سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:5 

(ھ) شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي زندگيءَ جو

احوال ۽ ان وقت جون سياسي حالتون

 

شيخ عبدالرحيم گرهوڙي ٻارهين صديءَ اندر سنڌ جو هڪ وڏو عالم، فقيہ، صوفي ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڄم ۽ ننڍپڻ بابت پوري خبر نه پئجي سگھي آهي. عام روايت موجب 1192ھ ۾ شهادت وقت سندس عمر فقط چاليھ سال هئي. تنهنڪري گمان آهي ته 1152ھ ۾ ڄائو هوندو. ليڪن جديد تحقيق جي نقطئه نظر موجب ۽ همعصر شاهدين جي آڌار تي سندس جنم جو سال 1130/1618 جي لڳ ڀڳ بيهي ٿو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق مطابق شيخ عبدالرحيم مڱريو تعلقي کپري جي ننڍڙي ڳوٺ واڙ ۾ ڄائو، جيڪا ڳالھ وڌيڪ قرين قياس آهي. اها هن ڪري ته مڱريا قوم تاريخي طور عمرڪوٽ کان وٺي کپري تائين آباد رهي آهي ۽ اڃا تائين سندن اڪثريت انهيءَ ايراضيءَ ۾ آهي. هڪ ٻي روايت موجب گرهوڙيءَ علم جي تحصيل به انهيءَ علائقي جي مشهور علمي درسگاھ چوٽيارين مان ڪئي جتي سندس استاد محمد مبين جھڙو عالم شخص هو. اڳتي هلي ميرپور پراڻي ۾ مدرسي جو قائم ڪرڻ ۽ گرهوڙ کي مستقل رهائش طور اختيار ڪرڻ مان به انهيءَ ڳالھ جي وڌيڪ پٺڀرائي ٿئي ٿي. گرهوڙيءَ جو واسطو هن علائقي سان هو. ڊاڪٽر بلوچ هڪ روايت جو ذڪر ڪيو آهي جنهن موجب شاھ عبداللطيف جو درسگاھ چوٽيارين ۾ ميين محمد مبين وٽ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. جنهن ڪري هن ڳالھ تي اعتبار ڪري سگھجي ٿو ته نوجوانيءَ ۾ گرهوڙي صاحب جي شاھ لطيف سان ملاقات ٿي هجي يا کيس ڏٺو هجي. ياد رهي ته شاھ عبداللطيف 14 صفر 1165/1752 تي وفات ڪئي.

هي جو ڪلام گرهوڙيءَ ۾ شاھ عبداللطيف جا ڪيترا بيت جيئن جو تيئن ملن ٿا يا ڪيترن بيتن جون اڌ يا سڄيون مصراعون ساڳئي جو ساڳيون آهن. ان جو سبب اهو ئي ٿي سگھي ٿو ته گرهوڙيءَ ننڍپڻ ۽ نوجوانيءَ ۾ شاھ لطيف جا بيت گھڻا ٻڌا ۽ ياد ڪيا هوندا. جنهنڪري اهي سندس سنڌي بيتن ۾ گڏجي سڏجي ويا آهن. ياد رهي ته شاھ لطيف جي رسالي يا شاعريءَ جو اهڙو ڪو به مجموعو نه مليو آهي، جيڪو گرهوڙيءَ جي زماني يا ٻارهين صديءَ جي آخر جو هجي، جيتوڻيڪ شاھ لطيف 1165ھ ۾ وفات ڪئي. شاھ لطيف جي وفات کان ٻائيتاليھ سال بعد بيتن جو پهريون مجموعو گنج 1207ھ جو لکيل آهي. جنهن جو مطلب آهي ته ان کان اڳ شاھ لطيف جا بيت سالڪن ۽ سگھڙن کي زباني ياد هئا جن کان گرهوڙي صاحب اهي بيت ٻڌا هوندا.

گرهوڙيءَ جي ڄمار يا جنم جي باري ۾ هيءَ روايت قابل غور آهي ته ملفوظات پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ (1171- 1234ھ) ۾ هڪ نقل آهي جنهن جو راوي محمد عارف ٿيٻو آهي. هو چوي ٿو ته آءٌ ڇوڪرو هوس جو مون شاھ عبداللطيف جو گھڻو نالو ٻڌو جو پاڻ اسان جي مائٽن ۾ ايندا هئا. آخر هڪ دفعي جڏهن هو اسان جي ڳوٺ آيا ته آءٌ کين مليو هوس. ڪجھ سالن بعد شاھ صاحب وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ ٿوري وقت اندر مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي اسان جي ٿيٻن مائٽن مان شادي ڪئي ۽ هو پڻ مون کي ڏاڍو ڀائيندو هو. انهيءَ روايت مان پتو پوي ٿو ته شاھ لطيف جي وفات کان ڪجھ عرصي بعد عبدالرحيم گرهوڙي ايڏي وڏي عمر جو هو جو اها ٽين شادي ٿي ڪيائين ۽ عارف ٿيٻي ٻنهي کي ڏٺو. ان بنياد تي چئي سگھجي ٿو ته گرهوڙيءَ جي جنم جو سال 1152ھ نٿو ٿي سگھي، ڇو ته ان لحاظ کان شاھ لطيف جي وفات وقت گرهوڙيءَ جي عمر فقط تيرهن سال بيهي ٿي. جيڪڏهن هن شاديءَ وقت جيڪا ٽين شادي چئي وڃي ٿي، گرهوڙيءَ جي عمر ٽيهن کان پنجٽيھ سال هجي، تڏهن به سندس جنم ڪنهن به صورت ۾ 1130ھ کان بعد ۾ نٿو ٿي سگھي.

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي پنهنجي وقت ۾ ظاهري عالم طور مشهور هو ۽ وقت جي حڪمرانن وٽ به ان حيثيت سان ڄاتل سڃاتل هو. هن ۾ وڏي روحاني تبديلي ڪيئن ۽ ڪڏهن آئي؟ ان سلسلي ۾ هڪ مشهور روايت ملي ٿي جيڪا همعصر تذڪري ‘فردوس العارفين’ ۾ ڪونه ٿي ملي، ليڪن لُواري درگاھ جي هڪ ٻئي فاضل مريد نظر علي بلوچ پنهنجي ڪتاب ‘مرغوب الاحباب’ ۾ نقل ڪئي آهي. اهو ڪتاب 1262ھ/1845ع ۾ يعني گرهوڙيءَ جي وفات کان ستر سال پوءِ تصنيف ڪيو ويو آهي. نظر علي خانداني طور درگاھ لُواري شريف سان وابسته هو. پهريائين سندس ڏاڏو شهمير خان ٽالپر سلطان الاولياء خواجه محمد زمان قدس سره جو مريد ۽ خليفو ٿيو جيڪو وري گرهوڙيءَ سان گھرو ۽ گھاٽو هو جو سندس زباني گرهوڙي صاحب جي باري ۾ پڻ ڪي نقل ملن ٿا. اهڙيءَ طرح نظر عليءَ جو والد الطاش پڻ خواجه گل محمد جو مريد ۽ معتقد هو. نظر علي پاڻ فارسيءَ جو سٺو شاعر هو ‘خاڪي’ تخلص ڪندو هو ۽ سندس شاعري ‘مرغوب الاحباب’ کان سواءِ ‘تڪمله مقالات الشعراءِ’ ۾ پڻ ملي ٿي.

