سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:23 

[ترجمو: ماڻهن لاءِ خواهشن جي محبت وڻندڙ آهي. جيئن زالون، پُٽ، سون ۽ چانديءَ جا ميڙيل خزانا، نشان وارا گھوڙا، مال متاع ۽ کيتي يا زمين پر اهي سڀ رڳو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهن.]

پس ازسي سال اين معنيٰ محقق شد بخاقاني
که  يکد م با خدا  بودن  به از ملک سليماني

[معنيٰ: ٽيهن سالن کانپوءِ خاقاني کي اها پڪي خبر پئي ته خدا سان هڪڙي گهڙي حضرت سليمان جي بادشاهيءَ کان وڌيڪ بهتر آهي.]

             سلطان الاولياء فرمايو: جنهن کي ”هوش در دم“ جو شُغل حاصل ٿيو ته ان کي ٽئي شغل (”ياد ڪرد” ۽ ”ياد داشت“ سوڌو) حاصل ٿيا.

             سلطان الاولياء فرمايو: انسان ۽ انسانيت ۾ وڏو فرق آهي انسان واري صفت انسان کي گھڻي وقت کانپوءِ حاصل ٿيندي آهي. انسانيت خدا جي بخشش آهي، اها تڪليف کانسواءِ نٿي حاصل ٿئي يا جنهن کي الله جي مدد ٿئي.

v  آئون چوان ٿو: بيت:                     

آدمي   را  آدميت   لازم  است
ورندارد  بوئي صندل هيزم است

[معنيٰ: انسان لاءِ “انسانيت” واري خوشبوءِ لازم آهي، جيڪڏهن اها نه اٿس ته سُڪل ڪاٺين جي ڀري آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: حقيقي شفا دوائن ۾ نه آهي. ڪڏهن طبيعت جي خلاف شين ۾ فائدو هوندو آهي. ڪڏهن وري مزاج موافق شيون بيمار ڪنديون آهن. دوائون توڪل جي خلاف نه آهن، دوا جي اجازت (رخصت) ثابت آهي پر عزيمت ڇڏڻ ۾ آهي. جيئن حديث شريف ۾ آهي ته، اي ٻانهؤ! دوا ڪرايو، پوءِ بيشڪ الله تعاليٰ ڪابه اهڙي بيماري نه خلقي آهي، جنهن جي دوا نه هجي، سواءِ سرسام، ڪراڙپ ۽ موت جي بيماري جي. ائين علامہ جعفر بوبڪائي جي ڪتاب ‘المتانة’ ۾ آهي.

v  آئون چوان ٿو: مولانا جامي چيوآهي:

قاعده  طب که  بقانون نهاد
پائي نه از قاعده [13] بيرون نهاد

[معنيٰ: طب جو قاعدو قانون سان هلڻ آهي، قانون کان ٻاهر پير نه رکڻ گھرجي.]

ليک نهان ساخت بر اهل طلب
روئي مسبّب  بحجاب سبب

[معنيٰ: طلب وارن تي اها ڳالھ لڪل آهي ته مسبب الاسباب ئي سڀ ڪجھ لڪائي ڇڏيو آهي.]

            سلطان الاولياء فرمايو: ظاهري عالم خيال ڪن ٿا ته سندن مُنهن ڪتاب ۾ هجي پر فقير ان جي خلاف آهن.

v  آئون چوان ٿو: بيت:

علمي که  ره  بدوست  برد  در کتاب  نيست
واين ها که خوانده ايم همہ در حساب نيست

[معنيٰ: دوست ڏانهن وٺي وڃڻ وارو علم ڪتابن ۾ نه آهي. هي جيڪو اسان پڙهيو اهو ڪنهن حساب ۾ نه آهي.]

هتي ظاهري مان مراد ٻيا ڪتاب آهن، حديث، تفسير ۽ فقہ جا ڪتاب مراد ناهن. ڇو ته هي ڪتاب ديني علم بابت لکيل آهن ۽ دين اسلام ۾ ڪمال ايستائين حاصل نه ٿيندو، جيستائين هنن ڪتابن کي چڱي طرح نه پڙهبو ۽ چڱي طرح مطالعو نه ڪبو.

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

ذَ‌لِكَ الْكِتَابُ لَا رَيْبَ  فِيهِ هُدًى لِّلْمُتَّقِينَ [البقرة2:2]

[ترجمو: اهو (وڏي مرتبي وارو) ڪتاب (قرآن) آهي، جنهن ۾ ڪابه شڪ جي گنجائش نه آهي، پرهيزگارن لاءِ ئي هدايت آهي.]

ڪنهن ڪيڏو نه صحيح چيو آهي ته دين جو علم فقہ ئي ته آهي ۽ جيڪو اهو علم نه ٿو ڄاڻي اهو ڪچو يا خام رهجي ويندو.

