سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:13 

آئون پنهنجي شيخ (خواجه ابوالمساڪين محمد ٺٽوي قدس سره) کي ائين ڏسان ٿو ته سڀ جهان وارا سندن جُتيءَ برابر يا ان کان به گهٽ آهن. پاڻ ماڻهوءَ جي عادت کي هڪ نظر سان بغير غلطيءَ جي ڄاڻي ويندا هئا. سندن ڪلمي طيبه جو ورد روزانو سترهن هزار ڀيرا هوندو هو ۽ هڪ رات ۾ قرآن پاڪ ختم ڪندا هئا. سخا ڪندي پنهنجي فاقي جو ڊپ نه ڪندا هئا. عاجز تي رحم ڪندا هئا، سندن تڪليف کي دور ڪندا هئا. رستي تان ايذاء واري شيءِ پري ڪندا هئا. طالبن ۽ شاگردن کي ڪتاب ڏيڻ ۽ ٻئي خرچ ڏيڻ ۾ مدد ڪندا هئا. جڏهن ڪي جهڳڙي وارا وٽن فيصلي لاءِ ايندا هئا ته مُدعي کي گهران ڏئي جهڳڙو ٽاريندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته اسين ائين ئي جهڳڙو ٽاريندا آهيون، ايستائين جو هڪ مرد ۽ زال مسجد جي ڪمائي بابت فيصلو کڻي آيا، جيئن مسجد وارن جي عادت هوندي آهي، پوءِ پاڻ هڪ جو پنهنجي گهران وظيفو مقرر ڪيائون.

(دهليءَ جي) بادشاهه کين ڏهه رپيا روزانو ڏيڻ لاءِ پروانو لکي موڪليو. پاڻ اهو ڪاغذ وٺي رکيائون، کانئن اهو ڪاغذ وسري ويو. اهل ظاهر مان سندن هڪ همعصر کي ان تي ڏاڍي حيرت لڳي ۽ چوڻ لڳو ته مون کي خبر نه آهي ته ڇا جي ڪري سندن دل ڏهه رپين واري ڪاغذ کي وساري ڇڏيو. ماڻهن جوکوهه ۾ دلو ڪري پوندو هو ته پاڻ دل جي خوشيءِ سان کوهه ۾ گهڙي دلو ڪڍندا هئا. هڪڙي ذمي (غير مسلم) کان مُنڊي ورتائون، وري کيس واپس ڪيائون ۽ پوءِ پنهنجو هٿ احتياط طور ڌوئي ڇڏيائون ته متان اها ناپاڪ هجي. انهن سڀني ڪماليتن هوندي به پاڻ کي حقير سمجهندا هئا. هڪ خط ۾ پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي لفظ “خاڪسار” ۽ “روسياهه” لکيائون.

هڪ ظاهر واري سندن حق ۾ چيو ته فلاڻو (خواجه ابوالمساڪين) نماز چڱيءَ طرح نه ٿو پڙهي. [45] پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ ڪڏهن شڪسته دل وارن جي عبادت قبول ڪندو آهي ۽ محڪم دل وارن جي عبادت کي رد ڪندو آهي. هڪڙو ماڻهو وٽن شڪايت کڻي آيو ته ڪجهه ڏينهن کان سندس دل بند آهي، اهو ٻڌي ان شخص کي پاڻ وٽ ويهاريائون ۽ وري کانئس دل بابت پڇيائون. ان جواب ڏنو ته سائين! هاڻي خطرن کان آزاد ٿي پيس. تڏهن حضرت جن کِلي فرمايو ته سندس دل ۾ شيطان سڪونت لاءِ اچي ويٺو هو، هاڻي اهو شيطان غم ۾ وڃي رهيو آهي.

آئون چوان ٿو ته: شـيخ مـحـمـد (خـواجه ابـوالـمساڪــين قـدس سره) مـخدوم آدم ٺٽوي (قدس سره) جي اولاد مان آهي. شيخ محمد، شيخ ابوالقاسم ٺٽوي  جو مريد ۽ ناٺي هو. شيخ ابوالقاسم جي وفات کان پوءِ شيخ محمد، شيخ محمد زڪي سرهندي جي صحبت اختيار ڪئي ۽ وڏي مُرشد سائين (سلطان الاولياء خواجه محمد زمان قدس سره) جن کي (طريقت جو) هن طرح اجازت نامو لکي ڏنائون

ويقول  الشيخ محمد  لما  کان  الاخ  في الله  محمد زمان
سلک في سلک الارادة وصحب مع المسکين صحبة کثيرة
اجزتہ  لتعليم  الطريقة  و شرط  الاجازة  الاستقامت علي
الشريعة  و الطريقة و السّلام
.

[يعني: شيخ محمد (مُرشد جو مُرشد) چئي ٿو ته جڏهن الله جي واٽ ۾ ڀاءُ محمد زمان (سلطان الاولياء قدس سره) ارادي ۽ اخلاص جي راهه ۾ داخل ٿيو ۽ هن مسڪين (خواجه ابوالمساڪين) سان گهڻي صحبت ڪيائين. پوءِ مون کيس طريقت جي تعليم جي اجازت ڏني. اجازت جو شرط اهو آهي ته شريعت ۽ طريقت تي استقامت رکي، والسلام.]

              سلطان الاولياء فرمايو: سخي ماڻهن جي اها عادت آهي ته اهي جيڪي ڏيندا آهن، ان شيءِ کي دل تان لاهي ڇڏيندا آهن. جيئن سچي امام (زين العابدينؓ ) کان منقول آهي ته جنهن وقت فرزدق (شاعر) امام کي اهو عطيو واپس ڪرڻ گهريو، جيڪو الله جي قرب حاصل ڪرڻ لاءِ هن امام صاحب جي مدح ڪندي چيو هو.

جيئن مولوي جامي چيو آهي:

ابر جوديم در نشيب و فراز
قطره   ما سويٰ  مانگردد باز

[معنٰي: اسين هيٺانهين ۽ مٿانهين ۾ سخا جا ڪڪر آهيون. اسان جي پاڻيءَ جو ڪو به ڦڙو اسان ڏانهن واپس نه ايندو آهي.]

   ­            آئون چوان ٿو ته: هن ڳالھ ۾ هر ماڻهو لاءِ خوشخبري آهي ته تحفي کي قبول ڪن، رد نه ڪن.

