سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:6 

(و) شيخ محمد عابد سنڌي ۽ سندس تصنيف ”ڪلمات قدسيه“

 

شيخ محمد عابد جا وڏا اصل سيوهڻ جا هئا ۽ هن 1192ھ/1778ع ۾ سيوهڻ جي هڪ وڏي علمي گھراڻي ۾ اک کولي. سندس ڏاڏو شيخ مراد ٻارهين صديءَ جي آخر ۾ سنڌ مان هجرت ڪري يمن کان ٿيندو حج جي ارادي سان حرمين پهتو ۽ جده ۾ رهائش اختيار ڪيائين، جتي 1198ھ ۾ گذاري ويو. اتي ئي شيخ محمد عابد جي والد شيخ احمد علي 1202ھ/1787ع ۾ وفات ڪئي. جنهن کان پوءِ هن خاندان يمن جي بندر حديده ۾ رهائش اختيار ڪئي. شيخ محمد عابد اتي پنهنجي چاچي محدث شيخ محمد حسين وٽ علم جي تحصيل ڪئي ۽ ان کان حديث جي سند حاصل ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ هو يمن جي ٻئي وڏي عالم قاضي محمد  بن علي شوڪاني وٽ پڻ علم ڪلام ۽ حڪمت پڙهيو ۽ علم طب وغيره ۾ مهارت حاصل ڪئي.

شيخ محمد عابد ڪجھ وقت لاءِ يمن جي ٻئي وڏي شهر زبيده ۾ پڻ رهائش اختيار ڪئي. يمن ۾ رهائش دوران اتان جي حاڪم سندس علمي شهرت ٻڌي کيس پاڻ وٽ صنعا ۾ گھرايو ۽ وڏي عزت افزائي ڪيائين. جنهن سان سندس اثر رسوخ ۾ اضافو ٿيو.

اهو سندس سهڻو اتفاق چئجي ته حديده ۾ رهائش دوران جڏهن غوث عالم خواجه محمد زمان ثاني (1199ھ - 1247ھ) حج جي ارادي سان مخہ بندر تي پهتو ته شيخ محمد عابد پڻ اتي سندس آمد جو ٻڌي اچي حاضر ٿيو. خواجه محمد زمان ثاني سندس ٽي ڏينهن مهمان ٿي رهيو، جنهن دوران کيس خواجه صاحب نقشبندي طريقت ۾ اجازت سان نوازيو.

شيخ محمد عابد کي زندگيءَ جي پوين ڏيهاڙن ۾ حديده ۾ وڏي مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو جو اتي زيدي مذهب زور وٺڻ لڳو ۽ آخر کيس شهر نيڪالي ڏني وئي. اهوئي عرصو هيو جو سنڌ ۾ آيو ۽ لواريءَ جي درگاھ تي پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هڪ اندازي موجب اهو زمانو 1240ھ کان 1249ھ آهي. شيخ محمد عابد زندگيءَ جا آخري سال مديني منوره ۾ گذاريا ۽ اتي ئي 1257ھ ۾ وفات ڪيائين، جتي پنهنجا سڀ ڪتاب حرم مڪي جي ڪتب خاني جي حوالي ڪيائين.

شيخ محمد عابد سنڌ ۾ يا لُواري شريف ۾ مختصر عرصو قيام ڪيو پر ظاهر آهي ته اهوئي وقت هيو جنهن دوران هن سلطان الاولياء جي بزرگي ۽ روحانيت جي اعتراف طور سندس فرمودات کي عربي زبان ۾ تحرير ڪيو ۽ نقشبندي روايت مطابق ‘ڪلمات قدسيه’ جو نالو ڏنو. ياد رهي ته نقشبندي سلسلي جي باني خواجه بهاءُالدين نقشبند جي تمام مختصر ارشادات کي جڏهن سندس خاص خليفي خواجه محمد پارسا شرح سان لکي پورو ڪيو ان کي ڪلمات قدسيه“ يعني پاڪ گفتا جو نالو ڏنائين. نقشبندي اڪثر پنهنجي مشائخن جي فرمودات کي ڪلمات قدسيه ڪوٺين ٿا. پوءِ ڪڏهن اهو عنوان ظاهري طور به رکن ٿا ته ڪڏهن وري بيان ڪندي اندر ائين چئي وڃن ٿا. هن سلسلي ۾ ٻيو مثال ‘حضرات القدس’ جو آهي جيڪو امام ربانيءَ جي خاص خليفي بدرالدين سرهنديءَ جي تصنيف آهي. جنهن ۾ هو نقشبندي سلسلي جي سڀني اڪابرن ۽ بزرگن جي فرمودات کي سندن سوانح سان گڏ ‘قدسيه’ جا عنوان ڏئي پيش ڪري ٿو. هتي اهو پڻ واضح ڪجي ته ٻين سلسلن ۾ وري ملفوظات جي روايت آهي جتي هو ڪنهن واقعي يا نقل کي بيان ڪندي ان سان گڏ مرشد جي زبان مان خاص گفتگو يا اقوالن کي حڪايت جي انداز ۾ بيان ڪن ٿا. 

هڪ لحاظ سان ڏسجي ته گرهوڙيءَ جي تصنيف ”فتح الفضل“ ۾ به اهوئي انداز ڪار فرما آهي جيڪو خالص علمي ۽ فڪري آهي. هو ڪوبه فرمودو ٻئي ڪنهن جي حوالي سان يا نالو کڻي بيان نٿو ڪري. اهو ساڳيو انداز شيخ محمد عابد جي ‘ڪلمات قدسيه’ ۾ پڻ نظر اچي ٿو. اهڙيءَ طرح هو اسلامي تصوف جي عاليشان روايت جنهن ۾ روميءَ کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. تنهن مان پڻ ڀرپور استفادو ڪندي نظر اچي ٿو. وڏي ڳالھ ته هو سنڌ جي تصوف جي شاندار روايت جنهن جو عروج  شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿو، ان کان به بهرور ڏسجي ٿو جو هو ٻن هنڌن تي سندس بيتن جون سٽون حوالي طور آڻي ٿو. بهرحال هيءَ ڳالھ به قابل غور آهي ته گرهوڙيءَ وانگر هو به ان تصنيف ۾ ڪٿي پنهنجو نالو نٿو کڻي ته اها سندس تصنيف آهي. اسان جي آڏو سندس ڪتب خاني جو هڪ عڪسي نسخو آهي جنهن جي مٿان ڪاتب طرفان اها تحرير آهي جنهن ۾ سندس نالو ڄاڻايل آهي.