مطلب ته، انهن ڪتابن ۾ سراسر هدايت ۽ سڌي رستي تي هلڻ جي ڳالھ آهي. پوءِ سوچيو ۽ سمجھو.

             سلطان الاولياء فرمايو: قلندري به فقيرن جو قسم آهي پر قلندر ٻه قسم آهن. پهريون قسم هي آهي ته دنيا ۽ بادشاهي جا اسباب ڇڏڻ خِلوت ۽ فقيري اختيار ڪرڻ ۽ زُهد وارا طريقا اختيار ڪرڻ. (خلاف شرع) رسمون ۽ عادتون ترڪ ڪرڻ، عبادتون ۽ نفل ادا ڪرڻ. ٻيو قسم هي آهي ته ظاهر ۾ دنيا سان واسطو هجي پر باطن ۾ سڀني  تعلقن کان فارغ هجي. فرضن کان سواءِ ٻيا نفل ادا نه ڪري. وڌيڪ احوالن جي طلب نه ڪري. مخلوق جي نظرن کان پنهنجا ڪم مخفي رکڻ جو فڪر نه ڪري، نيڪي ۽ گلا جي پرواھ نه ڪري. قناعت ڪندڙ هجي، اسبابن جي نفعي ۽ نقصان جي پرواھ نه ڪري.

جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي:

لَاتَحْزَنُوا عَلَىٰ مَا فَاتَكُمْ  [آل عمران: 152]  وَلَا تَفْرَحُوا بِمَا آتَاكُمْ [ حديد: 22]

[ترجمو: جيڪي به اوهان کان وڃائجي وڃي تنهن تي غم نه ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ڏنو اٿس تنهن تي ڦونڊجي نه وڃو.]

 ماڻهن جي قبول ڪرڻ يا رد ڪرڻ کان پاڻ کي آزاد سمجھي. اهڙن کي الله کان سواءِ ٻيو ڪو به نٿو ڄاڻي.

 (جيئن حديث قدسي ۾ آهي):

اوليائي تحت قبائي لايعرفهم غيري

[ترجمو:  منهنجا دوست منهنجي قبا (چادر) جي هيٺان آهي مون کانسواءِ ٻيو ڪير انهن کي نٿو سُڃاڻي.]

اهو ٻيو قسم ڪن احوالن ۾ ملامتي صوفين سان ملندڙ آهي، جيڪي ملامت ڪرڻ واري جي ملامت جي پرواھ نه ڪندا آهن.

 بوعلي قلندر چيوآهي:

گر  بو علي  نوائي  قلندر  نواختي
صوفي بدي برآنکه بعالم قلندراست

[معنيٰ: جيڪڏهن بوعلي قلندر جو نغارو نه سُڃاڻي ها ته صوفي هجي ها هاڻي ته جھان ۾ قلندر آهي.]

            سلطان الاولياء فرمايو: حديث شريف ۾ اچي ٿو ته:

رجعنا من جهاد الاصغر الي الجهاد الاکبر

[ترجمو:  جھاد اصغر کان جھاد اڪبر ڏانهن موٽياسون.]

هيءَ حديث هن ڳالھ تي دلالت ڪري ٿي ته نبي ڪريمﷺ آخري عمر ۾ خلوت اختيار ڪئي هئي. اڳوڻن بزرگن مان به گھڻا بزرگ آخر عمر ۾ خلوت اختيار ڪندا هئا ۽ ان خلوت ۾ ئي عمر پوري ٿيڻ جي تمنا ڪندا هئا. ڪن کي اها تمنا “خلوت درانجمن” ۾ حاصل ٿيندي هئي. جيئن ان کي اڳين مجتهد امام اعظم (ابو حنيفه رضه) ڪيو آهي. جڏهن سندس عمر جا باقي ٻه سال بچيا هئا ته تعليم ڏيڻ کي ترڪ ڪري، قرآن جي پڙهڻ کي لڳي ويو. جڏهن وفات ڪيائين، تڏهن سندس شاگردن مان ڪنهن هڪ خواب ۾ ڏٺو ۽ کانئس حال پڇيائين؟ تنهن تي (امام صاحب) فرمايو ته، مون کي معاف ڪيو ويو آهي.

”لولا السنتان لهلک النعمان

[يعني: جيڪڏهن پويان ٻه سال عمر جا نه هجن ها ته نعمان هلاڪ ٿي وڃي ها.]

آئون چوان ٿو: الله تعاليٰ فرمايوآهي:

أَيْنَمَا تُوَلُّوا فَثَمَّ وَجْهُ اللَّهِ [بقرة2:115]

[ترجمو: توهان جيڏانهن مُنهن ڦيريندؤ تيڏانهن الله جو مُنهن آهي.]