              سلطان الاولياء فرمايو: جنهن ماڻهوءَ کي مٽيءَ ۾ مرڻو آهي، ان لاءِ ڪهڙي بزرگي آهي.

    ­            آئون چوان ٿو: هـن ۾ انـسان جـي حـقيقـت ۽ سنـدس اصـل عـدم ڏانـهن اشـارو آهــي.  تنهن ڪري وڏائي نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ذري برابر به وڏائي بهشت کان روڪيندڙ آهي. ائين حديث شريف ۾ آهي.

 حافظ چيو آهي:[46]

زاهد غرور داشت سلامت نبرد راه
رند از ره  نياز بدار السّلام  رفت

[معنٰي: زاهد کي تڪبر هو، تنهن ڪري  سلامتي سان راھ طئي نه ڪري سگھيو. رند نياز نوڙت ڪري وڃي بهشت ۾ پهتو.]

             سلطان الاولياء فرمايو: ڪنهن ماڻهوءَ کان گناهن جي فنا ٿيڻ جي معنيٰ هي آهي ته ان ماڻهوءَ انساني لاڳاپن کان به جدائي اختيار ڪئي آهي. جنهن کي انساني لاڳاپا نه هوندا ته ان جو ڪو گناهه به نه هوندو. انساني لاڳاپن جو مطلب آهي ته الله کان سواءِ ڪنهن ٻي شيءِ جي وڃڻ سبب غمگين ٿئي.

            سلطان الاولياء فرمايو: الله جو دل ۾ اچڻ دل جي آرام جو شرط آهي. جنهن کي آرام نصيب نه هوندو ته اتي اچڻ به نه هوندو.

 هر لحظه مرا تازه خدائي دگراست

[معنيٰ: هر گهڙيءَ منهنجو خدا نئون ۽ ٻيو (نئين شان وارو) آهي.]

تجدد ( سلوڪ ۾ نواڻ ۽ تازگي) مُنتهيءَ جو حال آهي.

    ­            آئون چوان ٿو ته: جهان هميشہ نئون آهي جيئن اهل سنت والجـماعت وٽ ثابت آهي.  ليڪن جهان جي تجديد کي رڳو مُنتهي (نهايت کي پُهتل) ئي ڏسي سگهي ٿو.

مولوي رومي چيو آهي:

دم بدم در تو خزان است وبهار
جان چون  آب روان  و بي قرار

[معنيٰ: هر گهڙي تو ۾ خزان ۽ بهار آهي، روح پاڻيءَ وانگر هلندڙ ۽ بي آرام آهي.]

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

كُلَّ يَوْمٍ هُوَ فِي شَأْنٍ  (29:55:27)

[ترجمو: هر ڏينهن (الله تعاليٰ) نرالي شان ۾ هوندو آهي.]

 مفسرن چيو آهي ته الله تعاليٰ جو ڪم نئون آهي. هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جهان الله تعاليٰ جو فعل آهي، جيئن چوطرف ڦرندڙ باهه جو شعلو باهه جو فعل آهي.

حديث شريف ۾ آهي:

الدنيا ساعة

[ترجمو: دنيا هڪ گهڙي آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: هن جو انڪار نه ڪريو ته آئون پنهنجي پالڻهار وٽ رات گذاريان، پوءِ هو مون کي کارائي ۽ پياري.

    ­            آئـون چـوان ٿـو ته: اهــي (مـٿيـان) چــارئـي مــقـولا وڏي مُــرشـد سـائين (سلطان الاولياء) کان هن دنيا مان لاڏاڻي واري بيماريءَ ۾ نڪتا. مُلا علي قاري ‘شرح عين العلم’ ۾ لکيو آهي ته الله وٽ کائڻ ۽ پيئڻ مان هيءَ معنيٰ آهي ته بُک ۽ اڃ جي تڪليف نه ٿئي.

مولوي رومي چيو آهي:

معنيٰ آن باشد که برهاند ترا
بي نياز از نقش گرداند ترا

[معنيٰ اها آهي جو توکي پاڻ کان آزاد ڪري ۽ تنهنجي بدن کي بي نياز ڪري.]

مرد قانع را گدا گفتن خطا است
کو غني القلب از داد خدا است

[معنيٰ: قناعت ڪرڻ واري مرد کي پينو سڏڻ گناهه آهي، ڇاڪاڻ ته اهو قناعت ڪندڙ الله جي بخشش سان دل جو غني آهي.]

صوفي از فقر چون در غم شود
عين   فقرش  دايه   مطعم  شود

[معنيٰ: صوفي جڏهن ڪجهه نه هجڻ جي ڪري ڏکارو ٿيندو آهي، تڏهن ئي سندس فقيري ان جي خوراڪ بڻبي آهي.]

بنده  هستي نيست  هر کو صادق  است
عشق نان بي نان غذائي عاشق است[47]

[معنيٰ: جيڪو سچو آهي سو هستيءَ ۾ گرفتار نه هوندو آهي، مانيءَ جو عشق مانيءَ کان سواءِ عاشق جي خوراڪ بڻجندو آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: حج ڪرڻ مردن جي لاءِ آزمائش آهي. جيڪا هر هڪ جي ڳُجھ کي پڌرو ڪندي آهي.

    ­            آئون چوان ٿو ته: ڪـامل مـاڻهن جـي مـلاقات به سچ ۽ ڪوڙ کي ائين ظاهر ڪرڻ لاءِ آزمائش آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: الله کان حجاب جو سبب غير ڏانهن توجهه آهي. ان جو علاج هي آهي ته فڪر جي وحدت الله ڏانهن ڪري ۽ فڪر کي ڪنهن ٻئي پاسي متوجهه نه ڪري. جيئن يوناني فلسفين ڪيو آهي. اسان ۽ يوناني فلسفين ۾ هي فرق آهي جو اسين وحدت جا طالب آهيون ۽ يوناني ڪثرت جا ڳولائو آهن. اسان جي ڪوشش اها آهي ته اسين جهان کي ڇڏي، الله ڏانهن اچڻ گهرندا آهيون ۽ يوناني عمارتون ٺـاهڻ ۽ جهان وارن کي ڏسڻ گهرندا آهن.

