ڪشف المحجوب ۾ آهي ته زنديق قرآن شريف ۾ تاويل
ڪندا آهن.
علي هجويري داتا گنج بخش لاهوريءَ جي
فارسيءَ ۾ تصوف بابت قديم ترين تصنيف آهي. هو امام
غزاليءَ کان ڪجھ سال اڳ ٿي گذريو آهي.
”زنديق“ جي باري ۾ وضاحت لاءِ ڏسو
ڪشف المحجبوب فارسي ص 540
محال است سعدي ............جز در پئي مصطفيٰ
هي شعر سعدي جي بوستان مان ورتل آهي، ليڪن مڪتوب
94، دفتراول ۾ پڻ حوالي طور ملي ٿو.
مڪتوبات
دفتراول ص 258
مڪتوبات احمدي ۾ آهي ته اڪثر ڪري
”فنا في الشيخ“
ئي”فنا في الله“ جي لاءِ مقدمو هوندو آهي.
هي بحث مڪتوب 78 دفتردوم ۾ ملي ٿو.
ليس
الخبر کا المعائنة
مسند احمد بن حنبل ۽ طبراني ۾ هيءَ حديث ملي ٿي.
تخريج حلاوة الفم، ص 106
اشاهد من اهويٰ ............. شان اضل طريقا
هي عربي شعر سعديءَ جي گلستان مان ورتل آهي.
ڪليات سعدي، ص 80
بشريٰ اذالسلامة ................... غاية
النعم
اختياري نيست .................. من يهدي السبيل
هي ٻئي شعر ديوان حافظ جي ساڳئي غزل مان ورتل آهي.
من لم يطق صبراً .............. الموت با الله
ينفع
يا من يريٰ مافي................... والمواهب اوسع
هي شعر امام شافعي رحه جا آهن.
نقشبندي طريقي ۾ صبح کان پوءِ ۽ عصر کان پوءِ ذڪر
لاءِ تاڪيدي امر
آهي.
ادعو الله وانتم موقنون بالا جابة
مسندالبزاز ۽ المعجم الاوسط ۾ حديث جا اهي الفاظ
ملن ٿا.
علم الاصول
حوالو اڳ ۾ اچي چڪو آهي.
اللــــهم اغنني بالعلم وزيني بالحلم
ترتيب الامالي الخمسہ ۾ حديث جا اهي الفاظ ملن ٿا.
اگر کافر بدانستي............. بُت پرستي است
هي شعر اصل ۾ گلشن راز مان ورتل آهي ۽ اصل شعر هن
ريت آهي:
مسلمان گر بدانستي که بت چيست
بدانستي که دين در بت پرستي ست
اڳيون شعر هن ريت آهي:
اگر مشرڪ ز بت آگاه گشتي
کجا در دين خود گمراه گشتي
گلشن راز، ص 51
شهر ٺٽي جو عالم مخدوم شيخ ابوالقاسم تي
ٺٺول ۽ مسخري ڪندڙ هو.
مخدوم ابوالقاسم نقشبندي جي همعصرن ۾
مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي، مخدوم معين ٺٽوي ۽ وڏي ۾
وڏو با اثر عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1104/1174)
هو. پهريان ٻئي سندس مريديءَ واري لڙهيءَ ۾ پوتل
هئا، باقي ٽئين جا تعلقات پڻ دوستانه رهيا، بلڪ
مخدوم هاشم ٺٽوي ساڻس وڏي عقيدت جو اظهار ڪيو آهي.
موتي معرفت جا ص 284
تلويح
الاصول
اصول فقہ جو ڪتاب آهي مشهور عالم
تفتازانيءَ 758ھ ۾ لکيو آهي. جيڪو اصل ۾ عبدالله
بن مسعود (وفات 747ھ) جي ڪتاب ‘توضيح’ جي شرح آهي.
ڪتاب جو عام نالو ‘التوضيح والتلويح’ آهي. هيءُ
ڪتاب اردو ۾ به ترجمو ٿيل آهي، جنهن جو نالو
التصريح رکيو ويو آهي.
عظمي کتب خانه ڪراچي، 1427ھ
ان العلم نقطة
هن جي تشريح لاءِ ڏسو بيان العارفين تشريحي حوالا
ص 351
سير
في الله
سير في الله، سير باالله، سيرعن الله
وغيره جي سمجھاڻي رساله قدسيه ۾ ملي ٿي. ان کان
سواءِ مڪتوبات ۾ پڻ هي بحث جابجا ملي ٿو.صوفين جي
سير ۽ سفر بابت ڏسو مڪمل شرح ابيات سنڌي، ص 184
کان 186، رساله قدسيه،ص187
تفسير
جلالين
هن تفسير جا ٻه مصنف آهن پهريون محمد
لقب جلال الدين جنهن جو تعلق مصر سان هو ۽ 791ھ ۾
پيدا ٿيو ۽ 862ھ ۾ وفات ڪري ويو. ٻيو مصنف جلال
الدين سيوطي آهي، جنهن جو تعلق پڻ مصر سان هو.
دراصل هيءَ تفسير نه بلڪ سولي عربي ۾ قرآن پاڪ جو
ترجمو آهي. جنهن ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ تشريح ڏنل
آهي. “ڪمالين” جي نالي سان ان جي تشريح شيخ سلام
الله شيخ عبدالحق محدث دهلوي جي پونير پڻ ڪئي آهي.
جنهن جو حوالو پڻ گرهوڙي هڪ هنڌ آندو آهي.
ظفر محصلين ص 34
مَن رَآنِي فَقد رَاَي الحَقَّ
هيءَ حديث بخاري ۽ مسلم ۾ ملي ٿي. مفتاح
ڪنوزالسنته ص43 ۽160
بخاري لطيف ............ و نکو منظري ست
اهي شعر ڪشف اللغات ۾ ملن ٿا. ص 232
هوش دردم ۽ پاس انفاس
انهن اصطلاحن جي سمجھاڻي نقشبندين جي
ڪيترن ڪتابن ۾ ملي ٿي ۽ ان کان سواءِ مڪتوبات 295،
دفتراول ۾ ملي ٿي. مڪتوب اردو حصه دوم ص451
لاتڪتبوا عني (ومن ڪتب عني) غير القرآن
صحيح مسلم ۾ هن حديث جا الفاظ ملن ٿا.
صحيح مسلم عربي، ص 1861
بحرالرائق
هن جو حوالو اڳ ۾ گذري آيو.