شيخ محمد عابد ”ڪلمات قدسيه“ ۾ جتي روميءَ جا اشعار استعمال ڪري ٿو، اتي ”مڪتوبات احمدي“ ڏانهن پڻ ڪيترائي ڀيرا رجوع ڪري ٿو. هو سعدي، حافظ ۽ جاميءَ جا عارفانه اشعار پيش ڪري توضيح ۽ تشريح جو پورو حق ادا ڪري ٿو. نقشبندي سلسلي جي فضيلت جو اصلي سبب بيان ڪندي ٽيويهين فرمودي جي تشريح ۾ لکي ٿو ته ان جو سبب نقشبندي طريقي ۾ پهريون قدم مريد يعني ارادي ڪندڙ جي دل تي توجھ وجھڻ آهي ۽ ان جي شروعات اسم ذاتيءَ يعني “الله” جي خفي ذڪر ڪرڻ سان آهي. دل يا قلب جي اهميت کي بيان ڪندي هو اها ساڳي حديث بيان ڪري ٿو جيڪا گرهوڙيءَ پڻ ‘فتح الفضل’ جي بلڪل ابتدا ۾ آندي آهي.

“مصحف المؤمن صدره”

[مؤمن جو مصحف (قرآن) سندس سينو آهي.]

مطلب ته دل تي الله جي نقش ويهارڻ سان ئي ڪيفيتن ۽ مقامات جو آغاز ٿئي ٿو، دل ئي مصحف جو ڪم ڏئي ٿي.

 نقشبندي سلسلي جي بنيادي تصورات يا شغلن جي سمجھاڻي پڻ خواجه صاحب جي فرمودن ۾ ملي ٿي، جيئن فرمودي ٻائيتاليھ ۾ آهي ته “هوش در دم” سان ٻيا ڪهڙا شغل حاصل ٿي وڃن ٿا.

شيخ محمد عابد جيئن ته بنيادي طور فقيہ صوفي آهي ۽ عام طور سمجھيو ويندو آهي ته فقيہ صوفي نٿو ٿي سگهي. تنهنڪري اها ڳالھ فرمودي پنجيتاليھ ۾ چڱيءَ طرح واضح ڪري ٿو ته هي جو ڪي صوفي عالم ۽ شاعر عام طرح چون ٿا ته ظاهري علم حقيقت تائين نٿو پهچائي. ان جو مطلب ظاهري علم خاص طور قرآن، حديث ۽ فقہ جي نفي ڪرڻ ناهي. بلڪ سندس پنهنجو نقطئه نظر هي آهي ته اهو علم يعني علم باطن در اصل ظاهري علم جي تحصيل کان مٿڀرو آهي، جنهن لاءِ اهو ظاهري علم بنيادي ڏاڪڻ جي حيثيت رکي ٿو. مطلب ته هو جاهل صوفيءَ جي تصور کي رد ڪري ٿو ۽ اهوئي گرهوڙي جو تصور آهي. جڏهن هو فقہ بابت امام ابوحنيفي رحه جو اهو جامع قول نقل ڪري ٿو:

الفقہ معرفة النفس مالها وما عليها

[يعني فقہ، نفس ۽ مٿس طاري ٿيندڙ ڪيفيتن يا لاڳو ٿيندڙ حالتن کي سمجھڻ جو نالو آهي.]

ڪلمات قدسيه“ ۾ شاھ عبداللطيف جي عارفانه شاعري ۽ فڪر جي عظمت پڻ نظر اچي ٿي. جنهن مان انداز ٿئي ٿو ته شاھ لطيف جي شاعري نه رڳو سلطان الاولياء کي پسند هئي، بلڪ وڏي ڳالھ ته جڏهن خواجه صاحب صرف بيت جي هڪ سٽ پڙهي چوي ٿو ته کيس ان کان وڌيڪ ياد نه آهي، تڏهن شيخ محمد عابد باقي ٻه سٽون پنهنجي طرفان وجھي بيت مڪمل ڪيو آهي. اها حقيقت فرمودي اٺونجاهين ۾ بيان ٿيل آهي. ان کان اڳ  اڻيتاليهين فرمودي ۾ به شاھ لطيف جي بيت جي هڪ سٽ جو حوالو بغير نالي جي ڏنل آهي.

 شيخ محمد عابد گرهوڙي صاحب جي ‘فتح الفضل’ کان واقف هو يا نه؟ ڇو ته ان طرف ڪو اشارو ڪونه ٿو ملي، تاهم شيخ عابد جي وقف ڪيل ڪتابن ۾ ‘القول الفصل’ جي نالي سان ڪتاب ‘فتح الفضل’ شامل آهي. ليڪن اها حقيقت آهي ته ٻنهي ۾ تمام گهڻي مشابهت ۽ هڪجھڙائي نظر اچي ٿي جنهن مان وري تصديق جو اهو پهلو نمايان ٿئي ٿو ته ٻنهي سلطان الاوليا جي گفتن ۽ ارشادات کي ڪيتري قدر صحيح صورت ۾ جمع ڪيو آهي. بهرحال جتي گرهوڙيءَ جي تصنيف ۾ چار سئو ڇائيتاليھ فرمودات کي عربيءَ ۾ لکيو ويو آهي، اُتي شيخ محمد عابد صرف پنجهٺ فرمودات کي گڏ ڪيو آهي تاهم ٻنهي جي تشريح ۽ توضيح جي انداز ۾ حيرت انگيز هڪجھڙائي نظر اچي ٿي ڇو ته ٻنهي جا فڪري ماخذ ساڳيا آهن يعني مثنوي مولانا رومي، سعدي، حافظ ۽ جامي وغيره ۽ ان کان سواءِ نقشبندي سلسلي جي اڪابرن جون ڪي تصنيفون ۽ قرآن، حديث ۽ اصولِ فقہ وغيره. ليڪن ايترو ضرور چئبو ته جيترو گرهوڙيءَ جي تحرير جو انداز مشڪل ۽ پيچيده آهي، اوترو شيخ محمد عابد جي تحرير شگفته ۽ آسان آهي ۽ سندس انداز بيان تمام گھڻو سلجھيل ۽ سولو آهي. هڪ ئي وقت ٻنهي جو تقابلي مطالعو اصلي مفهوم ۽ مقصود کي سمجھڻ ۾ گھڻي مدد ڪندو.

 

 (ز) فتح الفضل ۽ ڪلمات قدسيه جو علمي ۽ فڪري جائزو

 

 

اها حقيقت آهي ته شيخ عبدالرحيم گرهوڙي ٻارهين/ ارڙهين صدي سنڌ جو وڏو عالم ۽ عارف، فقيہ ۽ مجتهد، صوفي ۽ شاعر هو. سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ جي لحاظ سان سندس ٻه تصنيفون ‘شرح ابيات سنڌي’ ۽ ‘فتح الفضل’ تمام گھڻيون مشهور آهن جيڪي سندس حياتيءَ کان پوءِ سنڌ جي اهلِ علم حضرات ۽ صوفين وٽ گھڻو مقبول ٿيون. ايتريقدر جو پوين صوفين جي ملفوظات وغيره ۾ انهن ڪتابن جا حوالا سَندَ طور ملن ٿا. اهي ٻئي ڪتاب عربيءَ ۾ لکيا ويا جيڪا پڻ غير معمولي ڳالھ هئي ڇو ته سنڌ ۾ مروج علمي ۽ ادبي زبان فارسي هئي ۽ عربي زبان اڃا مٿي خاص علمي حلقن لاءِ هئي. پر لڳي ٿو ته گرهوڙيءَ وٽ پنهنجي مرشد سلطان الاولياء خواجه محمدزمان لاءِ جيڪو غير معمولي مقام هو، ان لحاظ سان هن اهي ٻئي ڪتاب عربيءَ ۾ لکيا، جيتوڻيڪ انهن ۾ جتي ڪٿي مولانا رومي، حافظ ۽ جامي توڻي ٻين فارسي شاعرن جا شعر حوالي ۽ سمجھاڻيءَ طور آڻي ٿو. اها به عجيب ڳالھ آهي ته ٻنهي ڪتابن ۾ گرهوڙي ڪٿي به پنهنجو نالو نه لکيو ته اهي سندس تصنيف ٿيل آهن، جنهنڪري اڳتي هلي غلط فهميون به پيدا ٿيون.

