سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:14 

الطاعم الشاکر کا الصائم الصابر

[ترجمو: شڪر ڪري کائڻ وارو ان روزائت وانگر آهي جيڪو (بُک ۽ اڃ تي) صبر ڪندڙ آهي.]

شڪر جو مطلب هي آهي ته نعمت عطا ڪرڻ واري (الله تعاليٰ) جي نعمت جو حق ادا ڪجي ۽ امانتون سندن مالڪن جي حوالي ڪرڻ به شڪر آهي. شڪر جو ضد نعمت جو ڪفر ۽ وڏائي ڪرڻ آهي. جيئن ‘احياءَالعلوم’ ۾ آهي. ۽ ڪتاب ‘منهاج العابدين’ ۾ آهي ته عابد لاءِ ست منزلون آهن جن مان آخري منزل شڪر ۽ پهرين منزل علم  آهي.

      سلطان الاولياء فرمايو: سج آسمان تي آهي ۽ سندس پاڇو زمين تي آهي. هي بيان ان لاءِ مثال آهي جيڪو “اصلي ولايت” ۽ “ظلي ولايت” (ٻنهي) ۾ فرق  ڪندڙ آهي.[55]

    ­            آئون چوان ٿوته: الله جي ذات کي مظهر کانسواءِ ڏسڻ “اصلي ولايت” آهي ۽ مظهرن ۾ ڏسڻ “ظلي ولايت” آهي. پوءِ اُهي مظهر عقلي ڇو نه هجن.

 مولوي رومي چيو آهي:

 مہ ببالا دان مدان در آب جو

[معنيٰ: چنڊ کي آسمان تي سمجھ، پاڻي ۾ نه ڳولھ.]

              سلطان الاولياء فرمايو: دل جي سڪون ۽ وسوسي کي ختم ڪرڻ ۽ اُهي فڪر جيڪي دل ڏانهن حرڪت ڪندا آهن، تن کي پري ڪرڻ جونالو جمعيت آهي.

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَيُقْذَفُونَ مِن كُلِّ جَانِبٍ (08:37:23)

[ترجمو: ۽ کين تڙڻ لاءِ هرطرف کان اُماڙين سان چُٽيو وڃي.]

    ­            آئون چوان ٿو ته: ‘مـڪتوبـات احـمـدي’ ۾ آهي ته اصل تي نڱاھ ڪرڻ گهرجي ۽ الله جي ذات جيڪا ڳجھي آهي، ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي نه طلب ڪجي ۽ نه وري ٻئي ڪنهن کي ثابت سمجھڻ گھرجي.

              سلطان الاولياء فرمايو: 

توازان طوطي عالم قدسي
مي زني پر بهوائي مگسي.

[معنيٰ: تون عالم قدس جي پکين مان آهين، پر هٻڇ ۾ مک وانگر پر پيو هڻين.]

    ­            آئون چوان ٿو ته: مولوي رومي چيو آهي :  

آفت  اين  در  هوائي شهوت  است
ورنه اين جا شربت اندر شربت است 

[معنيٰ: هرڪا  آفت لالچ ۽ شهوت ۾ آهي، جيڪڏهن لالچ جي آفت نه هجي ته شربت ئي شربت آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: روئڻ الله کان غافل بنائيندو آهي. تنهن ڪري دل ڏانهن ڌيان ڏيو. ڇاڪاڻ ته ڌيان دل کي نفعو پهچائيندو آهي ۽ روئڻ ۾ نفعو نه آهي. الله تعاليٰ کي اوهان جي روئڻ جي پرواهه ناهي، اهو جهان وارن کان بي پرواهه آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو:  چريو مرشد ڪونه ٿيندو آهي.

    ­            آئـون چـوان ٿـو ته: اهـو هـن ڪـري جـو مُـرشـد “مـجـذوب سـالـڪ” يا “سالـڪ مـجذوب” هوندو آهي ۽ چريو ائين نه هوندو آهي. اصل (ڳالھ) شريعت ۽ طريقت تي استقامت آهي ۽ چريائي شريعت ۽ طريقت جي خلاف آهي. هن مان معلوم ٿيو ته جنهن چريائيءَ جي بُرائي بيان ڪئي ويئي آهي سا شيطاني چريائي آهي، رحماني نه آهي. ڇو ته اها ايمان لاءِ شرط آهي.هن جو ثبوت هي حديث آهي:

لن يوء من احدکم حتيٰ يقال انہ مجنون

[ترجمو: اوهان مان ايستائين ڪو مومن نٿو ٿئي، جيستائين ان کي مجنون نه چيو وڃي.]

رحم ڪرڻ واري جنون ۽ مستي کي حماقت ۽ بيوقوفي چوندا آهن، جيڪا ڏاهپ جي ڪمال جو ڏس ڏيندڙ آهي ۽ سلوڪ ۽ جذبي جي جامع آهي.

 صائب چيو آهي:

نباشد تا خرد کامل جنون کامل نمي گردد
شراب تلخ از انگور شيرين خوب مي آيد.

