سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:26 

            الصلاة معراج المؤمنين

 مرقاة المفاتيح شرح المشڪاة ڪتاب الايمان

           اتقان

ڪتاب جو پورو نالو اتقان في علم القرآن آهي، جيڪو جلال الدين سيوطيءَ (وفات 911ھ) جو آهي. هن ڪتاب ۾ هو قرآني علومن کي اسي عنوانن تحت ورهائي، هرهڪ تي بحث ڪري ٿو.

   انا  القرآن  و السبع........... لا روح الااني

هي شعر شيخ اڪبر محي الدين ابن عربيءَ جي مشهور تصنيف فتوحات مڪيه ۾ ملن ٿا.

رساله في حل الغريب، ص 11

    بدرالمنير

ارڙهين صدي سنڌ جي مشهور عالم عبدالله نريي واري جي تصنيف آهي جنهن جو موضوع عقائد آهي. هن جو هڪ قلمي نسخو ڊاڪٽر بلوچ مخزونه آرڪائيوز ۾ محفوظ آهي

فهرست مخطوطات

   احياءُالعلوم ۽ ڪيمياءِ سعادت

امام غزاليءَ جون مشهور تصنيفون آهن. احياءَ العلوم چئن جلدن ۾ عربيءَ ۾ ضخيم تصنيف آهي ۽ ڪيمياءِسعادت کي ان جو اختصار چئي سگهجي ٿو ۽ اهو ڪتاب اصل فارسيءَ ۾ لکيو ويو. ڪيمياءِسعادت جو غير مڪمل سنڌي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل آهي.

ڪيميائي سعادت سنڌي، حيدرآباد

شرح البهجة

اصل ڪتاب جو پورو نالو ‘البهجةالورديہ’ آهي جيڪو شافعي فقھ جو ڪتاب آهي سمورو ڪتاب نظم ۾ آهي ۽ منجھس پنج هزار بيت آهن ۽ انهن جو مؤلف شيخ زين الدين عمر بن مظفرالوردي الشافعي آهي جنهن 749ھ ۾ وفات ڪئي.

فتح الفضل: قاسمي، ص 44

     ان الله لاينظر الي صورڪم بل اليٰ قلوبڪم

هيءَ حديث ڪجهه لفظي اختلاف سان حديث جي ڪيترن ڪتابن ۾ ملي ٿي.

مختصر صحيح مسلم رقم حديث 1776 ص 506

             اللّهم صلي عليٰ  جسد محمد............ قبر محمد في القبور

القول البديع للسخاوي، ص 282

    استفت قلبک و ان افتاڪ المفتون

لفظن جي معمولي اختلاف سان هيءَ حديث مسند احمد ۽ سنن دارميءَ ۾ ملي

    والا ثم ما حاک في الصدر

حديث جا هي الفاظ صحيح مسلم جي هڪ حديث ۾ ملن ٿا.

   ٿورڙي ڳالھه گهڻي کان بھتر آهي

مشڪواة جي هڪ حديث ۾ پڻ اهو مقصد ۽ مطلب سمايل آهي ماقل وکفيٰ خيرمما کثروالهيٰ يعني اها شيءِ جيڪا ٿوري آهي پر ڪفايت ڪري ٿي ته اها ان گهڻي کان بهتر آهي جيڪا غافل ڪري.

ارشادالطالبين ص63

    ظاهري فقيري حقيقي فقيري

حوالو ڪونه ملي سگھيو

ادِر ذکر من اهويٰ...........  الحبيب    مدام

هي اشعار ديوان ابن فارض ۾ ملن ٿا، پر اتي آخري سٽ ۾ “مزجوہ” جي بجاءِ “يرجوہ”  آهي.

ديوان ابن فارض- ص 194

     اصلي مقصد عدم ۾ رکيل آهي

امام رباني مڪتوبات ۾ هڪ هنڌ عدم جي باري م هينئن چوي ٿو اهي سالڪ چون ٿا اشتهي عدماً لا اعود ابداً يعني آءُ اهڙو عدم گهران ٿو جنهن جو وجود ٻيهر ڪڏهن به نه هجي. اڳتي چوي ٿو اهي سالڪ ئي محبت جا مقتول آهن. جيئن حديث قدسيءَ ۾ آهي: “من قتلتہ فانا ديتہ” اهوئي سندن شان آهي. “من قتلتہ فانا ديتہ” پڻ سلطان الاولياء جي هڪ بيت ۾ هن طرح تضمين ٿيل آهي:

من قتلة فانا ديتہ، وڏي مُلھ وئا“.

سلطان الالياء جي هڪ سنڌي بيت ۾ عدم ڏانهن هن طرح اشارو آهي:

عدم اوتارون، نامرادي سمرو.

مڪمل شرح ابيات، ص 3 ۽ 120

حق همي خواهد ..............گذاري وشاهد شوي

هي روميءَ جو شعر آهي جنهن جي پهرين مصرع شاهد جي بجاءِ زاهد آهي، اهو بيت هن ريت آهي:

حق همي خواهد که تو زاهد شوي
غرض بگذاري و شاهد شوي

دفتر ڇهون، بيت 3672

برهان الفقہ

‘البرهان’ شافعي مذهب وارن جو علم اصول بابت فقہ جو مشهور ڪتاب آهي جنهن جو مصنف عبدالملڪ الجويني (وفات 478ھ) آهي

An Introduction to Muhammadon law p-174

انما يخشي الله من عباده العلماء

قرآن جي هن آيت بابت اهو نڪتو خواجه عبيدالله احرار جي ملفوظات ۾ پڻ ملي ٿو جتي خواجه صاحب کان اها وضاحت ملي ٿي، پر ان صورت ۾ خشيت مان مراد ڊپ نه بلڪ احترام ۽ تعظيم آهي.

احوال سخنان خواجه عبيدالله احرار ملفوظ سوم، ص 142

     جنهن ۾ محبت نه آهي، تنهن ۾ ايمان نه آهي

سلطان الاولياء جو گويا هي ارشاد هن حديث مان ورتل آهي: “لاايمان لمن لا امانة لہ ولادين لمن لاعهدلہ” ليڪن تصوف جي اوائلي تصنيف “تعرف” ۾ اها روايت بلڪل ساڳين لفظن “لا ايمان لمن لا محبة لہ” سان ملي ٿي.