 بهرحال انهن ٻنهي ڪتابن جي باري ۾ نشاندهي سڀ کان پهرين ‘فردوس العارفين’ جي مصنف ڪئي جيڪو هن سال 1201ھ ۾ تصنيف ڪيو. ياد رهي ته سلطان الاولياء جي سوانح ۽ افڪار بابت اهوئي پهريون ڪتاب آهي، جنهن جو مصنف بلوچ خان جھڙو عالم فاضل شخص هو. هو پهريائين غلام شاھ ڪلهوڙي جي حڪومت ۾ وڏي سفارتي عهدي تي مقرر هو ۽ سندس لکڻ موجب 1182ھ ۾ يعني سلطان الاولياء جي وفات کان ڇھ سال اڳ ۾ اچي بيعت ڪري نقشبندي سلسلي سان وابسته ٿيو. ان ڪتاب ۾ هو سلطان الاولياء جي چئن وڏن خليفن جو ذڪر ڪندي سڀ کان پهرين گرهوڙيءَ جو نالو کڻي ٿو. بلوچ خان 1222ھ ۾ وفات ڪئي ۽ لواري درگاھ جي قبرستان ۾ مدفون ٿيو. ‘فردوس العارفين’ بلوچ خان جي علمي قابليت جو وڏو ثبوت آهي. هو ڪتاب جي پوئين حصي ۾ سلطان الاولياء جي ارشادات کي ‘ڪلمات قدسي’ تحت بيان ڪري ٿو. جن جو تعداد سٺ کان مٿي آهي. ‘فردوس العارفين’ ۾ هو ‘فتح الفضل’ سان گڏ ‘شرح ابيات سنڌي’ ۽ خواجه گل محمد جي تعريف ۾ لکيل فارسي نظم جو ذڪر ڪري ٿو.

        ‘فردوس العارفين‘ کان پوءِ خواجه گل محمد يعني گرهوڙي صاحب جي مرشد پاڻ ‘فتح الفضل’ جو فارسيءَ ۾ ‘الورد المحمدي’ نالي سان ترجمي جو ڪم هٿ ۾ کنيو. خواجه صاحب  تمهيد ۾ ان ڳالھ جي چٽائي ڪري ڇڏي ته اهو ڪتاب گرهوڙي جي تصنيف آهي. خواجه صاحب ان ڪتاب جو ترجمو ڪري رهيو ۽ اڃا ارشاد 243 تي مس پهتو هو ته سندس 1218/1803 انتقال ٿي ويو. خواجه گل محمد کان پوءِ جڏهن خواجه محمدزمان ثاني (1199 - 1247) مسند نشين ٿيو ۽ سندس ظاهري استاد سيد نور علي لکوي هو ته پاڻ نور علي شاھ کي ‘فتح الفضل’ جي باقي رهجي ويل 203 ارشادات جي فارسي ترجمي ڪرڻ لاءِ چيائين. اهڙيءَ ريت باقي فارسي ترجمو ‘تڪملہ ورد المحمدي’ جي نالي سان سندس هٿان 1239ھ ۾ مڪمل ٿيو.

 گرهوڙي صاحب جي همعصرن منجھان ٻيو وڏو عالم قاضي احمد دمائي آهي، جيڪو زندگيءَ جي آخري حصي ۾ اچي سلطان الاولياء کان دست بيعت ٿيو. هن جي مختصر رسالي ”شوق نامه“ ۾ پڻ ”فتح الفضل“ جو حوالو ملي ٿو. قاضي احمد دمائي پاڻ 1223ھ ۽ سندس پٽ خواجه محمد صالح 1232ھ ۾ وفات ڪئي.

        ”فتح الفضل“ جي وڌندڙ اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته ملفوظات پير محمد راشد روضي ڌڻي (1170- 1234) ۾ هڪ نقل مطابق گرهوڙي صاحب جي خاص معتقد رامڻ ٽالپر اهو ڪتاب پير صاحب کي پيش ڪيو. پير صاحب اهو ڪتاب وٺي ان کي هڪ ٻن هنڌن تان مطالعو ڪري فرمايو ته “اهو ڪتاب مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي ڪمال تي دلالت ڪري ٿو.” ياد رهي ته رامڻ ٽالپر گرهوڙيءَ جي همعصر شهمير ٽالپر جو پوٽو هو ۽ گرهوڙيءَ سان مڙهيءَ جي جھاد وقت ساڻس گڏ هو.

        بهرحال گرهوڙيءَ جي هن ڪتاب جي اصل اهميت کي خليفي محمود (وفات:1267) ڪڙيي گھنور واري سڃاتو، جيڪو پنهنجي تصنيفات ‘محبوبيہ المحموديه’ توڻي مڪتوبات ۾ ‘فتح الفضل’ کان پوريءَ ريت مستفيد نظر اچي ٿو. خليفي محمود بعد سندس خليفو گل محمد هالائي وري ‘ڪنوز المعرفت’ نالي ملفوظات ۾ گرهوڙيءَ جي تصنيف ‘فتح الفضل’ جا حوالا ڏئي ٿو.

        هتي اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته سلطان الاولياء خواجه محمد زمان جي بيتن توڻي گرهوڙيءَ جي بيتن جا حوالا سلوڪ ۽ معرفت جي سمجھاڻيءَ خاطر پڻ پهريائين پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي ملفوظات ۾ ملن ٿا ۽ ان جو مرتب پڻ خليفو محمود ڪڙيي وارو آهي. اهڙيءَ طرح خود خليفي محمود جي ملفوظات ۽ مڪتوبات يا سندس خليفي گل محمد هالائي جي لکيل ملفوظات ۾ پڻ خواجه محمدزمان ۽ گرهوڙيءَ جي شاعريءَ جا ڪيترا حوالا ملن ٿا. بلڪ گرهوڙيءَ جو هي سنڌي بيت:

“هر دم حج  پڙهن، ڪعبو پسن نه ڪاپڙي”

سنڌ جي صوفي حلقن ۾ وڏي بحث جو موضوع رهيو آهي. پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي مڪتوبات ۾ پاڻ مخدوم پير محمد طرفان پُڇيل سوال ۾ هن بيت جي سمجھاڻي ڏيندي لکيو آهي ته هتي ڪاپڙيءَ مان مراد عارف آهن.

