وَاعِظ الله فِي قَلبِ کُلِّ مُؤمنِ
[ترجمو: الله جي نصيحت هر مؤمن جي دل ۾ موجود
آهي.]
تنهن ڪري هر مؤمن مُجتهد آهي.
سلطان الاولياء فرمايو:
مؤمن جي نشاني هي آهي ته الله کان سواءِ ڪنهن جنّ
يا بشر کان نه ڊڄي.
آئون چوان ٿو ته:
هي اشارو ۽ ارشاد شرڪ جي نفي ڏانهن آهي.
اميد و هراسش نباشد ز کس
برين ستِ بنياد توحيد بس
[معنيٰ: مؤمن کي الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن مان اميد
۽ ڊپ نه ڪرڻ گهرجي، بس اُن تي ئي توحيد جو بنياد
آهي.]
سلطان
الاولياء فرمايو: الله تعاليٰ کي جُزو چوڻ
صحيح نه آهي. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ فرمايو آهي:
قُلْ كُلٌّ مِّنْ عِندِ اللَّهِ
(78:04:05)
[ترجمو: اي نبي ﷺ توهان فرمايو ته سڀ ڪجھ الله جي
طرف کان آهي.]
هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي. (ڇو ته) ڪُليات ۽
جُزئيات جو مبداء ڪُلُّ آهي. (تنهنڪري) جُزي جو
حڪم لڳائڻ صحيح نه آهي. ڇاڪاڻ ته“علم منطق” جي
قانون مان (الله جي ذات جي باري ۾) دليل وٺڻ غير
مشروع آهي. منطقي چون ٿا ته “زيد” جو لفظ جُزئي
آهي. قرار ڏيڻ صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته زيد
جي اسم ۾ شرڪت جو تصور ۽ وقوع ٿيو آھي [حالانڪ
جُزي ۾شرڪت ناممڪن آھي] ۽ اها ڳالھ بلڪل واضح آھي،
۽ اهڙي زيد جي مسمى ۾ به شرڪت واقع آھي. ڇو ته
زيد، سندس مٿي، هٿن ۽ پيرن کي به چئي سگھجي ٿو ۽
اهي شيون [هٿ، پير وغيره ]
اهڙيون مختلف حقيقتون آھن، جيڪي هڪڙي حقيقت (زيد)
ڏانهن موٽن ٿيون ۽ اها حقيقت اُنھن سڀني حقيقتن تي
سچي اچي ٿي [مطلب ته زيد کي جُزئي نه ٿو چئي
سگھجي] ۽ جيڪو چوي ته زيد هجڻ انھن شين تي مقيد ۽
صادق آھي ته انھيءَ شخص حمل جي معنى کي نه سمجھيو
آھي ۽ اھو چوڻ ته زيد کي جُزي چوڻ جو مقصد محمول
عليہ ڪلُي کان جُزئي جي وڌيڪ ھجڻ جي نفي آھي، اھو
چوڻ به غلط آھي، ڇو ته انسان جي حقيقت ۽ زيد جي
حقيقت ۾ ڪو به فرق نه آھي جو اھي ٻئي حقيقتون
پنھنجي فردن تي صادق ۽ محيط آھن.
آئـون چـوان ٿـو ته:
ڪُـلي غـيـر مـحـصور آهـي ۽ زيـد مـحـصـور آهي. ڇو
ته جُزئي جي
تعريف آھي، جنھن ۾شرڪت ممنوع ھجي ۽ ان جي تعريف
حصر نه آھي ۽ ٻي ڳالھ ته زيد غيرمحصور آھي. زيد
ڏهن شين جي عبارت جو نالو آهي، جن مان پنج شيون
“عالمِ خلق” ۽ پنج شيون “عالمِ امر” سان تعلق رکن
ٿيون. عالمِ امر غير محدود ۽ غير محصور آهي.
جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي:
مَا عِندَكُمْ يَنفَدُ
وَمَا عِندَ اللَّهِ بَاقٍ
(96:16:14)
[ترجمو:جيڪي اوهان وٽ (دنيا ۾) آهي، اهو ختم ٿي
ويندو ۽ جيڪي الله وٽ آهي سو هميشہ باقي رهندو]
۽ ٻي جاءِ تي الله تعاليٰ فرمايو آهي:
وَإِن مِّن شَيْءٍ إِلَّا عِندَنَا خَزَائِنُهُ
(21:15:14)
[ترجمو: (۽ ڏسو) ڪابه اهڙي شيءِ ڪانهي، جنهن جا
اسان وٽ خزانا نه هجن، مطلب ته اسان وٽ هر شيءِ جا
خزانا آهن.]
پوءِ اهو ڪيئن جُزو ۽ محصور ٿي سگهندو؟
مولوي رومي چيو آهي:
عقل کُلُّ نفس کُلُّ مردي خدا ست
عرش و کرسي را مدان کزوي جداست[72]
[معنيٰ:
عقل ڪُلّ ۽ نفس ڪُلُّ الله جا مرد (دوست) آهن، عرش
۽ ڪرسي کي هنن کان جدا نه ڄاڻ.]
‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته حق ڳالهه هيءَ
آهي ته الله تعاليٰ جي ذات موجود آهي، جنهن جي شان
۽ قدرت کي بيان ڪرڻ کان عبارتون قاصر آهن، جيڪڏهن
بيان ڪندين ته ڳالهه وڏي ۽ ڊگهي آهي. فاضل چلپي
‘تفسير بيضاوي’ جي حاشيي ۾ چيو آهي ته ڄاتل حقيقتن
جو تعين اهلِ سنت وٽ حقيقت ۾ داخل نه آهي، جيئن
فلسفين گمان ڪيو آهي. اهو واضح آهي ته جيڪڏهن زيد
کي جُزئي بنائجي ته انسان ان جي ڪُلي آهي. اهو
فلسفي (منطق) جو چوڻ آهي، جيڪڏهن نه ته تعين زيد
جي حقيقت کان خارج آهي. پوءِ زيد جي جزيئت ڪيڏانهن
وئي، چيائين ته اصل جي هوندي ان جي فرع کي اصل تي
محمول نه ڪبو، ڇاڪاڻ ته ان مان ڪو به فائدو نه آهي
۽ اها ڳالهه ظاهر آهي ته جيڪڏهن اصل کي فرع تي حمل
ڪبو ته اهو ائين ٿيندو جيئن انسان کي زيد تي حمل
ڪجي. پر اصل قانون موجب فرع اصل ڏانهن موٽندو
آهي، اصل فرع ڏانهن ڪونه موٽندو آهي. اصل کي فرع
ڏانهن موٽائڻ اضافتن جو ثابت ڪرڻ آهي ۽ اهو الله
ڏانهن عروج کان روڪيندڙ آهي، جڏهن ته نبي سڳورا
الله تعاليٰ ڏانهن سڏيندڙ آهن. هن مان واضح ٿيو ته
فلسفين جو بيان ڪيل طريقو ڪثرت وارو آهي، وحدت
وارو نه آهي. تنهن ڪري انڌن فلسفين جي ڳالهه کي
ڇڏي، توحيد جي واٽ وٺڻ گھرجي.
مولوي رومي چيو آهي:
اي هزاران جبرئيل اندر بشر
صد مسيحائي نهان در جوفِ خر
[معنيٰ: ڪامل انسان جي اندر هزارين جبرائيل لڪل
آهن، گڏهه جي پيٽ ۾ سوين مسيحا بند آهن.]
سجده گاهي لا مکاني در مکان
مر بليسان را شده ويران مکان
[معنيٰ: لامڪاني مخلوق (ملائڪن) جو سجدو مڪان (آدم
عليه السلام) کي آهي، ابليس شيطان جو مڪان ويران
جاءِ بڻجي ويو آهي.]
