لاالـٰہ الالله حصي ومن دخلہ امن
حديث قدسي حلية الاوليا جلد3، ص191، انفاس
العارفين، شاھ ولي الله، ص 261
ڪتاب ڪشف ۾ آهي ته قرآن پاڪ ۾ آيل
لفظ ”متقي“ جي معنيٰ
”مؤمن“
آهي
ڏسو ڪشف اللغات، ص 30 جلد دوم
عالمِ امر ۽ عالمِ خلق جي لطيفن جي حقيقت
نقشبندي حضرات جي ڪتابن ۾ انسان جي ڏهن لطيفن کي
عام طور هڪ دائري امڪان جي اندر ظاهر ڪيو ويندو
آهي. جن سان پنجن جو تعلق عالم امر سان آهي ۽ اهي
هن ريت آهن:
دائرو
امڪان
هداية الطالبين، ص 18، عمدة السلوڪ، ص
213
عارفن جا ٻه قسم آهن
هتي اها وضاحت ڪرڻ گهرجي ته ‘فتح الفضل’ جي
ابتدائي 243 ارشادات جو فارسي ترجمو محبوب الصمد
خواجه گل محمد ‘الورد المحمدي’ نالي سان پاڻ ڪيو هو ۽ ڪن ارشادات جا تمام مختصر
تعليقات به لکيا هئا، جيڪي هاڻي الڳ صورت ۾ ضميمي
“الف” طور هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ارشاد 243
کان اڳتي باقي عربي ارشادات جو فارسي ترجمو سيد نور علي شاھ لکوي ‘تڪمله
الورد محمدي’ جي نالي سان ڪيو، جنهن جي مختصر
تعليقات کي پڻ هن ڪتاب ۾ ضميمي “ب” طور شامل ڪيو
ويو آهي.
کاد الحليم ان يکون نبياً
المقاصد الحسنه، حديث 788، ڪنزالعمال، حديث 813
من کف غضبہ وقيہ الله عذابہ
احياءَ العلوم ۾ هن کي حديث طور بيان ڪيو ويو آهي.
جلد 5، ص 547
اين
سراؤ باغ .......... تو بلائي جان تو
هي بيت مڪتوب 183 دفتر اول ۾ موجود آهي.
مڪتوبات فارسي جلد اول، ص 364
کل شيءِ في کل شيءِ (هرشيءِ ۾ هرشيءِ آهي) يا
سڀ شيءِ سڀ ڪنهن شيءِ
۾ آهي
هن اصطلاح جي سمجهاڻي عبدالرزاق ڪاشانيءَ هن طرح
ڏئي ٿو ته ان مان مراد هرشيءَ جي اصل حقيقت جو
ظاهر ٿيڻ آهي. ٻارهين صدي جو نقشبندي صوفي مظهر
جان جانان ان جي تشريح ڪندي چوي ٿو ته صوفين جي
طريقي موجب ڪائنات جي هر ذري ۾ خدا جو وجود پنهنجي
پوري ڪمال سان جلوہ گر آهي. اهو ظهور جزوي ناهي
بلڪ هر ذري ۾ ڪل جو ظهور آهي. ڇو ته خدا جو وجود
بسيط آهي، ان جا جزا يا ڀاڱا نٿا ٿي سگهن.
سلطان الاولياء کي هي مقولو گھڻو پسند هو جو سندن
هڪ سنڌي بيت ۾ هن ريت تضمين ٿيل ملي ٿو:
ڇڏي عالم امڪاني وڃي رس وجوب کي
الولاية وصول الاسم اٿي پڇ اوطان
“ڪل شيءِ في ڪل شيءِ” سڀت سڀ تمام
جنين ڏٺو پاڻ، سي سڀ ڏسن پڌرو.
گرهوڙيءَ جي پنهنجي ڪلام ۾ پڻ هڪ اهڙي سٽ ملي ٿي:
ڪُلّ شيءِ في ڪُل شيءِ، سڀت سڀڪي آهي
مقامات مظهري ص 452، مڪمل شرح ابيات سنڌي ص 67،
ڪلام گرهوڙي، ص 136
مڪتوب 260، دفتر اول
لَا
حَولَ وَلا قُوِة اِلاَّ بِاللهِ
مسند احمد بن حنبل ۾ حديث طور روايت ٿيل آهي.
نشر الزهر في الذڪر بالجهر
عطاءَ الله سڪندريءَ شازليءَ جي تصنيف آهي، جنهن
جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪوآهي.