        قاضي احمد دمائي جي مڪتوبات ۾ پڻ هڪ خط ۾ انهيءَ ساڳي سٽ جي سمجھاڻي ملي ٿي ۽ اهو خط پڻ غالباً ساڳئي پير محمد ڏانهن لکيل آهي جنهن ڏانهن ٻيا به ڪيترا خط ملن ٿا. چون ٿا ته مخدوم پير محمد  قاضي احمد دمائي جو ڀاڻيجو هو ۽ ڏيپارجن جو ويٺل هو.

        سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته گرهوڙيءَ جي تحريرن ۽ تصنيفن کي سلوڪ ۽ معرفت جي تشريح ۽ تعبير خاطر وڌ ۾ وڌ خليفي محمود ئي ڪم آندو. ليڪن هتي ان ڳالھ جي نشاندهي ڪرڻ به ضروري آهي ته هو ‘فتح الفضل’ کان ته پوريءَ ريت واقف آهي پر ”شرح ابيات سنڌي“ جو ڪٿي به نالو نٿو کڻي. البت ‘شرح ابيات سنڌي’ ۾ جيڪي سلطان الاولياء خواجه محمدزمان جا بيت آهن، تن کي گرهوڙيءَ جا بيت سمجھي انهن جا حوالا ڏئي ٿو. ان جو هڪڙو ظاهر ظهور سبب اهو ئي آهي ته خواجه صاحب جا اهي بيت گھڻو ڪري ڪلام گرهوڙي سان گڏ لکيل مليا آهن ۽ سنڌ ۾ هن وقت تائين جيڪي به ڪلام گرهوڙيءَ جا نسخا مليا آهن تن ۾ ائين نظر اچي ٿو.

        هن سلسلي ۾ اها ڳالھ به قابل ذڪر آهي ته لُواري درگاھ بابت ٻيو بنيادي تذڪرو ‘مرغوب الاحباب’ آهي جنهن جو مصنف نظر علي بلوچ ‘خاڪي’ آهي ۽ سندس ڏاڏو شهمير ٽالپر سلطان الاولياء خواجه محمدزمان جو مريد ۽ گرهوڙيءَ جو همعصر هو. اهو جڏهن 1262ھ ۾ ‘مرغوب الاحباب’ جھڙو جامع تذڪرو لکي ٿو ته ان ۾ پڻ خواجه محمدزمان جي بيتن کي گرهوڙيءَ جا بيت سمجھي ٿو، حالانڪ هو ‘فتح الفضل’ کان چڱيءَ طرح واقف لڳي ٿو جنهن جا عربيءَ ۾ حوالا پڻ آڻي ٿو.

        تيرهين صديءَ جي آخر ۾ ‘فتح الفضل’ جي اهميت جو اندازو وري تڏهن ٿئي ٿو جڏهن لُواري درگاھ جو پنجون مسندنشين ۽ پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ صوفي خواجه محمد سعيد (1264- 1324) ‘صقال الضمائر’ لکندي گھٽ ۾ گھٽ ٽي دفعا ان جا حوالا ڏئي ٿو. خواجه محمد سعيد لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ٻين ڪتابن جھڙوڪ ‘تڪمله وردالمحمدي’، ‘تحقيقات لواريه’ ۽ ‘شرح ابيات سنڌي’ تي حاشيا لکيا آهن پر انهن مان صرف ‘شرح ابيات سنڌي’ وارو نسخو ئي هن وقت تائين ملي سگھيو آهي، جنهن ۾ به سندس نالو ڪٿي لکيل نظر نٿو اچي، ليڪن انهن مختصر حاشين ۾ جيڪي تشريحي نڪتا نروار ٿيل آهن، اهي علمي لحاظ کان سندس ئي معلوم ٿين ٿا. اهڙيءَ طرح سندس تحرير جي نموني مان پڻ واضح ٿئي ٿو ته اهي نڪتا سندس هٿ اکرين لکيل آهن. اسان ان نسخي جو مڪمل عڪس ‘مڪمل شرح ابيات سنڌي’ سان گڏ ڏئي ڇڏيو آهي.

        هن هيڏي ساري پس منظر بيان ڪرڻ جو مقصد اهو ٻڌائڻ هو ته گرهوڙيءَ جي تصنيف ‘فتح الفضل’ کي صوفين جي علمي حلقن ۾ مسلسل غير معمولي مقبوليت حاصل رهي، ليڪن ان جي مقابلي ۾ ‘شرح ابيات سنڌي’ جنهن کي گرهوڙي ‘نڪات الصوفيه’ جي حيثيت ڏني هئي. اهو ڪتاب گھڻو گھٽ مشهور ٿيو. بلڪ جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو ته اهي ‘چوراسي عارفانه بيت’ جيڪي سلطان الاولياء جا چيل هئا ۽ هي ڪتاب انهن جي شرح طور لکيو ويو هو، اهي ڪلام گرهوڙيءَ طور مشهور ٿيا. ايتريقدر جو جڏهن 1930 ۾ بمبئي مان ليٿو تي ڪلام گرهوڙي ڇپيو ته ان ۾ سلطان الاولياء جا چوراسي بيت به گرهوڙيءَ جي ڪلام طور شامل هئا.

        بهرحال پهريون دفعو علامه دائود پوٽي اها صراحت ڪئي جڏهن کيس ”شرح ابيات سنڌي“ جو اهڙو نسخو پير جھنڊي جي ڪتب خاني مان مليو. پر جيئن ته سندس گھڻو ڌيان سنڌي بيتن طرف هو، تنهن ڪري گرهوڙي صاحب جي عربي شرح کي پوري ريت ترجمو ڪري شامل نه ڪيائين جنهن جو کيس احساس هو. اهو ئي سبب هو جو اسان شرح ابيات سنڌيءَ جو مڪمل ترجمو عڪس سميت تحقيق ۽ تخريج ۽ تفصيلي مقدمي سان سال 2008 ۾ سنڌالاجيءَ طرفان شايع ڪرايو.

گرهوڙي صاحب جو ڪتاب ”فتح الفضل“ سنڌ ۾ تصوف جي خالص علمي ۽ فڪري روايت (Tradition Sufi Thought of) بابت هڪ نهايت اهم تصنيف آهي ۽ اهو ان ڪري جو اهو ڪتاب گرهوڙيءَ جي ٻي تصنيف شرح ابيات سنڌيءَ جو هڪ لحاظ سان تڪمله يا تڪميل آهي. ‘شرح ابيات سنڌي’ سلطان الاولياء جي چوراسي سنڌي بيتن جي عارفانه شرح آهي ته ‘فتح الفضل’ ۾ وري سلطان الاولياء جي ارشادات يا فرمودات، جن کي نقشبندي سلسلي جي اصطلاح ۾ ‘ڪلمات قدسي’ چون ٿا، تن جي اعليٰ عارفانه تشريح ملي ٿي. هڪ لحاظ سان اهي ٻئي ڪتاب گرهوڙيءَ جي مرشد سلطان الاولياء خواجه محمدزمان جي سلوڪ ۽ معرفت بابت اعليٰ فهم ۽ فڪر تي شاهد آهن ته ٻئي طرف هڪ شارح جي حيثيت ۾ گرهوڙي صاحب جي علمي مقام ۽ مرتبي جو ثبوت فراهم ڪن ٿا. هن کان اڳ مڪمل شرح ابيات سنڌي جي تفصيلي مقدمي ۾ اسان انهن ماخذن جي نشاندهي ڪري چڪا آهيون جيڪي هر وقت گرهوڙيءَ جي آڏو هئا، جن ۾ مثنوي روميءَ کي خصوصي اهميت حاصل آهي.

