(ج) سنڌ ۾ نقشبندي سلسلي جي آمد ۽
فروغ
ٻارهين ۽ تيرهين صدي
سنڌ مان پهريون بزرگ جيڪو نقشبندي سلسلي سان
باقاعدي وابسته ٿيو ۽ صاحبِ ارشاد بڻيو، اهو مخدوم
آدم نقشبندي ٺٽوي آهي. سندس والد جو نالو عبدالاحد
هو ۽ نسب جو سلسلو حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ
تائين پهچي ٿو. هو پنهنجي وقت جو وڏو ديني عالم
هو. اهوئي سبب هو جو اورنگزيب عالمگير جي زماني
(1069 - 1118) ۾ عالمن جي قدردانيءَ جو ٻُڌي هو
دهليءَ لاءِ روانو ٿيو. ليڪن رستي ۾ جڏهن سرهند
پهتو ته سندس ملاقات مجدد الف ثانيءَ جي پٽ خواجه
محمد معصوم سان ٿي. جيڪو سندس علمي فضيلت کان گھڻو
متاثر ٿيو ۽ کيس پاڻ وٽ رهڻ جي صلاح ڪيائين ته
جيئن سندس اولاد کي تعليم ڏئي. مخدوم آدم اها آڇ
قبول ڪئي ۽ اٽڪل ست سال سرهند ۾ رهيو. انهيءَ
دوران هو خواجه محمد معصوم جي صحبت کان فيضياب ٿي
نقشبندي سلسلي سان وابسته ٿي ويو. جنهن کيس خلافت
سان نوازيو ۽ کيس هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ وڃي ان سلسلي
کي اڳتي وڌائي. مخدوم آدم واپس اچي سنڌ جي تختگاھ
ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪئي. مخدوم آدم جي علمي ۽
روحاني شخصيت جو اندازو انهن چئن خطن مان به ٿئي
ٿو جيڪي خواجه معصوم سرهنديءَ ڏانهس وقت بوقت لکيا
۽ جيڪي “مڪتوبات معصوميه” ۾ موجود آهن. جڏهن خواجه
معصوم سال 1668/1079 ۾ وفات ڪئي ته مخدوم آدم وري
سرهند وڃي خواجه معصوم جي پٽ خواجه سيف الدين
(1049/1095) کان تجديدي بيعت ڪئي. خواجه سيف الدين
جي مڪتوبات ۾ پڻ مخدوم آدم ڏانهن هڪ خط ملي ٿو
جنهن ۾ سنڌ مان ڪن ٻين بزرگن جي نقشبندي سلسلي سان
وابستگيءَ جي خبر پوي ٿي. انهن جا نالا هن ريت آهن
شيخ ميان انس، 2. سيد فتح محمد، 3. شيخ ابوالحسن،
4. شيخ عنايت الله.
خواجه سيف الدين جي هڪ خط ۾ شيخ انس جي
روحاني مقامات جي باري ۾ چڱي روشني وڌي وئي آهي.
مخدوم آدم جي مريدن ۾ شيخ ابراهيم روهڙي وارو،
مخدوم صابر ولهاري، حافظ عبدالرؤف ٺٽوي ۽ شيخ
عبدالخالق ٺٽوي جا نالا به “معيار السالڪان طريقت”
۾ ملن ٿا. مخدوم آدم نقشبندي جي وفات جو سال نٿو
ملي پر اندازو آهي ته هن 1670/1081ھ کان پوءِ وفات
ڪئي ۽ کانئس پوءِ سندس ٻن پٽن مخدوم فيض الله ۽
مخدوم اشرف نقشبندي سلسلي کي وڌايو، بلڪ اهي ٻئي
پڻ سرهند مان بيعت سان سرفراز ٿي موٽيا پر جلدي
گذاري ويا.
مخدوم آدم جي خليفن مان مخدوم ابوالقاسم نقشبندي
تمام گھڻو مشهور ٿيو. سندس والد جو نالو ابراهيم
درس هو. جيڪو ملتان جي سهروردي سلسلي سان وابسته
هو. مخدوم ابوالقاسم مخدوم آدم جي جيئري سندس
هدايت تحت پاڻ سرهند ويو جتي هو خواجه معصوم جي
فرزند خواجه سيف الدين کان بيعت ٿيو جنهن کيس گھڻو
قرب ڏنو ۽ اڪثر پاڻ سان گڏ رکندو هوس. بلڪ مرشد
کيس “نور الحق” جي لقب سان پڻ نوازيو.
خواجه سيف الدين جي مڪتوبات ۾ عبدالرئوف
ٺٽويءَ جو نالو ملي ٿو جنهن کي پڻ نقشبندي طريقي ۾
بيعت جي اجازت مليل هئي. اهو ساڳيو عبدالرئوف ڪجھ
وقت کان پوءِ مڪي پاڪ هليو ويو جتي وفات ڪيائين.
اتي ئي شيخ محمد مراد کانئس فيض حاصل ڪيو جنهن
اڳتي هلي
”مڪتوبات
امام رباني“ جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو جيڪو ڪتاب
پهريون دفعو 1316/1891 ۾ شايع ٿيو.
مخدوم ابوالقاسم جي ذريعي نقشبندي مجددي سلسلي کي
سنڌ ۾ گھڻو فروغ مليو. وقت جا وڏا عالم مخدوم معين
ٺٽوي، مخدوم ضياءُالدين ٺٽوي، مخدوم ميئڏنو
نصرپوري، عبدالرحيم سومرو ۽ ٻيا ڪيترا کانئس بيعت
ٿيا. مير علي شير قانع ‘طومار سلاسل’ ۾ اهڙن ويهن
بزرگن جا نالا ڄاڻائي ٿو جيڪي مخدوم ابوالقاسم کان
فيض يافته هئا.
”تڪمله
مقالات الشعراءَ“ جي مؤلف ابراهيم خليل جي لکت
موجب سنڌ کان ٻاهر سورت ۾ به ابوالقاسم جا
ارادتمند موجود هئا ۽ عام طور کيس حضرت نقشبندي
صاحب جي لقب سان ياد ڪندا هئا. مؤلف ابراهيم خليل
وڌيڪ لکي ٿو ته سنڌ مان جيڪي حضرات سرهند خط و
ڪتابت ڪندا هئا ته کين اهو ئي جواب ملندو هو ته
سنڌ ۾ مخدوم ابوالقاسم ڏانهن رجوع ڪيو. مخدوم
ابوالقاسم جي پونيرن مان سندس ٻه پٽ ميان ابراهيم
۽ ميان فيض احمد ٿي گذريا.
مخدوم ابوالقاسم کان پوءِ وري مخدوم آدم ٺٽويءَ جي
پوٽي يعني شيخ محمد اشرف جي پٽ شيخ محمد عرف خواجه
ابوالمساڪين نقشبندي سلسلي جي ترويج ۾ پنهنجي پيءُ
۽ ڏاڏي جو نالو روشن ڪيو. هڪ روايت موجب شيخ محمد
جي ولادت ۽ بزرگيءَ جي پيشنگوئي مخدوم آدم پنهنجي
خليفي ابوالقاسم کي پاڻ ٻڌائي هئي. اهو ئي سبب هو
جو شيخ محمد جي تعليم ۽ تربيت مخدوم ابوالقاسم پاڻ
وڏي محبت ۽ شفقت سان ڪئي. بلڪ اڳتي هلي کيس پنهنجو
نياڻو بنايائين. اها به روايت آهي ته جڏهن مخدوم
ابوالقاسم جي وفات جو وقت ويجھو آيو ته پاڻ شيخ
محمد کي گھڻو ياد ڪرڻ لڳا. دوست احباب جيڪي حاضر
هئا سي سندن پٽ شيخ ابراهيم کي اڳتي ڪرڻ لڳا پر
پاڻ هر ڀيري شيخ محمد کي ياد ڪرڻ لڳا. آخر پنهنجي
وصال کان اڳ چيائون ته جيئن شيخ محمد ٺٽي شهر ۾
واپس اچي ته منهنجي مزار تي ضرور اچي. مطلب هو ته
پاڻ پنهنجي پٽ جي بجاءِ شيخ محمد کي پنهنجو گادي
نشين بنائي ويا.