مولوي رومي چيو آهي:

        گنجها پيوسته در ويرانها است

[ معنيٰ: وصال جا خزانا فنا يعني ويرانيءَ ۾ آهن.]

             سلطان الاولياء فرمايو: ظاهري شين جو اصل دل ۾ آهي. جيڪڏهن اهي شيون دل ۾ نه هجن ها ته ظاهر ئي نه ٿين ها. اُهي ائين آهن جيئن ڪوريئڙي جي تاڃي سندس پيٽ مان ئي نڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته انهن تاڃين جو اصل ڪوريئڙي جو پيٽ ئي آهي.

    ­            آئون چوان ٿو ته : مولوي رومي چيو آهي:

گر نبودي  اصل  هر کس  درنهان
نقش بي نقشي درون گشتي عيان

[معنيٰ: جيڪڏهن هر شخص جو اصل ڳجهو نه هجي ها ته منجھس بي نقشيءَ (اصليت) جو نقش پڌرو ٿئي ها.]

اين جهان ظل است وعالم درنهان
عين ثابت اصل و ظل عين روان

[معنيٰ: اصل جھان مخفي آهي ۽ هي جهان ان جو پاڇو آهي، اصل پائيدار اعيان ثابته آهن ۽ هيءُ جهان ان اصل جو جاري چشمو آهي.]

انسان لاءِ ضروري آهي ته اصل سان لاڳاپو رکي ۽ پاڇي کان پاسي ٿئي.

 الله تعاليٰ فرمايو آهي:

مَا عِندَكُمْ يَنفَدُ وَمَا عِندَ اللَّهِ بَاقٍ (96:16:14)

[ترجمو: جيڪو اوهان وٽ آهي اهو ختم ٿي ويندو ۽ جيڪو الله وٽ آهي سو هميشہ باقي رهندو.]

               سلطان الاولياء فرمايو: طالب کي گهرجي ته عبارتن جو خيال نه ڪري، پر عبارتن جي مقصد تي نظر رکي، اڃان به مقصد جي مقصد کي ڏسڻ گھرجي.

    ­            آئون چوان ٿو: ڪـتاب ‘مـطـول’ ۾ آهـي ته مـقـصد جـي ظاهر ٿيڻ کـان پوءِ عبارت تي اعتراض ڪرڻ تحصيل ڪندڙن جي شان وٽان نه آهي. لغت ۾ تحصيل جي معنيٰ کوپي مان مغز ڪڍڻ آهي. مطلب ته ظاهري علم جي خول مان دل جي جمعيت ۽ حضور جو نقطو ماڻڻ کپي.

ڪتاب ‘رشحات’ ۾ ڪن اوليائن کان روايت آهي ته جيڪڏهن تون عمل ڪرين ته نصيحت لاءِ هي گفتو ڪافي آهي ته تو کي الله سان مشغول هجڻ گهرجي. جيڪڏهن هن نصيحت تي ڪنهن عمل نه ڪيو ته پوءِ گهڻي علم مان ڪهڙو فائدو؟ هونئن به عمل کان سواءِ علم تو مٿان وبال ۽ مصيبت آهي.[48]

             سلطان الاولياء فرمايو: جيڪا ڳالهه اسين ڪري رهيا آهيون، ان جا دليل گهڻا آهن. جيڪو اسان کان (انهن جي) گهر ڪندو ته سندن سوال مطابق کيس ٻڌائينداسون، انڪار ۽ شڪ ختم ڪرڻ لاءِ دليل ڏينداسون.

    ­            آئون چوان ٿو: ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي:

آنکس  که  بقرآن  خبر  زو  نرهي
اين است جوابش که جوابش نه دهي

[معنيٰ: جنهن ماڻهوءَ وٽ قرآن ۽ حديث سان به تون ڪا واٽ نه لهين ته ان جو جواب اهو آهي ته تون جواب ڏيڻ کان ماٺ ڪرين.]

ڇاڪاڻ ته احمق پنهنجي اندر ۽ ٻاهر مان جواب نه لهندو آهي.

 الله تعاليٰ فرمايو آهي:

فَمَالِ هٰٓؤُلَاۗءِ الْقَوْمِ لَا يَكَادُوْنَ يَفْقَهُوْنَ حَدِيْثًا (78:04:05)

 [ترجمو: هنن کي ڇا ٿيو آهي جو ڳالهه کي سمجهڻ جي ويجهو ئي نه آهن.]

        اصول اهو آهي ته شرعي خطاب سمجهه وارن لاءِ خاص آهي. تنهن ڪري چرئي تي شريعت جي ڪابه تڪليف نه آهي، اهو شارع الله جي ذات آهي. جيئن اصول فقهه جي ڪتاب ‘تلويح توضيح’ ۾ اهو مسئلو بيان ڪيو ويو آهي. باقي چرئي تي رڳو حاڪم ۽ سندس سنڀال واري طرفان ڪي پابنديون هونديون آهن.

 مولوي جامي چوي ٿو:

ازان گفتند عامي را کا الانعام
که آگه نيست از آغاز و انجام

[معنيٰ: عام ماڻهوءَ کي هن ڪري جانور سڏيو اٿن جو هو شروع ۽ پڇاڙيءَ جي خبر رکندڙ نه آهي.]

 مولوي رومي چيو آهي:

بنده  خود خواند احمد  در رشاد
جمله عالم را بخوان قل يا عباد

[معنيٰ: حضور ﷺ جن قرآني ارشاد موجب سڀني کي پنهنجو ٻانهو سڏيو آهي. الله پاڪ کيس حڪم ڪيو ته ساري جهان کي تون “يا عبادي” اي منهنجا ٻانها! ڪري سڏ ڪر.]

چيست دنيا از خدا غافل بدن
ني قماش و نقره و فرزند و زن

[معنيٰ: دنيا، الله کان غفلت ڪرڻ جو نالو آهي. لباس، چاندي، اولاد ۽ زال جو نالو دنيا نه آهي.]

ڪنهن عارف (مولوي رومي) چيو آهي:

اهل  دنيا  چون  سگ  ديوان  اند
دور شوز ايشان که بس بيگانه اند

[معنيٰ: دنيا جا ماڻهو ڇتي ڪتي وانگر آهن، انهن کان پري ٿي، ڇاڪاڻ ته اهي ڌاريا آهن.]