شرح
المنار
عبدالله بن احمد (وفات: 710ھ)
ماوراءِالنهر جي شهر نسف جو عالم هو. سندس مشهور ۽
مقبول تصنيف ‘ڪنزالدقائق’ آهي، جنهن کي فقہ حنفي ۾
متن جي حيثيت حاصل آهي. اصول فقہ ۾ سندس تصنيف
‘المنار’ آهي، جنهن جون ڪيتريون شرحون لکيون ويون
آهن. خود مصنف پاڻ ‘ڪشف الاسرارفي شرح المنار’
نالي سان شرح لکي. ان کان علاوه ٻين ويهارو کن
شرحون لکيون آهن.
ظفرالمحصلين ص 172 ۽ 173
صحيح بخاري
امام ابوعبدالله محمد بن اسماعيل ماوراءِ
النهر جي تاريخي شهر بخارا ۾ 194ھ ۾ هڪ علمي
خاندان ۾ پيدا ٿيو. ارڙهن سالن جي عمر ۾ جڏهن هو
حج تي ويو ته اتي ئي رهي پيو. کيس حديثن ياد ڪرڻ
جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو. 210ھ ۾ هن مڪي جو خاص سفر
ڪيو ته جيئن حديثون گڏ ڪري سگھي، ان کان پوءِ
بغداد، بصري، مصر ۽ شام پڻ ويو. ڇهه سال حجاز ۾
رهيو ۽ الائي ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڦرندو رهيو.
امام بخاري هڪ ته حديثن جي تمام گھڻن حافظن سان
پنڌ ڪري روبرو وڃي مليو ۽ ٻيو خدا داد ذهن ۽ حافظي
جي ڪري انهن کي پاڻ وٽ محفوظ ڪندو ويو. هن جي اهڙن
شخصن سان ملاقات ٿي جيڪي تابعين کان روايت ڪندا
هئا. زندگيءَ جي آخري سالن ۾ بخارا جي حڪمران سان
ساڻس اڻبڻت ٿي پئي، جنهن کيس بخارا ڇڏي وڃڻ جو حڪم
ڏنو. امام صاحب جڏهن سمرقند جي پسگردائي ۾ هو ته
بيمار ٿي پيو ۽ اتي ئي 256ھ ۾ وفات ڪري ويو. امام
بخاريءَ جون ڪيتريون تصنيفون آهن، پر وڌ ۾ وڌ شهرت
صحيح بخاريءَ کي حاصل ٿي جنهن کي قرآن شريف کان
پوءِ معتبر ڪتاب تسليم ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو پورو
نالو الجامع الصحيح المسند المختصر من امور رسول
اللهﷺ آهي.
جامع حديث جي اهڙي ڪتاب کي چئبو آهي جنهن ۾
حديثن کي اٺن مستقل عنوانن تحت گڏ ڪيو ويو هجي ۽
اهي آهن ايمان، عقائد، فرائض، جهاد، معاملات،
اخلاق، بشارتون ۽ مناقب وغيره. صحيح تي زور ڏيڻ جو
مطلب آهي ته ان ۾ صحيح حديثن کي گڏ ڪيو ويو آهي.
امام صاحب جو چوڻ آهي ته هن ڪتاب جي تاليف ۾ سورهن
سالن جو عرصو لڳي ويو. مشهور شارح ابن حجر جي ڳڻپ
موجب صحيح بخاريءَ ۾ روايتن جو ڪل تعدار 7397 آهي.
صحيح بخاريءَ جي مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي
سگهجي ٿو ته هن وقت تائين ان جون هڪ سؤ کان وڌيڪ
شرحون لکجي چڪيون آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽
مقبول ابن حجر عسقلاني (وفات 851) جي “فتح الباري”
۽ بدرالدين عينيءَ جي “عمڌه القاري” آهي.
سنڌ جي عالم ۽ محدث شيخ ابوالحسين ڪبير
صحيح بخاريءَ سوڌو حديث جي ڇهن ڪتابن صحاح سته تي
حواشي لکيا، جيڪي ڇپيل آهن. ابوالحسن ڪبير وڏو
عرصو حرمين ۾ وڃي رهيو ۽ اتي 1139ھ ۾ وفات ڪيائين.
راقم خاڪسار کي امام بخاريءَ جي مزار تي
2010ع ۾ حاضر ٿيڻ جو شرف حاصل ٿيو آهي.
ظفرالمحصلين ص 75 ۽ 93، مقالات قاسمي، ص 389
اذا سمعتم عني ............... فاقبلوه وان
خالفوه فردوه
حديث جا هي الفاظ شرح مشڪل الاثار ۽ ڪشف الخفاءَ ۾
ملن ٿا.
شرح الصراط
شيخ عبدالحق محدث دهلوي (1551کان 1642ع)
جي تصنيفات جو تعداد هڪ سئو کان مٿي آهي. شرح
الصراط المستقيم سفرالسعادت جي شرح آهي هن جو
موضوع اهي حديثون آهن جيڪي رسول اللهﷺ جي عمل سان
واسطو رکن ٿيون، اهو ڪتاب ڇپيل آهي.
شيخ عبدالحق محدث دهلوي، ڊاڪٽر محمد يونس قادري،
ص123
هيچ قومي را خدا ..............صاحب دلي نامد
بدرد
هي بيت مثنوي روميءَ مان ورتل آهي. پراصل پڙهڻي هن
ريت آهي:
تا دل اهل دلي نامد بدرد
هيچ قومي را خدا رسوا نکرد
مثنوي دفتردوم ص 289
المصلي
يناجي ربہ
هيءَ حديث مسند البزاز ۾ آيل آهي. نمازيءَ لاءِ اها
ساڳي روايت مڪتوبات ۾ ملي
ٿي. مڪتوب
304، دفتر اول
مخدوم
شيخ آدم نقشبندي ٺٽوي
سنڌ جو پهريون بزرگ جيڪو نقشبندي طريقي
سان وابسته ٿيو ۽ امام رباني مجدد الف ثانيءَ جي
پٽ خواجه محمد معصوم کان بيعت ڪيائين. چون ٿا ته
هو اورنگزيب عالمگير طرفان عالمن جي قدردانيءَ جو
ٻُڌي
دهلي روانو ٿيو ۽ لاهور کان ٿيندو جڏهن سرهند پهتو
ته سندس ملاقات خواجه معصوم سرهنديءَ سان ٿي.
جنهن سندس علمي لياقت ڏسي کيس پاڻ وٽ مهمان ٿيڻ
لاءِ چيو ۽ پنهنجي اولاد جي تعليم جو ڪم سپرد ڪيو.