خواجه ابوالقاسم ستين شعبان 1138ھ/1735ع ۾ وفات
ڪئي ۽ سندس مزار تي هي ڪتبو لکيل آهي:
بسال وصل او هاتف بفرمود
‘ابوالقاسم سراسر نور حق بود’
1138ھ
‘مرغوب الاحباب’ موجب شيخ محمد جي سرهند جي سفر جو
واقعو هن ريت آهي ته انهيءَ زماني ۾ شاھ محمد زڪي
الله (وفات:1143ھ) ابن خواجه محمد حنيف جيڪو مجدد
الف ثانيءَ جو تڙ پوٽو هو، ٻيو دفعو حج ڪرڻ جي
ارادي سان لاهور ۽ ملتان کان ٿيندو ٺٽي پهتو. اتي
ڪافي ماڻهو سندس زيارت ۽ فيض حاصل ڪرڻ واسطي حاضر
ٿيا پر پاڻ شاھ زڪي الله شيخ محمد بابت پڇا ڪئي
جيڪو ان وقت اتي موجود هو. شاھ زڪي الله حج تي
اُسهڻ کان اڳ شيخ محمد کي چيو ته حج تان واپسيءَ
بعد توهان اسان سان گڏ سرهند هلجو. شاھ زڪي الله
جي حج تان واپسي سنڌ بجاءِ سورت بندر تان ٿي
تنهنڪري اتان شيخ محمد کي نياپو ڏياري موڪليائين
ته توهان سڌو سرهند هليا اچو. بهرحال شاھ زڪي الله
جي سرهند پهچڻ کان اڳ شيخ محمد سرهند پهچي ويو ڪجھ
عرصو قيام ڪرڻ بعد شاھ زڪي الله کيس سنڌ واپس وڃڻ
جي تلقين سان روانو ڪيو. بلڪ اهو به چيو ته
واپسيءَ ۾ دهلي کان گذرڻ وقت خواجه محمد زبير يعني
خواجه محمد معصوم جي پڙ پوٽي سان ملاقات ڪجو. شيخ
محمد اڳتي هلي “خواجه ابوالمساڪين” جي لقب
سان مشهور ٿيو.
هڪ ڏينهن جڏهن مغل شهنشاھ جي شاهي سواري گذري رهي
هئي ته شيخ محمد مرشد جي خدمت ۾ حاضر هيو ته خواجه
محمد زبير (وفات:1152ھ) کيس شاهي سواريءَ جي نظاري
ڪرڻ لاءِ چيو پر پاڻ چيائين ته آءٌ جنهن بادشاھ جي
حضور ۾ حاضر ٿيڻ آيو آهيان، اتي ويٺو آهيان، ٻئي
ڪنهن بادشاھ جي حاجت نه اٿم. سنڌ ۾ واپس اچڻ بعد
شيخ محمد کي حج تي وڃڻ جو شوق دامنگير ٿيو پر حج
تي اُسهڻ کان اڳ پاڻ سلطان الاولياء خواجه محمد
زمان لُواريءَ واري کي پنهنجي مسند حوالي ڪري
مريدن خادمن کي سندس بيعت جو حڪم ڪيائون.
”فردوس
العارفين“ جي روايت موجب موسم سڻائو نه هجڻ سبب
خواجه ابوالمساڪين کي ڪافي وقت سورت بندر تي ترسڻو
پيو ۽ ٻئي سال سندس حج لاءِ روانگي ٿي. حرمين ۾ ٻه
سال رهڻ کان پوءِ واپس ٺٽي آيو پر هاڻي خانقاھ ۾
تمام گھٽ اچڻ لڳو. آخر هڪ ڏينهن زير تربيت نوجوان
خواجه محمد زمان کي چئي ڏنائين ته اسين صرف تنهنجي
تربيت جي تڪميل خاطر هتي آيا آهيون. ٺٽي ۾ ڪجھ وقت
ترسڻ بعد پوري اهل عيال سميت حرمين شريفين لاءِ
روانا ٿي ويا ۽ پنهنجي دستخط سان سلطان الاولياء
خواجه محمدزمان کي نقشبندي طريقي ۾ خلافت ۽ اجازت
نامو لکي ڏنائين.
اهڙيءَ طرح خواجه ابوالمساڪين حرمين مان جيڪي خط
سلطان الاولياء خواجه محمدزمان ڏانهن لکيا تن مان
پنج خط ”فردوس العارفين“ ۾ محفوظ آهن. خواجه
ابوالمساڪين حرمين پهچڻ کان پوءِ جلد وفات ڪئي.
‘مرغوب الاحباب’ موجب سندس وفات جي تاريخ نائين
ذوالحج 1149ھ آهي ۽ کيس جنت المعليٰ ۾ دفن ڪيو
ويو.
لُواري بابت تذڪرن موجب خواجه ابوالمساڪين کان
پوءِ خواجه محمدزمان گھڻو وقت ٺٽي ۾ ترسي نه
سگھيو، جنهن جو سبب وقت جي با اثر عالمن جي رقابت
۽ حسد بيان ڪيو ويو آهي. انهيءَ صورتحال جي پيش
نظر شيخ محمد زمان پنهنجي والد جي زندگيءَ ۾ ئي
بدين ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ لُواريءَ ۾ اچي رهڻ لڳو.
پر جڏهن اهو علائقو ڪلراٺو ٿي ويو ته اهو هنڌ ڇڏي
اَچي موجوده ‘لواري شريف’ ۾ پنهنجي خانقاھ قائم
ڪيائين، جتي سنڌ توڻي سنڌ کان ٻاهران عام توڻي
خواص جي وڏي رجوعات ٿيڻ لڳي ۽ پاڻ ”سلطان
الاولياء“ جي لقب سان مشهور ٿيا.
ليڪن ٻارهين/ ارڙهين صديءَ جي حوالي سان لُواري
درگاھ جي نسبت سان جنهن ٻي علمي ۽ روحاني شخصيت جو
احوال ضروري آهي، اهو قاضي احمد دمائي آهي. هن جو
تعلق اصل ۾ ضلع دادو جي ڳوٺ ٽلٽي سان هو. هن هڪ
علمي گھراڻي ۾ 1117/1703 ڌاري جنم ورتو. علم جي
تحصيل سيوهڻ ۾ ڪيائين. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي
حڪمرانيءَ واري عرصي ۾ هو قاضيءَ جي عهدي تي فائز
رهيو ۽ لاکاٽ پرڳڻو (موجوده سڪرنڊ ۽ دولتپور وارو
حصو) سندس حوالي هو جتي پاڻ ديھ ‘دم’ ۾ سڪونت
اختيار ڪيائين. ان ڪري اڳتي هلي “قاضي احمد دمائي”
جي نالي سان مشهور ٿيو جتي پوءِ هڪ درسگاھ پڻ قائم
ڪيائين.
قاضي احمد عالم فاضل شخص هو. هڪ دفعي جڏهن حج جي
ارادي سان نڪتو ته لُواري شريف ۾ آيو، جتي سلطان
الاولياء خواجه محمدزمان سان سندس ملاقات ٿي. ان
مختصر ملاقات ۾ ايڏو متاثر ٿيو جو حج تي وڃڻ کان
اڳ دست بيعت ٿيو ۽ ڪجھ ڏينهن لُواريءَ ۾ ترسي پيو.