[ايستائين ڏاهپ ڪماليت کي نه پهچندي، جيستائين جنون ڪمال کي نٿو پهچي. ڪڙو شراب مٺي انگور کان وڌيڪ عمدو هوندو آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: جيستائين تنهنجي ۽ جهان جي وچ ۾ لاڳاپو آهي، تيستائين (تولاءِ) ڇوٽڪارو نه آهي. ڇاڪاڻ ته جهان وڏو نفس آهي ۽ تنهنجو نفس ان جي ٽاري آهي، پوءِ تون ننڍي ۽ وڏي نفس کان ٻاهر نڪر. ڇو ته رحمان ڪنهن ڪيفيت کان سواءِ عرش تي آهي.

عالمي خواهم ازين عالم بدر[56]

[ آئون هن جهان کان ٻاهر هڪ جهان ڳوليان ٿو.]

              سلطان الاولياء فرمايو: ٺٽي ۾ هڪ ظاهري عالم منهنجي مُرشد (شيخ محمد قدس سره) جي ملامت ڪندو هو ته هو ڪتابن جو مطالعو نه ٿو ڪري. جيڪڏهن ان  ظاهري عالم کي انهن شين جي خبر هجي ها جن تي اسان واري جماعت جي نظر هوندي آهي ته ڪڏهن به منهنجي مرشد کي ملامت نه ڪري ها. ڇاڪاڻ ته اوليائن جي دل خود لکيل ڪتاب آهي. جيئن ‘تفسير بيضاوي’ ۾ آهي ته لکيل ڪتاب ڪاغذ نه آهي.

    ­            آئـون چـوان ٿـو ته: هـر ڪـتاب تـي ڀـروسو ڪـرڻ لاءِ اهـو شـرط آهي ته اهو اصل جي موافق هجي.

مولوي رومي چيو آهي:

دفتر صوفي سواد حرف نيست
جز دل سفيد همچو برف نيست

[معنيٰ: صوفيءَ جو دفتر اکرن سان ڪارو نه آهي، صوفيءَ جو دفتر برف جھڙي دل جي صفائي ۽ اُجرائي کانسواءِ  ناهي.]

زاد دانشمند آثار قلم
زاد صوفي چيست انوار قدم.

[معنيٰ: عقلمند انسان جو سامان قلم سان لکيل ڪتاب آهن، پر صوفيءَ جو سامان الله تعاليٰ جا انوار آهن.]

عاشقان  را شد مدرس  حسن  دوست
دفتر و درس و سبق شان روئي اوست

[معنيٰ: عاشقن جو استاد  معشوق جي سونهن آهي. عاشقن جو دفتر، درس ۽ سبق پڙهڻ  معشوق جو چهرو آهي.]

گلشن  کز  عقل  رويد  خُودم است
گلشن  کز  نقل  رويد  يکدم  است

[معنيٰ: اهو باغ جيڪو عقل کان ڦُٽي ٿو سو ڀلو آهي، اهو باغ  جيڪو نقل کان ڦُٽي ٿو سو هڪ گهڙي لاءِ آهي.]

علم نقلي بادم قطب زمان
چون تيمم باوجود آب دان

[معنيٰ: اهو نقلي علم ”قطب زمان“ جي هوندي ائين آهي جيئن پاڻيءَ جي هوندي تيمم ڪرڻ سمجھ!.]

تا قيامت  آزمائش  دائم  است
پس بهر دوري ولي قائم است

[معنيٰ: قيامت تائين اها  آزمائش هميشہ رهندي ان ڪري هر دور ۾ هڪ ولي ضرور قائم رهندو.]

               سلطان الاولياء فرمايو: طريقت جي مشغولين بابت گهڻو ڪجھ چيو ويو آهي پر طريقت جي حقيقتن بابت تمام ٿورو آهي.

    ­            آئـون چـوان ٿـو ته: طريقي جي حقيقتن مان مُراد محبت  جا اثر ۽ علوم آهن ۽ قرآن ۽ حديث جا اسرار ڄاڻڻ آهي.

جيئن مولوي رومي چيو آهي:

 آنچه ظاهر هست بر اهل شهود
در عبارت  شمئه  نتوان  نمود

[معنيٰ: جيڪا (حقيقت) ڏسڻ وارن تي ظاهر آهي، عبارت يا لکت ۾ ان جي بوءِ نٿي سنگهي سگهجي.]

 درسي نبود  هر آنچه در سينه بود

[معنيٰ: جيڪي ڪجھ درويشن جي سيني ۾ آهي، اها شيءِ پڙهڻ ۾ نٿي اچي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته ناسخ  ۽ منسوخ  قرآن ۽ حديث ۾ آهي. پوءِ جنهن ناسخ کي نه سڃاتو اهو منسوخ تي عمل ڪندو رهندو. شايد انهيءَ ڪري فقھ وارو هڪ عالم کي صوفيءَ تي فضيلت ڏيندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو قرآن ۽ حديث ۾ ناسخ ۽ منسوخ کي ڄاڻندو آهي. جيڪڏهن اها ڳالهه نظر انداز ڪجي ته پوءِ صوفي جيڪو اصل آهي سو فقيھ کان وڌيڪ ڀلو آهي جيڪو فرع آهي.

حديث شريف ۾ آهي:

اذا صلح القلب صلح الجسد

[ترجمو: جڏهن دل سُڌري وئي ته سڄو جسم سڌري ويو.]

پوءِ دل متبوع آهي ۽ جسم تابعداري ڪندڙ آهي.