ائين سرهند ۾ ترسڻ دوران هن خواجه معصوم جي
نگرانيءَ ۾ روحاني منزلون طئي ڪري ورتيون. ستن
سالن بعد کين مرشد اجازت ڏني ته ٺٽي واپس وڃي
خانقاھ قائم ڪريو. ٺٽي ۾ واپس اچڻ کان پوءِ ڪيترا
عالم ۽ فاضل مخدوم آدم جي صحبت کان متاثر تي
نقشبندي طريقي ۾
داخل ٿيا جن ۾
شيخ ابوالقاسم ۽ ٻيا شامل آهن. خواجه معصوم جي
مڪتوبات معصوميه ۾ مخدوم آدم ٺٽويءَ ڏانهن چار
مڪتوبات موجود آهن. بلڪ هن کان پوءِ خواجه سيف
الدين جو هڪ وڌيڪ مڪتوب پڻ ملي ٿو، جنهن منجهان
ٺٽي ۾ نقشبندي سلسلي جي ترويج جي خبر پوي ٿي. اڳتي
هلي مخدوم آدم ٺٽويءَ جي پوٽي خواجه ابوالمساڪين
نقشبندي سلسلي کي ڦهلائڻ ۾ گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي
۽ اهو مخدوم آدم ٺٽوي جي پوٽي خواجه ابوالمساڪين
جي صحبت جو اثر هو جنهن ڪري سلطان الاولياء خواجه
محمد زمان لواريءَ وارو نقشبندي طريقي ۾ داخل ٿيو
۽ کيس اهڙو اجازت نامو پنهنجي هٿن اکرن سان لکي
ڏنائون. جنهن کي گرهوڙي صاحب پاڻ هن ڪتاب ۾ نقل
ڪيو آهي. مخدوم آدم ٺٽويءَ جي مزار مڪليءَ تي آهي.
فردوس العارفين اردو ص 20- 22 ، تحفة الڪرام ص450
سلطان
الاولياء جو لقب
”خليل
الزمان“
‘فردوس العارفين’ جي روايت موجب
عبدالرشيد سرهندي خواجه محمد زمان کي “خليل زمان”
جو لقب ڏنو هو، مگر خواجه ابوالمساڪين فرمايو ته
اوهان جو نالو “محمد زمان” ئي سڀني کان مٿانهون
آهي. ڪتاب ‘جواهرالبدائع’ ۾ پڻ “خليل الزمان” لقب
ملي ٿو. ياد رهي ته عبدالرشيد سرهندي، خواجه محمد
زڪيءَ جو خليفو ۽ خواجه ابوالمساڪين جو هم مشرب
هو. فردوس
العارفين اردو، ص50
از رضا برتر ........... ميدان نيارد هردلي
هي شعر ڪشف اللغات مان ورتل آهي.
ڪشف اللغات جلد اول،ص424
رضا سڀ کان ڀلو سلوڪ آهي
عام طور سڀ صوفي ڏهن مقامات کي مڃين ٿا. امام
رباني هي بحث
مبداءمعاد اردو، ص 113
امام مهدي (عليه السلام) جو ظاهر ٿيڻ
هن ڳالھ ڏانهن اشارو مڪتوب 260 ،دفتر اول ۾ ملي
ٿو. البت “مبداءمعاد” ۾ مقام قطب توڻي ٻين مقامات
تائين پهچڻ جو تفصيلي ذڪر ملي ٿو.
مبداءمعاد اردو، ص 95
برهان الفقہ
اصول فقھ ۾ عبدالمالڪ المعالي بن الجويني
(478ھ) امام الحرمين جو، شافعي مذهب موجب ڪتاب
آهي.
خاص کند بنده مصلحتي عام را
هي مصرع مڪتوبات ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا آئي آهي.
مڪتوب 260، دفتر اول
بهرچه از دوست ...................چه زيبا
بهرچه از راه..........حرف
و چه ايمان
هي شعر حڪيم سنائي جا آهن ۽ مڪتوبات ۾ پڻ ملن ٿا.
ديوان سنائي، ص58 – مڪتوب 240، دفتر اول
ان النهايت الرجوع الي البدايت
اصل ۾ هيءَ جنيد بغداديءَ جو قول آهي ليڪن
نقشبندين ان کي پنهنجو مول متو ٺاهيو آهي. امام
رباني هڪ هنڌ ان جي سمجهاڻي ڏيندي چوي ٿو: “اي پٽ
سمجهي ڇڏ ته نقشبندي طريقي ۾ سير جي شروعات قلب
کان ٿيندي آهي ۽ ان جو تعلق عالم امر سان آهي.
گويا ابتدائي عالم امر سان ٿئي ٿي ۽ ان جي مقابلي
۾ ٻين مشائخن (سلسلن) وٽ اها شروعات تزڪيه نفس سان
ٿئي ٿي يعني هو پھريائين نفس کي پاڪ ڪن ٿا ۽ بدن
جي پاڪائي حاصل ڪن ٿا ان کانپوءِ هو عالم امر ۾
اچن ٿا ۽ اتي جيستائين الله گهري ٿو اڳتي وڌن ٿا.
اهو ئي سبب آهي جو ٻين جي انتها يا پڄاڻي هنن جي
ابتدا ۾ شامل آهي، ان ڪري هيءَ نقشبندي طريقو سڀني
کان وڌيڪ ويجهو آهي.
مڪتوبات اردو دفتراول،ص230، حصه دوئم
هر کجا مي نگرم روئي ترامي بينم
هيءَ مولانا جاميءَ جي مشهور شعر جي ٻي مصوع آهي.
پهرين هن ريت آهي:
درو ديوار من آئينه شد از کثرت
شوق محبوبيةالمحموديه، ص 83
حضور
خليفي محمود نظاماڻيءَ پهريائين ”شغل“ ۽ پوءِ
”حضور“ جي مفهوم ۽ سمجھاڻي ڏيندي ڪل ڇھ شغل ۽ ويھ
حضور بيان ڪيا آهن. صوفين جي اصطلاح ۾ حضور وحدت
کي چون ٿا.