                فرهنگ ماثورات ص 394، ارشاد الطالبين ص 98

     جيڪا شيءِ ڏٺي ۽ ڄاتي وڃي، سا انڪار جي لائق آهي

هي ارشاد نقشبندي فڪر جو نچوڙ آهي ۽ ان جو بنياد خواجه بهاءُالدين نقشبند جو هي قول آهي، جيڪو رساله قدسيه ۾ ملي ٿو. هرچه ديدہ شد ودانسته شد همہ غير است وحجاب است به حقيقت کلمہ “لا” آنرا نفي بايد کرد و نفي کردن خاطر که شرط اعظم سلوک است معنيٰ جيڪي ڪجهه ڏٺو وڃي يا ڄاڻجي اهو سڀ غير آهي ۽ حقيقت لاءِ حجاب آهي ان کي ڪلمي “لا” سان نفي ڪرڻ گهرجي ۽ دل سان نفي ڪرڻ سلوڪ جو پهريون شرط آهي.

امام رباني پڻ مڪتوبات ۾ هن ارشاد جو حوالو ڏنو آهي ۽ سندس مطلب آهي ته الله تعاليٰ جي ذات هر قسم جي مشاهدي کان بالا يا وريٰ يعني مٿانهين آهي.

امام رباني وڌيڪ وضاحت ڪندي چوي ٿو ته اها توحيد وجوديءَ وارن جي غلط فهمي آهي جو هو چون ٿا ته اهي ذات جو مشاهدو ماڻن ٿا يا ان ۾ محو آهن. هو پنهنجو مثال ڏيندي چوي ٿو ته بيشڪ سلوڪ ۾ اهڙو مرحلو اچي ٿو ۽ انهيءَ ڪيفيت مان گذرڻو پوي ٿو. پر اها ابتدائي حالت آهي، ڇو ته اصلي مقام شهود آهي.

رساله قدسيه ص143 ، مبدامعاد 78، مڪتوبات،

تا بجاروب  ‘لا’................  سرائي الا الله.

هيءُ شعر امام ربانيءَ جي تصنيفات مبدا معاد ۽ مڪتوبات ۾ ڪيترا دفعا اچي ٿو. اصل ۾ هيءُ شعر سنائي جو آهي.                     مبداء معاد، ص80 مڪتوب 52، دفتر اول

   ڪتاب ڪشف المحجوب ۾ نفي ۽ اثبات جو بحث ڏهين باب ۾ ملي ٿو.

ڪشف المحجوب ، ص 554

ڪشف

ڪشف مان مراد ڪشف اللغات آهي ۽ ان ۾ نفي جي اها معنيٰ ملي ٿي.

ڪشف اللغات، ص 358

حاصل مطلب ذات جي نفي ۽ اثبات نٿو ڪري سگھجي. مڪتوبات ۾ ائين آهي.

سلطان الاولياء پنهنجي هڪ بيت ۾ ان طرف هينئن اشارو ڪيو آهي:

نفي ۽ اثبات کان پرين پاڪيزوءِ

مڪمل شرح ابيات، ص 75

جڏهن روح بدن کان ڇوٽڪارو لهندو، تڏهن بدن جي تڪليف ان لاءِ لذت ٿيندي.

هي بحث مڪتوب 64 دفتر اول ۾ ملي ٿو.

سلطان الاولياء جي هڪ بيت جي هنن ٻن سٽن ۾ ان طرف اشارو هنيئن ملي ٿو:

ڪل محدث بدعة، بدعت بدن ڀانءِ

لوچ ته ٿئين ٿانءِ، اصل اوڏوئي ٿئو.

مڪتوبات جلد اول ، اردو ص 142 - اداره اسلاميات لاهور ،

مڪمل شرح ابيات سنڌي،ص12

گوئي  توفيقِ  سعادت........... سواران را چه شد.

حافظ شيرازيءَ جي غزل جو هي بيت مڪتوبات ۾ ڪيترا دفعا اچي ٿو.

مڪتوب 49 دفتردوم مڪتوب 54 دفترسوم

      هر گدائي مرد ...............  سيلمان  کي  شود

هيءُ شعر ديوان عطار مان ورتل آهي صحيح شعر ۾ “مرد سلطان” آهي ۽ نه “مرد ميدان” مڪتوبات ۾ پڻ هن شعر جو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا حوالو ملي ٿو.

 ديوان عطار، ص 337 مڪتوب 224 ۽ 187، دفتراول

لن يؤمن احدکم حتيٰ يکون الناس عنده کالا باعر

هيءَ  حديث شيخ شهاب الدين سهروردي عوارف ۾ آندي آهي.

عوارف المعارف عربي ص 313

      امامن کان يعبد الله فان الله حيّ لا يموت

هي قول صديق اڪبر رضي الله عنہ جو آهي.

فرهنگ ماثورات ص 543

       وصل عرياني

نقشبندي اصطلاح طور استعمال ٿئي ٿو ۽ مڪتوبات ۾ ان جو بار بار حوالو ملي ٿو، جيئن گرهوڙي پڻ ڪيترا ڀيرا ان جو بيان ڪري ٿو.

                                وصل عرياني جي سمجهاڻي مڪتوب 3 دفتردوم ۾ ملي ٿي.

تفسير مدارڪ

تفسير مدارڪ التنزيل وحقائق التاويل جو مصنف عبدالله بن احمد بن محمد نسفي (وفات: 701ھ) آهي هن تفسير ۾ مختلف قرآتن جو ذڪر پڻ ملي ٿو. ازانسواءِ مصنف تفسير ڪشاف ۽ تفسير بيضاويءَ مان پڻ استفادو ڪري ٿو. حنفي فقہ جو مشهور ڪتاب “ڪنزالدقائق” جو مصنف پڻ علامه نسفي آهي.                

                                                               ظفرالمحصلين، ص 123

لو کنت متخذاً خليلاً غير ربي لا تخذت ابابکر خليلاً

هيءَ حديث صحيحين يعني صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ موجود آهي.

مڪتوبات ۾ پڻ ان جو حوالو آهي.

مڪتوب 290 دفتراول

           شيوه  اهلِ کرم  ................. نيست بيمار است

مڪتوبات ۾ هي شعر نه ملي سگهيو.

     جامع الرموز

هي فقهي ڪتاب آهي، جنهن جو حوالو مٿي گذري آهي.

     محبوب النبي ﷺ من الدنيا النساء

احياءُ العلوم ۾ هن حديث کي ٽي دفعا بيان ڪيو ويو آهي، جيڪا هونئن حديث جي مشهور ڪتاب “نسائي” ۾ ملي ٿي.

احياءُ العلوم جلد 5، ص7 ۽ 527

    النساء حبائل الشيطان

هي حديث جا الفاظ آهن جيڪا الترغيب والترهيب ۾ خالد بن جھنيءَ جي روايت سان موجود آهي. ليڪن ان جي سند مجهول آهي.

