سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:12 

وَأْمُرْ بِالْعُرْفِ (199:07:09)

[ترجمو: اي پيغمبر ﷺ! پڌري شيءِ جو حڪم فرماءِ.]

 ان جو مثال بلاغت وارن وٽ لفظ غريب جو استعمال آهي. ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته ماڻهن جو ڪنهن مسئلي تي عمل ڪرڻ ان جي جائز هجڻ لاءِ دليل نه آهي. هائو! اهو حجت تڏهن ٿيندو جڏهن سڀني شهرن وارا ان تي عمل ڪن، تڏهن اهو عملي اجماع ٿي پوندو يا نبي ڪريم ﷺ جي زماني ۾ ان تي عمل ڪيو ويو هجي ته ان کي تقديري حجت چئبو. ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ هي به آهي ته جڏهن مصيبت عام ٿئي، تڏهن سڀ کان آسان مسئلي تي فتويٰ ڏجي، پوءِ ڀلي اهو اسان جي امام جو مذهب نه هجي. ڪتاب ‘الاشباه والنظائر’ ۾ آهي ته مذهب اهو آهي ته عرفِ خاص کي اعتبار نه آهي. مطلب ته ڪنهن شهر يا ڪنهن قوم وٽ ڪنهن مسئلي تي حڪم ڏنو وڃي ته ان تي عمل نه ڪيو وڃي. نص (دليل قرآني) عام ۽ خاص کي ڪيرائي ٿو. جيئن ڪتاب ‘فتح القدير’ ۽ ٻين ڪتابن ۾ آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: دل جي فيض کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي تابعداري نه ڪجي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: اهو مضمون هنن ٻن بيتن ۾ آهي:

ابيدوا الزوائد سفيہ يفنن
اريدوا الفوائد فقيہ يقنن

[معنيٰ: اجاين ڳالهين کان پاسو ڪريو ته بي عقلي فنا ٿيندي، نفعي وارين شين جي طلب سان سمجھ ۽ اطمينان ايندو.]

خذوا  ما يمدکم  و  ترکــہ يضلل
مبيد    حرام   مفيد   محلل[38]

[معنيٰ: اهڙي شيءِ کي وٺو جيڪا اوهان کي وڌائي ۽ ان کي ڇڏيو جنهن ۾ گمراهي هجي. هلاڪ ڪندڙ شيءِ حرام آهي، فائدو پهچائيندڙ شيءِ حلال آهي]

مون سنڌ جي قاضي ميان محمد نقشبندي دهلوي (اصل ويٺل نصرپور، جنهن جو مرشد حضرت مرزا جان جانان دهلوي آهي) جو واعظ ٻڌو ته ٽيپهري (عصر) جي نماز کان پوءِ مراقبي ۾ ويهڻ بزرگن وٽ سڄي ڏينهن جي روزي وانگر آهي ۽ سندس ڀاءُ قاضي عبدالله کان کانئس هيءَ مصرع نقل ڪندي ٻُڌم:

        آنچه ما درکار دارم اکثري درکار نيست

[معنيٰ: جنهن شيءِ سان اسين رڌل آهيون سا گهڻو ڪري بيڪار آهي]

منهنجي خيال ۾ هن ائين به چيو ته اها مصرع مجدد احمد (امام رباني) ڏانهن منسوب آهي قناعت جي قانون ۾ اها مصرع ڪافي آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: مُجتهد الله جي ذات تائين پُهتل هجي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: مُجتهد جي بيان ۾ هي بيت آهن:

مجتهد کيست آنکه بر دعويٰ خويش  آرد دليل قابل را
مجتهد کيست آنکه اي دانا ظاهر وباطن حديث ما بينا

[معنيٰ: مجتهد ڪير آهي؟ مُجتهد اهو آهي، جيڪو پنهنجي دعويٰ لاءِ قابلِ قبول دليل آڻي. مُجتهد ڪير آهي؟ مُجتهد اهو آهي، جيڪو حديث جي ظاهر ۽ باطن کي ڄاڻيندو هجي.]

مُجتهد آنکه او خبير و بصير
با  مناط  الامر و نهي  قدير

[معنيٰ: مُجتهد اهو آهي، جيڪو الله پاڪ جي امر ۽ نهي جي مدار ۽ علت جي خبر رکندڙ ۽ بصيرت وارو هجي.]

علم راجح بضدش درج اين است
علم  حجت  مدار  تمکين  است

[معنيٰ: جيڪو علم سچ ڏانهن لاڙو رکي سو پنهنجي ضد سان گڏيل آهي جو ناجائز آهي، علم حجت جو مدار يقين تي آهي.]