    ­            آئون چوان ٿو: جنهن پنهنجي مذهب ۽ مشرب کي مضبوط ڪيو تنهن لاءِ ناسخ ۽ منسوخ ڳجھو نه رهندو، ۽ اهو الله جو ڪلمو ”لااــٰہ الاالله“ گهڻو بُلند آهي. پوءِ جيڪو الله جي توحيد تي قائم هوندو اهو ڪنهن به جاءِ تي ڪڏهن گمراهه نه ٿيندو. “فقر” ڪامل ماڻهن جو فخر آهي. پوءِ جيڪڏهن تون فقر تي هوندين ته صحيح واٽ لهندين.[57] ڇاڪاڻ ته فرع جو شرط اهو آهي ته اهو اصل جي خلاف نه هجي. ڇو ته فرع اصل لاءِ شرح آهي ۽ ان کي ٽوڙيندڙ نه آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: قران شريف ۾ آهي:   

يُنَزِّلُ الْغَيْثَ مِن بَعْدِ مَا قَنَطُوا  (28:42:25)

[ترجمو: ماڻهن جي نا اميد ٿيڻ کان پوءِ ئي هو رحمت جي برسات موڪلي ٿو.]

    ­            آئون چوان ٿو ته: ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته اسان جي طريقي جي انتها ڪامل

يقين ۽ نه ڄاڻڻ ۽ نه لهڻ تي راضي رهڻ ۾ آهي.

مولوي جامي چوي ٿو:

زعنقا هست نام پيش  مردم
زمرغ من بود آن نام هم گم

[معنيٰ: مردن جي اڳيان عنقا پکي جو نالو مشهور آهي، (هو ان کي سڃاڻن ٿا) مگر منهنجو محبوب اهڙو بي مثال آهي جنهن جو نالو به معلوم نه آهي.]

                سلطان الاولياء فرمايو: موت کان اڳ مرڻ جي معنيٰ حالت جي تبديلي آهي. جيئن (حديث ۾) آهي ته:

اميتوها بالطبخ

[ترجمو: ٿوم ۽ بصر جي بوءِ کي پچائڻ سان ختم ڪريو.]

    ­            آئون چوان ٿو: لفظ ”اميتوها“ ۾ ”ها“ ضمير منسوب آهي، جيڪو بصر ۽ ٿوم ڏانهن موٽي ٿو. جيئن ڪتاب ‘مفاتيح’ ۾ آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: الله جي محبت، صلح ۽ موافقت جو ارادو آهي ۽ صلح جو مطلب الله جي تقدير ۽ حڪم تي راضي رهڻ ئي آهي. وصال جي ارادي کي محبت نه چئبو، ڇاڪاڻ ته اهو هڪ نفسي مطلب  آهي.

             سلطان الاولياء فرمايو: الله جي تجلي جا ٽي قسم آهن (1) صوري  (2) معنوي ۽ (3) ذوقي. تجلي ذوقي گھڻو اعليٰ ۽ افضل آهي. (امام)غزالي جو هي قول آهي ته حقيقتن جو مثال رڳو انبيائن جي لاءِ هوندو آهي، پر جنهن شيءِ ۾ انبياءَ ۽ اولياءَ شريڪ آهن، سو خواب ۽ الهام آهي. غزالي جو اهو اشارو تجلي ذوقي ڏانهن آهي. جيئن بيبي مريم عليها السلام کي تجلي ذوقي ٿي هئي.

قرآن شريف ۾ آهي:

فَتَمَثَّلَ لَهَا بَشَرًا سَوِيًّا  (17:19:16)

[ترجمو: پوءِ هن (مريم) جي آڏو هڪ انسان جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو.]

ڇاڪاڻ ته بي بي مريم عليها السّلام جو حمل ذوقي تجلي جي علامت آهي.

    ­            آئـون چوان ٿو: ڪـنهن صورت ۾ حـق جـي ظـاهـر ٿـيڻ سان عـلم جو ظاهر ٿيڻ تجلي آهي. (پوءِ) اهو ظاهر ٿيڻ صوري هجي يا معنوي هجي يا مطلق هجي. پوئين تجلي جيڪا ڪنهن مظهر ۾ نه آهي تنهن جو نالو تجلي ذوقي ۽ برقي آهي ۽ نقشبندين جو مقام اها پوئين تجلي برقي آهي. هن تجلي کي ”مقام محمدي” به چوندا آهن ۽ اها تجلي”وصولِ عُرياني“ (ڪنهن پردي کان سواءِ ) پهچڻ آهي.[58]

              سلطان الاولياء فرمايو: اهلِ ظاهر جو علم عارفن جي علم جو مخالف نه هوندو آهي. ظاهري عالمن جو علم رڳو فرضي ڪُلي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اُهي حال جي گفتگو کان قاصر آهن.

    ­            آئون چوان ٿو ته: ڪتاب ‘ڪشف’ ۾ آهي: 

مذکور طلب چه خواهي از ذکر
اين  است   خلاصه  همہ   فکر

[معنيٰ: الله جي طلب ڪر! تون ذڪر مان ڇا ٿو طلبين؟ اها طلب سڀني فڪرن جو خلاصو آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: طالب جي ڪن احوالن مان پنهنجي مُرشد سان اعتقاد جو فساد ڏسڻ ۾ ايندو آهي، بلڪ ڪن حالتن ۾ (طالب کي) انبيائن جا معاملا پڻ سمجهه ۾ نه ايندا آهن. اهڙي حالت ۾ طالب لاءِ واجب آهي ته ان حال کي الله ڏانهن موٽائي، جيڪو انسان جي ڏسڻ ۽ ڄاڻڻ کان مٿاهون ۽ پاڪ آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: ذڪر جي نور کان حجاب ۾ رهڻ جو ڪارڻ نفساني ميراين جو ظهور آهي.