 مولانا رومي چيوآهي:

خلوت از اغيار بايد ني ز يار
پوستين  بهردي [14]  آمد  نه بهار

[معنيٰ: ڪناره ڪشي غيرن کان ڪبي آهي، نڪي دوستن کان. ڪوٽ سردي ۾ پائبو آهي نه ڪي بهار ( وڻندڙ موسم) ۾.]

             سلطان الاولياء فرمايو: فقير ڪنهن سان محبت جو رستو نه رکندا آهن. جي رکندا آهن ته ٽوڙيندا نه آهن پر جيڪو انهن کان ڄاڻي ٻُجھي ٽوڙي (ته ٻي ڳالھ آهي).

v  آئون چوان ٿو: نقل آهي ته اڳوڻي زماني جي بادشاهن مان ڪنهن فقيرن جي جماعت ڏٺي. بادشاھ پُڇيو ته توهان جو ڪهڙو فائدو آهي؟ فقيرن جواب ڏنو ته جيڪو اسان سان محبت رکندو ان جو مال هليو ويندو. جيڪو اسان تي ڪاوڙ ڪندو ان جو ايمان هليو ويندو. تڏهن بادشاھ جواب ڏنو ته اسين نڪو توهان سان محبت رکون ٿا ۽ نه وري ڪاوڙ ڪريون ٿا.

حديث شريف ۾ اچي ٿو ته:

المرءَ مع من احبّ” يا “من تشبيہ بقوم فهو منهم

[ترجمو: ماڻهو اُن سان گڏ هوندو، جنهن سان محبت ڪري ٿو. جيڪو جنهن سان محبت رکي ٿو اهو ان سان گڏ هوندو، جنهن ڪنهن قوم جو طريقو اختيار ڪيو ته اهو انهن سان هوندو.]

حُب  ايشان  کليد  جنت  است
منکر ايشان سزائي لعنت است

[معنيٰ: انهن (اوليائن) جي محبت جنت جي ڪُنجي آهي، انهن جي انڪار جي سزا لعنت آهي.]

        سلطان الاولياء فرمايو: ست صفتون الله تعاليٰ ۽ ٻانهي جي وچ ۾ مشترڪ آهن.

هم سميع است هم قدير و هم بصير
متڪلم  مريد وحيّ  و خبير

[معنيٰ: اُهي صفتون هي آهن 1. سميع (ٻُڌڻ)، 2. قدير(قدرت)، 3. بصير(ڏسڻ)، 4. متڪلم(ڪلام)، 5. مريد(ارادو)، 6. حيّ (حيات)،7. خبير(ڄاڻڻ ۽ ڪن وٽ اٺين صفت “تڪوين” آهي. الله تعاليٰ صفتن کان بي پرواھ آهي.)]

v  آئون چوان ٿو: مولانا جامي چيو آهي:

هستي واجب يکي آمد بذات
هست تعدد ز شيون وصفات

[معنيٰ: واجب هستي هڪڙي آهي، باقي ڪثرت صفتن ۽ شيون جي ڪري آهي.]

کثرت صورت ز صفات است بس
اصل همہ وحدت  ذات است و بس

[معنيٰ: صورت جي گھڻائي صفتن جي ڪري آهي، اصل وحدت واري ذات هڪ آهي.]

 بين که بعالم زسمک تا سما
نيست بجز واجب ممکن نما

[ترجمو: تون اکيون پٽي ڏس زمين کان آسمان تائين واجب کانسواءِ ٻيو ڏسڻ ۾ ممڪن نه آهي.]

بحر يکي موج هزاران  هزار
روئي يکي آئينهائي بيشمار

[معنيٰ: سمنڊ هڪڙو آهي ڇوليون هزارين اٿس. چھرو هڪڙو آهي آرسيون (آئينا) بي شمار آهن.]

     سلطان الاولياء فرمايو: نفي ۽ اثبات ۾ ٽي شُغل آهن. پهريون “لا مقصود.” آهي، ٻيو “لاموجود” آهي ۽ ٽيون “لا معبود” آهي ۽ نفي جو طريقو طالب تي سخت آهي پر مُرشد جي مدد سان آسان آهي. پوءِ جنهن اسان کان نفي جو شغل طلب ڪيو، تنهن کي بنا نقصان حاصل ٿيندو ۽ مقصد تائين پهچندو ۽ مراقبي جو اهو طريقو طالب تي آسان آهي.

v  آئون چوان ٿو: ‘مڪتوبات (احمديه)’ ۾ آهي ته نفي دلين  لاءِ صيقل ۽ روات آهي ۽ مراقبو محبوب لاءِ انتظار آهي. مريد جي لاءِ ضروري آهي ته مراقبي وقت ٻليءَ وانگر هجي، جيڪا ڪوئي جي پڪڙڻ لاءِ پنهنجي ساھ کي به بند ڪندي آهي.

حديث شريف ۾ آهي:

المنتظر للصلاة کانہ في الصلاة

[ترجمو: جيستائين توهان انتظار ۾ آهيو، تيستائين نماز ۾ آهيو.]