هر چه صادق نمود صدق بدان
لا معارض  لصدق  جز  بهتان

[معنيٰ: جيڪو سچائي ڏيکاري تنهن کي سچ سمجهه، بهتان کان سواءِ سچ جي ٻي ڪا رنڊ روڪ نه آهي]

لغت ۾ آهي ته مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو نالو اجتهاد آهي ۽ اصول ۾ آهي ته مُجتهد اهو آهي جيڪو صواب (درست) کي دليل سان ڄاڻي، ڪنهن ٻئي جي تقليد نه ڪري. امام رافعي ڪتاب ‘شرح وجيز’ ۾ هڪ بيت چيو آهي، جيڪو وصول جي طريقي بابت آهي.

اقيما عليٰ باب الکريم اقيما
و لا تينا  في   ذکره  فتهيما

[معنيٰ: ڪريم جي دروازي تي بيهو ۽ ان کي ياد ڪرڻ ۾ سُستي نه ڪريو، پوءِ ڀلي کڻي سمهي پئو.]

هو الرب من يقرع علي الصدق بابہ
يجده      رؤفا   بالعباد   و   رحيما.

[معنيٰ: پالڻهار جي دروازي کي جيڪو سچائي سان کڙڪائيندو، سو ان کي ٻانهن تي مهربان ۽ نهايت رحم وارو لهندو]

ڪتاب ‘ڪشف اللغات’ ۾ آهي ته مُجتهد جي لاءِ قرآن شريف ۽ حديث جي ڄاڻ هجڻ شرط آهي. علم اصول ۾ ماهر هجڻ ضروري آهي ۽ مون (گرهوڙي) وٽ انهن شرطن سان گڏوگڏ  عقل ۽ بلوغت به آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين نه هوندو ته شريعت جو خطاب ئي نه سمجهندو، پوءِ ان کي شريعت جي تڪليف نه ڏني ويندي. مجتهد جي هن کان سواءِ ٻي معنيٰ نه آهي ته اهو شريعت جي خطاب کي ڄاڻي. اجتهاد جو مجمل مقصود هي آهي ته نقصان واري شيءِ ڇڏڻ ۽ نفعي کي وٺڻ آهي.

ڄاڻڻ گهرجي ته اجتهاد جو دروازو بند نه ٿيو آهي،[39] پوءِ الله جي هر ٻانهي کي ان جي اجتهاد مطابق اجر ۽ ثواب ملندو. هن ڳالهه کي ملاعلي قاري ‘شرح نخبة الفڪر’ ۾ بيان ڪيو آهي، جيڪو هن ڳالهه جو انڪار ڪندو، تنهن کي “تجديد” *واري حديث سان دليل پيش ڪيو ويندو.

              سلطان الاولياء فرمايو: بلاغت وارو اهو آهي جيڪو اهڙو ڪلام نه ڳالهائي جنهن کي رد ڪيو وڃي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: بليغ اهو آهي جنهن جو نالو “فضيلت مآب” رکيو ويندو آهي.

 الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَإِذَا مَرُّوا بِاللَّغْوِ مَرُّوا كِرَامًا   (72:25:19)

[ترجمو: جڏهن اهي ڪنهن ناپسنديده ڪم وٽان لنگهندا آهن ته ڀلارن وانگر لنگهي هليا ٿا وڃن.]

ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪلام جي مقبوليت ئي بلند مرتبو آهي.

             سلطان الاولياء فرمايو: مرُشد جي وصف اها آهي ته مُرشد جو ڪلام بيمارين لاءِ دوا آهي ۽ سندس نظر شفا آهي.

آئون چوان ٿو ته: سلوڪ  جي  ڪتابن  ۾  آيو  آهي  ته  جيڪو  پنهنجي  قول  سان نصيحت ڪري ته اهو سندس قول اجايو آهي، پر جيڪو فعل سان نصيحت ڪري ته ان جو تير نه  گسندو آهي. مطلب ته نصيحت ۽ وعظ اهو آهي جيڪو دلين ۾ حرڪت پيدا ڪري ۽ الله جو شوق ڏياري. (جنهن جي اها صورت آهي جو) الله جي عذاب کان ڊيڄارڻ سان دلين ۾ خوف پيدا ٿئي ۽ خوشخبري ڏيڻ سان دلين ۾ خوشي پيدا ٿئي.

حديث شريف ۾ آهي:   احب العباد اليٰ الله من احببتہ اليهم

[ترجمو: الله جي وڌيڪ پيارن ٻانهن مان اهي آهن جن کي آئون دوست رکان ٿو.]