جيئن مولوي رومي چوي ٿو:

جمله   قرآن  شرح    خُبث  نفسها   است
بنگر اندر مصحف و آن چشمت کجا است.
[معنيٰ: سڄو قرآن انساني نفس جي پليتين جي بيان ۾ آهي، قرآن ۾ ڏس، پر توکي ڏسڻ واريون اُهي اکيون ڪٿي آهن؟]

               سلطان الاولياء فرمايو: دماغ کي (خطرن کان) پاڪ ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته دماغ نفس جي جاءِ آهي.

    ­            آئون چوان ٿو ته: دمـاغ کـي پـاڪ ڪـرڻ مـان مـراد ذڪـر جـي نـور کـان پـردو ڪندڙ ڪَدورتن ۽ پَليتين ڏانهن اشارو آهي، جنهن جي وڌيڪ  اُپٽار اڳتي ايندي.

              سلطان الاولياء فرمايو:حقيقت احمدي“، ”حقيقت محمدي“” کان گهڻو بُلند آهي. احمدي اولياء ٿورا پر وڌيڪ ڪامل آهن. نصارن محمد ﷺجو هن ڪري انڪار ڪيو هو جو پاڻ سڳورا “احمد” ﷺ جي نالي سان (نصارن وٽ) مشهور نه هئا، جنهن جي حضرت عيسيٰ ؑ انجيل ۾ خبر ڏني هئي. جيئن قرآن پاڪ ۾ آهي:

مُبَشِّرًا بِرَسُولٍ يَاتِي مِن بَعْدِي اسمُه اَحمَدُ  (06:61:28)

(ترجمو:  هڪ اهڙي رسول جي خوشخبري ڏيندڙ آهيان، جيڪو مون کان پوءِ ايندو، جنهن جو نالو احمد ﷺ هوندو.)

    ­            آئون چوان ٿو ته:احـمـدي ولايـت” خـالص مـعشوقيت آهي ۽ “محمدي” عاشقيت سان

مليل آهي. ائين ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي. هن ڳالهه جو خلاصو هي آهي ته دين احمديءَ ۾ دين محمديءَ کان گهڻي آساني آهي. اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي.[59]

              سلطان الاولياء فرمايو: فنا ۽ بقا جو مثال اٽي ۽ پچائڻ جو آهي. يعني هڪ حال فنا ٿئي ٿو ته ٻيو حال ظاهر ڪري ٿو ۽ عارف اصلي حال کي موجود حال سمجهي ٿو. ڇا تو نه ڏٺو آهي ته ڇيڻي جي خاڪ ڇيڻي جي حالت جي خبر ڏيندي آهي ۽ گاهه(چاري) جي خبر لڏ مان ظاهر ٿيندي آهي. پوءِ تون به پنهنجي اصل کي پنهنجي احوالن مان سڃاڻ.!

             سلطان الاولياء فرمايو: جيڪي تو کان فنا ٿئي ٿو، تنهن جو بدلو ضرور ملي ٿو ۽ اهو فنا ٿيل جي جاءِ والاري ٿو، پر عمر جو عيوض الله کان سواءِ ڪو به نه آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو:  

حسبي ربي جلّ الله ما في قلبي غير الله“ 

[ترجمو: مون کي منهنجو پالڻهار ڪافي آهي، منهنجي دل ۾ الله کان سواءِ ٻيو ڪير به نه آهي.]

    ­            آئون چوان ٿو ته: مـون کـي مُـنهنجـي وڏي مُـرشـد سـائـين (سلطـان اوليـاء) فـرمـايـو ته منهنجو پيارو پٽ خواجه گل محمد (قدس سره) اهو ذڪر گهڻو ڪندو آهي ۽ اسين پنهنجي وڏي مُرشد  سائين (سلطان الاولياء قدس سره) کان “سبحان الله” جو لفظ گهڻو ٻُڌندا هئاسين ۽ اهڙي طرح “هي هي” جو لفظ به گهڻو اُچاريندا هئا، جنهن جي معنيٰ (الله) موجود آهي.

ڪتاب “ڪشف” ۾ آهي ته “اِلـٰہ” الله پاڪ جو ذاتي نالو آهي. هن لحاظ سان ته هو موجود آهي، جيئن “الهوا” اهڙي ذات جو نالو آهي، جيڪا غائب ۽ ناپيد آهي.

              سلطان الاولياءَ فرمايو: جڏهن بيماري اچي ته ان جي هٽائڻ جي ڪوشش نه ڪر.

    ­            آئون چوان ٿو: حافظ چيو آهي:

قراري کرده  ام با مئي فروشان
که روزي  غم بجز ساغر نگيرم

[معنيٰ: مون شراب پيارڻ وارن سان قول ڪيو آهي ته ڏک جي ڏينهن  شراب جي پيالي کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه وٺندس.]

