(د)
سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لُواريءَ واري جي
سوانح حيات
سنڌ جي عظيم عارف ۽ روحاني پيشوا سلطان الاولياء
خواجه محمد زمان جي ولادت 21 رمضان المبارڪ 1125ھ
/ 1713ع تي شيخ عبداللطيف جي گھر ۾ ٿي ۽ اها جڳھ
موجوده لُواري شريف کان ٻه ميل ڏکڻ طرف هئي. سندن
نسب ٽيهين پيڙهيءَ ۾ پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق
رضي الله عنہ سان ملي ٿو. ‘لطيفة التحقيق’ موجب
سندن وڏا عباسي خليفن جي دؤر ۾ عربستان کان هجرت
ڪري سنڌ ۾ آيا ۽ ٺٽي جي ڀرسان سڪونت اختيار
ڪيائون. چون ٿا ته سومرن جي آخري دؤر ۾ حالتن جي
ناسازگار هجڻ سبب هي خاندان سنڌ ڇڏي ڪڇ طرف هجرت
ڪري ويو، ليڪن ساڳئي خاندان مان شيخ عبداللطيف وڏو
سال 910ھ/ 1504ع ڌاري موٽي سنڌ آيو. مستند روايت
موجب هن خاندان جو پهريائين سهروردي سلسلو هو،
ليڪن خواجه محمد زمان جو والد شيخ عبداللطيف مخدوم
آدم نقشبندي ٺٽويءَ جي پٽ شيخ فيض الله جي هٿ تي
بيعت ڪري نقشبندي سلسلي ۾ داخل ٿيو.
خواجه محمد زمان جي تعليم ۽ تربيت ٺٽي ۾ ٿي ۽ سندس
استادن ۾ نمايان نالو شيخ محمد صادق نقشبندي جو
آهي، جيڪو پنهنجي وقت جو هڪ وڏو عالم فاضل شخص هو
۽ مخدوم آدم نقشبنديءَ جي پٽ محمد اشرف جو نياڻو
هو. اهو ساڳيو محمد صادق نقشبندي شاھ عبداللطيف
ڀٽائي جو وڏو معتقد هو.
خواجه محمد زمان نوجوانيءَ ۾ هو ته شيخ محمد عرف
خواجه ابوالمساڪين جيڪو مخدوم آدم نقشبنديءَ جو
پوٽو ۽ سنڌ ۾ نقشبندي طريقي جو اڳواڻ هو، ان جي
بابرڪت صحبت هيٺ نقشبندي طريقي ۾ داخل ٿيو. ڪجھ
وقت کان پوءِ خواجه ابوالمساڪين نوجوان خواجه محمد
زمان کي پنهنجي خانداني مسند حوالي ڪري پاڻ حرمين
جي زيارت لاءِ روانو ٿيو. چون ٿا ته ان وقت خواجه
محمد زمان جي عمر فقط چوويھ سال هئي. خواجه
ابوالمساڪين حرمين ۾ رهائش دوران، خواجه محمد زمان
ڏانهن خط لکي سندس رهنمائي ڪندو رهيو. اهي خط
‘فردوس العارفين’ ۾ موجود آهن، جيڪو خواجه محمد
زمان جي هڪ معتقد مير بلوچ خان 1201ھ يعني پنهنجي
مرشد جي وفات کان رڳو ٻارهن سال پوءِ مرتب ڪيو.
‘فردوس العارفين’ جي لکڻ موجب ٻن سالن بعد خواجه
ابوالمساڪين موٽي ٺٽي آيو، پر ڪجھ وقت کان پوءِ
اهل عيال سميت هميشه لاءِ حرمين شريفين روانو ٿي
ويو. جتي 9 ذوالحج 1149ھ ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس جنت
المعليٰ ۾ دفن ڪيو ويو.
‘فردوس العارفين’ واري لکيو آهي ته خواجه
ابوالمساڪين حرمين شريفين ڏانهن وڃڻ کان اڳ خواجه
محمد زمان کي پنهنجي دستخط سان خلافت ۽ ارشاد ڪرڻ
جي اجازت هن ريت لکي ڏنائين:
”يقول
الشيخ محمد لما کان الاخ في الله محمد زمان سلک في
الارادة وصحب مع المسکين صحبة کثيرة اجزتہ لتعليم
الطريقة و شرط الاستقامة علي الشريعة والطريقة.“
[ترجمو:- شيخ محمد چوي ٿو ته، جيئن ته الله جي راھ
۾ ڀاءُ محمد زمان مريديءَ جي لڙهيءَ ۾ شامل ٿيو
آهي ۽ هن مسڪين جي صحبت ۾ ڳچ وقت گهاريو اٿس.
