رَاَيتُ رَبِّي فِي اَحسنِ صُورَتِہِ [89]
[ترجمو:مون پنهنجي ربّ کي سهڻي صورت ۾ ڏٺو.]
۽ ٻي حديث شريف ۾ آهي ته:
رَايَتُ رَبِّي بِصُورَتِ شُابِ اَمَرِد جعد
قَطَطِ
[ترجمو:مون پنهنجي ربّ کي جوان جي صورت ۾ ڏٺو
(جنهن جا) وار ڪارا گهنڊيدار آهن.]
هن ۾ عالمن ۽ عارفن جو ڪلام مشهور آهي. اصل حقيقت
هي آهي ته الله تعاليٰ فرمايو آهي:
لَيْسَ كَمِثْلِهِ شَيْءٌ
(11:42:25)
[ترجمو: ان جهڙو ڪو به نه آهي.]
۽ ٻي جاءِ تي آهي:
وَلَهُ الْمَثَلُ الأَعْلَىٰ
(27:30:21)
[ترجمو: ۽ انهيءَ جي واسطي آهي سڀ کان اعليٰ
مثال.]
سلطان الاولياء فرمايو: هندستان جي
بادشاهن مان ڪنهن دعويٰ ڪئي ته اهو نبي آهي. (هي
اشارو اڪبر بادشاهه ڏانهن آهي) عربيءَ ۾ ڪتاب
ٺاهيائين ۽ چوڻ لڳو ته اهو منهنجو معجزو آهي. پوءِ
سندس ذمي وزير جنهن جو نالو“بيربل” هو، تنهن کيس
چيو ته اجازت هجي ته ڪجهه چوان، پوءِ کيس اجازت
ملي. تڏهن چيائين ته هر نبيءَ جو ڪتاب سندس قوم جي
زبان ۾ هوندو آهي، هي ڪتاب عربيءَ ۾ آهي جڏهن ته
نبيءَ (جي زبان) هندي آهي. (ٻيو ته) نبي اشاري سان
چنڊ چيريندا آهن ۽ لٺ سان سمنڊ چيريندا آهن، اسين
رڳو ماني ٽوڙڻ تي اڪتفا ڪريون ٿا. (ان ڳالهه مان
هن) آيت سڳوريءَ “فَبُهِتَ” (هوش اُڏامي وڃڻ) جو
اشارو حاصل ٿيو. (مطلب ته اڪبر بادشاھ حيران ٿي
ويو ۽) سندس غرور غرق ٿي ويو.
آئون چوان ٿوته:
مولوي رومي کي الله سائين جزاءِ خير عطا ڪري، جنهن
چيو آهي:
در رخت کو از مي دين فرخي؟
گر بديدي بحر کو کف سخي؟
[معنيٰ: تنهنجي چهري ۾ دين جي شراب جي ڪشادگي ڪٿي
آهي؟ جيڪڏهن تون سمنڊ ڏٺو آهي ته سخيءَ جو هٿ ڪٿي
آهي؟.]
هن مسڪين (گرهوڙي) جو شعر آهي:
آيات بينات علم نقشبنديان
اوهام باطلات خيالات بنديان
[معنيٰ: نقشبندين جو علم پڌرن نشانن وارو آهي،
ٻانهن جا خيال ۽ وهم باطل آهن.]
سلطان الاولياء فرمايو: ڪنهن عارف
چيو آهي ته الله عام لنگر وانگر(مسلم ۽ غير مسلم
سڀني کي ڏيندڙ) آهي ۽ پيغمبر دشمنن (جي لاءِ به)
ڀلائي ڪندڙ آهي ۽ معلم ڪُڪِڙ (وانگر) کُڏِ ۾ ٻچا
ڦوڙيندڙ ۽ چُڳائيندڙ آهي ۽ درويشن جو پيٽ الله جي
پاٽ آهي.
آئـون
چـوان ٿـو ته:
هـي مـٿي ذڪـر ڪيل تعريفون چئني شين تي پوريون
آهن، پوءِ انهن تي غور فڪر ڪر ۽ ان کي کِل ڀوڳ نه
سمجهه.
سلطان الاولياء
فرمايو: حق مُجتهدن جي وچ ۾ ڦرندڙ آهي.
آئـون چـوان ٿـو ته:
حـنفي فـقھ وارن چيو آهي ته: “الڪفر کلہ ملة
واحده” يعني: ڪفر هڪ ملت (ساڳيو) آهي، اهو هن
شرط سان ته حق هڪ آهي. ڪتاب ‘تحرير’ ۾ آهي ته حق
هڪ آهي، پر ان جا طريقا (گهڻا) آهن ۽ جيڪو حديث
شريف ۾ آهي ته:
بِاِيَهُمُ اقتَدَيتُم اِهتَدَيتُم
[ترجمو:انهن مان جنهن جي به توهان پيروي ڪندا، ته
هدايت لهندا.]
انهن طريقن تي مدار آهي، جيڪي ضعيف هجڻ جي باوجود
حق جي گهڻن هجڻ تي دلالت نٿا ڪن.
مولوي رومي چيو آهي:
”تانميري نيست جان کندن تمام“
[معنيٰ: جيستائين تون پاڻ کي فنا نه ڪندين،
تيستائين مڪمل موت نه آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو: تعويذ لکڻ
جائز آهي، مقصد ۾ خلل نه ٿو وجھي.
آئون چوان ٿو ته:
هـي هڪ جـامع قاعدي جو بيان آهي، جيڪو هر الله جي
طالب کي نفعو ڏيندو. جنهن جو مطلب يا مراد هيءَ
آهي ته جنهن جي شرعي لحاظ سان معنيٰ مقصد صحيح
هجي. جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي:
وَلَا تَقْفُ مَا لَيْسَ لَكَ بِهِ عِلْمٌ
(36:17:15)
[ترجمو: ۽
جنهن ڳالهه جو اوهان کي علم ڪونهي، تنهن جي پٺيان
نه پئو.]
حديث شريف ۾ آهي:
انما الاعمال بالنيات
[ترجمو عملن جو دارومدار نيت تي آهي.]
۽ فقہ وارن چيو آهي ته وسيلن لاءِ مقصدن جو حڪم
آهي. ‘فتاويٰ قاضي خان’ وغيره ۾[90] جيڪو زال ۽
مڙس جي وچ ۾ محبت جي تعويذ جي منع ڪئي وئي آهي،
اهو سحر ۽ جادوءَ سبب آهي. (جيڪڏهن سحر ۽ جادو نه
آهي ته) ظاهري منع نه آهي. ڇاڪاڻ ته زال ۽ مڙس جي
وچ ۾ محبت شرعاً مطلوب آهي ۽ شرعي مطلوب طلب ڪرڻ
صحيح مقصد آهي.‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته طالب کي
گھرجي ته ٿوري يا گهڻي (ڪم) ۾ شرعي حڪم ڏانهن رجوع
ڪري، ڇاڪاڻ ته شريعت کان سواءِ نجات نه آهي. طالب
۽ دوزخ جي وچ ۾ مُرشد ڍال آهي.