قاضي احمد جا اٺٽيھ فارسي مڪتوب دستياب ٿيا آهن
جيڪي ڊاڪٽر محمد مسعود احمد نقشبنديءَ جي تحقيق
سان شايع ٿيا آهن. انهن مڪتوبات مان سندس علمي
فضيلت اجاگر ٿئي ٿي جن ۾ اڪثر مڪتوبات امام
ربانيءَ جا حوالا ملن ٿا. هڪ مڪتوب ۾ گرهوڙيءَ جي
هن مصرع.
“هر دم حج پڙهن، ڪعبو پسن نه ڪاپڙي”
جي سمجھاڻي ڏيندي نظر اچي ٿو.
قاضي احمد جي ٻي تصنيف ‘شوق نامه’ دستياب ٿي آهي.
اهو هڪ نهايت مختصر رسالو آهي جنهن ۾ در اصل حج ۽
روضي رسول اللهﷺ جي حاضريءَ دوران چيل ڪجھ فارسي ۽
عربيءَ ۾ اشعار ۽ افڪار ملن ٿا، جن ۾ والهانه عشق
جو اظهار آهي. بلڪ انهن کي ترتيب ۽ تاليف جي صورت
سندس پٽ خواجه محمد صالح قريشي ڏني آهي. هن رسالي
۾ نقشبندي فڪر جي اعليٰ مقامات تائين رسائي جي
نئين تشريح ملي ٿي ۽ ان لاءِ هڪ هنڌ ‘فتح الفضل’
جو حوالو پڻ ملي ٿو. مؤلف پنهنجي طرفان تشريح کي
‘اقول’ سان واضح ڪري ٿو ۽ مشڪل مقامات جي سمجھاڻي
لاءِ وڌيڪ چوي ٿو ته مڪتوبات امام ربانيءَ جو
مطالعو ڪريو.
قاضي احمد وڏي ڄمار ۾ سورهين ذوالقعد 1223ھ مطابق
ٽين جنوري 1809ع تي وفات ڪئي، سندس وفات تي ڪيترن
ئي بزرگن قطعه تاريخ لکيا آهن، جن مان ڪي سندس
مقبري تي لکيل آهن. انهن مان هڪ هي آهي:
”شاھ شمس جھان بود سايه فردوس“
1223ھ
اهو قاضي احمد دمائي جو روحاني ڪمال هو جو پنجاب
جي ڏورانهين علائقي ضلع گرداسپور هندستان ۾ رتڙ
ڇتڙ جو رهواسي شاھ حسين مڪان شريف (وفات: 1242ھ/
1824) جيڪو مرشد ڪامل جي تلاش ۾ هو، جڏهن 1209ھ ۾
وٽس پهتو ته روحانيت جي دنيا سان مالامال ٿي ويو ۽
دست بيعت ڪري وڃي پنهنجي علائقي ۾ نقشبندي خانقاھ
قائم ڪيائين. بلڪ اتان اهو سلسلو هندستان جي ٻين
علائقن تائين پڻ پهچي ويو. مڪتوبات قاضي احمد جو
مرتب ڊاڪٽر مسعود احمد پاڻ پنهنجي وڏن مفتي محمد
مسعود دهليءَ واري کي هن سلسلي سان وابسته ڄاڻائي
ٿو. اهڙيءَ طرح هن ڪل ارڙهن درگاهن جا نالا ڏنا
آهن جيڪي پاڪ وهند ۾ قاضي احمد دمائي جي فيض وسيلي
نقشبندي سلسلي سان وابسته ڄاڻايل آهن. هن ۾
شرقپوري ۽ الوري خانقاھن جا نالا به اچي وڃن ٿا.
هن جو وڌيڪ تفصيل ‘اولياءِ نقشبند’ ۾ پڻ ڏنل آهي.
سنڌ ۾ قاضي احمد جا ٽي وڏا خليفا قابل ذڪر آهن جن
مان سيد نور محمد شاھ ڪنڍائي ۽ مخدوم عبدالوالي
درٻيلائي ضلع نوشهري فيروز سان تعلق رکن ٿا. ان
کان سواءِ ميان عبدالڪريم کٽي پينگھاري تعلقه هالا
جو ۽ مخدوم ميان پير محمد ڏيپارجن جو جيڪو قاضي
احمد جو ڀاڻيجو هو جنهن ڏانهن اڪثر مڪتوب ملن ٿا.
هڪ خط ۾ گرهوڙي صاحب جي مصرع “هر دم حج پڙهن ڪعبو
پسن نه ڪاپڙي” جي سمجھاڻيءَ بابت عرض ڪيو اٿس. ياد
رهي ته اهو ساڳيو ميان پير محمد آهي جنهن ڏانهن
پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي مڪتوبات ۾ پڻ گھٽ ۾
گھٽ پندرهن خط ملن ٿا ۽ هڪڙي مڪتوب ۾ پير محمد
راشد روضي ڌڻيءَ جي گرهوڙي صاحب جي ان مصرع جي
سمجھاڻي پڻ ملي ٿي.
سنڌ ۾ قاضي احمد جي خليفن مان سيد نور محمد شاھ
ڪنڍائي علمي لحاظ کان وڏي حيثيت وارو هو. هو
نوشهروفيروز جي ڳوٺڙي ڪنڍا کاهيءَ جو هو. شروعاتي
تعليم کهڙن جي مدرسي ۾ ورتائين. فارسيءَ ۾ سندس
مثنوي ”تڪميل المعرفت“ موجود آهي جنهن ۾ پنهنجي
نقشبندي نسبت جو هينئن اظهار ڪري ٿو:
حمد خدا که نسخئه ”تڪميل معرفت“
هر نقشبند معرفت را ز خاطر است
هيءَ مثنوي مصنف جي فارسي زبان تي ڪامل دسترس ۽
سندس فڪري اڏام جي شاهد آهي جنهن ۾ نقشبندي فڪر کي
نئين نموني سان پيش ڪري ٿو.
سيد نور محمد ڪنڍائي جو ٻيو ڪتاب ”برهان المعرفت’
يا ‘قوائد المعرفت“ آهي، جيڪو سنڌي نظم ۾ ننڍو
رسالو آهي ۽ ٽيون ڪتاب رساله ‘گوهر شب چراغ’ آهي
جيڪو پڻ مختصر منظوميه آهي. ازانسواءِ سندس
مڪتوبات فارسي ۽ سنڌي ۾ پڻ ملن ٿا. فارسي مڪتوبات
جو تعداد پنجويھ آهي. ان کان سواءِ سنڌيءَ ۾ ٻاهٺ
منظوم مڪاتيب آهن جن ۾ مخاطب هڪ مائي صاحبه آهي
جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها مائي بصريٰ نالي عورت
هئي ۽ اهو بياض ان جي پونيرن وٽ موجود آهي. هي خط
ان ڪري قابل توجھ آهن جو انهن ۾ سولي طريقي سان
نقشبندي اصطلاحن ۽ طريقي جي سمجھاڻي ڏني وئي آهي ۽
هڪ عورت ڏانهن مخاطب ٿي لکيا ويا آهن. جنهن مان ان
وقت جي علمي ماحول جي خبر پوي ٿي. چند ورقن تي
مشتمل سنڌيءَ ۾ ٻيو رسالو ‘معرفت نفس’ ۾ پڻ مائي
صاحبه کي خطاب آهي. هتي اهو ٻڌائڻ مناسب آهي ته
نقشبندي حضرات وٽ عورتن ڏانهن لکيل مڪتوب ملن ٿا.
بلڪ مڪتوبات امام ربانيءَ ۾ پڻ ڪي اهڙا مڪتوب آهن.
اهڙيءَ طرح پوءِ مغل شهزادين روشن آرا بيگم ۽ زيب
النساءِ ڏانهن مڪتوب ملن ٿا. جن جو حوالو مٿي گذري
آيو.