        ”فتح الفضل“ جي شروعات ۾ ئي ڏسبو ته گرهوڙي ابن عربيءَ جو فڪر، جنهن کي عام طور وجودي فڪر ڪوٺجي ٿو ۽ امام مجدد الف ثاني جي شهودي فڪر، ٻنهي ۾ جيڪو فرق آهي ان جي نهايت مختصر سمجھاڻيءَ سان ڪري ٿو. اهو هڪ تمام ڏکيو ۽ وڏو بحث آهي جنهن کي هو پنهنجي علمي سطح جي لحاظ سان فقط چند سٽن ۾ طئي ڪري اڳتي وڌي وڃي ٿو. هو ٻنهي نظرين ۾ بنيادي فرق واضح ڪندي چوي ٿو ته ابن عربيءَ وٽ حقيقت صورت جو عين آهي. (حقيقت صورت جو عين ڪيئن آهي اهو هڪ طويل بحث آهي) ان جي مقابلي ۾ امام ربانيءَ وٽ حقيقت صورت جو غير آهي (حقيقت صورت جو ڪيئن غير آهي اهو به هڪ طويل بحث آهي). بهرحال انهيءَ چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته ابن عربيءَ ۽ امام ربانيءَ جي فڪر جو اهوئي بنيادي نڪتو به آهي ته فرق به آهي. ابن عربيءَ جي انهيءَ فڪر جي سمجھاڻي سندس جڳ مشهور تصنيفات ‘فصوص الحڪم’ ۽ ‘فتوحات مڪيه’ ۾ ملي ٿي. جڏهن ته امام ربانيءَ جو اهو فڪر سندس مشهور مڪتوبات جي ٽن دفترن جي ڪن مڪتوبات ۾ وضاحت سان ملي ٿو. جيئن ته نقشبندي فڪر ۽ شهودي فڪر جو ماخذ يا سرچشمو مڪتوبات امام رباني آهن، تنهنڪري ‘فتح الفضل’ ۾ گرهوڙي صاحب ‘مڪتوبات احمدي’ جو نالو وٺي انهن ڏانهن بار بار رجوع ڪري ٿو ۽ هن سلسلي ۾ گھٽ ۾ گھٽ اهڙا ٽيهٺ حوالا ملن ٿا.

        وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جي تفصيلي سمجھاڻي اسان مڪمل شرح ابيات سنڌي جي مقدمي ۾ ڏئي چڪا آهيون ۽ اهو بحث وڌيڪ اتي ڏسڻ گھرجي.

        ”فتح الفضل“ ۾ مثنوي روميءَ جا مڪتوبات امام ربانيءَ کان به وڌيڪ يعني ڪل ٻه سئو نوي بيت حوالي طور آيل آهن، جيڪي سالڪ جي مختلف مقامات ۽ ڪيفتين جي نشاندهي ڪن ٿا. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته مثنوي روميءَ کي جتي هڪ طرف وجودي فڪر وارن پنهنجي استدلال طور پئي ڪم آندو آهي، اتي نقشبندي بزرگن پڻ مثنويءَ مان بي شمار شعر سند طور ڪتب آندا آهن. سڀ کان پهرين نقشبندي سلسلي جي باني خواجه بهاءُالدين نقشبند جي فرمودات يعني ڪلمات کي جڏهن سندس خاص خليفي خواجه محمد پارسا رساله ‘قدسيه’ جي نالي سان مرتب ڪيو، تڏهن ان جي شرح ۾ خواجه فريدالدين عطار ۽ مثنوي روميءَ مان ڪيترا اشعار حوالي طور آندائين. مطلب مثنوي رومي نقشبندين وٽ به فڪر ۽ عرفان جو اهم ذريعو آهي ۽ هو به ان مان دليل ۽ رهنمائي وٺن ٿا. اهڙيءَ طرح حافظ جا ڇائيتاليھ، جاميءَ جا اٺٽيھ ۽ سعديءَ جا سورهن بيت حوالن ۾ ملن ٿا.

        هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته نقشبندي طريقي ۽ فڪر ۾ رساله قدسيه کي بنيادي سرچشمي جي حيثيت حاصل آهي. اهو هڪ مختصر رسالو آهي جنهن ۾ نقشبندي سلسلي جي بنيادي تصورات کي اصولن جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي. مثلاً سير في الله مان مراد ڇا آهي ۽ ان جي انتها سير الي الله مان ڇا مراد آهي؟ سير في الله کي مقام وصول ڇو ٿا چون؟ سير الي الله ۾ عاشق جو سير معشوق ڏانهن ڇو هوندو آهي؟ ۽ سير في الله ۾ معشوق جو سير عاشق ڏانهن ڪيئن هوندو آهي؟ اها سعادت بشري صفتن جي فنا ٿيڻ ۽ حقيقي بي اختياري حاصل ٿيڻ سان ڪيئن ملندي آهي؟ اهو ئي مرحلو هوندو آهي جڏهن سالڪ پنهنجي قلب جي صحبت سبب الله تعاليٰ جي صحبت يا بارگاھ تائين پهچي وڃي ٿو ۽ تڏهن هو الاهي صفتن سان سينگاريل ٿئي ٿو ان صورت ۾ کيس پنهنجي باطني حال تي مڪمل تصرف حاصل هوندو آهي. رساله قدسيه ۾ ان ڪيفيت جي نشاندهي مولانا روميءَ جي هن شعر سان ڪئي وئي آهي.

صوفي ابن الوقت باشد در مثال
ليک صافي فارغ است از امر و حال

[معنيٰ:صوفي (سالڪ) وقت جي سڃاڻپ ۾ مثالي مظاهرو ڪري ٿو. (وقت هٿان نٿو وڃائي) ليڪن صافي (عارف) انهيءَ حال جي مقام کان مٿي آهن.]

