سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:20 

إِذَا نُفِخَ فِي الصُّورِ فَلَا أَنسَابَ بَيْنَهُمْ  (101:23:18)

[ترجمو: جڏهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته ان ڏينهن سندن وچ ۾ ڪابه مِٽي مائٽي نه رهندي.]

مولوي جامي چيو آهي:

        بنده  عشق  شدي  ترک  نسب کن جامي

که درين راه فلان ابن فلان چيزي نيست

[معنيٰ: اي جامي! عشق جو غلام ٿيءُ، پنهنجي نسب کي ڇڏي ڏي، ڇو ته هن راهه ۾ فلاڻو پٽ فلاڻي جو ڪا شيءِ نه آهي.]

خواجه (بهاؤالدين بخاري) نقشبند فرمايو آهي ته اسان جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو اهو قرآن مجيد ۽ حديث شريف تي عمل ڪرڻ مان حاصل ڪيو.

اسان جي وڏي مُرشد سائين (سلطان الاولياء) جي اِها عادت مبارڪ هوندي هئي ته خراب (ارادي واري) ۽ ڪنهن ٻئي بزرگ جي مريد کي صحبت جي اجازت ڪونه ڏيندا هئا [104] ۽ اهو شخص جنهن جي ڪمائي شريعت جي خلاف هجي، جيئن سپاهي وغيره. ڇاڪاڻ ته اُهي شيون طلب ۽ “فنا في الشيخ” جي منافي آهن. “فنا في الشيخ”  “فنا في الله” جي لاءِ اڳواٽ  مقدمو آهي، باقي جيڪڏهن ڪنهن کي ”فنا في الشيخ“ کان سواءِ “فنا في الله” جو مقام نصيب ٿئي ته اهو نادر ۽ گهٽ آهي (جنهن جو اعتبار نه آهي ) تنھنڪري  اڻڄاتل کي جيستائين ڄاڻن تيسيتائين ان ۾ توقف ڪندا آھن.

        سلطان الاولياء فرمايو: الله ۽ رسول کان بغير سڃاڻڻ جي مدد گھرڻ، پنهنجي مُرشد کان مدد طلب ڪرڻ وانگر نه آهي، ڇاڪاڻ ته تون مُرشد کي سڃاڻين ٿو ۽ مُرشد ٻنهي (الله ۽ رسول) کي سڃاڻي ٿو.

ڳالهه ڪندا آهن ته (هڪ دفعي هڪ قافلي ۾) شيخ ابو الحسن خرقاني (قدس سره) جو هڪڙِو مريد هو. (جنهن کي اوچتو جهنگ ۾ ڌاڙيل ڦِري ويا) پوءِ مريد پنهنجي مُرشد (خواجه ابوالحسن خرقاني قدس سره جن) کان مدد طلب ڪئي ۽ قافلي جي باقي دوستن الله ۽ ان جي رسول کان مدد طلب ڪئي، پوءِ مريد کي ڌاڙيلن کان ڇوٽڪارو مليو ۽ سندس رفيق (ڦُر) کان نه بچي سگهيا.

               سلطان الاولياء فرمايو: ڪن ڪاملن جي لاءِ هن آيت ڪريمه جي مضمون مان حصو آهي:

وَآتَيْنَاهُ أَجْرَهُ فِي الدُّنْيَا (27:29:20)

[ترجمو: اسان هن کي سندس اجر دنيا ۾ به عطا فرمايو آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: جڏهن عروج کان واپسي ٿيندي، تڏهن اها منزل حاصل ٿيندي آهي، جتان کان عروج شروع ٿيو هو ۽ (سير جي) آخري منزل مِٽي آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ اُهي ڳالهيون چيون ويون آهن، جيڪي ظاهر ۽ مشهور آهن.

               سلطان الاولياء فرمايو: ذڪر وارن دوستن مان ڪي پنهنجي دوستن کي جلالي ۽ جمالي شين کي ڇڏڻ جو حڪم ڪندا آهن، اها ڳالهه اسان جي طريقي ۾ نه آهي.

   ­            آئـون چـوان ٿـو ته: هـن طـريقي (نـقشبنـدي) جـو بنياد سنـت جـي تابعداري ۽ شيخ جي  رابطي تي آهي. سنت ۾ ئي آساني آهي، پر جيڪا شيءِ دل ۾ کٽڪي، تنهن کي ڇڏڻ گهرجي. ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته هن طريقي (نقشبندي مجددي) جي فضيلت جو سبب سنت جي پيروي آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: تعجب الفاظن جو آهي، نڪي نزول جي اسبابن جو.

   ­            آئـون چـوان ٿـو ته: اِهـو قاعدو (علم) اصول ۾ مشهور آهي. ڪتاب ‘احياءُ العلوم’ ۾ آهي ته مدار حقيقت يا ان جي سمجھ تي هوندو آهي. جيڪي ظاهري الفاظن جي پُـٺيان لڳن ٿا، اهي گهڻو ڪري هدايت جو نور کان محروم هوندا آهن ۽ گمراهه ٿيندا آهن. ڇاڪاڻ ته شرعي عموم ڪنهن قيد سان مقيد هوندا آهن، اها ڳالهه فقط صحيح سمجهه وارو ئي سمجهندو آهي.

                سلطان الاولياء فرمايو: معرفت جو مهاڳ معرفت کان سواءِ حاصل نه ٿيندو. ڇا تون نه ٿو ڏسين ته مقدمي جي پڙهڻ کان سواءِ ڪتاب سمجھ ۾ نه ٿو اچي.

   ­            آئـون چـوان ٿـو ته: ”فنـا فـي الشيخ“، ”فنـا فـي الله“ جـي لاءِ پـيش خـيمو آهـي، جـيـئـن ڪتاب ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي. شيءِ جي مقدمي جو مطلب آهي ته جنهن تي بحث ڪيو وڃي ۽ جنهن ڏانهن پهچجي. [105]

         سلطان الاولياء فرمايو: شرعي مامور، جيئن نماز وغيره جي ڇڏڻ ۾ نقصان آهي، جيڪو بزرگيءَ جي مقام کي پهچي وڃي، ان تان به اها تڪليف نه ٿي هٽائي سگهجي، بلڪ هن کي ته پاڻ ان ۾ تڪليف نه ٿيڻ گهرجي.

آئـون چـوان ٿـو ته: هـي بيان گـناهه، فـرمانبرداري ۽ ڪـمال واري مـعنيٰ جو آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي:

قَدْ أَفْلَحَ مَن زَكَّاهَا  (9:91:30)

[ترجمو: بيشڪ اهو ڪاميابيءَ کي پهچي ويو، جنهن (پنهنجي) نفس کي پاڪ صاف ڪيو]

مفسرن چيو آهي ته ان جي معنيٰ اهائي آهي. پوءِ سمجهه ڪر.

              سلطان الاولياء فرمايو:

هر که عاشق شد اگرچه نازنين عالم است
نازکي  راست  آيد  بار مي بايد کشيد

[معنيٰ: جيڪو عاشق ٿيو، جيتوڻيڪ اهو سڄي جهان جي نازن وارو آهي، پر ان کي نازڪي ڪيئن راس ايندي، هن کي وڏو بار کڻڻو آهي.]

نفس را در زير پاکن بعد  زان  کفر   کجا

[معنيٰ: نفس کي (لتاڙي) پيرن هيـٺان ڪر، ان کان پوءِ ڪفر (جو نشان) ڪٿي آهي؟]
 

                 سلطان الاولياء فرمايو: جنت ۽ جهنم هر هڪ لاءِ پنهنجي اخلاقن مطابق آهي، نيڪ لاءِ ڀلائي ۽ بُري لاءِ بُرائي آهي.

مولوي رومي چوي ٿو:        

هر  خيالي  کو  کند   در   دل   وطن
روز محشر صورتي خود خواهد شدن

[معنيٰ: جنهن قسم جو خيال دل ۾ گھر ڪري ٿو، اهو قيامت جي ڏينهن اها صورت وٺندو.]

               سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو حق سان گڏ آهي، تنهن کي نماز ۽ وضوء جا مسئلا ڪو نقصان ڪونه ڏيندا، جيڪڏهن حق تي موت ٿيس ته ان لاءِ ڇوٽڪارو آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: جڏهن رحمت غضب تي سبقت ڪندي آهي، تڏهن سڀئي ڇُٽي ويندا آهن.

   ­            آئون چوان ٿوته: (شيخ) بوعلي قلندر چيو آهي:

 نا  اميدي را اميد  بي حساب  آمد  پديد
از کرم لاتقنطو من رحمت الله گفت ايد

[معنيٰ: نااميديءَ لاءِ بي حساب اميد ظاهر ٿي پوندي ، ڇو ته هن ٻاجھاري (قرآن شريف ۾) فرمايو آهي ته منهنجي رحمت مان نااميد نه ٿيو.]