سيد نور محمد شاھ ڪنڍائي جي وفات 21 ربيع الثاني
1270ھ ۾ ٿي. سندس وفات جي تاريخ مخدوم فضل الله
پاٽائي جھڙي عالم فاضل شخص لکي، جنهن جو هڪ شعر هن
ريت آهي:
گفتم اي هاتف بگو سال وصال
گفت ”شمس معرفت بالله بود“
1270ھ
تيرهين صديءَ ۾ لُواري نقشبندي سلسلي سان وابسته
نهايت فاضل شخصيت قاضي عزيزالله مٽياري واري جي
آهي. هو پنهنجي وقت جو جيد عالم ۽ عارف ڪامل هو
جنهن جو خاندان ڪلهوڙن جي دور کان علمي قابليت ۽
شهرت رکندڙ هو. سندن خاندان قضا جي منصب تي فائز
هو. خانداني روايت موجب قاضي عزيزالله جو پيءُ
قاضي محمد ذاڪر سلطان الاولياء خواجه محمد زمان
کان بيعت ڪئي هئي. لُواريءَ سلسلي جي چوٿين سجاده
نشين خواجه محمد سعيد جي تصنيف ‘صقال الضمائر’ مان
خبر پوي ٿي ته قاضي عزيزالله ڪافي وقت لُواريءَ جي
درسگاھ ۾ درس وتدريس جا فرائض انجام ڏنا. آخر غوث
عالم خواجه محمدزمان ثاني (1199-1247) جي زماني ۾
سندن هٿ تي بيعت ڪري نقشبندي سلسلي ۾ داخل ٿيو ۽
چوٿين گادي نشين شاھ مدني خواجه محمد حسن (1235ھ
-1298ھ) جو دؤر پڻ پاڻ اکين سان ڏٺائين.
قاضي عزيزالله عربي فارسي زبانن جو گوهر هو. سندس
وڏي ۾ وڏو علمي ڪارنامو قرآن شريف جو پهريون مڪمل
سنڌي ترجمو آهي. جيڪو پهريون ڀيرو 1287ھ/1870ع ۾
مطبع محمدي بمبئي مان ڇپيو هو. قاضي صاحب جي ڪن
ٻين تصنيفات جو به پتو پيو آهي. هو فارسي زبان جو
اعليٰ شاعر هو. فقط اٺن سٽن ۾ پوري نقشبندي سلسلي
کي پنهنجي مرشد تائين هينئن بيان ڪري ويو آهي:
احمد و بوبڪر سلمان قاسم و از جعفر آمد بايزيد
ابوالحسن و فاريمدي و يوسف آمد غجد و انيس مريد
عارف و محمود علي رامتيني بابا گلال کل کش
از بهاءَالدين يعقوب و عبيدالله زاهد درويش
امڪنگي باقي مجدد احمد و محمد سعيد عبد احد
و ز حنيف آمد زڪي و محمد و محمد زمان صاحب مهد
گل محمد ريخت درکام زمان زو شد حسن صاحب عهد
نقشبندي سلسله گرديد ز ايشان اي ”عزيزالله“ شهد.
قاضي عزيزالله 7 شعبان 1273ھ/1857ع تي وفات ڪئي ۽
اتي ئي لُواري درگاھ جي احاطي ۾ مدفون ٿيو. سندس
وفات تي ڪنهن شاعر مرثيو لکيو آهي، جنهن جو آخري
مصرع هيءَ آهي:
هاتف از سر حسرت تاريخ وصال او بخواند
طوطي آن گويائي اسرار اعليٰ ساکت ماند
1273ھ
سنڌ جي ٽالپر حڪمران خاندان مان پڻ ڪي مير درگاھ
لُواري شريف سان وابسته رهيا آهن. جن ۾ محموداڻي
ميرن جو وڏو ۽ حيدرآباد جي ٽنڊي مير محمود جو باني
مير محمود جيڪو مير بهرام جو پٽ يعني مير بجار جو
ڀاءُ خاص طور قابل ذڪر آهي. بلڪ جڏهن مدد خان سنڌ
تي چڙهائي ڪئي ۽ حالتون گھڻيون خراب ٿي ويون ته
محبوب الصمد خواجه گل محمد لُواري ڇڏي وڃي سندس
جاگير ”ڀنڀا هڏي“ ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي ۽ بعد ۾
ٽيون گادي نشين غوث عالم خواجه محمدزمان مير ڪرم
علي ٽالپر جي دؤر (1812 - 1828) ۾ پڻ ڇھ مهينا ان
جاگير ۾ وڃي رهيو هو. ‘مرغوب الاحباب’ جي روايت
موجب جڏهن سيد احمد بريلوي سکن سان جھاد لاءِ سنڌ
۾ آيو ۽ ميرن کان مدد گھري هئائين، تڏهن هڪ ڏينهن
مير محمود پنهنجي مرشد غوث عالم خواجه محمدزمان
ثانيءَ ڏانهن هن سلسلي ۾ رجوع ڪيو هو.
ٽنڊي محمد خان جي شاهواڻي ميرن جو به لُواري درگاه
سان تعلق هو جن مان وري مير سلطان علي بن مير سعيد
خان بن مير شاھو خان به لُواري شريف سان وابسته
هو، جو اصل ۾ سندس ڏاڏو مير شاهو، سلطان الاولياء
خواجه محمد زمان کان دست بيعت هو ۽ مير سلطان علي
ننڍو هو جو سلطان الاولياء جي زيارت کان مشرف ٿيو.
بهرحال پوءِ جوانيءَ ۾ محبوب الصمد خواجه گل محمد
جو دست بيعت مريد ٿيو. مولانا دين محمد وفائي جي
لکڻ موجب مير سلطان علي عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو
عالم ۽ نقشبندي طريقي جو وڏو صوفي هو. ان کان
سواءِ هو علم طب ۽ هيئت ۾ به ماهر هو جو سنڌ جي
جاگرافيائي حالتن کي مدنظر رکي ‘زيچ سلطان علي
خاني’ 1219ھ /1804ع مرتب ڪئي هئائين، جنهن ۾ هو
هندي تقويم کي سامهون رکي ٿو. سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ
جڏهن مشهور انگريز سياح هينري پاٽنجر سنڌ ۾ آيو ته
هو ٽنڊي محمد خان مان مير سلطان علي جو ذڪر ڪري
ٿو. هو چوي ٿو ته مير هندستان ۾ ڀلن گھوڙن جو وڏو
واپاري آهي ڇو ته هو ايران مان گھوڙا گھرائي انهن
جو واپار ڪري ٿو. مير سلطان علي فارسي جو سٺو شاعر
به هو. مولانا جاميءَ جي خواجه بهاءُالدين نقشبند
جي تعريف ۾ چيل شعرن کي لُواري خانقاھ جي شان ۾ هن
ريت تضمين ڪري ٿو:
سکه که يثرب بطحا زدند
نوبت آخر به بخارا زدند
هرچه به آن شاه بخارا رسيد
باز ذکر به لُواري رسيد
[معنيٰ:اهو سڪو جيڪو مڪي ۽ مديني شريف مان جاري
ٿيو، اهو آخر وري بُخارا مان جاري ٿيو. ليڪن جيڪو
ڪجھ (فيض) بُخارا جي بادشاھ (خواجه بهاءُالدين
نقشبند) وٽ رسيو، اهو ذڪر (فيض وارو) وري لُواري
اچي پهتو.]