نيست صورت چشم را نيکو بمال
تا به بيني شعشئه نورِ جمال
[معنيٰ: صورت آهي ئي ڪانه تون پنهنجي اکين کي مهٽي
صاف ڪر، (ٻي اندر واري اک ڌار) ته جيئن جمال جي
نور جو تجلو پسين.]
گر تو خود پيش وپس داري گمان
بستئه جسمي و محرومي ز جان
[معنيٰ: جيڪڏهن تون پنهنجي لاءِ اڳيان پويان جو
سوچين ٿو ته پوءِ تون پنهنجي جسم ۾ قيد آهين ۽ جان
(روحاني حالات) کان محروم آهين.]
کيست بيگانه تني، خاک تو
کز برائي او ستِ غمناکي تو
[معنيٰ: تنهنجي لاءِ غير يا ڌاريو ڪير آهي؟ تنهنجو
مِٽيءَ وارو بدن! تون پريشان به ان خاڪ ۽ مٽيءَ
لاءِ آهين!!]
اين تو کي باشي؟ که تو آن اوحدي،
که خوش و زيبا و سر مست خودي.
[معنيٰ: تون اهو ڪونه آهين (جيئن سمجھين ٿو)؟ بلڪ
تون اهڙي وحدت جو مظهر آهين، جيڪو هر وقت سهڻو ۽
سُٺو ۽ پنهنجو عاشق آهين!.]
هر پيغمبر فرد بودي در جهان
صد هزاران عالمش اندر نهان
[معنيٰ: هر پيغمبر جهان جو يڪتا هوندو آهي، جنهن ۾
هزارين جهان لِڪل هوندا آهن.]
صد هزاران مرد پنهان در يکي
صد کمان و تير در جي ناؤ کي
[معنيٰ: هڪڙي (عارف) مرد ۾ هزارين مرد لِڪل هوندا
آهن، جيئن تير جي ڪمان واري زهه (ڌاڳي) ۾ سوين تير
هوندا آهن.]
در بشر روپوش کرده آفتاب
فهم کن والله اعلم بالصواب
[معنيٰ: بشر ۾ (حقيقي) سج اچي لِڪو آهي، سوچ ۽
سمجهه ڪر! الله ئي وڌيڪ صحيح ڄاڻڻ وارو آهي.]
اي برادر اصل انکار از چه خواست[73]
ز انـکه کـلـي گـونه گـونه جـزو هـا ست
[معنيٰ: اي ڀاءُ! اصل انڪار جو سبب سمجھ، اهو ان
ڪري آهي جو ڪلي (ذات) جا مختلف ۽ ڪيترا جزا ۽ رنگ
آهن.]
اختلاف مؤمن وگبر و جهود
از نظر گاهست اي مغز وجود
[معنيٰ: اي عقل وارا! مؤمن، يهودي ۽ عيسائي جو
اختلاف ڪوتاهه نظر جي ڪري آهي.]
عقل بفروش و هنر حيرت بخر
زير کي ظن است حيراني نظر
[معنيٰ: عقل کي وڪِڻي ڇڏ ۽ حيرت جو هُنر خريد ڪر،
چالاڪي رڳو گمان آهي ۽ حيراني نظر جي لاءِ آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو: جڏهن قيامت
جي ڏينهن ناقور ۾ صور ڦوڪيو ويندو، ته ان سان
ماڻهو حيرت ۽ دهشت ۾ هوندا. خود “ناقور” جو لفظ به
حيرت وارو آهي.
آئـون چـوان ٿو ته:
جـيئن تـوحيد نالو آهي اضافتن (نسبتن) جي ڪيرائڻ
جو ۽ توحيد
فروعي به ائين آهي، جيئن توحيد اصولي آهي. پر
هدايت حيرت واري کان سواءِ ٻيو ڪو به نه لهندو.
اي بردار جُز تحير راه نيست
[معنيٰ: اي ڀاءُ! حيرت کان سواءِ ٻيو رستو نه
آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو:
گھٽتائي گھڻائي کان افضل آهي، الله تعاليٰ جي قرب
ڪري.