مولوي رومي چيو آهي:

چون فنا را شد سبب بي منتها
پس کدا  مين راه  را بنديم ما

[معنيٰ: جڏهن فنا ٿيڻ جا اسباب بي انتها  آهن، پوءِ اسان ڪهڙي رستي کي بند ڪريون.]

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَكَفَى اللَّهُ الْمُؤْمِنِينَ الْقِتَالَ   (25:33:21)

[ترجمو: الله ئي مؤمن لاءِ جنگ جي وقت ڪافي آهي.]

(ٻي جاءِ تي الله تعاليٰ فرمايو آهي)   

وَإِذَا مَرِضْتُ فَهُوَ يَشْفِينِ   (80:26:19)

[ترجمو: (حضرت ابراهيمؑ چيو ته) جڏهن آئون بيمار ٿيندو آهيان ته اهو (الله ئي) مون کي شفا ڏئي ٿو]

مِّلَّةَ أَبِيكُمْ إِبْرَاهِيمَ   (78:22:17)

[ترجمو: (اها شفا جي طلب) اوهان جي پيءُ ابراهيم ؑ جو ئي طريقو آهي.] ۽ الله ئي توفيق ڏيندڙ آهي.  

توڪل ئي عزيمت آهي. بيماريءَ کان ڇوٽڪاري ڳولڻ جو ذڪر اڳ ۾ گذريو، اها رُخصت (جواز) آهي. ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته اسان جي (نقشبندي) طريقي جو مدار عزيمت تي آهي جيترو ٿي سگهي ته رُخصت کان پاسو ڪجي.

حديث شريف ۾ آهي ته:

ان الله يحب ان يؤتي رخصة کما يحب ان يؤتي عزائمة

[ترجمو: بيشڪ الله تعاليٰ رخصت تي عمل ڪرڻ کي پسند ڪري ٿو جيئن عزيمت تي عمل ڪرڻ کي پسند ڪندو آهي.]

هڪ ٻي حديث ۾ آهي ته:     افضل امتي الذين يعملون بالرخص

[ترجمو: منهنجي افضل امت اها آهي جيڪي رُخصت تي عمل ڪري.]

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

يُرِيدُ اللَّهُ بِكُمُ الْيُسْرَ  (185:02:02)

[ترجمو: الله اوهان تي آساني جو ارادو ڪري ٿو.]
 

             سلطان الاولياء فرمايو: عارف سڄو مغز آهي ۽ جهان کان حجاب جو سبب ظاهري پردا آهن. الاهي قباء مان مراد اها ئي آهي، جنهن جي هيٺان عام ماڻهن کان اوليائن کي ڍڪي ٿو.[60]

    ­            آئون چوان ٿو: مولوي رومي چيو آهي:

آدمي ديده است باقي پوست است
ديده آن باشد که ديده دوست است

[معنيٰ: ماڻهو اک (نگاھ) آهي، ٻيون سڀ شيون کَلَ يا پردي وانگر آهن، اک اها آهي جيڪا دوست کي ڏسندڙ هجي.]

                سلطان الاولياء فرمايو:  ولي کي وليءُ ئي سڃاڻيندو آهي.

    ­            آئون چوان ٿو: ولي الله جو جيتوڻيڪ عين نه آهي، پر ان جو غير به نه آهي.

                 سلطان الاولياء فرمايو: اسان جو طريقو سڀني طريقن ۾ (الله کي وڌيڪ) ويجهو آهي ۽ اهو (ضرور الله پاڪ ڏانهن) پُهچائيندڙ آهي.

    ­            آئون چوان ٿو: بزرگن جو اهو طريقو رابطو آهي يعني شيخ ۾ فنا ٿيڻ ۽ اهو شيخ وري ذات ۾ فاني آهي. (پوءِ) اهو شيخ الله جي رنگ سان رنگ پڪڙي ٿو ۽ پنهنجي مراد کي الله جي اڳيان قربان ڪري ٿو.

ڇاڪاڻ ته:

اَلشَّيخُ فِي قَوِمِہ کَالِنَّبيِّ فِي اُمَّتِہ

[ترجمو: شيخ پنهنجي قوم ۾ ائين هوندو آهي، جيئن نبي پنهنجي امت ۾ هوندو آهي.]

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

فَاتَّبِعُونِي يُحْبِبْكُمُ اللَّهُ (31:03:03)

[ترجمو: پوءِ منهنجي پيروي ڪريو ته الله به اوهان سان محبت ڪري.]

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

فَادْخُلِي فِي عِبَادِيْ وَادْخُلِي جَنَّتِي (30:89:30 -29)

[ترجمو: پوءِ منهنجي ٻانهن ۾ شامل ٿيءُ ۽ منهنجي بهشت ۾ داخل ٿيءُ.]

مطلب ته انهن الله جي ٻانهن جو اهڙِين دلين سان مطالعو ڪريو، جيڪي غير جي دوستيءَ کان خالي هجن ته جيئن اوهين مون کي انهن ۾ ڏسو ۽ جنت جي به اها ئي حقيقت آهي. 

مولوي رومي چيو آهي:

نيست صورت چشم را نيکو بمال
تا  به  بيني  شعشئه  نور    جلال

[معنيٰ: مرشد جي فقط اها ظاهري صورت نه آهي، اک کي چڱيءَ طرح کول! ته جيئن نور جي جلال جو منجھس شعاع ڏسين.]