مير سلطان علي 1233/1817 ۾ وفات ڪئي. مير غلام علي
مائل سندس وفات جي تاريخ هن مصرع مان ڪڍي
آهي:
”صدر
جنت را بود سلطان علي“
1233ھ
تيرهين صديءَ ۾ لُواري نقشبندي سلسلي سان منسلڪ
حمل فقير لّغاري جو ذڪر ڪرڻ ان ڪري ضروري آهي جو
هو سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جو نه رڳو وڏو شاعر هو،
بلڪ نقشبندي ۽ قادري طريقي جي تعليمات کان پوري
ريت واقف هو. سندس ڪمال اهو آهي جو نقشبندي سلسلي
جي اڪابرين کي پنهنجي مرشد سوڌو هڪ طرف نظم جي
لڙهيءَ ۾ پوئي ڏيکاريائين ٻئي طرف نقشبندي طريقي
جي بنيادي اصولن ۽ اصطلاحن کي پڻ شعر ۾ سمجھايو
اٿس جنهن کي هو ”معرفت نامو’ ۽ ”صحيفه اول“ سڏي
ٿو. هو چوي ٿو:
صحي صحيفو جوڙ تون ساري سنڌي واءِ
سولي سنڌي سوکڙي سمجھڻ سڀني لاءِ
تنهن ۾ طريقي نقشبنديءَ جو ڪر تون بيانا
۽ ڪر تون بيان لطيفن جو ۽ تن جو مقاما
اڳتي نظم ۾ هو توحيد وجودي ۽ شهودي جي فرق کي پڻ
آسان لفظن ۾ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. امام ربانيءَ
جي فڪر جي روشنيءَ ۾ حقيقت محمدي ۽ حقيقت احمديءَ
جي اُپٽار به ڪري ٿو. ان سان گڏ مختلف قسم جي
مراقبن جي نوعيت ۽ اهميت کي به نظم ۾ سمجھائي ٿو.
اهڙيءَ طرح ٻين مختلف دائرن جي وضاحت پڻ پيش ڪري
ٿو.
معلوم ٿئي ٿو ته نقشبندي طريقي بابت هي نظم حمل
فقير جڏهن پنهنجي مرشد خواجه محمد حسن مدنيءَ جي
خدمت ۾ پيش ڪيو ته کيس داد تحسين مليو. بلڪ مرشد
کيس چيو ته هاڻي انهيءَ نموني ۾ قادري طريقي جو پڻ
نظم ۾ بيان ڪر. جنهن کي پوءِ هن ‘صحيفه ثاني’ جو
نالو ڏنو. جيڪو هن 1277ھ ۾ لکيو، جيئن هڪ مصرع ۾
اها وضاحت ڪري ڇڏي اٿس. هن نظم ۾ وري هو حضرات خمس
يا تعينات جي سمجھاڻي پڻ پيش ڪري ٿو. يعني تعين
پهريون احديت، تعين ٻيو وحدت، تعين ٽيون روح، تعين
چوٿون مثال ۽ تعين پنجون عالم حس يا عالم شهادت
آهي. هن کان پوءِ هو لاهوت، جبروت، ملڪوت ۽ ناسوت
جي سمجھاڻي ڏيندي هينئن چوي ٿو:
احديت آهي سا لاهوت - وحدت آهي سا جبروت
واحديت کي ملڪوت سڃاڻج - عالم کي ناسوت ڄاڻج
ٻارهين صدي سنڌ جو ممتاز نقشبندي صوفي ۽ جيد عالم
شاھ فقيرالله علوي آهي جيڪو افغانستان جي شهر
روتاس ۾ 1100 هجري ۾ پيدا ٿيو ۽ 1150 ڌاري قنڌار
مان شڪارپور ۾ اچي مستقل سڪونت اختيار ڪيائين هو
عربي فارسيءَ جو ممتاز عالم هو. سندس سترهن تصنيفن
جو پتو پيو آهي جن مان اڪثر شايع ٿيل ناهن. هو
نقشبندي سلسلي سان شيخ محمد مسعود دائم پشاوريءَ
جي ذريعي وابسته ٿيو جيڪو شيخ محمد سعيد لاهوريءَ
جو مريد هو جيڪو پاڻ اسدالله وزيرآباديءَ جو ۽ اهو
شيخ آدم بنوريءَ جو فيض يافته هو ۽ شيخ آدم بنوري
مجدد الف ثانيءَ جو وڏو خليفو هو. در اصل مجدد الف
ثانيءَ جي وفات کان پوءِ نقشبندي مجددي سلسلو ٻن
شاخن ۾ ورهائجي ويو. پهريون نقشبنديه مجدديه
معصوميه يعني مجدد الف ثانيءَ جي پٽ خواجه محمد
معصوم جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ ٻيو شيخ آدم بنوري
جي ذريعي ڦهليو. اهو شيخ آدم بنوري هو جنهن مجدد
الف ثانيءَ جي لطائف واري تشريح کي نئين تعبير سان
پيش ڪيو.
فقيرالله جا پنجاسي مڪتوبات کان علاوه ‘قطب
الارشاد’ ۽ ‘طريق الارشاد’ ڇپيل آهن. مڪتوبات توڻي
‘قطب الارشاد’ ۾ هو پاڻ کي نقشبندي طريقي کان
علاوہ ٻين ڪل ٽيٽيھ سلسلن سان وابسته ڄاڻائي ٿو ۽
هر سلسلي جي مڪمل سند پڻ بيان ڪري ٿو. نقشبندي
سلسلي ۾ شيخ آدم بنوري کان علاوہ هو محمد هاشم
ٺٽويءَ جي وساطت سان شيخ عبدالقادر مڪي کان سند
بيان ڪري ٿو ۽ محمد هاشم ٺٽويءَ جي ٻي سند سان پاڻ
کي سهروري ۽ قادري طريقن سان وابسته ٻڌائي ٿو.
‘قطب الارشاد’ مان پتو پوي ٿو ته هن کي سڀني سلسلن
جي پوري ڄاڻ ۽ دسترس هئي جو انهن جا ذڪر اذڪار ۽
امتيازي خصوصيتون بيان ڪري ٿو. ڪجھ مڪتوبات ۾ پڻ
هو اها ساڳي سمجهاڻي ۽ تشريح ڪندي نظر اچي ٿو.
‘طريق الارشاد’ ۾ هو “همہ اوست” ۽ “همہ ازاوست” جي
باري ۾ نهايت اعليٰ درجي جو علمي ۽ فڪري بحث ڪري
ٿو تاهم سندس اُٽل “همہ از اوست” طرف آهي.
فقيرالله علوي ڪتابن جو وڏو عاشق هو تنهن ڪري سندس
ڪتب خانو هزارين ناياب ڪتابن تي مشتمل هو.
افغانستان جو بادشاھ احمد شاھ ابدالي جنهن هندستان
فتح ڪيو، فقيرالله سان عقيدت رکندڙ هو ۽ کيس ڪيترا
قيمتي ڪتاب تحفي طور ڏيندو هو. اهڙو هڪ ڪتاب
‘هداية الفقہ’ آهي جنهن جو نالو گرهوڙي صاحب ‘فتح
الفضل’ ۾ ورتو آهي. سندس شاگردن ۾ پير محمد راشد
روضي ڌڻي ۽ سيد محمد وفا لکوي جھڙا عالم ۽ روحانيت
جا صاحب شامل آهن. پاڻ ڪيترا ناياب قلمي ڪتاب پير
محمد راشد کي تحفي طور ڏنا اٿن جن مان ڪي پير ڳوٺ
جي ڪتب خاني ۾ موجود هئا ته ڪي زماني جي دست برد
ٿي ويا، جيئن اسان حاشيي ۾ هڪ اهڙي ناياب ڪتاب
‘هداية الفقہ’ جي باري ۾ نشاندهي ڪئي آهي.
فقيرالله پنهنجي هڪ تحرير ۾ اولاد تي زور ڏيئي
واضح ڪيو آهي ته سلوڪ جي تڪميل ذاتي محنت ۽ فنا
بقا حاصل ڪرڻ تي منحصر آهي، اها موروثي هرگز ناهي.
هو پنهنجي حياتيءَ ۾ ‘قطب الارشاد’ ۾ پنهنجي اولاد
توڻي سڀني اهل دل مسلمانن کي جيڪي سندس زندگيءَ ۾
موجود هئا سڀني ڪتابن ۽ سلسلن جي عام اجازت ڏئي
ويو آهي.