انتظار دوست بُردن دوست دانستن بود
هم وقوف قلب باشد ياد کردن هم بود

[معنيٰ: دوست جو انتظار ڪرڻ دوست کي ڄاڻڻ آهي، دل جو وقوف (ترسڻ) به ياد ڪرڻ ئي آهي.]

      سلطان الاولياء فرمايو: بيشڪ سالڪ آسمان ۽ ان ڏانهن عروج (چڙهڻ) وقت جيڪي عارضي توڻي ذاتي تجليون ۽ ان کانسواءِ ٻيا نور ۽ رنگ ڏسي ٿو، اهي سڀ الله تعاليٰ جي نالن جو اولڙو ۽ تعينات جو عڪس آهن، جيڪي دل تي وارد ٿين ٿا پر اصل مقصود دل آهي ۽ هميشہ غير کان دل جي حفاظت ڪرڻ ضروري آهي.

آئون چوان ٿو: حديث شريف آيو آهي ته:

لايسعني [15] ارضي ولاسمائي ولاکن يسعني قلب عبد المؤمن

[ترجمو: مون کي هيءَ زمين ۽ هي آسمان نٿو سمائي سگھي پر مومن يعني ٻانهي جو قلب ئي سمائي سگھي ٿو.]

مولانا جامي چيوآهي:

گُلبن جان را گر بگل کاشتند
آرزوئ  غُنچه دل داشتند

[معنيٰ: ساهواري گلاب جي گُل کي جڏهن مٽيءَ ۾ پوکيائون ٿي، تڏهن ئي منجھس دل جي باغ ڏانهن لاڙو وجھي ڇڏيائون.]

چرخ وفلک آنچه بود درخمش
وآنچه  خرد  نام  نهد  عالمش

[معنيٰ: آسمان ۽ ان جي هيٺان جيڪي آهي دانائن ان جو نالو جهان رکيو آهي.]

 در  وسعت   دائره    دل  گم  است
آن همہ چون قطره و دل قلزم است

[معنيٰ: انهيءَ دائري جي وُسعت ۾ دل گم آهي، اهو سڀ هڪ ڦڙي وانگر آهي پر دل پاڻ درياء آهي.]

آنچه   خدائي   همہ  گنجد   درو
اين همہ پيدا است چه سنجد درو

[معنيٰ: خدا جي سڄي خدائي ان ۾ سمائجي سگهي ٿي،اهو سڀ ڪجھ ظاهر آهي ان جو اندازو ڪري سگھجي ٿو.]

       سلطان الاولياء فرمايو: ڪي اهل ظاهر چون ٿا ته لفظ اِلہٰ جُزئي آهي ۽ محققن وٽ ڪُلّي آهي. جيئن قرآن شريف ۾ آهي:

قُلْ كُلٌّ مِّنْ عِندِ اللَّهِ  [النساء:78]

[ترجمو: اي پيغمبرﷺ فرمايو ته (ڀلائي ۽ برائي) سڀ الله وٽان آهي.]

v  آئون چوان ٿو: جڏهن منطقين وٽ خدا جو غير ڪُلي، سمورا حيوان ناطق آهن. پوءِ

ڇا جي لاءِ هي ڳالھ ناجائز آهي ته الله تعاليٰ ڪُلي هجي. انسان هن حيثيت سان ته انسان آهي پوءِ اهو ڪُلي آهي ۽ زيد هن حيثيت سان ته اهو زيد آهي. پوءِ اهو ڪُلي آهي جُزئي ناهي.

جز و با  کل  متصل  در  امور
بلک کل بي جزو نامد درظھور

[معنيٰ: هر ڪم ۾ جُز ڪُل سان ڳنڍيل آهي، بلڪ ڪُل جُز کانسواءِ ظهور ۾ نه ايندو آهي.]

حافظ شيرازي چيوآهي:

گلشن حسنت خود شد دلفروز
ما دمي همت در آن  بگذاشتيم

[معنيٰ: تنهنجي حُسن جو باغ پاڻهي دل کي ڇڪيندڙ نه ٿيو آهي. اسان جي همت جو ساھ ان ۾ پيل آهي.]

      سلطان الاولياء فرمايو: ڪي عارف موت جي تمنا ڪن ٿا، انهن منجھان هڪڙو مولانا رومي به آهي. جو چوي ٿو:

روح دارد بي بدن بس کاربار
مرغ باشد درقفس بس بيقرار

[معنيٰ: بدن کانسواءِ روح بيڪار آهي، جيئن پڃري ۾ پکي بيقرار آهي.]

مرگ که اين جمله ازدرو وحشتند
مي کند اين قوم بروي  ريشخند

[معنيٰ: اهي سڀ موت کان ڊپ ۾ آهن پر هيءَ قوم ان موت تي کلي خوش ٿئي ٿي.]

که او نيا بد بردل ايشان ظفر
بر صدف آيد ضرر نه بر گھر

[معنيٰ: موت انهن جي دلين تي فتحمند نه ٿوٿئي، ڇو ته سَپ تي گھاءُ لڳي سگھي ٿو پر موتي کي (جو ان ۾ اندر آهي) نه!.]

چونک اندر مرگ بيند صد وجود
همچون  پروانه  بسوز اند وجود

[معنيٰ: جيئن ته هو (ولي) موت ۾ سئو وجود ڏسندو آهي، تنهنڪري هو پتنگ وانگر پاڻ کي ساڙائي ڇڏيندو آهي.]

شد هوائي مرگ طوق صادقان
که  يهودان را بدان دم امتحان

[معنيٰ: سچا (سالڪ) موت جو ڳٽ (سينگار) چاهيندا آهن پر يهودين (ڪوڙن) جي ان ۾ آزمائش آهي (جيڪي موت کان ڀڄندا آهن).]

اُقتلوني   اُقتلوني يا ثقات
ان في قتلي حياتاَ في الحيات

[معنيٰ: (قول منصور) اي منهنجا عقيدت مندؤ! مونکي قتل ڪريو، مونکي قتل ڪريو، ڇاڪاڻ ته منهنجي مرڻ ۾ حياتي ئي حياتي آهي.]

يا  منير الخد  يا روح البقا
اجتذب روحي وجدلي باللقاء

[معنيٰ: اي چمڪندڙ ڳلن وارا، اي بقا بخشيندڙ روح، منهنجي روح کي ڇِڪي (ڪڍي) جلد پاڻ سان ملاءِ.]

لي حبيبي  حبّہ يشوي الحشاء
لويشاء يمشي عليٰ عيني مشاء

[معنيٰ: اي منهنجا دوست! اها محبت منهنجي آنڊن کي (باھ تي) پچائي ٿي. جيڪڏهن هو چاهي ته منهنجي اکين کي ڀلي اچي لتاڙي.]

 حضرت شيخ مجدد (الف ثاني قدس سره) فرمايو آهي ته مولانا رومي صاحب جي موت جي تمنا ڪرڻ سُٺي نه آهي، بلڪ ان تي هي اعتراض وارد  ٿئي ٿو ته جڏهن الله تعاليٰ حياتيءَ ۾ راضي آهي ته اها ڀلي آهي، جيڪڏهن رب تعاليٰ موت ۾ راضي آهي ته اهو ڀلو آهي.

v  آئون چوان ٿو: فقہ جي ڪتابن ۾ آهي ته موت جي گھُر ڪرڻ مڪروھ آهي، البت جڏهن ڪبيرن گناهن ۾ ڦاسڻ جو خوف ظاهر ٿئي.

حديث قدسي ۾ اچي ٿو:[16]

من لم يصبر عليٰ بلائي و من لم يرض بقضائي فليطلب ربّاً سوائي و يخرج من تحت سمآئي

[ترجمو: جنهن منهنجي مصيبت تي صبر نه ڪيو ۽ جيڪو منهنجي قضا تي راضي نه ٿيو، پوءِ ان کي گھرجي ته مون کي ڇڏي ٻيو ڪو ربُّ وڃي ڳولهي ۽ منهنجي آسمان هيٺان نڪري هليو وڃي.]

از رضا بر تر نباشد  منزلي
تاب اين ميدآن ندارد هردلي

[معنيٰ: رضا کان مٿي ڪابه منزل نه آهي، هن ميدان جو تاب هرڪا دل برداشت نٿي ڪري سگھي.]

کل    شيءِ  هالک  الا  وَجہ
چون نئه در وجہ اوهستي مجو

[معنيٰ: الله جي ذات کانسواءِ هر شيءِ ختم ٿيندي يعني فاني آهي، جيڪڏهن تون هن ۾ فاني نه آهين ته پوءِ تون پنهنجي هستي نه ڳول.]

چون فنا را شد سبب بي مُنتها
پس  کدا مي راه  را بنديم ما

[معنيٰ: جڏهن فنا (موت) جا ڳڻپ کان ٻاهر سبب آهن ته پوءِ اسان ڪهڙي ڪهڙي سبب کي بند ( يعني ان جو علاج) ڪنداسين.]

در  بلا  ذوقي  همہ  بيند  خاص
کفر شان باشد طلب کردن خلاص

[معنيٰ: هو (اولياء) مصيبت (آزمائش) ۾ خاص مزو ماڻين ٿا ۽ ان کان ڇوٽڪارو گُھرڻ وٽن ڪفر برابر آهي.]

همره  غم  باش  با  وحشت مساز
مي طلب در مرگ خود عمر دراز

[معنيٰ: غم جو ساٿي ٿيءُ ۽ وحشت سان ناتو نه جوڙ، موت (فنا) ۾ پنهنجي وڏي حياتي طلب ڪر.]