‘مرغوب الاحباب’ جي روايت موجب گرهوڙي هڪ دفعي ڪنهن درويش کي واٽ ويندي ڏٺو جيڪو لُواري شريف وڃي رهيو هو. ان زماني ۾ لُواريءَ جي وڏي هاڪ هئي. ڪجھ دير ڳالھ ٻولھ ڪرڻ کان پوءِ کيس چيائين ته پنهنجي پير کان منهنجي طرفان هي سوال پُڇجانءِ ته اها واٽ جنهن تان اسان جو پيغمبرﷺ مٿي آسمان تي معراج لاءِ ويو هو، سا فقط سندس لاءِ مخصوص هئي يا ٻين لاءِ به اهو رستو کليل آهي؟ لُواري پهچڻ بعد اهو ڏکيو سوال هن درويش جي دل تان لهي ويو. ليڪن جڏهن واپس گھر موٽڻ جو ارادو ڪري مرشد کان اجازت وٺڻ لڳو ته خواجه محمد زمان کانئس پڇيو “فلاڻي توکي واٽ تي ڇا چيو هو”؟ تڏهن ياد پيس ۽ ساري حقيقت بيان ڪري ٻڌايائين. خواجه صاحب فرمايو، کيس چئج ته بغداد جي خليفي لاءِ پل اڏي هئائون جا اڃا تائين قائم آهي ۽ سڀ ڪو مٿانئس پيو لنگھي. ساڳيءَ طرح عالم جي سردار لاءِ به گويا هڪ پل ٺهرائي وئي هئي، سا ڪا ڊهڻ جي آهي؟ البته سندن گذر خاص شان ۽ دستور وٽان هو، باقي ٻين جو اتان لنگھڻ پنهنجي حيثيت مطابق آهي.

روايت موجب انهيءَ جواب گرهوڙيءَ کي لاجواب ڪري ڇڏيو ۽ سڀ ڪجھ ڇڏي اچي لُواري شريف ۾ سلطان الاولياء خواجه محمدزمان جي هٿ تي بيعت ڪيائين. ائين هو نقشبندي طريقي ۾ داخل ٿيو ۽ ڪامل مرشد جي رهنمائي هيٺ سلوڪ ۽ طريقت جون منزلون طئي ڪيائين. هتي سوال آهي ته گرهوڙي لُواريءَ ۾ ڪڏهن آيو ۽ ڪيترو وقت اتي رهيو. علامه دائود پوٽي جو اندازو آهي ته لُواري ۾ اچڻ جو واقعو 1180/1766 کان پوءِ ٿيو هوندو، جڏهن ته سلطان الاولياء سال 1188/1774 ۾ رحلت ڪئي آهي. ‘مرغوب الاحباب’ وارو لکي ٿو ته گرهوڙي لُواريءَ ۾ ڪيترائي سال رهيو. هن سلسلي ۾ سلطان الاولياء جي هڪ ٻئي مريد ميان ابراهيم ساند، جيڪو گرهوڙيءَ جو همعصر ۽ سندس گھاٽو دوست آهي بلڪ جھاد وقت به ساڻس گڏ هو، ان جي فارسيءَ ۾ لکيل ‘رساله ابراهيميه’ مان هڪ اشارو ملي ٿو. هو ان رسالي جي منڍ ۾ پهريائين اهو اعتراف ڪري ٿو ته هن پنهنجي مرشد جي باري ۾ اهي ارشاد ۽ نقل گرهوڙي صاحب جي همتائڻ تي مرتب ڪيا آهن. آخري نقل بيان ڪندي لکي ٿو ته اهو سنڌ جي حڪمران محمد مراد ياب جي حڪمرانيءَ جو زمانو (1167 کان 1170) هو جو سنڌ ۾ سخت ڏڪار اچي پيو ۽ ماڻهن ۾ حلال حرام جي تميز نه رهي، ايتريقدر جو اسان جي ڳوٺ جا نوحاڻي چوري جا جانور ڪهي کائيندا هئا ۽ اسان کان ٿانوَ وٺي استعمال ڪندا هئا مون اها ڳالھ پنهنجي مرشد سان ڪئي ته آءٌ انهيءَ سبب ڪري اهو ڳوٺ ڇڏڻ ٿو چاهيان پر پاڻ منع ڪيائون. هن نقل مان اندازو ٿئي ٿو ته درگاھ لُواري شريف تي گرهوڙيءَ جو اچڻ انهن سالن کانپوءِ نه بلڪ اڳ ۾ ئي ٿيو هوندو. انهيءَ حساب سان گرهوڙيءَ جو لُواريءَ ۾ اچي سلطان الاولياء جو مريد ٿيڻ وارو زمانو 1170ھ کان پوءِ جو نٿو ٿي سگھي. مطلب جڏهن گرهوڙيءَ جي عمر چاليھ سالن کان مٿي هوندي.

هن ڳالھ جي تصديق ان مان پڻ ٿئي ٿي ته گرهوڙي لُواري درگاھ سان وابسته ٿيڻ کان پوءِ جڏهن هڪ دفعي ميرن جي خانپور (تعلقه سامارو) ۾ جتي سندس چاچو رهندو هو، جمعي جو وعظ ڪري رهيو هو ته سندس تقرير کان متاثر ٿي اتان جا مير ٽالپر هميشہ لاءِ لُواري درگاھ جا سچا ۽ سرويچ مريد ٿي ويا. انهن ٽالپرن مان ابوالحسن ٽالپر ۽ حاجي رامڻ ٽالپر جھاد وقت گرهوڙيءَ سان گڏ هئا. شهمير ٽالپر جيڪو گرهوڙيءَ جو همعصر هو ۽ درگاھ لُواريءَ سان خاص تعلق هوس اهو پڻ گرهوڙيءَ جو گھرو گھاٽو دوست بنجي ويو.

گرهوڙيءَ جي زندگيءَ جو هڪ نهايت اهم واقعو چوٿين ذوالقعد 1188/1774 ۾ سندس مرشد سلطان الاولياء جي رحلت آهي، ٿي سگھي ٿو ته هو ان وقت اڳيئي لُواريءَ ۾ موجود هجي پر جيڪڏهن نه تڏهن به هو جلدي اتي پهچي ويو. ‘فردوس العارفين’ جي مؤلف موجب اهو گرهوڙي هيو جنهن سلطان الاولياء جي سندن حجري ۾ دفن لاءِ راءِ ڏني جنهن تي فوري عمل ڪيو ويو. سلطان الاولياء جي رحلت بعد گاديءَ تي جھڳڙي واري صورتحال پيدا ٿي وئي ڇو ته ان وقت خواجه گل محمد جي عمر فقط يارهن سال هئي ۽ جماعت جا ڪي با اثر ماڻهو هن جي حق ۾ نه هئا. ليڪن اهو گرهوڙي هيو جنهن سڀ کان پهرين اڳتي وڌي خواجه گل محمد جي بيعت ڪئي ۽ ان کان پوءِ ٻيا شيخ ابوطالب اگھمي، حافظ هدايت الله ۽ حاجي طاهر وغيره شامل ٿي ويا. ‘مرغوب الاحباب’ جو مؤلف لکي ٿو ته خواجه گل محمد جي گادي نشين ٿيڻ کان پوءِ گرهوڙي صاحب پورو هڪ سال لُواري شريف ۾ ئي ترسيل هيو، بلڪ هو ايترو به چوي ٿو ته جڏهن ڪو مريد خواجه صاحب ڏانهن رجوع ڪندو هو ته سندس پويان گرهوڙي ويٺل هوندو هو ۽ هو پڻ ڪوشش ڪري نئين مريد تي پنهنجو توجھ وجھندو هو.