              سلطان الاولياء فرمايو: بيشڪ ڪنهن ڳالهه جي چوندڙ کي ايستائين پڪڙ نه ٿي ڪري  سگهجي، جيستائين اهو چوندڙ ان تي عمل نه ٿو ڪري. پوءِ جيڪڏهن سندس عمل نجات ۽ ڇوٽڪاري جو اهڃاڻ آهي ته اهو ماڻهو اُن ناموافق ڳالهه کان نجات لهندو. پر جيڪڏهن (غلط ڳالهه چوندڙ) ان تي عمل ڪري ٿو ته ان تي پڪڙ ٿيندي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: فـقهه جي ڪـتابن ۾ آهـي ته نـماز ادا ڪرڻ فـعل آهي ۽ نماز جـون ڳالهيون نماز لاءِ زينت آهن.

               سلطان الاولياء فرمايو: حبيب ڪريم ﷺ جو رويو هن طرح هوندو هو جو کين ماڻهو ڪا شيءِ ڏيندو هو ته پاڻ ﷺ ان کان ائين وٺندا هئا جو ڄڻ ته ان شيءِ جي کين گهرج ۽ ضرورت آهي.

آئون چوان ٿو ته: حديث شريف ۾ آهي ته:

من لم يشکر الناس لم يشکر الله

[ترجمو: جنهن ماڻهن جو شڪر ادا نه ڪيو تنهن الله جو شڪر ادا نه ڪيو.]

(پوءِ) جنهن کي الله تعاليٰ ائين ڪا شيءِ ڏياري ٿو ۽ هو ان کي موٽائي ٿو ته اهو ان (شيءِ) ڏانهن محتاج ٿيندو ۽ ان کي حاصل نه ڪري سگهندو.

              سلطان الاولياء فرمايو: مصيبت دوستن لاءِ ائين آهي جيئن سون لاءِ باھ هوندي آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: هتي مصيبت مان مراد اها  قضا  ۽  ڪم  آهي،  جيڪو  نفس  لاءِ ڪوڙو آهي. ان صورت ۾ مصيبت جي معنيٰ عام ورتي ويندي، جيڪا دوستي جي گھڻائي آهي. جيئن ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي:

ليتک تحلوا والحياة مريرة
ليتک ترضيٰ الا نام غضبان

[معنيٰ: هاءِ! اي الله! تون مِٺو هجين ۽ (ٻانهن جي) زندگي ڪڙي هجي. هاءِ منهنجا موليٰ! تون راضي هجين،  باقي ماڻهو ڀلي ڪاوڙيل هجن.]

 مولوي رومي چيو آهي:

ما التصوف غير وجدان الفَرَح[40]
في  الفواد   عند   اِتيَانِ    التَرَح

[معنيٰ:  تصوف ڇا آهي؟ چيائين خوش ٿيڻ يعني ڏکن اچڻ وقت دل ۾ فرحت ۽ خوشي محسوس ڪرڻ.]

بنده هستي نيست هرکه اوصادق است
عشق نان بي نان  غذائي عاشق  است

[معنيٰ: سچو طالب هن هستيءَ جو غلام نه آهي، مانيءَ جي طلب کان سواءِ مانيءَ جي محبت عاشقن جي خوراڪ آهي.]

اوليائن جي سڃاڻپ  لاءِ هي قول ڪافي آهي ته: الفاقات اعياد المريدين [بکون ۽ فاقا مريدن جي لاءِ عيدون آهن.] ڪتاب ‘ڪشف’ ۾ لفظ “ترح” جي معنيٰ “اندو هناڪ شدن” ٻڌائي وئي آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو ڪنهن درجي جو طالب آهي ته ان کي آزمائش لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

حافظ چوي ٿو:

فکر معقول بفرما گل بي خارکجا است

[معنيٰ: تون چڱيءَ طرح سوچي ڏس ته ڪنڊن کان سواءِ گل ڪٿي آهي؟]

               سلطان الاولياء فرمايو: اصل مقصد نجات (ڇوٽڪارو) آهي، پوءِ اهو ڪهڙي به طريقي سان هٿ اچي. تون رڳو ان کي ڏس ۽ ان جو خيال ڪر.

کل علم ليس ينجي  في المعاد
فاغسلوا يا قوم من لوح الفواد

 [اهو علم جيڪو آخرت ۾ ڇوٽڪارو نه ڏياري. اي ماڻهؤ، ان علم کي دل جي ڦرهيءَ تان ميساري ڇڏيو.]