الله تعاليٰ فرمايو آهي:
مَن ذَا الَّذِي يَشْفَعُ عِندَهُ إِلَّا
بِإِذْنِهِ
(255:02:03)
[ترجمو: اهو ڪير آهي جيڪو هن جي اڳيان سندس اجازت
کان سواءِ ڪنهن جي لاءِ سفارش ڪري سگهي!]
مطلب ته الله پاڪ جي اجازت سان سفارش ڪندا.
مَا عَلَى الرَّسُولِ إِلَّا الْبَلَاغُ
(99:05:07)
[ترجمو: ۽ پيغمبرن کي ته رڳو حڪم پهچائڻ آهي.]
سلطان
الاولياءَ فرمايو:
صوفي (دل جي) صفائي سان چريائي جي حد تائين جنون
رکندو آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي:
كُلُّ حِزْبٍ بِمَا لَدَيْهِمْ فَرِحُونَ
(53:23:18)
[ترجمو: هر جماعت وٽ جيڪي آهي، اهي انهيءَ(شيءِ)
تي خوش آهن.]
سلطان الاولياءَ فرمايو:
بيت:
وگر سالکي محرم راز گشت
به بندند بروي در باز گشت
[معنيٰ: جيڪڏهن سالڪ محرم راز ٿيو ته مٿس وري موٽڻ
وارو رستو بند ڪري ڇڏيندا.]
ستانند زبان از رقيبان راز
که تا راز سلطان نگويند باز
[معنيٰ: راز فاش ڪرڻ وارن جي زبان بند ڪري ڇڏيندا
آهن، ته جيئن بادشاهه جو راز ڪنهن کي نه ٻُڌائين.]
سلطان الاولياء فرمايو: هر هڪ جو
دشمن اُن لاءِ مشهور آهي.
آئون چوان ٿوته:
گمراهه ڪندڙ انفس (اندر) جو هجي يا آفاقي
(ٻاهريون)، ٻيو پهرين جو
مظهر آهي.
مولوي جامي چيو آهي:
نفس چون نيست در درون باقي
چه غم از دشمنان آفاقي
[معنيٰ: جڏهن نفس اندر ۾ باقي نه رهيو ته پوءِ
ٻاهرين دشمن جو ڪهڙو غم؟]
مولوي رومي چيو آهي:
دشمن آن باشد کزو باشد عذاب
فضل را مانع شود از آفتاب
[معنيٰ: دشمن اهو آهي جنهن کان تڪليف پُهچي، سج
جي مهربانيءَ کان ڪا رڪاوٽ بنجي.]
سلطان الاولياءَ فرمايو:
تو
ان در بلاغت سحبان رسيد
نه در کنھ بي چون سبحان رسيد
[معنيٰ: تون بلاغت ۾ (عرب جي مشهور شاعر) سحبان کي
پُهچي سگهين ٿو، پر سُبحان (الله پاڪ) جي بي مثل
ذات کي نه ٿو پُهچي سگهين.]
چه شبها نشستم درين دير گم
که حيرت گرفت آستينم که قم
[معنيٰ: ڪيتريون ئي راتيون آئون ان بُت خاني ۾
ويٺس، آخر منهنجي ٻانهن (هٿ) کي حيرت اچي پڪڙيو (۽
چيائين) ته اُٿ!]
تو خواهي اگر اين زمين طي کني
نخست اسب باز آمدن پي کني
[معنيٰ: جيڪڏهن تون طالب آهين ۽ سمورو فاصلو طئي
ڪري وٽس پهچڻ گھرين ٿو ته پهرين واپسيءَ جي گهوڙي
تان هٿ کڻ.]
آئون چوان ٿو:
انهيءَ مان مراد هن جهان مان نااميد ٿيڻ آهي.
ڇاڪاڻ ته هن جهان سان چنبڙيل حق کي نه ٿو پُهچي
سگهي، (تنهنڪري نااميد ٿئي ٿو)
الله تعاليٰ فرمايو آهي:
لا يَلْتَفِتْ مِنكُمْ أَحَدٌ وَامْضُوا حَيْثُ
تُؤْمَرُونَ
(65:15:14)
[ترجمو: اوهان مان ڪو به مُنهن ڦيري (پٺتي) نه ڏسي
۽ جتي وڃڻ جو حڪم ڪيو وڃي ٿو، اتي سڀئي (سڌا) هليا
وڃو.]
پوءِ جڏهن دنيا جي محبت کان فراغت حاصل ٿئي ته اها
ذڪر جي شروعات آهي. غزالي ‘احياءُ العلوم’ ۾ اِها
ڳالهه ثابت ڪئي آهي ۽ هن بيت ۾ به انهيءَ ڳالهه جو
خلاصو آهي:
ز اهل مال ولد وطن و علم و جاه
باش فارغ ذکر کن اين است راه
[معنيٰ: گهر، ٻار، مال، اولاد، وطن، علم ۽ مرتبي
کي ڇڏي ذڪر ڪر، ڇاڪاڻ ته اهوئي (ڪاميابي جو) رستو
آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو: زنديقي
(لاديني) انتهائي خراب آهي ۽ اها آهي ته ڪنهن به
رستي يا واٽ سان نه هلجي!
آئـون چـوان ٿـو ته:
ان جـو مـثال بـي ديـنـي آهـي، پـر انـهن جو اهو
بيان ته “الصوفي لا مذهب لہ” [يعني صوفيءَ
جو ڪو مذهب ڪونه هوندو آهي.] پر اهو (قول) زنديقن
کي فائدو نٿو ڏئي. ڇاڪاڻ ته ظاهر وارن وٽ هن جي
معنيٰ هي آهي ته صوفي محقق مُجتهد هوندو آهي،
جنهنڪري ٻئي ڪنهن مُجتهد جي مذهب جي تابعداري نه
ڪندو آهي. ڇو ته هڪ مُجتهد ٻئي مُجتهد جي تقليد نه
ڪندو آهي، جيئن ‘اصول’ جي ڪتابن ۾ آهي. تصوف وارن
وٽ هن جي معنيٰ هيءَ[91] آهي ته صوفي ڳنڍيندڙ آهي
۽ مذهب ته سڀني جي لاءِ آهي.