تن مبين وجان به بين کان صم و بکم
کذ بوا  بالحق  لما  جآء هم

[معنيٰ: هنن جي ظاهري جسم کي نه ڏس انهن جي ساهه کي ڏس،گونگن ۽ ٻوڙن وانگر نه ٿيءُ ته جڏهن انهن وٽ حق آيو ته ان کي ڪوڙو ڪيائون.]

روغني   کو شد  فناء  کُل  به  گل
خواه روغن بوي کن خواهي تو گل

[معنيٰ: اهو تيل جيڪو سڀ جو سڀ گلاب جي گل ۾ فنا ٿي ويو، جڏهن ان تيل کي سُنگهندين ته گل جي خوشبوءِ ايندي، جيڪڏهن گل کي سنگهندين ته به گل جي خوشبوءِ ايندي.]

قطره گرچه خورد و کوته پا بود
لطف  آبِ  بحر  زو  پيدا  بود

[معنيٰ: پاڻيءَ جو ڦڙو ڀلي ڪيترو به ٿورو هجي، پر درياءَ جي پاڻيءَ جو لطف ان مان ايندو آهي.]

جزو ها  برحال کلها شاهد  است
تا شفق غماز خورشيد آمده است

[معنيٰ: جيئن جُز (قطرو) درياء تي دليل آهي، تيئن آسمان جي ڪناري جو رنگ (شفق) سج اڀرڻ يا لهڻ جو ڏس ڏيندڙ آهي.]

علم آموزي طريقش قولي است
کسب آموزي طريقش فعلي است

 [معنيٰ: علم سکڻ جي واٽ رڳو ٻُڌڻ سان آهي، هنر سکڻ جي واٽ ڪم ڪرڻ سان آهي.]

فقر خواهي آن بصحبت قائم است
ني  زبانت  کار  مي آيد  نه  دست

[معنيٰ: جيڪڏهن فقيري جو ارادو رکين ٿو ته اهو (اوليائن جي) صحبت سان قائم آهي، فقيريءَ ۾ نه زبان ڪم ايندي آهي ۽ نه هٿ ڪم ايندا.]

مطلب ته قولي ۽ فعلي ٻئي تعليم جا قسم ڪم نه ايندا. هي آخري بيت درويشي جي طريقي جو نچوڙ ۽ خلاصو آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: فلسفي روشني جي پکڙجڻ کي ڏسندو آهي ۽ اسان سج گرهڻ (اوندھ) کي ڏسندا آهيون، اسان جو مقصد “عالم اصغر” (ننڍي جهان) ۽ “عالم اڪبر” (وڏي جهان) ٻنهي کان ٻاهر آهي ۽ فلسفين جو مقصد انهن ٻنهي ۾ آهي.

    ­            آئون چوان ٿوته: ان جـو مطلب هي آهي ته رڳـو الله جي طلب ڪجي، غير جي طلب نه ڪجي.

جيئن مولوي جامي چيو آهي: [61]

لانهنگي است کائنات  آشام
از عرش تا فرش کشيده بکام

[ڪلمي ۾ ”لا“ جو لفظ اهڙي واڳونءَ وانگر آهي، جيڪو سڀ شيءِ کي ڳهي وڃي ٿو، عرش کان وٺي فرش تائين سڀ کي نفي جي رسي ۾ ڇڪي ٿو.]

           سلطان الاولياء فرمايو: ماني (رزق) تنهنجي مٿي تي رکيل آهي ۽ تون ماني لاءِ درن تي پيو ڌڪا کائين.

    ­            آئـون چــوان ٿــو ته: مـون هــڪ مـعتـبــر مـاڻهـوءَ کـان ٻُـڌو، جـنهـن وڏي مُـرشـد سـائـين (سلطان الاولياء) کان ٻُڌو ته اسان جي مريد کي مجال نه آهي جو مخلوق کان رزق (نوڪري) طلب ڪري.]

              سلطان الاولياء فرمايو: ڀلو رنگ سائو آهي ۽ اهو (لطيفي) اخفيٰ جو رنگ آهي.

    ­            آئون چوان ٿوته: معراج واري (سواري) رفرف جو رنگ به سائو آهي ۽ حضرت آدم ؑ جي جُبي جو رنگ به سائو هو. جيئن ڪتاب ‘ڪشف’ ۾ آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: 

هر که يک دم جدا ز مقصود است
او دران دم لعين  مطرود  است

[معنيٰ: جيڪو هڪ گهڙي (الله جي ذڪر) مقصود کان جدا آهي، اهو ان گھڙيءَ تڙيل ۽ ملعون آهي.]

    ­            آئـون چـوان ٿـو ته: وڏا مُـرشــد سـائين (سلطـان الاولياء) فرمائيندا هئا ته الله جو ذڪر شرط کان سواءِ مقصود آهي ۽ مقصود جو اهو به مطلب آهي ته اُهي حجاب جيڪي نفساني غرض ۽ خواهشون جيڪي قضا ۽ تقدير تي راضي رهڻ جي منافي آهن، تن کي ڇڏي ڏجي.