محبوبية المحموديه- حيدرآباد، 1994، ڪشف اللغات ،
ص321 جلد اول
مبداء
ومعاد
امام مجدد الف ثاني جي متفرق تحريرن جو
ننڍڙو مجموعو آهي، جيڪو هن پنهنجي مرشد خواجه باقي
بالله جي حاضري دوران لکيو. جنهن ۾ نقشبندي اصولن
جون سمجھاڻيون شامل آهن. 1019ھ ۾ سندس خليفي محمد
هاشم ڪشمي انهن کي “منها” جو عنوان سان هڪ ٻئي کان
ڌار ڪري لکيو. ساڳي طرح گرهوڙي صاحب به پنهنجي
مرشد جي ارشادات کي “منها” سان ڌار ڪري “فتح
الفضل” عربي ۾ شرح لکيو آهي.
ڪعبي جي حقيقت
“حقيقت ڪعبوي” جي باري ۾ مڪتوبات ۾ گھڻو ڪجھ چيل آهي.
ڏسو مڪتوب 76 ۽ مڪتوب 124، دفتر سوم
المصباح
”مصباح الارواح“ مثنوي آهي، جنهن جو
انتساب مولانا جاميءَ “نفحات” ۾ اوحدالدين
ڪرمانيءَ ڏانهن ڪيو آهي. ليڪن نئين تحقيق آهي ته
اها مثنوي شمس الدين برسيريءَ جي تاليف آهي. جيڪا
ايران ۾ ڇپيل آهي.
مصباح الارواح- فروزانفر- دانشگاه تهران
من لم يسئل الله .................... المحبوب هو
المطلوب
هيءَ حديث ترمذي کان علاوه الادب المفرد ۾ ملي ٿي.
درالمختار
هي ڪتاب تنويرالاهبار جي شرح آهي ۽ ان جو
مصنف محمد علاوالدين هسڪفي آهي. هي هڪ ضخيم ڪتاب
آهي، جيڪو اردو ۾ ترجمو ٿيل آهي.
خواجه بهاؤالدين بخاري نقشبند (718
– 791ھ)
اصل نالو محمد هو. وچ ايشيا (ترڪستان ماوارءِ
النهر) جي تاريخي شهر بخارا ۾ پيدا ٿيو. هو
نقشبندي طريقي ۾ خواجه امير ڪلال کان دست بيعت
ٿيو، جنهن کيس ذڪر خفي جو درس ڏنو. نقشبندي ان
ڪري چوندا اٿس جو روايت آهي ته هو يا الله جو نقش
دلين تي ويهاري ڇڏيندو هو. سندس فيض سان نقشبندي
سلسلي کي غير معمولي مقبوليت ملي. هن ٻه حج ڪيا ۽
پوئين ڀيري خواجه محمد پارسا ساڻس گڏ هو، جنهن
سندس ارشادات “ڪلمات قدسيه” تحرير ڪيا آهن، جن جي
مختصر شرح به لکندو ويو آهي. هن جا چار خليفا
مشهور ٿيا (1) خواجه علاءالدين عطار (2) خواجه
محمد پارسا (3) خواجه علاءالدين غجدواني (4) خواجه
يعقوب چرخي. خواجه بهاءُالدين کي بخارا جي
پسگردائيءَ ۾ رهائش واري جاءِ تي وفات کان پوءِ
دفن ڪيو ويو. جنهن کي هينئر قصر عارفان چون ٿا.
خواجه بهاءَالدين نقشبند جي باري ۾ ٻيو ڪتاب “انيس
الطالبين وعدة السالڪين” سندس ٻئي عقيدتمند صلاح
بن مبارڪ بخاري (وفات 793) فارسيءَ ۾ تاليف ڪيو
آهي. جيڪو پڻ ترڪيءَ مان فارسي متن سان گڏ 1996 ۾
شايع ٿيو آهي ۽ پاڪستان ۾ فارسي متن سان گڏ ان جو
اردو ترجمو 2003 ۾ شايع ٿيو آهي.
مولانا جامي جيڪو پاڻ نقشبندي سلسلي سان وابسته
هو. خواجه نقشبند سان عقيدت جو اظهار ڪندي هڪ هنڌ
چوي ٿو:
سکه که در يثرب و بطحا زدند
نوبت آخر به بخارا زدند
از خط آن سکه نشد بهرہ مند
جز دل بي نقش شہ نقشبند
نفحات الانس ۾ مولانا جامي خواجه نقشبند جي
حياتيءَ جو احوال ڏيندي لکي ٿو ته مرڻ وقت وصيت
ڪئي هئائون ته سندس جنازي کي کڻي هلڻ وقت هي شعر
پڙهندا هلجو:
مفلسانيم آمدہ درکوئي تو
شيئاً لله از جمال روي تو
[معنيٰ: اسان خالي هٿين تنهنجي ڳليءَ ۾ اچي پهتا
آهيون. اسان کي پنهنجي سونهن جي صدقي بخشش ڪر.]
راقم خاڪسار خواجه بهاءُالدين نقشبند جي مزار تي
جيڪا بخارا جي ٻاهران قصر عارفان ۾ آهي، سال 2010
۾ حاضري ڀري چڪو آهي.
نفحات الانس ، ص393، رسائل نقشبند، رساله قدسيه،
ملک محمد اقبال لاهور سال 1975
Masters of Wisdom of central asia Hassan shashid
pg-35-41
شيخ ابوالحسن خرقاني
هن جو نالو علي بن جعفر آهي.
سندس تعلق خرقان سان هو. تذڪرة الاولياءَ ۾ آهي ته
خواجه ابوالحسن جي ڄمڻ جي باري ۾ پيشنگوئي خواجه
بايزيد بسطامي (وفات:261/ 875) 130 سال اڳ جڏهن هن
جو گذر خرقان وٽان ٿيو ته ڪئي هئائين. نقشبندي
صوفي پنهنجو سلسلو جيڪو حضرت ابوبڪر صديق رضه
تائين پهچائين ٿا، اهي خواجه ابوالحسن خرقانيءَ
کان مٿي خواجه بايزيد بسطامي ذريعي امام جعفرصادق
رضه تائين پهچن ٿا، حالانڪ ٻنهي ۾ هڪ صديءَ کان
مٿي عرصو حائل آهي، پر هو چون ٿا ته خواجه بايزيد
بسطاميءَ کي اهو فيض اويسي طريقي سان مليو هو.
اڳتي حضرت قاسم بن محمد بن ابي بڪر ۽ ان کان مٿي
حضرت سلمان فارسي رضه ۽ آخر ۾ حضرت ابوبڪر صديق
رضه تائين توڙ ڪن ٿا.
عمدة السلوڪ، ص 310، تذڪرة الاولياء فارسي 672
مڪتوبات احمدي ۾ آهي ته طريقي نقشبندي جي فضيلت جو
سبب سنت جي
پيروي آهي.
