سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:27 

       امام زين العابدينؓ

علي بن حسين بن علي رضي الله عنہ ڪربلا جي قضيي کان پوءِ چاليھ سال زنده رهيو ۽ 100ھ ۾ اٺونجاھ سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. هو تمام گهڻو عبادت گذار هو. تنهن ڪري مٿس “زين العابدين” يعني “عبادت ڪندڙن جي سونهن” جو لقب هيو. هن عمر بن عبدالعزيز جي زماني ۾ وفات ڪئي.

Oval: 160
تاريخ يعقوبي ترجمو ثاقب اڪبر، ص535  

       فرزدق شاعر

لقب ابوفراس، هو عربيءَ جو وڏو شاعر هو. فرزدق جي انهيءَ قصيدي جا ٻه وڌيڪ بيت هت ڏجن ٿا.

هٰذاالذي يعرف البطحا وطانتة، والحل يعرف والبيت والحرم
هٰذا الجن عبادالله ڪلهم، هٰذا التقي الطاهر العلم

هي 101ھ/728ع ۾ بصري ۾ وفات ڪري ويو.

     مناقب الاصفيا، ص125

     الدنيا ساعة

ملا علي قاريءَ هن کي الاسرار المرفوعه ۾ آندو آهي.

      شرح عين العلم

“عين العلم وزين الحلم” محمد بن عثمان بلخيءَ جي تصنيف آهي. جنهن جو شرح ملا علي قاري لکيو آهي. سنڌ جي ڪتب خانن ۾ هن ڪتاب جا قلمي نسخا ملن ٿا.

ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري ۾ هن ڪتاب جا ٻه نسخا 269 ۽ 270 سلسلي تي موجود آهن.

 فهرست مخطوطات ص 136 ۽ 137

       حج ڪرڻ مردن جي لاءِ آزمائش آهي

هيءُ ارشاد مثنويءَ روميءَ جي هن بيت جي ترجماني ڪري ٿو:

حج زيارت کردن خانه بود

حج رب البيت مردانه بود
                                  

[معنيٰ: حج (عام طور) خانه (ڪعبي) جي زيارت آهي، ليڪن بيت الله ( گھر جي مالڪ) جو حج مردن جو ڪم آهي.]                                    دفتر چهارم ب 15

       مطول

درس نظاميءَ جو ڪتاب جيڪو علام تفتازاني جي تصنيف آهي، ليڪن اصل ۾ اهو قزوينيءَ جي ڪتاب تلخيص المفتاح جي شرح آهي. هن جو موضوع علم بديع، بلاغت ۽ معاني آهي. امير تيمور تفتازانيءَ جو وڏو قدردان هو ۽ کيس سرخس مان سمرقند وٺي آيو، جتي کيس پاڻ سان گڏ ويهاريندو هو. انهيءَ ساڳيءَ زماني ۾ وقت جو ٻيو وڏو عالم مير سيد شريف جرجاني به تيمور جي درٻار سان وابسته هو، ٻنهي ۾ مناظرا ٿيندا رهندا هئا. شريف جرجاني ڳالهائڻ ۾ وڌيڪ فصيح هو، آخر هڪ مناظري ۾ هو تفتازانيءَ کي شڪست ڏئي ويو. جيتوڻيڪ اها مڃيل حقيقت آهي ته علمي لحاظ کان تفتازاني وڏي مرتبي وارو هو. تفتازاني 792ھ ۾ سمرقند ۾ وفات ڪئي. مطول جو اردو ترجمو ۽ تشريح موجود آهي.

حالات مصنفين درس نظامي، ص276، 

      السهل المسهّل في شرح المطول علامه حافظ عبد الباسط  لاہور 1996

       رشحات

‘رشحات عين الحيات’ جو مصنف فخرالدين علي بن حسين واعظ ڪاشفي (939-867) آهي. جنهن هيءَ ڪتاب 909ھ ۾ مڪمل ڪيو، ان ۾ هو 95 نقشبندي صوفين جي سوانح ۽ افڪار کي نهايت سهڻي نموني ۾ بيان ڪري ٿو. هو خواجه يوسف همدانيءَ کان آغاز ڪري ٿو ۽ خواجه بهاؤالدين نقشبند جنهن جي ڪري هي سلسلو اڳتي “نقشبندي” نالي سان سڏجڻ ۾ آيو ۽ جنهن جي مزار بخارا ۾ آهي. تنهن کان پوءِ خواجه محمد پارسا، خواجه عبيدالله احرار، مولانا عبدالرحمان جامي وغيرہ جو ذڪر ڪري ٿو. ترڪي ۾ هن نقشبندي سلسلي جو وڏو اثر آهي. ترڪي ٻوليءَ ۾ هن ڪتاب جو ترجمو ٿيل آهي، جنهن تان وري انگريزيءَ ۾ Beads of Dew نالي سان اختصار ٿيل آهي، جيڪو 2001 ۾ فلوريدا مان ڇپيل آهي.

       ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري ۾ هن ڪتاب جو نامڪمل نسخو موجود آهي.

فهرست مخطوطات، ص 95

            آنکس  که  بقرآ.............. که جوابش نه دهي.

هي اصل ۾ سعدي جي گلستان جو شعر آهي، جيڪو مڪتوبات امام ربانيءَ ۾ پڻ ملي ٿو.