مولوي رومي چيو آهي:
در درون کعبه رسم قبله نيست
چه غم اغواص با چپله نيست
[معنيٰ: ڪعبي جي اندر قبلي ڏانهن منهن ڪرڻ واري
رسم نه آهي، تاروءَ کي ڪهڙو غم ته وٽس سيڻاهه
ڪونهي!]
آن اباحه کز هوا باشد ضلال
و از اباحت باخدا باشد ڪمال
[معنيٰ: اهڙو مباح جيڪو نفساني خواهش جي ڪري هجي
سو گمراهي آهي. پر جيڪڏهن اهڙو مباح الله لاءِ هجي
ته اهو ڪمال آهي.]
هن جو مطلب هي آهي ته رستي کي ڇڏڻ يا ڪمال هوندو
آهي يا گمراهي هوندي آهي.
ڪتاب ‘ڪشف المحجوب’ ۾ آهي ته زنديق قرآن شريف ۾
تاويل ڪندا آهن ۽ فقيھن جي فتوى آھي ته زنديق پاڻ
کي مسلمان ظاهر ڪرڻ جي باوجود ڪنهن آسماني دين تي
ڪونه هلندا آهن، پوءِ اهو (زنديقن جو) خاص نفاق
آهي.
سلطان الاولياءَ فرمايو: مُربي
(مرشد) ۾ فنا ٿيڻ کان سواءِ ربّ تائين پهچڻ محال
آهي.
آئون چوان ٿوته:
‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته اڪثر ڪري “فنا في الشيخ”
ئي“فنا في الله” جي لاءِ مقدمو هوندو آهي. اهو
تمام گهٽ ٿيو آهي (جو ڪنهن کي) “فنا في الشيخ” کان
سواءِ “فنا في الله” (جو درجو ) حاصل ٿئي.
جيئن شيخ سعدي چوي ٿو:
محال است سعدي که راه صفا
تو ان رفت جز در پئي مصطفيٰ
[معنيٰ: اي سعدي! جيستائين حضور ڪريم ﷺ جن جي
تابعداري نه ڪبي، تيستائين صفائي جو رستو لهڻ محال
آهي.]
هن ڳالهه جو مقصد هي آهي ته معنوي ولادت صوري
وانگر آهي، پوءِ ضروري آهي ته انهيءَ لاءِ ٻه
دليون هجن(هڪ معنوي ۽ ٻي صوري). باقي هڪ نادر يا
خرقِ عادت آهي، جيئن حضرت عيسيٰ ؑ جي ظاهري پيءُ
کان سواءِ ولادت آهي. عيسوي ولي، فقيرن جي عرف ۾
“اويسي” سڏيو ويندو آهي.
الله تعاليٰ فرمايو آهي:
لَّوْ كَانَ فِي الأَرْضِ مَلَائِكَةٌ يَمْشُونَ
مُطْمَئِنِّينَ لَنَزَّلْنَا عَلَيْهِم مِّنَ
السَّمَاءِ مَلَكًا رَّسُولا
(95:17:15)
[ترجمو: جيڪڏهن زمين تي (انسانن جي بدران ) ملائڪ
رهن ها (۽ اهي اُن تي) آرام ۽ امن سان گهمن ڦرن ها
ته پوءِ ضرور اسان آسمان مان هڪ فرشتي کي ئي
پيغمبر بنائي موڪليون ها.]
ليس الخبر کا المعائنة
[ترجمو: خبر (ٻُڌڻ)، معائني (ڏسڻ) جي برابر نه
هوندي آهي.]
سلطان الاولياء
فرمايو:
اشاهد من اهويٰ بغير وسيلته
فيلحقني شان اضل طريقا
[معنيٰ: جڏهن آئون پنهنجي محبوب جي ديدار جي خواهش
بغير وسيلي ڪريان ٿو ته مون تي اهڙي حالت تاري ٿئي
ٿي جو آئون اصل راھ کان هٽي وڃان ٿو.]
هتي وسيلي مان مراد حجاب آهي.
سلطان الاولياء فرمايو: اهو عرفان کي نه پهچندو، جيڪو کِٽ پِٽِ جي گمراھ ڪن طريقن ۾ ڦاٿل آهي. ڇو
ته اها حيرت آهي يعني اهو شيءِ جو سمجھڻ آهي بغير
سمجھڻ جي!
آئـون چـوان ٿـو ته:
هـن جـو مـثـال ائـين آهـي، جـئن ظاهري نقطي جو
معلوم ڪرڻ ۽ اهو نقطو علم جو آهي.
سلطان الاولياء فرمايو:
بشريٰ اذ السلامة حلت بذي سلم
لله حمد معترف غاية النعم
[معنيٰ: خوشخبري (تڏهن) آهي، جڏهن سلامتي، سلامتي
واري وٽ پهچي ٿي. نعمتن جو انتهائي اعتراف الله جي
لاءِ حمد آهي.]
آئون
چوان ٿو ته:
ذي سلم مان مراد دل يا قلب آهي.
سلطان الاولياء فرمايو:
اختياري نيست بدنامي ما [92]
ضلني في العشق من يهدي السبيل
[معنيٰ: بدنامي اسان جي اختيار ۾ ناهي، مون کي
راھ ڏيکاريندڙ ئي عشق ۾ گمراھ ڪيو آهي.]
آئون
چوان ٿو ته:
ان مان مراد عقل آهي، جيڪو عوام کي هدايت ڪندڙ
آهي.
سلطان
الاولياء فرمايو:
من لم يطق صبراً او کتمان سره
فليس لہ سوي الموت با الله ينفع
[معنيٰ: جيڪو (ماڻهو) راز لڪائڻ ۽ صبر جي طاقت نه
ٿو رکي، الله جو قسم! تنهن لاءِ موت کان سواءِ (ٻي
ڪابه شيءِ) فائدي واري نه آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو:
هڪ وليءُ ڪنهن شخص جو غلام هو، پوءِ جڏهن مالڪ کي
سندس ولايت جي خبر پئي، تڏهن انهيءَ کي آزاد ڪري
ڇڏيائين. انهيءَ الله جي وليءَ مناجات ڪندي هي بيت
پڙهيو ۽ مري ويو.
يا صاحب اِلسّر ان السر قد ظهرا
فلا اُريد حياتاً بعد ما السر اشتهرا
[معنيٰ: اي راز جا صاحب! بيشڪ منهنجو راز ظاهر ٿي
پيو، هاڻي جڏهن راز مشهور ٿي ويو آهي، تڏهن آئون
حياتي نه ٿو گهران.]
يا من يريٰ ما في الضمير و يسمع
انــت الـمـعــدل مـــا يــتـــوقــع
[معنيٰ: اي دلين جي (رازن) کي ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ واري
ذات! (تو ۾) جيڪا به اُميد رکي وڃي ٿي سا تون ئي
پوري ڪندڙ آهين.]