هن حديث جي مڪمل تخريج لاءِ ڏسو حلاوة الفم-ص73 ، ارشادالطالبين، ص 28

    زوجاتي اعوان علي الطاعة

هن حديث بابت ڪا خبر پئجي نه سگھي.

     ابغض الاشياءَ عندي الطلاق

هيءَ حديث ڪجهه لفظن جي ڦيرڦار سان حديث جي ڪتابن ۾ ملي ٿي. ابغض الحلال الي الله الطلاق، جامع صغير ۽ ڪنوزالحقائق ۾ ان ريت ملي ٿي.

فرهنگ ماثورات ص 14

     النظر الي المرء الحسنا يزيد البصر

هن سان ملندڙ جلندڙ حديث جا الفاظ هن ريت آهن: النظر الي الوجہ المراءة الحسناءَ والخضرة يزيدان في البصر ترجمو: خوبصورت عورتن جي چهري ۽ ساوڪ کي ڏسڻ اکين جي نور ۾ اضافو ڪري ٿو. ليڪن هي حديث موضوع آهي جيئن امام صغاني بيان ڪيو آهي.

                                                         احاديث موضوعہ الباني

اردو ص 49

    نقشبندي طريقي کان سواءِ ٻيا سڀ طريقا مٽجي ويندا

ڇوته اهي فيض ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندا.

اصل قول بابت خبر پئجي نه سگھي.

     مڪتوبات احمدي ۾ آهي ته شريعت ۾ ڪوڙي ڳالهه کي ڪوڙ چئبو آهي.

حوالو نه ملي سگھيو

     مَن کَانَ لِلهِ کَانَ اللهِ لَہ

صوفين جي ڪيترن مشهور تصنيفن ۾ هن کي حديث طور بيان ڪيو ويو آهي. جهڙوڪ تذڪرة الاولياء، مرصادالعباد، مشارق الدراري وغيره گرهوڙي صاحب اهو قول سلطان الاولياء جي پهرين بيت جي تشريح ۾ پڻ آندو آهي.

تذڪرة الاولياء، ص101، فرهنگ ماثورات ص 542، مڪمل شرع ابيات سنڌي، ص 1

    حقائق الممڪنات معدومة لذواتها

ممڪنات جا حقائق ذاتي طور معدوم آهن. مڪتوبات ۾ هي بحث مڪتوب 58 دفتر سوم ۾ ملي ٿو. حقائق ممڪنات عدمات اند که در خانه علم واجبي تميز و تعين پيدا کرده اند يعني ممڪنات جا حقائق عدمات آهن جيڪي واجب تعاليٰ جي علم ۾ تميز ۽ تعين جي حيثيت رکن ٿا.

امام رباني وڌيڪ وضاحت ڪندي چوي ٿو ته منهنجي نزديڪ حقائق ممڪنات عدم آهن پر ابن عربيءَ وٽ اهي “اعيان ثابته” جي صورت ۾ هڪ تنزل جي حيثيت رکن ٿا ۽ ڪثرت رکن ٿا.

  مڪتوب 58، دفتر سوم فارسي،ص489

   خَسِرَ الدُّنيَا وَالآخِرَةّ

خواجه بايزيد بسطاميءَ جي حوالي سان اها حڪايت فريدالدين عطار جي تذڪرة الاولياء ۾ ملي ٿي.

تذڪرة الاولياء، ص221، بيان العارفين، ص 230

    اِذَا تَمَّ الفَقُرَ فَهُوَاللهُ

مشائخ صوفين جو قول آهي جيڪو صوفين جي ڪيترين تصنيفات ۾ ملي ٿو. هو “فقر” مان مراد فنا وٺن ٿا يعني جڏهن مڪمل فنا حاصل ٿي وئي ته پوءِ الله جي ذات (عرفان) کانسواءِ ڪجهه باقي نه رهيو. انهيءَ ساڳي موضوع سان هڪ ٻيو مقولو آهي ته “الفقير لايحتاج اليٰ الله” يعني فقير ذات خداونديءَ جو محتاج نه آهي. جنهن جو مطلب پڻ مڪمل فنائيت آهي يعني جڏهن هو سوال ڪرڻ جو به محتاج نه ٿو رهي. ساڳي ريت خواجه بهاءَالدين نقشبند کان “الصوفي غير مخلوق” يعني صوفي غير مخلوق آهي. بابت پُڇيو ويو. چيائين ته، صوفيءَ تي اهڙي حالت طاري ٿئي ٿي، جڏهن هو ڪين (يعني فنا) هوندو آهي. مڪتوب 266،دفتراول، فرهنگ ماثورات،ص27، انيس الطالبين، ص113

     منصور جو انا الحق چوڻ

“انالحق” آءُ حق يعني حق تعاليٰ آهيان جو اهو تعبير ته آءُ ڪجهه نه آهيان سڀ ڪجهه اهو حق آهي، خود مولانا روميءَ وٽ ملي ٿو. مڪتوبات ۾ پڻ اهائي سمجهاڻي ڏنل آهي، بلڪ ‘عوارف المعارف’ جي حوالي سان چوي ٿو ته اهڙا ٻول الله جي طرفان حڪايت جي طور تي ٻين عارفن کان به صادر ٿيا آهن. جيئن بايزيد بسطاميءَ جو “سبحاني ما اعظم شاني” چوڻ وغيره منصور جنهن “انالحق” چيو سندس مطلب اهو نه هو ته مان حق (خدا) آهيان يا حق سان گڏجي حق ٿي ويو آهيان. ڇو ته اهو ڪفر آهي ۽ واجب القتل هجڻ جي برابر آهي. هن جو مطلب  هو ته مان نه آهيان (ڪجهه ناهيان) موجود صرف حق تعاليٰ آهي.

مڪتوب 43 دفتراول، مڪتوب 44 دفتردوم ۽ مڪتوب 89 دفترسوم

 ان لہ من قلبہ نسبة مبرورة القسم

قصيده برده جو پورو شعر هن ريت آهي:

اقسمت بالقمر المنشق انّ لہ
من قلبہ نسبة مبرورة القسم

قصيده برده ، عبدالله هلالي صديقي، ص52

    اربعين

امام غزاليءَ جي مشهور تصنيف آهي. جنهن جو موضوع الاهيات آهي. هن ڪتاب جو اردو ترجمو خطبات غزاليءَ جي نالي سان لاهور مان 1993ع ۾ شايع ٿيو آهي.

غزالي شبلي نعماني- ص 42

    الدين النصيحة ............الاخيہ ما يحب النفسہ

هيءَ حديث ڪيترن ڪتابن ۾آيل آهي ۽ مشڪواة ۾ تميم الداري کان مرفوع روايت طور ملي ٿي. دفتر دوم جي مڪتوب  19، جي شروعات هنن لفظن سان ملي ٿي: “النصيحة في الدين”                                                    ارشاد الطالبين، ص 16

           مڪتوبات احمدي ۾ آهي ته هر ٻانهي لاءِ هڪ حقيقت آهي.

حوالو نه ملي سگھيو.

     ان الله لايقبل الاطيباً

هيءَ حديث صحيح مسلم جي ڪتاب الزڪواة ۾ ملي ٿي.

           حضرت ڪعب ؓ

حضورﷺ جي زماني ۾ ڪعب نالي سان ٻه شاعر ٿي گذريا آهن هڪ ڪعب بن زهير ۽ ٻيو ڪعب بن مالڪ. پهريون جاهلي دور جو شاعر هو جنهن پاڻ سڳورن جي هجو لکي پر پوءِ معافي وٺي رجوع ڪيائين ۽ ‘قصدہ بانت سعاد’ لکيائين جيڪو پاڻ سڳورن کي ايترو وڻيو جو کيس پنهنجي چادر لاهي پارايائون ان ڪري اهو پهريون قصيدہ برده به چيو ويندو آهي.

ٻيو ڪعب بن مالڪ پڪو مسلمان ۽ پاڻ سڳورن جو شيدائي هو. مگر هڪ جنگ جي موقعي تي جڏهن هن شرڪت نه ڪئي پاڻ ان کان سخت ناراض ٿي پيا. آخر قرآن شريف جي سورة توبہ ۾ جڏهن ڪعب جي پشيمانيءَ جو ذڪر آيو، تڏهن کيس معاف ڪيائون. هتي هن پوئين ڪعب بن مالڪ ڏانهن اشارو آهي. ڪعب جو ديوان ڇپيل آهي، هن وڏي عمر ۾ سال 55 هجري يعني 673ع ۾ انتقال ڪيو.                   

تاريخ ادب عربي- ص 686

         ان نفسک مطيئتک فارفق بها

هيءَ حديث قدسي آهي جنهن جو حوالو خواجه بهاءُالدين نقشبند جي ملفوظات “ انيس الطالبين” ۾ پڻ ملي ٿو.                                             انيس الطالبين، ص 55

      جيڪو ماڻهو پنهنجي طبيعت کان واقف هوندو آهي، اهو طبيب جي فقط ان وقت تابعداري ڪندو آهي، جڏهن طبيب جو فڪر سندس سوچ  جي موافق هوندو آهي.

                                                حوالو نه ملي سگھيو.

           خير الامور اوسطها

حديث جي ڪيترن ڪتابن ۾ ملي ٿي جھڙوڪ سنن الڪبريٰ ۽ قاضي عياض جي الشفا ۾ ملي ٿي ابن سمعاني ان کي حضرت علي رضه کان روايت ڪيو آهي.

حلاوة الفم ص 88

المؤمن حلو يحب الحلو

هيءَ حديث ڪنزالعمال ۾ ملي ٿي.

اَلمُؤمِنُ الِقَويُّ يحِبُ اِلي اللهِ مِّنَ الضَّعِيفِ

سنن ابن ماجه ۾ ملي ٿي ۽ مڪتوبات ۾ پڻ هن جو حوالو ملي ٿو.

مڪتوب 55، دفتر سوم

    موسيٰ زهوش رفت............   نگري در تبسمي

هي شعر مڪتوبات دفتر اول جي مڪتوب 287 ۾ ملي ٿو.

مڪتوبات فارسي، ص 671

            طبقات شعرانيه

عبدالوهاب شعراني گھڻو وقت مصر ۾ گذاريو، سندس ڪيتريون تصنيفون آهن. جن ۾ طبقات الڪبريٰ جيڪا هن 951 ھ ۾ مڪمل ڪئي. سندس ٻين تصنيفن ۾ ‘يواقيت الجواهر في بيان عقائد الاڪابر’ مشهور آهي، جنهن ۾ هو ابن عربيءَ جو دفاع ڪري ٿو. سندس ٻيو ڪتاب لطائف المنن آهي انهن ٽنهي ڪتابن جو اردو ۾ ترجمو ٿيل آهي.

     الحرب خدعة

صحيح مسلم ۽ مسند احمد ۾ملي ٿي

مڪمل تخريج لاءِ ڏسو حلاوة الفم، ص 52

            المؤمن من يحب الاخيہ ما يحب لنفسہ

ڪجھ لفظي اختلاف سان هيءَ حديث صحيح بخاري توڻي صحيح مسلم ۾ ملي ٿي.

      حنفي ۽ غير حنفيءَ کي صلاح

حنفين (مقلدن) جي باري ۾ راءِ آهي ته هو صرف فقہ تي هلن ٿا ۽ غيرمقلد پاڻ کي حديث تي عمل پيرا سمجھن ٿا. گرهوڙيءَ جي هيءَ راءِ سندس اجتهادي نقطئه نظر جو ثبوت آهي.

      انما هلک من قبلکم باختلافهم عليٰ انبيائهم

هيءَ حديث صحيح مسلم ۽ ڪن ٻين حديثن جي ڪتابن ۾ ملي ٿي.

              عندي شراب لاوليائي اذا شربوا سکروا

هيءَ حديث جيئن جو تيئن مثنويءَ ۾ ملي ٿي، ٻيو ڪو حوالو نه ملي سگھيو.

احاديث مثنوي- فروزانفر- ص232

      شراب

هي استعارو حافظ جي شاعريءَ جي حوالي سان آهي. صوفين وٽ شراب مان مراد محبوب جي ديدار جي خاص ڪيفيت آهي.

گلشن راز، ص 48

      اذا تم الفقر فهو الله

هن جو حوالو اڳ ۾ گذري چڪو آهي.

              اذا حصل الفراغ فهو الله

گرهوڙيءَ جو هي مقولو “اذا تم الفقر فهو الله” جو عڪس چئي سگھجي ٿو.

       الترک راحة

[جواهرالادب الباب الحادي عشر - صيد الافڪار في الادب الصديق و الجليس]

 

      حب ذات احديہ

حوالو نه ملي سگھيو.