آئون چوان ٿو ته:
حديث شريف ۾ آهي ته:
لايؤمن احدکم حتيٰ يکون قلة الشئي احب اليہ من
کثرتہ
[ترجمو: اوهان مان ايستائين ڪو به مؤمن نه ٿيندو،
جيستائين اُن کي ٿوري شيءِ گهڻي شيءِ کان وڌيڪ
پسند نه هجي.]
ائين ڪتاب ‘احياءُ العلوم’ ۾ آهي. الله سائين سٺو
بدلو عطا ڪري مُلا علي قاري کي جنهن قناعت جي
سمجھاڻي ڪتاب ‘شرح عين العلم’ ۾ حاجتن ۽ ضرورتن جي
گهٽائڻ سان ڏني آهي.
سلطان الاولياء فرمايو: نماز صاحبِ
مُنتهي لاءِ شُغل آهي، ۽ اهو صاحب انهيءَ مقام تي
پهتو آهي، جنهن جي باري ۾ آهي: قِفُ يَا
مُحَمّدُ! فَاِنَ اللهُ يُصَلِي
[ترجمو: اي محمد ﷺ بيهه! ڇو ته الله تعاليٰ نماز
پڙهي رهيو آهي.]
پر غير مُنتهي سکندڙ شاگرد وانگر آهي، جيڪو انهيءَ
مقام کي نه رسيو آهي.
آئون چوان ٿوته:
حديث شريف ۾ آهي:
المنتظر للصّلواة کانہ في الصلواة
[ترجمو: نماز جو انتظار ڪندڙ به ائين ئي آهي جيئن
نمازي نماز ۾ هوندو آهي.]
ٻي حديث شريف ۾ آهي:
من تشبهه بقوم فهو منهم
[ترجمو: جيڪو شخص ڪنهن قوم سان مُشابهت رکندو آهي،
اهو انهيءَ قوم ۾ شامل سمجهيو ويندو آهي.]
ٻي جاءِ تي آهي:
الطواف بالبيت صلواة
[ترجمو:ڪعبة الله شريف جو طواف به نماز وانگر
آهي.]
اهڙيءَ طرح ڪتاب ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته ”سير
انفسي“ هي آهي ته دل جي چوڌاري طواف ڪرڻ وارو مون
سان گڏ آهي (ڇاڪاڻ ته) بيشڪ الله تعاليٰ (اهڙي شخص
جي دل تي) هميشہ غيبي رحمت جو مينهن وسائيندو آهي،
پوءِ انهيءَ کي ٻاهرين سير جي ڪابه ضرورت نه
آهي.[74]
”بلا بودي اگر اين هم نبودي“
[معنيٰ: جيڪڏهن عارفن لاءِ ”سير انفسي” نه هجي ها
ته (قبض) واري تڪليف هجي ها.]
مولوي رومي چيو آهي:
نظر کن کز تو نظر آيد بکار
ما بقي تو لحم و شحم بود تار
[معنيٰ: نظر ڪر، جو تو کي (دل جي) نظر ئي ڪم
ايندي، ڇاڪاڻ ته دل جي نظر کانسواءِ باقي گوشت ۽
چرٻي (يعني وجود) ڪا شيءِ نه رهندي.]
سلطان الاولياء
فرمايو: ”فقر“ سير ۽ سفر کان سواءِ هڪڙي شيءِ
کان ٻي شيءِ ڏانهن مُنهن ڦيرائڻ جو نالو آهي.
آئون چوان ٿوته:
هتي مُنهن مان مراد دل جو مُنهن آهي ۽ اهو ئي گويا
همت ۽ ارادو
آهي.
مولوي رومي چيو آهي:
عاشقي که آلوده شد در خير و شر
منگر اندر خير و شر همت نگر
[معنيٰ: خير ۽ شر ۾ عاشق ڦاٿل آهي، تون خير ۽ شر
کي نه ڏس، همت ڏس.]