اسان جو خيال آهي ته سلطان الاولياء جي رحلت بعد لواريءَ ۾ ترسڻ دوران گرهوڙيءَ ٻئي ڪتاب پهريائين ‘شرح ابيات سنڌي’ ۽ پوءِ موجوده ڪتاب ‘فتح الفضل’ تصنيف ڪيا. ان جو هڪڙو علمي ڪارڻ اهو آهي ته هنن ٻنهي ڪتابن ۾ گرهوڙيءَ ڪيترن ئي تمام ناياب علمي ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن، اهي ڪنهن وڏي عاليشان ڪتب خاني ۾ ئي موجود ٿي سگھن ٿا ۽ پڪ سان اهو لُواري شريف جو ڪتب خانو هو، جنهن جي هاڪ پوئين زماني تائين پڻ قائم هئي. ٻيو سبب هي آهي ته هن کان پوءِ گرهوڙي گھڻو وقت زنده نه رهيو، ڇو ته 1192ھ ۾ سندس شهادت ٿي آهي. هونئن به اهڙي علمي ڪم ڪرڻ لاءِ سڪون ۽ هڪ هنڌ ويهڻ ضروري هو جيڪو ان وقت گرهوڙيءَ کي اتي ميسر هو.

  خواجه گل محمد جي گادي نشين ٿيڻ بعد گرهوڙي صاحب سندس شان ۾ فارسيءَ ۾ هڪ منقبت لکي آهي، جيڪا مثنوي روميءَ جي وزن تي چيل آهي ۽ منجھس ڪيترا بيت مثنوي جا داخل آهن. تاهم ڪافي بيت سندس تصنيف آهن. هڪ بيت ۾ چوي ٿو: 

گل محمد دل منازل ها تمام
غير بلبل اين چه داند خاص و عام

[يعني: گل محمد ئي سڀني منزلن جي دل ۽ انتها آهي پر بلبل (عاشق) کانسواءِ ٻيا عام توڻي خاص ان ڳالھ کي ڇا ڄاڻن!]

مٿين ڪتابن کانسواءِ گرهوڙيءَ جي ڪن متفرق مختصر رسالن جا نالا ملن ٿا جن مان گھڻا ناپيد آهن. البت سندس سنڌيءَ ۾ ڪلام گرهوڙي وڏي مقبوليت ماڻي جو ڪيئي دفعا اشاعت هيٺ آيو آهي، جنهن کي پوري تحقيق سان پهريون دفعو علامه دائود پوٽي 1956۾ شايع ڪرايو.

گرهوڙيءَ جي زندگيءَ جو ٻيو وڏو واقعو جنهن بابت شروع ۾ اشارو ڪيو ويو ۽ جنهن جو سڀني تذڪره نگارن بيان ڪيو آهي، اهو خدا آباد ۾ مذهبي مناظرو آهي. سڀ کان پهرين مير علي شير قانع ان ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته اهو ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دؤر ۾ ٿي گذريو. ميان سرفراز ڪلهوڙو پنهنجي پيءُ غلام شاھ ڪلهوڙي کان پوءِ تخت نشين ٿيو ۽ سندس حڪمرانيءَ جو عرصو مشڪل سان چار سال (1772/1186 کان 1775/1189) آهي. هو فارسي ۽ سنڌيءَ جو سٺو شاعر هو ۽ علمي مذاق رکندڙ هو، ليڪن نااهل حڪمران ثابت ٿيو.  

‘مرغوب الاحباب’ واري انهيءَ مباحثي ۽ مناظري جو جھڙوڪ اکين ڏٺو احوال ڏنو آهي، پر اهو ڪونه ٻڌايو اٿس ته ان جو اصلي موضوع ڪهڙو هو؟ البته اشارو ڏنو اٿس ته گرهوڙي صاحب  تي الزام هو ته هو فقهي مسئلن ۾ تقليد بجاءِ پنهنجي راءِ اختيار ڪري ٿو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ان مباحثي وقت گرهوڙيءَ جو اصرار صرف هڪ ڳالھ تي هو ته امين ڪنهن سيد سڳوري کي ڪيو وڃي ۽ ان ڪري سيد جمال شاھ گھوٽڪيءَ واري کي امين مقرر ڪيو ويو. جيڪو ڪلهوڙن جي ملازمت ۾ هو. آخر ۾ سيد جمال شاھ گرهوڙيءَ جي حق ۾ فيصلو ڏنو ته هو اهڙي ڪابه ڳالھ شريعت جي خلاف ڪونه پيو چوي يا ڪري، جنهنڪري سندس خلاف ڪو قدم کڻي سگھجي. ‘مرغوب الاحباب’ جي وڌيڪ روايت موجب سيد جمال شاھ پاڻ هن واقعي کان پوءِ گرهوڙيءَ جو وڏو معتقد بنجي ويو ۽ گرهوڙيءَ جي پيشنگوئي مطابق گھوٽڪي پهچڻ کان اڳ رستي ۾ رحلت ڪري ويو. گھوٽڪيءَ وارن سيدن جي شجري مان خبر پوي ٿي ته سيد جمال شاھ 1191ھ ۾ وفات ڪري ويو. ان ڪري چئي سگھجي ٿو ته هي مناظري وارو واقعو ان سال ۾ ٿيو هوندو.

‘مرغوب الاحباب’ مان پتو پوي ٿو ته لُواري درگاھ سان وابستگي کان اڳ يا پوءِ واري زماني ۾ گرهوڙي جو ميرپور (پراڻي) ۾ مدرسو هو جتي مير الهيار ۽ مير ٺارو وٽس پڙهندا هئا جن جو واسطو ميرپور جي ماڻڪاڻي خاندان سان هو. اهو ساڳيو مير الهيار آهي جنهن ٽنڊوالهيار جو شهر 1203ھ ۾ ٻڌرايو. مير الهيار 1231ھ ۽ مير ٺاري 1230ھ ۾ وفات ڪئي. ‘مرغوب الاحباب’ وارو روايت ڪندي لکي ٿو ته جڏهن ميرالهيار مير فتح خان کان پوءِ راڄ سنڀاليو ۽ هڪ ڏينهن مٿي تخت تي چڙهيو ويٺو هو جو گرهوڙي صاحب اتان اچي لنگھيو. چون ٿا ته جيئن ميرالهيار اُٿي گرهوڙي صاحب جي آجيان لاءِ هيٺ لهي آيو ته گرهوڙي کيس ٿڦ وهائي ڪڍي، ان ڪري ته جيئن مير صاحب جي دماغ مان بادشاهيءَ جي هوا نڪري وڃي. چون ٿا ته ان کان پوءِ هو واقعي هڪ درويش صفت انسان بنجي پيو.