حديث شريف ۾ آهي:

کن عالماً اومتعلماً اومستمعاً ولا تکن رابعاً فتهلک

[ترجمو: اي انسان! تون عالم يا شاگرد يا ٻڌندڙ ٿيءُ، چوٿون نه ٿيءُ جو هلاڪ ٿيندين.]

 جيئن شيخ سعدي چيو آهي:

بني  آدم از علم يا بد کمال
نه از حشمت وجاه مال ومنال

[معنيٰ: انسان علم سان ئي ڪمال حاصل ڪندو آهي، دٻدٻي، مرتبي ۽ مال متاع سان ڪمال هٿ نه ايندو.]

حديث شريف ۾ آهي:

العالم من عقل عن الله واطاعتہ

[ترجمو:علم اهو آهي جيڪو الله کي ڄاڻي ۽ ان جي تابعداري ڪري.]

امام راغب چيو آهي ته شين کي انهن جي حقيقتن سان ڄاڻڻ جو نالو علم آهي. (امام) غزالي چيو آهي ته حقائق جي معنيٰ مقاصد آهي. پوءِ علم ميزان (جنهن سان مقصدن کي توربو آهي) اهو علم آهي جيڪو انهن کي فائدو پهچائي، ان جي صورت کي علم نه چئبو.

مولوي جامي چيو آهي:

اسم حق پيش صاحب عرفان
نيست  الا   حقيقت   اعيان

[معنيٰ: ڄاڻ وارن وٽ الله جو نالو اعيان (ثابته) جي حقيقت کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.]

ڪتاب ‘درالمختار’ ۾ ڪن امامن کان روايت آهي ته [49] جيڪڏهن سڀ ماڻهو منهنجا ٻانها هجن ها ته انهن سڀني کي آزاد ڪريان ها ۽ انهن جي ورثي کان بيزار هجان ها. ڇاڪاڻ ته اهي هدايت جي واٽ نٿا لهن، انهيءَ ڪري کين گمراهيءَ کان شرم ڏياريو ويندو.

شيخ ابن عربي چيو آهي ته جهالت موت آهي. هن ڳالھ کي رڳو اهو ڄاڻي سگھي ٿو جنهن جا انفاس (دم) علم سان وابسته آهن. مطلب هي آهي ته جيڪو انسان الله کي ڄاڻي ٿو، سو “عبدالله” (الله جو ٻانهو) آهي. پر جيڪڏهن الله جي ڄاڻ نه اٿس ۽ ٻئي ماڻهوءَ جي تابعداري ڪري ٿو ته اهو ماڻهو“عبدالانسان” (انسان جو ٻانهو) آهي، پر جيڪڏهن هو ڪنهن ڪامل انسان جو به تابعدار نه ٿيو ته پوءِ اهو“عبدالشيطان” (شيطان جو ٻانهو ) آهي.

 مولوي رومي چيو آهي:

يا نظر در يا نظر در جوئي باش
يا مظفر  يا مظفر  جوئي  باش

[معنيٰ:  تون الله جي ذات کي ڏسندڙ بڻج يا جيڪو ذات حق کي ڏسندڙ آهي ان جي تلاش ڪر يا ته تون پاڻ حقيقي مقصد کي حاصل ڪر يا جنهن کي حقيقي فتح حاصل آهي، تنهن کي تلاش ڪر.]

              سلطان الاولياء فرمايو: ٻين جي احتساب لاءِ هي شرط آهي ته اهو ڪم (پهريائين پنهنجي) گھر وارن کان شروع ڪجي. 

آئون چوان ٿو ته: حديث شريف ۾ آهي:

کُلُّکُم رَاعِ وَکُلُّکُم مَسئُول عَن رَعِيَّتِہ

[ترجمو: توهان مان هرهڪ نگهبان آهي ۽ اوهان سڀني کان هر ان شخص بابت پُڇيو ويندو، جنهن تي هو نگهبان آهن.]

        پوءِ جيڪو ٻئي جي رعيت کان حساب گهرندو ته اهو حساب جي حد کان وڌندڙ آهي.

 الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَلا تُطِيعُوا أَمْرَ الْمُسْرِفِينَ  (150:26:19)

[ترجمو:جيڪي حد کان لنگهندڙ آهن، انهن جي امر جي پيروي نه ڪريو.]

 ائين ڪتاب ‘نصاب الاحتساب’ ۾ آهي ته حد کان وڌندڙ ۽ سرڪش جو ٻين کان حساب وٺڻ صحيح نه آهي. اهو روڪيندڙ شخص ائين آهي جنهن ۾ اها خرابي پاڻ موجود آهي. مخفي نه رهي ته مفتي، قاضي ۽ واعظي سڀ ائين آهن جو اُهي اهڙي ڳالهه چوندا آهن، جيڪا سندن دلين ۾ ڪونه هوندي آهي.

حافظ چيو آهي:

آنکس که چو ما نيست درين شهر  گدائيست

[معنيٰ: جيڪو اسان وانگر الله جو طالب نه آهي سو هن شهر ۾ پينو آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: حال کان سواءِ ڳالهه ڪرڻ درست نه آهي.

آئون چوان ٿو ته: الله تعاليٰ فرمايو آهي:

يَقُولُونَ بِأَفْوَاهِهِم مَّا لَيْسَ فِي قُلُوبِهِمْ  (167:03:04)

[ترجمو: پنهنجي زبان سان اهڙي ڳالھ پيا چون، جيڪا سندن دلين ۾ نه آهي]

‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته جنهن کي حال واري ڪيفيت حاصل نه آهي تنهن کي توحيد حالي متعلق ڳالهائڻ مناسب نه آهي. تنهن ڪري “همہ اوست” حال وارو ماڻھو چوندو ته ان کي معاف آهي، پر جيڪو صرف ان جي تابعداري ڪندي، ائين چوي ٿو سو ڪافر آهي.

             سلطان الاولياء فرمايو: جڏهن تون پنهنجي پالڻهار کي هر وقت ڏسندڙ آهين، تڏهن (توکي) ٻئي ڪنهن علم جي ضرورت نه آهي.

    ­            آئون چوان ٿو ته: تـفسيرن ۾ آهـي ته اصلي فـطرت جنهن تي انسان کي الله تعاليٰ پيدا ڪيو آهي، اها هي آهي ته هو اهو ڄاڻن ته انهن لاءِ الله آهي. اهو حڪم ماڻهن تي ميثاق واري واعدي کي ثابت رکڻ لاءِ واجب آهي، ٻي ڪابه شيءِ واجب نه آهي.