              سلطان الاولياء فرمايو: اصل ۾ خرابي ڪونه هوندي آهي، خرابي عارضي هوندي آهي. الله جي صفاتي نالن مان هڪ مُضِلُّ به آهي، جيتوڻيڪ الله جا سڀئي نالا سُهڻا آهن.

   ­            آئـون چـوان ٿـو ته: پـوءِ جيڪو اصل کي پهتو اهو سٺو ۽ نيڪ آهي. ان جو فرق نٿو پوي ته اصل مُضلّ (گمراهه ڪندڙ) يا هادي (هدايت ڪندڙ) يا ٻنهي جو جامع  آهي. (مطلب ته الله جا سڀئي نالا سهڻا آهن، لفظن جي ظاهر کي ڇڏي حقيقت کي ڏسڻ گهرجي.)

               سلطان الاولياء فرمايو: اسان جو مقصد اهڙو گِراهه آهي، جنهن جي گنجائش وات نه ٿو رکي، پوءِ سلوڪ ۽ جذبو، توحيد ۽ اتحاد، فنا ۽ بقا، تجلي ۽ ظهور، صورت ۽ معنيٰ، آفاق ۽ انفس اهي سڀ ڪم پنهنجي جاءِ تي آهن ۽ اهو لقمون (گِرهه)  آخري ڳالهه آهي.

ز عنقا هست نام پيش  مردم
ز مرغ من بود آن نام هم گم

[معنيٰ: مردن جي اڳيان عنقا پکيءَ جو نالو مشهور آهي، منهنجو محبوب اهڙو بي مثال آهي جنهن جو نالو به معلوم نه آهي.]

         سلطان الاولياء فرمايو: ”سير في الاشياء“ [شين ۾ سير] جو مقصد انهن جي فنا کي سڃاڻڻ ۽ انهن جي محبت دل مان ڪڍڻ آهي ته جيئن دل الله جي محبت واسطي فارغ ٿئي. پوءِ جنهن الله جي محبت حاصل ڪئي، سو سير ۽ سلوڪ جو محتاج نه آهي. اهو ئي سبب آهي ته  جيڪڏهن مُرشد ڪامل هوندو ته اهو نفي ڏانهن ارشاد ڪونه ڪندو آهي، بلڪ اهو اثبات جي اشاري تي ئي ڪفايت ڪندو  آهي. يعني هو علم ۽ رويت ۾ داخل نه ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته علم هڪ نقطو آهي، (نقطو بسيط آهي).

   ­            آئون چوان ٿو ته : سلوڪ ظاهر جي[106] باطن جي لاءِ رعايت آهي ۽ جذبو باطن سان ملڻ کي وِسارڻ آهي.

 چونکه  اندر وصل اوفتاد مرد
مي شود دلال اش پيشش سرد

[معنيٰ: جيڪو مرد وصل کي پهتو ته ان جي اڳيان دلال جي ضرورت نه پوندي.]

مگر ان جو مقصد مڪمل “علم اليقين” تي آهي، ڇاڪاڻ ته فقط اُن ذات کان سواءِ ٻيو ڪو مقصد نه آهي، انهي ڳالهه تي اهلِ سُنت جي عالمن جو اتفاق آهي.

مولوي رومي چيو آهي:

 امر را ونهي را مي بين مدام
ني قبول انديش و رد اي غلام

[معنيٰ: اي پٽ! تون سدائين الله جي امر ۽ نهيءَ کي ڏس ۽ تابعداري ڪندو رھ ڪنهن به قبوليت يا رد ٿيڻ جو خيال نه ڪر.]

        ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته اڳين بزرگن جي پيروي هر عمل لاءِ لازم نه آهي، بلڪ تون انهن جي مخالفت نه ڪر. تون گدرو کاءُ تنهنجو واڙيءَ سان ڪهڙو ڪم.

               سلطان الاولياء فرمايو: (الله جي دربار جو) حضور، ميراڻ ۽ نقصان کان بچائيندو آهي، جيئن شُبهي جو کاڌو.

               سلطان الاولياء فرمايو: حق جي طالب لاءِ مناسب ناهي ته نقل ۽ حوالي کان سواءِ رايو ڏئي. ڇاڪاڻ ته مُدعي رُڪاوٽ وجھندو ۽ ڦڏو ڪندو آهي.

   ­            آئون چوان ٿو: فقهه حنفيءَ ۾ آهي ته غيرمُجتهد جي لاءِ هي جائز نه آهي ته حڪايت ۽ حوالي کان سواءِ فتويٰ ڏئي.

حديث شريف ۾ آهي ته:

من افتي بغير العلم لعنت الملائکة“

[ترجمو: جنهن علم کان سواءِ فتويٰ ڏني، تنهن تي ملائڪن جي لعنت آهي.]

                 سلطان الاولياء فرمايو: ولايت (۾خلافت) جو قاعدو هي آهي ته ربط ۽ محبت کان سواءِ وچ ۾ ٻيو ڪو غرض نه هجي. جيڪو ڪنهن غرض (۽ مقصد) جي لاءِ ڪم ڪري ٿو، اهو اجنبي آهي، اُن جي اوليائن سان ڪابه نسبت نه آهي.

                 سلطان الاولياء فرمايو: ڪِن جاهل فقيرن جو هي قول اجايو آهي ته ذمي (غير مسلم) ماڻهوءَ هڪ فقير کان پڇيو ته فلاڻي شهر جو رستو ڪٿان آهي؟ ايتري پُڇڻ سان انهي غيرمسلم تي حق جو رستو کلي پيو.

آئون چوان ٿو: اهو هينئن آهي ته ارادو هدايت جي لاءِ شرط آهي ۽ اهو عادت مطابق آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:

وَأَنَّ اللَّهَ يَهْدِي مَن يُرِيدُ  (16:22:17)

[ترجمو: ۽ بيشڪ الله جنهن کي گهري ٿو تنهن کي هدايت ڪري ٿو.]

               سلطان الاولياء فرمايو: عالمن جي وچ ۾ اختلاف جو ڪارڻ خواهشن جو اختلاف آهي، ورنه فنا ۽ بقا وارن (عارفن) جي وچ ۾ اختلاف جو تصور  به نٿو ٿي سگهي.

“متحد جانها است شيرانِ خدا” (رومي)

[معنيٰ: جيڪي ماڻهو الله جا شينهن (طالب) آهن، تن جو ساهه (الله جي طلب ۾) هڪ آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: ٿورو حجاب ڀلو آهي. مگر شيخ وٽ مريد جو واسطي کان سواءِ احوال پيش ڪرڻ (حجاب کان) وڌيڪ بھتر آهي.

   ­            آئون چوان ٿو: ڇاڪاڻ ته مرشد کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان ڪشف جو احوال اورڻ طريقت ۾ منع آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: زماني جو وليءُ جهان جو بادشاهه آهي، ليڪن هو پنهنجي عدل کي ڇڏي، الله جي عدل تي اڪتفا ڪندو آهي.[107] ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ حقدار جو حق نه روڪيندو آهي. پوءِ جيڪو مخلوق سان ڀلائي (وارو) ارادو ڪري، اهو الله جي مخلوق سان حُسنِ سلوڪ ۽ ڀلائي ڪري. جيڪڏهن (ڪو) ان سان ضد ڪري ته هيءُ ضد نه ڪري.

الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:

وَكَفَى اللَّهُ الْمُؤْمِنِينَ الْقِتَالَ  (25:33:21)

[ترجمو: الله ئي مومن لاءِ جنگ جي وقت ڪافي آهي.]

اي بسا عدلها ست ظلم نما
اي  بسا  ظلمها  عدل   خدا

[معنيٰ: ڪيترا عدل ظاهر ۾ ظلم ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ ڪيترا ظلم خدا جي طرفان عدل هوندا آهن.]

               سلطان الاولياء فرمايو: اولاد جي چڱائي هي آهي ته خود چڱا هجن نه سندن ابا ڏاڏا. (مطلب ته پاڻ نه ڪمائين، ابن ڏاڏن جي واکاڻ ڪن!) 

   ­            آئون چوان ٿو: نفس جي تابعداري کان ٻليءَ (گهٽ شيءِ) ۾ فنا هجڻ وڌيڪ ڀلو آهي جيئن سالڪن ان جي وضاحت ڪئي آهي.            

  سلطان الاولياء فرمايو: دين حق جي ماڻهن سان قائم آهي ۽ نه لٺِ ۽ لڙائي سان.

 خويش بين چون از کسي جُرمي بديد
آتشي دروي  ز  دوزخ  شد  پديد

[معنيٰ: خود بين شخص جڏهن ٻئي ڪنهن کان گناھ ٿيندي ڏسندو آهي ته پاڻ ۾ دوزخ جي گرمي محسوس ڪندو آهي.]