زعنقا هست نام................... بود آن نام هم گم

چه گويم با تو از ...............عنقا  بود   هم  آشيانه

هي ٻئي بيت مولانا جامي جي مشهور مثنوي “يوسف زليخا” ۾ ملن ٿا. ليڪن اهي ٻئي بيت مجدد الف ثانيءَ وٽ به گهڻو مقبول آهن، جو اهي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا مڪتوبات ۾ ملن ٿا.      

ڏسو دفتراول مڪتوب 173۽ مڪتوب 279۽ ص ۽249 ۽ دفتردوم مڪتوب 72

حُبّ الشيءِ يُعمي و يصُمُ

هيءَ حديث ابوداؤد ۾ ملي ٿي ۽ ابي الدرداءَ کان روايت ٿيل آهي، ليڪن ان جي سند ضعيف آهي.                                                                 حلاوة الفم ص 87

      اذا احب الله عبدا جعل في قلبہ نائحة دائمة

احياءالعلوم ۾ هنن لفظن سان حديث ملي ٿي.

      وِصل عُرياني

مڪتوبات ۾ سمجھاڻي ملي ٿي، هن جو اڳ ۾ حوالو اچي چڪو آهي.

      نظر کردن نامرادي خويش را جام وصال

هي شعر مڪتوبات احمدي ۾ ملي ٿو.

       اذلم تجد شيئا فقد وجدت المقصود

هيءُ ارشاد گويا سلطان الاولياء جي هن بيت جو منڍ آهي:

جڏهن ڪين لڌوءِ، تڏهن لڌوءِ سپرين
جانسين لهين ڪين کي، تانسين هوت نه هوءِ
ان ربي عليٰ صراط المستقيم رندن راه اهوءِ
ڪلمو تت ڪفر ٿيو هوت جتهم هوءِ
نفي ۽ اثبات کان پرين پاڪيزوءِ
لالڻ سندي لوءِ، تر تناقص ناه ڪو

مڪمل شرح ابيات سنڌي، ص75

      معشوق من است آنکه بنزديک توزشت است

هي مصرع سعديءَ جي شعر جي آخري سٽ آهي. پهرين هن ريت آهي:

اي آنکه ترا نان جوين خوش ننمايد

يعني: اي (ڀليل) دوست، بيشڪ هيءَ جوَنَ جي (خشڪ) ماني آهي، جيڪا توکي نٿي وڻي پر ياد رک منهنجو محبوب اهو آهي جيڪو توکي ناپسند ۽ اڻ وڻندڙ آهي.

      يسروا ولا تعسروا

صحيح بخاريءَ ۽ ڪنزالعمال ۾ حديث جا اهي الفاظ ملن ٿا.

      حقيقت ثابته ۽ وجوبي

حقيقت ثابته ۽ ذات ثابته جا اصطلاح ابن عربيءَ جي اصطلاح “اعيان ثابته” جي جواب طور ٺاهيل معلوم ٿين ٿا. سج جو ڌرتي تي اولڙي جو مثال جڏهن ته پاڻ آسمان ۾ آهي.

مڪتوبات احمدي

             بحر الفقہ

هن نالي سان فقہ جو ڪو مشهور ڪتاب معلوم نه ٿي سگھيو آهي. ٿي سگي ٿو ته  هن مان مراد “بحرالرائق” هجي، جيڪو فقہ جي موضوع تي هڪ ضخيم تصنيف آهي. جنهن جو حوالو اڳ ۾ اچي چڪو آهي.

       

               خلق آدم عليٰ صورتہ

هي الفاظ هڪ ڊگهي حديث مان ورتل آهن، جيڪي ابوهريرہ رضه جي روايت ۾ ملن ٿا. مڪتوبات ۾ هن حديث جو ٻه دفعا حوالو اچي ٿو، جتي امام رباني ان جي سمجهاڻي ڏئي ٿو. بهرحال هيءَ حديث وڏن ڪتابن صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم وغيرہ ۾ ملي ٿي. بلڪ حديث جي اوائلي صحيفه همام بن منبہ ۾ پڻ ملي ٿي. وڌيڪ سمجھاڻيءَ خاطر بيان العارفين کي ڏسو.  

مختصر صحيح مسلم حديث رقم 195، مڪتوب 75 دفتردوم،

  مڪتوب 74 دفتردوم، صحيح همام بن منبہ ص102 – بيان العارفين،ص 336

              غرض از عشق ..............  تنعم  چه کم است

هي ساڳيو شعر مڪتوب 99 دفتردوم ۾ملي ٿو.

مڪتوبات اردو دفتردوم، ص 223

                ما خطر ببالڪ فهو سوا ذالڪ

هي الفاظ شيخ ابواسحاق گازرونيءَ (وفات 426ھ ) جي قول مان ورتل آهن.

 وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو بيان العارفين ص356

                خراباتي جي تشريح

ڪشف اللغات ۾ اها ساڳي سمجهاڻي ملي ٿي.

 ڪشف اللغات، ص 38

                 جِهلي سير ۽ ڪشفي سير

حوالو نه ملي سگھيو.

                  رب قَارِيء القُرآنُ وَهُو يَلعَنُہ

       امام غزالي احياء العلوم جي باب في غفلة تلاوة ۾ حضرت انس بن مالڪ جي روايت سان هيءَ حديث آندي آهي. مڪتوبات ۾ ان حديث جو حوالو ڪيترن هنڌن تي ملي ٿو.

 سلطان الاولياء جي هن بيت ۾ اهو مطلب سمجھايو ويو آهي:

ڪنين ڪاڻ قرآن، ڪنين مٿي آئيو

سوارو سڃاڻ، تون هن ڪه هن ۾

مڪتوب 41 ۽ 260 دفتر اول مڪتوب 50، دفتر دوم، مڪمل شرح ابيات سنڌي، ص83  

      مڪتوبات احمديءَ ۾ آهي ته نفيءَ کان اڳ ۾ هر عبادت وبال آهي.

انهيءَ ساڳي مطلب سان “هرچه گيرد علتي علت شود” مثنويءَ جي هن مصرع جو مڪتوبات ۾ ڪيترا ڀيرا حوالو اچي ٿو.                        مڪتوبات دفتراول، ص 203

لا آدم في الکون ............. سليمان ولا بلقيس

فالکل اشاره .................... للقلوب مقناطيس

ابن عربيءَ جا هي اشعار فتوحات مڪيه الجزءَالثاني ۾ آهن.

فتوحات مڪيه، ص 506

       تعين وجوبي ۽  تعين امڪاني

خواجه صاحب پاڻ چوي ٿو ته اسم الاهي تعين وجوبي آهي، جيڪو تعين امڪاني ۽ ذات الاهيءَ جي وچ ۾ دروازو آهي. تعين وجوبي جو بحث مڪتوبات ۾ ڪيترن هنڌن تي آيو آهي.

ڏسو مڪتوب 209، دفتر اول، مڪتوب 34 ۽ 276 دفترسوم، مڪمل شرح ابيات، ص213

      ممڪنات جا ٽي قسم آهن، جسم، مثال ۽ روح.

مجدد الف ثاني جي چوڻ مطابق صوفي عالمن ممڪنات جا اُهي ٽي قسم بيان ڪيا آهن. جن جي سمجھاڻي مڪتوبات ۾ ملي ٿي، جتي هو چوي ٿو ته عالم مثال، عالم الارواح ۽ جسماني عالم جي وچ تي برزخ آهي.

مڪتوب 31 دفتر سوم ص 421

اسم  دريا و تعين ......... ..........که او از ما بود
عارفاني که  علم ................. اسم را خوانند
اسم اعظم جامع .................. او معنيٰ اشيا بود

 

هي ٽئي بيت اصل ۾ ڪشف اللغات ۾ اسم اعظم جي سمجھاڻي خاطر ڏنل آهن ۽ اهي اصل ۾ عبدالرزاق ڪاشيءَ جي اصطلاحات مان ورتل آهن.  شعرن کي ڪشف اللغات تان درست صورت ۾ لکيو ويو آهي، بلڪ شروعاتي بيت هن ريت آهي. جيڪو مفهوم کي مڪمل ڪري ٿو.

اسم اعظم جامع اسما بود
صورت او بمعني اشيا بود

 

                                                                  ڪشف اللغا ت ص 84

      شيخ عبدالحق  دهلوي چوي ٿو:

در اسمائي  حقيقي  شد............اين بگوش هوش صفا کن

هي شعر “اخبارالاخيار” ۾ ملي ٿو، ص22

          در عالم خيال بهار ........  ندهد  زير بال را

هي بيت ديوان صائب جي غزل 170 ۾ ملي ٿو.

ڪليات صائب، ص 63

       مُرشد جو ادب

امام رباني مڪتوب 296 دفتراول ۾ هن تي روشني وڌي آهي.

مڪتوبات دفتر اول، ص 304

         عين العلم

ملا علي قاريءَ جي ان شرح جو حوالو اڳ ۾ گذري آيو.

        من صمت نجيٰ

         هيءَ حديث جامع ترمذيءَ ۾ ملي ٿي احياءالعلوم ۾ پڻ آيل آهي. ليڪن ان جي سند ضعيف بيان ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ مسند احمد بن حنبل، سنن دارمي ۽ طبرانيءَ ۾ پڻ موجود آهي.                                احياءُالعلوم جلد 3 ص 172، الزاد المطلوب ص 138

       مڪتوبات احمدي ۾ آهي ته ماڻهن جو ڪنهن مسئلي تي عمل ڪرڻ ان جي جائز هجڻ لاءِ دليل نه آهي ۽ جڏهن مصيبت عام ٿئي، تڏهن سڀ کان آسان مسئلي تي فتويٰ ڏجي.

تحقيق مڪمل ٿي نه سگھي.

      الاشباه والنظائر

هن جو حوالو اچي چڪو آهي.

      فتح القدير فقہ حنفيءَ جي مشهور ڪتاب هدايہ جي  شرح  آهي،  جنهن  جو  مصنف ڪمال الدين محمد بن عبدالواحد سڪندري سيواسي آهي،  جيڪو  ابن  همام  جي  نالي سان پڻ مشهور آهي. هن 861ھ ۾ قاهره ۾ وفات ڪئي.     

[ظفر المحصلين، ص161]

             قاضي ميان محمد نقشبندي نصرپوري مرزان جان جانان دهلويءَ جو مريد هو.

مقامات مظهريءَ جي مصنف شاھ غلام علي دهلوي مظهر جان جانان جي ٺٽي مان ٻن خاص معتقدن جو ذڪر ڪيو آهي، هڪ محمد واصل ۽ ٻيو محمد حسين، جيڪي سالن جا سال مرشد جي خدمت ۾ رهيا. محمد واصل ارڙهن سال رهڻ کان پوءِ دهليءَ ۾ وفات ڪئي ۽ اتي خواجه باقي بالله جي قبرستان ۾ دفن ٿيو. محمد حسن مجذوبي ڪيفيت وارو هو ۽ اڪثر شعر پڙهندو رهندو هو. شاھ غلام علي لکي ٿو ته، سندس اها ڪيفيت ڏسي هن مٿس خاص توجہ ڪيو ۽ کيس پنهنجي طريقي ۾ اجازت ڏني، جنهن کان پوءِ هو ٺٽي واپس هليو ويو. مطلب ته مظهر جان جانان جا سنڌ ۾ خليفا ۽ عقيدتمند هئا. 

مقامات مظهري، ص392 ۽303

        مُجتهد الله جي ذات تائين پُهتل هجي

گرهوڙي صاحب ‘فتح الفضل’ ۾ ٻئي هنڌ سمجهاڻي ڏيندي چوي ٿو منها من وصل اليٰ قلبہ فھومجتهد فليس عليہ التقليد يعني جيڪو شخص قلبي بصيرت کي پهتو ته پوءَ ان تي ٻئي مجتهد جي تقليد ڪرڻ لازم ناهي. سنڌ جي تصوف جي تاريخ ۾ گرهوڙي کانپوءِ خليفو محمود ڪڙيي گهنور وارو آهي. جيڪو تصوف جي عملي دنيا سان گڏ تصوف جي علمي دنيا سان به واسطو رکندو هو. هن هيءُ قول نقل ڪندي اها راٰءِ قائم ڪئي آهي ته ڪهڙي حالت ۾ محقق مجتهد پنهنجي مرشد سان اختلاف ڪري سگهي ٿو. 

محبوبيةالمحموديه، ص 62

        شرح وجيز - رافعي

هن جو پورو نالو عبدالڪريم بن ابي سعد محمد آهي. هو قزوين جو هو، هو شافعي عالمن ۽ فقيهن ۾ وڏي رتبي وارو آهي، جنهن جون ڪيتريون تصنيفون آهن. شرح ڪبير بر وجيز امام غزالي مشهور آهي. هن سال 623ھ ۾ وفات ڪئي، هن جا فارسيءَ ۾ شعر به ملن ٿا. وجيز جون ٻيون به ڪيتريون شرحون لکيون ويون آهن.