نقشبندي ذڪر
نقشبندي سلسلي ۾ ذڪر ”جھري“ جي بجاءِ ذڪر خفي يا
قلبي آهي ۽ ان جو آغاز خواجه بهاءُالدين نقشبند
کان ٿئي ٿو. رساله قدسيه ۾ ذڪر خفيءَ جون گهڻيون
فضيلتون بيان ٿيل آهن. مڪتوبات ۾ حضرت خواجه امير
ڪلال جي حوالي سان اها ڳالهه اچي ٿي ته ذڪر جهر
بدعت آهي.
رساله قدسيه ص 36-42، مڪتوب 266،
دفتراول
اُهو مُريدن جو سردار آهي، مُراد وارن جو نه آهي.
“مراد” ۽ “مريد” جو بحث مڪتوبات ۾ ملي ٿو.
مڪتوب 292، دفتراول
وَاعِظ الله فِي قَلبِ کُلِّ مُؤمنِ
مسند احمد ۾ ابن مسعود جي روايت سان موجود آهي.
مرقاة المفاتيح شرح المشڪاة
مڪتوبات احمدي ۾ آهي ته حق ڳالهه هيءَ آهي ته الله
تعاليٰ جي ذات موجود
آهي، جنهن جي شان ۽ قدرت کي بيان ڪرڻ کان عبارتون
قاصر آهن.
مڪتوب 234، دفتر اول
علم منطق جي ڪتابن جي شروعات ڪلي ۽ جزئي جي تصورات
کي سمجهڻ
سان ٿئي ٿي.
جهڙوڪ ايساغوجي ۽ “قال اقول” وغيرہ ان کان پوءِ
مٿين ڪتابن جهڙوڪ قطبي يا شرح شمسيه ۾ انهن تصورات
تي وڌيڪ تفصيلي بحث ملي ٿو. جيئن وجود جي اعتبار
سان هو الله تعاليٰ ۽ ٻين موجودات کي هڪ ڪليءَ جا
فرد چون ٿا. هن تي بحث اڳ ۾ ٿي آيو آهي ته اهڙيءَ
ڪليءَ کي ڪلي مشڪڪ چون ٿا. هتي وري گرهوڙي ان تصور
تي تنقيد ڪري ٿو، جنهن مطابق انسان ڪلي آهي ۽ زيد
هڪ فرد جي حيثيت ۾ جزئي آهي. مڪتوبات احمديءَ ۾ پڻ
الله تعاليٰ بابت ڪلي ۽ جزئي هجڻ تي منطق واري
لحاظ کان اعتراض ڪيو ويو آهي، بلڪ اها تنقيد حڪمت
۽ فلسفي جي بنيادي ڪتابن ۾ پڻ آهي.
مڪتوب 11 دفتر دوم، هداية الحڪمة ابهري
لايؤمن احدکم حتيٰ ...........احب اليہ من کثرتہ
مسند الفردوس ۾ علي بن ابي طلحه کان مرسل روايت
طور ملي ٿي.
قِفُ يَا مُحَمّدُ! فَاِنَ اللهُ يُصَلِي
حديث جا هي الفاظ مڪتوبات ۾ ملن ٿا ۽ اتي امام
رباني ان ڳالهه جي پڻ وضاحت ڪري ٿو ته لاالہٰ
الالله جي معنيٰ مُنتهي سالڪن وٽ لامعبود الاالله
آهي جيئن شريعت ۾ آهي. البت لا موجود ولاوجود
ولامقصود مُبتدي ۽ وچ واري سالڪ جي حالت آهي. بلڪ
“لامقصود” به “لاموجود” ۽ “لاوجود” کان مٿي آهي،
ڇو ته اهي الفاظ لامعبود الالله جي دريءَ وانگر
آهن
مڪتوب 77 دفتر سوم
المنتظر للصّلواة کا نہ في الصلواة
هنن الفاظن سان ڪا حديث ڪونه ٿي ملي.
من تشبهه بقوم فهو منهم
هيءَ حديث مشڪواة ۽ احياءُ العلوم وغيرہ ۾ ملي ٿي.
ارشاد الطالبين، ص 221
الطواف بالبيت صلواة
حديث جي ڪيترن ڪتابن ۾ ملي ٿي، جيئن ترمذي، السنن
الڪبريٰ، المستدرڪ وغيره
سير انفسي
سير انفسي جي سمجهاڻي مڪتوبات ۾ ملي ٿي.
مڪتوب 154 دفتراول ۽ مڪتوب 42 دفتردوم
عبدالغفور لاري
(وفات 912ھ)
مولانا جاميءَ جو همدم ۽ ساٿي هو. شرح فصوص الحڪم
لکڻ ۾ ساڻس ٻانهن ٻيلي هو. ‘رشحات’ ۾ عبدالغفور
لاري جا ڪجهه اقوال ملن ٿا.