انهيءَ ڪري کيس طريقت جي تعليم جي اجارت ڏنم ۽
انهيءَ شرط سان ته شريعت ۽ طريقت تي محڪم رهندو.]
‘فردوس العارفين’ ۾ خواجه ابوالمساڪين جا حرمين
شريفين مان لکيل پنج خط موجود آهن، هڪ خط ۾ خواجه
محمد زمان سان محبت جو اظهار ڪندي لکن ٿا.
الله سندس خواهشون پوريون ڪري، طريقت جا ڀاءُ سهڻي
راھ جا رفيق صاحب ڪمال ميان محمد زمان ڪيترو عرصو
ٿي ويو آهي ۽ ڪيتري وٿي پئجي وئي آهي جو هن نيڪ
عادتن واري دوست جي طرفان ڪا خبر نه ملي آهي، ظاهر
آهي ته جدائي ۽ بي رخي اختيار ڪئي اٿائين.
هر کہ عاشق شد اگرچہ نازنين عالم است
نازکي که راست آيد بار مي بايد کشيد
[معنيٰ: جيڪو عاشق ٿئي ٿو پوءِ توڙي جو اهو ڪيترو
به جھان ۾ حسين هجي، هن کي نازڪ ٿيڻ نه گھرجي، بلڪ
هن کي بار کڻڻو پوندو.]
هيءُ درويش توهان جي باري ۾ سوچي رهيو هو ته ڪي
معاملا جيڪي ڪنهن بندہ نوازي سبب هن بيڪار بدڪردار
متعلق آهن، توهان کي ٻڌائي ڇڏي ها، توهان جي ڪنارہ
ڪشي هرگز نٿي سونهي ڇو ته اهو سٺو سؤڻ ڪونه ٿيو پر
چوندا آهن:
هر کس مصلحت خويش نکو ميداند
[يعني: هر ڪو پنهنجي مصلحت بهتر ڄاڻي ٿو.]
مطلب ته جيئن چيو اٿن:
اندکي پيش تو گفتم غم دل، ترسيدم
کہ دل آزردہ شوي ورنه سخن بيسار است
[معنيٰ: تنهنجي آڏو ٿورڙو دل جو غم بيان ڪيو اٿم،
ڀئو اٿم ته ڪٿي تنهنجي دل کي رنج نه رسي، نه ته
ڳالهيون گهڻيون آهن.]
چئي نٿو سگهجي ته خواجه ابوالمساڪين جي حرمين
شريفين مستقل هجرت کان پوءِ خواجه محمد زمان ٺٽي ۾
ڪيترو وقت ترسيو، ڇو ته ‘فردوس العارفين’ جي روايت
موجب ٺٽي ۾ سندن ڪيترا حاسد پيدا ٿي چڪا هئا، جن ۾
ٺٽي جا ڪي اثر و رسوخ وارا مشائخ يا درگاهن وارا
ڏانهس خلق جي رجوعات ڏسي حسد واري روش اختيار ڪئي
هئي. بهرحال ايترو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اڃا
سندن والد حال حيات هو، جو ٺٽو ڇڏي اچي پنهنجو
اصلوڪو اباڻو ماڳ لُواري وسايائون، جتي سندن والد
1149ھ ۾ وفات ڪئي. پر چون ٿا ڪجھ عرصي بعد ان ماڳ
جو پاڻي کارو ٿي ويو جنهنڪري ڪجھ فاصلي تي نئون
ڳوٺ اچي ٻڌايائون ۽ ان جو نالو به لُواري رکيائون.
نئين لُواري شريف کي آباد ڪرڻ جو سال 1150 ھ /
1737ع ٻُڌايو وڃي ٿو.
لُواري شريف ۾ رهائش دوران اڪثر پاڻ استغراق ۽
محويت، مجاهدي ۽ مراقبي جي ڪيفيت ۾ گذاريندا هئا.
اهوئي زمانو هو جڏهن خلق جي رجوعات ۾ پڻ اضافو ٿيڻ
لڳو ۽ سندن نالو سنڌ کان ٻاهر خاص طور ڪڇ ڀڄ جي
ايراضيءَ تائين پهتو.