ڪنهن عارف چيو آهي:

چو اول بليٰ گفتي اي پر بلا
همان  ياد  کن  در خلاؤ ملا

[معنيٰ: جڏهن تو ازل ۾ الله جي هن حڪم، “ڇا مان توهان جو رب نه آهيان”؟ جي جواب ۾ “هائو” چيو هو ته “تون اسان جو رب آهين” تڏهن هاڻي انهيءَ ازلي حڪم کي جماعت توڙي اڪيلائي ۾ ياد ڪندو رهه.]

عارفن وٽ انهيءَ ڄاڻ جو نالونفس جو تزڪيو“ آهي.

             سلطان الاولياء فرمايو: اصل ۾ آساني آهي، ڏکيائي رڳو نئين ۽ گهڻائي ڪري آهي. تحقيق رسول الله ﷺ جن وحي جي اچڻ کان اڳ ذڪر ۾ مشغول هوندا هئا، ائين ڪتاب ‘صراط المستقيم’ ۾ آهي. (پوءِ هن مان) معلوم ٿيو ته اصل ذڪر آهي، فڪر نه آهي.)[50]

    ­            آئون چوان ٿو ته: ‘مڪتوبات زڪيه’ ۾ آهي ته ذڪر جون ڀلايون بي حساب آهن.

 نظامي چيو آهي:

ياد خدا  در زندگي  هوش  کن
هر چه بجز اوست فراموش کن
[معنيٰ: الله تعاليٰ کي هن زندگيءَ ۾ حوصلي سان ياد ڪندو رهه! الله کان سواءِ جيڪي آهي ان کي وساري ڇڏ.]

ذڪر ۽ فڪر جي  وچ ۾ فرق هي آهي ته ذڪر جو واسطو الله جي ذات سان آهي ۽ فڪر جو واسطو الله جي صفات سان آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: نڪ ۾ ناس ڏيڻ خطا آهي. ڇاڪاڻ ته نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته:

مَن اَحدَثَ فِي اَمرِنَا هٰذَا مَالَيسَ مِنہُ فَهُوَرَد

[ترجمو: جيڪو اسان جي هن دين ۾ ڪا نئين شيءِ پيدا ڪري ٿو جيڪا ان دين مان نه آهي، ته اها مردود آهي.]

    ­            آئون چوان ٿو ته: هـيءَ حـديث نـوَن پـيدا ٿيندڙ حـڪمن بـابت جـامـع حـديث آهـي. فقهه جي ڪتابن ۾ آهي ته ضرورت اجازت جي علت آهي. ڇاڪاڻ ته جنهن شيءِ جي ضرورت هوندي اها محتاج جي هڪ جُز وانگر ٿي پوندي آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: چريو ٿيءُ ته ماڻهو توتي رحم ڪن.

ديوان باش تا غم تو ديگران خورند

[معنيٰ: چريو ٿيءُ ته ٻيا تنهنجي غمخواري ڪن.]

             سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو طريقت تي ثابت قدمي ڪندو، سو الله کي پهچندو. موليٰ کي پهچڻ اوليائن ۽ انبيائن کي پُهچڻ کان وڌيڪ (بهتر) آهي.

 ڇاڪاڻ ته                              من لہ الموليٰ فلہ الکل

[ترجمو: جنهن لاءِ موليٰ آهي تنهن لاءِ سڀ ڪجهه آهي.]

     سلطان اولياء فرمايو:  هر شيءِ جي خوبي ۽ خرابي شرعي آهي، حقيقي نه آهي.

اللهٰم ارنا الاشياء کما هي

[ترجمو: اي الله! مون کي شيون ائين ڏيکار جيئن اُهي حقيقت ۾ آهن.]

    ­            آئون چوان ٿو: ڪتاب ‘درالمختار’ وغيره ۾ آهي ته اهل سنت وٽ هر شيءِ ۾ اصل “توقف” آهي ۽ هر شيءِ کي مباح سمجهڻ اها معتزلن جي راءِ آهي.

ڄاڻڻ گهرجي ته مباح جي باري ۾ اهل سنت جي ڪيترن ئي عالمن به معتزلن سان موافقت ڪئي آهي. تحقيق هيءَ ڳالهه مشهور آهي ته:

کل شيءِ يرجع اليٰ اصلـہ

[ترجمو: هر شيءِ پنهنجي اصل ڏانهن موٽندي آهي.]

پوءِ تون به الله جي ذات ڏانهن موٽ، جنهن بابت ڪو حڪم نه ٿو لڳائي سگهجي. جيئن ‘مڪتوبات احمدي’ واري هن ڳالهه جي وصيت فرمائي آهي ۽ سلوڪ ۾

“النهايت في الرجوع اليٰ البدايت يعني نهايت، ابتدا ڏانهن موٽڻ آهي. ڇاڪاڻ ته ذڪر جو ڪمال شهود کان ٻاهر اچڻ جو نالو آهي.

سلطان الاولياء فرمايو: جنهن الله کي نه سڃاتو، اهو ان جي حق ۾ ڪلي فرضي آهي، جنهن جو ڪو به فرد موجود نه هوندو آهي. پوءِ رب ان لاءِ آهي، جنهن کي اهو سڃاڻي. پوءِ ڀل ان کي اها ڄاڻ نه هجي ته اهو کيس سڃاڻي ٿو.

             سلطان اولياء فرمايو: جيئرن طرفان مُئلن واسطي چڱا ڪم بخشڻ، رڳو طلب ڪندڙن کي ئي نفعو ڏيندا آهن. هر ڪنهن ميت لاءِ اهو نفعو نه آهي.

             سلطان الاولياء فرمايو: ننڊ ۾ پيش ايندڙ حالت تي ڪو به اعتبار نه آهي، (ڇو ته) اهو ائين آهي جيئن ڪو ننڊ ۾ بادشاهي ماڻي، حالانڪ اها بادشاهي نه آهي.

    ­            آئون چوان ٿو: ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته خواب ۾ وجد جهڙا احوال اها خبر ڏين ٿا ته ڏسڻ واري ماڻهوءَ ۾ اهڙي لياقت آهي ۽ ڪيترا اهڙا استعداد آهن، جيڪي قوت کان اڃا فعليت (وجود) ۾ نه آيا آهن.