              سلطان الاولياء فرمايو: ڪي اهڙا شهر آهن جو اتي ڍڳين لاءِ مٽيءَ کان سواءِ ڪو به گاهه نه آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: نظامي جو هڪ شعر آهي:

سبزه چريدن زير خاک بس
نيشکر سبز تو افلاک بس

[معنيٰ: ڌرتيءَ تي گاهه کائڻ بهتر آهي، تنهنجي لاءِ  آسمان جو سائو ڪمند (نظارو) بس آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو:

        يا رضائي دوست بايد يا هوائي خويشتن

[معنيٰ: يا ته دوست جو راضپو هٿ ڪجي يا پنهنجي حرص کي قبول ڪجي.]

              سلطان الاولياء فرمايو:

يا بهائي اتخذ قلبا سواه
فهوما  معبوده  الا هواه

[معنيٰ: اي بهائي! (بهاؤالدين آملي) جنهن پنهنجي دل ۾ الله کان سواءِ ٻيو قبول ڪيو، تنهن جو معبود سندس حرص ۽ خواهش کان سواءِ ٻيو ڪونه آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: ڪپڙن جي سونهن ظاهر ۾ آهي، پر (اصل ۾) مقبول دل جي صفائي آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: مولوي رومي چيو آهي:

روز مرگ اين حسن تن باطل شود
حُسن  جان  باشد  که  يار  دل  شود

[معنيٰ: موت واري ڏينهن بدن جو هي حسن بيڪار ٿي ويندو، روح جو حسن هجي جيڪو دل جو دوست ٿئي.]

                سلطان الاولياء فرمايو: حال جو صاحب ڪنهن به ماڻهوءَ جي پوري ڳالهه نه ٻڌندو آهي، پر ايترو ضرور ٻڌندو آهي جنهن مان مقصد سمجهي وڃي.

   ­            آئون چوان ٿو ته :‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته خلوت (اڪيلائي) جو مطلب هي آهي ته جلوت (مجلس) ۾ به پنهنجي روح سان نڪي ڪنهن ڏانهن واجهائي ۽ نه ئي ڪنهن ڏانهن لاڙو ڪري، پوءِ ڀلي کڻي مجلس ۾ ويٺو هجي. خلوت هن جو نالو نه آهي ته مجلس ۾ اکيون بند ڪري ۽ حواس مُعطل ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ ته اهڙي خلوت نقشبندي طريقت جي خلاف آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: ذڪر الله جي اطاعت  جو نالو آهي.

 

       سلطان الاولياء فرمايو: ڪنهن فقير پنهنجي گهر ۾ انگورن جو ڇُڳو ڏٺو تڏهن فقير چوڻ لڳو ته فقير جي دل کي آرام ڪيئن ايندو؟ [41] جنهن جو گهر سبزي فروشن وانگر شين سان ڀريل هوندو.

شادي امروز بي انديشئه فردا خوش است
فکر  شنبه  تلّخ  دارد   جمعئه  اطفال  را

[معنيٰ: اڄ جي خوشي سڀاڻي جي فڪر کان ڀلي آهي. ڇنڇر ڏينهن پڙهڻ وارو خيال  ٻارن جي جمعي واري موڪل کي ڪڙو بنائيندو آهي.]

تنهنڪري ضرورت کان وڌيڪ مال ۽ دولت گهر ۾ رکڻ مناسب نه آهي.

   ­            آئـون چـوان ٿـو ته: اهـا ئـي نبوي سنت آهي جو پاڻ سڳورا ﷺ جن ڪنهن به شيءِ کي سڀاڻي لاءِ گڏ ڪري نه رکندا هئا ۽ فرمايائون:

لو کان لي مثل اُحد ذهباً لا نفقتہ  قبل ثلاث ليالي

[ترجمو:جيڪڏهن اُحد جبل جيترو سون مون وٽ هجي ها ته رات ختم ٿيڻ کان اڳ ئي غريبن ۾ ورهائي ڇڏيان ها.]

 ڪن روايتن ۾ آهي ته ڏينهن گذرڻ کان اڳ ئي خرچي ڇڏيان ها. (اها ڳالهه قرض کان سواءِ آهي ڇاڪاڻ ته قرض جي ادائيگيءَ لاءِ مال رکندس.

ڪنهن شاعر ڪهڙو نه سُٺو چيو آهي، الله تعاليٰ کيس جزاءِ خير ڏئي:

لا يالف الدرهم المضروب صرتنا
لــٰکن  يمر  عليها  و هو  منطلق

[معنيٰ: درهم جو سڪو اسان جي همياڻيءَ ۾ نه ٽڪندو آهي، پر ان تي هلندي لنگهي ويندو آهي.]