حميت دين خواند او اين کبر را
ننگد در خويش   نفس  گبر  را

[معنيٰ: ان وڏائي کي هو پنهنجي لاءِ دين جي غيرت سمجھي ٿو، پر پنهنجي ڪافر نفس کي نه ڏسندو.]

حميت دين را نشاني ديگر است
که ازان آتش جهاني اخضر است

[معنيٰ: دين جي اصلي غيرت جو نشان ٻيو آهي، ان جي گرمائش سبب جهان سرسبز آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: اهل دِل هجڻ جي نشاني هيءَ آهي ته هن جي دل ۾ رحمت ظاهر ٿيندي آهي.

آئون چوان ٿوته: حديث شريف ۾ آهي:

لا يدخل الجنّة الارحيم

[ترجمو: رحم ڪرڻ وارو جنت ۾ داخل ٿيندو.]

                سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو الله جي مخلوق لاءِ ڀلو نه ٿو سوچي، سو رحمت الاهي ڪيئن ماڻيندو؟

آئون چوان ٿوته: حديث شريف ۾ آهي ته:

الدين النصيحة وانما يرحم الله من عباده الرحمان

[ترجمو: دين خير خواهيءَ جو نالو آهي. الله جي ٻانهن مان رحيم ٻانهي تي الله (وڌيڪ) رحم ڪندو آهي.]

مولوي رومي چيو آهي:

        رحمتي کُلي  بود  مر  تام را

رحمتي جزوي بود مر خام را

[معنيٰ: ڪامل (ٻانهن) لاءِ رحمت ئي رحمت آهي، ڪچن (ٻانهن) لاءِ جزوي رحمت آهي.]

خشم شهوت وصف حيواني بود

مهر  ورقة  وصف  انساني  بود

[معنيٰ: ڪاوڙ ۽ شهوت حيواني وصف آهي، نرمي ۽ رحمدلي انساني وصف آهي.]

شيخ سعدي چيو آهي:

        طريقت بجز خدمتِ خلق نيست

به تسبيح  وسجاّده و دلق نيست

[معنيٰ: خلق جي خدمت ئي طريقت جو نالو آهي، تسبيح، مصلو ۽ گودڙي طريقت نه آهي.]

خنک آنکه آسائش مرد و زن

گزيند بر آسائش  خويش  تن

[معنيٰ: اهو نيڪ بخت آهي (جنهن مان) مرد توڻي عورتون آرام وٺن ٿا، جيڪو هنن جي آرام کي پنهنجي بدن تي به فوقيت ڏئي ٿو.]

خورش ده بکنجشک کبکه و حمام

که  روزي    همائي   بيفتد   بدام

[معنيٰ: تون ڪبوتر، ڊيل ۽ جهرڪيءَ کي چوڳو ڏي ته ڪنهن ڏينهن هماءُ (پکي) تنهنجي دام ۾ اچي.]

۽ هن مسڪين (گرهوڙي) جو بيت آهي:

هست مغفوري  بقدر خير خواهي غافري

رحمت للعالمين شو تاز رحمت بر خوري

[معنيٰ: مغفوري ۽ بخشش خيرخواهي واري حساب سان آهي، جهان لاءِ رحمت بڻج ته رحمت مان حصو ملئي!]

  سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو بيان حديث شريف ۾ آهي ته:

حُبُّ الوّطنِ مِنَ الِايمَانِ

[ترجمو: وطن جي محبت ايمان جو حصو آهي.]

انهيءَ مان مراد ظاهري وطن نه آهي،[108] ڇاڪاڻ ته ان جي محبت جو ڪو سبب نه آهي، (بلڪ) اها محبت ته شيطان جو حربو آهي، پر هن مان مراد اصل (وحدت) سان محبت آهي.

 اين وطن مصر و عراق و شام نيست
اين وطن شهريست کانرا  نام نيست

[معنيٰ: اهو وطن مصر، عراق ۽ شام نه آهي، هي وطن اهڙو شهر آهي جنهن جو نالو نه آهي.]

آئـون چـوان ٿـو ته: مُـلاّ عـلي قـاري پنهنجي ڪتاب ‘الموضوعات’ ۾ چوي ٿو ته وطن مان مراد جنت يا مڪو آهي. ظاهري وطن مان مراد صالحن سان محبت ڪرڻ ۽ الله ڏانهن رجوع ٿيڻ آهي. صوفين واري طريقي موجب نفساني واسطا ۽ جسماني خواهشون ختم ڪري ڇڏڻ جو نالو الموت قبل الموت“ [يعني موت کان اڳ مرڻ آهي.]

      سلطان الاولياء فرمايو: دنيا ۽ نفس (ٻنهي کي) جسم ڪونه هوندو آهي. انهن ٻنهي مان مراد حقيقت کان غفلت ۽ فاسد غرضن سان ڦاسڻ آهي.

 درين بزم ساغر کسي نوش کرد
که  دنيا  و عقبيٰ  فراموش کرد

[معنيٰ: جنهن هن بزم ۾ پيالو پيتو، اهو دنيا ۽ آخرت جي فڪر کان خالي ٿيو.]

              سلطان الاولياء فرمايو: الله تعاليٰ فرمايو آهي:

إِنَّ اللَّهَ اشْتَرَىٰ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ أَنفُسَهُمْ وَأَمْوَالَهُم بِأَنَّ لَهُمُ الْجَنَّةَ   (111:9:11)

[ترجمو: بيشڪ الله تعاليٰ مومنن کان سندن جانيون ۽ مال (ملڪيتون) خريد ڪري ورتيون آهن، جن جي بدلي ۾ انهن جي لاءِ جنت آهي.]

نفس جو اهڙو بُخل جنت کان روڪيندڙ آهي، توڙي (ڪنهن طريقي سان) مال به خرچ ڪري.

              سلطان الاولياء فرمايو: جنهن کي واعظ ۽ نصيحت جي اجازت نه آهي ، پوءِ ان جو واعظ علم جي خلاف آهي، ڇاڪاڻ ته ‘فتويٰ حمادية’ ۾ آهي ته اهڙي ماڻهوءَ کي واعظ نه ڪرڻ گهرجي.

   ­            آئون چوان ٿوته: ڪتاب ‘احياءُ العلوم’ ۾ آهي ته مُقلد مُعلم جي گمراهي هدايت کان وڌيڪ هوندي آهي. مُلا علي قاري ڪتاب ‘شرح برده’ ۾ لکيو آهي ته مُرشد اهو آهي جيڪو عالم ۽ عامل هجي. (امام) راغب (اصفهاني) چيو آهي ته شيءِ جي حقيقت جي ڄاڻڻ جو نالو علم آهي.

حديث شريف ۾ آهي ته:

العالم من عقل عن الله و اطاعة

[ترجمو: عالم اهو آهي جيڪوالله کي ڄاڻي ۽ سندس پيروي ڪري.]

جيئن تفسير ‘جمالين’ حاشيه ‘جلالين’ ۾ آهي ۽ سيوطي جي ڪتاب ‘اتقان’ ۾ آهي ته تعليم واري کي مجاز کان (جيڪو علم ۾ مهارت رکي ٿو) اجازت وٺڻ گهرجي، پوءِ اهو ڪهڙو به علم هجي. اهڙيءَ طرح اهل معرفت جي لاءِ به اهوئي طريقو آهي ته مُرشد کان اجازت وٺجي. اهو اجازت جو طريقو سلف صالحين کان (هلندو) اچي پيو، انهيءَ لاءِ اجازت نئون اصطلاحي شرط آهي. ليڪن فقيهن چيو آهي ته[109] منڪر (بُرائي) جي مٽائڻ ۾ حاڪم جي اجازت جي ضرورت نه آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: مُحقق کي پنهنجو نفس ڪونه لڀندو يا ملندو آهي. (خواجه) بايزيد (قدس سره) فرمايو آهي ته آئون پاڻ بايزيد کي گھڻي وقت کان نٿو ڏسان.

   ­            آئـون چـوان ٿـو ته: “مـڪتوبات احـمـدي“ ۾ آهـي ته جنهن پاڻ کي فنا ڪيو انهيءَ (ڄڻ پنهنجو) مقصد حاصل ڪيو. فنا جي نشاني هيءَ آهي ته آئون واري ڳالهه مورڳو نه لڀي، بلڪ پنهنجي وجود ۽ لاڳاپيل شين کي الله جي سھاري ۽ ٽيڪ تي بيٺل سمجهي.

حديث شريف ۾ آهي ته:

ان الله لا يحب العبد المتميز عن عباده 

[ترجمو: بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن مان ان شخص کي پسند نٿو ڪري، جيڪو پاڻ کي ٻين کان ممتاز سمجهي ٿو.] 

ڪتاب ‘شرح مفتاح’ ۾ آهي ته شيءِ جو حقيقت ڏانهن موٽڻ، اهڙي نموني سان جو ان ۾ ڪو شُبهو نه هجي، ان جو نالو تحقيق آهي. هن (ڳالهه) ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته حقيقت جون معنائون موجود هونديون آهن ۽ صورتون معدوم هونديون آهن.