هن ڳالھ جو خلاصو هي آهي ته اها حرڪت وقتي آهي
مڪاني نه آهي. جيئن عبدالغفور لاري ڪتاب ‘رشحات’ ۾
انهيءَ جي تصريح ڪئي آهي. اها تصريح هيءَ ڪئي اٿس
ته بشڪ “آن” اهو وقت متجدد (نئون) آهي ۽ غير وقت ۾
طلب ڪرڻ باطل آهي. پوءِ انهيءَ لحاظ ڪري صوفي (ٻه
قسم آهي) هڪ “ابن الوقت” (جيڪو وقت جو تابع) ۽
ٻيو“ابوالوقت” (جنهن جو وقت تابع) آهي.
سلطان الاولياء فرمايو: رابطي جي
تعليم “مجنون” کان وٺڻ گهرجي، جنهن کي هر وقت
“ليليٰ” جو ئي خيال هوندو هو ۽ ليليٰ جي انسان هجڻ
۾ کيس شڪ هو. جنهنڪري هي شعر چوندو هو:
تا الله يا طليبات القاع قُلن لنا
اليليٰ من کنّ ام ليليٰ من البشر
[معنيٰ: اي جهنگ جون هرڻيون! اوهان کي الله جو قسم
آهي، مون کي ٻُڌايو ته منهنجي ليليٰ توهان مان آهي
يا انسانن مان آهي؟]
آئون چوان ٿوته:
هن چوندڙ تي الله تعاليٰ ڀلائي ڪري.
ان تقف الا نام انت منهم
فان المسک بعض دم الغزالي.
[معنيٰ: جيڪڏهن ماڻهو بيهندا ته تون انهن (ماڻهن)
۾ هوندين، ڇاڪاڻ ته کٿوري (مُشڪ) ڪن هرڻن جي دُن ۾
هوندي آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو: مولوي جامي
جو قول آهي:
تهي خمخانها کردند و رفتند
[معنيٰ: مَٽَ خالي ڪري واٽ وٺي هليا ويا.]
اهو قول انهيءَ لاءِ بشارت آهي، جيڪو ان ۾ غور
ڪري. ڇاڪاڻ ته،
”النهايت هو الرجوع الي البدايت“
يعني اهو نهايت (انتها) کان بدايت
(شروع) ڏانهن موٽڻ آهي.
معلوم هجڻ گهرجي ته “اصلي ولايت” نبين کان صحابين
کي پُهتي ۽ صحابين کان تابعين کي ملي ۽ (تنهن کان
پوءِ) ”ظلي ولايت“ ظاهر ٿي، جنهن ۾ تجليات،
ظهورات، شطحيات ۽ سڪريات آهن. هن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ
نه آهي ته جڏهن ظل (پاڇو) پنهنجي انتها کي پُهچندو
آهي، تڏهن اصل بغير تجلي، ظهور ۽ سُڪر جي ظاهر
ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح حديث شريف ۾ آهي ته:
ان الدين سيعود کما بدٲ
[ترجمو: بيشڪ دين ائين ئي موٽندو جيئن شروعات ۾
هو.]
حضرت (امام رباني) مُجدد (الف ثاني) سڳوري (قدس
سره) ۽ سندس پوئلڳن مولوي جامي جي (مذڪوره قول)
جي جواب ۾ هينئن چيو آهي:
هنوز آن ابر نيسان دُر فشان است
خم و خمخانها با مهرو نشان است
[معنيٰ:
اڃان جُهڙالو ڪڪر (اصلي ولايت سان ) موتي وسائي
رهيو آهي، مِهر وارن جي مَٽن تي نشان موجود
آهن.][75]
آئـون چـوان ٿـو ته:
ڪـتاب ‘مـڪتوبات احـمـدي’ ۾ آهـي ته هـــزار سـالن
کـان پـوءِ ئـي
“اصلي ولايت” ظاهر ٿيندي آهي، (يعني: مجدد پيدا
ٿيندو آهي) پوءِ انهيءَ ڪري هيءَ ڳالهه بعيد (پري)
نه آهي ته مولوي جامي “ظل” جي انتها تي عارف ٿيو
هجي. ليڪن اصل ڳالهه هي آهي ته حضرت مُجدد (شيخ
احمدي سرهندي قدس سره) ۽ سندس پوئلڳن جو ايمان ۽
عرفان (اصلي) دولت آهي.