رشحات فارسي ص 299 – 301، مڪمل شرح ابيات سندي ص
191
تالله يا طيبات.......... ليليٰ من البشر
هي شعر عبدالله بن عمرو العربيءَ جو آهي.
ان تفق الانام.........دم الغزالي
هي شعر مشهور عربي شاعر ابوطيب متنبيءَ جو آهي.
ولايت اصلي ۽ ظلي
حوالو مٿي گذري چڪو آهي.
ان الدين سيعود کما بدٲ
تحقيق مڪمل ٿي نه سگھي.
مڪتوبات احمدي ۾ آهي ته هزار سالن کان پوءِ
ئي “اصلي ولايت” ظاهر
ٿيندي آهي.
هڪ هزار سالن کان پوءِ وارو مجدد هڪ صدي واري مجدد
کان مختلف هوندو آهي، انهن ٻنهي ۾ ايترو فرق آهي
جيترو سؤ ۽ هڪ هزار ۾ آهي.
ڏسو مڪتوب 4، دفتردوم
الموت
قبل الموت
عام طور هي مقولو “موتوا قبل ان تموتوا” جي صورت ۾
ملي ٿو. گهڻن صوفين ان کي حديث جي طور اختيار ڪيو
آهي. ليڪن ابن حجر عسقلاني جي تحقيق موجب اها حديث
نه آهي. مثنوي روميءَ ۾ ان کي حديث طور بيان ڪيو
ويو آهي.
احاديث وقصص مثنوي، ص 370، اسرار المرفوع، ص246،
مڪمل شرح ابيات سنڌي،ص155
جُفّ القلم
صحيح بخاريءَ ۾ هن صورت ۾ ملي ٿي: “جف القلم بما
انت لاقٖ” مشهور حديث آهي. جنهن جو حوالو مثنويءَ
۾ به هڪ کان وڌيڪ ڀيرا اچي ٿو. مسند احمد ۽
ڪنوزالحقائق ۾ به ملي ٿي.
احاديث ۽ قصص مثنوي، ص 149 مفتاح ڪنوزالسنة، ص91
مڪمل تخريج لاءِ ڏسو حلاوة الفم،ص 86
هر
يک بميرد بار يک بيچاره جامي بارها
مولانا جاميءَ جي هن شعر جي پهرين مصرع هن ريت
آهي:
از فراق دوستان بر سينه دارم داغها
ڪليات جامي- تهران، ص
هر گز نميرد آنکه دلش زنده شد بعشق
حافظ شيرازيءَ جي شعر جي پهرين مصرع آهي. ٻي هن
ريت آهي:
ثبت است برجريدہ عالم دوام ما
[يعني اسان عاشقن جا نقش جهان ۾ هميشه لاءِ قائم ۽
دائم آهن.]
ديوان حافظ غزل 4
وفي ذکر الله حيّ والغافل ميّت
ابوموسيٰ کان مرفوع روايت طور ملي ٿي.
وجيز، وسيط
امام غزاليءَ جي تصنيفن جا نالا آهن. الغزالي-
شبلي نعماني، ص44
شرح الصدور
غزاليءَ جي تصنيفات ۾ هي نالو نه ٿو ملي، البت شرح
الصدور في احوال الموتيٰ، جلال الدين سيوطيءَ جي
تصنيف آهي. جيڪو اردو ۾ به ترجمو ٿيل آهي.
پيش او لطف..............همان زهر همان.
مولانا جاميءَ جو شعر ‘سبحةالابرار’ ۾ ملي ٿو.
مثنوي هفت اورنگ، ص215
سراج المصلي
ٻارهين صدي سنڌ جي نقشبندي عالم ۽ صوفي ابوالحسن
ڏاهري (1116-1181) جي نماز بابت مثنوي آهي جنهن کي
پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهري سنڌي ترجمي ۽ تحقيق
سان سال 2007 ۾ شايع ڪرايو آهي. ابوالحسن ڏاهري
اصل ۾ موري جي ڀرسان هڪ ڳوٺڙي جو رهاڪو هو. جتي
سندس مقبرو آهي. ليڪن علم جي ڪشش سببان گجرات جي
شهر سورت ۾ وڃي رهيو ۽ اتي نقشبندي سلسلي سان
وابسته ٿيو. تصوف جي موضوع تي سندس شاهڪار تصنيف
‘ينابيع الحياة الابديہ في طريق طلاب النقشبنديه’
ٽن جلدن ۾ موجود آهي، جنهن کي راقم جي تحقيق سان
تازو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي.