فقيرالله جي 1195ھ ۾ وفات بعد سندس وڏو پٽ سراج
الدين گادي نشين ٿيو ليڪن هو ڪجھ وقت کان پوءِ
پنهنجي ڀاءُ حفظ لله جي حق ۾ دستبردار ٿيو ان کان
پوءِ فخرالدين علوي (وفات: 1270/1854) ۽ پوءِ مير
علي نواز علوي گادي نشين ٿيا.
ٻارهين صديءَ جو ٻيو وڏو نقشبندي صوفي بزرگ، عالم،
عارف ۽ شاعر مولانا ابوالحسن ڏاهري آهي. هو 1114ھ
۾ دولت پور جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو. علم جي
ابتدائي تحصيل هالاڻيءَ جي مدرسي ۾ مولانا ابوبڪر
وٽ ڪيائين. ان کان پوءِ نوجوانيءَ ۾ گجرات جي شهر
سورت ۽ ڪوتيانه احمد آباد هليو ويو جتي هو مولانا
نورالدين (وفات:1155) ۽ مرزا محمد خليل بدخشانيءَ
جي علمي صحبت نصيب ٿيس. احمد آباد ۾ ئي هو جو شيخ
عبدالرسول صديقي (وفات:1148) کيس نقشبندي سلسلي ۾
خلافت جو خرقو پارايو.
شيخ ابوالحسن ڏاهريءَ جي تصنيفات ۾‘ينابيع الحياة
الابدية’ ٽن جلدن تي مشتمل ضخيم تصنيف آهي جنهن ۾
هو تصوف جي بنيادي تصورات جي سمجھاڻي ڏئي ٿو ۽
تصوف جي نالي ۾ جيڪي غلط عقيدا داخل ٿي ويا آهن
انهن تي ڀرپور تنقيد ڪري ٿو. اهو ڪتاب راقم الحروف
جي تحقيق ۽ مقدمي سان تازو سنڌي ادبي بورڊ شايع
ڪرايو آهي. ابوالحسن ڏاهريءَ کي فارسي نثر سان گڏ
نظم تي به مڪمل دسترس هئي، جنهن جو ثبوت ٻه ٻيون
تصنيفات ‘سراج المصلي’ ۽ ‘ڪچڪول نامه’ آهي. پهريون
ڪتاب نماز جي مسئلن بابت نهايت تفصلي تحرير آهي
جنهن جي تحقيق ۽ ان جو ترجمو ڊاڪٽر غلام محمد
ڏاهريءَ ڪيو آهي. ‘ڪچڪول نامه’ عقائد ۽ علم ڪلام
متعلق مختصر مگر جامع نظم آهي، جيڪو علامه قاسمي
صاحب جي تحقيق سان شايع ٿيل آهي.
شيخ ابوالحسن ڏاهريءَ جو پنهنجي وقت جي عالمن خاص
طور مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم محمد حيات سنڌي
وغيره سان ذاتي تعلقات هئا جو انهن جا نالا کڻي
اهڙا حوالا ڏئي ٿو. هن سال 1181ھ ۾ وفات ڪئي ۽ کيس
اباڻي ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو.
شاھ فقير الله علوي کان سواءِ ٻارهين صدي سنڌ ۾
شيخ آدم بنوريءَ جي ذريعي نقشبندي سلسلي سان
وابسته ٻيو بزرگ مخدوم محمد اسماعيل پريان لوءِ
وارو آهي، جيڪو ذات جو جوڻيجو هو. هو ظاهري علمن
جو وڏو عالم هو ته باطني ۽ روحاني معارف به کيس
حاصل هئا. سندس طريقت جو سلسلو شيخ آدم نبوريءَ
تائين هن ريت آهي: “محمد اسماعيل پاڻ مريد ٿيو
جمال الله پريان لوءَ واري جو جيڪو مريد هو حافظ
ايوب سنڌيءَ جو ۽ هو وري شيخ محمد سعيد لاهوري
(وفات:1152) جو مريد هو ۽ هو سيد آدم بنوري کان
بيعت هو جيڪو وري مجدد الف ثانيءَ جو خليفو هو.”
مخدوم محمد اسماعيل جي فيض يافته بزرگن ۾ سيد محمد
بقا (1135- 1198) شھيد شامل آهي جيڪو راشدي خاندان
جو باني مباني آهي. اهو سيد محمد بقا ئي هيو جنهن
پنهنجي وڏي نينگر محمد راشد کي ان وقت جي چوٽيءَ
جي عالم شاه فقيرالله علوي نقشبنديءَ جي مدرسي ۾
داخل ڪرايو. ‘مجمع الفيوضات’ جي هڪ نقل موجب سيد
محمد راشد چوي ٿو ته اسين ٻئي ڀائر (ٻيو ڀاءُ علي
مرتضيٰ شاھ) جڏهن ڪوٽڙي ڪبير جي مدرسي ۾ پڙهندا
هئاسون تڏهن هڪ ڏينهن والد صاحب اتي آيو ۽ اسان کي
نقشبندي طريقي ۾ داخل فرمايائون. ٻئي دفعي جڏهن
وري اتي آيا ته نقشبندي ذڪر جي اثرات بابت
پڇيائون. مون عرض ڪيو ته مون کي ڪو اثر معلوم نه
ٿي سگهيو آهي. تڏهن مون کي قادري طريقي ۾ جھري ذڪر
سان مشغول فرمايائون. ياد رهي ته سيد محمد بقا شاھ
پوءِ عبدالقادر آخرين (1110- 1190) کان قادري
طريقي ۾ تلقين حاصل ڪئي هئي جڏهن هو هڪ دفعي سير
سفر ڪندي روهڙيءَ ۾ آيل هو. شاھ عبدالقادر جي مزار
پير ڪوٽ سڌانا چناھ شريف ضلع جھنگ پنجاب ۾ آهي.
جيتوڻيڪ سيد محمد بقا شاھ لڪياري جي زندگيءَ ۾ پير
محمد راشد (1171ھ-1234ھ) روضي ڌڻي پنهنجي لاءِ
قادري طريقو اختيار ڪيو پر سندس مڪتوبات ۽ ملفوظات
۾ نقشبندي طريقي جو به گھڻو ذڪر ملي ٿو. خليفو
محمود نظاماڻي جو چوڻ آهي ته مون کي پير روضي ڌڻي
قادري ۽ نقشبندي ٻنهي طريقن ۾ اجازت ڏني هئي. پير
محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي تصنيفات ۾ فارسيءَ جي
شاهڪار لغت ‘المجمع الجوامع’ آهي، جيڪا ڪيترن جلدن
تي مشتمل آهي ان کان علاوه سندس مڪتوبات جن جو
تعداد ڇائيتاليھ آهي ۽ ملفوظات جا ٻه ضخيم جلد
آهن. مڪتوبات توڻي ملفوظات جو مرتب سندس خاص خليفو
محمود ڪڙيي گهنور وارو (1189- 1267) آهي جيڪو پاڻ
وڏي علمي ۽ روحاني شخصيت هو. خليفي محمود جي
تصنيفات ۾‘محبوبية المحمودية’ خاص اهميت واري آهي
جنهن ۾ هو قادري سلسلن جي حوالي سان ذڪر ۽ ٻين
شغلن تي تفصيلي روشني وجھي ٿو ۽ ان کان پوءِ وري
نقشبندي سلسلي جي لطائف جي سمجهاڻي ڏئي ٿو. اڳتي
هلي هو سيد آدم بنوريءَ جي مشهور تصنيف ‘خلاصة
المعارف’ جي حوالي سان اهو واضح ڪري ٿو ته هو مجدد
الف ثانيءَ سان لطائف جي باري ۾ ڪهڙو اختلاف رکي
ٿو. اهڙيءَ طرح هو اهو پڻ ٻُڌائي ٿو ته آدم
بنوريءَ جو مؤقف وجودي موقف جي ڪيئن ۽ ڪيترو ويجھو
هو. انهيءَ ساڳئي ڪتاب ۾ هو گرهوڙي صاحب جي تصنيف
‘فتح الفضل’ مان ڪي حوالا سند طور اختيار ڪري ٿو.