هن لاءِ ڏسو مڪتوب 313، دفر اول
معرفت
جو مهاڳ معرفت کان سواءِ حاصل نه ٿيندو
هن لاٰ ڏسو مڪتوب 78 دفتر دوم
هر که عاشق شد .................... بار مي بايد
کشيد
هي شعر مڪتوبات ۾ پڻ ملي ٿو.
مڪتوب 170، دفتر اول جلد اول،ص348
شيخ بوعلي قلندر
گر بو علي نواءِ قلندر نواختي
صوفي بُدي هر آنکه بعالم قلندر ست
[معنيٰ: جيڪڏهن بوعلي قلندر واري بانسري وڄائي ها
ته سڀ قلندر جيڪي جهان ۾ آهن صوفي ٿي وڃن ها.]
مڪتوب 313، دفتر اول
اسم مُضِلُّ
امام رباني “معرفت” 30 ۾ هن سلسلي جي سمجھاڻي ڏني
آهي.
مڪتوبات فارسي جلد سوم، ص428، معارف لدنيه، اردو ص
157
زعنقا هست نام ............... بود آن نام هم گم
مولانا جاميءَ
جو هي شعر امام ربانيءَ جو پسنديدہ آهي جو
مڪتوبات ۾ ان جا بار بار حوالا ڏئي ٿو ان مان سندس
مراد هيءَ آهي ته، خدا جي ذات جي ڄاڻڻ جي باري ۾
صوفي ۽ عارف گهڻي دعويٰ ڪن ٿا. ليڪن سندس نظر ۾
ذات خداوندي جي باري ۾ جيڪي ڪجھ هو سمجھن ٿا، اها
ان کان گهڻو مٿي يا الڳ آهي. عنقا اهڙي پکيءَ جو
نالو آهي، جنهن جو وجود آهي پر ان کي ڪو به ڏسي نه
ٿو سگهي.
مڪتوب 173 ۽ مڪتوب 279 دفتراول، ص 353 ۽ 634
سير في الاشياء
امام رباني ‘معارف لدنيه’ ۾ چئن سيرن جو
ذڪر ڪيو آهي سير اول يا “سيرالي الله” مان مراد
علمي حرڪت آهي جنهن سان سالڪ ممڪنات جا مرحلا طئي
ڪري علم واجب تائين پهچي ٿو ۽ ان حالت کي فنا
ڪوٺين ٿا. ٻيو سير “سير في الله” آهي جنهن مان
مراد اها علمي حرڪت آهي جيڪا وجود جي مرتبن ۾ ٿئي
ٿي جنهن ۾ اسماء، صفات ۽ شيون توڻي اعتبارات،
تقديسات ۽ تنزيهات اچي وڃن ٿا. ان مرحلي تي اها
ڪيفيت بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي ۽ سمجھ کان مٿي آهي
ان سير کي بقا چون ٿا. ٽيون “سير عن الله بالله”
(الله جي طرفان کان الله سان سير) هن مان مراد اها
علمي حرڪت آهي جنهن سان اعليٰ علم کان هيٺين علم
تائين واپسي يا هيٺ لهڻ آهي يعني جڏهن سالڪ ممڪنات
ڏانهن واپس اچي ٿو ان مرحلي تي گويا سالڪ الله کي
وساري ويهي ٿو پر ان سان گڏ واپس اچي ٿو. ٻين لفظن
۾ واصل ۽ مهجور (ڳنڍيل ۽ الڳ) يا قريب ۽ بعيد
(ويجهو ۽ پري) ٿئي ٿو. چوٿون سير آهي “سير في
الاشيا” جنهن ڏانهن هتي اشارو آهي ان مان مراد شين
جي باري ۾ علم جو حاصل ٿيڻ آهي جيڪو پهرين سير ۾
زائل ٿيڻ يعني آهستي آهستي موٽي ملي ٿو. گويا
چوٿون سير پهرين جي مقابلي ۾ آهي ۽ ٽيون سير ٻئي
جي مقابلي ۾ آهي. حاصل مطلب سيرالي الله ۽ سيرفي
الله ولايت جي حاصل ٿيڻ خاطر آهن ۽ انهن کي ئي فنا
۽ بقا چئجي ٿو. ان لحاظ کان ٽيون ۽ چوٿون سير نبين
۽ پيغمبرن لاءِ آهي، جيڪي هدايت جو پيغام پهچائين
ٿا. معارف لدنيه، ص 163
من افتي بغير العلم لعنت
الملائکة
تاريخ ابن عساڪر ۾ هن جو حوالو ملي ٿو.
لا يدخل الجنّة الارحيم
مجمع الزوائد ۽ تنبيہ الغافلين ۾ هن جو حوالو ملي
ٿو.
الدين النصيحة وانما يرحم الله من عباده الرحمان
صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ هيءَ حديث الدين النصيحة
جي لفظن سان موجود آهي.
مفتاح ڪنوزالسنة، ص10- مختصر صحيح مسلم، ص302
-ارشاد الطالبين، ص16
طريقت بجز ....................سجاّده و دلق نيست
هي شعر سعديءَ جي بوستان مان ورتل
آهي.
ڪليات سعدي، ص 233
حُبُّ
الوّطنِ مِنَ الِايمَانِ
سخاوي موجب هيءَ حديث آهي، جيڪا امام
رباني مڪتوب 78 ۽ 155 دفتر اول ۾ آندي آهي. ملا
علي قاري (وفات: 1014ھ) الموضوعات الڪبريٰ ۾ اهڙين
1368 حديثن تي بحث ڪيو آهي. ليڪن هن حديث بابت
اهي ساڳيون ڳالهيون آهن، بلڪ گرهوڙي صاحب اتان
ورتيون آهن.
الموضوعات ڪبير اردو، ص 110 ،
الموضوعات ڪبريٰ عربي ص163
الموت قبل الموت
هن بابت تحقيق اڳ ۾ گذري آهي.
ڏسو الموضوعات ڪبريٰ عربي، ص 110، اردو،ص 163
فتويٰ
حمادية
ابوالفتح رڪن بن حسام ناگوري جي تصنيف آهي.
هي ڪتاب ٻن جلدن ۾ سال 1241/1825 مطبع ايشيا ٽڪ
ليٿو گرافڪ ڪمپني طرفان ڇپيل آهي.
شرح
قصيده برده
ملا علي قاري (وفات 1014ھ/ 1605ع) جي تصنيف آهي.
العالم من عقل عن الله و اطاعة
هن جو حوالو مٿي گذري آيو.