لغت نامه دهخدا جلد 8، ص52 117، عقائد مسلمين و مشرڪين اردو، ص20

            شرح نخبة الفڪر

ملا علي قاري (وفات 1014ھ) جي شرح نخبة الفڪر مشهور معروف آهي. اصل ڪتاب حافظ ابن حجر عسقلانيءَ جي تصنيف آهي. علي قاريءَ جي شرح جي شرح سنڌ جي محدث ۽ عالم ابوالحسن صغير سنڌي ‘بهجة النظر’ جي نالي سان لکي آهي. جنهن کي مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ وڏي تحقيق سان شاھ ولي الله اڪيڊميءَ طرفان شايع ڪرايو هو.

بهجةالنظر،1983ع

             احب العباد اليٰ الله من احببتہ اليهم

[الرسالة القشيريہ]

             من لم يشکر الناس لم يشکر الله

هيءَ حديث جامع ترمذي ۽ ڪنزالعمال وغيره ۾ ملي ٿي. ان کان سواءِ احياءَ العلوم ۾ پڻ ملي ٿي.

 احياءالعلوم جلد5، ص547

             ليتک تحلوا.............ترضيٰ و الا نام غضبان

هي شعر ابوفراس الحمدان جو آهي.

     الفاقات اعياد المريدين

صوفين وٽ لنگھڻ ڪاٽڻ يا گھٽ کائڻ جي وڏي فضيلت آهي، مثنويءَ ۾ بک کي الله جي طرفان موڪليل طعام ڪوٺيو ويو آهي. “الجوع طعام الله”

      ترح لفظ جي معنيٰ ڪشف ۾ اندوهناڪ آهي.

ڏسو ڪشف اللغات، ص 194

      بهاؤالدين آملي

هو شيخ بھائي جي لقب سان مشهور آهي. هو 935 ھ ۾ شام جي علائقي جبل عامل ۾ پيدا ٿيو. اڳتي هلي سندس والد ايران ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي. شيخ بهائي انتهائي ذهين ۽ ڪيترن علمن ۾ ماهر هو، جن ۾ مذهبي علوم کان سواءِ طب، رياضي هيئَت به شامل آهي. شاھ عباس صفويءَ جي عهد ۾ هو اصفهان جو قاضي مقرر ٿيو. هن 1031ھ ۾ وفات ڪئي. صرف بهائي ۽ خلاصته الحساب سندس مشهور تصنيفون آهن، جيڪي  مدرسن ۾ پڙهايون وڃن ٿيون.  سندس فارسي ۽ عربيءَ ۾ صوفيانه شاعري پڻ موجود آهي. ڪشڪول شيخ بهائي ۾ هر قسم جون تحريرون موجود آهن. هو اثنا عشري مذهب جو پوئلڳ هو.                                            ڪشڪول بهائي، مقدمه

       خلوت ۽ جلوت يا خلوت در انجمن

نقشبندي طريقي جا مشهور اصطلاح آهن “خلوت درانجمن” جنهن جي سمجهاڻي مڪتوبات ۾ پڻ ملي ٿي.                                                

مڪتوب 221 دفتراول فارسي، ص 435

        ذڪر الله جي اطاعت  جو نالو آهي

ذڪر جي اها سمجھاڻي نقشبندي فڪر جي خصوصيت آهي.

                                                رساله قدسيه فارسي،ص36

             لو کان لي مثل اُحد ذهباً لا نفقتہ  قبل ثلاث ليالي

هيءَ حديث صحيح بخاري، عسقلاني، قسطلاني ۽ عيني ۾ موجود آهي.

                                                                           مفتاح ڪنوزالسنة،ص 139

       تعين حقيقت تي زائد (واڌو) آهي، ڇو ته اهو صورت ۽ شُيون جو غير آهي.

هن جي سمجهاڻي مڪتوب اول، دفتردوم ۾ ملي ٿي، جتي امام رباني چوي ٿو ته ساراھ ان سبحان جي جنهن امڪان کي وجوب جو آئينو ۽ عدم کي وجود جو مظھر بنايو. اڳتي چوي ٿو ته وجوب ۽ وجود ٻئي الله جون صفتون آهن، پر اهو پاڻ انهن کان ورا يعني بلند آهي. بلڪ هو اسماء ۽ صفات کان به مٿي ۽ شيون ۽ اعتبارات کان به مٿي آهي. مطلب ته اها ذات تجليات ۽ ظهورات مشاھدات ۽ مڪاشفات کان گھڻو مٿي آهي.

مڪتوب اول اردو، ص 16

      محصول

هي اشارو امام رازيءَ جي ڪتاب محصول في علم الا صول ڏانهن آهي، جنهن جو حوالو اڳ ۾ گذري آيو.

      ذڪر جي پُڄاڻي، هميشہ لاءِ واقف يا خبردار ٿيڻ آهي

نقشبندي جي اصطلاح ۾ ان کي “وقوف قلبي” چون ٿا. ياد رکڻ گھرجي ته نقشبندين جا ڪل بنيادي اصطلاح يارهن آهن، جن مان اٺ خواجه غجدوانيءَ ڏانهن منسوب آهن ۽ باقي ٽي يعني وقوف عددي، وقوف قلبي ۽ وقوف زماني خواجه بهاءُ الدين نقشبند ڏانهن منسوب آهن.

 رساله قدسيه، ص36

      درويشن سان صحبت

امام رباني هڪ هنڌ چوي ٿو ته نقشبندي طريقي ۾ پيري ۽ مريدي جو تعلق سيکارڻ ۽ سکڻ سان آهي، اهو خرقي يا پڳڙي پهرائڻ سان نه آهي، جيئن ٻين سلسلن ۾ آهي. نقشبندي طريقي ۾ ڪامل شيخ جي صحبت جو اثر جلدي منعڪس ٿئي ٿو ڇو ته هنن جي طريقي ۾ ابتدا ٻين جي انتها برابر آهي ۽ اهائي قريب ترين واٽ آهي. هنن جي نظر قلبي بيمارين جي لاءِ شفا ۽ مجرب آهي. خواجه بهاءُالدين جو قول آهي ته اسان جو طريقو “صحبت” آهي، خلوت ۾ شهرت آهي ۽ شهرت ۾ آفت آهي. 

مڪتوبات 18، دفتر دوم، اردو ص 69 - انيس الطالبين اردو_ ص 93

           شيخ ابن عربي جو مرشد ابو مدين

هن کي المغربي به چون ٿا ڇو ته هن جو تعلق اندلس سان هو. ابن عربي پنهنجي ڪيترين تصنيفات ۾ سندس ذڪر ڪري ٿو ۽ کيس مرشدنا ۽ شيخنا ڪوٺي ٿو. بلڪ کيس رجال غيب وارن مان سمجهي ٿو. ابن عربيءَ جي ابومدين سان ملاقات سندس وفات کان ٿورو اڳ ٿي. هن سال 590ھ ۾ وفات ڪئي. ابن عربي ‘فصوص الحڪم’ توڙي ‘فتوحات مڪيه’ ٻنهي ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي. مولانا جامي نفحات ۾ پڻ سندس احوال ڏنو آهي.