        قرار درکف آزاد گان  نگيرد مال

[معنيٰ: آزاد ماڻهن جي تريءَ تي مال ۽ دولت نه ترسندا آهن.]

                سلطان الاولياء فرمايو: تعين حقيقت تي زائد (واڌو) آهي، ڇو ته اهو صورت ۽ شُيون جو غير آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: ڪـنهن بـزرگ چـيو آهـي ته تـعين حـقيقـت جو عـين آهي. ڪن وري ان کي عدمي چيو آهي . ڪتاب ‘محصول’ ۾ آهي ته تعين جي معنيٰ غير خدا جو انڪار ۽ نفي آهي.

                سلطان الاولياء فرمايو: سڀني عـبادتن ۽ ذڪـرن جو مـقصد هي آهي ته عـابد ۽ ذاڪر ان ۾ گم  ٿي وڃن، تڏهن عابد ۽ معبود هڪ ٿي ويندا. هن ڳالھ جو شاهد الله تعاليٰ جو هي فرمان آهي:

حَبَّبَ إِلَيْكُمُ الْإِيمَانَ وَزَيَّنَهُ فِي قُلُوبِكُمْ وَكَرَّهَ إِلَيْكُمُ الْكُفْرَ وَالْفُسُوقَ وَالْعِصْيَانَ أُولَـٰئِكَ هُمُ الرَّاشِدُونَ (07:49:26)

[ترجمو: الله تعاليٰ اوهان کي ايمان جي محبت ڏني ۽ اوهان جي اندر ۾ ڪفر، ڪوڙ ۽ بي فرماني لاءِ نفرت وڌي اٿس. اهي ئي ماڻهو واٽ لهندڙ آهن.]

هن آيت مان واٽ لهندڙن لاءِ ڪهڙي شيءِ ثابت ٿي؟

من وتو درميان کاري نداريم
بجز  بيهود  پنداري  نداريم

[معنيٰ: مان ۽ تون چوڻ کان سواءِ ٻيو ڪم ڪونهي، اجائي پاڻ ڀانئڻ کان سواءِ ڪو ڪم نٿا رکون]

               سلطان الاولياء فرمايو:  جيڪو ولين جي ظاهر کي ڏسندو، اهو هميشه واري موت سان گرفتار ٿيندو ۽ جيڪو باطن ڏانهن نظر ڪندو، سو خضرؑ وانگر هميشہ واري زندگي ماڻيندو. انهيءَ ڪري ولين جو ظاهر زهر قاتل آهي ۽ سندن اندر آب ِ حيات آهي.

طبع  نافہ   آهو  هست  اين  قوم را
از برون خون واز درون شان مشکها

[معنيٰ: هنن ماڻهن (ولين) جي طبعيت هرڻ جي دُنّ وانگر آهي، جنهن جي ٻاهران ته رت پر انهن جي اندر (دُن) ۾ مشڪ (خوشبوءِ) لِڪل آهي.]

       سلطان الاولياء فرمايو: الله جي ذڪر لاءِ مُرشد جي اجازت سڀني عبادتن ۽ نيڪين جي اجازت آهي، هن ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي.

                 سلطان الاولياء فرمايو: ذڪر جي پُڄاڻي، هميشہ لاءِ واقف يا خبردار ٿيڻ آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪو به شرط نه آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: مقصد رڳو هميشہ واري  ڄاڻ  آهي  ۽  ان  جي  نشاني  الله  جي حڪمن جو خيال رکڻ ۽ سيني جي ڪشادگي آهي. ان جو خلاصو ادراڪ (عقل واري قوت) جو ڪنهن به ڪيفيت کان سواءِ هجڻ آهي. ان کي ڪنهن عارف هن طرح سمجھايو آهي ته جڏهن تون الله کي ڄاڻندين ته (کائڻ) پيئڻ کان سواءِ ئي توکي ڍؤ ٿي ويندو.

سلطان الاولياء فرمايو: الله تعاليٰ فرمايو آهي:

آتَيْنَاهُ (رَحْمَةً مِّنْ عِندِنَا وَعَلَّمْنَاهُ) مِن لَّدُنَّا عِلْمًا   (65:18:15)

[ترجمو:  جنهن کي اسان پنهنجي طرفان خاص (طرح رحمت ڪئي هئي، ان کي پاڻ وٽان) علم عطا ڪيو.]