جيڪڏهن تاريخي حقيقتن کي ڏند ڪٿا ۽ ڪرامتن واري انداز کان الڳ ڪري ڏسبو ته ٿڦ واري ڳالھ ان وقت جي ٿي سگھي ٿي جڏهن ميرالهيار گرهوڙيءَ جي مدرسي ۾ ميرپور ۾ پڙهندو هو. گرهوڙيءَ جي ان مدرسي جا آثار ميرپور پراڻيءَ ۾ اڃا تائين هڪ مٽيءَ جي دڙي جي صورت ۾ موجود آهن جنهن جي ڀرسان پاڻي ۽ سم سان ڀريل هڪ تمام پراڻي کڏ موجود آهي. ان جي ڀرسان اها جاءِ به موجود آهي جنهن کي اتي جا رهندڙ گرهوڙي صاحب ڏانهن منسوب ڪن ٿا. تازو جڏهن اسان جنوري 2016 ۾ ميرپورخاص کان کپري واري روڊ رستي سان اتي پهتاسين ته روڊ تي بيٺل جھوني بڙ وٽ مڱريا قوم جي هڪ وڏي عمر جي شخص سان ملاقات ٿي، جنهن پنهنجي وڏن کان ٻڌل اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون جن مان پڻ ميرپور ۾ گرهوڙيءَ جي مدرسي جي آثارن جي تصديق ٿئي ٿي.

علامه دائود پوٽي لکيو آهي ته چئي نٿو سگھجي ته گرهوڙي صاحب ڪڏهن اچي گرهوڙ ۾ رهيو ڇو ته اتان جي سيدن جي مخالفت واري روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته ان کان اڳ اهو هتي رهندڙ ڪونه هو. ‘مرغوب الاحباب’ جي روايت مان پتو پوي ٿو ته ميرپور ۾ رهائش دوران به گرهوڙ سان سندس واسطو هو تاهم اها ڳالھ ظاهر آهي ته عمر جي آخري حصي ۾ اتي اچي مستقل طور رهڻ لڳو. ‘مرغوب الاحباب’ ۾ آيل هڪ ٻن حڪايتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مصنف جو ڏاڏو شهمير ٽالپر توڻي ابوالحسن ٽالپر گرهوڙيءَ سان ملڻ لاءِ اتي ويندا هئا. گرهوڙ ۾ ئي وٽس ٻي خلق خدا جي رجوعات ٿيڻ لڳي هئي. جيتوڻيڪ پاڻ اڪثر جذب ۽ جوش جي ڪيفيت ۾ گذاريندو هو. جيئن هنن حڪايتن مان ظاهر ٿئي ٿو هڪ دفعي حاجي شهمير ٽالپر سندس خبر چار وٺڻ لاءِ گرهوڙ ۾ آيو. گرهوڙيءَ کي ڏٺائين ۽ محسوس ڪيائين ته فقط هڏن جي مٺ وڃي بچيو آهي. شهمير خان چيس پاڻ کي ايڏي هلاڪيءَ ۾ ڇو وڌو اٿوَ؟ وراڻيائين “واذڪرالله في ايّام معدودات” يعني قرآن جي آيت موجب الله جي ذڪر جا چند ڳاڻ ڳڻيا ڏينهن آهن. مطلب گھڻي مهلت ڪونه آهي.

 ٻئي دفعي ابوالحسن ٽالپر ڪافي وقت کان پوءِ گرهوڙ ۾ ساڻس ملڻ آيو ڏٺائين ته گرهوڙي صاحب گودڙيءَ ۾ ويڙهيو سيڙهيو تڏي تي ليٽيو پيو آهي ۽ ماڻهو سندس چوگرد مراقبي جھڙي حالت ۾ ويٺا آهن. ابوالحسن چوي ٿو ته مان اڃا انهيءَ سوچ ۾ گم هوس ته پاڻ اُٿي ويهي مون کي مخاطب ٿي هي شعر پڙهڻ لڳو:

مکن عيب درويش مدهوش مست
که غرق ست زان ميزند پاء و دست

[معنيٰ: درويش مستن جي عيب گيري نه ڪر ڇو ته هو (عشق ۾) غرق آهي. ان ڪري ته هٿ پير هڻي رهيو آهي.]

هڪ ٻي روايت موجب هڪ دفعي گرهوڙي صاحب پنهنجن ساٿين سان گڏ ڪنهن طرف وڃي رهيو هو ته واٽ تي کين فقيرن جي هڪ اهڙي ٽولي نظر آئي جن کي مٿي تي ڪاريون پڳون، هٿن ۾ وڏيون تسبيحون ۽ بغل ۾ طنبورا هئا. مطلب ته وڏي ٺاٺ سان وڃي رهيا هئا. گرهوڙي صاحب هنن کي ڏسي پنهنجن ساٿين کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته عام ماڻهو هنن کي درويش ۽ فقير سمجھن ٿا، مگر اسان هنن کي چور سمجھون ٿا ڇو ته درويشي تسبيح ۽ طنبوري ۾ نه آهي. ان موقعي تي هي بيت پڙهيائون:

کار درويش دلق و تسبيح و سجاده نيست
در هوائي بربط و طنبور حق را جاده نيست

[معنيٰ: درويشيءَ جو مطلب گودڙي، تسبيح ۽ مصلو کڻي هلڻ نه آهي، طنبورن ۽ سازن جي آواز ۾ حق جو رستو ڪونه ملندو.]

 هي بيت هڪ لحاظ سان شيخ سعدي جي هن بيت جو عڪس آهي:

طريقت بجز خدمت خلق نيست
به تسبيح سجاده و دلق نيست

[معنيٰ:سلوڪ جي واٽ خدمت خلق کانسواءِ ٻيو ڪجھ ناهي، انهي جو مطلب گودڙي مصلو ۽ تسبيح ناهي.]

 عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي زندگي جو آخري واقعو جنهن ۾ هو شهيد ٿي وڃي ٿو تڏهن پيش آيو جڏهن هو گرهوڙ نالي ڳوٺڙي ۾ مستقل طور اچي رهيو. هن واقعي بابت پوري روايت صرف ‘مرغوب الاحباب’ ۾ ملي ٿي جيڪا هن ريت آهي ته گرهوڙ کان اتر ڏکڻ ۾ سٺ ميلن جي فاصلي تي هندن جي مهاديو جي نالي ۾ مشهور مڙهي هئي، جنهن بابت ڪيتريون ڏند ڪٿائون هلندڙ هيون. ان زماني ۾ مڙهيءَ جو مهنت وڏو چالاڪ ۽ هوشيار هو جو هندو خواھ مسلمان سندس زيرِ اثر هئا. وڏي ڳالھ ته هو پاڻ وٽ اناج ۽ خوراڪ جو ايترو ذخيرو گڏ ڪري رکندو هو جو سندس لنگر هميشہ لاءِ جاري رهندو هو. ڪيترا چانيها ۽ گجو ذات جا مسلمان پڻ ان مهاديو جي مڙهيءَ جا عقيدت مند هئا. ٿر جي هڪ دور افتاده مقام تي جتي ڪابه آبادي ڪونه هئي صرف واريءَ جون ڀٽون ۽ دڙا هجن، اتي کاڌي پيتي جو هر وقت انتظام رکڻ ڪنهن ڪرامت کان گھٽ نه هو. پر اها ئي ڳالھ گرهوڙي صاحب جي عقيدن ۽ سوچ جي برخلاف هئي. ويتر جو معلوم ٿيس ته هندن کان وڌيڪ مسلمان انهيءَ بد اعتقاديءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن ته دل ۾ مڙهيءَ خلاف مهم هلائڻ جو پڪو پھ ڪري ڇڏيائين. اهو ارادو دل ۾ ڪري پنهنجي مرشد خواجه گل محمد جي خدمت ۾ هيٺيون بيت نياپي طور ڏياري موڪليائين:

جنهن ڪن ٽوپايا ڪوڏ مان، تنهن کي ڪڄاڙو
مـاڻــــس سـتـاڙو، پـــڻــــس نـالـــــو ڪــــيـنـڪــــــي

[مطلب ته جنهن شخص جوڳي بنجڻ لاءِ شوق مان پنهنجا ڪن ٽوپايا (ته جيئن جوڳين وارا والا پائي دنيا کي تياڳ ڏئي) ان جو پوءِ دنيا سان ڪهڙو واسطو جو خبر رکي ته سندس ماڻس پيڪن ۾ ڪڏهن گڏجاڻي لاءِ ويل آهي، بلڪ هو ته پنهنجي پيءُ جي نالي تان به هٿ کڻي ڇڏيندو آهي (فنا ٿي پنهنجي سڃاڻپ ختم ڪري ڇڏيندو آهي)]

‘مرغوب الاحباب’ جي روايت موجب خواجه صاحب گرهوڙيءَ جي هن بيت ٻڌڻ سان غمگين ٿيا ۽ فرمايائون ته شايد گرهوڙيءَ جو آخري وقت اچي پهتو آهي. هوڏانهن مقرر ڏينهن تي گرهوڙي صاحب ڪجھ ماڻهو ڪٺا ڪري مڙهيءَ جي طرف روانو ٿيو. سندس ساٿين جو تعداد ڪن چوڏهن ته ڪن ٻاهتر ٻڌايو آهي. ان ۾ ابراهيم ساند، ابراهيم ٽالپر، ابوالحسن ٽالپر، رامڻ ٽالپر شهمير ٽالپر جو پوٽو جيڪو اڃا ڇوڪراٽ هو ۽ معروف يا مارو ٿيٻو شامل هئا. اهو قافلو جڏهن مڙهيءَ وٽ پهتو ته ‘مرغوب الاحباب’ جي روايت موجب گرهوڙي صاحب مهنت سان ڳالهين لاءِ چار شرط پيش ڪيا، جنهن ۾ پهريون شرط ته ٻنهي طرفن جا اڳواڻ ويڙھ جي بجاءِ بند ڪوٺيءَ ۾ پاڻ کي چاليهن ڏينهن تائين کائڻ پيئڻ کانسواءِ بند رکن ۽ ان وچ ۾ جيڪو مري وڃي ته ان جو پاسو شڪست کاڌل سمجھبو ۽ ٻي ڌر کي فاتح تسليم ڪبو. ان زماني جي دستور موجب ٻيا به اهڙي قسم جا شرط هئا. ڪجھ ڏينهن اها حالت رهي پر آخر ويڙھ کانسواءِ نتيجو نه نڪتو. چون ٿا ته جڏهن مڙهيءَ جو سامي پنهنجي گھوڙي تي چڙهي حملي خاطر ميدان ۾ آيو ته رامڻ ٽالپر بندوق ڀري کيس هڻي ڪڍي، جنهن تي سامي زخمي ٿي ڪري پيو. جنهن کان پوءِ ساميءَ جي ساٿين ڀرپور حملو ڪري ڏنو. گرهوڙيءَ جي ساٿين مڙهيءَ ۾ داخل ٿي بت ڀڃڻ شروع ڪيا ۽ پوري عمارت کي ساڙي تباھ ڪيائون، ليڪن گرهوڙي صاحب ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺان ويهي “اياڪ نعبد واياڪ نستعين” جو ورد ڪري رهيو هو. ايتري ۾ دشمنن مان ڪن ماڻهن کيس ترار جا ڌڪ هڻي شهيد ڪري ڇڏيو. اهو واقعو 17ربيع الاول 1192 مطابق 15 اپريل 1778 تي اربع ڏينهن پيش آيو. ‘مرغوب الاحباب’ جي صاحب سندس شهادت تي قطعه تاريخ چيو آهي، جنهن جو هڪ شعر هي آهي:

چون تاريخ وصالش جستم از دل

جواب  آمد ‘بحق  خلوت  گزيده

               1192ھ

علامه دائود پوٽي مقامي روايت جي آڌار تي جيڪا ڊاڪٽر بلوچ کيس موڪلي هئي، ٻڌائي ٿو ته اهي ٻه ماڻهو لکانو چانيهو ۽ ستابو گجو هئا جن گرهوڙي صاحب کي شهيد ڪيو. بلڪ انهيءَ ويڙھ جي وقت مارو ٿيٻو به اچي پهتو جيڪو پڻ گرهوڙيءَ جو بچاءُ ڪندي مارجي ويو. بهرحال انهيءَ واقعي ۾ مڙهي به پوري ريت تباھ ٿي وئي جو جنهن واريءَ جي دڙي تي اها ٺهيل هئي، اهو ٺيڪراٺو اڄ تائين ڦهليل نظر اچي ٿو ۽ سڙيل ڪڻڪ جا داڻا اڄ تائين اتان لڀن ٿا. سال 2015 جي 19 ڊسمبر تي اسان جڏهن اتي پهتاسون ته ڪڻڪ جا سڙيل داڻا پاڻ ڏٺاسون. انهيءَ هنڌ تي ڪنڊيءَ جو اهو پراڻو وڻ اڃا تائين سائو بيٺل آهي. ان سانحي بعد گرهوڙي صاحب جي لاش کي کڻائي اچي گرهوڙ ۾ دفن ڪيائون. جتي سندس مزار جو قبو مير احمد خان شاهواڻي ٺهرايو ۽ قبر جي مٿان 1213ھ ۾ عقيدت وچان سلطان الاولياء خواجه محمدزمان جي مزار مبارڪ تان هٽايل پراڻو ڪاٺ جو پڃرو آڻي رکيائون.

علامه دائود پوٽي مڙهيءَ طرف پيش قدمي ڪرڻ کان اڳ گرهوڙي صاحب جي مير بجار سان ملاقات ۽ کانئس مدد گھرڻ جو ذڪر ڪيو آهي، حالانڪ ‘مرغوب الاحباب’ ۾ ان طرف ڪو اشارو ڪونه ٿو ملي. علامه دائود پوٽو هن سلسلي ۾ لکيل هڪ اهڙي خط جو ذڪر ڪري ٿو جيڪو کيس ڪلام گرهوڙيءَ جي ڪنهن قلمي نسخي پويان نظر آيو هو. اهو خط گرهوڙيءَ طرفان مير بجار ۽ سندس سؤٽ مير فتح خان ڏانهن لکيل آهي. اسان ان خط جو عڪس جيڪو محترم قبولائي مهيا ڪيو آهي هن ڪتاب جي آخر ۾ شامل ڪيو آهي.