معشوق من است آنکه بنزديک تو زشت است
[معنيٰ: منهنجو معشوق اهوئي آهي جيڪو تو وٽ سٺو نه
آهي.]
گر نبودي اين بزوغ اندر کسوف
ره نه گم کر دند چندين فيلسوف
[معنيٰ:
جيڪڏهن سج گرهڻ ۾ اکين جي رُڪاوٽ ۽ خيرهّ ڪرڻ واري
ڳالهه نه هجي ها ته ايترا فلسفي هرگز گمراهه نه
ٿين ها.]
هن ڳالهه ۾ عجب آهي ته هر ڪم پنهنجي وقت تي گِروي
ٿيل آهي ۽ هر هڪ علم لاءِ مرد (مقرر) آهن ۽ هر
ڳالهه جي مقام لاءِ حد مقرر هوندي آهي. مطلب ته
مولوي جامي ظلّي ولايت جي انتها تي پهتو هو ۽ هن
جو نصيب بس ايترو پوئتي هو. جيئن حضرت موسيٰ ؑ
(الله کي ديدار جو سوال ڪرڻ باوجود ) نه ڏسي
سگهيو. ڇاڪاڻ ته اها پوري نعمت بعد ۾ اچڻ وارن
لاءِ ئي رکي وئي هئي.
سلطان الاولياء فرمايو: اصل روح هوا
وانگر آهي، جيڪو (سڀني) شين سان محيط آهي. تنهن
ڪري ڪِن گمان ڪيو آهي ته اهو خدا آهي.
سلطان الاولياء فرمايو: الله تعاليٰ فرمايو
آهي:
وَابْتَغُوا إِلَيْهِ الْوَسِيلَةَ
(35:05:06)
[ترجمو: ۽ هن تائين (پهچڻ لاءِ) وسيلو ڳوليو.]
اُهو مُرشد وٺڻ ڏانهن اشارو آهي.
آئـون چـوان ٿـو ته:
تـفسيرن ۾ آهــي ته وسيـلو الله جـي رضا جـو سبب
آهـي. ڪــتاب “مڪتوبات زڪيہ” ۾ آهي ته وسيلو
ڪاميابي ۽ ڇوٽڪاري جو طريقو آهي، ڇاڪاڻ ته مُرشد
جي رضا حاصل ڪرڻ ئي الله تعاليٰ جي رضا جو وسيلو
آهي.
حافظ شيرازي چيو آهي:
کليد گنج سعادت قبول اهل دل است
[ترجمو: اهلِ دل (الله وارن) کي قبول ڪرڻ ۽ مڃڻ ئي
سعادت جي خزاني جي ڪنجي آهي.]
وَالسَّلَامُ عَلَىٰ مَنِ اتَّبَعَ الْهُدَىٰ
(47:20:16)
[ترجمو: جيڪو هدايت جي پيروي ڪري ان ماڻهوءَ لاءِ
سلامتي آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو: جڏهن تون
الله سان آهين ته پوءِ جيڏانهن گھرين تيڏانهن هليو
وڃ، ڇاڪاڻ ته ان وقت طرف ۽ مڪان ڪونه هوندو آهي.
سلطان الاولياء فرمايو: الله تعاليٰ
فرمايو آهي:
لَّمْ تَكُونُوا بَالِغِيهِ إِلا بِشِقِّ
الأَنفُسِ (07:16:14)
[ترجمو: جتي اوهان پاڻ کي سخت تڪليف ۾ وجھڻ کان
سواءِ پُهچي نه ٿا سگهو.]