پوءِ جيڪو علم اسان (الله تعاليٰ) وٽان نه هوندو، اهو ڪوڙ ۽ قياس کان سواءِ ٻي ڪنهن شيءِ ڏانهن نه موٽندو. ڇاڪاڻ ته [42] ٻانهي جو علم جهل آهي، علم اهو آهي جيڪو الله ٻانهي کي سيکاريو.

   ­            آئون چوان ٿو ته: مولوي رومي چيو آهي:

علم کان نبود زهو بي واسطه
آن نيايد  همچو  رنگ  ماشطه

[معنيٰ: جيڪو علم الله کان سڌو نٿو حاصل ٿئي، سو پائيدار نه آهي، جيئن ڪنوار جو سينگار لاءِ لڳايل رنگ پائيدار نه آهي.]

همچو موسيٰ علم کي يابد ز جيب
سخره     استاد   و  شاگرد   کئيب

[معنيٰ: حضرت موسيٰ عليہ السّلام وانگر دامن مان علم ڪير لهندو؟ جيڪو استاد ۽ وائڙي شاگرد لاءِ مذاق آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: مقصد جي موتيءَ کي هٿ ڪرڻ ۾ ڪاميابي آهي. (جيڪا) الله تعاليٰ جي هن قول جي تحقيق آهي:

لَهُم مَّا يَشَاءُونَ فِيهَا وَلَدَيْنَا مَزِيدٌ   (35:50:26)

[ترجمو: انهن لاءِ ان (واٽ) ۾ اهو ئي موجود آهي جيڪو اُهي گهرن ٿا ۽  اسان وٽ ان کان اڃا وڌيڪ به آهي.]

   ­            آئون چوان ٿو ته: جڏهن حرص فنا ٿي ويندو، تڏهن ٻانهو جيڪا به شيءِ گهرندو ته ان شيءِ جو تصور ان وٽ اهڙي صورت وٺندو جو ان کي لذت ۽ مزو ايندو يا ظاهر ۾ کيس اها شيءِ محسوس ٿيندي، جنهن کي ان فاني شخص کان سواءِ ٻيو ڪو به نه ڏسندو. اهو ڏسڻ وارو شخص اعليٰ درجي تي پُهتل هوندو آهي. جيئن ڪتاب ‘احياءُ العلوم’ ۾ آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: الله وٽ پهچڻ جي نشاني اعليٰ اخلاق هجڻ ئي آهي. جيڪڏهن کيس ڪو تڪليف پهچائي ته تنگ نه ٿئي. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جهان وارن کان بي پرواهه آهي. فقر جي معنيٰ اها آهي ته جهان وارن کان الله بي پرواهه آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: صحبت طالب جي لاءِ شيطان کان پناهه آهي، ڇاڪاڻ ته اڪيلي ويندڙ کي شيطان واٽ تان ٿيڙي ڇڏيندو آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: درويشن سان صحبت جو شـرط هـي آهـي ته مـٿن فـدا ٿـجي ۽ ساڻن ورونهن يا صحبت ڪري. جيئن ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو الله وٽ پهچڻ سبب مخلوق کان بي نياز ٿيو، سو علمن ۽ عملن کان مفلس ٿيو.

جيئن حافظ چيو آهي:

ز راه  ميکده ياران عنان بگرد  انيد
چرا که حافظ زين راه رفت مفلس شد

[معنيٰ: اي دوستو! شراب خاني جي واٽ کان واڳ ڦيريو، ڇاڪاڻ ته حافظ! اها واٽ ورتي ته سڃو ٿي ويو.]

           سلطان الاولياء فرمايو: فقيرن جي علم ڏانهن حافظ جو هي بيت اشارو ڪري ٿو:

چه دوزخي چه بهشتي چه آدمي چه ملک
بمذهب همہ  کفر طريقت ست  امساک

[معنيٰ: دوزخي هجي يا بهشتي، ماڻهو هجي يا ملائڪ، انهن سڀني وٽ  ڪنجوسي طريقت ۾ ڪفر آهي.]

   ­            آئون چوان ٿو ته: اِمساڪ (جھلڻ) جي معنيٰ اها آهي جيڪا شيخ ابن عربي جي مرشد ابومدين مغربي بيان ڪئي آهي ته جڏهن تون ٻنهي جهانن کان فارغ ٿيندين، تڏهن ئي تنهنجي اها فراغت “رحمٰن” جو مشاهدو آهي.

             سلطان الاولياء فرمايو: الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَإِذَا حَلَلْتُمْ فَاصْطَادُوا  (02:05:06)

[ترجمو: جڏهن اوهان حلال ٿيو، ته پوءِ شڪار ڪريو.]