مڪتوبات احمدي ۾ آهي ته غيب جي خبر “هويت” آهي.
جنهن جو نه اثبات
آهي ۽ نه ڪي اها ڳالھ چاهيندا آهن.
مڪتوبات ۾ هي بحث گھڻن هنڌن تي ملي ٿو.
اتهاکون
انتم کما تهاکت اليهود و النصاريٰ
هيءَ حديث مشڪواة ۾ ملي ٿي.
ڪشف ۾ آهي ته “التهوڪ” جي معنيٰ مٿو ڦرڻ ۽ حيران
ٿيڻ آهي.
ڪشف اللغات ۾ ”سرگشته شدن“ آهي.
ڪشف اللغات، ص 234
مڪتوبات احمدي جو قول آهي ته سمجھاڻي مُرشد جي فعل
مان ئي وٺڻ
گھرجي ۽ عادات ۽ عبادات ۾ ان کي ئي“امام” بنائجي.
مرشد لاءِ مريد جا آداب ۽ مريد مرشد سان ڪڏهن
اختلاف ڪري سگهي ٿو.
هن باري ۾ ڏسو مڪتوب 292، دفتراول
قطب زمان
غوث، قطب ۽ قطب الاقطاب جو بحث خاص طور مڪتوب 256
دفتراول ۾ ملي ٿو.
آن را که در .................. بوستان تماشا
لاله زار
هي بيت مڪتوب 292، دفتراول ۾ ملي ٿو. هونئن اصل ۾
اهو بيت نفحات الانس مان ورتل آهي.
مڪتوبات فارسي جلد اول، ص 71
اصول الاربعين
ڪتاب الاربعين في اصول الدين امام
غزاليءَ جي تصنيف آهي. بيروت مان 1980 ۾شايع ٿيل
آهي.
ڪيترن ڪاملن جي دنيا آخرت وانگر آهي.
هن ڳالهه ڏانهن اشارو امام ربانيءَ جي
مڪتوب 301، دفتراول مڪتوب 106، دفترسوم ۾ ملي ٿو.
حضرت ذوالنّون مصري، حضرت خواجه بايزيد بسطامي
ذوالنون مصري (وفات 246/861) اوائلي
صوفين ۾شمار ٿئي ٿو. مولانا جامي نفحات الانس ۾
پهرين صوفي ابوهاشم کان پوءِ سندس ذڪر ڪري ٿو. هو
امام مالڪ جو شاگرد هو. جنهن کان مؤطا جو سماع ڪيو
هئائين. صوفين جو معرفت وارو نظريو ڏانهس منسوب
آهي. خواجه بايزيد بسطامي (وفات 261/875) ذوالنون
جو همعصر آهي. جنهن کي پهريون “صاحب سڪر” صوفي
سڏيو ويو آهي. سندس مشهور شطح “سبحاني مان اعظم
شاني” آهي.
Sufism, Arberry, p 52 _54
نسبت جو صاحب
نسبت (جذب) جي وضاحت خواجه بهاءُالدين
نقشبند جي رساله قدسيه ۾ هنن لفظن ۾ ملي ٿي. هن
(نقشبندي) طريقي ۾ باطني نسبت ان طرح ظاهر ٿيندي
آهي جو ظاهري طور خلق سان ميل ميلاپ جي باوجود دل
کي خلوت (اڪيلي هجڻ) کان به وڌيڪ سڪون ۽ راحت
ملندي آهي. انهيءَ ڪيفيت جو اظهار هن بيت سان ڪيو
ويو آهي:
از درون شو آشنا و ز برون بيگانه وش
اين چنين زيبا روش کم مي بود اندر جهان
[معني: اندر ۾ (ياد خدا سان) مشغول رهه باقي ٻاهر
ڀلي بي تعلق هُج. اهڙي سهڻي هلت وارا انسان دنيا ۾
تمام گهٽ آهن.]
رساله قدسيه فارسي اسلام آباد ص 171
شرح
اربعين نووي
ملا علي قاري جي باري ۾ حوالو اڳ ۾ گذري آيو.
من عرفها کل لسانہ
جنيد بغدادي جو قول آهي. جيڪو تصوف جي
وڏن ڪتابن جھڙوڪ ڪشف المحجوب وغيره ۾ ملي ٿو.
مڪتوبات ۾ پڻ هي مقولو ٽي دفعا آيو آهي.
فهرست تحليلي هشتگانه، ص48
ما قل وکفي خير مما کثر والها
حوالو اڳ ۾ گذري آيو.