آئـون چـوان ٿـو ته:
“الموت قبل الموت” [76]
[معنيٰ: موت کان اڳ
مرڻ آهي.]
جنهن کي روحي ۽ طريقتي موت جي نالي سان سڏيو ويندو
آهي. جيڪو روحي موت مري ويو، سو طبعاً جيئرو آهي.
مولوي رومي چيو آهي:
مرگ پيش ازمرگ امن است اي فتيٰ
اين چنين فرمود ما را مصطفيٰ
[معنيٰ: اي جوان! مرڻ کان اڳ مرڻ ۾ ئي سلامتي آهي،
اهڙيءَ طرح اسان کي حضرت محمّد ﷺ فرمايو آهي.]
هن ڳالهه جو خلاصو هن حديث جو ياد ڪرڻ آهي: جُف
القلم [قلم سڪي ويو]
يا قرآن ۾ آهي:
فَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَبْدِيلًا
(43:35:22)
[ترجمو: پوءِ تون الله جي دستور ۾ ڪا مٽ سٽ نه
ڏسندين.]
سلطان الاولياء فرمايو: هڪڙو طالب
“لاقيدي” (معنيٰ واري) مرد وٽ ويو (ته جيئن ان
وٽان فيض وٺي) لاقيدي انهيءَ طالب کي (هڪ) سال
خدمت جو حڪم ڪيو، سال گذرڻ کان پوءِ (هڪ ڏينهن)
انهيءَ طالب کي چيائين ته مون کي (پنهنجي) ڪاريگري
ڏيکار پر اُن ڪاريگريءَ جو تفصيل سان نالو ڪونه
ورتو. طالب ويچاري گهڻي جُستجو ۽ ڳولا ڪري گهڻائي
هُنر مُرشد (لاقيدي) کي ڏيکاريا. پر مُرشد چيو ته
نه! نيٺ اها شيءِ کڻي آيو جنهن سان فقير پنهنجي
جاءِ جي صفائي ڪندا آهن (يعني ٻُهارو) پوءِ ان کي
مُرشد چيو ته هاڻي تو ٺيڪ ڪيو، اهو ڪم پاڻ تي لازم
ڪر. (مطلب ته جيئن ٻُهاري سان ظاهري صفائي ڪبي
آهي، تيئن باطن کي به غير کان ٻهاري ڏئي صاف ڪر.)
آئون چوان ٿو ته:
مولوي رومي چيو آهي:
هيچ اسمي بي مسمّيٰ ديده
يا زگاف و لام گل گل چيده
[معنيٰ: ڇا تو ڪو به نالو، نالي واري شيءِ کان
سواءِ ڏٺو؟ (حرف ۽ اکر) يا رڳو گاف ۽ لام ملائڻ
سان تو پاڻ گل چونڊيا آهن.]
اسم خواندي رو مسمّيٰ را بجو
مہ ببالا دان مدان در آب جو
[معنيٰ: تو نالو ٻڌو، (هاڻي) وڃي مسميٰ اصل (نالي
واري) کي ڳولهه، چنڊ کي مٿي (آسمان ۾) ڳولهه،
پاڻيءَ ۾ (ان جو عڪس) نه ڏس!]
هن مسڪين (گرهوڙي) جو بيت آهي:
عشق اشياء را مُقوّم دان
ورنه هر شيءِ مظهر رحمان
[معنيٰ: عشق کي شين جو سهارو ۽ طاقت ڏيندڙ ڄاڻ،
ورنه هر شيءِ الله (جي ذات) جو مظهر آهي.]
انهيءَ “لاقيدي” جي لفظ ۾ هن ڳالهه ڏانهن
اشارو آهي ته لاقيدي اهڙي شخص کي چئبو آهي، جيڪو
حق کي مُعين شيءِ مان حاصل ڪري.
ڪنهن عارف چيو آهي:
همہ يک دانه هست اين خروار
همہ يک قطره است اين درياء
[معنيٰ: هن کري جا سڀ داڻا هڪ آهن، هن درياهه جا
سڀ ڦڙا هڪ آهن.]