ڇاڪاڻ ته طالبن جي دلين کي انساني لاڳاپن مان نڪرڻ کان اڳ ۾ شڪار ڪرڻ سٺو نه آهي. جيڪو پاڻ فنا ۽ بقا کي نه پهتو آهي، سو پنهنجي نفس جي لحاظ سان حلال نه ٿيو آهي، تنهن لاءِ ٻيو ڪيئن حلال ٿيندو؟

            سلطان الاولياء فرمايو: اخلاق محمّدي ﷺ جي ڄاڻڻ لاءِ هي بيت تمام عمدو ۽ بليغ آهي:

لہ  همم  لا منتهيٰ   لکبار ها
وهمتہ الصغريٰ اجَّل من الدهر

[معنيٰ: حضور اڪرم ﷺ لاءِ اهڙيون وڏيون همتون آهن، جوانهن مان ڪنهن جو دنگ نه آهي ۽ سندن سڀ کان ننڍي همت به زماني کان وڏي آهي.]

   ­            آئون چوان ٿو ته: وڏي مُـرشـد سائين (سلطـان الاولياء قدس سره)  جي  وڏي  ڪوشش طالب کي همت  ڏيارڻ جي هوندي هئي ته جيئن ڪو به مريد الله جي ذڪر کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ نه گهري ۽ مون (گرهوڙي) کي هن بيت جي تلقين ڪئي هئائون:

همت بلند بايد عشاق  مست مئي را
مردِ خسيس همت در عاشقان نگنجد

[معنيٰ: شراب جي مست عاشقن کي بُلند همت ٿيڻ گهرجي، گهٽ همت وارو عاشقن ۾ شمار ٿي نه ٿو سگهي.]

        منهنجي وڏي مُرشد سائين (حضرت سلطان الاولياءَ قدس سره) مون کي مقصد جي حقيقت بابت ‘قصيده بُرده’ جي هن بيت سان تنبيهه فرمائي:

کا البدر في شرف والزهر في ترف
و البحر في کرم و الدهر في  همم

[معنيٰ: هو بزرگيءَ ۾ چوڏهين جي چنڊ وانگر آهي، تازگيءَ ۾ گل جي مُکڙيءَ وانگر آهي، سخا ۾ درياء وانگر آهي ۽ زماني ۾ اوللعزم آهي.]

هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته طلب جي رستي لاءِ اها تلقين ڪافي آهي.

 مولوي رومي چيو آهي:

هست  اشاراتِ  محمد  المراد
کل کشاد اندر کشاد اندر کشاد

[معنيٰ: مطلب ته حضور اڪرم ﷺ جي اچڻ جو اشارو ٿيو آهي ته سڀ ڪشادگي ئي ڪشادگيءَ ۾ ڪشادگي  آهي.]

گرز مطرب برزند  خورشيد  سر
عين خورشيد است ني چيزي دگر

[معنيٰ: سج جيڪڏهن اولھ کان ڪني ڪڍي ته اها ڪا ٻي شيءِ نه آهي، پر عين سج آهي.]

در گذر از نام بنگر در صفات
تا صفاتت ره نمايد سوئي ذات

[معنيٰ: اسمن کان لنگهي صفتن ۾ ڏس ته صفتون توکي ذات ڏانهن واٽ ڏيکارينديون.]

شيخ سعدي چيو آهي:

ندارد  خرد مند  از  فقر  عار
که باشد نبي را ز فقر افتخار

[معنيٰ: عقل واري کي مسڪينيءَ کان عار نه ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ ته نبي ڪريم ﷺ جن کي مسڪيني تي فخر آهي.]

ڪنهن عارف چيو آهي:

الفاقات اعياد المريدين

[ يعني بکون ۽ فاقا مريدن جي لاءِ عيد برابر آهن.] [43]

              سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو موت کان اڳ ۾ مري ويو ته شيطان ڏانهس رخ نه ڪندو. هن جو روح نه داخل آهي، نه خارج آهي، نه ڳنڍيل آهي ۽ نه جدا آهي. ان صورت ۾ روح جو فنا واري سالڪ سان ائين تعلق هوندو آهي جيئن الله جو جهان سان آهي.

       سلطان الاولياء فرمايو: هر هڪ ماڻهوءَ کي زماني جي صاحب (قطب الارشاد) کان نصيب ملندو آهي. پر جيڪو منڪر آهي يا جنهن جي پاران زماني جي صاحب جي دل تي بار هوندو آهي تنهن کي ڪو حصو ڪونه ملندو.  