مير علي شير قانع سنڌ جو مشهور مؤرخ ۽ خواجه محمد
زمان جو همعصر پنهنجي مشهور تصنيف ‘تحفة الڪرام’
جيڪو هن 1180 ھ ڌاري لکڻ شروع ڪيو ان ۾ لکي ٿو:
“ميان محمد زمان اڄ ڪالھ جو مرشد ۽ ميان
ابوالقاسم ۽ ميان محمد نقشبندي (خواجه
ابوالمساڪين) جي مريدن مان آهي ڏاڍو هدايت وارو
آهي. نقشبندي سلسلي جي مريدن جو مرجع ۽ وڏين
ڪرامتن جو صاحب آهي. هن وقت بدين جي ويجھو
لُواريءَ جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو، هڪ دنيا کي فيض جي
درياھ مان سيراب ڪري رهيو آهي. گھڻن ماڻهن جو
اعتقاد آهي ته هن وقت سندس وجود بينظير آهي. ڪنهن
به پيدائش نه هوندي، وٽس عام مهمان خانو هلي ٿو.
عجب هي آهي ته هڪ ٽولو حقيقت کي سمجھڻ کان سواءِ
رڳو ظاهر تي مٿس طعنه زني ۾ مشغول آهي. هنن ڏينهن
۾ الاهيءَ قضا کي پهتو آهي يعني سنه 1188ھ جي
پڇاڙيءَ ۾ گذاري ويو آهي.
جيئن مير علي شير قانع لکيو آهي تيئن لُواريءَ ۾
اقامت کان پوءِ خواجه محمد زمان جي روحاني فيض جو
چرچو گھڻو ڦهلجي ويو. انهيءَ زماني ۾ سندس جھڙو
ارشاد جو صاحب سنڌ ۾ ڪونه هو، گھڻي ئي بزرگ سندس
خدمت ۾ فيض جي طلب لاءِ حاضر ٿيا.
ڊاڪٽر گربخشاڻي جي لکڻ موجب سنڌ جو حڪمران ميان
غلام شاھ ڪلهوڙو جيڪو 1170ھ ۾ سنڌ جو حڪمران ٿيو ۽
اڳي ئي اهڙن برگزيده شخصيتن جو قدردان هو، سو پڻ
سندن ڏانهن متوجھ ٿيو ۽ کين جاگير ڏيڻ جي آڇ
ڪيائين جيڪا پاڻ قبول نه ڪيائون. ميان غلام شاھ جي
1186ھ ۾ وفات کان پوءِ ميان سرفراز پاڻ وڏي عقيدت
ظاهر ڪئي جو سنڌ جي حڪمراني حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو
دعا واسطي حاضر ٿيو هو.
مشهور روايت موجب جنهن ڏانهن ‘فردوس العارفين’ جي
مصنف مير بلوچ خان پڻ اشارو ڪيو آهي ته شاھ
عبداللطيف ڀٽائي هڪ دفعي لُواري شريف آيو، جتي
خواجه محمد زمان سان ملاقات ڪيائين. البته شاھ
عبداللطيف ۽ خواجه صاحب وچ ۾ جيڪي بيت نقل ڪيا وڃن
ٿا، اهي ‘مرغوب الاحباب’ واري ڏنا آهن. جيڪو سال
1262ھ ۾ مرتب ڪيو ويو. علامه دائود پوٽي اُهي بيت
نقل ڪيا آهن ۽ اهو پڻ لکيو اٿس ته شاھ عبداللطيف
ان ملاقات کان پوءِ خواجه صاحب جي شان ۾ هي بيت
چيو هو:
سي مون ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگھان ڳالهڙي
”فردوس
العارفين“ وارو لکي ٿو ته خواجه صاحب عمر جي پوين
سالن ۾ خاص طور 1187ھ ۾ گھڻو بيمار رهڻ لڳا، ايتري
قدر جو چوڻ لڳا ته هاڻي اسان جي هلڻ جو وقت اچي
ويو آهي، انهن ڏهاڙن ۾ ڪڏهن ڪڏهن هي بيت سندن زبان
تي هوندو هو:
اوڏڻ اوڏي آءُ، توکي لاکي ڪوٺِئو
تان لهي تو مٿاءُ، سندو مِٽيءَ مامرو
آخر پاڻ ٽيهٺ ورهين جي عمر ۾ چوٿين ذوالقعد 1188ھ/
1775ع ۾ ڇنڇر ڏينهن هن فاني دنيا کي ڇڏي دارالبقا
ڏي راهي ٿيا. سندن وفات تي قطعه تاريخ بابت ڪيترن
شاعرن ۽ عقيدتمندن تاريخون لکيون آهن، ‘فردوس