قابلي   جوئي  از و  قابل   شوي
وصل جوئي بعد زآن واصل شوي

[معنيٰ: قابل کي ڳول ته قابل ٿين، وصل ڳولھ، ان کانپوءِ ئي واصل ٿيندين.]

              سلطان الاولياء فرمايو: توحيد جي رستي جي اِنتها عاجزيءَ جو حاصل ٿيڻ آهي.

v  آئون چوان ٿو: ادراڪ کان عاجز ٿيڻ جو نالو ئي ادراڪ (سمجھڻ) آهي.

انتهائي  کار  بي  چاره  شدن
راه گم کردن سوئي راھ آمدن

[معنيٰ: ڪم جي اِنتها عاجز ٿيڻ ۾ آهي ۽ رستو وڃائڻ ئي رستو لهڻ آهي.]

         سلطان الاولياء فرمايو: معبود جي استغراق ۾ وجود کان پالهو ٿيڻ ئي فنا آهي. جيئن حديث شريف ۾ بيبي عائشه صديقه رضه ۽ سندس پيءُ کان روايت آهي ته نبي ڪريمﷺ ارشاد فرمايو ته:

انتِ ايّ امراة فقالت انا عائشه فقال ما العائشه فقال بنت الصديق فقال ماالصديق فقالت هو اصحاب محمد فقال ما المحمد

[ترجمو: تون ڪير آهين؟ مون جواب ڏنو ته آئون عائشه  آهيان. وري پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته ڪهڙي عائشه؟ مون جواب ڏنو ته ابوبڪر صديق جي ڌيءُ. وري نبي ڪريمﷺ فرمايو ته ڪهڙو صديق؟ مون جواب ڏنو جيڪو محمد ﷺ جو دوست آهي. وري پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته ڪهڙو محمد ﷺ؟]

v  آئون چوان ٿو: حضرت بايزيد بُسطامي (قدس سره) جو به اهڙيءَ طرح نقل ڪيو ويو

آهي. جڏهن ڪنهن شخص بايزيد کان پُڇيو؟ هن چيو ته گھڻو وقت ٿي ويو آهي جو آئون به بايزيد کي ڳوليان پيو پر کيس نٿو ڏسان.

مولانا رومي چيوآهي:

عارف  آن باشد که او فاني بود
هر که فاني نيست عارف کي بود

[معنيٰ: عارف اهو آهي جيڪو فاني هجي، جيڪو فاني نه آهي اهو عارف ڪيئن ٿيو؟]

هست  از  روئي   بقائي  ذات  او
نيست گشته وصف او در وصف هو

[معنيٰ: هن جي ذات جي بقا سان ئي سندس وجود آهي، اهو تڏهن ٿيو جڏهن هن جي وصف ان جي وصف بنجي وئي.]

سالھا  مي بود  اورا  در  پرست
چونکه او آمد ز خود کلي برفت

[معنيٰ: خدا جي عبادت ۾ هن کي سال گذري ويا پر جڏهن هو آيو تڏهن هي پاڻ هليو ويو.]

چون  ز  بانه  شمع  پيش  آفتاب
نيست  باشد  هست  باشد  در حساب

[معنيٰ: جيئن ڏيئو جڏهن سج جي اڳيان ايندو آهي، ته ڏيئي واري روشني حساب ۾ ڪونه ايندي آهي.]

پيش   شير  آهو ئي  بيهوش شد
هستيش در هست او روپوش شد

[معنيٰ: جيئن شينهن جي اڳيان هرڻ بيهوش ٿي ويندو آهي، شينهن جي اڳيان هرڻ جي هستي روپوش ٿي ويندي.]

             سلطان الاولياء فرمايو: اصل مقصد الله جي يادگيري آهي. اها وظيفي پڙهڻ سان حاصل نٿي ٿئي.

آئون چوان ٿو: حديث قدسي ۾ آهي:

من شغلہ عن ذکري عن مسئلتي فاعطيتہ افضل ما اعطي السائلين

[ترجمو: جنهن ٻانهي کي منهنجي ذڪر سوال ڪرڻ کان وڌيڪ مشغول ڪيو ته آئون ان سائل کي سوال ڪرڻ وارن کان وڌيڪ ڏيندو آهيان.]

 انهيءَ ڪري ڪنهن چوندڙ چيو آهي ته ڪٿي آهن اهي گھنگار جيڪي تسبيحون پڙهڻ وارن کان ڀلا آهن.