حضرت ابوهريره (وفات:58ھ)
عالمن جو چوڻ آهي ته ٽي هزار حديثون جن ۾
احڪام بيان ٿيل آهن، تن مان هڪ هزار جي لڳ ڀڳ
ابوهريرہ رضه کان روايت ٿيل آهن. هڪ روايت
اباهريرة اذا اشتد الجوع سان شروع ٿئي ٿي. ليڪن
اها موضوع آهي.
احاديث ضعيفه ڪا مجموعه، محمد ناصرالدين الباني-
جلد 3، اردو، ص 219
عالم فاضل ابوالحسن سنڌي
ابوالحسن سنڌي ڪبير (وفات:1139ھ) ۽
ابوالحسن سنڌي صغير(وفات:1187ھ) ٻئي ٻارھين صديءَ
جا عالم آهن، جن حرمين ۾ وڃي مستقبل سڪونت اختيار
ڪئي. ابوالحسن ڪبير ٺٽي ۾ پيدا ٿيو ۽ علم فضل ۾
وڏو نالو پيدا ڪيايئن. هو ڪيترن ڪتابن جو مصنف آهي
جن ۾ مشهور صحاح سته يعني حديث جي ڇهن ڪتابن جا
حاشيا آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي ڇپيل آهن.
ابوالحسن صغير جو اصلي
نالو غلام حسين ابن مخدوم ميان محمد صادق نقشبندي
آهي، سندس والد محمد صادق نقشبندي، شاھ ڀٽائي جو
وڏو معتقد هو ۽ ساڳي وقت سلطان الاولياء خواجه
محمد زمان لواريءَ واري جو استاد به هو. هو پڻ ٺٽي
مان هجرت ڪري مديني هليو ويو. جتي شيخ محمد حيات
سنڌي (وفات:1163ھ) جي وفات کان پوءِ ان جي جاءِ تي
حديث جو درس ڏيندو هو. هتي مراد ابوالحسن ڪبير
آهي.
مقالات قاسمي ص 389 ۽ 390
شرف المکان بشرف المکين
حوالو ملي نه سگھيو.
انما العلم بالتعلم
سيوطي جي جامع الصغير ۽ دار قطنيءَ ۾ هيءَ روايت
ملي ٿي.
لا تجعل قبري وثنا يعبد
هيءَ حديث الاعظمي جي مؤطا ۽ الطبقات الڪبريٰ ۾
ملي ٿي.
فتح
القدير
فقہ حنفيءَ جي ڪتاب ‘هدايه’ جي شرح آهي، جنهن جو
مصنف شيخ ڪمال الدين محمد بن عبدالواحد السيواسي
آهي.، جيڪو ابن همام جي لقب سان مشهور آهي. هن
861ھ ۾ وفات ڪئي، وڌيڪ حوالو اڳ ۾ گذري آيو.
ظفر المحصلين،ص 161
حجاب راه تو ئي حافظ از ميان برخيز
حافظ شيرازي جو مڪمل شعر هن ريت آهي:
ميان عاشق و معشوق هيچ مائل نيست
تو خود حجاب خودي حافظ از ميان بر خيز
ديوان حافظ
مڪتوبات احمدي ۾ آهي ته ”نجات“ جو دارومدار سنت جي
تابعداري ۽ صحيح
عقيدي تي آهي.
هن لاءِ ڏسو مڪتوب 163، دفتر اول
بحرالرائق
فقہ حنفيءَ جي بنيادي ڪتاب يعني متن ڪنزالدقائق جي
مشهور معروف شرح آهي. مؤلف جو نالو زين العابدين
بن ابراهيم بن نجيم (وفات 970ھ) آهي.
ظفر المحصلين، ص 165، تحفة المتخصص، ص141
اختلاف امتي رحمة
ملا علي قاري موجب هيءَ حديث موضوع آهي.
الموضوعات الڪبريٰ عربي، ص49
خواجه حافظ شيرازي جو طريقو.
خواجه حافظ محمد شمس الدين (وفات 792) فارسي
زبان ۾ غزل جو باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي ۽ سندس
ديوان کي عالمي شهرت حاصل آهي. مولانا جاميءَ جي
لکڻ موجب نٿو چئي سگھجي ته حافظ ڪهڙي صوفي سلسلي
سان وابسته هو. ليڪن هن جا اشعار وڏن صوفين وٽ
نهايت مقبول رهيا آهن. ايتريقدر جو مجدد الف ثاني
پڻ مڪتوبات ۽ مبداءَ معاد وغيرہ ۾ حافظ جا ڪي شعر
حوالي طور آڻي ٿو. سنڌ هند جي متاخر صوفيانه روايت
۾ حافظ کي صاحب معرفت صوفي شمار ڪيو ويو آهي ۽ ان
جي ڪيترن شعرن منجهان طريقت جي باري ۾ استدلال ڪيو
ويو آهي، جن ۾ امام رباني پڻ شامل آهي. راقم حافظ
جي مزار تي 2008 ۾ حاضري ڀري آهي.