اڳتي هلي ٻڌايو ويو آهي ته سڀني عبادتن جو مقصد يا روح ذڪر خداوندي آهي ۽ اهو مقصد ان کي حاصل ٿيندو جنهن جي دل ۾ الله جي محبت غالب هوندي. ذڪر جي حقيقت اها آهي ته سموري مخلوقات سان تعلق ٽوڙي ڇڏي ۽ الله کانسواءِ ٻيو ڪو معبود سامهون نه رهي بلڪ ڪابه خواهش سندس معبود وانگر نه هجي. هن سلسلي ۾ پير طريقت جي اهميت کي به مثنوي روميءَ جي ڪيترن شعرن سان واضح ڪيو ويو آهي. مثلاً

رو بجو يار خدائي را تو زود
چون چنين کردي خدا يار تو بود
 

        ”رساله قدسيه“ ۾ فنا ۽ بقا جي تعريف ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته اهل معرفت فنا في الله کان پوءِ بقا بالله جي مرتبي ۾ پهچڻ بعد جيڪي ڪجھ ڏسن ٿا اهو پنهنجي اندر ۾ ڏسن ٿا ۽ جيڪي ڪجھ سڃاڻن ٿا يا کين پلئي پوي ٿو، اهو سندن اندر ۾ ئي آهي ۽ حيرت به سندن اندر ۾ ئي آهي. قرآني آيت “وفي انفسڪم افلا تبصرون” (۽ پوءِ پنهنجي اندر ۾ ڇو نه ٿا ڏسو؟) توڻي “من عرف نفسہ فقد عرف ربّہ” (جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو تنهن پنهنجي ربّ کي سڃاتو) ۾ اهو ئي مطلب سمايل آهي.

        مطلب ته فنا ۽ بقا شهودي آهن وجودي ناهن. هن سلسلي ۾ هي فارسي شعر ڏنل آهي:

کس مي ندهد ز تو نشاني
اينست نشان بي نشاني

[معنيٰ: تنهنجو نشان يا پتو ڪوئي نٿو ڏي، انهيءَ بي نشان (ذات) جو اهوئي نشان آهي.]

انهيءَ مرحلي يا ڪيفيت کي ئي ”فناءَ الفنا“ ڪوٺيو ويو آهي. يعني جڏهن سالڪ پنهنجي مراد بي مراديءَ ۾ ڏسي يا معلوم ڪري هن جي وڌيڪ سمجھاڻي مثنوي روميءَ جي هنن شعرن ذريعي پيش ڪئي وئي آهي:

چيست معراج فلک؟ اين نيستي
عاشقان را مذهب و دين نيستي
هيچ کس را تا نگردد  او فنا
نيست  ره  در بارگاه  کبريا

[معنيٰ: اهو آسماني معراج ڪهڙو آهي؟ اها نيستي يا فنا ئي ته آهي. انهيءَ ڪري عاشقن جو مذهب ۽ مسلڪ اها نيستي يا فنا آهي. جيستائين ڪو به پاڻ کي فنا نٿو ڪري اهو مالڪ جي بارگاھ ۾ نٿو پهچي سگھي!]

        ”رساله قدسيه“ ۾ ئي خواجه عبدالخالق غجدوانيءَ جي چئن اصولن ياد ڪرد، بازگشت، نگهداشت ۽ ياد داشت جي سمجھاڻي ملي ٿي. ان کانسواءِ ٻيا ٽي نوان اصول وقوف زماني، وقوف عددي ۽ وقوف قلبي جي سمجھاڻي خواجه نقشبند جي زباني ملي ٿي ڇو ته اهي سندس ڪشف جو نتيجو آهن يا کانئس مروج ٿيا آهن. نقشبندي ادب جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته ‘رساله قدسيه’ سموري نقشبندي طريقي جي نشو ونما کي تمام گھڻو متاثر ڪيو آهي جنهن جو گھڻي ۾ گھڻو اثر مڪتوبات امام ربانيءَ ۾ ڏسي سگھجي ٿو. بلڪ ائين چئي سگھجي ٿو ته مڪتوبات دراصل ‘رساله قدسيه’ جي ضخيم تشريح آهن، جنهن ۾ خواجه نقشبند کان پوءِ وارن صوفين خاص طور خواجه محمد پارسا، خواجه عبيدالله احرار، خواجه يعقوب چرخي ۽ خواجه باقي بالله وغيره جو اثر محسوس ڪري سگھجي ٿو. ليڪن رساله قدسيه ۾ ابن عربيءَ جي وجودي فڪر بابت ڪنهن به قسم جي تنقيد يا تنقيح ڪونه ٿي ملي. جڏهن ته امام ربانيءَ کان بعد سنڌ هند ۾ صوفي فڪر ۾ اهو موضوع مستقل موضوع طور اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو شاھ ولي الله جھڙي اڪابر عالم ۽ صوفيءَ کي هن مسئلي کي سلجھائڻ ۽ هن سلسلي ۾ متوازن ۽ معتدل راءِ قائم ڪرڻ خاطر گھڻو ڪجھ تحرير ڪرڻو پيو ۽ آخر پنهنجي راءِ هڪ مختصر رسالي ‘مڪتوب مدنيءَ’ ۾ مطابقت جي انداز ۾ ڏئي ڇڏي ٿو. ”فتح الفضل’ ۾ به جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو ته گرهوڙي صاحب شروعات ئي ان مسئلي سان ڪري ٿو. اڳتي هلي ارشاد ٻه سئو اڻٽيھ ۾ خواجه صاحب جي راءِ کي هينئن بيان ڪري ٿو:

”التوحيد همہ از و ديدن و بيگانه نيافتن

[يعني: سڀ ڪجھ هن (الله) جي وسيلي ڏسڻ ۽ غير کي نه لهڻ ئي توحيد آهي.]

يا وري جيئن ٿورو اڳتي چوي ٿو:

و از چون بوئي بيچون شميدن وهمہ را با او
شناختن لان نور القمر مستفاد من الشمس

[يعني: هر ظاهر يا مثال مان باطن يا بي مثال جي بوءِ سنگھڻ يا پتو لهڻ، ڇو ته چنڊ جي روشني سج جي روشنيءَ جي ڪري آهي.]

        ”رساله قدسيه“ ۾ انهيءَ مقام لاءِ چيو ويو آهي ته اتان ئي عالم وحدت ۽ وحدانيت جي شهود جي ابتدا ٿئي ٿي، ڇو ته حق تعاليٰ ڪل کي اختيار ڪري ٿو ان ڪري جو هر شيءِ ساڻس موجود آهي ۽ هونئن پنهنجي ليکي معدوم آهي. “وحدت وجود” يا “همہ اوست” جي باري ۾ سلطان الاولياء جي راءِ کي گرهوڙي صاحب تفصيلي طور ارشاد چار سئو ارڙهن ۾ بيان ڪيو آهي. جڏهن هو پاڻ پنهنجي مرشد کان ابن عربيءَ جي مشهور ڪتاب ‘فصوص الحِڪم’ جي مطالعي ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي باري ۾ پڇي ٿو. تڏهن به اهو نتيجو قائم ڪري ٿو ته ‘همہ اوست’ جو مطلب سڀ ۾ هن جو ظهور آهي يعني هر شيءِ ان جو مظهر آهي باقي شين کي حق تعاليٰ جو وجود سان هرگز منطبق نٿو ڪري سگھجي. پر جيڪڏهن ڪو فاني في الله ائين چوي ٿو ته اها سندس حال جي ڪيفيت آهي ۽ صاحب حال جي نه تابعداري ڪبي آهي ۽ نه انڪار ڪبو آهي. مطلب ته ابن عربيءَ جي وجودي نظريي بابت امام ربانيءَ واري نقطئه نظر کي ئي مقدم رکيو ويو آهي.