              سلطان الاولياء فرمايو: ڳالهه ڪندا آهن ته( حضرت خواجه) بايزيد(بسطامي) قدس سره جن دعا گهري ته اي منهنجا ربّ! مون کي پنهنجي ملاقات نصيب ڪر. الله تعاليٰ فرمايس ته مون سان اهو ملي سگهي ٿو، جنهن وٽ ڪابه شيءِ نه هجي، تون دنيا وارو آهين، ڇاڪاڻ ته (تون) تڏي ۽ ڪونري جو مالڪ آهين. (اهو جواب ٻڌي خواجه بايزيد قدس سره جن اھي) ٻئي اڇلائي ڇڏيا ۽ مخلوق جي اڳيان اعلان ڪيائين ته، تڏو ۽ ڪونرو بايزيد ۽ الله تعاليٰ جي وچ ۾حجاب هئا.

                سلطان الاولياء فرمايو: ملامت (۾ ئي) سلامتي آهي، ليڪن شريعت جو لحاظ ضروري آهي.

      ­          آئون چوان ٿو: ڪنهن عارف چيو آهي:

حقوقِ شرع  را  ز نهار  مگذار
و ليکن خويشتن را هم نگهدار

[معنيٰ: شريعت جا حق هرگز نه ڇڏ،  پر پنهنجو پاڻ تي به نگاهه رکُ.]

        ملامت جي مثال ۾ وڏي مُرشد سائين (سلطان الاولياء) جو هي قول آهي ته (هڪ دفعي) خواجه بايزيد (بسطامي قدس سره جن) وٽ ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم اچي گڏ ٿيو ته (درويش آهي تنهنڪري سندس استقبال ڪريون) پوءِ هن (خواجه سڳوري) انهن کي هن طرح سان ڀڄايو، جو رمضان شريف جي مهيني ۾ پاڻ سفر جي حالت ۾ بازار ۾ بيهي ماني کائڻ لڳو. (شريعت ۾) مسافر تي روزو واجب نه آهي. (جڏهن ماڻهن کيس ماني کائيندي ڏٺو، تڏهن چيائون ته هي درويش ناهي، ڇاڪاڻ ته هن کي رمضان شريف ۾ روزو نه آهي، پوءِ سڀ ماڻهو نفرت وچان کيس اڪيلو ڇڏي هليا ويا.)

              سلطان الاولياء فرمايو: مُرشد کان سواءِ ٻئي سان روحاني راز (بيان) ڪرڻ جائز نه آهن. باقي طريقت جا سوال هر اُن شخص سان ڪرڻ جائز آهن، جنهن کي طريقت جو علم هجي (۽ اهو يقين هجي ته مون کي) گمراهه نه ڪندو (بلڪ صحيح رهنمائي ڪندو).

               سلطان الاولياء فرمايو: (علم) منطق پاڙهڻ واري لاءِ ضروري آهي ته اهو ڄاڻي ته سندس نفس (جند) ڪُلي آهي يا جُزئي آهي، ڇو ته منطق ۾ گهڻو ڪري اهو بحث ٿيندو آهي. شاگرد لاءِ پڻ اهو اصول ضروري آهي ته اهو ان جو اصل سمجھي ۽ ان علم جو اصول ڄاڻي.[110] اصول نه ٿو ڄاڻي ته پوءِ اهو شخص ان علم کان اجنبي آهي ۽ ان علم سان ڪا به نسبت نه اٿس.

   ­            آئـون چـوان ٿـو: الله سائين (شيـخ فـريد الـدين) عـطار کـي خير عطا ڪندو جنهن چيو آهي:

چون بدانستي که ظّل کيستي
فارغي گر مردي وگر زيستي

[معنيٰ: جڏهن تو ڄاڻي ورتو ته تون ڪنهن جو پاڇو آهين ته پوءِ مرڻ ۽ جيئڻ کان فارغ آهين.]

               سلطان الاولياء فرمايو: هي جهان جسم ۽ روح سان هڪڙي خاص شخص وانگر آهي ۽ ظاهري انسان کي ڪائنات جي فهرست ۽ مختصر نمونو سمجھ.

 جهان يکسر چه ارواح و چه اجسام
بود  شخصي  معين  عالمش نام

[معنيٰ: جهان ۾ سمورا روح ۽ جسم هڪڙي مُعينّ شخص وانگر آهن، جنهن جو نالو جهان آهي.]

درين انسان که چون انسان عين است
جهان  مرد  مي سلطان  حسين  است

[معنيٰ: هن جهان ۾ انسان  اک جي ماڻڪي وانگر آهي ۽ جهان جي اها اک ئي خوبصورت آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو فڪر جي مقام تي پهتو، ان تي مُجتهدين جي مخالفت سبب ملامت ڪيئن ڪري سگهجي ٿي.؟

الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:

مَا مِنْ حِسَابِكَ عَلَيْهِم مِّن شَيْءٍ    (52:6:7)

[ترجمو: تنهنجي حساب جو انهن تي ڪوئي بار نه آهي.]

پوءِ سمجهه ڪر.

عارفن چيو آهي ته جنهن الله جي ذڪر کان مُنهن موڙيو، رڳو اُن فڪر ۾ ته نبي ڪريم ﷺ جي تابعداري ڪري، پوءِ انهيءَ کان مُنهن موڙڻ گهرجي.

الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:

أَعْرِضْ عَن مَّن تَوَلَّىٰ عَن ذِكْرِنَا   (29:53:27)

[)ترجمو: جنهن (ماڻهوءَ) اسان جي ذڪر کان منهن موڙيو.]

وَاتَّبَعَ هَوَاهُ وَكَانَ أَمْرُهُ فُرُطًا    (28:18:15)

[ترجمو: ۽ اهو پنهنجي نفساني خواهشن جي پٺيان لڳو ته سندس ڪم حد کان لنگهي ويو آهي.]

   ­            آئـون چـوان ٿـو ته: “هوا” مان ماد محبت آهي، عشق انتهائي محبت جو نالو آهي. پوءِ ڪن عارفن جو قول ۽ دليل وٺڻ صحيح آهي. ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته جنهن لفظ جي معنيٰ شريعت جي خلاف نه هجي، ان جي تاويل جائز آهي، (پوءِ) ڀلي کڻي سلف صالحين کان اها معنيٰ مروي نه به هجي.

               سلطان الاولياء فرمايو:

 اول قدمي که عشق  دارد
ابريست که جمله کفر بارد

[معنيٰ: عشق جڏهن پهريون قدم رکندو آهي ته ڪفر جو سمورو ڪڪر وسائيندو آهي.]

   ­            آئـون چـوان ٿـو: عـشق فـنا ۽ بـقا (جـو نـالو) آهـي ۽ ٻنهي کي نـفي ۽ اثبات جو نالو به ڏنو ويندو آهي. عارفن مان ڪنهن پُڇيو ته “ڇا نفي کان پوءِ علم آهي؟” جواب ۾ فرمايائون ته “ڇا نفيءَ کان اڳ ۾ علم آهي؟”

هن مسڪين (گرهوڙي) جو بيت آهي:

سفسطائي    نشوي  که  برهي

زين علم کوشده  حجاب شهي

[معنيٰ: سوفسطائي (اڻڄاڻائي) وارو رستو نه وٺجانءِ، ڇاڪاڻ ته انهن جو علم بادشاهي لاءِ رنڊڪ آهي.]

نيم لا ادري هست نيم دگر

انما   العلم عند الله  نگر

[معنيٰ: اڌ علم لا ادري (آئون نه ٿو) ڄاڻان آهي ته اڌ ٻيو آهي، بيشڪ علم سڀ الله وٽ آهي، سوچ ڪر.]

               سلطان الاولياء فرمايو: هڪڙو بادشاهه ڪنهن ٻانهي وٽ هلي آيو، تڏهن ٻين ٻانهن چيو ته بادشاهه ڪهڙي ڳالهه جي ڪري هن کي اسان تي ترجيح ڏني. (اها ڳالهه جڏهن بادشاهه ٻُڌي) تڏهن انهن سڀني جي روبرو بادشاهه انهيءَ ٻانهي (جا هٿ،پير) ٻَڌي، [111]کيس کوهه ۾ اُڇلائيندي چيو ته (پنهنجا) ڪپڙا نه پُسائجانءِ ٻانهي چيو ته سائين! ڪونه پُسائيندس، پوءِ بنا اختيار جي ٻانهي جا ڪپڙا پسي ويا. تڏهن بادشاهه ان کي ملامت ڪئي. ٻانهي عرض ڪيو ته سائين! منهنجو ڏوھ آهي، وري ڪپڙا ڪونه پُسائيندس. پوءِ بادشاهه (انهن سڀني سان مخاطب ٿيندي) چيو ته هن ڳالهه جي ڪري آئون هن کي وڌيڪ ترجيح ڏيان ٿو.

   ­            آئـون چـوان ٿـو: (فـضيلت ۾ سڀـنـي کـان) اڳ ۾ اهـو (مـاڻهو) آهـي، جـنهن (پنهنجي) ڪوتاهيءَ جو اعتراف ۽ اقرار ڪيو.

حافظ چيو آهي:

        گناه  گر چه  نبود در اختيار  ما حافظ

تو بر طريق ادب باش گو گناه من است

[معنيٰ: اي حافظ! جيتوڻيڪ گناهه اسان جي وس ۾ نه آهي، تڏهن به تون نوڙت وارو طريقو اختيار ڪر ۽ چئو ته گناهه منهنجو آهي.]

                  سلطان الاولياء فرمايو:

خامشي باشد مقام اهلِ حال

ور بجنبانند  لب کردند  لال

[معنيٰ: خاموشي حال وارن جو مقام آهي ۽ اهي ئي چپ چورڻ کان گونگا ٿي پوندا آهن.]

صمت عادت کن که ازيک گفتنک

مي شود زنّار در  زير  زر  خنک

[معنيٰ: گفتگو بجاءِ خاموشيءَ واري عادت ڌار، جڻيو ٻڌڻ کان پوءِ تيز ۽ تکو هلي سگھبو آهي.]

صمت را عادت بکن تا آن چنان

کن فراموشت شود  نطق وبيان

[معنيٰ: خاموشيءَ جي اهڙي عادت ڌار، جو تنهنجو ڳالهائڻ ۽ بيان توکان وسري وڃي.]

مطلب خاموشي ڪلام آهي، جيڪڏهن ڪلام کي سمجهين ۽ نظر جو ڇڏڻ نظر آهي، جيڪڏهن نظر کي سمجهين.

               سلطان الاولياء فرمايو: مرتبن جو خيال مرتبن جي حفاظت کان اهم آهي، پوءِ تون ٻئي جي وڃائڻ سان پهرين جو ڊپ نه ڪر. انهيءَ ڪري حضرت علي ؓ جو قول آهي ته توحيد جو ڪمال هي آهي ته صفتن جي نفي ۽ اثبات ڏانهن ڌيان ئي نه وڃي. مطلب ته (رڳو رب جي ياد هجي) مالڪ مهر ڪري ته به واھ نه ڪري ته به واھ، ٻيو چارو ئي ڪونهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو ڪشف شريعت جي خلاف هجي، سو مقبول نه آهي. جيئن ملائڪ جو اهڙي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ جنهن کي شريعت تسليم نه ٿي ڪري. بهرحال موحد کي ته صحيح ڪشف جي به ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ ته موحد جو مطلب فنا آهي.

حافظ چيو آهي:

        با خرابات  نشينان زکرامات ملاف

هرسخن وقت وهرنکته مکاني دارد

[معنيٰ: ميخاني ۾ ويهندڙن جي ڪرامتن تي نه کِل، هر ڳالهه لاءِ ڪو وقت ۽ هر نڪتي جي لاءِ ڪا جاءِ هوندي آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: باهه جو ڳالهائڻ پتنگ سان هن بيت ۾ آهي:

ڪهي آگ پتنگ نُون، تُج مُج سي چاءُ

اِڌر اُوڌرڪيون ڪري، سِر ڏِئي سِيداءُ

[مطلب ته باهه پتنگ کي چيو ته (جيڪڏهن) توکي مون سان چاهت آهي (ته پوءِ) هيڏانهن هوڏانهن ڇو ٿو ڦرين، سڌو (اچي) سرِ ڏي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: عارف ڪڏهن ڪڏهن قلم کڻندو آهي، پر پوءِ لکڻ جي ڳالهه نه ملندي اٿس.

   ­            آئون چوان ٿو: مولوي رومي چيو آهي:

        لا  تکلفني   فاني   في    الفنا

کلت افهامي فلا احصيٰ ثنا[112]

[معنيٰ: مون کي مجبور نه ڪر، ڇاڪاڻ ته آئون فنا ۾ آهيان، منهنجي سوچ، سمجهه پوري ٿي چڪي آهي،  اڳتي واکاڻ نه ٿو ڪري سگهان.]

کل شيءِ قالہ غير المفيق

ان تکلف او تصلف لايليق

[معنيٰ: بيهوش ڪهڙي به ڳالھ ڪري، ڊاڙ هڻي يا بڪ بڪ ڪري هرگز مناسب ناهي.]

 

                سلطان الاولياء فرمايو: الله سان مشغول رهڻ وارو ٻانهو ڪتابن جو مطالعو نه ڪري سگهندو آهي، حلال، حرام کان هوئين جدا آهي.

   ­            آئـون چـوان ٿـو ته : وڏي مُـرشـد سائـين (سلطـان الاولـياء) هـي تڏهن فرمايائون، جڏهن مون (گرهوڙي) پُڇيو ته شيخ ابن عربي (قدس سره) جي ڪتاب ‘فصوص الحِڪم’ جو مطالعو طالب لاءِ جائز آهي؟ ڇاڪاڻ ته ڪن عالمن وٽ (انهيءَ ڪتاب جو مطالعو) حرام آهي. جيئن مُلاّ علي قاري (پنهنجي ڪتاب ‘شرح عين العلم’ ۾ لکيو آهي ۽ ابن المقري کان نقل ڪندي چوي ٿو ته (شيخ) ابن العربي يهودين ۽ نصارن کان وڌيڪ خراب آهي. ڇاڪاڻ ته شيخ ابن عربي جو چوڻ آهي ته حقيقت هڪ آهي ۽ صورتون مختلف آهن، صورتن جي اختلاف سان حقيقت ۾ فرق نه ٿو پوي. اُهي صوفي “وحدت الوجود” جي اصطلاح سان مشهور آهن. اهڙيءَ طرح (ڪتاب) ‘شرح البرده’ ۾ آهي.

مخفي نه هجي ته شيخ ابن عربي قدس سره اڪابرن ۾ مقبول آهي. جيئن حضرت مجدد (شيخ احمد سرهندي قدس سره) پنهنجي ‘مڪتوبات (احمدي)’ ۾ لکيو آهي ته اهلِ سنت سان تعلق وارو هو، قرآن ۽ حديث جو وڏو ڄاڻو هو. علم توحيد ۾ موّحدن جو مُقتديٰ آهي.گهڻو طعن (ابن عربي قدس سره تي) لفظ “همہ اوست” جي ڪري ڪيو اٿن. طعني وارن انهيءَ لفظ جو مفهوم سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي آهي. ها، ڪجهه مسئلا آهن، جن ۾ شيخ ابن عربي (قدس سره) جمهور جي ابتڙ آهي. جيئن مثال کان سواءِ رؤيت (۽ ديدار) جي نفي. پر شيخ ابن عربي (قدس سره) مُجتهد آهي، جمهور جي تقليد ڪري ٿو، (تنهنڪري) سندس ذات تي تنقيد صحيح نه آهي ۽ “همہ اوست” جي معنيٰ هي آهي ته سڀ ان جو ظاهر ڪيل آهي، فاني في الله جي نظر ۾ سڀ اهو آهي. مطلب ته اهو سڀڪجھ ظهور جي حوالي سان آهي نه وجود سان يا اها حال واري جي ڪيفيت آهي.

اهو ئي سبب آهي جو صاحبِ حال شخص جي نه تابعداري ڪبي آهي ۽ نه انڪار ڪبو آهي ۽ اهو ئي شيخ ابن عربي قدس سره جي راءِ کي قبول ڪرڻ يا رد ڪرڻ جي باري ۾ وچٿرو رستو آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: مخالفن جي لکيل ڪتاب جو اُڪلاءُ هي آهي ته اهو ڪتاب وڪڻي ڇڏجي .

   ­            آئـون چـوان ٿـو: ڪـتاب ‘بـحرالرائـق’ ۾ پاڻـيءَ واري بـاب ۾ لـکيـل آهي ته[113] اهڙو کوهه جنهن جو پاڻي پليت ٿي پوي، اُن پليت پاڻيءَ سان ڳوهيل اٽو، (امام) ابوحنيفه وٽ وڪڻڻ جائز آهي،. پر انهن کي وڪڻي جن وٽ پليتي جو حڪم نه آهي) جيئن داؤدي يا شافعي يا مورڳو ڪُتن لاءِ اڇلائي ڇڏي، (ته وڃي کائين).
 

               سلطان الاولياء فرمايو: قرآن شريف وڪڻڻ ائين آهي، جيئن مُرشد وڪڻجي.

   ­            آئـون چـوان ٿـو: حـنبلي مـذهب وارن وٽ اهو حرام آهي ۽ قرآن شريف وڪڻڻ جو

واپار حرام آهي. اهڙيءَ طرح حنفي مذهب وارن وٽ به خبر نه هجڻ سبب حرام آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: جڏهن حقيقت جي محبت حاصل ٿي، (تڏهن) مجاز ختم ٿي ويندو آهي.

   ­            آئـون چـوان ٿـو: هـن مـبـارڪ قـول جـي ظـاهـر ٿـيڻ جـو سبب هـي آهـي ته طـالبن مان ڪنهن سوال ڪيو ته جڏهن شغل قلبيءَ جو تعلق (الله سان) وڌي ويندو آهي، تڏهن رسول الله ﷺ جن جي محبت وسري ويندي آهي.

عارفن مان ڪنهن چيو آهي:

        ”مجنون ترم کنون که شدم آشنائي خويش“

[معنيٰ: مان جڏهن پنهنجي حال کان واقف ٿيس، تڏهن وڌيڪ مجنون ٿيس.]

هن ڳالهه جو خلاصو هي آهي ته “فنا في الله”، “فنا في الرسول” کان اعليٰ ۽ افضل آهي. (پر جيڪڏهن ڪنهن کي) ٻئي فنائون حاصل ٿين ته انهيءَ جي ڪمال ۾ ڪو شڪ ئي ڪونهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: تون جڏهن هن (طريقت جي) ڳالهه کي قبول ڪيو، پوءِ (هي ڳالهه به) قبول ڪر (۽) ان کان ڪنهن وقت به پُٺ نه ڦير. ڇاڪاڻ ته هن (طريقي جي) علم جو دنگ آهي ئي ڪونه ۽ فنا هن جو پهريون قدم آهي. اوليائن سڳورن ائين به چيو آهي ته هزارين سالن جو (وڇڙيل جڏهن) الله تعاليٰ ڏانهن موٽي ٿو (تڏهن) جيڪو (وقت) گذريو اهو اجايو ويو ۽ جيڪي حاصل ڪيائين اهو ڀلو آهي. پوءِ نسبت کي ائين سمجھ جيئن ڪو ڦاهيءَ تي ٽنگيل هوندو آهي، اهو ڏکيو مجاهدو مڙس ماڻهوءَ جو ڪم آهي، عام ماڻهو سفر ۽ بک کان سواءِ ٻيو (ڪو به) مشاهدو نٿا ڪن. منهن موڙڻ جي معنى ھي آهي ته لاڙو نه ڪن، پوءِ ان طرف ڇڪيندڙ ئي ان ۾ داخل ٿئي ٿو. جنهن سان کين الله جي طرف توجھ حاصل ٿئي ۽ اڳڀرائي ڪري سگھن.

   ­            آئون چوان ٿو: اهو مقصود مطلق محبت آهي، جيڪڏهن مطلق محبت حاصل نه ٿي ته پوءِ (ڀلي ٻئي ڏانهن) اضافت واري محبت هجي، ڇاڪاڻ ته مقيد مطلق جو مظهر آهي.

مولوي جامي چيو آهي:

        بگيتي گر چه  صد   کار آزمائي

همين عشقت دهد از خود رهائي

[معنيٰ: زماني ۾ جيتوڻيڪ تو سوين ڪم ڪري  ڏٺا هوندا، پر اهو تنهنجو عشق ئي آهي جيڪو توکي پاڻ کان آزادي ڏيندو.]

متاب از عشق رو گرچه مجازيست

که  آن  بهر حقيقت  کارسازيست

[معنيٰ: عشق کان مُنهن نه موڙ، جيتوڻيڪ عشق مجازي ئي هجي، ڇو ته اهو حقيقت لاءِ ڪارساز آهي.]

هن سموري ڪتاب (فتح الفضل) جو تت ۽ خلاصو اهو آهي.

        عشق تلخ است ولي تا نر سيده است بکمال

ندهم    ميوه   حلاوت    بکسي  تا  نچشد

[معنيٰ: عشق ڪڙو ميوو آهي پر اڃا پڪل نه آھي، جيستائين نه چکبو تيستائين ذائقي جي خبر نه پوندي.]

                سلطان الاولياء فرمايو: جنهن ھن نسبت جي حفاظت ۾ استقامت ڪئي، اهو خوف ۽ غمن کان امن ۾ رهندو، باقي دؤر ۽ طورطريقا بدلبا رهندا آهن.

مولوي روميءَ چيو آهي:

        صوفي آنست که از خود رستہ است[114]

از   نکو  جستہ  و  از   بد  رستہ  است

[معنيٰ: صوفي  اهو آهي، جيڪو پاڻ کان آجو آهي، نيڪيءَ کان ٽپيل ۽ بديءَ کان آزاد آهي.]

جلوه گر گشت برو وحدت ذات

نکشد  رنگ  تقابل  را صفات

[معنيٰ: صوفيءَ تي هڪ ذات جو جلوو هوندو آهي، هو صفات جي رنگن جو مقابلو قبول نه ڪندو آهي.]

پيش او لطف همان قهر همان

نوش داروش همان زهر همان

[معنيٰ: انهيءَ وٽ لطف ۽ قهر هڪ جهڙا آهن، ترياق ۽ زهر برابر آهن.]

نه ز ادوار در او تاثيري

نه ز اطوار در او تغيري

[معنيٰ: زمانو يا وقت هن تي اثر انداز نه آهي ۽ نه طورطريقا  منجھس تبديلي آڻين ٿا.]

   ­            آئون چوان ٿوته: طريقو هي آهي ته مرشد (ڪامل) مڪمل وٺجي. وٺڻ جي معنيٰ هي آهي ته پنهنجو اختيار ڇڏي، مُرشد جا طورطريقا اختيار ڪجن. ڇاڪاڻ ته عاشق کان معشوق جو انڪار بلڪل تصور ۾ به نٿو ٿي سگهي. جنهن کي مُرشد نه ملي (سگهي) تنهن کي توبهه ۽ استغفار ڪرڻ گهرجي. غير کان مُنهن موڙي الله ڏانهن متوجهه ٿئي. دنياوي غرضن ۽ مقصدن کان سواءِ الله جي ذڪر ۾ لڳي وڃي، زبان تارونءَ سان لڳائي ۽ الله جو نالو دل ۾ هجي (ان جو نالو لطيفو “قلبي” آهي)  پوءِ لطيفو “روحي”، پوءِ “سِري”، پوءِ “خفي”، پوءِ  “اخفيٰ” ، پوءِ “نفسي” آهي (اهي سڀ لطيفن جا نالا آهن.) لطيفي قلب جي جاءِ کاٻي بُبي هيٺان آهي ۽ روح جي جاءِ ساڄي بُبي هيٺان آهي. (لطيفي) سِر جي جاءِ کاٻي بُبي مٿان آهي ۽ خفيءَ جي جاءِ ساڄي بُبي مٿان آهي ۽ “اخفيٰ” جي جاءِ سيني جو وچ آهي ۽ لطيفي “نفسيءَ” جي جاءِ دماغ جو اڳيون حصو آهي. جڏهن اهو ذڪر ترتيب سان پنهنجي جاءِ تي مضبوط ٿيندو، تڏهن تنهنجي لاءِ بدني مُلڪ جا سڀئي دروازا کُلندا ۽ نفس ناطقه تائين پُهچي ويندين، جنهن کي وڏو حجاب چوندا آهن ۽ شريعت جو مقصد به اهو ئي آهي، (ته نفس کي خدا جو تابع ڪجي).

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

قُتِلَ الْإِنسَانُ مَا أَكْفَرَهُ     (17:80:30)

[ترجمو: انسان کي مار پوي! ڪهڙو نه هو بي شڪر آهي.]

پوءِ تون رب اڪبر ڏانهن رجوع ڪر.

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

رَّبُّ الْمَشْرِقِ وَالْمَغْرِبِ لا إِلَـٰهَ إِلا هُوَ فَاتَّخِذْهُ وَكِيلاo وَاصْبِرْ عَلَىٰ مَا يَقُولُونَ وَاهْجُرْهُمْ هَجْرًا جَمِيلًا (73:29

[ترجمو: اهوئي اڀرندي ۽ الهندي جو مالڪ آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق نه آهي، پوءِ تون ان کي ئي پنهنجن ڪمن نڀائڻ وارو ڪري وٺ ۽ اھي (ڪافر) جيڪي پيا چون تنهن تي صبر ڪر ۽ کين  چڱي نموني ڇڏي ڏي.]

عرش تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪر، شيطان جو عرش (تخت) فاني آهي.

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

الرَّحْمَـٰنُ عَلَى الْعَرْشِ اسْتَوَىٰ  (5:20:16)

[ترجمو: اھو وڏو مهربان آهي جو عرش تي قائم آهي.]

پوءِ جنهن شخص عرش جي طرف منهن ڪرڻ کان روڪيو ته ان لاءِ شريعت ۾ ڪا به حجت نه آهي.

‘قصيده امالي’ ۾ آهي:

        ربُّ  العرش  فوق  العرش   ليکن

بلاوصف المتمکن  والاتصالِ[115]

[معنيٰ: عرش جو ربّ عرش کان مٿي آهي، پر اهو هڪ هنڌ رهڻ ۽ ڪنهن سان گڏجڻ جي وصف کان سواءِ آهي.]

        (رب تائين) پُهچڻ جي نشاني هيءَ آهي ته ٻانهي ۽ ربّ جي وچ ۾ آسمان ۽ ٻيا جيڪي جهان آهن سي سڀئي هٽي وڃن.

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

فَأَيْنَمَا تُوَلُّوا فَثَمَّ وَجْهُ اللَّهِ   (115:2:1)

[ترجمو: اوهين جيڏانهن به منهن ڪريو تيڏانهن الله جو منهن آهي.]

إِنَّ كِتَابَ الْأَبْرَارِ لَفِي عِلِّيِّينَo وَمَا أَدْرَاكَ مَا عِلِّيُّونَo كِتَابٌ مَّرْقُومٌo يَشْهَدُهُ الْمُقَرَّبُونَo  (21:83:30 -18)

[ترجمو: بيشڪ تابعدارن جو ڪتاب مٿاهين درجي علّييّن ۾ آهي ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته علّييّن جي حقيقت ڇا آهي؟ اهو هڪ مُهر لڳل لکيل ڪتاب آهي جو (الله جا) مقرب ان وٽ زيارت لاءِ حاضر ٿين ٿا.]

مولوي رومي چوي ٿو:

        چون محمد پاک شد از نار ودود

هر  کجا  رو کرد  وجھ الله  بود

[معنيٰ: جڏهن محمد ڪريم ﷺ جن جي ھستي باهه ۽ دونهي کان پاڪ ٿي، تڏھن جيڏانهن به مُنهن ڪيائين، اتي الله  کي لڌائين.]

 ‘مڪتوبات احمدي’ وارو فرمائي ٿو ته آخرت ۾ ديدار (ربّ کي ڏسڻ) عرش جي کلڻ سان ٿيندو.

        عالمي   خواهم   ازين   عالم برون

من ازان شهر کلانم نه ازين ده که شما

[معنيٰ: مان اھڙو جهان گھران ٿو، جيڪو ھن جھان کان ٻاھر ھجي، اسين ان وڏي شهر جا آهيون ۽ هن ننڍڙي وستيءَ جا نه آهيون.]

        (مطلب ته) مٿي (قلبي) توجهه ۾ جيتري استقامت حاصل ٿيندي، اوتروئي نفس مرندو ۽ نفس جا واسطا فنا ٿيندا ۽ مخلوق کان عروج ٿيندو. ايتري قدر جو دل بغير واسطي جي ميٺاڄ جي لذت محسوس ڪندي، انهيءَ کان مٿي ٻي ڪهڙي سعادت حاصل ٿيندي، ايستائين جو ان جي دل بغير روڪيندڙ جي شريعت جي حڪم قبول ڪرڻ ۽ ان جي مٺاس چکڻ واري ٿئي. ان سعادت کان سواءِ ٻيا (جيڪي) حال ۽ وجد (ظاهر ٿين سي) ڌوڪو آهن.

        هر که بخرابات نه شد بي دين است

زير آنکه خرابات  اصول  دين است

[معنيٰ: جيڪو (الله جي لاءِ فاني) مست نه ٿيو اهو بي دين آهي، ڇاڪاڻ ته (الله لاءِ فنا) مست ٿيڻ دين جو اصول آهي.]

دنيا جي تعلق وارو حق کان پري آهي.

        اي نه کرده دل از علائق صاف

مزن   از  دانش  حقائق   لاف

[معنيٰ: دل دنياوي واسطن کان صاف نه ڪئي اٿئي، (ته پوءِ) حقيقت جي ڄاڻڻ جي ٻٽاڪ نه هڻ.]

اسرار حقيقت نه شود حل بسوال

نه  بزر  باختن  وحشمت   و مال

تا ديده دل خون نشود پنجاه سال

[معنيٰ: حقيقت جا راز پڇڻ سان حل نه ٿا ٿين، اهي نڪي مال لٽائڻ ۽ نه ئي مال جي حشمت سان حل ٿين ٿا، جيستائين دل جي اک پنجاه سال رت نه روئي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: ٽن (قسمن جي ماڻهن) جي صحبت کان پاسو ڪرڻ گهرجي، هڪ جاهل صوفي، [116] ٻيو خوشامدي (جيڪو سچ کي لڪائڻ وارو آهي) ۽ ٽيون غافل عالم.

آئـون چـوان ٿو ته: ان تي سوچ ويچار ڪريو، جيڪو جاهل، غافل ۽ خوشامدي هجي. پوءِ جنهن ۾ اُهي سڀ ڳالهيون هجن (ته ساڳيو ئي حڪم لڳائبو). ان ڪري مطلق عالم، عارف يا مخلص قاري ئي حجت آهي. (هن ڳالهه مان) گهڻو ڪري مراد هيءَ آهي ته جنهن ۾ اهي (سڀ) صفتون گڏ هجن، انهن کان بچڻ گهرجي. حديث شريف ۾ آهي:

الناس عالم او متعلم وسائر الناس کالهمج

[ترجمو: ماڻهو عالم هجي يا شاگرد  باقي سڀئي ماڻهو مکين وانگر بُکيا هوندا آهن.]

               سلطان الاولياء فرمايو: انسان خدا جي ٻن آڱرين جي وچ ۾ ائين آهي، جيئن بازيگر جي هٿ ۾ ڀولڙو راند ڪندو آهي.

   ­            آئون چوان ٿو: خاقاني چيو آهي:

دل من پير تعليم است من طفلِ زبان دانش

[معنيٰ: منهنجي دل پير وانگر تعليم ڏيندڙ آهي، آئون سمجهه ۽ دانش واري زبان جو شاگرد آهيان.]

                سلطان الاولياء فرمايو: طريقي جو اختلاف خراب آهي، تنهنڪري صحبت جي اجازت ان کي ڏجي، جيڪو (مُرشد جي ) محبت ۾ فنا هجي ۽ ٻين مشائخن جي محبت (پنهنجي مُرشد جي مقابلي ۾) نه رکي.

دو شاهان نه گنجد بريک سرير

مکمل  نه  باشد  مريد  دو پير

[معنيٰ: ٻه بادشاهه هڪ تخت تي نٿا ويهي سگھن، هڪ مريد ٻن پيرن وٽان ڪامل نه ٿيندو.]

 اهڙيءَ طرح مريد ان پير جي صحبت نه ڪري، جنهن ۾ شريعت جي انحرافي جا آثار ڏسڻ ۾ اچن. ڇاڪاڻ ته شريعت جي وار جيتري به مخالفت محبت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيندڙ آهي. باقي ڪن سالڪن جي شريعت جي ڪن عملن ۾ سُستي شرعي مخالفت جي ڪري نه آهي، پر ڪنهن معاملي ۾ سهو جي غلبي سبب ائين آهي. باقي رند ته عقل وارا هوندا آهن، چريا ڪونه هوندا آهن.

خلق مجنون است و مجنون عاقل است

خلق  از  احوال   مجنون   غافل  است

[معنيٰ: مخلوق چري آهي ۽ مجنون عقل وارو آهي، خلق مجنون جي احوالن کان اڻ واقف آهي.]

                سلطان الاولياء فرمايو: جيڪڏهن طالب کي ڪشف کان پوءِ حجاب ٿئي ته انهيءَ حجاب کي پري ڪرڻ جو طريقو اهو آهي جيڪو اڳ ۾ ذڪر ٿيو آهي(يعني ڪنهن به صفت جو خيال نه ڪري ۽ نڪي انهن جي گُھر ڪري.)

               سلطان الاولياء فرمايو: مُرشد آهي کوهه وانگر ۽ مُريد آهي ٻوڪي وانگر، جيڪڏهن کوهه ۾ پاڻي نه هوندو ته ٻوڪي ۾ ڪئين ايندو؟

   ­            آئون چوان ٿو: ٻنهي جي مناسبت ۾ فقيهن جو هي قول آهي ته“مسئلة البير جُحط” يعني:کوهه جو مسئلو جُحط آهي. اهو مثال مرشد ۽ مريد ٻنهي جي ڪوڙي يا سچي هجڻ لاءِ آهي.

مولوي جامي چيو آهي:       

هر  مرتبه   از  وجود  حکمي  دارد

گر حفظ مراتب نه کني زنديقي[117]

[معنيٰ: هر مرتبي بابت وجود جو جدا حڪم آهي، جيڪڏهن مرتبن جو خيال نه ڪندين ته زنديق (بي دين) ٿي پوندين.]

مولوي رومي چيو آهي:

        از لقائي هر کسي چيزي خوري

و از قِران  هر قرين  چيزي بري

[معنيٰ: تون هر ملڻ واري مان فيض لهندين ۽ تون هر ساٿيءَ مان ڪجھ پرائيندين.]

حديث شريف ۾ آهي ته:

لِکُلِّ اِمريءِ مَّانُويٰ

[ترجمو: هر ماڻهوءَ کي اها ئي شيءِ ملي ٿي، جنهن جي هو نيت ڪري ٿو.]

               سلطان الاولياء فرمايو: هن طريقي ۾ عقل جڏو آهي.

   ­            آئـون چـوان ٿـوته: ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته نبوت توڻي ولايت عقل جي طريقي کان سواءِ آهي. فلسفي “عالمِ امر” کان انڌو آهي، ڇاڪاڻ ته انبيائن جي اطاعت جو سُرمون سندن اکين ۾ پيل نه آهي. ڪتاب ‘فتح القدير’ ۾ کوهه جي مسئلن ۾ لکيل آهي ته حضور ڪريم ﷺ جن جي تابعداريءَ ۾ ائين هج، جيئن انڌو هلائڻ واري سان گڏ هوندو آهي. ڪتاب ‘مڪتوبات الزّڪيه’ ۾ آهي ته نفس ناطقه ان نفس جو نالو آهي، جيڪو پاڪائي جو محتاج آهي. عقل اُهي شيون سمجهندو آهي، جيڪي ان جي سمجهه جون آهن پوءِ اُهي ٻئي نفس ۽ عقل “عالم خلق” کان آهن، (اُهي) “عالم امر” ۽ شروعات کان نه آهن. ۽ “عالمِ امر” جي شروعات دل آهي، دل ان گوشت جي ٽڪري جو نالو آهي جنهن جو ذڪر کاٻي بُبي هيـٺان (لطيفي قلبي جي بيان ۾) اسان ڪيو آهي ۽ عقل انهن معاملن ۾ گهرائي کان قاصر آهي ۽ غيب محض ۾ عقل گمراهه ڪندڙ ۽ نقصان وارو آهي.

 مولوي رومي  چيو آهي:

        نيست  از عاشق کسي ديوانه  تر

عقل از سودائي او کوراست وکر

[معنيٰ: عاشق کان وڌيڪ ٻيو ڪير ديوانو هوندو، عقل ان جي سوداء کان انڌو آهي.]

عقل   راه   نا اميدي  کي  رود

عشق باشد کان طرف برسر رود

[معنيٰ: عقل نااميديءَ جي رستي تي ڪيئن هلندو؟، اهو عشق  آهي جيڪو ان رستي تي ڊوڙي ٿو.]

لا اُبالي  عشق  باشد  ني  خرد

عقل آن جويد کز و سودي برد

[معنيٰ: بي خوف عشق ئي هوندو آهي، عقل نه هوندو آهي، عقل ته هر وقت نفعو ڳوليندو آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: حضرت ابراهيم ؑ توڪل ڪئي ته جهنم (باهه) کي جنت (باغ) ڏٺائين، پر جيڪڏهن (ڪنهن غير کي) وسيلو وٺي ها ته حضرت زڪريا ؑ وانگر هجي ها.

   ­            آئون چوان ٿوته: هن مضمون جو هيءُ بيت آهي:

شجر  زکريا  و نار خليل

اين چه علم است علم اسباب است

[معنيٰ: حضرت زڪريا ؑ جو وڻ ۽ حضرت ابراهيم خليل الله ؑ جي باهه اهو ڪهڙو علم آهي، جيڪو اسباب جو علم آهي.]

اهو نڪتو توڪل جي علم ۾ ڪافي آهي.  

        غم دنيا  غم دين  شود  در دل  ما

باده گر خام بود پُخته کند شيشه ما

[معنيٰ: اسان جي دل ۾ دنيا جو غم دين جو غم ٿي ويندو آهي، شراب جيڪڏهن ڪچو آهي ته اسان جو شيشو (روح) ان کي پڪو ڪري ڇڏيندوآهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو:

        صوفي نشود صافي تا در نکشد جامي[118]

بسيار  سفر   بايد   تا  پُخته   شود   خامي

[معنيٰ: تيستائين صوفي صفا صاف نه ٿيندو، جيستائين جام نه ٿو پيئي، ۽ گهڻن سفرن جون تڪليفون ڏسي پڪو نه ٿو ٿئي.]

آئـون چـوان ٿـو ته: صوفـيءَ مـان مـراد نـور وارو آهـي ۽ جـام مـان مراد مـحبت آهي ۽ گهڻا سفر اضافي محبت جي زائل ٿيڻ جو ڪنايو آهن. پوءِ ڇو نه اها اضافي محبت ڀلي کڻي نور ئي هجي، تڏهن به محبوب معين کان سواءِ مُحِبّ ٿي پوندو. (جيئن چيو اٿن ته)

اِذَا تَمَّ الفَقر فَهُوَ الله

[يعني جڏهن فقر پورو ٿيندو آهي ته پوءِ اهوئي الله تعاليٰ آهي.]

صائب چيو آهي:

        ازحجاب ظلمت آسان است بيرون آمدن

سدّراه سالکان را چون حجاب نور نيست

[معنيٰ: اوندهه جي حجاب مان ٻاهر نڪرڻ آسان آهي، پرسالڪن جي رستي جي رڪاوٽ  نور جي حجاب کان وڌيڪ نه آهي.]

مولوي رومي چيو آهي:

        اين  نجاسئه  ظاهر  از  آبي  رود

وآن نجاسئه باطن افزون مي شود

[معنيٰ: بدن جي ظاهري پليتي پاڻي سان پري ٿي ويندي، پر باطن واري پليتي پاڻ وڌي ويندي آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: قرآن جي حروف مُقطعات جي لاءِ هڪ ذوق آهي، ٿورن ماڻهن کان سواءِ ٻين کي اهو ذوق حاصل نه آهي ۽ اهي راسخون في العلم آهن، جيڪي شريعت جي صورت ۾ ان جي رازن جا جامع آهن.

   ­            آئون چوان ٿوته: راسخين تي جيڪي راز ظاهر ٿيندا آهن، اهي وجودي ڪونه هوندا آهن. جيئن “مڪتوبات احمدي” ۾ آهي.

 

              سلطان الاولياء فرمايو: حريت يا آزادي هڪ معين ذوق جو نالو آهي.

   ­            آئون چوان ٿوته: صوفين جو هي چوڻ آهي ته معلوم خراب آهي ۽ خراب سُٺي جو ضد آهي جيڪو خراب ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

جامي پنهنجي ديوان ۾ چوي ٿو:

 داري هوائي ميکده ترک سبب بگو

راز طريق  اهل  اراده  توکل  است

[معنيٰ: شراب خاني جي خواهشن کي ڇڏڻ جو سبب ٻُڌاءِ، خبردار، ارادي وارن جي طريقت جو راز توڪل آهي.]

ڄاڻڻ گهرجي ته اهو صاحب حال جنهن جي رهنمائي قبول ڪجي، اهو دلين جي اکين سان ڏسندو آهي. ان وٽ هلاڪت ۽ تباهي ڪونه هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته هلاڪت اختيار ڪرڻ حرام آهي. اصل فتويٰ دل جي آهي، اها شيءِ خراب آهي جيڪا ربّ کان روڪي، پوءِ اها شيءِ وجودي هجي يا عدمي. جيئن (امام) غزالي ‘احياءُ العلوم’ ۾ ثابت ڪيو آهي وغيره.

                سلطان الاولياء فرمايو: فتويٰ ڏکيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو بنياد قياس ۽ اندازي تي آهي[119] ۽ دعويٰ رڪاوٽ ۽ جڳهڙي جو بنياد آهي.

   ­            آئون چوان ٿوته: هڪڙي “نهي” روڪڻ جو مثال آهي ته ڇيڻي جي لٽ ۽ غُبار معاف آهي، پر توهان غبار جي حد ڪيتري چوندؤ، جيڪا تڪليف کان سواءِ سمجهي سگهجي.

(هن ڳالهه جو) خلاصو هي آهي ته فتويٰ تحقيق جي فرع آهي ۽ اها ڪنهن هڪ شيءِ جو اهڙي نموني سان ادراڪ ۽ سمجهه آهي جو ان ۾ ڪو به شبهو نه رهي. جيئن ڪتاب ‘شرح المفتاح’ ۾ آهي ۽ اهو تمام پيارو مقام آهي. انهيءَ ڪري “اُصولين” چيو آهي ته بيشڪ مُفتي، مُجتهد ۽ مُقلد فتويٰ نقل ڪندڙ آهي ۽ هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته تحقيق کان سواءِ فتويٰ نقل ڪرڻ بيڪار آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو شخص اهل کي ڪتاب اُڌاري ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو ته پوءِ ڀلي اهو(شخص) ڪتابن کي وهاڻي وانگر پنهنجي مٿي هيٺان قبر ٺاهي رکي ڇڏي.

آئون چوان ٿوته: (اهو شخص قرآن شريف جي) هن حڪم:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org