اها شيءِ ٿورن اکرن واري آهي، پر معنيٰ جي
ظاهر ڪرڻ ۾ اعليٰ آهي. ڇاڪاڻ ته حجاب علمي تعين
کان سواءِ ٻي ڪنهن شيءِ جو نالو نه آهي. تسليم
واري نظر کان سواءِ هن ڳالهه جي ٻي قيمت نه آهي.
سلطان الاولياءَ فرمايو : مولوي
جامي جو قول آهي:
هر يک بميرد بار يک بيچاره جامي بارها
[77]
[معنيٰ: هر ماڻهو هڪڙو دفعو مرندو آهي، پر ويچارو
جامي بار بار مري ٿو.]
هن ڳالھ جي
معنيٰ هي آهي ته نوان نوان احوال وارد ٿين ٿا.
ڇاڪاڻ ته ڪامل عارف کي جڏهن نئون احوال پيش ايندو
آهي، تڏهن پُراڻو احوال باقي نه رهندو آهي.
هر لحظه مرا تازه خدائي دگر است
[معنيٰ: هر گهڙي منهنجو خدا نئين شان وارو آهي.]
سلطان الاولياء فرمايو: مڪر وارن جي
شر کان ڇوٽڪاري جو طريقو، سُٺي ۽ عمدي ترڪيب واري
(الله) کان مدد طلب ڪرڻ ۾ ئي آهي.
آئون چوان ٿو ته:
اها نبي ڪريم ﷺ جن جي سنت آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ سڳورا
ﷺ
جن ڪنهن وقت “توريہ” به ڪندا هئا. توريہ هن کي
چئبو آهي ته ڪنهن مصلحت جي ڪري دل جي ڳالهه کي
ظاهر نه ڪجي.
سلطان الاولياء فرمايو: (حافظ چيو
آهي)
هرگز نه ميرد آنکه دلش زنده شد بعشق
[معنيٰ: اُهي هرگز نه ٿا مرن، جن جون دليون عشق
سان زنده ٿين ٿيون.]
آئون چوان ٿـو ته:
مون کي وڏي مُرشد سائين (سلطان الاولياء) شروعات ۾
ذڪر جي
تلقين ڪندي اها ڳالهه سيکاري. پوءِ مون کي معلوم
ٿيو ته عشق مان مراد الله تعاليٰ جي ذڪر جو اُنس
آهي (اهو ذڪر ايترو ڪجي جو) اڻڄاتل مطلق (ذات حق)
جي حُسن سبب مُعينّ ۽ معلوم شين جي محبت ختم ٿي
وڃي ۽ فقط ان ذات سان اُنس ۽ محبت پيدا ٿئي. بيشڪ
محبوب کان جدائي جو نالو موت آهي ۽ جنهن جو ڪو ٻيو
محبوب ناھي، سواءِ ان معبود جي جنھن کي موجود
مطلق، باطن، حقيقت ۽ ذات غيبيہ چيو ويوآھي ۽
جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته اھو مخصوص ۽ معين ٿي پئي
ھا ته پوءِ اھڙي عاشق کي موت نه ايندوآھي، ڇو ته
ھو پنھنجي محبوب کان جدا نه ٿيندو آھي.
مولوي جامي چيو آهي:
الم مرگ قطع پيونده است
ز آنچه اکنون دلت بآن بنده است
[معنيٰ: موت جي تڪليف ڳنڍيل عضون جو ڪٽجڻ آهي يعني
جنهن سان تنهنجي دل ٻڌل آهي (ان جي ڪٽڻ جو نالو
موت آهي.]
ان ڪري دل جي حياتي هن ڳالهه ۾ ئي آهي ته غيرخدا
کان دل ٽوڙي الله تعاليٰ سان ئي دل لڳائجي ۽
انهيءَ (دل) جي بيماريءَ جو علاج الله تعاليٰ جي
ذڪر سان ڪجي.
جيئن حديث شريف ۾ آهي: |