نفحات
الانس- فارسي 411
مڪتوبات احمدي ۾ آهي ته عادتون ۽ رسمون لازم
سمجھڻ، ننگ ۽
ناموس جي رعايت ڪرڻ، اهي ڳالهيون شريعت جو ضد آهن.
هن لاءِ ڏسو
مڪتوب197،دفتر اول، اردو ص58
مڪتوبات
احمدي ۾ آهي ته ڪامل ارشاد جي وقت الله ڏانهن
متوجهه ٿيندو
آهي.
هن لاءِ ڏسو مڪتوب188 ۽ 212 دفتر اول، ص 43 ۽ 91
کان
خُلق رسول الله القرآن
هيءَ حديث مسلم، مسند احمد ۽ الادب المفرد ۾ ملي
ٿي.
شيخ مجدد الف ثاني جي سادي زندگي گذارڻ
شيخ احمد مجدد الف ثانيءَ جي زندگيءَ جو
مستند احوال سندس
ھمعصر ۽
خليفي خواجه محمد هاشم ڪشمي ‘زبدة المقامات’ نالي
ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو آهي. ڪشمي 1031 ھ کان وٺي مجدد
الف ثاني جي زندگيءَ جي آخري لمحات تائين يعني
1034ھ تائين ساڻس گڏ رهيو. مجدد الف ثانيءَ جي
سوانح بابت ٻيو مستند ڪتاب ‘حضرات القدس’ آهي،
جيڪو سندس مريد ۽ خليفي بدرالدين سرهنديءَ جي
تصنيف آهي. هو پڻ ڪيترا سال مرشد جي خدمت ۾ رهيو.
هن حضرات القدس 1043ھ ۾ لکي مڪمل ڪيو. هي ٻئي ڪتاب
اردو ۾ ترجمو ٿيل آهن.
زبدة المقامات، سيالڪوٽ 1407ھ، حضرات القدس اردو
اشاعت دوم 1410ھ
اعطاني رسول الله.......... ولو بثثت الآخر لقطع
البلعوم
حضرت ابوهريره رضه کان هيءَ روايت ڪيترن
ڪتابن ۾ ملي ٿي، جنهن کي ابن عربي فتوحات مڪيه ۾
پڻ آندو آهي.
فتوحات مڪيه، جلد 2، احوال و آثار عبدالقادر بيدل،
ص421
ورب
جوهر علمي.................. ممن يعبد الوثنا
امام زين العابدين جا هي شعر گھڻن ڪتابن ۾ آيل
آهن. ابن عربي پڻ فتوحات ۾ ڏنا آهن
فتوحات مڪيه، جلد 2 ص331، مناقب الاصفياء
اردو،ص120
گره
ز دل بکشا .......................چنين گره
نکشاد
هي ديوان حافظ جو شعر آهي. ديوان
حافظ، اردو، ص 181
ياد
داشت نقشبندي طريقي جو اصطلاح آهي
جنهن جي وضاحت بلڪل شروع ۾ اچي چڪي آهي.
اِنَّ
اللهَ لَاينظُرِاليَ............. وَلاکِنَ ينظَرِ
اليٰ قُلُوبِکُم
حديث آهي، حوالو مٿي گذري آيو.
للغازي
احدي الحسنين
هي الفاظ قرآني آيت “هل تربصون بنا الااحدي
الحسنين” مان ورتل آهن يعني مجاهد لاءِ ٻن چڱاين
مان هڪ ضرور آهي، شهادت يا فتح.
من مات في طلب العلم ........ويعلمہ الملک في قبره
هي قول مسندالبزاز ۾ ملي ٿو.
ومن
مات في طريق الحج............ الشهيد قبل الظفر
هي الفاظ الطبراني في الاوسط ۾ ملن ٿا.
اوحدي شصت ............. نيک بختي ديد
هي اوحدي مراغيءَ جو شعر آهي. سندس مثنوي ‘جام جم’
مشهور آهي. هي شعر مڪتوبات امام رباني توڻي سندس
پٽ خواجه معصوم جي مڪتوبات ۾ پڻ اچي ٿو.
