ڏين ٿا. |