 هن ڳالھ جو خلاصو هي آهي ته جڏهن هميشگي وارو علم بديهي هٿ ايندو، جيڪو سعادت مطلق آهي، تڏهن الله جي ذات ظاهر ٿيندي، جيتوڻيڪ اها ذات عام (ماڻهن) وٽ ظهور نه ٿي رکي. جڏهن الله جي ذات حاصل ٿي، تڏهن مقصد هٿ اچي ويو. جنهن ماڻهوءَ طلب ۾ ڪنهن شيءِ کي شرط بنايو ته اهو پنهنجي شرط ۽ گمان سبب الله جي ذات کان حجاب ۽ پردي ۾ رهيو. هيءَ چوڻي ڪهڙي نه سٺي آهي ته“ پَٽَ ڪيئون پنهنجي ئي تندن ۾ (ويڙهجي) مري ويندو آهي.”

حافظ چيو آهي:

کبر دار وحاجب و دربان درين درگاهه نيست.

[معنيٰ: هن (الله جي) درگاهه تي ڪو به روڪيندڙ، پردو ڪندڙ ۽ دربان نه آهي.]

        فقيهن نذر جي باب ۾ لکيو آهي ته  ٻانهي جو قبول ڪرڻ، الله جي قبول ڪرڻ سان بحال آهي. پوءِ ڪابه شئي ايستائين واجب نه ٿيندي، جيستائين ان کي الله واجب نه ڪري.

              سلطان الاولياء فرمايو: حديث (قدسي) ۾ آهي:

“انا عند ظن عبدي بي فليظن بي ماشاءَ”

[ ترجمو: آئون پنهجي ٻانهي جي گمان مطابق آهيان، جيڪو مون ۾ رکي ٿو، پوءِ جيڪو مون ۾ گمان رکڻو هجي سو ڀلي رکي.]

    ­            آئون چوان ٿوته: وڏي مُرشد سائين (سلطان الاولياء) وٽ هن حديث کي بيان ڪرڻ جو اهوسبب هو، جو پاڻ مريدن کي توڪل ڪرڻ جي ترغيب ٿي ڏنائون.

 هن مسڪين (گرهوڙِي) توڪل بابت هي بيت چيا آهن:

مگو فيض موقوف بر اين و آن
که مانع  بود خلق را ظن  شان

[معنيٰ: اي انسان! تون ائين نه چئو ته الله جو فيض هِن يا هُن (ڳالھ) تي مدار رکي ٿو ڇو ته اهو گمان سندس رحمت کي جهان وارن کان روڪيندڙ آهي.]

تصوف  رضا  با  چنين  و  چنان
که مقصود مطلق نه اطوار آن.[62]

[معنيٰ: سلوڪ هِن ۽ هُن تي راضي ٿيڻ آهي ڇاڪاڻ ته مطلق مقصود (الله پاڪ جي ذات) آهي، ان جا اطوار نه آهن.]

مولوي رومي چيو آهي:

عاشقم بر لطف و بر قهرش  بجد
اي عجب من عاشق اين هر دو ضد

[معنيٰ: آئون الله پاڪ جي صفت لطف ۽ قهر ٻنهي کي دوست رکان ٿو. اهو عجب آهي جو آئون هن ٻن ضد (صفتن) جو عاشق آهيان.]

صوفي از فقر چون در غم شود
عين  فقرش دايه و مطعم  شود

[معنيٰ: صوفي جڏهن درويشيءَ جي ڪري بک ۽ ڏک ۾ هوندو آهي، تڏهن سندس اها درويشي خدمتگار ۽ کارائيندڙ ٿيندي آهي.]

اي برادر هرکه را ايزد بخواند
از همہ کار جهان  بيکار ماند

[معنيٰ: اي ڀاءُ! جنهن کي الله پاڻ ڏانهن سڏي ٿو ته اهو دنيا جي سڀني ڪمن کان فارغ ٿي ويو.]

جامه چاکان را چه فرمائي  رفو
تو ز سرمستان قلائو زي مجو

[معنيٰ: جن دنيا جو ڏنل لباس چيهاڙيون ڪري ڇڏيو، تون انهن کي ٽوپي ڏيڻ (ڳنڍڻ)  جي فرمائش نه ڪر!، جيڪي مست آهن، تون انهن کان رهنمائي نه گُهر!]

عاشقي که آلوده شد در خير وشر
خير و  شر مگر تو در همت نگر

[معنيٰ: جيڪو عاشق خير ۽ شر ۾ ڦاٿو آهي، ان جي چڱي ۽ بڇڙي کي نه ڏس، پر سندس همت کي ڏس.]

عشق در دريائي  غم غمناک نيست
لعل را  گر  مهر نبود  باک  نيس

[معنيٰ: جيڪو عاشق غمن جي درياءَ ۾ غرق آهي، ان کي ڪو به غم نه آهي، لعل کي جيڪڏهن صاف نه ڪجي ته به ڪو خطرو نه  آهي.]

پس چه باشد عشق دريائي عدم
که خرد را در شکست آنجا قدم

[معنيٰ: پوءِ عشق ڇا آهي؟ اهو اهڙو عدم جو درياءُ آهي، جتي عقل جو پير منڊو آهي.]

عشق درياءَ آسمان بروي کفي
چون زليخا در هوائي يوسفي

[عشق اهڙو عاليشان درياءُ آهي، جنهن جي اڳيان آسمان سندس ڦيڻ (جهڳ) آهي، جيئن زليخا  يوسفؑ جي محبت ۾ گرفتار هئي.]