غلغل تسبيح شيخ ارچند مقبول است ليک
آه  درد  آلوده  رندان  را  قبول [17] ديگر است

[معنيٰ: شيخ جي تسبيح جو غلغلو ٿورو گھڻو مقبول آهي پر درد وارن رندن جي دانهن جي قبوليت ٻي شيءِ آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: مغفرت ۽ بخشش جي طلب کان وڌيڪ ڪا دُعا سُٺي نه آهي ۽ عارف الله جي ذات جو قرب طلب ڪن ٿا.

v  آئون چوان ٿو: مولانا جامي چيو آهي:

از خدا  خواهند سر ذات  خود  در  ذات او
اين بود ساعت بساعت سرّ استغفار شان

[معنيٰ: هو خدا کان پنهنجي ذات جو راز سندس ذات ۾ گھرن ٿا، اهوئي سندن گھڙيءَ گھڙيءَ مغفرت گھرڻ جو راز آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: سيد عبداللطيف (ڀٽائيءَ) جي بيتن مان هن هڪڙي مصرع کان وڌيڪ نڪو ڄاڻان ٿو ۽ نڪي ياد ڪريان ٿو. اها مصرع هيءَ آهي:

وسيلا  وسار  ٻَڌُ  توَڪّل  جو  تُرهو“

v  آئون چوان ٿو: مڪمل بيت ( جون باقي سٽون) هن طرح آهي:

لنگھائيندي  لطيف چئي، پِرت  تنهين کي  پار
تون ڪر ڪيم نهار، ٻُڏن سين  ٻاجھون ڪري

             سلطان الاولياء فرمايو: ڪيترائي دفعا مون سڀني دوائن کي ڇڏڻ جو ارادو ڪيو، ايستائين جو خيال ڪيم ته جُلاب به ڇڏي ڏيان پر جڏهن جسم ۾ داڻن واري بيماري ٿي پئي، تڏهن جماعت (وارن) دوا کائڻ تي اتفاق ڪيو. ان ۾ الله تعاليٰ جي مرضي آهي، ڪنهن ٻانهي کي طاقت نه آهي جو الله جي مرضي کان ڀڄي. پوءِ منهنجو به اهو ئي رايو آهي.

             سلطان الاولياء فرمايو: مردانگي ۽ همت طريقت ۾ شرط آهي پوءِ جوان مرد ڪنهن به شيءِ کان پوئتي نه هٽي، هر وقت همت سان هجي، جيستائين موت اچي. اُها ٻين ماڻهن لاءِ ڏکي ڳالھ آهي پر فقيرن لاءِ آسان آهي.

دلا مردانگي زين زن بيا موز
بماتم شيوه کن شيون بيا موز

[معنيٰ: اي دل! مردانگي ان عورت کان سِک، جيڪا ماتم وارو طريقو روئڻ پٽڻ سان ڪري ٿي، ان کان سِک.]

غم خود خور اگر اين غم نداري
مکن  ماتم گر اين  ماتم  نداري  

[معنيٰ: پاڻ تي غم کاءُ پر جيڪڏهن اهو غم نٿو ڄاڻين، ته پوءِ ماتم نه ڪر، جيڪڏهن اهو (اصلي) ماتم نٿو ڄاڻين.]

v  آئون چوان ٿو: بيت:

همت بلند  بايد  عشاق  مست  مي را
مرد  خسيس همت در عاشقان  نگنجد

[معنيٰ: مست شراب جي عاشقن کي عالي همت هئڻ گھرجي. گھٽ همت وارا عاشقن جي جماعت ۾ نٿا  بيهي سگھن.]

    سلطان الاولياء فرمايو: مُرشد اهو آهي جيڪو مُريد کي خدا تائين پهچائي يا ان کي رستو ڏيکاري، جيڪو انهن ٻنهي حالتن تي طاقت نٿو رکي، پوءِ نه اهو مُرشد آهي ۽ نه وري اهي ان جا مريد آهن.

v  آئون چوان ٿو: پوءِ هن ارشاد جو اهو مقصد آهي ته خواهشن ۽ ناجائز تابعداري ڪرڻ کان پاڻ کي پري رکڻ، ائين نه ڪرڻ سان حق کي حاصل ڪري نه سگھندو. اهوئي سبب آهي جو هن زماني جا ڪي صوفي ان رستي تي نظر نه ڪندا آهن.

قرآن شريف ۾ آهي:

مَن يَهْدِ اللَّهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ وَمَن يُضْلِلْ فَلَن تَجِدَ لَهُ وَلِيًّا مُّرْشِدًا. [الڪهف:17]

 [ترجمو: جنهن کي الله رستو ڏيکاري ٿو اهوئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراھ ڪري تنهن لاءِ توکي ڪو به رستو ڏيکاريندڙ دوست يا رهبر نه ملندو.]

             سلطان الاولياء فرمايو: جنهن الله کانسواءِ سڀ ڊپ وساريو، اُن پنهنجي مُراد حاصل ڪئي.

