سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:11 

ڇاڪاڻ ته ايمان رڳو حق جو حڪم ڪندو آهي، پوءِ جنهن دل جي نافرماني ڪئي، تنهن پنهنجي پالڻهار جي نافرماني ڪئي. [26]

 حديث شريف ۾ آهي ته:

الدين النصيحة و واعظ الله في قلب کل مومن و المؤمنة من يحب لاخيہ ما يحب لنفسہ

[ترجمو: دين خيرخواهي جو نالو آهي. الله جي نصيحت هر مومن جي دل ۾ موجود آهي. مومن اهو آهي جيڪو پنهنجي ڀاءُ لاءِ اُها ئي شيءِ پسند ڪري، جيڪا پاڻ لاءِ پسند ڪري ٿو.]

مولوي رومي چيو آهي:

        هيچ قلبي پيش حق مردود نيست

[معنيٰ: ڪابه دل الله وٽ رد ٿيل نه آهي.]

فقھه جي ڪتابن ۾ آهي ته عاقل بالغ تي ڪابه بندش نه آهي. ڇاڪاڻ ته ان وقت سندس نظر ۽ سوچ ٺيڪ هوندي آهي پر جيڪو بي وارث آهي، بادشاهه ان جو وارث آهي.

 الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَفِيكُمْ رَسُولُهُ (101:3:4)

(ترجمو: ۽ اوهان ۾ الله جو رسول به آهي)

 ۽ ٻي جاءِ تي ارشاد آهي:    النَّبِيُّ أَوْلَىٰ بِالْمُؤْمِنِينَ مِنْ أَنفُسِهِمْ (6:33:21)

(ترجمو: نبي ڪريم ﷺ مؤمنن تي سندن جانين کان به وڌيڪ حق رکي ٿو.)

 ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته هر ٻانهي لاءِ هڪ حقيقت آهي، جيڪا “حقيقت الحقائق” (الله) سان ڳنڍيل آهي.

             سلطان الاولياء فرمايو: هر ڳالهه ۾ الله تعاليٰ تي توڪل ۽ ڀروسو ڪريو، (توڙي جو) قرض ادا ڪرڻ يا ڪي ٻيا خرچ هجن. ڇاڪاڻ ته قرآن پاڪ ۾ توڪل واريون سڀ آيتون مطلق آهن، ڪنهن  به قيد سان مقيد نه آهن.

   ­            آئون چوان ٿو ته: سـڀنـي ڪـمن ۾ تـوڪـل ڪـرڻ بابت عـقلـي دليل هي آهي ته قرضن جي ادائگي ۽ ٻيا خرچ دنيا جي ضرورتن مان آهن، جيڪو ماڻهو پنهنجا سڀئي ڪم الله جي حوالي ڪري، سو ئي توڪل وارو آهي.

          سلطان الاولياء فرمايو: پاڻيءَ ۾ مئل مڇي جنهن جو پيٽ مٿي هجي هن ڪري حرام آهي جو مڇيءَ جو حلال ٿيڻ ڪنهن معلوم سبب جي ڪري هجي.

آئون چوان ٿو ته: ڪنهن سبب کان سواءِ مرڻ ٻڌائي ٿو ته اها گندي ۽ خراب جاءِ آهي ۽ اها قرب ۽ محبت کان ٻاهر آهي.

حديث شريف ۾ آهي:     ان الله لايقبل الا طيباً

[ترجمو: الله تعاليٰ پاڪ شيءِ کي قبول ڪندو آهي.]

  روح الله جي صفتن سان مانوس آهي ڇاڪاڻ ته اهو روح الله جي “امر” سان پيدا ٿيو آهي، شيطان وانگر الله جي “نهي” مان پيدا ڪونه ٿيو آهي.

            سلطان الاولياء فرمايو: طالب جو کاڌو اهو آهي، جيڪو فقط سندس بک واري ضرورت کي پورو ڪري.

   ­            آئون چوان ٿو ته: وڏي مرشد سائين اهو تڏهن فرمايو جڏهن مون کانئن سوال ڪيو ته ڇا کائجي؟ ۽ فقهه جي ڪتابن ۾ آهي ته ضرورت کاڌي جي مباح هجڻ جو دليل آهي.

 

             سلطان الاولياء فرمايو: جيڪي به اذڪار ۽ عبادتون آهن، انهن لاءِ مقرر وقت، موسم ۽ خاص حالت هوندي آهي، جيئن تشهّد جي حالت ۾ فاتحہ پڙهڻ دُرست نه آهي. حالانڪ فاتحہ ته فضيلت جي ڪري ‘اُمّ الڪتاب’ آهي. عبادت ۽ ذڪر جو وقت مقرر ڪرڻ مُبتدي لاءِ هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو“ابن الوقت” (وقت جو پُٽ) آهي، باقي مُنتهي “ابو الوقت” (وقت جو پيءُ) ۽ حاڪم آهي. تنهن کي اختيار آهي )اهو وقت جو پابند نه آهي(.

                         سلطان الاولياء فرمايو: ارادو مُريد جي وصف آهي، مُرشد جي نه آهي. ان ڪري مُريد مُرشد جي رد ڪرڻ سان رد نه ٿيندو، جيستائين مُريد پاڻ ارادي کي ختم نه نڪري.

   ­            آئون چوان ٿو ته: ان ڳالهه جو شاهد  حضرت  ڪعب ؓ  جو  واقعو  آهي.  جنهن  وقت  حضور اڪرم ﷺ ان کي غزوه تبوڪ ۾ حاضر نه ٿيڻ (واري قصور) ڪري پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو هو ۽ اصحابن سڳورن کي به ان سان سلام ۽ ڪلام ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. ان وقت حضرت ڪعبؓ هن مضمون وارو عربيءَ ۾ بيت پڙهندو رهيو:

گر وصال تو نباشد بفراق تو خوشم
هم فراق تو مرا به ز وصال دگران

[معنيٰ: جيڪڏهن تنهنجو وصال هٿ نٿو اچي ته آئون تنهنجي فراق ۾ به خوش آهيان. تنهنجو فراق مون کي ٻين جي وصال کان ڀلو آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: طريقت جي تعليم اهڙي ماڻهوءَ کي ڏجي، جيڪو مُرشد جي اڳيان ان بيمار وانگر هجي، جيڪو طبيب جو محتاج هوندو آهي ۽ پاڻ کي ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: مولوي رومي چيو آهي:

آب کم جو تشنگي آوربدست
تا  بجوشد  آب از بالا و پست

[معنيٰ: (وصل جي) پاڻيءَ جي گهُر گھٽ ڪر، طلب جي اُڃ کي وڌاءِ ته جيئن اهو پاڻي هرطرف هيٺ مٿي کان جوش کائي.]

لذت از  جوع  است ني  از  نانها
وصل از شوق است ني از برهانها

[معنيٰ: لذت بُک ۾ رکيل آهي، مانيءَ ۾ نه آهي. (مقصد کي) پهچڻ عشق جي ڪري ممڪن آهي، ٻي ڪنهن ڳالھ جي ڪري نه آهي.]

تانگريد کودکي حلويٰ فروش
بحر بخشايش کجا آيد بجوش[27]

[معنيٰ: جيستائين حلوو وڪڻندڙ ڇوڪرو نه روئيندو، تيستائين هن (احمد خضرويه) جي بخشش جو درياء ڪيئن جوش کائيندو.]

            سلطان الاولياء فرمايو: ڄاڻي وٺ ته توهان سڀاڻي ڪونه هوندا ۽ نڪي اوهان جا دنياوي اسباب هوندا. جيڪڏهن دنيا جون نعمتون ڪنهن سان باقي رهن ها ته انهن کي ڇڏي رسول الله ﷺ رحلت نه فرمائين ها.

لو کانت الدنيا دام نعيمها
لکان رسول الله فيها مخلدا

[معنيٰ: جيڪڏهن دنيا جون نعمتون هميشہ رهن ها ته رسول الله ﷺ هميشہ دنيا ۾ رهي ها.]

* جيڪو ماڻهو دنيا ۾ هڪ ڏينهن جيترو رهيو ۽ ترقي نه ڪيائين، سو نقصان ۾ آهي.

             سلطان الاولياء فرمايو: تنهنجي لاءِ خالي بدن آهي، پوءِ تون بدن جي سُک ۽ ان کي نقصان پهچائڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪر!

 جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي:

عَلَيْكُمْ أَنفُسَكُمْ (105:05:07)

[ترجمو: پنهنجي نفسن کي سنڀال ۾ رکو!]

 ايمان جي طلب به رڳو نفس جي اطمينان لاءِ آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: حديث شريف ۾ آهي:  ان نفسک مطيئتک فارفق بها

[ترجمو: بيشڪ تنهنجو نفس تو لاءِ سواري آهي، پوءِ تون ان سان نرمي ڪر!]

نرميءَ جو مطلب نفس کي بکيو رکڻ يا تڪليف پهچائڻ نه آهي. نظر جي روشني وڌائڻ ۽ پنبڙين جا وار ڦُٽائڻ لاءِ اثمد (ڪاري) سرمي جي پائڻ جو حڪم آهي ۽ پاڻي هڪ ساهيءَ ۾ نه پيئجي پر ٽي ساهيون ڪري پيئڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته ان طريقي سان طبيعت ۾ خوشگواري ايندي. اهي سڀ ڳالهيون بدن جي تندرستي لاءِ آهن.

             سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو ماڻهو پنهنجي طبيعت کان واقف هوندو آهي، اهو طبيب جي فقط ان وقت تابعداري ڪندو آهي، جڏهن طبيب جو فڪر سندس سوچ  جي موافق هوندو آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: جنهن بيماري ۾ وڏي مُـرشـد سائين هن دنيا  مان  لاڏاڻو  ڪيو، ان بيماريءَ ۾ طبيبن جي علاج کي قبول نه ڪرڻ جو اهو ئي سبب هو. تنهن ڪري پاڻ دوا کي قبول نه ڪيائون، نه ته پاڻ طب کي مڃيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو ۽ ٻين جو علاج به ڪندا هئا، پنهنجو علاج جعفر سان ڪندا هئا. پاڻ علاج جا منڪر نه هئا، جيئن ڪن ماڻهن جو خيال آهي. مون (گرهوڙيءَ) صاحبزادي ميان گل محمد زاده الله علماً وحلماً (الله سندن علم ۽ حلم کي وڌائي) کان ٻُڌو جن ڏٺو ته پاڻ جعفر سان ماني کائي رهيا هئا. جعفر ڪُٽي ماکيءَ ۾ ملايائون. اها دوا پاڻ لقوه (جي مرض) لاءِ کائيندا هئا، جيڪا بيماري کين ٿي هئي.

              سلطان الاولياء فرمايو: علامت (نشاني) جنهن لاءِ هوندي آهي، ان جو غير هوندي آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: انهيءَ ڪري مولوي رومي چيو آهي:

اي بسا ابليس آدم روئي هست

[معنيٰ:گهڻا ماڻهو شيطان جي صفت پر ماڻهوءَ جي شڪل ۾ هوندا آهن.]

 مطلب ته سندن ظاهري علامت اندر جي علامت سان موافق نه هوندي آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: ڪامل جي وصف اها آهي ته اهو حقيقي بادشاهه جي سواري هوندو آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: غير ڪـامل جي وصف اها آهي ته جيڪو نيڪيءَ جو طالب هوندو، سو بادشاهه جو گهوڙو هوندو، جيڪڏهن بُڇڙائيءَ جو طالب هوندو ته اهو شيطان جي سواري هوندو.

حيف  بود  آدم صورت  ترا
معنيٰ شيطان شده همدم ترا

[معنيٰ: توکي حيف هجي جو تنهنجي صورت ته آدم واري آهي پر حقيقت ۾ شيطان تنهنجو هم نشين ۽ ساٿي آھي .]

مولوي رومي چوي ٿو:

گر بصورت  آدمي  انسان  بُدي
احمّد و بوجهل خود يکسان بُدي

[معنيٰ: جيڪڏهن ظاهري صورت جي ڪري هر ماڻهو انسان هجي ها ته حضرت احمّد ﷺ ۽ ابوجهل به هڪ جهڙا هجن ها.]

هيءَ ڳالهه ڳجھي نه آهي ته سرڪش گهوڙي کي بادشاهه جي سواريءَ لاءِ رياضت ڪرائبي آهي.

 الله تعاليٰ فرمايو آهي: فَإِن تَابُوا وَأَقَامُوا الصَّلاةَ وَآتَوُا الزَّكَاةَ فَخَلُّوا سَبِيلَهُمْ  (05:09:10)ْ  (05:09:10)

[ترجمو: جيڪڏهن اهي توبھ تائب ٿين ۽ نماز کي قائم ڪن ۽ زڪاة ڏين ته پوءِ سندن رستو خالي ڪريو.]

 ڇاڪاڻ ته فرمانبردار سان نرمي ڪئي ويندي آهي.

             سلطان الاولياء فرمايو: جـيڪو مـاڻهـو ڪـم تــي اڳـتـي وڌڻ مـهل طـبيعـت جــي موافقت نه ٿو ڏسي ته اهو گهڻو ڪري پشيماني ڏسندو. [28]

              سلطان الاولياء فرمايو: سڀ کان بهتر اها شئي آهي، جيڪا اعتدال کي ويجهي هجي. تنهن ڪري ٻير جي وڻ کي سڀني وڻن جو سردار سڏيو ويو آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: حديث شريف ۾ آهي ته:

خير الامور اوسطها

[ترجمو: سڀني ڪمن کان بهتر وچٿرو ڪم آهي.]

 ۽ عارفن چيو آهي ته دل جو صاحب اهو آهي جيڪو ملڪي ۽ بهيمي ٻنهي (صفتن) جي وچ تي هلندو هجي. جنهن جي ڪسوٽي شريعت جا احڪام آهن. ڇاڪاڻ ته اهي ٻنهي (ملڪي ۽ حيواني) صفتن کي ملائيندڙ آهن.

 ( انهيءَ باري ۾) هن مسڪين (گرهوڙيءَ) جو هي بيت آهي:

راه ما چيست راه مسنوني
رابطه چون برائي بيچوني

[معنيٰ: اسان جو رستو پيغمبر ﷺ جي سنت ۽ طريقو آهي ۽ اهو بيچون خدا سان رابطو آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: مومن ڪشادي گهر کي پسند ڪندو آهي پر منافق ان جي ابتڙ آهي. هو ڪشادي گهر يعني وسعتِ قلبي کي دوست نه رکندو آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: حديث شريف ۾ آهي ته:  المؤمن حلو يحب الحلو

[ترجمو: مومن مٺو آهي ۽ مٺي شيءِ کي پسند ڪري ٿو.]

 مولوي رومي چيو آهي:

انبياء  را  تنگ آمد اين جهان
چون شهان رفتند اندر لامکان

[معنيٰ: نبين لاءِ هي جهان تنگ يعني سوڙھو آهي، تنهنڪري  هو بادشاهن وانگر لامڪان ۾ هليا ويا.]

               سلطان الاولياء فرمايو: طاقت وارو جيڪا شيءِ کڻي سگھندو آهي، سا ڪمزور نه ٿو کڻي سگهي. تنهن ڪري ڪمزور کي مرشد جي صحبت مان جلد فائدو نه پهچندو آهي ۽ طاقتورکي جلدي فائدوحاصل ٿيندو آهي.

 جيئن حديث شريف ۾ آهي ته:

:   اَلمُؤمِنُ الِقَويُّ يحِبُ اِلي اللهِ مِّنَ الضَّعِيفِ

[ترجمو: طاقتور مومن الله کي ڪمزور مومن کان وڌيڪ پيارو آهي.]

موسيٰ زهوش رفت بيک پر تو صفات
تو  عين  ذات  مي   نگري  در  تبسمي

[معنيٰ: حضرت موسيٰ ؑ هڪ صفاتي تجلي کان بيهوش ٿي ويو، اي پيغمبر ﷺ!) تون عين ذات (الله) کي خوشيءَ وچان ڏسي رهيو آهين.]

                سلطان الاولياء فرمايو: عارف ڪابه اهڙي ڳالهه نه چوندو آهي، جيڪا اڳئين دين جي خلاف هجي پر هن جو عمل گهڻو ڪري عادت جي خلاف هوندو آهي ۽ اهو عارف ماڻهن جي مخالفت ۾ “رند” هوندو آهي پر بيوقوف نه هوندو آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: الله تعاليٰ فرمايو آهي:

مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ (46:05:06)

[ترجمو: (حضرت عيسيٰؑ ) ان کي سچو ڄاڻندڙ هو جيڪو (حضرت موسيٰ ؑ جو ڪتاب تورات) وٽس موجود هو]

 ڪتاب ‘طبقات شعرانيه’ ۾ آهي ته ولي ڪا نئين شريعت نه آڻيندو آهي پر نئين سمجهه آڻيندو آهي.

                سلطان الاولياء فرمايو: جڏهن ڪو اسلام ۾ اچي ويو پر هن جو ارادو ڪونه هو ته (پوءِ) جنهن هن کي اسلام ۾ آندو ان تي ڪهڙو ڏوھ.؟

آئون چوان ٿو ته: الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَلَهُ أَسْلَمَ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضِ طَوْعًا وَّكَرْهًا (83:03:03)

[ترجمو: الله لاءِ انهن اسلام آندو، جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن  سي سڀ دل جي خوشيءَ سان يا نا خوشيءَ سان سندس حڪم هيٺ آهن.]

حديث شريف ۾ آهي:                     الحرب خدعة

[ترجمو: جنگ هڪ چال بازي آهي.]

 ۽ ٻي حديث شريف ۾ آهي:   المؤمن من يحب لاخيہ ما يحب لنفسہ

[مؤمن اهو آهي جيڪو پنهنجي ڀاءُ لاءِ به اها ئي شيءِ پسند ڪري، جيڪا پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو.]

اهي سڀ دليل“لااِڪرَاهَ” (زور نه ڀرڻ) لاءِ آهن. ڇاڪاڻ ته دين ۾ زبردستي نه آهي. هدايت ۽ گمراهي واضح ٿي چڪي آهي، پوءِ سمجهه ڪر.

اذا لمرءُ کانت لہ فکرة
ففي کل شيءِ لہ عبرة

[معنيٰ: جيڪڏهن ماڻهوءَ کي سوچ سمجھ آهي ته هر شيءِ ۾ ان لاءِ عبرت موجود آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: جڏهن پاڻيءَ جي مند گذري ويندي، (تڏهن) سگهوئي زمين سُڪي پٽ ٿي ويندي، ان ڪري تون اڄ ئي درياهه ڏانهن موٽ کاءُ![29]

               سلطان الاولياء فرمايو: حنفي ۽ غير حنفيءَ کي گهرجي ته حديث ۽ فقھ کي جمع ڪري ۽ ٻنهي تي عمل ڪري ته جيئن ظاهر حديث ۽ باطن حديث تي عمل ڪرڻ سان ڪاميابي ماڻي.

               سلطان الاولياء فرمايو: طلب لاءِ ٽن شين جو هجڻ ضروري آهي، هڪ محبت، ٻيو مُريد جو پاڻ کي مُرشد جي حوالي ڪرڻ ۽ ٽيون مُرشد جي مريد تي نظر ڪرڻ.

              سلطان الاولياء فرمايو: عالمن کي پاڻ ۾ اختلاف نه رکڻ گهرجي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: حديث شريف ۾ آهي:

انما هلک من قبلکم باختلافهم عليٰ انبيائهم

[ترجمو: اوهان کان اڳيان ماڻهو هن ڪري هلاڪ ٿيا جو انهن پنهنجن پيغمبرن جي مخالفت ڪئي.]

حق تي هوندي به جنهن پنهنجي مراد کي ڇڏيو، تنهن لاءِ جنت ۾ مٿاهون گهر بنايو ويندو.

             سلطان الاولياء فرمايو: (حديث قدسي ۾ آهي ته) الله تعاليٰ فرمايو:

عندي شراب لاوليائي اذا شربوا سکروا واذا سکروا طربوا فطلبوا فوجدوا فاتصلوا فلا فرق بيني و بينهم

[ترجمو: مون وٽ منهنجي دوستن لاءِ اهڙو شراب آهي، جڏهن ان کي پيئندا ته بيهوش ٿي ويندا. جڏهن بيهوش ٿيندا، تڏهن خوش ٿيندا. پوءِ جيڪي گهُرندا سو کين ملندو ۽ پوءِ مون سان ملي ويندا، تڏهن منهنجي ۽ انهن جي وچ ۾ ڪا جدائي نه رهندي.]

مطلب ته مهربان ساقي کان جيڪو گهريو وڃي ٿو، سو اهو ئي شراب آهي، جنهن سان پراڻين هڏين کي جياريو ويندو. ان شراب کي عارفن جھڙوڪ حافظ وغيره جي ڪلام ۾ فاني شراب ڪوٺيو ويو آهي. مذهبي مشربن جي عام کي خبر نه آهي ته سندن ڪلام ۾ آيل شراب مان مراد اها ئي آهي، انهن عارفن  جي علم کي بصيرت جي نگاهه سان نه ڏٺو آهي.

        سلطان الاولياء فرمايو:  اذا تم الفقر فهوالله

يعني: جڏهن فقر پورو ٿيندو، تڏهن ئي الله حاصل ٿيندو آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: اها ئي حقيقي معبود جي تعريف آهي.

حافظ چيو آهي:

بنده    پير  خرا باتم  که   درويشان   او
گنج را از بي نيازي خاک برسرمي کنند

[معنيٰ: آئون اهڙي ميخاني جي مالڪ (فاني في الله) جو مريد آهيان، جنهن جا فقير بي نيازي جي ڪري دنيا جي خزاني جي مٿان ڌوڙ وجھندا آهن.]

عارفن چيو آهي ته مرد اهو آهي جنهن جي رکيل شيءِ گم ٿي وڃي ته ڏک نه ڪري. اهو مرد نه آهي، جيڪو جڏهن گهري ته ان کي اها شيءِ ملي، حالانڪ ان اها شيءِ نه رکي هئي. ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته دنيا جي شين جي محبت جو تنهنجي دل مان نڪري وڃڻ ئي اصل مقصود آهي ۽ انهن شين جي ڄاڻ جو وڃائڻ. انهن شين جي محبت وڃائڻ جو ذريعو آهي. پوءِ جيڪڏهن پهرين شيءِ (دنيا جي شين جي محبت جو گم ٿيڻ) ٻي شيءِ کان سواءِ حاصل ٿئي ته اهو صحابين سڳورن جو طريقو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن نبي ڪريمﷺ جي صحبت جي برڪت سبب اصل سان لاڳاپو رکيو، جيتوڻيڪ کين شين جي ڄاڻ پڻ هئي. هن ڳالهه جو خلاصو الله تعاليٰ جو هيءُ فرمان آهي:  

اللَّهُ الْغَنِيُّ وَأَنتُمُ الْفُقَرَاءُ  (38:47:26)

[ترجمو: الله تعاليٰ سڀ کان بي نياز آهي ۽ اوهين ئي (ان جا) محتاج آهيو.]

 پر جڏهن ٻانهي کان شين جي محتاجي هلي ويندي، تڏهن اهو بي پرواهي کي پهچندو ۽ ٻانهي جي فقر جو گم ٿيڻ ئي الله بي نياز کي پهچڻ آهي.

انهيءَ ڪري مولوي رومي چيو آهي:

اذا  نــفيت  الاشياء فهو  الله
ومن لم ينف الاشياء بالکل لم يعرف الله

[معنيٰ: جڏهن تون شين جي نفي ڪندين ته اهو الله آهي ۽ جنهن شين جي نفي نه ڪئي تنهن الله کي نه سڃاتو.]

هن مسڪين (گرهوڙي) هن مطلب جي وضاحت ۾ چيو ته:

اذا حصل الفراغ فهو الله

[يعني: جڏهن (دل کي شين جي محبت کان) فراغت ملي ته اهو الله آهي.][30]

        معلوم هجڻ گهرجي ته شين مان هتي مراد ڄاتل سُڃاتل شين کان پالهو ٿيڻ آهي. جيئن زمين يا آسمان يا عرش يا لوح يا قلم يا جنّ يا ملڪ يا بهشت يا دوزخ يا حورون يا قصور (ماڙيون ) يا انسان يا شيطان. اها فراغت هن طرح آهي جو دل کي انهن سڀني شين سان ڪو به لاڳاپو نه رهي يا انهن مان ڪنهن سان به ڪو واسطو نه رهي، اهو طريقت جو موت آهي، جنهن جو ٻيو نالو“نفي ڪُلي” آهي.

 مولوي رومي چيو آهي:

در نوا آرم بنفي اين ساز را
چون بميرم مرگ گويد راز را

[معنيٰ: هن ساز کي نفي سان آواز ۾ آڻيان، (ته جيئن) جڏهن آئون مران، تڏهن فنا وحدت جو راز آلاپي.]

تا نميري نيست جان  کندن تمام
بي کمال  نرد  بان نيائي  ببام

[معنيٰ: جيستائين تون پاڻ کي فنا نه ڪندين، تيستائين جان جي پوري فنا هٿ نه ايندي. (فنا جي) پوري ڏاڪڻ کان سواءِ ڇت تي نه پهچندين.]

مطلب ته الله تعاليٰ ڏانهن عروج سالڪ جو ڄاتل شين جي محبت کان نڪرڻ جو نالو آهي ۽ شين جو محبت جي درجي کان بنهه ڪِري پوڻ. ڇاڪاڻ ته هڪ رڍّ جي سنڀال ۽ چارڻ ٻن سوَن رڍن جي چارڻ ۽ سنڀال وانگر آهي.

حديث شريف ۾ آهي:    

الترک راحة

[ترجمو: شين جي ڇڏڻ ۾ ئي راحت آهي.]

 مطلب ته فِصل (شين کان جدائي) وِصل (الله کي پهچڻ) آهي ۽ شين جي نفي الله جو اثبات آهي. پر اها دوستي جنهن جو لاڳاپو نامعلوم شيءِ سان هجي سا جدا نه ٿيندي آهي ۽ شين جي لاڳاپي کان سواءِ واري دوستيءَ جو  نالو “حب ذات احديہ” رکيو ويو آهي.

جيئن مولوي جامي چيو آهي:

زعنقا هست نام پيش مردم
زمرغ من بود آن نام هم گم

[معنيٰ: مردن جي اڳيان عنقا پکيءَ جو نالو مشهور آهي، منهنجو محبوب اهڙو بي مثال آهي جو سندس نالو به معلوم نه آهي.]

حديث شريف ۾ آهي:

حُبّ الشيءِ يُعمي ويصُمُ

[ترجمو: شين سان محبت انڌو ۽ گونگو بنائيندي آهي.]

نقل: ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڳائيندڙ هڪ بدوي جي دروازي تي اچي هن طرح چوڻ لڳو ته آئون نه مَلڪَ کي، نه حور کي، نه بهشت کي، نه وري دوزخ کي دوست رکان ٿو. اهو ٻُڌي گهر جو مالڪ بدوي ڪاوڙ مان اُٿيو ۽ کيس مارڻ جو ارادو ڪيائين ۽ فقير کي چوڻ لڳو ته اي فقير! تون پنهنجو مقصد ڇو نه ٿو بيان ڪرين ته جيئن تون اجائي محنت ۽ تڪليف کان ڇُٽي پوين، ڇا تو ڪو اهڙو عقل وارو ماڻهو ڏٺو آهي جنهن جو مقصد رڳو ماني هجي ۽ اهو چوي ته مون کي نه زيد، نه عمرو، نه سج، نه چنڊ، نه باهه، نه پاڻي کپي، پر عقل وارو سنئون سڌو چوندو ته مونکي ماني کپي. اها ڳالهه ٻڌي ڳائڻو چوڻ لڳو ته منهنجو پيارو دوست مانيءَ وانگر نه آهي جو سندس نالو وٺان، پر هو اهڙي هستي آهي، جنهن کي ماسوا جي نفيءَ کان سواءِ سڃاڻي نه ٿو سگهجي.

چه گويم باتو از مرغ نشانه
که با عنقا  بود   هم  آشيانه

[معنيٰ: آئون تو کي اهڙي پکيءَ جي ڪهڙي نشاني ٻُڌايان، جنهن جو وطن عنقا سان گڏ هجي.]

اڃان عنقا جو ته ڪو نالو آهي پر سندس رفيق جو ته ڪو نالو ئي نه آهي، رڳو ماڻهو (عنقا کي) ان نالي سان سڏين ٿا. ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته الله جي ذات جو ڪنهن به لفظ سان بيان نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نڪي ذات تي ڪو حڪم ڪري سگهبو. ڇاڪاڻ ته ذات ۾ ڪو تعين نه آهي. توکي رڳو ذات ۾ اهو ثابت ڪرڻو آهي ته الله کان سواءِ هر شيءِ جي نفي ڪرڻ واجب آهي، توڙي اها اسان جي نبي ڪريم ﷺ جي ڏٺل ڇو نه هجي، ڇاڪاڻ ته جيڪا شيءِ بي ڪيف آهي، ان کي ڪيف سمائي نه ٿو سگهي. [31] جنهن کي انسان ڏسي ٿو سا ڪيف آهي، پوءِ فقر جي پوري ٿيڻ جي معنيٰ ڄاتل شين جي نفي ڪرڻ آهي. (پوءِ) جنهن کي ان دوست رکيو (تنهن کي) محبوب کان سواءِ دوست جي بقا معلوم آهي ۽ ميت کان سواءِ روئڻ  به معلوم آهي.

حديث شريف ۾ آهي:

اذا احب الله عبدا جعل في قلبہ نائحة دائمة

[ترجمو: جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن ٻانهي کي دوست رکندو آهي تڏهن سندس دل ۾ لاڳيتو روئڻ پيدا ڪندو آهي.]

 مطلب ته جڏهن محبت تعين کان خالي ٿيندي، تڏهن اصل وطن کي پهچڻ ٿيندو، ڇاڪاڻ ته حقيقتن جي حقيقت اها ئي محبت آهي ۽ خاص محبت جي نشاني رضا کي حاصل ڪرڻ آهي. خداوندي تقدير لاءِ سيني جي ڪشادگي ۽ شرعي احڪامن ۾ لذت اچڻ، جيڪو مٿس روئي ان کان نااميد ٿيڻ ۽ ان محروميءَ مان اطمينان لهڻ، تنهن جو نالو”وِصل عُرياني“ آهي.

         نظر کردن نامرادي خويش را جام وصال

[معنيٰ: پنهنجي نامرادي تي نظر ڪرڻ ئي وصال جو پيالو آهي.]

  


 

              سلطان الاولياء فرمايو: جڏهن تون ڪابه شيءِ نه لهين، تڏهن تو مقصد کي لڌو.

 الله تعاليٰ فرمايو آهي:

حَتَّىٰ إِذَا جَاءَهُ لَمْ يَجِدْهُ شَيْئًا وَوَجَدَ اللَّهَ عِندَهُ   ( 39:24:18)

[ترجمو: ايستائين اتي کيس ڪو به مقصد هٿ نه ايندو، جيستائين هو ڪنهن به شيءِ کي نه لهندو، ان وقت هو اتي الله کي ئي موجود لهندو.]

 معشوق من است آنکه بنزديک توزشت است

[معنيٰ: منهنجو معشوق اهو آهي جيڪو (نه لڀڻ جي ڪري) تو وٽ خراب آهي.]

   ­            آئون چوان ٿو ته: مولوي رومي چيو آهي:

علت  تنگيست  ترکيب  وعدد
جانب ترکيب  حسها  مي کشد

[معنيٰ: ترڪيب ۽ تعداد تنگيءَ جو سبب آهي،  حواسن کي ترڪيب ڏانهن ڇڪين ٿيون.]

تنگ تر  آمد  حسيات از خيال
زانکه دروي بدر مي گردد هلال

[معنيٰ: خيال جي ڪري حواس ڏاڍو تنگ آهن، ڇاڪاڻ ته خيال ۾ چوڏهين جو چنڊ به پهرين تاريخ وارو چنڊ ٿي ويندو آهي.]

حديث شريف ۾ آهي:

يسروا ولا تعسروا

[ترجمو: آساني ڪريو ۽ ڏکيائي نه ڪريو]

مطلب ته جيڪڏهن روئو نه ٿا ته روئڻ جهڙو مُنهن ڪريو.

               سلطان الاولياء فرمايو: معلوم (يعني خدا جي ذات) لاءِ موهوم (غير خدا) کي، فنا ڪرڻ کي ئي حقيقت چئبو آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته:حقيقت ثابته” سڀني حقيقتن جي  جامع  آهي  ۽  ٻيون  حقيقتون جيڪي وجوبي حقيقت سان مشابهت رکن ٿيون سي سڀ عڪس ۽ اولڙا آهن جيڪي نيستيءَ جي آرسيءَ ۾ آهن. انهن شين لاءِ رڳو گمان آهي ته موجود آهن، پر موجود فقط اصل غيب ڪُلي آهي (جيڪا الله جي ذات آهي) هي پاڇا وهم ۾ موجود آهن، حقيقي وجود ڪونه اٿن. جيئن سج جو اولڙو پاڻيءَ ۾ ڏسبو آهي جنهن جو اصل آسمان ۾ آهي ۽ مثال پاڻيءَ تي ظاهر ٿيو آهي.[32] ليڪن سج پاڻ پنهنجي وجود ڪري پاڻيءَ ۾ نه آهي. پر اها تحقيق ڪن اوليائن جي خلاف آهي، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ پاڻيءَ ۾ سج جو عڪس جنهن عدم جي آرسيءَ ۾ جلوو ڪيو آهي ان کي الله جي ذات سمجهن ٿا. هوڏانهن اڪثر اوليائن جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته عظمت جي آسمان تي سونهن جي سج جو پسڻ ۽ فنا سان ورونهن رکڻ حقيقي سعادت آهي. پاڻيءَ واري سج سان لاڳاپو رکڻ ۽ ظاهري شين مان ورونهن وٺڻ بدبختي آهي. اهو عارف ائين نه آهي، جيڪو حقيقت ثابته سان باقي آهي. اهو ان جي مثالن سان محبت به حقيقت ثابته جي ڪري ئي رکي ٿو، انهن اولڙن جي ذات ڪري نٿو رکي. مطلب ته مظهر سان ظاهر ڪري محبت به رکي ٿو جيڪا الله جي ذات آهي. ظاهر اهو ئي باطن آهي جنهن ۾ ڪو تعين نه آهي. مجنون چيو ته آئون ڪارن ڪتن کي “ليليٰ” سان ڪاري رنگ ۾ مشابهت جي ڪري محبوب رکان ٿو. انڪري  جيڪو ماڻهو حقيقت ثابته جو ارادو ڪري، ان تي لازم آهي ته سڀني شين جو انڪار ڪري، رڳو هڪ موجود ذات تي اڪتفا ڪري، جيڪا وجود ۽ عدم ٻنهي کان بلند آهي ۽ هر تعين ۽ حڪم کان به پاڪ آهي.

 سالڪ کي ڪُلي نفي ڪرڻ  گهرجي، جي ائين نه ڪري سگهي ته پوءِ شرعي حڪم کي آڏو رکي ته جيئن سندس ڄاڻ پختي ٿئي ۽ شرعي حڪم سان علم ۽ عمل جي لذت ماڻي سگھي. ڇاڪاڻ ته شرعي احڪامن تي عمل ڪرڻ به وصول جي واٽ آهي. هن ڪري جو هر شرعي حڪم الله جي ذات ثابته تائين پهچائي ٿو. ائين ئي ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي. ڪتاب ‘بحر الفقہ’ ۾ آهي ته جيڪو ماڻهو ڪنهن علم کي محفوظ ڪري ٿو ته اهو علم ٻين علمن ڏانهن کيس رهنمائي ڪندو، مثال طور فقهه جا مسئلا نحو يا صرف جي مسئلن سان معلوم ڪري. هي نادر فائدو آهي، جنهن جو ياد رکڻ ۽ استعمال ڪرڻ واجب آهي.

مولوي رومي چيو آهي:

گفت  پيغمبر  که  جنت  از  الــٰہ
گرهمي خواهي زکس چيزي مخواه

[معنيٰ: حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته جيڪڏهن تون الله کان بهشت گهرين ٿو ته پوءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کان ٻي ڪنهن شيءِ جو سوال نه ڪر.]

               سلطان الاولياء فرمايو: معرفت هن ڳالھ جو نالو آهي جو تون اها ڳالهه ڄاڻين ته چنڊ جي روشني سج کان ورتل آهي.

خلق آدم عليٰ صورتہ

[ترجمو: بيشڪ آدم ؑ سندس صورت تي پيدا ڪيو ويو آهي.]

معرفت   فاني  شدن  دروي  بود
هر که فاني نيست عارف کي بود.

[معنيٰ: معرفت هي آهي ته الله ۾ فنا ٿجي، جيڪو الله ۾ فاني نه آهي سو عارف ڪيئن ٿيندو؟]

   ­            آئون چوان ٿو ته: مولوي رومي چيو آهي:

معنيٰ لا الٰہ الاهو اين است اي پناه
که   نمايد   مہ   ترا   ديگ   سياه

[معنيٰ: اي پناھ گھرندڙ! ڪلمي طيبہ لاالـٰہ الاهو جي معنيٰ اها آهي ته توکي الله جي ڀيٽ ۾ چنڊ به ڪاري ديڳ وانگر نظر اچي.]

گر شود  پر نور  روزن  يا  سرا
تو مدان روشن مگر خورشيد را

[معنيٰ: جيتوڻيڪ گهر ۽ دريون روشنيءَ سان ڀريل هجن، پر تڏهن به تون رڳو سج کي ئي حقيقي روشن سمجھ.]

مدحها جز مستحق را کي کنند
ليک بر پندار گمره  مي شوند

[معنيٰ: ساراھ جي حقدار کان سواءِ ٻئي جي ساراھ ڪيئن ٿي سگھندي، پر اهي (پاڻ) ڀانئڻ جي ڪري گمراهه ٿين ٿا.]

گرز چاهي عکس ماهي را نمود
مادح ماه است هر که  آنرا ستود

[معنيٰ: جيڪو )دنيا جي( کوهه ۾ حقيقي چنڊ جو جلوو ڏسندو، سو عڪس (اولڙو) جي ساراهه سان به حقيقي چنڊ جو ساراهيندڙ آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: آرام بي آرامي ۾ آهي، سلامتي ملامت ۾ آهي، راحت جراحي (يعني زخم کي کولڻ) ۾ آهي، موافقت جلڻ (سڙڻ) ۾ آهي ۽ ڳانڍاپو جدائي ۾ آهي.[33]

غرض از عشق توام چاشني درد غم است
ورنه زير فلک اسباب  تنعم  چه کم است

[تنهنجي عشق ۽ محبت، ڏک ۽ غم مان منهنجو مقصد مزو ماڻڻ آهي، نه ته آسمان هيٺان نعمت جا ٻيا سبب گهٽ نه آهن.]

   ­            آئون چوان ٿو ته:ما خطر ببالڪ فهو سوا ذالڪ” يعني جيڪو به تنهنجي دل ۾ اچي، تنهن کان الله ٻاهر (ٻِيءَ طرح) آهي، پراهو ڪنهن سبب جي ڪري ائين آهي.

     تو ازيک قطره به بيني دجله را

[معنيٰ: تون هڪ ڦڙي مان دجله جي درياء کي ڏسي سگھين ٿو.]

جيئن چوڻي آهي ته: “يک مشت نمونه خروار” [هڪ مُٺَ مان خرار جو نمونو معلوم ٿي ويندو آهي (ته اَنُ سٺو آهي يا خراب آهي).]

حافظ چيو آهي:

گر مريد راه  عشقي  فکر  بدنامي  مکن
شيخ صنعان خرقه رهن خانئه خمار داشت

[معنيٰ: جيڪڏهن تون عشق جي واٽ جو ارادو رکين ٿو ته بدناميءَ کان نه ڊڄ. جيئن شيخ صنعان شراب وڪڻڻ واري وٽ گودڙي گروي رکي هئي.]

‘ڪشف’ ڪتاب ۾ آهي ته خراباتي (مشائخن جو هڪ قسم آهي جنهن) جي وصف اها آهي ته هو پنهنجو تعلق الله سان جوڙيندو آهي ۽ الله ڏانهن لاڙو هوندو اٿس ۽ سڀ  ڪجهه الله کان ئي ڀائيندو آهي ۽ الله کان غير ڏانهن مُنهن ڦيرڻ کي ڪفر ۽ حق جو لڪائڻ سمجهندو آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: جِهلي سير ڪشفي سير کان ڀلو آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: ان (جِهلي) سير ۾ منزلون طئي ڪرڻ واري کي ڪا  رڪاوٽ   نه هوندي آهي. ليڪن ‘مڪتوبات زڪيه’ ۾ آهي ته اهڙو سير بهتر آهي جيڪو علم سان شروع ٿئي پوءِ ڀلي نادانيءَ سان وڃي مقصود کي رسي. مطلب ان جي شروعات ۽ پڄاڻي بيهوشيءَ سان نه ڪري.

               سلطان الاولياء فرمايو: حديث شريف ۾ آهي:

رُبّ قَارِيء القُرآنُ وَهُو يَلعَنُہ

[ترجمو: ڪيترائي قاري آهن جيڪي قرآن پاڪ جي تلاوت ڪن ٿا، هوڏانهن قرآن شريف انهن تي لعنت ڪري ٿو.]

   ­            آئون چوان ٿو ته: ڪتاب ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته نفيءَ کان اڳ ۾ هر عبادت ائين وبال آهي، جيئن خراب مادي واري لاءِ لذيذ کاڌو نقصانڪار آهي.

        هر چه گيرد  علتي علت شود!

[معنيٰ: جيڪو کاڌو بيمار کائيندو اهو بيماري پيدا ڪندو.]

پر جڏهن نفي هٿ اچي وئي ته اهڙي ماڻهوءَ جو ڪفر به دين ٿي پوندو آهي.

جيئن مولوي رومي ٻيءَ مصرع ۾ چيو آهي:

کفر گيرد کاملي ملت شود!

[جيڪڏهن ڪو ڪامل (ظاهر ۾) ڪفر کي اختيار ڪندو ته اهو به عين دين جي رسم ٿي پوندو آهي.]

 ڇاڪاڻ ته ڪامل ان وقت هر شيءِ جي نسبت الله ڏانهن ڪندو آهي.

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

يُحْبِبْكُمُ اللَّهُ وَيَغْفِرْ لَكُمْ   (31:03:03)

[الله به اوهان سان محبت ڪندو ۽ اوهان کي اوهان جا گناهه معاف ڪندو.]

 مطلب هن کانسواءِ ٻيو ڪو مقصد ڪونهي ته رڳو امانتون پنهنجي اهل ڏانهن موٽايون وڃن.

             سلطان الاولياء فرمايو: امانتن کي انهن جي مالڪن ڏانهن موٽائڻ جو مطلب هي آهي ته تون پاڻ لاءِ ڪنهن به طرح ٻڌڻ، ڏسڻ، ڄاڻڻ ۽ وجود کي نه لهين. بلڪ جيڏانهن به مُنهن ڦيرائين ته اتي الله کي ڏسين ان جو نالو فنا آهي ۽ اهو وجود کان ائين نڪرڻ آهي، جيئن داڻوکوپي يا  کَلَ مان نڪرندو آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: شيخ محي الدين ابن عربي چيو آهي ته جنهن کي هر شيءِ ۾ حق جو جلوو نظر آيو،[34] بيشڪ تنهن کي مقصد حاصل ٿيو. ابن عربي چوي ٿو:

لا آدم في الکون ولا ابليس
لاملک سليمان ولا بلقيس

[معنيٰ: جهان ۾ نڪو آدم آهي نه ابليس، نڪي حضرت سليمان ؑ جو ملڪ ۽ نه بلقيس جو مُلڪ.]

فالکل اشاره و انت المعني
يا من هو للقلوب مقناطيس

[معنيٰ: اُهي سڀ توڏانهن اشارا آهن ۽ تون معنيٰ آهين يا اها ذات جيڪا دلين جي مقناطيس آهي.]

ڪن محققن چيو آهي ته اها شيءِ جنهن سان دلين کي گرفتار ڪيو ويندو آهي سا ان جو غير آهي، جيڪو جمال جي دعويٰ ڪري ٿو. آئون نٿو ڄاڻان ته اها ڪهڙي شيءِ آهي.

 مولوي رومي جو بيت آهي:

صورت ظاهر فنا گردد بدان
عالم  معنيٰ  بماند  جاودان

[معنيٰ: ظاهري صورت فنا ