سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:10 

هن تقرير جو خلاصو هي آهي ته غير خدا کان دل کي پري ڪرڻ گهرجي. محدثن جي هِن قول جو مطلب به ساڳيو ئي آهي ته ”مدار الفضل قصر الامل“ يعني بزرگيءَ جو دارومدار اُميد کي گهٽ ڪرڻ تي آهي. عارفن جي هِن قول جو به اهو ئي مطلب آهي ته ”وصول الذات باسقاط الاضافات“ يعني ذات باري تعاليٰ تائين پهچڻ تڏهن ٿيندو، جڏهن اضافتن ۽ نسبتن کي ڇڏي ڏبو ۽ عالمن جي هِن ٻول جو به اهوئي مطلب آهي ته “اصل الکرامات تقليل الحاجات” اصل ڪرامت ضرورتن کي گهٽائڻ تي آهي.

جيئن مولوي رومي چيو آهي:

چشم را اي چاره  جو  در لامکان [20]
هين  بنہ  چون چشم کشته سوئي جان

[معنيٰ: اي علاج جا طالب! پنهنجي اکين کي لامڪان ۾کپاءِ، جيئن (عشق ۾) ڪُٺل جي اک ساهه ڏانهن هوندي آهي.]

لامکاني مسکنت  هر  جا  مکن
نزد عارف اين بود حب الوطن

[معنيٰ: تنهنجو ماڳ لامڪان آهي، جيڪو تنهنجو اصلي وطن آهي، عارفن وٽ وطن سان محبت مان اها مراد  آهي.]

در زبان الله و در دل گاؤ و خر
اين  چنين  اذکار کي دارد   اثر

[معنيٰ: زبان تي الله جو ذڪر هجي ۽ دل ۾ ڍڳي ۽ گڏهه (دنيا) جو خيال هجي، دل جي حضور کان سواءِ اهڙو ذڪر ڪهڙو فائدو ڏيندو؟]

‘اذکرالله’  کار  هر اوباش نيست
‘ارجعي’ بر پائي هر قلاش نيست

[معنيٰ: “الله کي ياد ڪريو” اهو هر ڪميڻي جو ڪم نه آهي ۽ (ٻي جاءِ تي آهي ته): “اي نفس ! پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽ !” اهو به سڀ ڪنهن جو ڪم نه آهي جو ان طرح موٽ کائي.]

از  همہ  کار  جهان  پر دا خته
کو وکو ميگو بجان چون فاخته

[معنيٰ: دنيا جي سڀني ڪمن کان الڳ ٿي، ڳيري وانگر ڪٿي آهي؟ ڪٿي آهي؟ چوندو رهه.]

گر  گذاري  انتظاري واصلي
انتظار حق نه ممکن اي ولي

[معنيٰ: اي دوست! جڏهن انتظار کي ڇڏيندين ته واصل بالله آهين. الله تعاليٰ جو انتظار ڪجي، غيرالله جو انتظار نه ڪجي.]

از محبت تلخها شيرين شود
از  محبت  مِسهّا زرين شود

[معنيٰ: محبت ۾ سڀ ڪڙيون شيون به مِٺيون لڳنديون آهن، محبت ۾ ٽامو به سون ٿي پوندو آهي.]

انتظار  چيست   محبوبت   بتو
ليک در  بغداد مي خواهي فتو

[معنيٰ: انتظار ڪنهنجو ٿو ڪرين، محبوب تو وٽ آهي. تون بغداد شهر جي ڳولا ڪيئن پيو ڪرين!]

يک سبد نان ترا بر فرق سر
تو همي جوئي لبِ نان دربدر

[معنيٰ: مانين جو پورو کارو تنهنجي مٿي تي آهي، تون وري ٻاهر (در در تي) مانيءَ جو ڳڀو ڳولي رهيو آهين.]

غير او جوئي ازان بيني حرج
صبر کن الصبر مفتاح الفرح

[معنيٰ: تون غيرالله کي ڳولين ٿو، ان ڪري توکي تڪليف پهچي رهي آهي. صبر ڪر، (ڇو ته) صبر ئي سُک جي ڪنجي آهي.]

گر زصورت بر شويد اي دوستان
جنت  است  وگلستان در گلستان

[معنيٰ: اي دوست! جيڪڏهن صورت جي قيد کان ٻاهر اچين ته پوءِ رڳو بهشت آھي ۽ باغ  ئي باغ  آهي.]

اي کمان و تير ها بر ساخته
صيد نزديک تو دور انداخته

[معنيٰ: تو طلب جي تير ۽ ڪمان کي  تيار رکيو آهي، شڪار تنهنجي ويجھو موجود  آهي، پر تو تير کي پري اُڇلايو آهي.]

آز مودم  عقل  دور  انديشه  را
بعد ازان ديوانه خواهم خويش را

[معنيٰ: مون عقل کي گھڻو ئي آزمايو آهي جيڪو ويجهي کي ڇڏي، پري جو فڪر ڪري ٿو. ان ڪري آئون پاڻ کي چريو بنائڻ گھران ٿو.]

ويسه ورامي تو هم ذات تست
واين برونيها همہ آفات تست

[معنيٰ: ويسئه (عاشق جو نالو) ۽ رامي (معشوق جو نالو) ٻئي تنهنجي ذات جو اولڙو آهن، اُهي سڀئي ٻاهريون شيون تنهنجي لاءِ  آفتون آهن.]

دولت تو هم تو باش اي مجتبيٰ
تا نگر  دي  وقت رحلت  بي نوا

[معنيٰ: اي صدورا! تون پنهنجو خزانو پاڻ آهين، متان هتان وڃڻ مهل خالي ھٿين وڃين.!]

        هن تحقيق مان توهان کي معلوم ٿيو ته محبت ذات سان هجي. تڏهن “محبت” کي دوست رکندڙ ٿيءُ ۽ مخصوص محبوب کي دوست نه رک. مطلب توحيد هِن مطلق محبت کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ نه آهي.

”هر کجا مي نگرم روئي ترامي بينم

[معنيٰ: جيڏانهن ٿو نگاهه ڪريان تيڏانھن تنهنجو جلوو ٿو پسان.]

هن تحقيق جو نالو“ارشاد العباد الي المراد” (ٻانهن کي سندن مراد ۽ مطلب جو ڏس ڏيڻ) رکيو وڃي ته بهتر ٿيندو.

             سلطان الاولياء فرمايو: ( حافظ شيرازي چوي ٿو.)

گوئي  توفيقِ  سعادت  در ميان افگنده اند
کس بميدان رُو نمي آرد سواران را چه شد

[معنيٰ: سعادت کي هٿ ڪرڻ وارو کينهون وچ ۾ اُڇلايو اٿن پر ڪو به طلب واري ميدان ۾ نه ٿو اچي، عاشقن کي الائجي ڇا ٿيو آهي؟]

   ­            آئون چوان ٿو ته:

هر گدائي مرد ميدان کي شود
پشئه  آخر  سليمان  کي  شود

[معنيٰ: هر ڪو سوالي بادشاھ جو ماڻهو ڪيئن ٿيندو؟ جيڪو مڇر آهي، سو سليمان ؑ ڪيئن ٿيندو؟]

پوءِ جيڪڏهن توهان پُڇو ته ميدان جي معنيٰ ڇا آهي؟ ته ان جي جواب ۾ اسين چونداسون ته ميدان جي معنيٰ آهي الله جي يادگيريءَ ۾ ٻنهي جهانن کي وسارڻ. ڪامل ايمان مان به اها ئي مُراد آهي. [21]

 جيئن حديث شريف ۾ آهي: لن يؤمن احدکم حتيٰ يکون  الناس عنده کالا باعر

 [ترجمو: اوهان مان ايستائين ڪو به مؤمن نه ٿو ٿئي، جيستائين اُن وٽ ماڻهو اُٺ جي ڦولڙين وانگر بي فائده نه هجن.]

 اهو ٻنهي جهانن کي وسارڻ ٻين لفظن ۾ اسلامي جنون آهي، جيڪو حق کي ظاهر ڪرڻ جو سبب آهي. اهڙي جذبي وارو ٿورن خواھ گهڻن مخالفن جي پرواهه نه ڪندو آهي.

 الله تعاليٰ فرمايو آهي:           وَلا يَخَافُونَ لَوْمَةَ لآئِمٍ         (54:5:6)

[ترجمو: ۽ اهي الله ڪارڻ ڪنهن به ملامت ڪندڙ جي ملامت جي پرواهه نه ڪندا آهن.]

ان (حق جي اظهار ڪرڻ) جو نالو “سنت صديق اڪبر ؓ” آهي. ڇاڪاڻ ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه حق ظاهر ڪيو ۽ ماڻهن جي پرواهه نه ڪيائين. جيئن حضور اڪرم ﷺ جي بُرقعي مٽائڻ واري ڏينهن فرمايائين ته:

امامن کان يعبد الله فان الله حيّ لا يموت ومن کان يعبد محمّداً فان مُحَمّداً قدمات

[ترجمو: جيڪو الله جي عبادت ڪري ٿو ته الله سدائين جيئرو آهي ۽ سدائين زندھ رهندو، جيڪو محمّد ﷺ جي عبادت ڪري ٿو، ان کي ڄاڻڻ گهرجي ته محمد ﷺ بُرقعو مٽائي ويا.]

ٻنهي جهانن کي وسارڻ جو ٻيو نالو “وصل عرياني” آهي. جنهن جي سمجھاڻي هي آهي ته حقيقي معبود جو ڪنهن مظهر کان سواءِ ظاهر ٿيڻ وصل عرياني آهي، جيڪو صحابين سڳورن کان پوءِ نهايت اڻ لڀ آهي. توڪل جي نشاني هي آهي.

جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي:  وَعَلَى اللَّهِ فَتَوَكَّلُوا إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ    (23:5:6)

[ترجمو: الله تي ئي ڀروسو ڪريو، جيڪڏهن اوهين مؤمن آهيو.]

‘تفسير مدارڪ’ ۾ آهي ته غير الله کان لاڳاپو ٽوڙڻ ۽ ماڻهن جي چاپلوسي ڇڏڻ جو نالو توڪل آهي ۽ توڪل جو شرط آهي ٻانهو نفساني غرض ۽ خيال ڇڏي ڏي.

الله تعاليٰ جي هن فرمان: 

الله تعاليٰ جي هن فرمان:  وَمَن يَتَوَكَّلْ عَلَى اللَّهِ فَهُوَ حَسْبُهُ    (3:65:28)

[ترجمو:- جيڪو الله تعاليٰ تي توڪل ڪندو ان لاءِ الله ئي ڪافي آهي.]

 ھن جو تفسير پڻ هن طرح ڪيو ويو آهي ته جيڪو ماڻهو طمع ۽ تدبير ڇڏي پنهنجو ڪم الله جي حوالي ڪندو، تنهن لاءِ الله ٻنهي جهانن ۾ ڪافي آهي. ڪن محققن چيو آهي ته الله کي وٺڻ ۽ مخلوق کان ناتو ٽوڙڻ ئي توڪل آهي. توڪل جي بيان بابت مولوي جامي جي هنن بيتن  جي معنيٰ به سمجهه ۾ اچي ٿي:

شيوه  فقر  و فنا  پرده دري ست
کسب  اسباب بود پرده گري ست

[معنيٰ: فقر ۽ فنا جي رسم جو مطلب حجاب کي ٽوڙڻ آهي، دنيا جي اسباب کي گڏ ڪرڻ پردو مضبوط ڪرڻ آهي.]

مرد  مي  همہ  را  يکسونه
ور نه از فقر و فنا زن توبه

[معنيٰ: مڙسي ڪر، غير جي سڀني پردن کي هٽاءِ، جيڪڏهن تون پردا نٿو هٽائي سگهين ته پوءِ فقيري ۽ فنا کان ڀڄي پري ٿيءُ!]

داري هوائي ميکده ترک سبب بگو
زاد  طريق  اهل  ارادت  توکل است

[معنيٰ: جيڪڏهن شراب خاني جي خواھش رکين ٿو ته سببن کي ڇڏ، ارادتمندن جي واٽ جو سامان الله تي ڀروسو ڪرڻ آهي.]

 مولوي رومي جي هنن بيتن جي معنيٰ به (توڪل بابت) ظاهر ٿي پئي:

[ترجمو:- جيڪو الله تعاليٰ تي توڪل ڪندو ان لاءِ الله ئي ڪافي آهي.]

 ھن جو تفسير پڻ هن طرح ڪيو ويو آهي ته جيڪو ماڻهو طمع ۽ تدبير ڇڏي پنهنجو ڪم الله جي حوالي ڪندو، تنهن لاءِ الله ٻنهي جهانن ۾ ڪافي آهي. ڪن محققن چيو آهي ته الله کي وٺڻ ۽ مخلوق کان ناتو ٽوڙڻ ئي توڪل آهي. توڪل جي بيان بابت مولوي جامي جي هنن بيتن  جي معنيٰ به سمجهه ۾ اچي ٿي:

شيوه  فقر  و فنا  پرده دري ست
کسب  اسباب بود پرده گري ست

[معنيٰ: فقر ۽ فنا جي رسم جو مطلب حجاب کي ٽوڙڻ آهي، دنيا جي اسباب کي گڏ ڪرڻ پردو مضبوط ڪرڻ آهي.]

مرد  مي  همہ  را  يکسونه
ور نه از فقر و فنا زن توبه

[معنيٰ: مڙسي ڪر، غير جي سڀني پردن کي هٽاءِ، جيڪڏهن تون پردا نٿو هٽائي سگهين ته پوءِ فقيري ۽ فنا کان ڀڄي پري ٿيءُ!]

داري هوائي ميکده ترک سبب بگو
زاد  طريق  اهل  ارادت  توکل است

[معنيٰ: جيڪڏهن شراب خاني جي خواھش رکين ٿو ته سببن کي ڇڏ، ارادتمندن جي واٽ جو سامان الله تي ڀروسو ڪرڻ آهي.]

 مولوي رومي جي هنن بيتن جي معنيٰ به (توڪل بابت) ظاهر ٿي پئي:

”لو کنت متخذا خليلا غير ربي لا تخذت ابابکر خليلا

[ترجمو:جيڪڏهن آئون پنهنجي ربّ کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي خليل (دوست) ڪري وٺان ها ته ابوبڪرؓ کي بنايان ها.]

آئون چوان ٿو ته: ان ڪري جيڪو صديقي طريقي جي طلب ڪري ته ان جي واٽ ترڪ (سڀ مال ڇڏڻ ۽ خرچ ڪرڻ) آهي. ڪنهن عارف ڪهڙو نه چڱو چيو آهي ته:

”مقادير النفقة موازين المحبة

[ترجمو: خرچ ڪرڻ جا انداز محبت جون تارازيون آهن.]

 شيخ سعدي چيو آهي:

”مجرد رو و خانه بردار باش

[معنيٰ: لاڳاپن کان سواءِ وڃ ۽ گهر کي خالي ڪر]

هن (ڳالهه جو) خلاصو هي آهي ته مال روح کي وڻندڙ آهي ۽ مال کي الله جي راهه ۾ اهوئي خرچ ڪندو، جيڪو الله جي دوستيءَ ۾ سچو هوندو. ان ڪري جيڪو ايثار ۾ ڪامل هوندو، سوئي سچو آهي. صدقي کي صدقو هن ڪري چيو وڃي ٿو جو صدقي ڪرڻ وارو الله جي سچي محبت جي خبر ڏيئي رهيو آهي. امام غزالي ڪتاب ‘احياءُ العلوم’ ۾ چيو آهي ته ٽي سئو خصلتون اهڙيون آهن، جي انهن مان ڪا هڪ خصلت به ماڻهو پاڻ ۾ پيدا ڪندو ته اهو بهشت ۾ داخل ٿيندو. انهن خصلتن مان سڀ کان ڀلي سخا آهي ۽ سخا جو مطلب آهي ته دنياوي غرضن کان سواءِ الله جي راهه ۾ مال خرچ ڪرڻ ۾ لذت محسوس ڪرڻ.

مولوي (رومي) چيو آهي:

ترک  لذتها  وشهوتها سخا است
عروة الوثقيٰ اين ترک هوا است
 

[معنيٰ: دنيا جي لذتن ۽ خواهشن کي ڇڏڻ سخا آهي، سخا جي مضبوط ڪڙي دنياوي خواهشن کي ڇڏڻ  آهي.]

 شيخ سعدي چيو آهي:

بايثار   مردان  سبق   برده    اند
نه شب زنده داران که دل مرده اند
 

[معنيٰ: هنن ايثار (سخا) ۾ اڳرائي ڪئي آهي، اهي انهن وانگر ناهن جيڪي رات جو سجاڳ ته آهن پر سندن دل مئل آهي.]

‘مڪتوبات احمدي’ ۾ انهيءَ مضمون جو  هي بيت آهي:

شيوه  اهلِ کرم   ايثار   است
هر کراکرم نيست بيمار است

[معنيٰ: سخي مڙسن جي عادت سخا ڪرڻ آهي، جنهن وٽ سخا نه آهي اهو بيمار آهي.]

             سلطان الاولياء فرمايو: نڪاح لاءِ ٻن طبيعتن ۾ هڪجھڙائي هئڻ ضروري آهي.

آئون چوان ٿو ته: هن ڳالھ جو اصل الله تعاليٰ جو هي فرمان آهي:

وَلا تُؤْمِنُوا إِلا لِمَن تَبِعَ دِينَكُمْ     73:03:03

[ترجمو: اوهين رڳو ان تي ايمان آڻيو (اعتبار ڪريو) جيڪو اوهان جي دين جو پوئلڳ ٿئي.]

حافظ (شيرازي) چيو آهي:

”روح را صحبت نا جنس عذاب است اليم

[معنيٰ: روح لاءِ نه وڻندڙ ماڻهوءَ جي صحبت دردناڪ عذاب آهي.]

“صائب” چيو آهي:

من بدوزخ مي روم زاهد اگر در جنت است
دوزخ  ارباب معني صحبت بي نسبت است

[معنيٰ: جيڪڏهن زاهد بهشت ۾ آهي ته آئون دوزخ ڏانهن وڃان ٿو، ڇاڪاڻ ته حقيقت وارن وٽ ناموافق ماڻهوءَ جي صحبت دوزخ برابر آهي.]

فقهه جي ڪتابن، جيئن ‘جامع الرموز’ وغيره ۾ آهي ته اخلاق ۽ عادتن جي اختلاف سبب طلاق ڏيڻ مستحب آهي. ڪتاب ‘احياءُ العلوم’ ۾ آهي ته عارفن وٽ مستحب جو ڇڏڻ ڪبيرو گناهه آهي.

            سلطان الاولياءَ فرمايو: انسان خيال تي قائم آهي، جي خيال گم ٿيو ته انسان به گم ٿي ويندو. [23]

   ­            آئون چوان ٿو ته: طريقت وارو موت خيال کان لنگهي الله سان بيهڻ جو نالو آهي.

حافظ چيو آهي:

من همان روز ز فرهاد طمع به بريدم
که عنان  دل  شيدا  بکف  شيرين داد.

[معنيٰ: مون ان ڏينهن فرهاد عاشق کان آسرو لاهي ڇڏيو، جڏهن اُن پنهنجي پريشان دل جي واڳ شيرين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي.]

             سلطان الاولياءَ فرمايو: دنيا جي شين مان نبي ڪريم ﷺ عورت، خوشبوءِ ۽          نماز کي پسند ڪندا هئا.

   ­            آئون چوان ٿو ته: مولوي رومي جي هن بيت ۾ ان ڳالهه ڏانهن لطيف اشارو آهي:

جز  نماز و بوئي خوش روئي زن
چيست محبوب نبي در اين چمن

[معنيٰ: نماز، خوشبوءِ ۽ سهڻي عورت کان سواءِ، نبيءَ جو محبوب هن دنيا ۾ ٻيو ڇا آهي؟]

                سلطان الاولياء فرمايو: عورتون شيطان جون رسيون آهن.

   ­            آئون چوان ٿو ته: وڏي مُرشد سائين جو اهو فرمان حديث شريف جا لفظ آهن ۽ سندن اها راءِ هوندي هئي ته، مُبتديءَ (سيکڙاٽ) لاءِ نڪاح ڪرڻ گناهه آهي. ڇاڪاڻ ته هو شادي کان پوءِ گهر ٻار ۽ روزيءَ جي فڪر ۾ مشغول ٿي ربّ کان غافل ٿي ويندو. (بلڪ) ڪن بزرگن جو چوڻ آهي ته مُبتدي لاءِ شادي ڪرڻ وڏو گناهه آهي.

شيخ سعدي چيو آهي:

غم فرزند ونان وجامئه قوت
بازت  آرد ز سيرت ملکوت.

[معنيٰ: اولاد، ماني، ڪپڙي ۽ پيٽ جو فڪر توکي ملڪوتي عادتن کان روڪيندو.]

جڏهن پاڻ (حضرت سلطان اولياء قدس سره جن) اهو (مٿيون ارشاد) فرمايائون، تڏهن هڪ بي سمجھ کانئن هي (سوال) پُڇيو ته سائين! اوهان پاڻ ڇو شادي ڪئي آهي؟ پاڻ جواب ۾ فرمايائون ته، مون هن لاءِ شادي ڪئي آهي ته جيئن زال منهنجو سامان سنڀالي رکي.

مطلب ته طريقت جو مُبتدي ڪونري وانگر هوندو آهي ۽ منتهي درياء وانگر آهي. حضرت رسول الله ﷺ جن ارشاد فرمايو آهي ته:

زوجاتي اعوان علي الطاعة

[ترجمو: منهنجون گهر واريون منهنجي عبادت ڪرڻ تي منهنجي مدد ڪنديون آهن.]

هن ڳالهه جو خلاصو مولوي رومي جو هي بيت آهي:

تا تو نمرودي  در  آتش  مرو
گرتوخواهي اول ابراهيم شو.

[معنيٰ: جيستائين تون نمرود (ڪافروانگر) آهين ته باهه جي ويجهو نه وڃ، جيڪڏهن تون باهه ۾ وڃڻ گهرين ٿو ته اڳ ۾ حضرت ابراهيم وانگر ٿيءُ.]

        (حضرت وڏي مُرشد سائين سلطان الاولياء قدس سره) جي قول ۾ رسين جي شيطان ڏانهن نسبت جا ٻه مطلب آهن. پهرين صورت ۾ مطلب هي ٿيندو ته عورتون اهڙيون رسيون آهن جنهن سان ڪامل انسان، شيطان کي بند ڪندا آهن. ٻي صورت ۾ معنيٰ هيءَ ٿيندي ته مُبتدين لاءِ زالون اُهي رسيون آهن جو انهن سان شيطان سيکڙاٽن کي قيد ڪندو آهي.

 جيئن مولوي رومي چيو آهي:

چون بي يسکن اليهاش آفريد
کي  تواند  آدم  از حوّا  بريد

[معنيٰ: قرآن شريف موجب آدمؑ مان حوّا کي پيدا ڪيوسون ته ان سان آرام وٺـي. ان صورت ۾ آدم حوا کان جدائي ڪيئن ڪري سگهندو؟]

الله تعاليٰ فرمايو آهي:  يُفَرِّقُونَ بِهِ بَيْنَ الْمَرْءِ وَزَوْجِهِ   (102:02:01)

[ترجمو: اهي جادوگر مرد ۽ سندس زال جي وچ ۾ جدائي وجهن ٿا.]

 مطلب ته جُدائي دشمن جي خواهش آهي.

جيئن مولوي رومي چيو آهي:

تا تواني پا منہ اندر فراق

[معنيٰ: جيستائين تون طاقت رکين ته جدائي ۾ پير نه رک.]

جيئن حديث شريف ۾ آهي:       ابغض الاشياءَ عندي الطلاق

[ترجمو: حلال شين مان وڌ ۾ وڌ خراب شيءِ طلاق ئي آهي. مطلب ته جنهن سان جدائي ٿئي ٿي.] 

شريعت ۽ طريقت ٻئي هڪ آهن. جيئن ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي. پوءِ جيڪو ماڻهو اها ڳالهه سمجهي وڃي، تنهن کي هتي يا (هن جهڙن) ٻين موقعن تي وڌيڪ تقرير ڪري سمجهائڻ جي ضرورت نه آهي.

            سلطان الاولياء فرمايو: خوبصورت عورت کي ڏسڻ نظر کي وڌائيندڙ آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: اها ڏسڻ واري ڳالهه اهڙي عورت لاءِ آهي، جيڪا نڪاح جي ڪري حلال آهي. سهڻي زال مان سهڻي ڪعبي جي حقيقت ڏانهن اشارو آهي. ان ڳالھ جي ڪري ڪيترن عارفن ۽ ناقص ماڻهن جون جماعتون تِرڪي ويون.

 ڪنهن عارف چيو آهي:

زنان  آئينه   نور   قديم  اند [24]
در  آن  آئينه  حق  بينا کريم اند

[معنيٰ: عورتون الله جي نور جي سونهن جو جلوه گاهه آهن، چڱا ۽ نيڪ انسان زالن جي آئيني ۾ حق کي ڏسندا آهن.]

             سلطان الاولياء فرمايو: وليءَ لاءِ ولايت کي لڪائڻ واجب آهي پر جيڪڏهن الله تعاليٰ پڌرو ڪري ته ٻي ڳالهه آهي. جيڪو (پاڻ) ولايت کي ظاهر ڪندو سو ناقص آهي. جيئن ڪو چور هجي، اُن چوريءَ جي تربيت نه ورتي هجي ۽ چوري ظاهر ڪري (ائين نه ٿئي). مطلب تون الله جي مُشاهدي کي غيرن کان مخفي ڪر.

   ­            آئون چوان ٿو ته: ڪنهن چيو آهي:

اُبکي الشرق والمنزل للحبيب
بالغرب  لئلا يعلم    الجيران.

[معنيٰ: آئون اوڀر طرف مُنهن ڪري روئان ٿو، جڏهن ته منهنجي دوست جي جاءِ اولهه طرف آهي. هن ڪري ته جيئن پاڙيسرين کي خبر نه پوي ته هن جو محبوب ڪٿي آهي؟]

              سلطان الاولياء فرمايو: نقشبندي طريقي کان سواءِ ٻيا سڀ طريقا مٽجي ويندا. ڇو ته اُهي فيض کان خالي ٿي ويندا. جيڪو طريقو فيض نه پُهچائي، سو ميٽيل ڄاڻڻ گهرجي.

              سلطان الاولياء فرمايو: دل جي سلامتي اها آهي ته دل ۾ اهڙو ڪو به وسوسو نه اچي، جيڪو دل جي حضور ۽ جمعيت کي نقصان پهچائي پرِ جيڪو خطرو دل جي حضور کي نقصان نٿو پهچائي اهو مسافر آهي، اهو سرڪش  خيال نه آهي پر تون اهڙي مسافر خيال کي به صلح توڙي ڪاوڙ جي حالت ۾ دل ۾ رهڻ نه ڏي. ڇاڪاڻ ته دل ۾ اهڙي خطري جي رهڻ ڪري دل جي بادشاهه لاءِ بغاوت ۽ سرڪشيءَ جو خطرو آهي. نفس جي سلامتي هن ۾ آهي ته رڳو الله جي رضا طلبي ۽ مُئل وانگر هجي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: ‘مـڪتـوبـات احمـدي’ ۾ آهـي ته شريـعت ۾ ڪوڙي ڳالهه کي ڪوڙ چئبو آهي پر طريقت ۽ حقيقت ۾ ڪوڙي وسوسي جو نالو ڪوڙ آهي. خطري جي نفي ڪرڻ طريقت آهي ۽ دل مان خطري کي وڃائڻ حقيقت آهي. دين جي مقامات ۾ هر جاءِ تي طريقت ۽ حقيقت ۾ اهو ئي فرق آهي، جيئن ذڪر ياد ڪرڻ طريقت آهي ۽ ياد ٿيڻ حقيقت آهي.