يا من خزائن ملکه في قول کُن
امنن فان الخير عندک اجمع
[معنيٰ: سڀئي ملڪ جا خزانا تنهنجي لفظ ڪُن (ٿيءُ)
۾ آهن، احسان ڪر! ڇاڪاڻ ته سڀ ڀلائي تو وٽ ئي جمع
آهي.]
حاشا لجودک ان تقنط عاصيا
فالفضل اجزل والمواهب اوسع
[معنيٰ: افسوس! تنهن جي سخا جي خزانن مان گنهگار
ڪيئن نااميد ٿي سگهي ٿو! ڇاڪاڻ ته تنهنجو فضل گهڻو
۽ سخا وسيع آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو:
هڪڙو ظاهري عالم هو، جيڪو دل جي وجد جو انڪاري هو
۽ چوندو هو ته دل هٿ وانگر آهي ۽ وجد ڪمال جي
توجهه سان ٿيندو آهي.
آئـون
چـوان ٿـو ته:
‘مـڪتـوبـات زڪيه’ ۾ آهـي ته دل جي صفائي لاءِ دل
جي حرڪت لازمي نه آهي. (بلڪ) محبت پيدا ڪرڻ ۽ حضور
حاصل ڪرڻ لازمي آهي.
سلطان الاولياء فرمايو: بيشڪ حج
مان مقصد (الله جي قدرت جي) ظاهر نشانين جو مطالعو
ڪرڻ آهي.
سلطان الاولياء فرمايو:
(نقشبندي) طريقت ۾ صبح کان پوءِ ۽ عصر کان پوءِ
(ذڪر سان دل کي) زنده ڪرڻ تاڪيدي امر آهي.
سلطان الاولياء فرمايو: “اسم اعظم”
اهو آهي جو جنهن وقت به ان سان دعا گهري وڃي ته
قبول پوندي آهي ۽ جيڪو به سوال ڪبو ته اهو پورو
ٿيندو آهي.
آئون چوان ٿو ته:
اسـم اعـظم سان دعا الله سان ٻانهي جي پڪي ارادي
جو نالو آهي ۽ هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته الله جو
ارادو ئي پڪ ظاهر ٿيندو. ڇاڪاڻ ته اسم اعظم جيڪو
طلب ڪري ٿو، تنهن کي حقيقت ظاهر ٿيڻ جو علم آهي.
الله تعاليٰ فرمايو آهي:
فَلاَ تَسْئلْنِ مَا لَيْسَ لَكَ بِهِ عِلْمٌ
(46:11:12)
[ترجمو: جنهن حقيقت جو توکي علم ناهي، تنهن بابت
مون کان سوال نه ڪر.]
حديث شريف ۾ آهي ته:
ادعو الله وانتم موقنون بالا جابة
[ترجمو: الله کان دعا گهرو هن حال ۾ جو توهان کي
قبوليت جو يقين هجي.]
۽ ‘علم الاصول’ ۾ آهي ته احوال مشروط آهن، ليڪن
دعا يقين سان مشروط آهي.
شيخ سعدي کي الله سائين جزاءِ خير عطا ڪري، جنهن
چيو آهي:
خلافِ طريقت بود که اولياء
تمنا کند از خدا جز خدا
[معنيٰ: اولياءَ، الله تعاليٰ کي ڇڏي، ڪنهن ٻئي
کان (مقصد جي) طلب ڪن، اُهو طريقت جي برخلاف آهي.]
هن ڳالهه جو خلاصو هي آهي ته اسم اعظم واري دعا
علم اعظم سان ئي حاصل ٿيندي، پوءِ سمجهه ڪر.
سلطان الاولياء فرمايو: نا اهل کي رازن جي تعليم ڏيڻ ائين آهي، جيئن ڪنهن ڌاڙيل جي هٿ ۾ تلوار ڏجي،
پوءِ ڌاڙيل جنهن تي تلوار هلائيندو، ان جي دانهن
ڪوڪ کي ڇا ڄاڻيندو؟ ها! رازن جي تعليم انهيءِ کي
ڏجي، جنهن ۾ برداشت ڪرڻ ۽ مارکائڻ جو تحمل هجي.
آئون
چوان ٿوته:
حديث شريف ۾ آهي ته:
کاد الحليم ان يکون نبياً
[ترجمو: قريب آهي ته حِلم وارو نبي ٿئي ها.]
۽ نبي ڪريم ﷺ جي دعائن مان هڪ دعا هي به آهي
ته[93]
اللــــهم اغنني بالعلم وزيني بالحلم
[ترجمو: اي الله! مون کي علم سان غني ڪر ۽ حلم سان
سينگار.]
ڪتاب ‘احياءُ العلوم’ ۾ آهي ته تصوف سهڻي اخلاق جو
ئي نالو آهي، ماڻهن سان ميل جول ڪرڻ وقت حلم ۽ برد
باري سهڻو اخلاق آهي.
سلطان الاولياء فرمايو:
جيڪو مريد گمان ڪري، تنهن سان رازن جي علم جون
ڳالهيون نه ڪر، (ها، اُن سان ڳالهيون ڪر) جنهن کي
کوٽ کان صاف سمجهين، تنهن سان (رازن جي معاملي ۾)
ڏي وٺ ڪر. جيستائين اتحاد حاصل نه ٿئي، تيستائين
هر هڪ کان ائين ڊڄ، جيئن تون شينهن کان ڊڄين ٿو.
آئون
چوان ٿو ته:
مـون سان جڏهن وڏو مُـرشد سائين (سلطان الاولياء)
مخاطب ٿيو ته غيرن کان راز لڪائڻ جو چيائين.
سلطان الاولياء فرمايو: مخلوق ڏانهن
جمعيت حاصل ڪرڻ لاءِ توجهه ڪرڻ شرڪ نه آهي، خاص
طور تي جڏهن اها شئي اهميت واري نه هجي، جيئن پٿر
۽ ڀتر آهي.
آئون چوان ٿو ته:
الله تعاليٰ فرمايو آهي:
وَلَـٰكِنِ انظُرْ إِلَى الْجَبَلِ
(143:07:09)
[ترجمو: پر تون جبل ڏانهن نظر ڪر.]
ڪنهن عارف چيو آهي:
اگر کافر بدانستي که بت چيست
بدانستي که ايمان بُت پرستي است
[معنيٰ: جيڪڏهن ڪافر ڄاڻي ها ته بُت ڇا آهي؟ ته پڪ
سان کيس خبر پوي ها ته ايمان ئي بُت پرستي آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو: پاڻيءَ جي
فضيلت عظيم آهي.