ابن عربي حيات وافکار ص 47 ۽ 48- نفعات الانس اردو 779۽ 780

Sufis of Andalusia pg-82

              لہ  همم  لا منتهيٰ ......... اجَّل من الدهر

هيءُ شعر حسّان بن ثابت رضه جو چيل آهي.

ديوان حسان بن ثابت، ص 103

               همت بلند بايد عشاق........... در عاشقان نگنجد

هيءُ بيت مڪتوبات ۾ پڻ اڪثر ملي ٿو.

               الفاقات اعياد المريدين

هن جو حوالو مٿي گذري آيو.

       صاحب الزمان يا قطب الارشاد

“قطب الارشاد” ، “قطب المدار” ۽ “قطب الاقطاب” جو بيان مڪتوبات ۾ ملي ٿو. قطب الارشاد بابت بحث“ مبدا معاد” ۾ پڻ ملي ٿو، جتي امام رباني چوي ٿو ته جيڪو قطب الارشاد جو انڪار ڪري ٿو ته اهو هدايت کان محروم رهندو. 

مڪتوب 256 ۽ 260، دفتر اول، مبداء معاد اردو، ص 101

      حضرت ابوبڪر صديق ؓ جو قول

سنن ابن ماجه جي باب ذڪر وفاتہ ۾ ملي ٿو.

      ڪلمي طيبه جو نقش

مڪتوبات ۾ آهي ته الله جو غيب کان سواءِ اثبات نه ڪن. مڪتوب 8، دفتر سوم جو ڪنهن حد تائين هيءُ موضوع آهي.

 مڪتوبات دفتر سوم اردو، ص36

               هر لحظه  مرا تازه خدائي دگر است

هي شعر مسعود بڪ شاعر جو آهي. هن شعر جي پهرين مصرع هن ريت آهي:

بيزارم زآن کنہ خدائي که توداري

هن شعر جي باري ۾ پوري تحقيق لاءِ ڏسو مڪمل شرح ابيات سنڌي، ص 238

       شيخ محمد خواجه ابوالمساڪين ٺٽوي

مخدوم آدم ٺٽوي سنڌ مان پھريون بزرگ هو جيڪو نقشبندي سلسي سان وابسسته ٿيو ۽ امام ربانيءَ جي پٽ خواجه محمد معصوم کان سڌو سنئون فيض حاصل ڪيائين. مڪتوبات معصوميه ۾ ڏانهس چار خط ملن ٿا. شيخ محمد لقب خواجه ابوالمساڪين مخدوم آدم ٺٽويءَ جو پوٽو هو. هو والد جي وفات کان پوءِ شيخ ابوالقاسم ٺٽويءَ جي صحبت ۾ آيو، جنهن جي وفات بعد هو پاڻ سرهند هليو ويو. جتي خواجه محمد زڪي الله بن خواجه محمد حنيف بن خواجه عبدالاحد بن خواجه محمد سعيد بن امام ربانيءَ کان فيض حاصل ڪيائين. ساڳئي وقت امام رباني ءَ جي ٻئي پوٽي خواجه محمد زبير کان به اڪتساب فيض ڪيائين ۽ موٽي اچي ٺٽي ۾ رهڻ لڳو. سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لُواريءَ وارو ٺٽي ۾ طالبِ علمي دوران سندس مريد ٿيو ۽ پاڻ اهڙي تصديق وارو اجازت نامو پنهنجي هٿن سان کيس لکي ڏنائون. آخر 9 ذوالحج 1149ھ/ 1736ع ۾ حرمين ۾ وفات ڪيائين.

وڌيڪ خواجه گل محمد جو وضاحتي نوٽ ‘الوردالمحمدي’ ضميمو- الف وارو ڏسڻ گهرجي.

 فردوس العارفين، ص 32 - 35

            جدّ دوا ايمانکم بقول لاالـٰہ الاالله

هيءَ حديث مسند امام احمد بن حنبل ۾ ملي ٿي، هن حديث جو حوالو مڪتوبات ۾ پڻ ملي ٿو.

مڪتوب 52 ۽ 78 ،دفتر اول فارسي، ص31

      هڪ ظاهري عالم چيو ته خواجه ابوالمساڪين نماز چڱيءَ طرح نه ٿو پڙهي.

فردوس العارفين مطابق اهو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ڏانهن اشارو آهي.

فردوس العارفين اردو، ص58

      خواجه ابوالمساڪين جو اجازت نامو

سلطان الاولياء جو مرشد خواجه ابوالمساڪين شيخ آدم ٺٽويءَ جو پوٽو هو. شيخ آدم ٺٽوي پھريون سنڌي آهي، جيڪو نقشبندي سلسلي ۾ داخل ٿيو. هتي اهو ٻُڌائڻ ضروري آهي ته سڀ کان پهرين هي اجازت نامو به گرهوڙي صاحب ‘فتح الفضل’ ۾ ڏنو. سلطان الاولياء جي وفات 1188ھ ۾ ٿي، جنهن کان پوءِ صاحبزادو خواجه گل محمد گاديءَ تي ويٺو جنهن ڳالھ ۾ پڻ گرهوڙيءَ جو سڀ کان وڌيڪ هٿ هو. اندازو آهي ته گرهوڙيءَ ‘شرح ابيات سنڌي’ توڻي ‘فتح الفضل’ انهيءَ عرصي يعني 1189ھ ۽ 1190ھ دوران لُواري شريف ۾ ئي تصنيف ڪيا. ان کان پوءِ هو جلدي موٽي پنهنجي ڳوٺ آيو ۽ 1192ھ ۾ مهاديو جي مڙهيءَ واري واقعي ۾ شهادت ماڻيائين. ‘فردوس العارفين’ ۾ خواجه ابوالمساڪين جو تفصيلي احوال ملي ٿو، جنهن کان پوءِ ‘مرغوب الاحباب’ واري ڪجھ وڌيڪ پيش ڪيو آهي. اهو ساڳيو احوال ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ‘لواريءَ جا لال’ ۾ ڏنو آهي.

فردوس العارفين اردو، ص 54، مرغوب الاحباب قلمي، ص 279

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org