             سلطان الاولياء فرمايو: خطري کي دل ۾ اچڻ کان روڪيندڙ صرف الاهي اسم آهي، جنهن ڏانهن هر شيءِ موٽي ٿي. ڇاڪاڻ ته اها ان سان وابسته آهي، بلڪ ان جو عين آهي.

 ڪنهن عارف چيو آهي:

بهر نقشي که مي بيني هويدا
ظهوري هست اسمي را ز اسما

[معنيٰ: جيڪو به نقش تون ظاهر ڏسين ٿو، اهو الله جي نالن مان هڪ جو ظهور آهي.]

ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هر خطري لاءِ ڪونه ڪو علمي جواب آهي، اهو صحيح نه آهي. ڇاڪاڻ ته جهڳڙو (سوال جواب ڪرڻ) سرڪش شيطان کي نه هٽائيندو آهي.

حافظ چيو آهي:

من  از  بيگانگان  هرگز ننالم
که بامن هر چه کرد آن آشنا کرد

[معنيٰ: آئون ڌارين جي ڪڏهن به گلا نه ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ ته مون سان جيڪي ڪجھ ڪيو سو دوست ئي ڪيو آهي.]

            سلطان الاولياء فرمايو: ڳالهه ڪن ٿا ته (حضرت خواجه) بايزيد بُسطامي هڪ ماڻهوءَ جي کوپري ڏٺي، جنهن جي پيشانيءَ تي هي لفظ لکيل هئا:

خَسِرَ الدُّنْيَا وَالآخِرَةَ   (11:22:17)

[ترجمو: هن جي دنيا توڙي آخرت برباد ٿي وئي.]

اهي لفظ ٻُڌي سندس خادم چيو ته ڇا اها ڪافر جي کوپري آهي، جنهن  جا ٻئي جهان خراب ٿيا؟ (اهو ٻڌي خواجه) بايزيد وراڻيو ته ائين نه آهي، بلڪ  هيءُ هڪ صوفيءَ جو مٿو آهي، جنهن ٻنهي جهانن کي جهان جي مالڪ (الله تعاليٰ) لاءِ ڇڏي ڏنو.

   ­            آئون چوان ٿو ته: حديث شريف ۾ آهي:

”مَن کَانَ لِلهِ کَانَ اللهِ لَہ

[ترجمو: جيڪو الله جو ٿيندو ته الله به ان جوئي ٿي ويندو.] [25]

             سلطان الاولياء فرمايو: جڏهن فقير کي “حق” سڏيو وڃي، جيئن (حسين بن) منصور پاڻ لاءِ (انا الحق) چيو هو ته ان جا ٻه مطلب آهن. هڪ ته جيڪڏهن سندس اهو ارادو آهي ته آئون ڪجهه نه آهيان رڳو الله جي ذات آهي ته اها ڳالهه صحيح آهي. ڇاڪاڻ ته ممڪنات جي حقيقت پنهنجي ذات جي ڪري ڪجهه به نه آهي. ممڪنات کي ڏسڻ آسمان ۽ زمين جي نور سان آهي پر جي ائين نٿو سمجھي ته سندس اهو چوڻ دُرست نه آهي. ڇاڪاڻ ته الله کان سواءِ ٻي شيءِ جو وجود ائين آهي، جيئن اڳيان ڏيڍي گهر يا مسجد جي بيڪار هوندي آهي، تيئن مخلوقات جو وجود الله جي هستيءَ اڳيان ڪجهه به نه آهي. پوءِ جنهن اهڙو ارادو ڪيو ته اها سندس غلطي آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: ‘مــڪــتــوبــات احــمــدي’ ۾ بــه ائــيــن آهــي ۽ ان مـــڪــتــوبــات ۾ (سالڪن جي) هن سخن:

اِذَا تَمَّ الفَقُرَ فَهُوَاللهُ

[يعني جڏهن فقر پڄاڻيءَ تي پهچي ته پوءِ اتي الله آهي]

 جي معنيٰ هن طرح ڏنل آهي ته فقير ڪجهه به نه آهي، موجود رڳو الله جي ذات ئي آهي.

هن تحقيق مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته ممڪن جو وجود رڳو الله جي نور سان آهي. مٿيون بحث هن ڳالھ لاءِ ڪافي آهي ته نفس جو سڃاڻڻ ربّ جي معرفت لاءِ آهي. هن شعر جي چوندڙ (قصيده برده جي مصنف) کي الله نيڪي عطا ڪري، جنهن ڪهڙو نه سهڻو شعر چيو آهي:

ان لہ من قلبہ نسبة مبرورة القسم

[معنيٰ: بيشڪ ڪامل انسان کي پنهنجي دل سان هڪ نسبت آهي ۽ اها الاهي تقسيم کي قبول ڪندڙ آهي.]