الله تعاليٰ فرمايو آهي:
وَجَعَلْنَا مِنَ الْمَاءِ كُلَّ شَيْءٍ حَيٍّ
(30:21:17)
(ترجمو: ۽ اسان سڀ ڪنهن ساهواري شيءِ کي پاڻيءَ
مان پيدا ڪيوسين)
ايستائين جو ڪيترن چيو ته اهو الله آهي، پر ٿڌاڻ ۽
گرميءَ ۾ پاڻيءَ جو بدلجڻ ان جي حدوث جو دليل آهي،
تنهنڪري الله نه چئبو.
سلطان الاولياء فرمايو: شهر
ٺٽي ۾ هڪڙو ظاهري علم جو عالم هو، سو (مخدوم) شيخ
ابوالقاسم مرحوم جي فقيرن تي ٺٺول ۽ مسخري ڪندي
چوندو هو ته مراقبي ۾ ائين ڪنڌ جهڪايون ويٺا آهن
جو ڄڻ ڪنهن ڪنڌ ڀڃي ڇڏيو هجين. (الله جي قدرت جو
پوءِ ستت ئي) دهليءَ جي بادشاهه جو امير (ٺٽي تي
ڪاهي آيو) پوءِ انهيءَ مولوي صاحب کي (ڳچيءَ ۾) ڳٽ
وجهي، ڪنڌ هيٺ ڪرائي، کيس بادشاهه ڏانهن دهلي وٺي
ويا.
آئون چوان ٿوته:
حافظ چيو آهي:
”ترسم اين قوم که بر درد کشان مي خندند“
[معنيٰ: آئون ڊڄان ٿو ته ڏک سهندڙ ٽولي مٿان
کلندڙن تي ڪا تڪليف نه اچي.]
سلطان الاولياء فرمايو: خواب ۾ انسان جو جانور يا اُن جهڙي صورت کي ڏسڻ (حقيقت جي) تبديلي تي دلالت
ڪري ٿو.
آئون چوان ٿوته:
ڪتاب ‘تلويح الاصول’ ۾ آهي ته حقيقتن جو تبديل ٿيڻ
ممڪن آهي، (پر اهو تبديل ٿيڻ ) واجب، ممتنع ۽ ممڪن
۾ ٻئي نموني سان آهي.
مولوي رومي چيو آهي:
سيرتي کان بر وجودت غالب است
هم بر آن تصوير حشرت واجب است
[معنيٰ: جيڪا سيرت تنهنجي وجود تي غالب آهي، اها
تنهنجي وري اُٿڻ (قيامت) لاءِ پڻ ضروري آهي.]
هن سڄي بحث جو خلاصو تفسيرن ۾ هن آيت سڳوري هيٺ
اچي وڃي ٿو[94]
فَتَأْتُونَ أَفْوَاجًا
(18:78:30)
[ترجمو: پوءِ توهين ٽوليون ٿي ايندؤ.]
سلطان الاولياء فرمايو: جڏهن تون خاڪ (جي وصف) کي پُهچين وئين، تڏهن تنهنجو سير ۽ سلوڪ پورو ٿيو.
آئـون
چـوان ٿـو ته:
هن مـان مـراد مـٽيءَ واري وصف پيدا ڪـرڻ آهـي،
جيئن سڪـون، رضا ۽ قضا کي تسليم ڪرڻ آهي.
مولوي رومي چيو آهي:
”شرط
تسليم است ني کار دراز“
[معنيٰ: الله جي تابعداري شرط آهي، نڪي ڊيگھ ڪرڻ]
شيخ سعدي چيو آهي:
سکون را بدست آر اي بي ثبات
که بر سنگ غلطان نرويد نبات
[معنيٰ: اي فاني! سڪون کي هٿ ڪر، ڇاڪاڻ ته سخت
پٿرن تي ٻوٽا ڪونه ڦٽندا آهن.]
سلطان الاولياء فرمايو: سير ۽ سلوڪ
علمي حرڪت جو نالو آهي.
آئـون چـوان ٿـو ته:
انهـيءَ ڪــري تـعين ۽ تـميـز نه هـجڻ سبب نـقطي ۾
سير جي منع آهي، جيئن ظاهري نقطو آهي. نقطي جي سير
نه هجڻ ڪري. هيءُ مشهور(قول) آهي ته:“انّ العلم
نقطة” [بيشڪ علم هڪ نقطو آهي.] يعني تعين نه
هجڻ ۽ اصطلاح مطلق ۾ نقطي وانگر آهي. پوءِ هر اهو
(شخص) جيڪو نقطي تائين پهتو، (سو اُتي) بيهڻ کان
سواءِ حيران ٿي پوئتي موٽيو. مطلب ته اهو سير نقطي
ڏانهن هوندو يا نقطي کان هوندو. (جنهن کي “سيرالي
الله” ۽ “سير من الله” چوندا آهن) جيڪو هميشہ لاءِ
آهي. “سير في الله” جي معنيٰ آهي ته الله جي نالن
۽ شُيون جو سير. ائين ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي.
پوءِ (هن ڳالهه مان) ظاهر ٿيو ته نقطي جي عارف (جو
مقصد) اهو نقطو آهي، (باقي) نقطي جو علم مقصد نه
اٿس، ڇاڪاڻ ته اهو نقطو متحرڪ آهي. ڇا تون نه ٿو
ڏسين ته نالو“علم” جو فارسيءَ ۾ روان يعني هلندڙ
آهي.
مولوي رومي چيو آهي:
”جسم جو ئي و روح آب سائر است“
[معنيٰ: جسم واهڙ آهي ۽ روح وهندڙ پاڻي آهي.]
علم روح آهي ۽ روح الله جو امر آهي، ان جي معنيٰ
الله جي علم مان آهي، جيئن ‘تفسير جلالين’ ۾ آهي.
سلطان
الاولياء فرمايو:
الله سائين جي قول:
الرَّحْمَـٰنُ عَلَى الْعَرْشِ اسْتَوَىٰ
(05:20:16)
[ترجمو: اهو وڏو مهربان آهي جو عرش تي قائم آهي.]
جي معنيٰ هيءَ آهي، جيئن سنڌيءَ ۾ چيو ويندو آهي:
”ڪَرَ ساهڻ.“
آئون
چوان ٿوته:
حديث شريف ۾ آهي:
مَن رَآنِي فَقد رَاَي الحَقَّ
[ترجمو: جنهن مون کي ڏٺو، پوءِ بيشڪ انهيءَ حق کي
ڏٺو.]
ڇاڪاڻ ته حضرت محمدﷺ جي معرفت ئي الله جي معرفت
تائين پُهچائيندڙ آهي.