جلالين
هن جو حوالو گذري آيو.
امام راغب اصفهاني
هن جو حوالو مٿي گذري آيو.
خواجه بايزيد
جو پاڻ کي ڳولڻ
هيءَ حڪايت تذڪرة الاولياء ۾ ملي ٿي.
ان الله لا يحب
العبد المتميز عن عباده
تحقيق مڪمل ٿي نه سگھي.
شرح مفتاح
هن جو حوالو مٿي گذري آيو.
علم
منطق
علم منطق ۾ ڪلي ۽ جزئي جو بحث بنيادي حيثيت رکي
ٿو.
هن لاءِ ڏسو تيسيرالمنطق يا ايساغوجي وغيره
چون بدانستي ................. وگر
زيستي
هي شعر عطار جي مشهور تصنيف منطق الطير
مان ورتل آهي. جيڪو مڪتوبات امام رباني توڻي
مڪتوبات معصوميه ۾ پڻ ملي ٿو. پر ٻنهي ڪتابن ۾ اهو
مولانا روميءَ جو ڪري ڄاڻايل آهي.
منطق
الطير، ص،61
مڪتوبات
احمدي ۾ آهي ته جنهن لفظ جي معنيٰ شريعت جي خلاف
نه
هجي، ان جي تاويل جائز آهي.
تحقيق مڪمل نه ٿي سگھي.
عارفن مان ڪنهن پُڇيو ته “ڇا نفي کان پوءِ علم
آهي؟”
هتي گرهوڙي صاحب اها صراحت نه ڪئي آهي
ته اهو عارف ڪير هو. البت 1201ھ ۾ ‘فردوس
العارفين’ جو مصنف بلوچ خان جيڪو پاڻ گرهوڙيءَ جو
همعصر هو ۽ سلطان الاولياء کان 1182ھ/ 1768ع ۾ اچي
بيعت ٿيو، تنهن جڏهن سلطان الاولياء جي حياتيءَ جو
احوال لکيو ۽ آخر ۾ ملفوظات ڏنا ته اتي وضاحت سان
لکيائين ته هن اها روايت ٻڌي ته شاھ عبداللطيف پاڻ
سلطان الاولياءَ سان ملاقات ڪرڻ لُواري شريف آيو
هو ۽ حق تعاليٰ جي قرب حاصل ڪرڻ بابت سوال پڇيو
هئائين. تنهن تي پاڻ چيائون: پهريائين شيخ يا مرشد
بنجڻ جي خواهش ترڪ ڪريو ته توهان کي خدا جي راھ جو
ٻڌايون. ٻيو ڪتاب ‘رساله ابراهيميه’ جيڪو گرهوڙي
صاحب جي چوڻ تي ميان ابراهيم ساند غالباً 1188ھ
ڌاري لکيو، تنهن ۾ پڻ شاھ لطيف جي لواريءَ ۾ اچڻ
جو ذڪر ملي ٿو. ليڪن نفيءَ بابت پڇيل سوال اتي به
ڪونه ٿو ملي. البت درگاھ لواريءَ بابت 1262ھ ۾
لکيل ٽئين ڪتاب ‘مرغوب الاحباب’ ۾ اهو سوال شاھ
لطيف جي نالي سان ڏنل آهي. بلڪ ان مؤلف شاھ لطيف
۽ سلطان الاولياء درميان ٻين ڪيترن بيتن جي ڏي وٺ
جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي پوءِ جيئن جو تيئن ‘مرغوب
الاحباب’ تان ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ‘لواريءَ جا لال’ ۾
نقل ڪيا ۽ ائين شاھ لطيف ۽ سلطان الاولياء درميان
اها ملاقات واري روايت عام ٿي. جيڪا پوءِ ڊاڪٽر
دائود پوٽي ‘ابيات سنڌي’ ۾ ۽ مولانا دين محمد
وفائي ‘لطف اللطيف’ ۾ پڻ ڏني آهي. هتي اها نشاندهي
ڪجي ٿي ته خواجه محمد زمان شاھ عبداللطيف جي
عقيدتمند مولوي محمد صادق نقشبندي جو شاگرد هو.
جنهن جو پهريون ڀيرو ذڪر ‘فتح الفضل’ جي فارسي
مترجم ۽ شارح خواجه گل محمد جي تصنيف ‘الورد
محمدي’ ۾ 1200ھ ملي ٿو. اڳتي هلي سن 1239ھ ۾ ‘فتح
الفضل’ جي باقي رهيل حصي جي فارسي ترجمي ۽ شرح
‘تڪملة الورد محمدي’ ۾ نفي بابت هن ارشاد جي حاشي
تي پڻ نالو سيد عبد اللطيف لکيل ملي ٿو.
[مقولات تصوف، ص 85، فردوس العارفين، فارسي ۽ اردو
ص 29 ۽ 90 ، مرغوب الاحباب قلمي، لواريءَ جا لال،
ص 67-72، ابيات سنڌي، ص 20 -22، لطف اللطيف ص 74۽
75 الوردالمحمدي ضميمو (الف) ۽ تڪملة الورد محمدي
ضميمو (ب)[
ڪهي آگ پتنگ نُون....... سِر ڏِئي سِيداءُ
هن هندي دوهي بابت وڌيڪ خبر پئجي نه سگھي.
فصوص الحِڪم
شيخ اڪبر ابن عربي (وفات: 632ھ) جي مشهور
تصنيف آهي، جنهن جا انگريزيءَ ۽ اردو ۾ ڪيترا
ترجما ٿيل آهن.
شرح عين العلم
حوالو مٿي گذري آيو.
ابن المقري
تحقيق مڪمل ٿي نه سگھي.
شرح البرده
حوالو مٿي گذري آيو.
شيخ ابن عربي بابت گرهوڙي جي راءِ
نقشبندي حضرات خاص طور امام رباني ابن عربيءَ سان
ڪن ڳالهين ۾ اختلاف ڪيو آهي مثلاً ابن عربيءَ جي
لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو خالق ۽ مخلوق ۾ عينيت جو
قائل آهي جيتوڻيڪ ابن عربيءَ جا شارح ان خيال سان
متفق ناهن ته ڪو ابن عربيءَ جو واقعي اهو مطلب
آهي. بهرحال ابن عربيءَ جي ڪن نظرين جي تشريح ۽
تعبير اهڙي ڪئي وئي آهي جنهن سان ڪن حلقن ۾ اهو
گمان پختو ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو امام رباني
مڪتوبات ۾ ‘فصوص الحڪم’ تي تنقيد ڪندي چوي ٿو ته
اسان کي “فصوص” نه پر “نصوص” يعني “فص” جي بجاءِ
“نص” کپي يعني قرآن کي هر حال ۾ مقدم رکڻو آهي.