آئون چوان ٿو: اهڙي طرح حديث شريف ۾ آهي ته:

من جعل الهموم هّما و احداً کفي الله جميع همومہ و من جعل الهموم همہ [18] الدنيا لم يبال الله في ايّ وادٖ هلک

[ترجمو: جنهن پنهنجي غمن کي هڪ غم بنايو ته اُنهن سڀني غمن کان الله تعاليٰ کيس نجات ڏيندو پر جنهن سڀني غمن کي دنيا جا غم بنايو، ان لاءِ الله ڪافي نه ٿيندو. پوءِ جنهن به هنڌ وڃي مري (سندس مرضي).]

شيخ سنائي چوي ٿو:

غم دين خور کہ غم غمي دين است
همہ   غمهائي    فرو تر  دين  است

[معنيٰ: دين جي غم ۾ رھ، جو اصل غم دين جو ئي غم آهي، (ٻيا) سڀئي غم هن دين کان گھڻو هيٺاهان آهن.]

مولانا جامي چيوآهي:

يکي بين   يکي دان  و يکي گو
يکي خواه و يکي خوان و يکي جو

[معنيٰ: هڪڙو ڏس، هڪڙو ڄاڻ ۽ هڪڙو چئو، هڪڙو گُھر، هڪڙو پڙھ ۽ هڪڙو ڳولھ.]

              سلطان الاولياء فرمايو: هن ڳالھ ۾ ڪو به حرج نه آهي جو چيو وڃي ته ولي جي لاءِ جُزئي فضيلت آهي ۽ ڪُلّي فضيلت نبي ڪريمﷺ لاءِ آهي. جُزئي ڪنهن وقت ڪُلي کان مٿي هوندي آهي، جيئن نبي ڪريمﷺ معراج واري رات حضرت بلال حبشي رضه جي جُتين جو آواز ستين آسمان تي ٻُڌو. حضرت بلال رضه جي شان کان پاڻ سڳوراﷺ حيران ٿي ويا. حضرت آدم عليہ السّلام (پنهنجي زندگي جا چاليھ سال حضرت دائود عليہ السّلام کي ڏنا هئا) جڏهن ملڪ الموت حضرت آدم عليہ السّلام وٽ آيو، تڏهن دنيا جي زندگيءَ سان محبت ڪندي حضرت دائود عليہ السّلام کي پنهنجي عمر مان چاليھ سال ڏيڻ جي (ويسر سبب) انڪار ڪيائين. الله جي اوليائن جو شان هي آهي ته اهي پنهنجي سڀ رضا الله جي رضا ۾ ئي ڏئي ڇڏيندا آهن، اهو معاملو حياتي جو هجي يا موت جو.

يا رضائي دوست بايد  يا رضائي خويشتن

[معنيٰ: (سوچ!)  دوست جي رضا هجي يا پنهنجي رضا.]

v  آئون چوان ٿو: هيءَ مُقربن جي نشاني آهي ۽ محققن (پڪن صوفين) جو طريقو

آهي. جيڪي پاڇن ۾ قيد نٿا ٿين پر اصل تي نظر اٿن.

 جيئن حافظ شيرازي چيو آهي:

جھان  فاني  و باقي  فدائي  شاھد  و  ساقي
که سلطان دو عالم را طفيل عشق مي بينم
 

[معنيٰ: جھان فاني آهي ۽ باقي رڳو شاھد (محبوب) ۽ ساقي (پياريندڙ) تان فدا ٿيندڙ آهي. بيشڪ آئون ٻنهي جھانن جي بادشاھ کي عشق جي طفيل ئي ڏسان ٿو.]

        سلطان الاولياء فرمايو: مُرشد لاءِ مناسب آهي ته جيڏي مهل مُريد کي تلقين (توجھ) يا ارشاد ڏئي، (ان وقت) غير کي پنهنجي دل مان ڪڍي ۽ تڪلف کانسواءِ حق کي ثابت ڪري. جيڪڏهن ائين نه ڪندو ته مريد کي ڪو به فائدو نه ٿيندو ۽ مريد جي ترقي رڪجي ويندي.

v  آئون چوان ٿو: (وڏي) مُرشد جي قول (جي مراد هيءَ) آهي ته جيستائين دنيا جا

وسوسا پنهنجي دل مان بلڪل ختم نه ٿا ٿين، تيستائين الله جي ذات بنا ڪيفيت مرشد جي دل ۾ خود ثابت نه ٿيندي. پوءِ مريد کي توجھ مان فائدو ڪيئن ٿيندو؟ ۽ مريد جي ترقي ڪٿان ٿيندي؟ ڇاڪاڻ ته مريد جي ترقي جو مدار ان تي آهي ته توجھ وقت مُرشد جي دل ۾ اها ڳالھ ثابت هجي. اها ڳالھ مخفي نه آهي، پوءِ غور ڪر ۽ سوچ ڪر.

        سلطان الاولياء فرمايو: جنهن موت وساريو پوءِ اهو مسلمان نه آهي.[19]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org