گلستان ، ص165، مڪتوب214، دفتر اول

      تلويح ۽ توضيح

التوضيح و تلويح اصل ۾ حنفي علم اصول فقہ جو بنيادي ڪتاب آهي، جيڪو درس نظامي ۾ پڙهايو وڃي ٿو. ليڪن اصلي ڪتاب “اصول بزدوي” آهي. جنهن جو مصنف پنجين صديءَ جو عالم هو. جنهن جو خلاصو “التنقيح والتوضيح ” جي نالي سان علامه عبيدالله صدر الشريعه لکيو. جيڪا شرح “التوضيح” جي نالي سان مشهور ٿي. اٺين صديءَ ۾ علامه تفتازاني (وفات 792ھ) ان جي مشهور شرح “التلويح” لکي. هينئر ان جو اردو ترجمو پڻ موجود آهي.

 التصريح شرح اردو التوضيح والتلويح علمي ڪتب خانه، لاهور   

       کن عالما اومتعلما اومستمعا ولا تکن رابعا فتهلک

هيءَ حديث عجلوني ڪشف الخفافي مزيل الالباس ۾ ملي ٿي.

             بني  آدم از علم ............وجاه مال ومنال

هي شعر سعديءَ جي مشهور تصنيف “ڪريما” مان ورتل آهي.

  العالم من عقل عن الله واطاعتہ

تفسير نووي ۾ هن حديث جو حوالو ملي ٿو.

درالمختار

هن بابت اڳ ۾ حوالو گذري چڪو آهي.

      شيخ ابن عربي چيو آهي ته جهالت موت آهي

هن قول بابت خبر پئجي نه سگھي.

کُلُّکُم رَاعِ وَکُلُّکُم مَسئُول عَن رَعِيَّتِہ

هيءَ حديث بخاري ۾ ملي ٿي. مفتاح ڪنوز السنة، ص115

نصاب الاحتساب

هيءَ ڪتاب اٺين صدي هجريءَ جي عالم عمر بن محمد بن عوض السنامي جي منفرد تحقيق  آهي، جيڪو مريزن سعيد مريزن عسيري جي مقدمي سان سال 1986 ۾ مڪي مڪرم مان شايع ٿيو آهي.

نزهة الخواطر جي لکڻ موجب سناميءَ جو تعلق هندستان جي مشهور شهر سنام سان هو، جيڪو پنجاب ۾ پٽياله جي ڀرسان هو. هن ڪتاب ۾ هو فقہ حنفيءَ موجب احتساب جي تشريح ڪري ٿو ته زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ان کي ڪيئن لاڳو ڪجي يا ان جون ڪهڙيون حدون مقرر آهن. ان ۾ عبادات کان وٺي معاملات سڀ  شامل آهن.

 نصاب الاحتساب عربي 1996

      توحيد حالي

تو حيد حالي جي ڪيفيت ۾ سالڪ جو “همہ اوست” چوڻ معاف آهي، پر ٻئي ڪنهن جو ائين چوڻ ڪفر آهي. توحيد وجودي ۽ شهودي جي بهترين سمجھاڻي مڪتوب 272 دفتر اول ۾ ملي ٿي.                                    مڪتوبات فارسي جلد اول، ص 612

       صراط المستقيم

           شيخ عبدالحق محدث دهلوي سفرالسعادت جي شرح لکي آهي، ان کي صراط المستقيم چون ٿا.

        مَن اَحدَثَ فِي اَمرِنَا هٰذَا مَالَيسَ مِنہُ فَهُوَرَد

هي حديث صحيح مسلم ۾ آهي.

 مفتاح ڪنوز السنته ص41

               من لہ الموليٰ فلہ الکل

صوفين جي ڪيترن ڪتابن ۾ رسول الله ﷺ جن جي قول طور ملي ٿو.

فرهنگ ماثورات، ص542

       اللهٰم ارنا الاشياء کما هي

گھڻن صوفين وٽ هي حديث جا لفظ آهن، احياء العلوم ۾ هي لفظ ملن ٿا: اللٰهم ارني الحق حقاً فاتبعہ وارناني المنکر هي حديث مڪتوبات ۾ پڻ ملي ٿي.

فرهنگ ماثورات، ص74، فهارس تحليلي، ص27

     کل شيءِ يرجع اليٰ اصلـہ

صوفين وٽ مشهور مقولو آهي، جيڪو عبهرالعاشقين ۽ ٻين ڪتابن ۾ ملي ٿو.

 فرهنگ ماثورات، ص 379

     النهايت هي الرجوع البدايت

نقشبندي سلسلي جي ابتدا سير انفسي سان ٿئي ٿي ۽ سير آفاقي ان تحت طئي ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته ٻين سلسلن ۾ اها شروعات سير آفاقيءَ سان ٿئي ٿي ۽ پڄاڻي سير انفسي سان ٿئي ٿي، گويا جيڪا ٻين جي انتها آهي ان سان نقشبندي ابتدا ڪن ٿا. هن قول جي اهائي مراد آهي، مڪتوبات ۾ اهو بحث گهڻن هنڌن تي ملي ٿو. سير انفسي کي سير في الله به چون ٿا. هن مقولي لاءِ چيو وڃي ٿو ته جڏهن ڪنهن سائل جنيد بغداديءَ کان سوال ڪيو ته مانهاية هٰذا الامر يعني هن ڳالهه جي آخر پڄاڻي ڇا آهي؟ جواب ڏنائين ته الرجوع الي البدايت يعني وري شروعات ڏانهن موٽڻ.

مڪتوب 78 دفتراول مڪتوب 42 دفتر دوم مڪتوب 72 دفتردوم،

نفحات الانس فارسي ص 972

       ڪلي فرضي

منطق ۾ ڪلي فرضي اها ڪلي آهي جنهن جو ڪوئي فرد خارج ۾ موجود نه هجي، جيئن اهڙا انسان جن جي عمر هزار سالن کان مٿي هجي. لا موجود لاممڪن يا لا شيءِ وغيره.                                                        اشرف القطبي، ص198

      ننڊ ۾ پيش ايندڙ حالت تي ڪو به اعتبار نه آهي

مڪتوبات احمدي ۾ خواب ۽ مواجيد بابت بحث مڪتوب 42 دفتر دوم ۾ ملي ٿو.