                سلطان الاولياء فرمايو: فقير کي سڃاڻڻ لاءِ سڀ کان بهترين طريقو پاڪ مٽيءَ واري سڃاڻپ آهي. جنهن تي جڏهن پاڻي وڌو وڃي ته هٿ يا پير تي ڪو به غبار جو اثر ۽ نقصان نه پهچي.

آئون چوان ٿوته: هن ڳالهه جو اصل (هيءَ آيت مبارڪ آهي:

إِنَّ الدِّينَ عِندَ اللَّهِ الإِسْلامُ  (19:03:03)

[ترجمو: بيشڪ الله وٽ دين اسلام ئي آهي.]

۽ مسلمان جي اها تعريف هن حديث پاڪ ۾ پڻ آهي ته،

اَلمُسلِمُ مَن سَلم الِمَسلمُون من لِّسَانِہِ وَيَدِهِ

[ترجمو: مسلمان اهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ کان ٻيا مسلمان سلامت رهن.]

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَنَزَعْنَا مَا فِي صُدُورِهِم مِّنْ غِلٍّ (43:07:08)

[ترجمو: ۽ سندن سينن ۾ جيڪي دشمني ۽ کوٽ آهي، ان سڀ کي اسان ڪڍي ڇڏينداسون.]

              سلطان الاولياء فرمايو: مُدّعي پنهنجي دعويٰ خاطر منع ۽ معارضو (دليل بازي) پيش ڪندو آهي، پر جنهن ماٺ ڪئي تنهن ڇوٽڪارو لڌو.[51]

    ­            آئون چوان ٿو: پهرين ڳالهه ته منع ۽ معارضو علم مناظره جو خلاصو آهي ۽ منع تي نقص نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ دليل کي رد ڪرڻ سان مُدّعي وري ٻيو دليل هٿ ڪندو آهي. ٻي ڳالهه ته ماٺ ڪرڻ علم حديث جو خلاصو آهي، پوءِ جيڪو تفريق (ٻن مسئلن کي الڳ) ڪندو يا جمع ڪندو ان تي لازم آهي ته ڪنهن ظاهر حديث جو نقل پيش ڪري يا صحيح دليل آڻي، پر جيڪڏهن ڪو سوال پڇندڙ آهي تنهن کي دڙڪو داٻ نه ڏيڻ کپي.

        بندگي کن ترا بحکم چه کار

[معنيٰ: تون ٻانهپ ڪر، تو کي حڪم هلائڻ سان ڪهڙو ڪم؟]

ڪتاب ‘بدرالمنير’ ۾ آهي ته احتياط ۽ پختگي ٿوري حڪم هلائڻ ۽ گهڻي عمل ڪرڻ ۾ آهي.

            سلطان الاولياء فرمايو: مُبتدي جي طلب ۾ حرص هوندو آهي ۽ نفس جي فنا کان اڳ ۾ جذبو اڻ پورو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو جذبو نفس جي لذت سان مليل آهي ۽ نفس جي لذت جهان جي لذتن مان ئي آهي. فنا جو مقصد دنيا کان ٻاهر جي لذت حاصل ڪرڻ آهي.

        جيئن مولوي رومي چيو آهي:

        بنده هستي نيست هر که او صادق است

[معنيٰ: جيڪو طلب ۾ سچو آهي سو هن هستيءَ جو ٻانهو نه آهي.]

    ­            آئون چوان ٿو: ڪنهن هي شعر ڪهڙو نه سهڻو چيو آهي.

کاذب الفجر يبدو قبل صادقہ
و اوّل الغيث قطر ثم ينسکب

[معنيٰ: ڪوڙو صبح، سچي صبح کان اڳ ۾ ظاهر ٿيندو آهي، مينهن جي شروعات ڦڙين سان ٿيندي آهي پوءِ وڏ ڦڙو وسندو آهي.]

فمثل ذالک ودّ العاشقين هويٰ
بالمزج  يب و بالا رمان  يلتهب

[معنيٰ: عاشقن جي دوستي به مينهن وانگر آهي، جو شروع ۾ هوس معلوم ٿيندي آهي، پر پوءِ هميشگيءَ سان (باهه وانگر) ڄڀيون هڻندي آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: نقشبندين جي ڳجهي ذڪر جو دليل قرآن ۽ حديث آهي، پوءِ ان ذڪر جو انڪار معتبر نه آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَاذْكُر رَّبَّكَ إِذَا نَسِيتَ  (24:18:15)

[ترجمو: جڏهن تون (پاڻ کي) وسارين تڏهن پنهنجي پالڻهار کي ياد ڪندو ڪر.]

جيڪو بدن جي ويساري کي سڃاڻيندو، سو ڪڏهن به حضور جي خواهش نه رکندو ۽ ويسلا هن ڳالهه کان غافل هوندا آهن. جن پاڻ کي نه وساريو آهي سي بدن واري ويساري کان بي خبر هوندا آهن، هن حضور ۾ (الله کان سواءِ) سڀ شيءِ وسريل هوندي آهي. حضرت ابوبڪر صديقؓ  هن ويسر جي خبر رکندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته هاءِ افسوس! مون کي حضور اڪرم ﷺ وارو ويسارو (غير کان) نصيب ٿئي.

             سلطان الاولياء فرمايو: جڏهن لطيفا پنهنجي اصل ڏانهن مٿي ويندا آهن، تڏهن تون پنهنجي بدن کي ڀتر وانگر ڏسندين، جنهن ۾ ڪو نور نه آهي.

خاک  شو خاک تا  برويد گل
که بجز خاک نيست مظهر گل

[مِٽي ٿيءُ ته جيئن تو مان گُل ڦُٽن، مٽيءَ کان سواءِ گلن جي ظاهر ٿيڻ جي جاءِ نه آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: پاڪ زندگي وارا صاحب زندهه هوندا آهن، انهن کان سواءِ ٻيا مئل ماڻهن وانگر آهن.