الله تعاليٰ فرمايو آهي:
وَوَضَعْنَا عَنكَ وِزْرَكَo
الَّذِي أَنقَضَ ظَهْرَكَ
(21:94:30)
[ترجمو: اسان تو تان اهو ڳرو بار لاهي ورتو، جنهن
تنهنجي پُٺي کي ٻِيڻو ڪيو هو.]
سلطان الاولياء
فرمايو: ظاهر تي ڌوڪو نه کائجي، ڇاڪاڻ ته جبل
اکين کي ويجهو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، مگر حقيقت ۾ پري
هوندو آهي.
سلطان الاولياء فرمايو: سالڪ
معرفت جي حقيقت جو طالب هوندو آهي. هو تيستائين
ڪنهن به شيءِ تي صبر نه ڪندو آهي، جيستائين اُن جي
حقيقت کي نه ڄاڻي، جيتوڻيڪ اهو ڪفر ئي ڇو نه هجي.
آئون چوان ٿو ته:
ڪفر جي تحقيق ڪرڻ ڪفر نه آهي، جيئن جادوءَ جو سکڻ
جائز ۽ عمل ڪرڻ ڪفر آهي، پوءِ ان ۾ غور فِڪر ڪر.
سلطان الاولياء فرمايو:
(وڻ جون) ٽاريون اگرچه چوڌاري پکڙيل آهن تڏهن به
سڀئي اصل ڏانهن موٽندڙ آهن. [95]
جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي:
إِلَيَّ مَرْجِعُكُمْ
(55:03:03)
[ترجمو: اوهان سڀني کي مون ڏانهن ئي موٽڻو آهي.]
خس شکستن بي دل داني محال
دل شناسي دان مراد اهل کمال
[معنيٰ: دل جي ارادي کان سواءِ ڪک ٽوڙڻ به محال
آهي، ڪمال وارن جي مراد دل سُڃاڻڻ هوندي آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو: شيعي فرقي وارا چون
ٿا:
أَنَّىٰ شِئْتُمْ
(223:02:02)
[ترجمو: جتان وڻيوَ اتان اچو.]
آئون چوان ٿوته:
حضرت سلطان الاولياء قدس سره جن مُرڪندي اِها
ڳالهه چئي، پوءِ مون سمجهيو ته وڏي مُرشد سائين جو
ارادو تنبيهه وارو هو ته تحقيق کان پوءِ بيشڪ
“اصول”، “فروع” کي فائدو نه ڏيندو آهي، جيئن “انيّ
شئتُم” لفظ ۾“اَنيّ” (جو لفظ ٻن معنائن ۾) حلال جو
فائدو نٿو ڏئي. (ڇاڪاڻ ته آيت ۾ اڳيان لفظ) “حرث”
جو موجود آهي.
هن ڳالھ جو خلاصو هي آهي ته اصل الله جو ذڪر آهي،
جيڪو شخص مذهبن جي صحت ۽ بگاڙ جي ڄاڻڻ جو ارادو
رکي ٿو، تنهن کي اصولن تي نظر رکڻ کپي، علمي ۽
عملي هر باب ۾ اهو تحقيق جو معيار آهي. فروع جي
صحت اصل صحيح هجڻ جو سبب هوندي آهي.
سلطان الاولياء فرمايو: ڪامل نڪي مري
ٿو ۽ نڪي فنا ٿئي ٿو. يعني سندس قلب باقي هوندو،
حالانڪ سندس ظاهر عام مخلوق وانگر فاني آهي.
”هرگز
نميرد آنکه دلش زنده شد بعشق“
[اهي هرگز نه ٿا مرن، جن جون دليون عشق سان زنده
ٿين ٿيون.]
آئون
چوان ٿوته:
مولوي رومي چيو آهي:
صورتِ ظاهر فنا گردد بدان
عالم معنيٰ بماند جاودان
[معنيٰ: ظاهري صورت فنا ٿي وڃي ٿي، پر معنيٰ وارو
جهان هميشہ رهندڙ آهي.]
جائي تغيرات اوصاف تن است
روح باقي آفتاب روشن است
[معنيٰ: تبديلي فقط بدن جي وصفن ۾ آهي، ليڪن روح
سج وانگر هميشہ روشن آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو: پساهه
ذات جو مظهر آهي ۽ ان کان مٿي ٻي ڪهڙي فضيلت آهي.؟
آئون چوان ٿوته:
ڪتاب ‘ڪشف’ ۾ آهي ته صوفين وٽ نفس روح جي اوڀر ۽
جسم جي اولهه جي وچ ۾ هلندڙ آهي.
بخاري لطيف است و خوش جوهري ست
شريف و عفيف و نکو منظري ست
[معنيٰ: روح لطيف بخار آهي ۽ عمدو جوهر آهي، بلڪ
اهو پاڪ ۽ باريڪ سُٺي منظر وارو آهي.]
درميان ترک و هندو کابلي ره يافته
اين چنين راه همين دولت شہ يافته
[معنيٰ: هن ترڪستان، هندستان ۽ ڪابل جو رستو ڳولي
لڌو، ائين هن اصلي بادشاھ جي دولت جي واٽ ڏسي
ڇڏي.]
علم ڪيميا موجب روح چئن عنصرن جو نچوڙ آهي ۽ بدن
جي سونهن ۽ حرڪت جو سبب آهي. موت کان پوءِ روح ۾
الاهي تصرف وارو اوزار باقي هوندو آهي. نقشبندي
بزرگن جي طريقت جي اصولن مان ”هوش دردم“ (هر پساهه
تي نگاهه) ۽ ”پاس انفاس“ (اندر ساهه کڻڻ مهل الله
۽ ٻاهر ڪڍڻ مهل هو چوڻ) جون خصلتون ان شان واري
بادشاهه (روح) جون آهن.
سلطان
الاولياء فرمايو: حديث شريف ۾ آهي:
لاتڪتبوا عني غير القرآن
[ترجمو: مون وٽان قرآن کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نه
لکو.]
ان جي معنيٰ هي آهي ته جيڪي آئون چوان ٿو ڏسو ته
اهو قرآن جي موافق آهي يا نه؟ مون کي وچ ۾ نه
آڻيو. (مطلب ته وڌايو يا گهٽايو نه) ڇاڪاڻ ته آئون
تابعدار ٻانهو آهيان ۽ خدا تابعداري ڪندڙ نه آهي.
آئون رڳو ان جي تابعداري ڪريان ٿو، جيڪو مون ڏانهن
وحي ڪيو وڃي ٿو.