سنڌ جي ڪلهوڙا دؤر جي مورخ مير علي شير قانع ‘معيار سالڪان طريقت’ ۾ گرهوڙيءَ جو ذڪر ڪندي مير بجار کي گرهوڙيءَ جو وڏو عقيدتمند ڄاڻايو آهي. اهڙيءَ طرح ‘تاريخ بلوچي’ جو مصنف عبدالمجيد جوکيو جيڪو پڻ همعصر تاريخ نويس آهي، اهو وري گرهوڙيءَ طرفان مير بجار سان ملاقات جو ذڪر ڪري ٿو. مير بجار جي گرهوڙيءَ سان ملاقات جيئن علامه دائود پوٽي لکيو آهي ته گھڻو ڪري ميرپور ۾ ٿي هوندي. تاريخ بلوچيءَ وارو لکي ٿو ته مير بجار سان ملاقات وقت گرهوڙيءَ مير بجار کي دلاسو ۽ تسلي ڏني پر چيائين ته توهان جي فتح هنن ٽن شرطن تي ٻڌل آهي: پهريون الله تعاليٰ جي مخلوق ۾ عدل ۽ انصاف ڪجو ۽ انهن کي ظالمن جي هٿان نقصان کان بچائجو. ٻيو غير شرعي ڪمن جو دروازو بند رکجو ۽ ناجائز وصوليون نه ڪجو. ٽيون مستحق ماڻهن جي مدد ڪجھ خاص طور سيدن ۽ عالمن سڳورن جي بيت المال مان امداد ڪجو.

هاڻي سوال آهي ته اها ملاقات ڪڏهن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ ٿي هوندي، يا اهو خط ڪڏهن لکيو ويو هوندو!

اسان جو خيال آهي ته اها ملاقات لانياري جي لڙائي کان اڳ ٿي آهي، جڏهن ڪلهوڙن جو چاليھ هزارن جو لشڪر ميان غلام نبيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ ميرن جي مرڪز شهدادپور طرف وڌڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو ۽ ميرن جو لشڪر ڪل چئن هزارن تي مشتمل هو. اها لڙائي 1191ھ ۾ شهدادپور جي ڀرسان لانياريءَ جي ميدان تي لڳي هئي جنهن ۾ غلام نبي ڪلهوڙو سندس فوجي اڳواڻ پيروز پتافي ۽ ٻيا ڪيترا ساٿي مارجي ويا هئا ۽ سندن خاص صلاحڪار تاجو ليکي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو.

‘مرغوب الاحباب’ جي مصنف نظر علي هن ملاقات ۽ سموري واقعي کي ڪرامت جي رنگ ۾ بيان ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته جڏهن مير بجار گرهوڙيءَ وٽ دعا لاءِ حاضر ٿيو ته سخت پريشان هو پر گرهوڙي صاحب کيس مذڪور شرطن جي مڃڻ سان کيس تسلي ڏيندي دعا ڪئي. بلڪ جڏهن مير بجار جي ساٿين مان ڪنهن پيروز پتافيءَ جو نالو ورتو ته گرهوڙي صاحب انهن ساٿين مان هڪ کي ڏاڙهيءَ کان جھلي مير کي چيو ته اجھو هي اٿئي پيروز پتافيءَ جو سر! لڙائي کان پوءِ ٿيو به ائين جو انهيءَ سپاهيءَ پيروز پتافيءَکي قتل ڪيو جنهن لاءِ گرهوڙي پاڻ ائين چيو هو. ‘مرغوب الاحباب’ جي اندازِ بيان مان لڳي ٿو ته ڄڻ گرهوڙي پاڻ انهيءَ لڙائي ۾ شريڪ هو.

تذڪره نويسن عام روايت موجب لانياريءَ ۾ ميرن جي فتح جو ذڪر ان انداز سان ڪيو آهي ڄڻ ته گرهوڙي صاحب ئي ميرن کي ڪلهوڙن کان حڪومت وٺي ڏني. ‘آئينه جھان نما’ جيڪو 1288ھ ۾ لکيو ويو ان جو مصنف مخدوم عاقل کهڙائي به ميرن جي گرهوڙيءَ سان عقيدت جو ذڪر ڪيو آهي. بلڪ هن گرهوڙيءَ طرفان ميرن کي ڏنل پندرهن شرطن يا هدايتن جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ اهي مٿي ذڪر ڪيل ٽي شرط يا هدايتون به شامل آهن. وڏي ڳالھ ته ‘آئينه جھان نما’ وارو چوي ٿو لانياري جي لڙائي کان پوءِ يعني 1191ھ ۾ ئي ميرن جي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي. دراصل مؤلف غلط فهميءَ وچان لانياري جي بجاءِ 1191ھ ۾ هالاڻي جي لڙائي سمجھي ويٺو آهي.

‘مرغوب الاحباب’ ۾ آيل هڪ ٻئي نقل مان پڻ اندازو ٿئي ٿو ته مير بجار جو گرهوڙي صاحب سان گھڻي عقيدت وارو رستو هو. هڪ ڀيري مير بجار، مير فتح خان، سيد الھ بخش شاھ ۽ گرهوڙي صاحب گڏ ويهي ماني کائي رهيا هئا. اوچتو گرهوڙي صاحب چيو ته اسان چارئي شهيد ٿينداسون. البت سيد الھ بخش شاھ کي حسيني شهادت نصيب ٿيندي جو ٻار ٻچا ساڻ هوندس ۽ پاڻيءَ کي پهچڻ کان اڳ شهيد ٿي ويندو. اڳتي هلي هن سان ائين ئي ٿيو. مير بجار کي 1193ھ ۾ جوڌپور مان موڪليل راجپوتن اڪيلائي ۾ خط ڏيکارڻ جي بهاني سان اچانڪ خنجر هڻي ماري وڌو. ان کان پوءِ مير بجار جي پٽ مير عبدالله ۽ سندس سؤٽ مير فتح خان ڪلهوڙن سان وڏن جي وفاداريءَ کي قائم رکيو. پر عبدالنبي ڪلهوڙي ٻنهي کي جڏهن اهي درٻار ۾ آيل هئا، وڏي بي رحميءَ سان پنهنجن ماڻهن کي اشارو ڪري مارائي ڇڏيو.

گرهوڙي صاحب ۽ ميرن جي باهمي تعلقات کي سمجھڻ لاءِ ان وقت جي سياسي پس منظر ۽ ماحول جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. گرهوڙيءَ جو زمانو خاص طور سندس زندگيءَ جو پويون حصو ڪلهوڙن جو آخري دؤر آهي، بلڪ غلام شاھ ڪلهوڙي جھڙي روشن دماغ حڪمران جڏهن 1186/1772 ۾ وفات ڪئي ته سنڌ ۾ افراتفريءَ جو آغاز ٿي ويو. غلام شاھ جي مرڻ بعد سندس پٽ ميان سرفراز ڪلهوڙو تخت تي ويٺو پر راڄي ليکيءَ جھڙي سازشيءَ جي چڪر ۾ اچي ويو. ايتريقدر جو قرآن پاڪ تي يقين دهاني لکي ڏيڻ جي باوجود هڪ ڏينهن مير بهرام جيڪو ڪلهوڙن جو خانداني طور وفادار ۽ فوجي اڳواڻ هو، ان کي سندس پٽ مير صوبدار سميت گھرائي درٻار ۾ ناحق قتل ڪرائي ڇڏيائين. اهو واقعو سال 1189/1775 ۾ ٿي گذريو ۽ تڏهن مير بهرام جو وڏو عقلمند فرزند مير بجار حج تي ويل هو. تاهم ٻين ميرن مير فتح خان جي اڳواڻيءَ ۾ ڪلهوڙن جي تخت گاھ خدا آباد لڳ پراڻا هالا کي اچي گھيرو ڪيو. ميان سرفراز اهڙي حالت ڏسي اتان ٻيڙيءَ رستي ڀڄي اچي حيدرآباد جي قلعي ۾ پناھ ورتي. ميان سرفراز جي اهڙيءَ ريت ڀڄي وڃڻ بعد حڪومت سندس ڀاءُ محمود خان جي حوالي ٿي.