جمله اکوان چو ماه با ما هي
ما محمد رسول ره و راهي

[معنيٰ: سڄي ڪائنات ۾ چنڊ کان وٺي مڇيءَ (ڌرتي جنهن تي بيٺل آهي) تائين، محمّد رسول الله ﷺ ئي اسان جو رهبر ۽ رهنما آهي.]

             سلطان الاولياء فرمايو: ڪنهن به محڪوم کي حق نه آهي ته حاڪم وارو ڪم پاڻ ڪري، ڇاڪاڻ ته ان ۾ فتنو آهي. جيئن ڪو ماڻهو حاڪم جي موڪل کان سواءِ (زنا ۽ قتل جي) حد جاري ڪري يا ذمين تي سختي ڪري جنهن جي کيس حاڪم جي طرفان اهڙي موڪل نه هجي.

آئون چوان ٿو ته: جيئن قرآن شريف ۾ آهي:

وَمَن لَّمْ يَحْكُم بِمَا أَنزَلَ اللَّهُ فَأُولَـٰئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ (45:05:06)

[ترجمو: جيڪو الله جي نازل ڪيل ڪتاب موجب فيصلو نه ڪندو ته اهي ئي ماڻهو ظالم آهن.]

 تنهن ڪري ٻانهي تي بندگي لازم آهي.

بندگي کن ترا بحکم چه کار

[معنيٰ: تون بندگي ڪر، توکي حڪومت هلائڻ سان ڪهڙو ڪم؟]

امام غزالي جي ڪتاب ‘اربعين’ ۾ آهي ته ڪنهن کي نصيحت ڪرڻ ۽ حق ڏانهن سڏڻ رڳو انهيءَ زاهد لاءِ جائز آهي، جيڪو کليل دل جو مالڪ هجي ۽ جنهن کان پنهنجي زماني ۾ علم شريعت جو ٻيو وڏو ڄاڻو نه هجي. 

اها ڳالهه مخفي نه رهي ته جيڪو پنهنجي وقت جي امام کان مجاز آهي، سو انهن شرطن جو محتاج نه آهي.

             سلطان الاولياء فرمايو: سڀ کان بهترين واٽ رابطو (مرشد کي دل ۾ ياد رکڻ) آهي. اهو هن ڪري بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته الله جي چونڊيل ٻانهي جي صورت جو دل ۾ خيال ڪرڻ ئي ذات خداونديءَ جي خيال جو عين آهي. مطلب ته جيڪو جنهن کي به معنيٰ لاءِ ذريعو بنائيندو ته اها معنيٰ ان کي حاصل ٿيندي.

ڇو ته حديث شريف ۾ آهي:    

:             لِکُلّ امرِيء مَا نَوّيٰ

[ترجمو: هر ماڻهو کي اها ئي شيءِ ملندي آهي، جنهن جي هو نيت ڪري ٿو.]

 جيئن هڪ عجمي ماڻهو عربي ٻوليءَ ۾ گار جو لفظ ٻُڌي سمجهي ٿو ته اهو قرآن آهي، تنهن کي نيت جي درستيءَ جي ڪري قرآن پاڪ جي حقيقت کُلي پوندي.

            سلطان الاولياء فرمايو: هيءُ (مشائخن) جو قول آهي ته مُنتهي کي علم نه هوندو آهي، ان جو مطلب آهي ته مُنتهي کي تفصيلي علم نه هوندو آهي. باقي مُجمل علم ضرور هوندو اٿس، جيڪو تفصيلي علم کان گھڻو افضل آهي پر ٻنهي علمن جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.

             سلطان الاولياء فرمايو: جنهن علم نجوم جو مطالعو ڪيو ۽ پوءِ چيائين ته “سبحان الله” (الله لاءِ تعريف آهي) آئون هن علم ذريعي انهن شين تي واقف ٿيس، جيڪي آسمان ۾ آهن ته اهو شخص بيوقوف آهي. ڇاڪاڻ ته علم اهو آهي، جنهن کي دل سان چکجي. “من لم يذق لم يدر” يعني جنهن دل سان نه چکيو اُن نه ڄاتو.

            سلطان الاولياء فرمايو: فقير جي پيٽ ۾ مال رکڻ (يعني فقيرن تي خرچ ڪرڻ) مال کي کاڄي وڃڻ (خراب ٿيڻ) کان بچائڻ آهي.

            سلطان الاولياء فرمايو: دل جي نفرت خوفناڪ آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن دل نفرت ڪندي آهي ته پوءِ وري موٽي الائي نه موٽي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: دل جي نفرت جو مطلب دل جي  قلبي  ايمان  کان  مخالفت  آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org