العارفين’ واري سيد غلام مهتديٰ شاھ لکوي جو
هيٺيون قطعو ڏنو آهي:
قطب الاقطاب فرد يزداني
نقشبند است نقش نوراني
شھ محمد زمان حبيب خدا
مرشد است و مجدد ثاني
بود مظهر ز نور ذات الله
آمده در لباس انساني
باز خواهش ز اصل خويش نمود
زانکه او بود نور سبحاني
ماه ذي قعد را چهارم بود
خواست نزع لباس جسماني
آمده هاتف ز غيب پديد
گفت اي شاه جان جاناني
هر دو عالم شده است عرض بتو
کن قبول از يکي که به داني
گفت او را جواب و هم تاريخ
”به ز هٰذا وصل عرياني“
1188ھ
مهتديٰ سائل است بر در تو
از حصول مقام عرفاني
هڪ ٻي تاريخ نظر علي ‘مرغوب الاحباب’ واري لکي آهي
جنهن جا آخري ٽي بيت هن ريت آهن:
بوقت چاشت چهارم ماه ذي قعد
ازين دار فاني شد انتقالش
ندائي ”خلوت ما با حق“ آمده
1188ھ
چومي بنوشت تاريخ وصالش
علي کو خاک بوس درگھ او است
نظر باشد کند روزي به حالش
ڪجھ ٻيون تاريخون هن ريت آهن:
”ورضي لہ قولاً“
1188ھ
”محمد
زمان شيخ قطب الله“
1188ھ
اهڙي طرح ٻين ڪيترن شاعرن ۽ عالمن تاريخون لکيون
آهن، جيڪي هتي طوالت سبب پيش نه ٿيون ڪجن.
سلطان الاولياء خواجه محمد زمان جا فيض يافته
خليفا ۽ مريد گھڻا ئي ٿيا پر انهن مان هيٺيان
زياده مشهور آهن:
1.
شيخ عبدالرحيم گرهوڙي
2.
شيخ حاجي ابوطالب اگھمي
3.
شيخ حاجي محمد صالح کڙائي
4.
حافظ هدايت الله
5.
قاضي احمد دمائي
جن جو تفصيلوار احوال ”فردوس العارفين“، ”جواهر
البدائع“، ”مرغوب الاحباب“، ”آئينه الاولياء“ ۽
”سڄڻ ڏٺو جن“ ۾ ڏسي سگھجي ٿو.
”فردوس
العارفين“ جي مصنف مير بلوچ خان متعلق هتي ايترو
ٻڌائڻ ضروري آهي ته هو اصل ۾ ميان غلام شاھ ڪلهوڙي
جي درٻار سان وابسته هو جتي هن سلطان الاولياء
خواجه محمد زمان جي روحاني فيض جي هاڪ ٻڌي، آخر
سال 1182ھ ۾ يعني خواجه صاحب جي وفات کان ڇھ سال
اڳ لُواريءَ ۾ اچي دست بيعت مريد ٿيو. هن واقعي کي
‘فردوس العارفين’ ۾ هو وڏي محبت جي رنگ ۾ پيش ڪري
ٿو جنهن مان سندس عقيدت جو اظهار ٿئي ٿو. مير بلوچ
صاحب طرز اديب ۽ فارسي شاعري ۽ عربيءَ ۾ دسترس
رکندڙ هو، جنهن جو اظهار هن پنهنجي علمي انداز
واري تحرير ۾ ڪيو آهي جنهن ۾ هن عطار، رومي، حافظ،
جاميءَ ۽ ٻين فارسي شاعرن جا شعر نهايت برمهل
انداز ۾ آندا آهن. هو لکي ٿو ته انهيءَ ڪتاب لکڻ
وقت هن اهو احوال حافظ هدايت الله جيڪو خواجه محمد
زمان جو پراڻو مريد هو ان کان پڇي لکيو آهي. ان
کان علاوه هو خواجه گل محمد جيڪو سلطان الاولياء
کان پوءِ گادي نشين ٿيو، ان کان پڻ ڪيتريون
روايتون نقل ڪري ٿو، جن کي ڪتاب ۾ آڻي ٿو. مطلب ته
اوائلي تذڪري جي حيثيت ۾ اهو گھڻي حد تائين معتبر
ماخذ آهي. هو خواجه گل محمد ۽ ان جي ڪتاب
‘الوردالمحمدي’ مان به استفادو ڪري ٿو. هو ٻين
نقشبندي بزرگن جي تحريرن کان علاوه مڪتوبات امام
ربانيءَ جا حوالا پڻ آڻي ٿو.