اهڙيءَ طرح ابن عربيءَ جي ٻي مشهور تصنيف ‘فتوحات
مڪيه’ جي باري ۾ چوي ٿو اسان کي ان جي بجاءِ
“فتوحات مدنيه” کپي. ليڪن ساڳئي وقت ائين به چوي
ٿو ته کيس ڪشف ۾ ابن عربي خدا جي بارگاھ ۾ مقبولين
۾ نظر اچي ٿو.
هن لاءِ وڌيڪ ڏسو “وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود”،
مڪمل شرح ابيات،ص 85 کان 118
بحرالرائق
حوالو مٿي گذري آيو.
بگيتي گرچه صد........ از خود رهائي
هي شعر مولانا جاميءَ جي مثنوي يوسف زليخا مان
ورتل آهي.
هفت اورنگ، ص594
قصيده امالي
قصيدہ الامالي جو مصنف ابوالحسن علي بن
عثمان محمد الدوسي آهي. اهو قصيدو هن شعر سان شروع
ٿئي ٿو:
يقول العبد هي بدالامالي - لتوحيد بنظم کالاآلي
[يعني: هي ٻانهو امالي (لکرائڻ ) جي شروعات ۾ عرض
ڪري ٿو ته توحيد جي موضوع تي مون هي موتين جي
لڙهي پوئي ڇڏي آهي.]
قصيدي ۾ ڪل 168 اشعار آهن ۽ ان جو
موضوع اسلامي عقائد جي سمجهاڻي آهي. جنهن ۾ الله
جي صفات ۽ نبين تي ايمان کانسواءِ اهل سنت جا
عقيدا پوري وضاحت سان بيان ٿيل آهن. هتي ڏنل شعر
قصيدي جو يارهون بند آهي. انهيءَ قصيدي ۾ الله جي
صفات جي باري ۾ چوي ٿو:
صفات الله ليست عين ذات - وّلاغيرًا سواہ ذانفصال
يعني: الله جون صفتون نه ته سندس ذات جون عين آهن
۽ نه کانئس ڌار يا الڳ آهن.
قصيدہ بدءَالامالي استنبول ص 3
لطيفن
جو ذڪر ۽ انهن جي سمجھاڻي
نقشبندي فڪر مطابق انسان ڏهن لطيفن کان
عبارت آهي جنهن کي هو عام طور هڪ دائري جي شڪل ۾
ڏيکارين ٿا. (جنهن جو نقش 242 جي تعليقات ۾ ڏنل
آهي.) پنجن جو تعلق عالم خلق سان آهي ۽ پنجن جو
تعلق عالم امر سان آهي. نفس، آتش، باد، آب ۽ خاڪ
عالم خلق سان واسطو رکن ٿا، جڏهن ته قلب، روح، سر،
خفي ۽ اخفيٰ جو تعلق عالم امر سان آهي. مجدد الف
ثاني نهايت وضاحت سان انساني بدن ۾ انهن لطيفن جو
مقام بيان ڪيو آهي. هن سلسلي ۾ شاہ ولي الله لکي
ٿو: مطلب ته شيخ احمد موجب انهن لطيفن جو تعلق بدن
جي ڪنهن نه ڪنهن حصي يا عضوي سان آهي قلب سيني جي
کاٻي پاسي جي ٻه آڱريون هيٺان آهي روح ساڄي طرف
قلب جي سامهون يا برابر آهي. سر سيني جي مٿان وچ
تي آهي. خفي سيني جي کاٻي طرف ڇاتيءَ مٿان آهي.
اخفيٰ وري خفي جي مٿان آهي. نفس دماغ جي پهرئين
تهه ۾ آهي. اهي سڀ هنڌ نبض وانگر حرڪت ڪري سگهن
ٿا. شيخ احمد چوي ٿو ته، طالب کي انهن سڀني جي
حرڪت تي نظر رکڻ کپي ۽ انهيءَ حرڪت کي ائين سمجهڻ
گهرجي گويا اهو اسم ذات جو ذڪر آهي. ان کان اڳي
نفي ۽ اثبات جو ذڪر آهي ۽ اهو ان طرح ته لفظ “لا”
کي اهڙيءَ طرح ڇڪي جو سڀني لطيفن تي ڇانئجي وڃي ۽
پوءِ الالله جي ضرب قلب تي وهائي ڪڍي. لطيفن جو
بيان ۽ سمجهاڻي “مبداء معاد” ۾ به ملي ٿي. لطيفن
جي بهترين سمجھاڻي خليفي محمود پڻ ڏني آهي.
مبداء معاد،ص 118، مڪتوب 58 دفتراول،
محبوبيةالمحموديه، ص 57 ۽ 58،
القول الجميل في سواءِ السبيل ص 87
هر که بخرابات ....... اصول دين است
هيءَ شعر امام غزاليءَ (450-505ھ) جي مشهور
تصنيف ڪيمياء سعادت ۾ ملي ٿو، جيڪو فارسي ۾ تصنيف
ڪيو هئائين. چئي نٿو سگھجي ته اهو سندس شعر آهي.
غزاليءَ جا ٻيا فارسي شعر به ملن ٿا. اصل ۾ اهو
ڪتاب امام غزاليءَ جي عربي تصنيف احياءَ علوم
الدين جو خلاصو آهي شروعات ۾ اسلامي عقائد ۽ معرفت
خداوندي جي سمجهاڻي ڏنل آهي. ان کانپوءِ ڪتاب چئن
ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون عبادات ٻيو معاملات ٽيون
هلاڪت يا تباهيءَ جا ڪارڻ ۽ چوٿون انسان جي
ڇوٽڪاري جا رستا. هيءَ ڪتاب سنڌي ۾ پڻ ترجمو ٿيل
آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيل آهي.
ڪيمياءِ سعادت سنڌي، ص465، نعماني، ڪيمياء سعادت
فارسي، استنبول 1988، ص421
الناس عالم او متعلم وسائر الناس کالهمج
لفظن جي ڪجھ تبديليءَ سان هيءَ حديث سنن الدراميءَ
۾ ملي ٿي.