مطلب ته خليفي محمود جو هي ڪتاب تصوف جي دنيا ۾
علمي حيثيت رکي ٿو ۽ سنڌ جي تصوف جي تاريخ جو اهم
باب آهي.
خليفي محمود جي اها علمي حيثيت ئي هئي جو سندس
ملفوظات کي وري خليفي گل محمد هالائي (1226- 1273)
جھڙي عالم فاضل ۽ شاعر ‘ڪنوزالمعرفت’ (يعني معرفت
جا خزانا) جي نالي سان مرتب ڪيو. ان ڪتاب ۾ اها
روايت ملي ٿي ته خليفو محمود پهرين نقشبندي طريقي
۾ مخدوم ابراهيم ٺٽويءَ کان بيعت ٿيو هو پر پوءِ
پير محمد راشد روضي ڌڻي کان قادري طريقت ۾ اجازت
مليس، ليڪن سندس تصنيفات مان پتو پوي ٿو ته کيس
ٻنهي طريقن تي مڪمل عبور هو. ‘ڪنوزالمعرفت’ بظاهر
خليفي محمود جي ملفوظات آهي پر ان ۾ جيڪي نقل يا
ڳالهيون آيل آهن اهي گھڻي ڀاڱي پير محمد راشد جون
آهن ۽ اهي خليفو گل محمد پنهنجي علمي انداز ۾
تحرير ڪري ٿو. خليفي محمود جي ٻي ملفوظات سندس ٻئي
مريد محمد ملوڪ چانڊيي ‘سراج العاشقين’ جي نالي
سان 1252ھ ۾ مڪمل ڪئي جنهن ۾ پڻ ساڳئي قسم جو
انداز آهي. بهرحال ٻنهي ڪتابن منجھان خليفي محمود
جي علمي ۽ فڪري بصيرت، تصوف جي ڳوڙهي مطالعي ۽
سندس روحاني تجربن ۽ مشاهدن بابت گھڻو مواد ملي
ٿو. جڏهن به سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ لکي ويندي ته هنن
ڪتابن جو ان ۾ وڏو حصو هوندو. اهو ساڳيو خليفو گل
محمد سنڌي ٻوليءَ ۾ پهرين ديوان ‘ديوانِ گل’ جو
مصنف آهي. اهو ديوان پڻ تصوف جي معارف ۽ حقائق سان
ڀرپور آهي.
خليفي محمود جي مڪتوبات توڙي ٻنهي ملفوظاتن ۾
طريقت ۽ معرفت بابت نهايت اعليٰ علمي ڳالهيون ملن
ٿيون. ان جو سبب هي آهي ته هو تصوف جي اعليٰ علمي
روايت کان نه رڳو مستفيض ٿيل آهي پر ان جا اڪثر
حوالا ڏئي سمجھائي ٿو. فارسيءَ جي سڀني وڏن صوفي
شاعرن جھڙوڪ سنائي، عطار، رومي، حافظ، جامي ۽ ٻين
شاعرن جا ڪيترا شعر آڻي ٿو. اهڙيءَ طرح نثر ۾
مڪتوبات منيري، مڪتوبات امام رباني ۽ خواجه معصوم
توڻي خواجه نظام الدين اولياء جي ‘فوائدالفواد’ ۽
مخدوم جھانيان جھان گشت جي ملفوظات، خواجه
بهاءُالدين نقشبند جي ڪلمات قدسيه ۽ خواجه احرار
جي ملفوظات مان به هو چڱيءَ طرح واقف ڏسجي ٿو. سنڌ
اندر تصوف جي روايت کي هو شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جي
ملفوظات ‘بيان العارفين’ کان شروع ڪري ٿو ۽ هن
سلسلي ۾ شاھ لطيف، سلطان الاولياء خواجه محمدزمان
لواريءَ واري ۽ شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي شاعري ۽
فڪر کي سند طور اختيار ڪري ٿو.
تيرهين صدي سنڌ جو ٻيو وڏو ناليوارو نقشبندي بزرگ
۽ عالم، فقيہ ۽ تصنيف وتاليف جو صاحب مخدوم محمد
ابراهيم ولد مخدوم عبداللطيف ولد مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي آهي. هو 1162ھ ۾ ڄائو. سندس والده ابوالقاسم
نقشبنديءَ جي پوٽي هئي. هو شاھ صفي الله سرهنديءَ
جي بيعت سان نقشبندي طريقي ۾ داخل ٿيو ۽ خاص خليفن
۾ شمار ٿيڻ لڳو. شاھ صفي الله جي آخري حج جي موقعي
تي هو ساڻس گڏ هو ۽ جڏهن سندس مرشد کي جده ۾ دفن
ڪيو ويو تڏهن به هو اتي موجود هو ۽ سندس جنازي
نماز پڙهايائين. اهو اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو ته ‘عمدة
المقامات’ جو مؤلف شاھ فضل الله جيڪو پاڻ انهيءَ
سفر ۾ گڏ هو، تنهن مخدوم صاحب جي علمي ۽ روحاني
ڪمالات جو گھڻو ذڪر ڪيو آهي.
مخدوم ابراهيم جيئن ته ”تڪملہ مقالات الشعراءِ“ جي
مؤلف ابراهيم خليل جو پڙ نانو ٿئي. تنهنڪري هن
پنهنجي تصنيف ۾ مخدوم صاحب جو احوال ۽ ڪارناما چڱي
طرح بيان ڪيا آهن. مخدوم صاحب پنهنجي ڏاڏي وانگر
شريعت تي پابنديءَ جو قائل هو ۽ ڪيترن فقهي مسئلن
۾ پنهنجي وقت جي عالمن کان مختلف راءِ جو اظهار
ڪيو اٿس. مخدوم ابراهيم جون ڪيتريون ئي تصنيفات
آهن جن ۾ گھڻي ڀاڱي فقهي آهن. البت ‘هدايت
المريدين’ جيڪا مروج سنڌي نظم ۾ آهي سا نقشبندي
سلسلي جي بنيادي اصولن ۽ ان جي سمجھاڻي متعلق آهي
جنهن ۾ هو پنهنجي طريقت جي سلسلي کي تفصيل سان
بيان ڪري ٿو. اهو رسالو بمبئي مان 1290 ۾ ليٿو تي
ڇپيل آهي. ان جي شروعات ۾ نقشبندي طريقي جي فضيلت
بابت هينئن چوي ٿو:
اوليائن ۾ الله جي نوري نقشبندي
سارين سنت شفيع جي ۽ متابعت محمدي
شعر رواني وارو ۽ پختو آهي ۽ اهو صرف الف اشباع
واري قافيي تي ٻڌل ناهي بلڪ جدا جدا قافين وارو
ڊگھو نظم آهي. مخدوم ابراهيم جي سوانح بابت هڪ
مختصر رسالو سندس خاص خليفي احمد خان نظاماڻي جي
چوڻ تي محمد امين ڇتڙائي ‘مناقب مخدومين’ يعني ٻن
مخدومن جا مناقب لکيو، جنهن ۾ هو مخدوم ابراهيم
سان گڏ سندس پيءُ مخدوم عبداللطيف جو مختصر ذڪر
ڪري ٿو. هيءُ رسالو 1227ھ ۾ لکيو ويو آهي. هن
رسالي مان اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته مخدوم ابراهيم
1189ھ ۾ پنهنجي والد مخدوم عبداللطيف جي وفات کان
پوءِ ڪلهوڙن طرفان قضا جون ذميواريون سنڀاليون ۽
ميان سرفراز ڪلهوڙي کان وٺي ميان عبدالنبي عباسي
جي زماني تائين اُهي فرائض بخوبي ادا ڪيائين ليڪن
ڪلهوڙن جي پوئين زماني ۾ جڏهن شڪارپور تي تيمور
شاھ ابدالي جا نمائندا حاڪم ٿيڻ لڳا ته مخدوم
ابراهيم شڪارپور اچڻ لڳو ۽ اتي ئي هڪ ڀيري شاھ صفي
الله جي بيعت کان مشرف ٿيو.