تذڪرة الشعراءَ، دولتشاہ سمرقندي، ص 159
عليٰ بيض قلبک کن کانک طائره
نقشبندي صوفين جي تذڪرن ۾ هي شعر اڪثر ملي ٿو،
جيئن مٿي ذڪر ٿي آيو آهي.
حوالو ملي نه سگھيو.
رَاَيتُ رَبِّي فِي اَحسنِ صُورَتِہِ
ملاعلي قاري “موضوعات ڪبير” ۾ لکي ٿو ته عام صوفين
جي زبان تي هي حديث گهڻو مشهور آهي، پر اها موضوع
آهي ۽ رسول الله ڏانهن ان جي نسبت خوامخواہ يعني
اجائي آهي.
الموضوعات ڪبريٰ عربي ص 126، موضاعات ڪبير اردو،
ص 183
اڪبر
بادشاهه (دور حڪومت 1556 کان 1605)
اڪبر بادشاھ جي مذهبي نظرين بابت همعصر تاريخ
جي صفحن ۾ گهڻو ڪجھ ملي ٿو، جن ۾
ملاعبدالقادر بدايوني سر فهرست آهي. هو ڪيترا سال
شاهي دربار ۽ خاص طور ابوالفضل سان ڪيترن علمي ڪمن
۾ شامل هو. جنهن ۾ مهاڀارت ۽ رامائڻ جو فارسيءَ ۾
ترجمو پڻ شامل آهي. بدايوني “منتخب التواريخ” ۾
جتي اڪبر جي اوائلي عمر ۾ مذهب سان وابستگي ۽ آخري
عمر ۾ ديني خيالن جي تبديليءَ تي دل کولي بحث ڪري
ٿو، اتي ان سڄي صورتحال لاءِ هو وقت جي علماء سو
کي ذميوار قرار ڏئي ٿو. انهن ۾ سر فهرست ابوالفضل
۽ فيضيءَ جو پيءَ شيخ مبارڪ هو، جنهن سڀ کان پهرين
987ھ ۾ مشهور “محضر” مرتب ڪيو. جنهن ۾ چيو ويو ته
هندستان جهڙي وسيع ملڪ ۾ جتي عرب ۽ عجم جا وڏا
عالم ۽ فاضل اچي گڏ ٿيا آهن، تن جي اها راءِ آهي
ته سلطان عادل يعني اڪبر بادشاھ جو درجو مجتهد کان
مٿي آهي. ٻين لفظن ۾ ڪنهن به اجتهادي فيصلي ۾
بادشاھ جي راءِ کي متفق طور تسليم ڪيو ويندو ۽ ان
جي پيروي رعيت تي لازمي هوندي.
بدايوني جي لکڻ موجب جيئن ته هجري سال جا هڪ هزار
سال 1000ھ=1591ع پورا ٿي رهيا هئا، تنهن جو به
ناجائز فائدو ورتو ويو. اهو تاثر ڏنو ويو ته اسلام
جي عمر پوري ٿي چڪي، هاڻي نئين دين يا مذهب جو وقت
آهي. انهيءَ پس منظر ۾ “دين الاهيءَ” جو اجرا ڪيو
ويو. جنهن لاءِ هڪ قسم جو حلف نامو تيار ڪيو ويو
جيڪو هن ريت هو:
“منکه فلان بن فلان باشم بطوع ورغبت وشوق قلبي از
دين مجازي وتقليدي از پدران ديدہ وشيندہ بودم ابرا
وتبرا نمودم ودر دين الاهي اڪبر شاهي در آمدم
ومراتب چھارگانه اخلاص که ترک مال وجان وناموس
ودين باشد قبول کردم.”
[ يعنيٰ: آءُ فلاڻو پٽ فلاڻي جو پنهنجي رضا خوشيءَ
۽ دل جي شوق سان دين مجازي ۽ تقليدي جيڪو والدين
کان ڏٺو ۽ ٻڌو اٿم ان کان ڌار ۽ الڳ ٿيان ٿو ۽ دين
الاهي اڪبر شاهي ۾ داخل ٿيان ٿو ۽ چئن قسمن جي
قرباني، جنهن ۾ جان، مال، عزت ۽ مذهب شامل آهي کي
قبول ڪريان ٿو.]
اڪبر ٻيا به ڪيترائي اقدام ڪيا جن مان سندس مذهب
۾ مداخلت جھڙي قابل اعتراض روش جي نشاندهي ٿئي ٿي.