        ”رساله قدسيه“ ۾ جتي ٻيا ڪيترا صوفي اصطلاح آيل آهن اتي ذاتي تجليءَ جي مشاهدي، صفاتي تجليءَ جي مڪاشفي ۽ افعالي تجليءَ جي محاضري بابت به ڄاڻ ملي ٿي جيڪي سالڪ کي مدامي ذڪر جي ڪري نصيب ٿين ٿيون. انهن تجلين جي باري ۾ مڪتوبات امام ربانيءَ ۾ به جتي ڪٿي ذڪر ملي ٿو ته ‘فتح الفضل’ جي ارشاد ٻه سئو نو ۾ پڻ تجليءَ جي ٽن قسمن صوري، معنوي ۽ ذوقيءَ جي تعريف سلطان الاولياء پاڻ ڪري ٻڌائي آهي.

        اهڙيءَ طرح ”فتح الفضل“ مان خبر پوي ٿي ته سلطان الاولياء پاڻ سڌو سنئون ڪيترا ڀيرا مڪتوبات امام رباني يعني مڪتوبات احمدي جو نالو کڻي ان جي حوالي سان ڪيترا نڪتا بيان ڪيا آهن. مثلاً ارشاد ٻه سئو پنج ۽ ٻه سئو ستر وغيره ۽ ائين ڪيترن فرمودن ۾ مڪتوبات جي نالي کڻڻ بنا ڪنهن نڪتي جي تشريح ڪئي وئي آهي، جيئن ارشاد  ٽي سئو اٺاسي ۾ سير في الاشياءِ جي ڏنل سمجھاڻي آهي. ارشاد  ٻه سئو ستانوي ۾ وري سلطان الاولياء امام ربانيءَ جي حياتيءَ کي مثال طور بيان ڪيو آهي. بهرحال ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته سلطان الاولياء خواجه محمد زمان جي ارشادات ۽ فرمودات ۾ نقشبندي هئڻ جي ناتي وڌ ۾ وڌ اثر مڪتوبات امام ربانيءَ جو آهي ۽ انهن جي تشريح ڪندي گرهوڙي صاحب پورو حق ادا ڪيو آهي. اسان ڪوشش ڪري انهن سڀني مقامات جي نشاندهي تعليقات ۾ ڪئي آهي.

        جيستائين ايران جي صوفي شاعرن جو تعلق آهي ته پاڻ اڪثر رومي ۽ حافظ جا شعر پڙهيا اٿن، ليڪن ان سان گڏ سنائي، سعدي، جامي ۽ عربيءَ ۾ ‘قصيده برده’ مان بيت پڙهندا هئا. هتي اسان صرف هڪ هڪ مثال تي اڪتفا ڪريون ٿا. ارشاد ٻه سئو ٻٽيھ مطابق هڪ دفعي پاڻ قطب ڪير آهن؟ بابت وضاحت ڪندي روميءَ جو هي بيت پڙهيائون:

قطب آن باشد که گرد خود تند
گردش افلاک گرد او بود

[معنٰي: قطب اهو آهي جيڪو پنهنجي چوڌاري ڦري (ٻين جي چوڌاري نه ڦري) انهيءَ ڪري افلاڪ جي گردش به هن جي چوڌاري هوندي آهي.]

 قطب بابت اهڙي قسم جا خيال مڪتوبات امام ربانيءَ ۾ پڻ ملن ٿا.

        حافظ شيرازيءَ بابت پنهنجي خاص راءِ ارشاد  ٻه سئو نوي ۾ ڏيندي چون ٿا ته هو سڪر وارن جي طريقي مان هو پر سندس نظر اصل مقصد تي هئي. خواجه صاحب حافظ جا ڪيترا شعر پنهنجي زبان سان پاڻ پڙهي ٻڌايا آهن ۽ انهن کي سلوڪ ۽ معرفت جي مقامات جي سمجھاڻيءَ ۾ استعمال ڪيو اٿن. مڪتوبات امام ربانيءَ ۾ پڻ حافظ جا ڪيترا بيت ان ريت ملن ٿا. بلڪ هي بيت مڪتوبات ۾ به ملي ٿو جيڪو خواجه صاحب جي ارشاد ڇاهٺ ۾ سندن زبانيءَ ادا ٿيو آهي.

گوئي توفيق سعادت درميان افگنده اند
کس بميدان رو نمي آرد سواران را چه شد

[نيڪي ۽ بزرگيءَ جو کينهون وچ تي اڇلايو اٿن. ليڪن ان ميدان تي ڪو به ظاهر ڪونه ٿو ٿئي، الائجي شهسوارن کي ڇا ٿيو آهي؟]

حافظ جا ٻيا بيت به پڙهيا اٿن. اهڙيءَ طرح سنائي ۽ سعدي جا هي شعر به سندن حوالي سان ارشاد ٽيهٺ ۾ ملن ٿا.

تا  بجاروب  لا نروبي راه
کي رسي در سرائي الا الله

[معنٰي: جيستائين تون “لا” جي ٻُهاري سان رستي کي صاف نه ڪندين، تيستائين “الالله” جي محل ۾ ڪيئن پهچي سگھندين؟]

شيخ سعدي جو بيت هن ريت آهي:

صوفي نشود صافي تا در نکشد جامي
بسيار سفر بايد تا پخته شود خامي

[صوفي (سالڪ) تيستائين صافي (عارف) نٿو ٿي سگھي، جيستائين (معرفت جو) جام نٿو پئي، ائين سيکڙاٽ پچي پختو نٿو ٿئي، جيستائين گھڻو سفر نٿو ڪري.]

هتي اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته سنڌ جا صوفي جتي فارسي زبان جي شاندار صوفيانه روايت کان وڌ ۾ وڌ مستفيد رهيا آهن، اتي هو ڀڳتي تحريڪ جي وڏي شاعر ڪبير کان به متاثر ٿيا آهن. ڪبير جا دوها سڀ کان پهريائين شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري وٽ ملن ٿا ته ان کان پوءِ شاھ عبداللطيف جي رسالي ۾ پڻ اهي شامل رهيا آهن. ان لحاظ کان خواجه صاحب پڻ ڀڳت ڪبير جي شاعري کان باخبر نظر اچي ٿو جو ڪبير جو هي بيت ارشاد  ٻه سئو اڻيتاليھ ۾ هن ريت ملي ٿو:

اٿڪ فتڪ جو ڪري، پيسي جاوي سو
ڪيلي پاس جو رهي، تنهين ڀؤ نه ڪو

اهڙيءَ طرح هڪ ٻيو هندي بيت ارشاد  چار سئو سورهن ۾ ملي ٿو:

ڪهي آگ پتنگ نون، تج مُجھ سي چاءِ
اڌِر اوڌر ڪيون ڪري، سر ڏي سيڌاءِ

هتي اها ڳالھ ۾ قابل توجھ آهي ته گرهوڙي صاحب ”فتح الفضل“ جي بلڪل شروعات ۾ پنهنجو ۽ ان کان پوءِ ئي جيڪو ٻيو سنڌي بيت ڏنو آهي، اهو شاھ جي رسالي سر سريراڳ مان ورتل آهي. جيڪو هن ريت آهي:

اٺو پهر اوڙاھ جي، مٿي گُهر گھاري
وس نه ويچاري، ته ڪا ماڳ ڍوئي مڪڙي.