آئـون چـوان ٿـو ته:
اهـو ائين آهـي، جـيئن حـضرت عـلي ؓ فـرمايو آهـي
ته ڏسو، چـوندڙ ڪير آهي.[96] اهو قول (حضرت امام)
ابوحنيفه جي مطابق آهي، جيڪو ڪتاب ‘بحرالرائق’
وغيره ۾ مذڪور آهي ته ڪنهن جي لاءِ جائز نه آهي جو
اسان جي قول کي وٺي، جيستائين اهو معلوم نه ڪري ته
اسان قول ڪٿان آندو آهي. صحابي سڳورا ؓ وحيءَ کان
سواءِ ٻين دنياوي ڪمن ۾ نبي ڪريم ﷺ جي خلاف اجتهاد
سان راءِ ڏيندا هئا. ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ ۽ اصول جي
ٻين ڪتابن، جيئن ڪتاب ‘شرح المنار’ ۾ پڻ آهي.
انهيءَ ڪري نه لکڻ واري حديث منسوخ نه ٿيندي، جيئن
جمهور چيو آهي ته حديث جي نه لکجڻ تي به مدار نه
آهي. ائين ڪِن سلف صالحين (پڻ) چيو آهي. پر قرآن
کي غير قرآن سان گڏ ملائڻ کان روڪي ٿو. اهـو ائـين
آهـي جـيئن‘صحيـح بـخـاري’ ۾ حـضور ڪـريم ﷺ جـن
جـو فـرمـان آهـي ته:
اذا سمعتم عني حديثا فاعرضوه عليٰ القرآن فان
وافقہ فاقبلوه وان خالفوه فردوه
[ترجمو: جڏهن مون کان حديث ٻُڌو ته پوءِ ان کي
قرآن شريف سان ڀيٽيو، جيڪڏهن قرآن سان موافق آهي
ته قبول ڪريو، جيڪڏهن قرآن جي ابتڙ آهي، ته ان کي
رد ڪريو.]
جيئن مصنف جي ڪتاب ‘شرح المنار’ ۾ آهي. (بزرگ
عبدالحق) دهلوي ڪتاب ‘شرح الصراط’۾ چيو آهي ته
اِها حديث دليل لاءِ ٺيڪ آهي. موافقت مان مراد عام
آهي. (مطلب ته) عام هجي يا خاص يا معنيٰ (موافقت
هجي) اهڙيءَ طرح سان اهو اعتراض ختم ٿي ويندو ته
گهڻيون حديثون قرآن جي موافق نه آهن، ڇاڪاڻ ته
مذڪوره طريقي سان (ڪا نه ڪا) موافقت ٿي ويندي.
سلطان
الاولياء فرمايو:
هيچ قومي را خدا رسوا نه کرد
تا دلي صاحب دلي نامد بدرد
[معنيٰ: الله تعاليٰ ڪنهن قوم کي ايستائين خوار ۽
خراب نه ڪندو آهي، جيستائين ڪنهن الله واري جي دل
کي نه رنجائين.]
آئون چوان ٿوته:
الله تعاليٰ فرمايو آهي:
وَمَا كُنَّا مُعَذِّبِينَ حَتَّىٰ نَبْعَثَ
رَسُولًا
(15:17:15)
[ترجمو: ۽ اسان ايستائين عذاب ڪندڙ نه آهيون،
جستائين ڪنهن پيغمبر کي نه موڪليون.]
ٻئي هنڌ تي الله تعاليٰ فرمايو آهي:
إِنَّ اللَّهَ لَغَنِيٌّ عَنِ الْعَالَمِينَ
(06:29:20)
[ترجمو: بيشڪ الله سموري جهان (جي ماڻهن) کان بي
پرواهه آهي.]
سلطان
الاولياء فرمايو: صحيح حديث ۾ آهي:
المصلي يناجي ربہ
[ترجمو: نمازي (نماز ۾) پنهنجي ربّ سان مناجات
ڪندو آهي.]
آئـون چـوان ٿـو ته:
مـناجات “مـُنتهيٰ” مـقام جـو نـالو آهي، جتي
الله تعاليٰ جي اڳيان پنهنجو حال پيش ڪبو آهي، بلڪ
جيڪي آهي سو اُن وٽان ئي آهي، ان جي طرفان ۽ ان جي
حڪم سان آهي.
حافظ چيو آهي:
رازي که بر خلق نهفتيم نگفتيم
با دوست بگويم که او محرم راز است
[معنيٰ: جيڪي راز مان تمام مخلوق کي ٻُڌائي نه
سگهيم ۽ لڪايم، اُهي دوست کي ٻڌايم، ڇاڪاڻ ته اهو
محرم راز آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو: نبي
ڪريم ﷺ جن هڪ شخص کي جنت جي خوشخبري ڏني. صحابين
سڳورن رضوان الله تعاليٰ عليهم جن (انهيءَ جنت جي
خوشخبري جو) سبب پڇيو، پر پاڻ ڪنهن کي به نه
ٻڌايائون. جيتري قدر ٿي سگهيو، پنهنجي دل ۾
رکيائون.
سلطان الاولياء فرمايو: ٺٽي شهر ۾ “مڪلي”
جي نالي سان قبرستان آهي، اُتي هڪ وڏي نقشبندي
بزرگ جي مزار (مبارڪ) آهي. انهيءَ (بزرگ) پنهنجي
حياتيءَ ۾ چيو هو ته[97]
”لمدفنہ
طبقتہ من طبقات الجنة“
[يعني: منهنجي دفن ٿيڻ جي جاءِ جنت جي طبقن مان هڪ
طبقو آهي.]
هن جو نالو (مخدوم شيخ) آدم(نقشبندي) آهي.
سلطان الاولياء فرمايو: اهلِ
طريقت واري مون (سلطان الاولياء) کي “خليل الزمان”
جو لقب ڏنو، پوءِ منهنجي مُرشد فرمايو ته اسان کيس
اهو ئي چئون ٿا جيڪي چاهيون ٿا.
سلطان
الاولياء فرمايو:
الله تعاليٰ فرمايو آهي:
وَرِضْوَانٌ مِّنَ اللَّهِ أَكْبَرُ
(72:09:10)
[ترجمو: الله جو راضپو ئي سڀ کان وڏي (ڪاميابي ۽
سعادت) آهي.]
آئون چوان ٿوته:
ڪتاب “ڪشف” ۾ آهي:
از رضا برتر نباشد منزلي
تاب اين ميدان نيارد هردلي
[معنيٰ: رضا کان مٿي ڪابه منزل ڪونهي، هن ميدان جو
تاب هر دل نٿي برداشت ڪري سگهي.]
(حضرت امام رباني) مجدد (الف ثاني) جو چوڻ آهي ته
رضا سڀ کان ڀلو سلوڪ آهي.