‘مناقب المخدومين’ مان اندازو ٿئي ٿو ته زندگيءَ
جي پوين ڏهاڙن ۾ مخدوم ابراهيم جا وقت جي حاڪمن
ميرن سان سٺا تعلقات نه رهيا هئا جو 1224ھ ۾ سنڌ
ڇڏي بدين جي شهر نندي مان گذري ڪڇ جي شهر سراءِ ۾
منزل ڪيائين. سندس اهو پورو سفر بيماريءَ جي حالت
۾ گذريو ۽ آخر مڏئي جي شهر ۾ 1225ھ ۾ وفات ڪيائين.
خليفي احمد نظاماڻيءَ جو ذڪر ‘تڪلمہ مقالات
الشعراءِ’ ۾ ملي ٿو. جتي مؤلف سندس شعر به مثال
طور ڏنا آهن. بلڪ ‘عمدة المقامات’ موجب خليفي احمد
خان شاھ صفي الله کان به ڪسب فيض ڪيو هو. احمد خان
جي پنهنجي مرشد مخدوم ابراهيم جي نظر ۾ ايتري وقعت
هئي جو پنهنجي پٽ عبدالغفور کي چوندا هئا ته
جيڪڏهن خدا سان گڏ هجڻ چاهين ٿو ته پوءِ احمد خان
سان صحبت ڪر، پر جيڪڏهن گھرين ته خلق جي تو ڏانهن
رجوعات ٿئي ته پوءِ وسينءَ واري خليفي وٽ وڃ.
مٽياري جي سرهندين جي خانداني روايت موجب شاھ
ضياءَ الحق شهيد جيڪو سرهندي خاندان مان هو ۽ شاھ
صفي الله جو نياڻو هو، ان کي جڏهن پنهنجي پٽ شاھ
عبدالرحيم جيڪو مٽياريءَ ۾ مدفون آهي، نقشبندي
طريقي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ عرض ڪيو تڏهن کيس چيائين ته
توکي خليفي احمد خان نظاماڻيءَ کان بيعت ڪرائيندس.
اها روايت به آهي ته شاھ عبدالرحيم جي مٽياريءَ ۾
عاليشان قبي جي تعمير ۾ مخدوم ابراهيم مڏئي واري
جي خليفن وڏو بهرو ورتو هو. مٽياري وارن سرهندين
جو مخدوم ابراهيم سان خاص تعلق قائم رهيو جو پوءِ
سنڌ مان ڪڇ ۾ سندس مزار تي اچ وڃ جو سلسلو قائم
رهيو.
تيرهين صديءَ جو ٻيو وڏو عالم ۽ فقيھ جيڪو
نقشبندي سلسلي سان خواجه صفي الله جي واسطي سان
وابسته ٿيو. جڏهن هو غالباً پهريون دفعو سنڌ ۾
آيو، اهو مخدوم عبدالواحد پاٽائي (1150/1224) آهي،
جيڪو ڪلهوڙن توڻي ميرن جي زماني ۾ سيوهڻ سرڪار جو
قاضي هو. هو فقھ حنفي ۾ وڏي شهرت رکي ٿو ايتريقدر
جو کيس “نعمان ثاني” جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
ان جو سبب سندس ‘بياض واحدي’ آهي. مخدوم عبدالواحد
جو تعلق صديقي علمي خاندان سان آهي جن جي نسب جو
شجرو عيسيٰ جندالله پاٽائي کان ٿيندو شيخ شهاب
الدين سهرورديءَ سان ملي ٿو.
مخدوم عبدالواحد بابت خانداني روايت توڻي ٻين
ڪتابن مان بلڪ ‘عمدة المقامات’ موجب هو شاھ صفي
الله جي وڏن خليفن مان هڪ هو. مخدوم خاندان جي
تحريرن ۾ شاھ صفي الله جو مخدوم عبدالواحد کي ڏنل
تحريري اجازت نامو موجود آهي جيڪو ‘تذڪره مشاهير
سنڌ’ ۾ ڏنل آهي. مخدوم صاحب جي تصنيف جو تعداد
ويهن کان مٿي آهي.
‘بياض واحدي’ جيڪو فارسي زبان ۾ فتوائن تي مشتمل
آهي، تازو سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌيءَ ۾ شايع ٿيو
آهي. اهڙيءَ طرح مختلف موضوعن تي سندس ننڍا وڏا
رسائل جن جو تعداد ويهارو کن آهي پڻ سنڌيءَ ۾ شايع
ٿيا آهن.
انهن مان سندس وسيع علمي مطالعي ۽ ڄاڻ جو اندازو
ٿئي ٿو. هو نقشبندي ادب کان پوريءَ ريت بهرور
معلوم ٿئي ٿو. هڪ ننڍي رسالي ‘بسط المقال في حل
الاشڪال’ ۾ مڪتوبات امام ربانيءَ جا ڪيترا حوالا
ڏئي ٿو ۽ ان سان گڏ ‘مڪتوبات معصوميه’، ۽ خواجه
احرار جي ‘رساله والديه’ جو پڻ ذڪر ڪري ٿو. هڪ ٻئي
هنڌ ابن عربيءَ جي عينيت واري فڪر جي سولي سمجھاڻي
ڏيندي پڻ نظر اچي ٿو.
مخدوم عبدالواحد کان پوءِ سنڌ جو اهو علمي خاندان
جيڪو سهروردي سلسلي سان وابسته هو، سو هميشہ لاءِ
نقشبندي سلسلي سان لاڳاپيل رهيو. مخدوم عبدالواحد
1224ھ ۾ وفات ڪئي. سندس وفات بعد سندس ڀائٽيو
مخدوم محمد عارف ظاهري توڻي باطني مسند سنڀالي
جيڪو کانئس نقشبندي طريقي ۾ اجازت يافته هو ۽ هن
1258ھ ۾ وفات ڪئي.
مخدوم عارف کان پوءِ هن خاندان ۾ مخدوم فضل الله
پاٽائي (1227ھ - 1294ھ) صاحب علم ۽ فضيلت ٿيو. هن
جو والد مخدوم عبدالواسع فارسي زبان جو قادر
الڪلام شاعر هو. سندس فارسي غزل موجود آهي. هن
بزرگ سهروردي ۽ نقشبندي طريقي کان علاوه قادري
طريقي ۾ ملتان جي ڪنهن بزرگ کان پڻ خرقو حاصل ڪيو
هو.
مخدوم عبدالواسع فارسي ۾ شاعري ڪئي پر سندس پٽ
مخدوم فضل الله وري خالص تصوف، ديني ۽ فقهي معاملن
بابت سنڌي شعر ۾ گھڻو مواد ڇڏيو آهي. هن سلسلي ۾
‘وحدت نامو’ ۽ ‘تصوف نامو’ سندس نمايان علمي
ڪاوشون آهن جتي هو هڪ طرف ابن عربيءَ جي اعيان
ثابته جي سمجھاڻي ڏئي ٿو ته ٻئي طرف نقشبندي طريقي
جي مراقبن سر، خفي، اخفيٰ وغيره جي وضاحت به وڻندڙ
شاعرانه انداز ۾ ڪري ٿو. هو سنڌ جي صوفيانه شاعري
جي روايت سان پڻ ڳنڍيل نظر اچي ٿو جو شاھ لطيف جي
سر سامونڊي جي ڏھ سٽي بيت جي پنهنجي مخصوص انداز ۾
تشريح ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح ”زيورنامه“ ۾ عورتن جي
زيورن جا نالا کڻي هر هڪ تي بيتن جي طرز ۾ عورتن
لاءِ هدايت ۽ سمجھاڻيءَ جو سامان مهيا ڪري ٿو. |