      اَلمُسلِمُ مَن سَلم الِمَسلمُون من لِّسَانِہِ وَيَدِهِ

هي حديث صحيح مسلم جي ڪتاب الايمان ۾ عبدالله بن عمرو بن العاص جي روايت سان ملي ٿي.         مختصر صحيح المسلم، عربي، ص29

 بدرالمنير

ڪتاب بابت وضاحت اڳ ۾ ٿي چڪي آهي.

      نقشبندين جي ڳجهي ذڪر بابت

نقشبندي سلسلي وارن وٽ ذڪر جھر يعني وڏي آواز سان ذڪر بدعت آهي ۽ ان جي بجاءِ ذڪر خفي يا ذڪر قلبي آهي. امام رباني پنهنجي هڪ مڪتوب ۾ چوي ٿو ته خلوت نشيني ۽ چله ڪشي جيڪي ابتدائي دور ۾ نه هيون پر پوءِ رائج ٿيون. انهن جي جاءِ تي خلوت درانجمن يعني مخلوق سان گڏ رهي ذڪر قلبي ڪرڻ کي نقشبندين اختيار ڪيو آهي. ان کي پڻ هڪ لحاظ کان هو اندارج نهايت في البدايت جي مصداق چون ٿا. هن سلسلي ۾ هي شعر اڪثر حوالي طور آندو ويو آهي:

نقشبنديه عجب قافله سالارنند
که برند از رہ پنهان به حرم قافله را
 

[معنيٰ: نقشبندي عجيب قافلي جا مالڪ آهن، جيڪي قافلي وارن کي ڳجهي يا مخفي طور مقصد تائين وٺي وڃن ٿا.]       [مڪتوب 231 دفتراول، مڪتوب 168 دفتواول]

 ياليتني سهو محمداً

حضرت ابوبڪر صديق رضه ڏانهن منسوب هي قول “مبداء معاد” جي تيرهين “منها” ۾ ملي ٿو، جتي امام رباني ان جي سمجھاڻي ڏني آهي.  

مبدا معاد- فارسي، ص40

 خاک  شو خاک .....................نيست مظهر گل

هي بيت به مڪتوبات ۾ بار بار اچي ٿي.

مڪتوبات جلد اول فارسي، ص 327

 سڪندر جو ايلچي ٿيڻ

هن جي وضاحت خواجه گل محمد جي ڏنل سمجھاڻي ۾ ملي ٿي، هونئن اهو استعارو نظاميءَ جي سڪندر نامه تان ورتل آهي.            ڪليات نظامي گنجوي ايران

      من رضي فلہ الرضيٰ ومن سخط فلہ السخط

هيءَ حديث جامع ترمذيءَ ۾ ملي ٿي.

 من احب لقاءَ الله احب لقائہ

هي حديث صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ ملي ٿي.

 ارشاد الطالبين فارسي، شرح زادالمطلوب، ص 128

            معشوق من است آنکه بنزديک توزشت است

شيخ سعدي جي شعر جي مصرع آهي، حوالو اڳ ۾ گذري چڪو آهي.

      احبّ قلبي ............. ماقام في  السمن

هي شبليءَ جو شعر آهي. جيڪو مڪتوبات توڻي مبداء معاد ۾ پڻ ملي ٿو.

مبداء معاد فارسي، ص59

      امام نووي (676-631)

محي الدين ابوزڪريا يحيٰ بن شرف اصل ۾ دمشق جو هو. هو شافعي فقيہ ۽ ڪيترن ڪتابن جو مصنف آهي. هو پنهنجي ڪتاب الاربعين جي ڪري گهڻو مشهور ۽ مقبول آهي، جنهن جون ڪيتريون شرحون لکيون ويون آهن. کيس شافعي فقہ ۾ امام الرافعي کان پوءِ وڏو فقيہ تسليم ڪيو ويو آهي. هن امام غزالي جي ڪتاب وجيز تي پڻ شرح لکي. بهرحال سڀني ڪتابن ۾ زيادہ مقبول سندس رياض الصالحين آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيل آهي. جنهن جو مترجم مولانا غلام عباس قادري الازهري آهي ۽ الراشد اڪيڊمي ڪراچيءَ طرفان 1994 ۾ شايع ٿيل آهي.

 دائرہ المعارف ص 523-560 جلد 22

      شيخ نظام الدين دهلوي

اصل نالو محمد، هندستان جي مشهور شهر بدايون ۾ پيدا ٿيو. بابا فريد گنج شڪر جي بيعت ڪري چشتي سلسلي ۾ داخل ٿيو ۽ دهلي کي اچي پنهنجو مرڪز بنايائين. درويشي ۽ فقر جي زندگي گذارڻ لڳو. جنهن ڪري جلدي وٽس خلق جي رجوعات ٿي ۽ اڳتي هلي نذرنياز سان درگاھ جو ڪم هلڻ لڳو. سندس مقناطسي شخصيت جي ڪري دهلي جا ڪيترا امير وزير عقيدتمند بنجي ويا. ايتريقدر جو خلجي سلطان علاؤالدين به سندس معتقد ٿيو. پر هن جڏهن ساڻس ملڻ جو ارادو ڪيو ته پاڻ بادشاہ سان ملڻ کان معذرت ڪيائين. اهڙيءَ طرح جڏهن وقت جي بادشاہ سڀني بزرگن ۽ اوليائن کي پاڻ وٽ گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي. تڏهن به وڃڻ کان لاچاري ظاهر ڪيائين. انهيءَ رات صبح جو خبر پئي ته بادشاہ کي سندس غلام قتل ڪري ڇڏيو. نظام الدين اوليا چشتي صوفين جي روايت موجب سماع جو دلداھ هو. هڪ دفعي دهليءَ جي سلطان وٽ مخالفن اهو بحث شروع ڪرايو ته سماع ٻڌڻ حرام آهي. اهو بحث پورا ٻارنهن ڏينهن هلندو رهيو.