”درد غم شيرين شود دشمن چو دوست“
[معنيٰ: درد ۽ غم مِٺا ٿي پوندا آهن، جڏهن دشمن
دوست بنجي ويندو آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو: حضرت شيخ
مجدد الف ثاني (قدس سره) پنهنجي
ڪتابن ۾ فرمايو آهي ته “احمّدي ڪمالات” مون کان پوءِ (امام) مهدي (عليه
السلام) کان سواءِ ٻئي ڪنهن ۾ ظاهر نه ٿيندا.
پوءِ ڪن ماڻهن جي اها دعويٰ ڪيئن صحيح ٿي سگهي ٿي،
(جيڪي چون ٿا ته شيخ احمّد سرهندي قدس سره) جي
برابر (ٻين ۾ به) نور هو.
سلطان الاولياء فرمايو: وليءُ
(گناهن کان) محفوظ هوندو آهي، (انهيءَ) جي معنيٰ
اِها آهي ته اهو گناهن تي اصرار ڪونه ڪندو، ورنه
(ڪڏهن ڪڏهن) قطب کان به زنا ٿي سگهي ٿي.
سلطان الاولياء فرمايو:
جهڙيءَ طرح ڪي دنياوي بادشاهه پنهنجي خاص چراگاهه
جي حفاظت ڪندا آهن، اهڙيءَ طرح حقيقي بادشاهه
(الله تعاليٰ) پنهنجي دوستن جي حفاظت ڪندو آهي،
پوءِ سمجهه ڪر.
آئون چوان ٿوته:
الله تعاليٰ فرمايو آهي:
فَبِظُلْمٍ مِّنَ الَّذِينَ هَادُوا حَرَّمْنَا
عَلَيْهِمْ
(160:04:06)
[ترجمو: پوءِ اسان يهودين جي وڏي ظلم جي ڪري انهن
لاءِ سٺيون (۽ پاڪ) شيون حرام ڪيون.]
ڪتاب ‘برهان الفقہ’ ۾ آهي ته شرف ۽ بزرگيءَ جي
زيادتي ۽ واڌارو حلال ۾ واڌاري جو سبب بنبو آهي.
انهيءَ ڪري نبي ڪريم ﷺ جي لاءِ جيڪو حلال ڪيو ويو،
اهو ٻين لاءِ نه ڪيو ويو آهي ۽ جيڪو آزاد لاءِ
آهي، اهو ٻانهي لاءِ نه آهي.
خاص
کند بنده مصلحتي عام را
[معنيٰ: عام جي اصلاح لاءِ هڪ ٻانهي کي خاص ڪيو
ويندو آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو: خاص (ٻانهن)
جي خصوصيت ۾ انهن جي تابعداري نه آهي، پر سندن
اجازت سان تابعداري ڪري سگهجي ٿي.
سلطان
الاولياء فرمايو:
بهرچه از دوست واماني چه زشت آن نقش چه زيبا
بهر چه از راه برافتي چه کفرآن حرف و چه ايمان
[معنيٰ: جيڪو دوست کان پري پئجي ويو ان لاءِ سٺو
يا خراب ساڳي ڳالھ آهي، ڇو ته جيڪو رستي کان ٿڙي
ويو تنهن لاءِ ڪفر هجي يا ايمان ٻئي برابر آهن.]
آئون
چوان ٿوته:
هي بيت مشائخن جي وچ ۾ (گهڻو) مقبول آهي ۽ شيخ
مجدد احمد پنهنجي خطن ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ لکيو آهي.
هن جو مقصد هي آهي ته الله تعاليٰ جي ذات سان
دائمي اُنس رکجي ۽ هيءَ ڳالهه به مشهور آهي ته
”ان
النهايت الرجوع الي البدايت“ يعني انتها
شروعات ڏانهن موٽڻ جو نالو آهي.
مولوي
رومي چيو آهي:
اصل بيند ديده چون اکمل بود
فرع بيند ديده چون احول بود
[معنيٰ: ڪامل جي اک اصل حقيقت کي ڏسندي آهي، پر
جيڪا اک ٽيڏي آهي سا رڳو ٽارين کي ڏسندي آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو: قيامت حاضر
(موجود) آهي ۽ عرش جا احوال ظاهر آهن، ڪافر ۽
مؤمن، نعمت ۽ تڪليف، جنت ۽ جهنم جو فرق ابتدائي
نوعيت جو آهي.
“تو نظر باز نئي ورنه تغافل نظر است”
[معنيٰ: تون ديد وارو نه آهين، ورنه اهو نظر انداز
ڪرڻ خود نظر آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو: باطني علم هميشہ دل سان غيب جو مشاهدو (ڪرائيندو) آهي، پر اها هميشگي نه
حال کي ۽ نه وري مقام کي آهي.
آئون چوان ٿو:
مولوي رومي چيو آهي:
اهل حال از صوفيان باشد بسان
نادر ست اهل مقام اندر ميان
[معنيٰ: صوفين مان ڪيترائي حال وارا آهن، ليڪن
مقام وارا انهن ۾ تمام ٿورا آهن.]
سلطان الاولياء فرمايو:
ڪنهن جاهل وليءَ کان جاهل مُريد خلافت طلب ڪئي،
تڏهن (انهيءَ کي) ٻين مُريدن چيو ته تو ٻن قاعدن
جي مخالفت ڪئي آهي، هڪ ته الله تعاليٰ جاهل کي ولي
ڪونه بنائيندو آهي.[98] (تون جاهل آهين پوءِ توکي)
کڻي ٿورو علم آهي، ٻيو ته شيخ جي مخالفت ڪئي اٿئي،
(ڇاڪاڻ ته عالم شيخ، عالم مُريد کي ئي خلافت ڏيندو
آهي) پوءِ شيخ جي مُريدن خلافت طلب ڪندڙ طالب جو
امتحان وٺڻ شروع ڪيو ۽ چيائونس ته حضرت موسيٰ ؑ جو
طور سينا جبل وارو واقعو ڪيئن آهي؟ تڏهن انهيءَ
همراهه جواب ڏنو ته آئون ته جاهل آهيان، پر ڏسو
اهو شيخ به اهل آهي يا نه؟ پوءِ ڏٺائون ته شيخ به
ائين ئي (جاهل) هو. پوءِ مڃيائون ته اهي ٻئي قاعدا
صحيح آهن. (مطلب ته جاهل، جاهل کان خلافت طلب ڪري
رهيو آهي)
آئون
چوان ٿو:
علم حقيقي هجڻ گهرجي، ڳالهائڻ (واري چالاڪي) نه
هجي.
سلطان الاولياء فرمايو:
ارشادِ خداوندي آهي: |