              سلطان الاولياء فرمايو: والدين ۽ ٻين جي مرڻ تي ڏک نه ڪريو. ڇاڪاڻ ته سڀني جو وارث (الله) زندهه آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: وڏي مُـرشد سـائين جو اهو فرمان حضرت ابوبـڪر صديق ؓ جي قول

وانگر آهي. جيڪو پاڻ حضور ڪريم ﷺ جي برقعي مٽائڻ وقت فرمايو هو ته: جيڪو الله جي عبادت ڪري ٿو ته الله سدائين جيئرو آهي ۽ ڪڏهن نه ٿو مري ۽ جيڪو محمّد ﷺ جي عبادت ڪري ٿو ته ان کي ڄاڻڻ گھرجي ته محمّد ﷺ برقعو مٽائي ويا آهن.

              سلطان الاولياء فرمايو: جنهن الله کي هن طرح سڃاتو ته الله نور آهي، جيئن پيارو پٽ ميان گل محمد چوي ٿو ته ان چوڻ ۾ ڪابه خطا نه آهي.

ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ فرمايو آهي:

اللَّهُ نُورُ السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضِ  (35:24:18)

[ترجمو: الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين جو نور آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: ڪلمي طيبه جو نقش اسان (نقشبندين) وٽ باطن ۾ آهي، ٻاهر نه آهي. جيئن ڪي سالڪ ( وڏي آواز سان) ذڪر ڪندا آهن.

   ­            آئون چوان ٿو ته: انسان وٽ تصوير جي قوت ٻن نمونن سان هوندي آهي هڪ خيالي ۽ ٻي حسّي.

جيئن مولوي رومي چيو آهي:

        همچو بت گر از حجر يار تراش

[معنيٰ: يار جي صورت کي پٿر مان بت ٺاهيندڙ وانگر دل ۾ ڄماءِ.]

‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته طالب کي  گهرجي ته الله جو غيب کان سواءِ اثبات نه ڪن، ڇاڪاڻ ته فقر کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجھ بيماري آهي.

 حافظ شيرازي چيو آهي:

عشق مي ورزم واميد که اين فن شريف
چون  هنرهائي دگر موجب حرمان نشود

[معنيٰ:  مان عشق بازي ڪريان ٿو ۽ اها اميد رکان ٿو ته اهو شريف هنر ٻين هنرن وانگر محروميءَ جو سبب نه ٿيندو.]

بنده نه شکيبد  ز تصوير خوشش
مي کند هر لحظ جان را مفرشش

[معنيٰ: هن جي سهڻي صورت ڏسڻ مان ٻانهو ٿڪجي نٿو هرگهڙي پنهنجي جان کي ان جي اڳيان وڇائي ٿو.]

              سلطان الاولياء فرمايو: جيڪڏهن بزرگيءَ جو دارومدار ظاهري صحبت تي هجي ته اُمهات المؤمنين سڀني صحابين کان افضل هجن ها.

   ­            آئون چوان ٿو ته: مـحـدثـن چـيو آهـي ته صحبت سان ڪـو به عـمل برابري نه ٿو ڪري سگهي. ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته ڀلائي ۽ فضيلت قرب الاهي جي ڪري آهي. (امام) غزالي‘احياءُ العلوم’ ۾ لکيو آهي ته بيشڪ فضيلت ۽ ڀلائي [44] دنياوي مشغولين کان فراغت جي اندازي تي آهي.

 مولوي رومي چيو آهي:

فقر خواهي آن بصحبت قائم است

[معنيٰ: تون جيڪڏهن فقيري گهرين ٿو ته اها صحبت تي ٻڌل آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: مون طريقت جو رستو شيخ محمد (خواجه ابوالمساڪين قدس سره ٺٽوي) کان ورتو. آئون اڄ ڏينهن تائين سندن علم بابت حيران آهيان، جنهن جي آءٌ انتها نه ٿو ڏسان. جو پاڻ هيءَ ڳالهه چوندا هئا:

هر لحظه  مرا تازه خدائي دگر است

[معنيٰ: هرگهڙيءَ منهنجو خدا نئون يعني ٻيو (نئين شان وارو) آهي.]

اها تجديد (ايمان جو نئون ڪرڻ) نبي ڪريم ﷺ جن جي هن فرمان مطابق آهي:

جدّدوا ايمانکم بقول لاالـٰہ الاالله

[ترجمو:پنهنجي ايمان کي ڪلمي طيبه جي ورد سان نئون بنايو.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org