گويا اڪبر بادشاھ مذهبي معاملن ۾ عدم مداخلت (secular)
جي بجاءِ مداخلت واري پاليسي اختيار ڪئي. 982 ۾ هن
فتح پور ۾ شيخ سليم چشتيءَ جي خانقاہ ڀرسان عبادت
خانو ٺهرايو جتي بادشاہ پاڻ اچي مذهبي بحث مباحثا
ڪرائيندو هو. ايتريقدر جو ان وقت جي هڪ شاعر ملا
شيريءَ هڪ نظم لکيو، جنهن ۾ بادشاھ تي طنز ڪندي
آخري بند ۾ چيائين:
بادشاھ امسال دعويٰ نبوت کردہ است
گر خدا خواهد دگر سالي خدا خواهد شدن
[معنيٰ : بادشاھ هن سال نبوت جي دعويٰ ڪئي آهي،
خدا خير ڪري، ايندڙ سال خدائي جي دعويٰ ڪندو؟!]
اهو پس منظر آهي جنهن ۾ امام ربانيءَ
پنهنجي تحريڪ جو آغاز ڪري ٿو ۽ شروع ۾ هڪ ننڍو
رسالو اثباة النبوت يعني نبوت جو ثبوت لکي ٿو. ان
کانپوءِ وقتًا فوقتًا اڪبر بادشاھ جي درٻار ۽ وقت
جي ٻين وڏن با اثر ماڻهن کي خط (مڪتوبات) لکي صحيح
صورتحال کان آگاھ ڪري ٿو ۽ پنهنجي اثر جو دائرو
وسيع ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اڳتي هلي کيس امام
رباني ۽ مجدد الف ثاني ٻئي هزار سال جو مجدد تسليم
ڪيو ويو آهي. منتخب التواريخ اردو ص 499 - دربار
اڪبري ص 40
Akbar and Religion Khaliq Nizami.
بيربل
اڪبر بادشاھ جي مشهور نو رتن ۾ شامل آهي.
الڪفر کلہ ملة واحده
روايت جا هي الفاظ “الام” امام شافعي ۽ مصنف
عبدالرزاق ۾ ملن ٿا.
تحرير
هن ڪتاب جو مصنف محمد بن عبدالواحد بن
الهمام (961ھ) السواسي (موجودہ ترڪي جو) هو. هو
اصول فقہ ۾ حنفي ۽ شافعي مذهب کي سامهون رکي ٿو.
هن جو شرح “تقرير” جي نالي سان سندس شاگرد امير
الحاج الحلبي لکيو آهي.
Introduction to Muhammadan law,
p: 176
بِاِيَهُمُ اقتَدَيتُم اِهتَدَيتُم
مشهور حديث اصحابي کالنجوم بايهم اقتديتم اهتديتم
جو آخري حصو آهي. مڪتوب 25، دفتراول ۾ پڻ هن حديث
جو حوالو ملي ٿو.
مڪتوبات اردو دفتراول ص 103
انما الاعمال بالنيات
هڪ وڏي حديث مان ورتل ٽڪرو آهي. هيءَ متفق
عليہ حديث جا الفاظ آهن ۽ اها حديث صحيح بخاري ۽
صحيح مسلم ۾ ملي ٿي. هن کان اڳ به ان جا حوالا
گذري چڪا آهن.
فتاويٰ قاضيخان
امام فخرالدين قاضيخان جو پورو نالو حسن بن
منصور بن محمود آهي. هو اوزجند فرغانه يعني موجوده
ازبڪستان جو هو. هن سال 592ھ ۾ وفات ڪئي. فقہ
حنفيءَ جي نامي گرامي شخصيت آهي. فتاويٰ قاضيخان
جو حوالو مڪتوبات ۾ به ملي ٿو.
هدايه عربي - اردو ص 34
مڪتوبات احمدي ۾ آهي ته ٿوري يا گهڻي (ڪم) ۾ شرعي
حڪم ڏانهن رجوع
ڪري.
هن لاءِ ڏسو مڪتوب 63، دفتراول
وگر سالکي............ بروي در باز گشت
هي شعر بوستان سعدي جي منڍ ۾ اچي ٿو.
ڪليات سعدي، ص 207
تو ان در بلاغت ................ سحبان رسيد
چه شبها نشستم ............. آستينم که قم
تو خواهي اگر ................. آمدن پي کني
هي ٽئي شعر بوستان سعديءَ مان ورتل آهن.
ڪليات سعدي، ص207
الصوفي
لا مذهب لہ
هن قول جون ڪيتريون سمجهاڻيون ڏنيون ويون آهن. شيخ
عبدالحق محدث دهلوي به اهوئي مطلب ورتو آهي، جيڪو
گرهوڙي ڄاڻائي ٿو.
وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو مڪمل شرح ابيات سنڌي ،ص171
تصوف اور فقہ عبدالحق دهلوي ص 301 |