    ­            آئون چوان ٿوته: پاڪ زندگي، ان شيءِ تي قناعت ڪرڻ جو نالو آهي، جنهن کي الله پاڪ گهريو آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: ايلچيءَ کي پڪڙيو، اهوئي سڪندر آهي. حقيقي بادشاهه وٽ اهو ئي پهچائيندو، جيڪو ان کي شڪ کان سواءِ سُڃاڻيندو. ڇاڪاڻ ته الله (ٻئي ۾ ظهور جو) انڪار ڪيو آهي، پر ان شخص وٽ اقراري آهي جنهن جي دل ۾ سندس موافق نمونو هوندو. هن کي “مضبوط معرفت” چئبو آهي.[52]

    ­            آئون چوان ٿوته: مولوي رومي چيو آهي:

آن شهي در بندگي پنهان شده
بهر   جاسوسي  بدنيا    آمده

[معنيٰ: اهو (حقيقي) بادشاهه ٻانهي (ڪامل مرشد جي لباس) ۾ ڳجهو ٿيو آهي. اهو ان ريت جاسوسيءَ ۽ ڳولا جي لاءِ دنيا ۾ آهي.]

هر ديده جائي جلوه آن ماه پاره نيست

[معنيٰ: هر اک حقيقي معشوق جي جلوه گاهه نه آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: زال سڄي ساري ٻڏي وئي پر بيوقوف ماڻهو سندس پوتي جي پُڇا ڪري رهيو آهي.

    ­            آئون چوان ٿو: (حـضرت سلطـان الاوليـاء قـدس سره جن) اهـو مـثـال سنـڌي ٻـــوليءَ ۾ اهڙي شخص لاءِ ڏيندا هئا. جيڪو الله ۾ فاني آهي. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي وجود ۽ سندس تابع شين جي نسبت پاڻ ڏانهن ڪونه ڪندو آهي، بلڪ پاڻ کي ذات ۾ گم ڪندو آهي.

            سلطان الاولياء فرمايو: جنهن کي الله تي توڪل آهي، اهو امام حسين ؓ  جي شهادت واري واقعي کي الله کان ڀائيندو.

    ­            آئون چوان ٿو: وڏي مُـرشـد سائين (سلطان الاولياء) جو توڪل مان اهو مطلب آهي ته الله جي قضا ۽ قدر تي راضي رهڻ ئي معرفت آهي. الله جي معرفت کان سواءِ توڪل هڪ ڌوڪو ۽ اڻڄاڻائي آهي. ڇاڪاڻ ته توڪل جو دارومدار الله جي سڃاڻڻ ۽ سندس حڪم کي مڃڻ ۽ دنيا کان منهن موڙڻ تي آهي.

هن ڳالهه جو مطلب هي آهي ته جيڪو بصيرت جو صاحب نه آهي، تنهن جي توڪل ۽ ٻين ڪمن تي ڪو اعتبار نه آهي. تنهن ڪري فقيهن چيو آهي ته مجهول (اڻ ڄاتل) شيءِ کي خريد ڪرڻ جائز نه آهي. حديث شريف ۾ آهي:

من رضي فلہ الرضيٰ ومن سخط فلہ السخط

[ترجمو: جيڪو الله جي رضا تي راضي ٿيو ان لاءِ الله جو راضپو (ئي ڪافي) آهي ۽ جنهن تقدير تي ناراضگي ڪئي تنهن لاءِ الله جي ڪاوڙ آهي.]

هڪ ٻي حديث شريف ۾ آهي :     

من احب لقاءَ الله احب لقائہ

[ترجمو: جيڪو الله جي ديدار کي پسند ڪندو ته الله به سندس ديدار کي پسند ڪندو.]

پوءِ مقبول ماڻهو اهو آهي جيڪو حق کي قبول ڪري، (ڇاڪاڻ ته) حق، ڪوڙن ماڻهن کي ڪڙو لڳندو آهي.

 معشوق من است آنکه بنزديک توزشت است.

[معنيٰ: منهنجو معشوق اها ذات آهي جيڪو تو وٽ چڱو نه آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: جنهن شيءِ (يعني محبت) جي باري ۾ اسان ڳالهائي رهيا آهيون، ان کي عارف (شيخ شبلي) هن طرح بيان ڪيو آهي:

احبّ قلبي و ما دريٰ  بدني
ولو دريٰ ماقام في  السمن

[معنيٰ: منهنجي دل الله کي دوست رکي ٿي، پر منهنجي بدن کي ان جي ڪابه خبر نه آهي، جيڪڏهن منهنجو بدن ان محبت کي ڄاڻي ها ته ٿلهو نه ٿئي ها.]

              سلطان الاولياء فرمايو: نصوص (قرآني آيتن) جو پاڻ ۾ اختلاف ماڻهن جي پنهنجي مختلف احوالن ڪري آهي، پوءِ ڪنهن آيت ۾ تاويل ڪري ان کي ٻي آيت ڏانهن موٽائڻ ۽ موافقت پيدا ڪرڻ يا هڪ آيت کي ناسخ ۽ ٻي آيت کي منسوخ چوڻ اجائي تڪليف ۽ جهالت آهي.

    ­            آئون چوان ٿو: هـر مـقام لاءِ مـناسب گـفتگـو هـوندي آهي ۽ هـر عـلم لاءِ مـرد موجود هوندا آهن.

             سلطان الاولياء فرمايو: ماڻهو چون ٿا ته نبي ڪريم ﷺ جن بيماريءَ جي تڪليف ۾ رحلت فرمائي. انهن ماڻهن کي اها خبر نه آهي ته بيماريءَ ۾ حضور اڪرم ﷺ کي ڪيڏو (دل جو) حضور ۽ سرور حاصل هو، ڇاڪاڻ ته ڪامل انسان پنهنجي اصلي وطن ڏانهن بنا تڪليف جي ويندو آهي.[53]

جيئن مولوي رومي چيو آهي:

مرگ شيرين گشت نقلم زين سرا
چون قفس هشتن و پريدن مرغ  را

[معنيٰ: هن فاني سراءِ مان لڏڻ وقت موت مٺو ۽ لذت وارو ٿي پيو آهي، ان جو مثال پڃري جو ڀڄڻ ۽ پکيءَ جو اڏامڻ آهي.]

روح دارد بي بدن پس کاروبار
مرغ باشد در قفس بس بيقرار

[معنيٰ: روح کي بدن کان ٻاهر به گهڻو ڪاروبار آهي. پکي پڃري ۾ گهڻو بي آرام هوندو آهي.]