مرا
دل من پير تعليم است من طفلِ زبان دانش
هيءَ مصرع فارسيءَ جي مشهور شاعر
خاقانيءَ جي ديوان مان ورتل آهي جيڪا قصيدہ مرات
الصفا درحڪمت وتڪميل نفس جي پهرين سٽ آهي هن جي ٻي
مصرع هن ريت آهي:
دم تسليم سر عشر و سر ز انو دبستانش
ديوان خاقاني دڪتر ضياءَ الدين سجادي چاپ دوم، ص
209
خلق مجنون است.......... مجنون غافل است
گرهوڙيءَ هي شعر شرح ابيات سنڌي ۾ پڻ آندو آهي.
ص250
جُحط
جحط لفظ “نجس عليٰ الحالي الطاهر” جو مخفف
(Acronym)
آهي. علم فقہ جو اصطلاح آھي.
جيڪو حنفي فقہ جي مشهور ڪتاب ڪنزالدقائق ۾ آهي.
اصل مسئلو آهي ته جيڪڏهن ڪو ناپاڪ شخص کوھ ۾ ڪري
پوي ته ڇا کوھ جو پاڻي پاڪ رهندو يا نه؟ هن باري ۾
فقيهن جا ٽي رايا آهن پهريان چون ٿا ته کوھ ۾ ڪرڻ
وارو همراھ پاڪ ٿي ويندو پر کوھ جو پاڻي نجس ٿي
پوندو. هتي اکر “ج” لفظ “نجس” مان ورتل آهي ٻيا
چون ٿا ته نه کوھ جو پاڻي پليت ٿيندو ۽ نه همراھ
جو غسل لهندو. گويا ٻئي پنهنجي ساڳي حالت تي
رهندا، هن جي حالت مان اکر “ح” ورتائون. ٽيان چون
ٿا ته کوھ جو پاڻي به پاڪ آهي ۽ ڪرڻ وارو همراھ به
پاڪ ٿي ويو. هن جي پاڪائي واري حالت “طاھر” مان
“ط” جو اکر ورتائون. انهن ٽنهي کي ملائي جُحط جو
اصطلاح ٺاهيائون.
مڪتوبات احمدي ۾ آهي ته نبوت ۽ ولايت عقل جي طريقي
کان سواءِ آهن
يعني ڪسبي ناهن، پر وهبي آهن.
اهو بحث مڪتوبات ۾ ڪيترن هنڌن تي ملي ٿو.
صوفي
نشود صافي .......... پُخته شود خامي
هي شعر شيخ سعديءَ جي ديوان بدائع ۾ ملي ٿو، جتي
پوئين مصرع اڳ ۾ آندل آهي.
ڪليات سعدي، ص 736
اِذَا تَمَّ الفَقر فَهُوَ الله
هن جي سمجهاڻي اڳ ۾ گذري چڪي آهي، مڪتوبات
کان علاوه هن قول جي سمجهاڻي خواجه بهاءَ الدين
نقشبند جي ملفوظات ۾ هن طرح ملي ٿي ته ٻانهي جي
فنا ۽ نيستي جو مطلب حق جي صفات جو حصول آهي.
مڪتوب 266 جلد اول،ص 559،انيس الطالبين اردو ص
113
شرح المفتاح
حوالو مٿي گذري آيو.
ڪتاب اصول
امام فخرالدين رازي (554-606ھ) شافعي
مذهب سان تعلق رکندو هو. ۽ وچ ايشيا جي تاريخي شهر
ري جو هو. هو ڪيترن علومن تي دسترس رکندڙ هو. سندس
تصنيفن جو تعداد هڪ سو جي لڳ ڀڳ آهي جن ۾ هڪ
المحصول في علم الاصول آهي ۽ تفسير ڪبير پڻ سندس
جڳ مشهور تصنيف آهي.
حدائق الانوارفي حقائق الاسرار جو اردو ترجمو
ساڻهه علوم اردو، ص 22
مُلاّ عبدالحڪيم ”خيالي“ جو حاشيه
حاشيه خياليءَ جو مصنف احمد بن موسيٰ خيالي جي لقب
سان مشهور آهي. سندس اها تصنيف شرح عقائد جو حاشيو
يعني سمجهاڻي آهي، جيڪا هن 862ھ ۾ مڪمل ڪئي. سندس
اها شرح نهايت مقبول ۽ مروج ٿي. وري ان جي شرح ملا
عبدالحيڪم سيالڪوٽيءَ لکي، جيڪا برصغير ۾ تمام
گهڻو مشهور ٿي. سيالڪوٽي 1027ھ ۾ وفات ڪئي. هو
امام ربانيءَ سان عقيدت رکندو هو شرح عقائد نسفي ۽
حاشيه خياليءَ جو حوالو مڪتوب 266 دفتر ۾ ملي ٿو.
مڪتوبات
فارسي جلد اول، ص581، ظفر المحصلين ص 190
خفي ذڪر ڀلو آهي جلّي ذڪر کان.
ذڪر جھري (ڏاڍيان آواز سان ذڪر) جي بجاءِ ذڪر خفي
(آهستي دل ۾ ذڪر) واري ترتيب خواجه بهاءَالدين
نقشبند کان شروع ٿئي ٿي.
رساله قدسيه، تصحيح احمد طاهري، ص37
خذ ما صفا دع ما کدر
مشهور مقولوآهي. فرهنگ ماثورات ص220
وليءَ کي وليءُ ئي سُڃاڻيندو آهي
هيءُ قول مڪتوب97، دفتر دوم ۾ ملي ٿو.
مڪتوبات دفتر دوم اردو، ص 339
ڪتاب مطول
هن جو حوالو اڳ ۾ گذري چڪو آهي.
المواقف
ڪتاب
المواقف جو مصنف قاضي عضدالدين الايجي(680/706=
1281/1355) آهي. سندس تعلق شيراز جي سرزمين سان
هو. مشهور مفسر ناصرالدين بيضاويءَ جو شاگرد هو.
هو منقولات جي مقابلي ۾معقولات يعني علم ڪلام ۽
فلسفي جو ماهر هو. سندس هيءَ تصنيف پڻ ان سلسي ۾
آهي.
سعدالدين تفتازاني جو شمار سندس مشهور شاگردن ۾
ٿئي ٿو، جيڪو وري ‘شرح عقائد نسفي’ جو مصنف آهي.
‘مواقف’ جو شرح مير سيد شريف جرجاني لکيو آهي.
‘شرح مواقف’ جو حوالو مڪتوبات ۾ پڻ ملي ٿو.
مڪتوبات دفتراول، مڪتوب، 251
بحرالرائق
هن جو حوالو اڳ ۾ گذري آيو آهي.
|