گرهوڙي صاحب هن پوري ڪتاب جي شروع ۾ فقط هڪ سنڌي بيت کان سواءِ پنهنجو ٻيو ڪو بيت نه ڏنو آهي. ليڪن ڪيترن هنڌن تي پنهنجي طرفان فارسيءَ ۾ شعر پيش ڪندي وضاحت ڪري ٿو ته اهي سندس شعر آهن. اسان اهڙن شعرن جي پٽي آخر ۾ الڳ سان پڻ ڏني آهي. جن مان گرهوڙيءَ جي اعليٰ فهم ۽ فڪر جي شاهدي ملي ٿي. آخر ۾ ايترو چوڻ ضروري آهي ته ‘فتح الفضل’ سنڌ جي تصوف جي تاريخ ۾ هڪ نهايت اهم باب جو اضافو ڪري ٿو.

        شيخ محمد عابد ”ڪلمات قدسيه“ گرهوڙيءَ جي ”فتح الفضل“ کان گھٽ ۾ گھٽ سٺ ستر سال پوءِ تصنيف ڪيو آهي، جڏهن هو يمن مان 1247ھ ڌاري سنڌ آيو هو ۽ ڪجھ وقت لُواري شريف ۾ ترسيو هو. گھڻو ڪري اُنهيءَ دوران هن خواجه محمد زمان ثانيءَ کان سلطان الاولياء جا گفتا ۽ قول ٻُڌي انهن کي عربيءَ ۾ پيش ڪيو ۽ انهن جي شرح عربيءَ ۾ ڪيائين. البته شرح ڪندي فارسيءَ جي عظيم صوفي شاعرن شيخ سعدي، مولانا رومي، حافظ ۽ جامي وغيره جي شعرن کي حوالي طور آندائين.

        شيخ محمد عابد نقشبندي طريقي جي اصولن ۽ ان جي فڪر کان چڱيءَ طرح واقف ڏسجي ٿو جو سڀ کان وڏي ڳالھ ته هن نقشبندي روايت موجب پنهنجي مرشد جي ارشادات يا فرمودات کي ‘ڪلمات قدسيه’ جو نالو ڏنو ڇو ته نقشبندين پنهنجي سلف وارن بزرگن جي اقوالن کي اهو ئي نالو ڏنو آهي.

        ”فتح الفضل’ ۽ ‘ڪلمات قدسيه’ جي ڪيترن ارشادات ۾ يڪسانيت ملي ٿي جيڪا هڪ لحاظ کان اڻٽر هئي ڪيترا فرمودات بلڪل ساڳيا آهن جنهن مان ٻنهي جي سچائي تي وڌيڪ اعتبار ڪري سگھجي ٿو. شيخ محمد عابد به گرهوڙي صاحب وانگر مڪتوبات امام ربانيءَ کي مڪتوبات احمديه چئي ان جا حوالا ڏئي ٿو، جيئن ارشاد پنجين، چوويهين ۽ پنجاهين ۾ اهڙا حوالا موجود آهن. بهرحال قرآن ۽ حديث جا حوالا به اڪثر ملن ٿا. ارشاد پنجويهين ۾ نقشبندي طريقي جي بنيادي اصول ته هنن وٽ طريقي جي ابتدا اُتان ٿئي ٿي، جتي ٻين طريقن جي اِنتها آهي جي سمجھاڻي ملي ٿي. اهڙيءَ طرح  چو ويهين ارشاد ۾ ‘وصل عرياني‘ نقشبندي ڇا کي ٿا چون ان جي سمجھاڻي ڏنل آهي.

        بهرحال شيخ محمد عابد به گرهوڙي صاحب وانگر ارشادات يا ڪلمات جي شرح خاطر وڌ ۾ وڌ مولانا روميءَ جي مثنويءَ تي انحصار ڪري ٿو. آخر ۾ هيءَ خاص ڳالھ قابل ذڪر آهي ته شيخ محمد عابد شاھ لطيف جي معرفت واري شاعري کان گھڻو متاثر نظر اچي ٿو جو نه صرف هڪ ٻن هنڌن تي اهي بيت حوالي طور آڻي ٿو، بلڪ اٺونجاھ فرمودي ۾ خواجه صاحب جي زبان مان شاھ لطيف جي هڪ ٻڌل سٽ جو حوالو ڏئي ٿو ته پاڻ وري ان بيت جون ٻيون ٻه سٽون وڌائي اهو بيت مڪمل ڪري ٿو. پهرين مصرع جيڪا خواجه صاحب پڙهي سا هن ريت آهي:

وسيلا وسار، ٻڌ توڪل جو ترهو

شيخ محمد عابد بيت کي هن ريت مڪمل ڪيو:

لنگھائيندي لطيف چئي، پرت تنهن کي پار
تون ڪر ڪيم نهار، ٻُڏن سين ٻاجھون ڪري.

هتان معلوم ٿئي ٿو ته شاھ لطيف جي بيتن کي شيخ محمد عابد جھڙن عالمن ۽ فقيهن پڻ معرفت ۽ سلوڪ جي لحاظ کان معياري شاعري قرار ڏنو آهي. ليڪن ان جو سهرو عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي سر تي آهي جنهن سڀ کان پهرين شاھ لطيف جي بيتن ڏانهن ان لحاظ کان توجھ ڏنو، ڇو ته هو ‘فتح الفضل’ ۾ پاڻ شاھ لطيف جو هڪ اهڙو بيت آڻي ٿو، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪو.

        ”فتح الفضل“ ۽ ‘ڪلمات قدسيه’ کان علاوه سلطان الاولياء جا ارشادات ‘فردوس العارفين’، ‘رساله ابراهيميه’ (مقولات تصوف)، ‘جواهر البدائع’، ‘جواهر بلالي’ ۽ ‘مرغوب الاحباب’ ۾ به ملن ٿا. ‘فردوس العارفين’ جو مصنف ارشادات کي ‘ڪلمات قدسيه’ جي عنوان تحت قلمبند ڪري ٿو ۽ انهن جو تعداد ٻه سئو جي لڳ ڀڳ آهي. هن جي تحرير جو انداز به نهايت عالمانه آهي ۽ هو نقشبندي توڻي ٻين صوفين جي تصانيف کان چڱيءَ طرح واقف آهي جو انهن جا نالا کڻي حوالا ڏئي ٿو. ميان ابراهيم ساند گرهوڙيءَ جو همعصر هو ۽ ان جي چوڻ تي ئي پنهنجي مرشد جا اقوال ‘رساله ابراهيميه’ ۾ فارسيءَ ۾ تحرير ڪيا اٿس. جيئن ته اهي سڀئي ڪتاب ۽ تصنيفون سلطان الاولياء جي فرمودات ۽ ارشادات بابت آهن تنهنڪري انهن ۾ ڪافي هڪجھڙائي ملي ٿي تاهم هر ڪنهن جو انداز جداگانه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org