‘فوائدالفواد’ نظام الدين اولياء جي ملفوظات آهي، جنهن کي سندس قابل اعتماد شاگرد ۽ مريد امير حسن سجزي مرتب ڪيو آهي. هن ملفوظات ۾ 707ھ کان 719 يعني ٻارنهن سالن جي عرصي دوران مجلسن جا احوال ۽ اقوال گڏ ڪيل آهن. سجزي جيڪي ڪجهه سندس مرشد جي زبان مان نڪرندو هو، اهو لکندو ويندو هو. مشهور تاريخ نويس ضياءَ الدين برني به ان ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آهي جڏهن اها ملفوظات مرتب ٿي رهي هئي. فوائد الفواد جو مصنف حسن سجزي 651 ۾ بدايون ۾ ڄائو هو، پورا پنج سال امير خسرو سان گڏ ملتان ۾ شهزادي سلطان شهيد جو خاص ساٿي ۽ همدم رهيو هو. 707ھ ۾ نظام الدين اوليا جو مريد ٿيو ۽ ان وقت کان وٺي پنهجي مرشد جي هر محفل جو احوال قلمبند ڪندو رهيو. پهريائين ڪجهه ملفوظات لکي. مرشد جي خدمت ۾ پيش ڪيائين. جنهن پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو. اهي ملفوظات جنهن محبت ۽ خلوص سان تحرير ڪيائين، اهو سندس تحرير مان صاف ظاهر آهي. بهرحال هيءَ روايت اسان کي فوائد الفواد ۾ ڪونه ملي. ليڪن اها روايت ڏهين صديءَ جي تذڪري ثمرات القدس ۾ ملي ٿي.

راقم خاڪسار ٺظام الدين اولياء ۽ امير خسرو جي مزارن تي ٻه دفعا 2006  ۽ 2007 ۾ حاضر ٿي چڪو آهي.

ثمرات القدس، ص 548

       (2) The life and Times of Shaikh Nizamuddin Aulia, Khaliq Nizamani, Delhi, p -124   

      امير خسرو

امير خسرو جو نانو نظام الدين اولياء جو خاص مريد هو ۽ هن ئي امير خسرو جي پرورش ڪئي. اڃان اٺن سالن جو هو ته کيس نظام الدين اولياء وٽ وٺي آيو. جنهن کان پوءِ هو ساري عمر نظام  الدين اولياء جو نه صرف مريد ۽ عقيدتمند ٿي رهيو. بلڪ مرشد جو به ساڻس وڏو قرب هو. امير خسرو خان شهيد جي درٻار ۾ ڪافي عرصو ملتان ۾ رهيو. جڏهن منگولن ملتان تي حملو ڪيو ته خوش قسمتيءَ سان هو بچي نڪتو. امير خسرو فارسي زبان جو باڪمال شاعر هو. هن جون نظم ۽ نثر ۾ ڪتيريون تصنيفون آهن. سندس شاعريءَ ۾ صوفيانه رنگ غالب آهي. سندس شاعريءَ جو وڏي ۾ وڏو حوالو شيخ نظام الدين اولياء سان عقيدت آهي. هڪ مشهور غزل جو مطلع ان پس منظر ۾ چيل آهن.

خلق مي گويد که خسرو بت پرستي مي کند

آري آري مي کنم با خلق عالم کار نسيت

[معنيٰ: ماڻهو چون ٿا ته خسرو بت پرستي ٿو ڪري. هائو، آءُ ڪريان ٿو. مون کي ماڻهن جي ڪا پرواھ ناهي.]

               هر قوم راست رسمي و ديني و قبله گاهي

اصل مصرع ۾ “رسمي” جي بجاءِ لفظ “راهي” آهي. گرهوڙي هن شعر جو اصل پس منظر ڪونه ڏنو آهي، جيڪو هن ريت آهي: هڪ ڏينهن سلطان المشائخ نظام الدين اوليا هڪ اوچي ٿلهي تان بيهي جمنا نديءَ جو نظارو ڪري رهيو هو، جتي هندو اشنان ۽ پوڄا ڪري رهيا هئا. اهو ڏسي سندن زبان تي هي الفاظ اچي ويا:

هر قوم راست راهي ديني وقبله گاهي

اوچتو امير خسرو به اتي اچي پهتو. جنهن اهي الفاظ ٻڌي ورتا. ان وقت نظام الدين اوليا جي مٿي تي پاتل ٽوپي پاسيري رکيل هئي. امير خسرو ان ڏانهن اشارو ڪري انهيءَ شعر جي ٻي مصرع پڙهي:

”من قبله راست کردم بر سمت کج کلاهي

ڊاڪٽر عبداللطيف جي تحقيق موجب هي شعر امير حسن دهلويءَ جو آهي.

مغل شهنشاھ جھانگير پنهنجي خود نوشت سوانح تزڪ جھانگيريءَ ۾ هن شعر بابت هڪ عجيب و غريب واقعو بيان ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته هڪ دفعي 12 ۽ 13 محرم جي رات جو دهليءَ جا ڪي قوال سندس سامهون ڳائي رهيا هئا ۽ ملا علي احمد مهرڪن به اتي موجود هو، جنهن جو والد جھانگير جو ننڍپڻ جو استاد هو. قوال مٿيون شعر ٿلھ جي طور تي بار بار ورجائي رهيا هئا. ملا علي احمد پاڻ اٿي بيهي مون کي ان شعر جو اهو پس منظر ٻڌائي رهيو هو ۽ هو ان جي ٻڌائڻ ۾ ايترو مستغرق هو جو جڏهن آخري الفاظ “بر سمت ڪجڪلاهي” سندس زبان مان نڪتا ته اوچتو غش ٿي هيٺ ڪري پيو. جھانگير لکي ٿو ته مون کي سندس اها حالت ڏسي عجيب ڪيفيت طاري ٿي وئي. موجود حڪيم ۽ طبيب سندس نبض ڏسڻ لڳا ۽ گھڻي ڪوشش ڪيائون، پر خبر پئي ته هو پٽ تي ڪرڻ سان ئي انتقال ڪري چڪو هو. جھانگير لکي ٿو ته مون اهڙي قسم جو اچانڪ موت ڪڏهن نه ڏٺو هو.

جذب ڪامل، ڊاڪٽر عبداللطيف، ص 61، لاهور 1975،

تزڪ جھانگير ترجمو ۽ حواشي اعجازالحق قدوسي لاهور، ص222

انظروا ما قال ولا تنظروا من قال

حوالو نه ملي سگھيو.

      شرح هدايہ

شرح هدايه فقہ حنفيءَ جو بنيادي ڪتاب آهي. شرح هدايه علامه عيني (ڪتاب جو اصل نالو النهايه شرح هدايه آهي. مصنف جو پورو نالو قاضي بدرالدين محمود بن احمد العيني آهي، جنهن 855 ۾ وفات ڪئي.                                  ظفرالمحصلين ص 161

                بحريکي موج هزار ان هزار

                روئي  يکي آئينها  بيشمار

هي شعر مولانا جاميءَ جي مثنوي “تحفة الاحرار” مان ورتل آهي.

مثنوي هفت اورنگ، ص 393

      الطاعم الشاکر کا الصائم الصابر

مشڪواة، صحيح بخاري ۽ ٻين ڪتاب ۾ ملي ٿي.

 ارشادالطالبين . فارسي، ص 28

               مڪتوبات احمدي جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن شيءِ کي گهرندو آهي، تڏهن ان جا اسباب پيدا ڪندو آهي.                         

تحقيق مڪمل ٿي نه سگھي.

               منهاج العابدين

ڪتاب جو پورو نالو “منهاج العابدين الى جنت رب العالمين” آهي، جيڪو امام غزاليءَ جي آخري تصنيفات منجهان آهي. اهو هڪ لحاظ کان احياءَ العلوم جو نچوڙ آهي. ڪتاب ۾ هو ستن وادين جو ذڪر ڪري ٿو. پهرين وادي علم ۽ معرفت جي آهي ۽ آخري حمد ۽ شڪر جي وادي آهي. سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آهي.

منهاج العابدين، سنڌيڪار عبدالڪريم سميجو، 2008

              اصلي ولايت ۽ ظلي ولايت

امام رباني ٽن ولايتن ولايت ڪبريٰ ، ولايت صغرى ۽ ولايت عليا  جي ڳالھ ڪري ٿو، جتي ولايت ڪبريٰ مان سندس مراد نبين جي ولايت آهي ۽ صغريٰ مان مراد اوليائن جي ولايت آهي. جڏهن ته عليا مان مراد ملاءُ اعليٰ جي ولايت آهي.

هن لاءِ ڏسو مڪتوب 260 دفتر اول، مڪتوب سوم دفتر دوم

              اصل تي نگاھ ڪرڻ گهرجي ۽ الله جي ذات ڳجھي آهي.

تحقيق مڪمل ٿي نه سگھي.

            مجذوب سالڪ ۽ سالڪ مجذوب

هن جي وڌيڪ تشريح مبداء معاد جي 22 معرفت ۾ ملي ٿي.

     مڪتوب 287 دفتر اول

            لن يوءَ من احدکم حتيٰ يقال انہ مجنون

صحيح ابن حبان ۽ المستدرڪ حاڪم ۾ آهي. هن حديث جو حوالو مڪتوب 65، دفتراول ۾ پڻ ملي ٿو.                                      مڪتوبات فارسي جلد اول، ص 201

 تفسير بيضاوي

هن مشهور تفسير جو مصنف عبدالله بن عمر آهي، جنهن جو تعلق فارس جي شهر بيضا سان هو. هو شافعي مسلڪ وارو هو. قاضي بيضاوي جي نالي سان به مشهور آهي. هو ڪيترن ڪتابن جو مصنف آهي. سندس تفسير جو پورو نالو “انوارالتنزيل واسرارالتاويل مستغني عن البيان” آهي، جيڪو درس نظاميءَ ۾ پڙهايو وڃي ٿو. خاص طور سنڌ هند ۾ ان کي وڏي مقبوليت ملي. هن سال 685 ۾ وفات ڪئي. هن تفسير جا ڪيترن عالمن توضيحي حاشيا لکيا آهن، جن جو ڳاڻيٽو سٺ کان مٿي آهي.

ظفرالمحصلين ص 31-30، تذڪرہ مصنفين درس نظامي ص 163- 160

      ٺٽي جو ظاهري عالم جيڪو شيخ محمد (ابوالمساڪين) لاءِ چوندو هو ته ڪتابن جي مطالعو نٿو ڪري.

        فردوس العارفين جي هڪ عبارت مان اهو گمان نڪري ٿو ته اهو عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هو. اها ساڳي ڳالهه مرغوب الاحباب وري ورجائي آهي.

فردوس العارفين، اردو ص 51.

  اذا صلح القلب صلح الجسد

دراصل حديث جا الفاظ ڪجهه هن ريت آهن: انّ في جسد  بني آدم لمضغة اذا صلحت صلح الجسد کُلّہ واذا فسدت فسڪ الجسد کُلّہ الاّ وهي القلب معنيٰ: خبردار! بني آدم جي جسم ۾ گوشت جو هڪ اهڙو ٽڪرو آهي جو جيڪڏهن اهو صحيح سالم آهي ته سڄو جسم سالم آهي، پر جيڪڏهن اهو بيمار يا بگڙيل آهي ته سمورو جسم بيمار رهندو. خبردار! اهوئي قلب يعني دل آهي. هيءَ حديث صحيح بخاريءَ ۾ موجود آهي.

 مڪتوب 202 دفتراول

               مڪتوبات ۾ ناسخ  ۽ منسوخ جو بحث

ناسخ ۽ منسوخ جو بحث ڪنهن حد تائين مڪتوب 55 دفتر دوم ۾ ملي ٿو.

               زعنقا هست نام......................آن نام هم گم.

امام رباني هي شعر مڪتوبات ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا آندو آهي ۽ ان مان سندس مراد ذات باري تعالى جو “ورا الورا” هجڻ آهي.

ڏسو مڪتوب 279، دفتراول ۽ مڪتوب 44، دفتر سوم

              مڪتوبات احمدي ۾ آهي ته اسان جي طريقي جي انتها ڪامل يقين ۽ نه ڄاڻڻ ۽ نه  لهڻ ۾ آهي. 

مڪتوب 240، دفتر اول فارسي، ص 479

              مفاتيح

المفاتيح شرح مصباح جيڪو حديث جو مجموعو آهي، ان جو مصنف شيخ مظهرالدين بن محمود زيداني آهي. اصل ڪتاب مصابيح جو مؤلف حسين فراء بغوي آهي. هو 435ھ ۾ هرات مَرَوَ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ بغو ۾ پيدا ٿيو.         

ظفر المحصلين ص 137

      الله جي تجلي جا ٽي قسم آهن صوري، معنوي ۽ ذوقي

تجليءَ جو بحث مڪتوبات ۾ ڪيترن هنڌن تي ملي ٿو.

ڏسو مڪتوب 3، دفتر دوم، مڪتوب 21، دفتر اول

            مذکور طلب چه........خلاصه هم فکر

هي شعر ڪشف اللغات ۾ ملي ٿو                     ڪشف اللغات، جلد اول، ص 409

            حقيقت احمدي ۽ حقيقت محمدي

هيءُ سمورو بحث مڪتوب 94، دفتر سوم ۾ ملي ٿو.

      حسبي ربي جلّ الله ما في قلبي غير الله

تحقيق مڪمل ٿي نه سگھي.

       مڪتوبات احمدي ۾ آهي ته اسان جي (نقشبندي) طريقي جو مدار عزيمت تي آهي.

عزيمت جو ذڪر مڪتوبات ۾ ملي ٿو. ان کان سواءِ عزيمت ۽ رخصت جو ذڪر رساله قدسيه خواجه نقشبند ۾ پڻ ملي ٿو.

         مڪتوت 243 دفتراول، مڪتوب ، دفترسوم، رساله قدسيه، ص 123

 ان الله يحب ان يؤتي رخصة کما يحب ان يؤتي عزآئمة

هي حديث مجمع الڪبير طبراني ۾ ملي ٿي.

            افضل امتي الذين يعملون بالرخص

هي حديث ڪنزالعمال ۾ ملي ٿي.

      ولي کي وليءَ ئي سڃاڻيندو آهي

هي قول مڪتوب 49، دفتردوم ۾ ملي ٿو.

       اسان جو طريقو سڀني طريقن ۾ الله کي وڌيڪ ويجهو آهي

هي اصل ۾ خواجه نقشبند جو قول آهي. هن جي سمجهاڻي مڪتوبات ۾ ملي ٿي، جتي امام رباني نقشبندي طريقي جي ٻين طريقن سان ڀيٽ ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته نقشبندي طريقي جي ابتدا جذب سان ٿئي ٿي يعني ابتدا ۾ قرب ۽ شهود حاصل ٿئي ۽ آخر ۾ بُعد يا گستن آهي. هن سلسلي ۾ پيري مريدي سکڻ ۽ سيکارڻ سان آهي اها خرقو ۽ پڳڙي پائڻ سان نه آهي.

 مڪتوب 221 دفتراول، ص438، مڪتوب 9، دفتر سوم، ص354، رساله قدسيه

 اَلشَّيخُ فِي قَوِمِہ کَالِنَّبيِّ فِي اُمَّتِہ

احياء العلوم ۾ هن کي حديث بيان ڪيو ويو آهي. ابن حبان هن کي ضعيف ۾ شمار ڪيو آهي. مڪتوبات ۾ پڻ هن جو حوالو ملي ٿو.

 احياء العلوم جلد 5، ص 522 اسرار المرفوعہ ،ص 227، مڪتوب 224، دفتر اول

   لطيفي اخفيٰ جو رنگ سائو آهي

لطائف جي تفصيلي سمجھاڻي “مبداءمعاد” جي 39 منها ۾ ملي ٿي.

مبداء معاد، ص 66

        هر که يکدم جدا ................. لعين مطرود است

هي شعر فريدالدين عطار جو آهي.

        انا عند ظن عبدي بي فليظن بي ماشاءَ

صحيح بخاري  ۽ صحيح مسلم ۾ ڪجھ لفظن جي اختلاف سان هيءَ حديث ملي ٿي. هي حديث مڪتوبات ۾ پڻ ملي ٿي.

 ڏسو مڪتوب 216، دفتراول

       الحمدلله عليٰ کل حال

        هي الفاظ حديث جي ڪيترن ڪتابن ۾ ملن ٿا. جيئن سنن ابن ماجه ۽ ڪنزالعمال وغيرہ

 حق الله علي العبد ............. عليہ ان لا يعذبہ

صحيح بخاري، صحيح مسلم ۽ سنن ابن ماجه ۾ هن حديث جا الفاظ ملن ٿا.

      نکو گوئي نکو گفته است در ذات

هي شعر فارسيءَ جي وڏي شاعر عطار جي ‘الاهي نامه’ مان ورتل آهي.

الاهي نامه، ص 15

  لوائح

عبدالرحمٰن جاميءَ (817 – 898ھ) جي مشهور تصنيف آهي، جنهن ۾ نثر به آهي ته نظم به آهي. نظم ۾ فقط رباعيون آهن. هيءَ رباعي 21 لائحه ۾ اچي ٿي ۽ ان جون باقي ٻه مصرعون هن ريت آهن:

در انجمن فرق و نهان خانه جمع
بالله همہ اوست ثم بالله همہ اوست

جامي هيءَ مختصر پر نهايت دقيق تصنيف 870ھ ۾ مڪمل ڪئي. مڪتوباب ۾ پڻ لوائح جون رباعيون ملن ٿيون.

لوائح تسبيحي، ڪتاب فروش ايران

      هيچ کس را ............... دربار گاهِ کبريا.

مثنوي روميءَ جو هي شعر مڪتوبات امام رباني ۾ ڪيترا ڀيرا ملي ٿو، بلڪ اهو ساڳيو شعر رساله قدسيه ۾ خواجه پارسا به آڻي ٿو.

 مڪتوبات 109 ، 113 مڪتوب 278 دفتراول رساله قدسيه، ص 156

            خيرالکلام ما قلّ وودّل

مشکواة ۾ حديث جا الفاظ هن ريت آهن: ماقّلّ وما کفي اخير ممّا کثروالهيٰ يعني جيڪا به شيءَ ٿوري ۽ ڪفايت ڪندڙ آهي، اها ان گهڻي کان بهتر آهي، جيڪا انسان کي غافل ڪري.

ارشاد الطالبين فارسي، ص 63

غنية الطالبين

شيخ عبدالقادر جيلاني (470 - 561 = 1078 - 1166) جي نهايت مشهور تصنيف آهي. سندس ٻين تصنيفات ۾ فتوح الغيب ۽ فتح الرباني آهن. غنية الطالبين توڻي فتح الربانيءَ ۾ جوش خطابت ۽ واعظ ۽ هدايت جو انداز گهڻو غالب آهي. ليڪن فتوح الغيب ۾ مفڪرانه ۽ صوفيانه انداز جهلڪي ٿو. هنن ٽنهي ڪتابن جو اردو ۾ ترجمو ٿيل آهي. مڪتوبات ۾ پڻ هن ڪتاب جو حوالو ملي ٿو.                 مڪتوب 67 دفتردوم

      هداية الفقہ

بهاءُالدين مرغينانيءَ جي نادر تصنيف آهي، اسان جي سامهون جيڪو نسخو آهي، اهو يارهين صديءَ جي مشهور ڪاتب رشيد ديلمي جو لکيل آهي ۽ سن ڪتابت 1075 ڄاڻايل آهي. ڪتاب جو اهو نسخو 1171ھ ۾ افغانستان جي بادشاھ احمد شاھ ابداليءَ جي شاهي ڪتب خاني لاءِ حاصل ڪيو ويو. سال 1175ھ ۾ اهو ڪتاب احمد شاھ دراني (ابدالي) پنهنجي دستخط ۽ مهر سان سنڌ جي عالم ۽ نقشبندي صوفي فقير الله علويءَ کي هديو ڪري ڏنو. ليڪن سال 1194ھ ۾ اهو ساڳيو ڪتاب پير سيد محمد راشد ( روضي ڌڻيءَ) جي فرمائش تي فقير الله علوي نه چاهيندي به اهو ڪتاب کيس محبت وچان تحفو ڪري پيش ڪيو، جو اڳتي هلي شايد گذريل صديءَ ۾ انگريزن طرفان درگاھ پير ڳوٺ تي چڙهائي بعد جڏهن اهي ڪتاب ٽڙي پکڙجي ويا ته اهو ڪتاب وري وڃي افغانستان پهتو.

ڊاڪٽر محمد ادريس جنهن وٽ هن ڪتاب جا چند ابتدائي اوراق موجود آهن، سندس زباني روايت موجب اهو ڪتاب ڪجهه سال اڳ سنڌ ۾ پير ڳوٺ ڪتب خاني وارن کي خريداريءَ لاءِ پيش ڪيو ويو. پر سودو طئي ٿي نه سگهيو ۽ ان کانپوءِ اهو ڪتاب ايران جي شهر قم جي ڪتب خاني لاء 1353 شمسي هجري ۾ ستن لکن ۾ خريد ڪيو ويو. هتي اسان ان ورق جو عڪس ڏئي رهيا آهيون، جيئن ان ڪتاب بابت اها تاريخي روايت محفوظ ٿي وڃي جنهن جو ثبوت اهي تحريرون ۽ مهرون آهن، جيڪي پڙهي ۽ ڏسي سگهجن ٿيون ته اهو ڪتاب سنڌ ۾ موجود هو ۽ ڪيئن سنڌ جو علمي خزانو حالتن جي ور چڙهندو رهيو آهي. چئي نٿو سگهجي ته هيءُ ڪتاب شايع به ٿيو آهي يا اڃان قلمي صورت ۾ ڪنهن ٻئي ڪتب خاني ۾ به موجود آهي.

فوٽو اسٽيٽ ملڪيت ڊاڪٽر محمد ادريس قاسميه ڪتب خانو ڪنڊيارو

               نظام معتزلي

نظام (وفات:231ھ/845ع) ابراهيم بن سيار بن هاني البصري مشهور معتزلي مفڪر جنهن فرقه نظاميه جو بنياد وڌو. عرض ۽ جوهر جو اهو بحث مڪتوب 45 دفتر دوم ۾ ملي ٿو. جتي امام رباني “ان العرض لايبقى زمانين” واري ڳالھ کي تسليم نٿو ڪري ۽ هن سلسلي ۾ نظام معتزليءَ جي راءِ کي ترجيح ڏئي ٿو.

مڪتوبات اردو ترجمو ص 168 دفتر دوم

 تفسير مجاهد

تفسير مجاهد مشهور آهي، جنهن جو مؤلف تابعي آهي. هي تفسير ڇپيل آهي. هن 170 هجري جي لڳ ڀڳ وفات ڪئي.

 قرة العيون،  ظفرالمحصلين، ص 35

 قِفُ يَا مُحَمَّدُ فَاِنَ اللهُ يُصَلِي

هن کي قسطلاني مواهب اللدنيه ۾ آندو آهي. “سيرة حلبيه” جي باب ذڪر الا سواءَ و المعراج  ۾ پڻ هي الفاظ ملن ٿا. مڪتوبات ۾ پڻ ان جو حوالو اچي ٿو.

 مڪتوب 77، دفتر سوم

      برهان الفقہ

“البرهان” عبدالمالڪ المعالي بن امام الحرمين الجويني شافعي جي تصنيف آهي، جيڪو اصول فقھ جو ڪتاب آهي.

 An Introduction to Muhammadon law and a Bibliography Nicholas Aghinde Lahore-1981

     اخبارالاخيار

شيخ عبدالحق محدث دهلوي (959-1052ھ) جي مشهور تصنيف آهي، جنهن ۾ هو وڏن صوفين ۽ مشاهير عالمن جي سوانح ۽ افڪار جو احاطو ڪري ٿو. اصل ڪتاب فارسيءَ ۾ آهي، پر ان جو اردو ترجمو موجود آهي. ياد رهي ته شيخ عبدالحق محدث امام ربانيءَ جو همعصر آهي ۽ ٻنهي ۾ ڪجهه وقت لاءِ ڪن ڳالهين تي اختلاف رهيو آهي. مڪتوبات امام رباني ۾ شيخ عبدالحق ڏانهن ڪوخط نٿو ملي، البت هڪ ٻن جڳهن تي سندس نالو وٺي ٿو. ليڪن شيخ عبدالحق جو امام ربانيءَ ڏانهن هڪ طويل مڪتوب موجود آهي.

شيخ عبدالحق محدث دهلوي حيات: خليق احمد نظامي ص 312-344،

اخبارالاخيار اردو،ص20

      مَن عَرفَ نَفسَہ فَقَد عَرَفَ رَبَّہ

اڪثر صوفين وٽ هي حديث آهي ۽ امام رباني هن کي مڪتوبات ۾ چار دفعا ذڪر ڪري ٿو. اھڙيءَ طرح ھجويري، امام غزالي ۽ ابن عربي وٽ اها حديث آهي. سمعاني ان کي هڪ وڏي صوفي يحيٰ بن معاذ رازيءَ جو قول ڪوٺيو آهي ۽ چوي ٿو ته اها مرفوع حديث نه آهي. ليڪن امام نووي چوي ٿو ته جيتوڻيڪ هيءَ حديث ثابت ناهي، پر اها معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان ثابت آهي. ان ڪري چيو ويندو آهي ته من عرف نفسہ بالجهل فقد عرف ربہ بالعلم، ومن عرف نفسہ بالفناءِ فقد عرف ربہ بالبقاءِ ومن عرف نفسہ بالعجزو الضعف فقد عرف ربہ بالقدرة والقوة معنيٰ: جنهن پنهنجي نفس جي جهالت کي سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي علم ذريعي سڃاتو. جنهن پنهنجي نفس کي فنا ڪري سڃاتو، تنهن پنهنجي رب کي بقا ذريعي سڃاتو. جنهن پنهنجي نفس جي هيڻائي ۽ ڪمزوريءَ کي سڃاتو، تنهن پنهنجي رب جي قدرت ۽ طاقت کي سڃاتو.

الموضاعات الڪبريٰ ملاعلي قاري، ص 936   

ڪشف المحجوب ص 402 ۽ 407، فهارس تحليلي هشتگانه ص38

 ڀڳت ڪبير

ڀڳتي تحريڪ جو باني رامانج ۽ کانئس پوءِ رامانند هو. ليڪن ڀڳتي سوچ ۽ فڪر کي هندي شاعري ذريعي عوام ۾ ڦهلائڻ وارو ڀڳت ڪبير هو. هو هندن جي مذهبي شهر بنارس ۾ پيدا ٿيو ۽ 1518ع ۾ گذاري ويو. سنڌي زبان جي اوائلي ۽ ڪلاسيڪي شاعري تي ڀڳت ڪبير جو اثر نمايان آهي. ايترقدر جو شا﷤ٗ﷤ھ جي رسالي جي سر بيراڳ هنديءَ ۾ پڻ جيئن جو تيئن ڀڳت ڪبير جا ڪيترا دوها ملن ٿا. هتي آندل دوهي مان اندازو ٿئي ٿو ته ڪبير جا دوها سنڌ  هند جي صوفي سالڪن وٽ گهڻو پسند هئا.

صوفي لا ڪوفي ص 186۽ 187

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org