سلطان الاولياء جي رحلت کان پوءِ سندن فرزند خواجه
گل محمد گادي نشين ٿيو، جنهن جي عمر ان وقت فقط
يارهن سال هئي، يعني هو 1177ھ ۾ ڄائو هو. ليڪن اهو
ئي سندن جانشين ٿيو ۽ شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ سڀ
کان پهريائين سندس بيعت ڪئي، بلڪ ان کان پوءِ هو
پورو هڪ سال لُواري شريف ۾ ترسي پيو. غالباً
انهيءَ عرصي دوران گرهوڙي صاحب ‘شرح ابيات سنڌي’،
”فتح الفضل“ ۽ پنهنجي نئين مرشد خواجه گل محمد جي
شان ۾ فارسي نظم ‘ڪل نما’ لکيو جيڪو اڃا تائين غير
مطبوع آهي.
ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق مطابق اهو ‘ڪل نما’ آهي. ان
مثنويءَ ۾ لفظ ڪُل ڪيترا ڀيرا آيو آهي. ليڪن درگاھ
لُواريءَ وارا هن رسالي کي پنهنجي مرشد جي نسبت
سان ‘گل نما’ چون ٿا ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي به ائين
لکيو آهي.
هن مثنويءَ جي هڪ بند ۾ پنهنجي مرشد ‘خواجه
گل محمد’ جو نالو هن ريت آڻي ٿو:
گل محمد در منازلها تمام
غير بلبل اين چه داند خاص و عام
[معنيٰ: گل محمد سڀئي منزلون پوريون ڪيون آهن،
ليڪن بلبل کان سواءِ هن ڳالھ کي ٻيو عام خاص ڄاڻي
نه سگھندو.]
سموري مثنويءَ ۾ لڳ ڀڳ هڪ سئو کان مٿي بيت آهن، پر
انهن جي وچ ۾ ڪيترائي بيت جيئن جو تيئن مثنوي
روميءَ مان ورتل آهن جيڪي اولياء الله جي شان ۾
آهن.
خواجه گل محمد جنهن کي ‘محبوب الصمد’ جي لقب سان
ياد ڪيو وڃي ٿو، ستاويهين ربيع الآخر 1218ھ/1803ع
۾ وفات ڪئي. سندس علمي ڪارنامو ‘ الورد المحمديه’
نالي فارسيءَ ۾ اها شرح آهي جيڪا هن ‘فتح الفضل’
تي لکي آهي. جنهن جو مختصر سنڌي ترجمو علامه غلام
مصطفيٰ قاسميءَ ڪيو، جيڪو سال 1988ع ۾ ڇپيو.
خواجه گل محمد کان بعد سندس وڏو پٽ خواجه محمد
زمان ثاني سندس جانشين ٿيو، جنهن کي ”غوث عالم“ جي
لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو. پاڻ ٻه حج ڪيائون، پهريون
دفعو سال 1228ھ/ 1813ع ۽ ٻيو دفعو 1238ھ/ 1822۾.
پهرين دفعي جڏهن يمن ۾ ”مخہ بندر“ تي لٿا ته شيخ
محمد عابد سيوهاڻي سنڌي مدني جيڪو حديث جو وڏو
عالم هو، تنهن سندس استقبال ڪيو ۽ پوءِ سندن مريد
ٿيو. جنهن جي تصنيف ‘طوالع الانوار’ ڪيترن جلدن تي
مشتمل آهي، جيڪا اڻ ڇپيل آهي. شيخ محمد عابد هڪ
دفعو لُواري شريف آيو هو ۽ سلطان الاولياء جي
پنجهٺ ارشادات جي عربيءَ ۾ شرح ‘ڪلمات قدسيه’ جي
نالي سان لکيائين، جنهن جو سنڌي ترجمو ۽ اصل نسخي
جو عڪس هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
خواجه محمد زمان ثانيءَ جو انتقال سترهين صفر
المظفر 1247ھ/ 1831 تي ٿيو. مير نظر علي بلوچ سندن
مفصل احوال ‘مرغوب الاحباب’ ۾ درج ڪيو آهي.