مير بجار 1190ھ ۾ حج تان موٽڻ بعد حالتن تي نهايت ٿڌي دل ۽ دماغ سان ويچار ڪرڻ شروع ڪيو. انهيءَ دوران سازشن جو مرڪزي ڪردار راڄو ليکي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي مري ويو، ڪي چون ٿا ته هو پاڻ زهرکائي مري ويو. بهرحال راڄو ليکي جيئرو هو جو ميان محمود خان کي وڌيڪ حڪمرانيءَ لائق نه سمجھي سندس جاءِ تي ميان غلام نبي ڪلهوڙي کي مسند تي ويهاريو ويو. هوڏانهن راڄي جي مرڻ بعد تاجو ليکي جيڪو پيءُ کان وڌيڪ شرير هو، ساڳي حيثيت اختيار ڪري ويو.

ڪجھ وقت گذرڻ بعد غلام نبي ڪلهوڙو به تاجي جي هٿن ۾ کيڏڻ لڳو ۽ تاجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندي غلام نبيءَ کي ميرن جي خلاف برغلائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. آخر غلام نبي تاجوءَ جي مشوري تي وڏو لشڪر تيار ڪري ميرن سان مقابلي لاءِ شهدادپور چڙهي آيو. مير بجار مصلحت کان ڪم وٺندي صلح جي ڪوشش ڪئي ڇو ته هن ڪنهن به صورت ۾ ڪلهوڙن سان ڦٽائڻ نٿي چاهيو. هو پيءُ ۽ ڀاءُ جي قتل جي باوجود دل وجان سان ڪلهوڙن جو وفادار هو. انهيءَ ڪري هن پنهنجي چاچي مير چاڪر خان کي اهڙو پيغام ڏيئي ميان غلام نبيءَ ڏي ڏياري موڪليو پر ڪابه ڪوشش ڪامياب نه ٿي.

        مير بجار ۽ سندس ساٿين لاءِ اهو نهايت پريشانيءَ جو وقت هو جو هڪ ته هو ذهني طور لڙائي لاءِ تيار نه هئا ٻيو ته وٽن ايڏو لشڪر به ڪونه هو. بلڪ سندن لشڪر جو تعداد چئن يا ڇھن هزارن کان هرگز مٿي نه هو. وڏي ڳالھ ته پهريون دفعو ڪلهوڙن حڪمران جي حيثيت ۾ ميرن خلاف لشڪر ڪشي ڪئي هئي، جنهن ۾ ساڻن ٻيا به ڪيترائي قبيلا شامل هئا ۽ سندن لشڪر جو تعداد ٽيهن کان چاليھ هزار ٻڌايو ويو آهي، ميرن لاءِ اهو نهايت ڏکيو وقت هو. انهيءَ پس منظر ۾ مير بجار جيڪو هونئن به مذهبي ذهن ۽ نيڪ طبيعت وارو انسان هو ۽ جيڪو هن کان اڳ به گرهوڙي صاحب جو معتقد چيو وڃي ٿو، وٽس دعا ۽ غيبي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيو. جنهن جو ذڪر ‘مرغوب الاحباب’ واري روايتي انداز ۾ ڪيو آهي ۽ اهو اڳ ۾ بيان ٿي چڪو.

        ‘تاريخ بلوچيءَ’ جي مصنف موجب لانياري جي ميدان تي ميان غلام نبي مرڻيگ حالت ۾ پَٽ تي ڪريو پيو هو ته مير بجار اتي اچي وٽس پهتو ۽ سندس اهڙي حالت تي افسوس ظاهر ڪيائين. ميان غلام نبي مرڻ کان اڳ مير بجار جي رحمدليءَ جو فائدو وٺندي پنهنجي ڀاءُ عبدالنبيءَ کي تخت نشين ڪرڻ جي وصيت ڪئي. هوڏانهن عبدالنبي ڪلهوڙو جيڪو ان وقت حيدرآباد قلعي کي سنڀالي ويٺو هو تنهن غلام نبيءَ جي مرڻ شرط ميان سرفراز ۽ سندس پٽ محمد خان، چاچي ميان عطر خان ۽ ڀائيٽي ميان محمود خان کي جيڪي اڳئي قلعي ۾ نظر بند هئا، سڀني کي قتل ڪرائي ڇڏيو ته جيئن سندس مقابلي ۾ ڪلهوڙن منجھان ڪو به تخت جو وارث باقي نه بچي.

        مير بجار اهڙين حالتن جي باوجود ميان غلام نبيءَ سان ڪيل عهد کي پاڙيندي عبدالنبيءَ کي تخت سنڀالڻ جي دعوت ڏني ۽ مخدوم نوح جي مقبري جي احاطي ۾ سندس تاجپوشي ڪرائي ۽ پاڻ مُک وزير جي حيثيت ۾ اختيار سنڀاليو. مير بجار سڀ کان پهرين سنڌ جي سرحد تي جوڌپور جي راجا طرفان خطرو محسوس ڪندي، ڇاڇري جي ڀرسان ڏاهلي جي ڳوٺ ۾ مير ڳڙھ جو قلعو ٺهرائڻ شروع ڪيو. دراصل هو جوڌپور جي راجا بجي سنگھ پاران عمرڪوٽ جي قلعي بابت غاصبانه ارادن کي سمجھي چڪو هو. بلڪ عمر ڪوٽ جو قلعو ئي ميرن جي پناھ گاھ هو، جتي مير بجار حج کان واپسيءَ بعد اچي رهائش اختيار ڪئي هئي پر پوءِ اهو خالي ڪرڻو پيو هوس. هڪ لحاظ سان جوڌپور ۽ سنڌ جي سرحد تي مير ڳڙھ جي تعمير ٿي هئي، جنهن ڪري راجا بجي سنگھ اڳتي هلي مير بجار جو ذاتي دشمن بنجي ويو. بهرحال مير بجار ميان عبدالنبيءَ جو ٻانهن ٻيلي ۽ وفادار ٿي رهيو ۽ جڏهن ميان عزت يارخان افغانين جو لشڪر وٺي ميان عبدالنبيءَ سان مقابلي خاطر شڪارپور ۾ اچي پهتو ته اهو مير بجار ئي هيو جنهن ميان عبدالنبيءَ طرفان وڙهندي افغانين ۽ عزت يار کي 1193ھ ۾ شڪست ڏني. ليڪن ميان عبدالنبيءَ کي ميرن ۽ خاص طور مير بجار جي خلاف جيڪو اندر ۾ زهر ڀريل هو سو هرگز ختم ٿيڻ وارو نه هو. انهيءَ ڪري هن جوڌپور جي راجا بجي سنگھ سان سازباز ڪري اتان ڪرايي جا قاتل گھرائي مير بجار کي وڏي دغا سان قتل ڪرائي ڇڏيو. ڪن تاريخ نويسن مير بجار جي اهڙيءَ طرح شهيد ٿيڻ جو سال 1193ھ ڏنو آهي ته ڪن وري 1194ھ لکيو آهي. اهو پس منظر هو جو ميان عبدالنبي ڳجھ ڳوھ ۾ عمرڪوٽ جو قلعو بجي سنگھ جي حوالي ڪرڻ جو انجام ڪيو هو.