    ­            آئون چوان ٿوته: امام نووي پنهنجي رحلت وقت هي شعر پڙهيو هو:

يسائر قلبي في  قدومي  عليهم
وباليسر يسريٰ يوم اسريٰ اليهم

[معنيٰ: اوڏانهن وڃڻ ۾ منهنجي دل خوش ٿئي ٿي، جڏهن آئون انهن ڏانهن وڃان ٿو ته دل آسانيءَ سان هلي ٿي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: خاص ماڻهن لاءِ هڪ اڻ ڄاتل قبلو هوندو آهي، جيڪو مُرشد آهي.

    ­            آئـون چـوان ٿـو ته: وڏي مُــرشــد سـائين (سلطـان الاوليـاء) اهـو تـڏهن فـرمايائون جڏهن مون کين هڪ ڪتاب جي ڳالهه ٻُڌائي. (اها ڳالهه هيءَ هئي ته هڪ ڏينهن) شيخ نظام الدين اولياءَ (دهلوي) پنهنجي جاءِ کي صاف ڪري رهيو هو ۽ سندس مٿي تي ٽوپي پاسيري پيل هئي، پاڻ ان وقت هيءَ مصرع پڙهي رهيا هئا:

هر قوم راست رسمي وديني و قبله گاهي

[معنيٰ: هر قوم کي پنهنجي خاص رسم، دين ۽ قبلو هوندو آهي.]

ايتري ۾خاص معتقد امير خسرو کين ڏٺو ۽ سندن اهو ٻول ٻُڌي ورتو، تڏهن هن يڪدم هيءَ مصرع پڙهي:

من قبله راست کردم برسمت کج کلاهي

[معنيٰ: مون پنهنجو قبلو اهڙي شخص ڏانهن ڪري ڇڏيو، جنهن جي مٿي تي پاسيري ٽوپي آهي.]

 شيخ نظام الدين، امير خسرو جي هن مصرع کي گھڻو پسند ڪيو ۽ امير خسرو بابت پاڻ مذڪوره قول فرمايائون.

هتي سمجھڻ گهرجي ته (خواجه نظام الدين ۽ امير خسرو جو) هي بيت ڪيترن ئي شرعي علمن جو خلاصو آهي. ڇاڪاڻ ته هي بيت حق ۽ باطل مذهبن جي ڄاڻ لاءِ ڪافي آهي.

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَاتَّبِعْ سَبِيلَ مَنْ أَنَابَ إِلَيَّ    (15:31:21)

[ترجمو: ۽ تون اهڙي شخص جي پيروي ڪر، جيڪو مون ڏانهن موٽيو آهي.]

پر (انهن) يهودين ۽ عيسائين جي زاهدن جي پيروي نه ڪرڻ (گھرجي، جن) الله جي ربوبيت ۾ شرڪ ڪيو آهي. جيئن قرآن ۾ آهي: جيتوڻيڪ انهن راهبن الله ڪري ڪونه سمجهيو آهي. ائين تفسيرن ۾ آهي. هن ڳالهه جو مطلب هي آهي ته قرآن جي حڪم مطابق انڌي تقليد باطل آهي. قرآن هر انسان تي سوچڻ واجب ڪيو آهي، تنهن ڪري هر مسئلي جي تحقيق دليل جي گھرج کان سواءِ فرض آهي. جنهن شخص هي چيو آهي ان جو بدلو کيس الله پاڪ ڏيندو ته:

انظروا ما قال ولا تنظروا من قال

[يعني: جيڪو چيو اٿس ان ڏانهن ڏسو (ته چڱو آهي يا خراب) ۽ جنهن چيو آهي ان ڏانھن نه ڏسو.]

علامه عيني  ‘شرح هدايہ’ ۾ لکيو آهي ته، علم جي سموري  آفت ٻئي جي تقليد ۾ آهي.

 

             سلطان الاولياء فرمايو: باهه رڳو روشني ۽ جوهر آهي پر اصل جوهر فقط انسان آهي.[54]

              سلطان الاولياء فرمايو: ڪن جو چوڻ آهي ته انسان چئن عناصرن جي گڏجڻ سان ٺهيو آهي. پوءِ اهو انسان اهڙو نالو آهي، جنهن جو مُسمّيٰ خيالي شيءِ آهي ۽ انساني صورت الاهي صورت (جيڪا شڪل کان پاڪ آهي) جو پاڇو آهي.

جيئن مولوي جامي چيو آهي:

بحريکي موج هزاران هزار
روئي  يکي  آئينها بيشمار

[معنيٰ: سمنڊ هڪڙو آهي ۽ ان جون لهريون هزارين لکين آهن، اهڙي طرح چهرو هڪڙو آهي، پر آئينا بيشمار آهن.]

               سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو ماڻهو شادي شده آهي ۽ طريقت ۾ اچڻ گهري ٿو ته زال کي طلاق ڏيڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. ڇاڪاڻ ته نبي ڪريم ﷺ جن “غار حرا” ۾ پنهنجي پالڻهار سان خلوت ڪندا هئا ۽ حضرت بي بي خديجه رضه کي طلاق نه ڏنائون. حديثن ۾ آهي ته پاڻ سڳورا ﷺ پنهنجي بيبين جي گهرن ۾ ايندا هئا ۽ کانئن پڇندا هئا ته اوهان وٽ کائڻ لاءِ ڪا شيءِ آهي؟ پوءِ جيڪڏهن بيبين وٽ کاڌو هوندو هو ته کائيندا هئا نه ته روزو رکي ڇڏيندا هئا. ۽ اهو ڪنهن به حديث ۾نه آيو آهي ته پاڻ سڳورا ﷺ کاڌي جي خواهش هوندي ۽ کاڌي جي موجودگيءَ ۾ نه کائين. اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي. (ڇاڪاڻ ته) هن ڳالهه جي سمجهڻ ۾ ڪيترن ئي زاهدن کان خطا ٿي آهي، نه ته حضور ڪريم ﷺ جن جي سنت جي تابعداري ۾ ڪو به حرج نه آهي.

آئون چوان ٿو ته: ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن شيءِ کي گهرندو آهي، تڏهن ان جا اسباب پيدا ڪندو آهي. ‘صحيح بخاري’ جي حديث آهي ته:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org