خواجه محمد زمان ثانيءَ کان پوءِ سندس فرزند خواجه
محمد حسن لقب ‘شاھ مدني’ گادي نشين ٿيو. هن پنهنجي
زندگيءَ ۾ ڪل ڇھ حج ڪيا جن جو تفصيلي احوال سندس
پٽ خواجه محمد سعيد ‘صقال الضمائر’ ڪتاب ۾ ڏنو
آهي، جيڪو هن 1303ھ ۾ تاليف ڪيو. آخري حج جي
ادائگيءَ بعد مديني منوره ۾ ستين صفر المظفر
1298ھ/ 1881 ۾ سندس انتقال ٿيو ۽ کيس جنت البقيع ۾
مشهور بزرگ خواجه محمد پارسا جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.
خواجه محمد سعيد پنهنجي پيءُ کان پوءِ سندس جانشين
ٿيو، سندس تصنيفات مان معلوم ٿئي ٿو ته هو وڏي
علمي ۽ روحاني شخصيت جو مالڪ هو. عربي، فارسي ۽
سنڌيءَ جو شاعر هو. فارسيءَ ۾ سندس ‘ديوان سعيد’
موجود آهي جيڪو ٻه دفعا ڇپيو آهي. اسلامي تصوف جي
بنيادي تصنيفات خاص طور ابن عربي ۽ مثنوي مولانا
روميءَ سان کيس وڏو انس ۽ چاھ هو. پاڻ پنهنجي والد
جي فرمائش تي مثنوي رومي جي ابتدائي بيتن جي تشريح
۽ تتبع تي شعر لکيائين ۽ سندس عربي اشعار به ملن
ٿا. سندس شاعريءَ ۾ عشقِ رسول خاص موضوع آهي. پاڻ
ڪل ڇھ حج ڪيائون جن مان ٽي پنهنجي والد صاحب سان
گڏجي ڪيائين. آخري حج اهل عيال سميت 1323ھ ۾
ڪيائين. جتي ٻين محرم الحرام 1324ھ/ 1906 تي وفات
ڪيائين، جنهنڪري کيس جنت المعليٰ ۾ دفن ڪيو ويو.
خواجه محمد سعيد جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس پٽ خواجه
احمد زمان جانشين ٿيو. درگاھ لُواريءَ جي جھنڊي
”ڪل“ کي هن جماعت جي نشان طور رواج ڏنو ۽ سندس
ڏينهن ۾ ”اجتماع لواري“ کي مخالف مولوين ‘حج
لواري’ جو نالو ڏئي متنازع مسئلو کڙو ڪيو، جنهن جي
ڪري پهريون ڀيرو 1938 ۾ حيدرآباد جي ڪليڪٽر لواري
شريف ۾ نائين ۽ ڏهين ذوالحج تي ڪنهن به قسم جي
اجتماع تي بندش وجھي ڇڏي. خواجه احمد زمان اٽڪل اٺ
سال 1341ھ کان 1349ھ تائين پنجاب جي شهر امرتسر ۾
تبليغ خاطر قيام ڪيو. سندس ڏينهن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي
پنهنجو مشهور ڪتاب ‘لواريءَ جا لال’ لکيو جنهن جي
تقريظ سال 1352ھ ۾ پاڻ لکيائون. سندس انتقال
1357ھ/ 1938 ۾ ٿيو.
خواجه احمد زمان کان پوءِ سندس پٽ خواجه گل حسن
گادي نشين ٿيو. پير گل حسن پهرين گھرواريءَ جي
وفات کان پوءِ ٻيون ٽي شاديون ڪيون پر کيس ڪو به
نرينو اولاد نه ٿيو. سال 1402ھ / 1982۾ ڪراچيءَ ۾
سندس انتقال ٿيو.
پير گل حسن وفات کان اڳ هڪ وصيت موجب درگاھ قاضي
احمد دمائي جي ستين جانشين پير فيض محمد کي درگاھ
لُواريءَ جو پڻ سجاده نشين مقرر ڪري ويا. پير فيض
محمد نقشبندي جو انتقال 1416ھ / 1995 ۾ ٿيو. جنهن
کان پوءِ سندس نوجوان پٽ پير محمد صادق قريشي
نقشبندي لُواري درگاھ جو گادي نشين ليکجي ٿو. |