        ميان عبدالنبي جيتوڻيڪ مير بجار کي اهڙيءَ طرح جوڌپور جي راجا طرفان موڪليل ٻن راجپوتن هٿان مارائي ڇڏيو، ليڪن ان واقعي بعد هو ايترو ڪمزور ٿي ويو جو پهريائين پنهنجن پٽن کي خزانو ڏيئي بجي سنگھ ڏانهن ڏياري موڪليائين ۽ پوءِ پاڻ به سنڌ مان ڀڄي نڪتو. آخر سندس چُرچَ تي جوڌپور جي راجا جي لشڪر عمرڪوٽ تي حملو ڪيو پر مير بجار جي پٽ مير عبدالله ۽ ٻيا مير جيڪي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ هئا تن کان هار کائي پوئتي موٽي ويو. ٻئي دفعي وري ميان عبدالنبي قلات جي حاڪم مير نصير جي مدد سان سنڌ تي حمله آور ٿيو ۽ لاڙڪاڻي کان لنگھي اچي چالڪ پل وٽ پهتو، جتي وري ميرن سندس مقابلو ڪيو ۽ عبدالنبي هڪ دفعو وري ناڪام ٿي موٽي ويو. ميان عبدالنبي ان کان پوءِ به ماٺ نه ڪئي ۽ آخر 1195ھ ۾ افغان بادشاھ کان وڃي مدد گھريائين، جنهن مدد خان پٺاڻ جھڙي ظالم ۽ لٽيري کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو. مدد خان سنڌ ۾ وڏي تباهي ڪري ڇڏي ۽ عمر ڪوٽ پهچي ميرن سان سامهون ٿيو پر آخر ميرن سان صلح ٿيو ۽ ميرن هڪ دفعو وري ميان عبدالنبيءَ کي سنڌ جو حاڪم تسليم ڪيو. ليڪن ميان عبدالنبيءَ جي اندر ۾ جيڪو گدڙ ويٺل هو، سو ڪڏهن به خاموش نه ٿيو. ميرن سان صلح واري صورتحال جو فائدو وٺندي آخر هڪ ڏينهن هن مير عبدالله ۽ سندس سؤٽ مير فتح خان کي درٻار ۾ گھرائي نهايت بيدرديءَ سان کين پنهنجي ماڻهن هٿان 1196ھ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو.

        ڪلهوڙن ۽ ميرن درميان پنجن ڇهن سالن کان هلندڙ خانه جنگيءَ جو خاتمو آخر هالاڻيءَ جي ميدان تي 1199ھ/1784ع ۾ ان فيصله ڪن معرڪي کان پوءِ ٿيو، جنهن ۾ عبدالنبيءَ کي شڪست آئي پر پاڻ جوڌپور طرف ڀڄي ويو جتي کيس راجا پراڻي دوستيءَ جو حق ادا ڪندي پناھ ۽ جاگير ڏني. ميان عبدالنبي پوءِ به ڪافي وقت زنده رهيو جو 1220ھ ۾ وفات ڪري ويو. انهيءَ وچ ۾ ساڻس ۽ سندس پٽن سان ڇا وهيو واپريو اهو تاريخ جو الڳ باب آهي جيڪو ڊاڪٽر بلوچ هڪ تحقيقي مقالي ۾ سال 1968 ۾ انگريزيءَ ۾ ڏنو هو.

        هاڻي اسان ان خط طرف اچون ٿا جيڪو چيو وڃي ٿو ته گرهوڙي صاحب مير بجار ۽ مير فتح خان طرف مڙهيءَ ڏانهن پيش رفت ڪرڻ وقت لکيو يا لکرايو هيو. جيئن ته گرهوڙي صاحب جي شهادت 1192ھ ۾ ٿي آهي. ظاهر آهي ته هي خط ان وقت جو آهي يا اهو لانياري واري لڙائي جيڪا 1191ھ ۾ لڳي هئي ۽ جنهن ۾ مير بجار گرهوڙيءَ جي دعائن سان سرخرو ٿيو هو، ان کان پوءِ جو آهي. مٿي اسان ميرن ۽ ڪلهوڙن درميان هلندڙ ڪشمڪش جو سربستو احوال انهيءَ ڪري ڏنو آهي ته جيئن مير بجار جي ڪردار کي صحيح طور سمجھڻ ۾ مدد ملي. انهيءَ مان اهو چڱيءَ طرح اندازو ٿئي ٿو ته مير بجار هڪ بااصول ۽ باڪردار انسان هو جنهن ڪري سڀ تاريخ نويس مير عظيم الدين ‘فتح نامه’ وارو، ‘تاريخ بلوچي’ جو مؤلف عبدالمجيد جوکيو ۽ سيد ثابت علي شاھ سندس وڏي تعريف ڪئي آهي.

        مٿي بيان ڪيل سموري تاريخي پس منظر کي سامهون رکندي، علامه دائود پوٽي جي اها ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي جڏهن هو چوي ٿو ته ميرن طرفان گرهوڙيءَ کي ڪو جواب نه مليو ۽ الٽو مڙهيءَ جي ساميءَ کي ميرن طرفان اچي نياپو مليو ته ان لڙائي سان اسان جو ڪو واسطو ڪونهي. انهيءَ صورتحال کي سمجھڻ خاطر اسان مير بجار جو حج تان واپسيءَ بعد يعني 1190ھ کان سندس شهيد ٿيڻ يعني 1194 تائين تفصيلي احوال ڏنو آهي. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو خانه جنگيءَ جي تڪليف ده حالتن سبب وڏين مشڪلاتن کي مڙس ٿي منهن ڏيئي رهيو هو ۽ ڪنهن به مرحلي تي هن ڪردار جي گھٽتائي جو ذري برابر به مظاهرو نه ڪيو.

        بهرحال اصل ڳالھ اها آهي ته گرهوڙي صاحب طرفان ان خط جھڙي تحرير جو انڪار نٿو ڪري سگھجي تاهم ‘مرغوب الاحباب’ جھڙي تذڪري توڻي ‘تاريخ بلوچي’ جھڙي تاريخي ماخذ ڪنهن اهڙي تحرير ڏانهن اشارو ڪونه ڪيو آهي. ٻنهي گرهوڙيءَ طرفان انهن شرطن يا هدايتن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي لانياري جي لڙائي تي وڃڻ کان اڳ مير بجار سان ملاقات وقت کين ڏنيون ويون. ‘آئينه جھان نما’ واري پڻ صرف اهڙين هدايتن جو ذڪر ڪيو آهي جن جو تعداد هو وڌائي پندرهن ٻڌائي ٿو. مڪتوب جي عبارت تي وڌيڪ غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ ڪابه جواب طلب ڳالھ ڪونه هئي ۽ ان ۾ وڌ ۾ وڌ ڪي هدايتون ۽ نصيحتون ڪيل آهن. اها ئي ڳالھ قرين قياس معلوم ٿئي ٿي ڇو ته گرهوڙيءَ جھڙو متوڪل انسان پنهنجي ڪنهن به قدم کي ٻين جي امداد سان مشروط نه پئي ڪري سگھيو. ان لحاظ سان هن مڪتوب کي گرهوڙي صاحب جي وصيت ئي سمجھڻ گھرجي، جيڪا هو ميرن کي خاص طور مير بجار جھڙي دانشمند شخص لاءِ ڇڏي وڃڻ پيو گھري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org