ذلت و خواري را  چون شکر ميخورند
خار  غمها   را  چون   اشترمي  خورند.

[معنيٰ: عاشق  ذلت ۽ خواري کي کنڊ وانگر کائيندا آهن، هو غمن جي ڪنڊن کي اُٺ وانگر دل سان چرن ٿا.]

مولوي جامي چيو آهي:

بداغ  نا مرادي شاد مي باش
به شغل بندگي آزاد مي باش

[معنيٰ: نفس جي خواهشن کي الوداع ٿيڻ سان خوش ٿيءُ، الله جي بندگي جي شغل ۾ پنهنجي خواهشن کان آزاد هج!]

حديث شريف ۾ آهي:

الحمدلله عليٰ کل حال

[ترجمو: سڀ تعريف هر حال ۾ الله جي لاءِ ئي آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: عليّون پري نه آهي، سالڪ عليين ۾ حاضر ٿيندو آهي ۽ سندس رستي ۾ آسمان رنڊڪ نه آهن. سالڪ لاءِ بهشت مان حصو هوندو آهي، حالانڪ اهو (سالڪ) زندهه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته سالڪ تعين وجوبي ڏانهن پهچندو آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: هر هڪ جو حجاب سندس غلط گمان آهي ۽ هو پاڻ تي اها شيءِ واجب ڪندو آهي، جيڪا الله تعاليٰ ميثاق واري ڏينهن مٿس واجب نه ڪئي آهي.

    ­            آئون چوان ٿو: ٻانهي تي عبديت واجب آهي.

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

 اللَّهُ الْغَنِيُّ وَأَنتُمُ الْفُقَرَاءُ  (38:47:26)

[ترجمو: الله سڀ کان بي نياز آهي ۽ اوهين محتاج آهيو.]

حديث شريف ۾ آهي: “حق الله علي العبد ان لا يشرک بہ وحق العبد عليہ ان لا يعذبہ”

 [ترجمو: ٻانهي تي الله جو اهو حق آهي ته ان سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪري ۽ ٻانهي جو الله تي اهو حق آهي ته هو ان کي عذاب نه ڪري.] [63]

 بوعلي خسته را طاعت بجز توحيد نيست

[معنيٰ:  دل ڦٽيل بوعلي کي توحيد کان سواءِ ٻي ڪا عبادت نه آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: سڀ ڪجهه هن (الله) جي وسيلي ڏسڻ ۽ ڌار نه سمجهڻ توحيد آهي. سفير ۾ سڪندر کي ڳولهي لهڻ، مثال واري شيءِ مان بي مثال جي بوءِ سُنگهڻ ۽ سڀني کي ان سان سڃاڻڻ توحيد آهي. ڇاڪاڻ ته چنڊ جي روشني بهر صورت سج کان ورتل آهي.

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

إِلَيَّ مَرْجِعُكُمْ  (55:03:03)

[ترجمو: اوهان سڀني کي مون ڏانهن ئي موٽڻو آهي.]

عارفن وٽ سڀ ڪجهه الله کان لهڻ جو نالو ورع يا پرهيزگاري آهي.

    ­            آئون چوان ٿو: الله تعاليٰ مولوي جامي کي سُٺي جزا ڏئي، جنهن هي بيت چيو آهي:

از او است جمله بد و نيک ليک  هرچه  بد است
از آن بد است که از ما است چون از او است نکو است

[معنيٰ: جيڪا چڱائي ۽ برائي اُن جي طرفان آھي، سا سڀ هن کان آهي، پر جيڪا بُرائي آھي سا ان کان پري آھي. ڇاڪاڻ ته اها اسان جي طرف کان آهي. پر جڏهن ان کان آهي ته اها  چڱي آهي.]

نکو گوئي نکو گفته است در ذات
که التوحيد اسقاط لاضافات

 [معنيٰ: تو چڱو چيو ۽ ٻئي ڪنهن به ذات بابت چڱو چيو آهي ته اضافتن جي ڪيرائڻ جو نالو توحيد آهي.

ٻنهي طرفن کان اضافتن ڪيرائڻ مان مراد همہ اوست“ آهي. اها معنيٰ اُن وٽ آهي جنهن جي زبان توحيد کان گونگي آهي.

 مولوي جامي پنهنجي “ديوان” ۾ چيو آهي:

ترا ز  دوست  بگويم  حکايت  بي  پوست
همہ از اوست اگر نيک بنگري همہ اوست

[معنيٰ: توکي دوست جي ڳالهه چٽي ڪري ٻُڌايان ٿو، جيڪي ڪجھ هن کان آهي، جيڪڏهن ان کي چڱيءَ طرح ڏسندين ته سڀ اهو پاڻ آهي.]

ڪتاب “لوائح” ۾ مولوي جامي چوي ٿو:

همسايه وهمنشين وهمره همہ اوست
در دلق گدا ؤ اطلس  شاه  همہ اوست.

[معنيٰ: پاڙيسري، گڏ ويهندڙ ۽ رفيق سڀ ڪجهه اهو پاڻ آهي، پينو فقير ۽ بادشاهه جي پوشاڪ ۾ سڀ اهو پاڻ آهي.]

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org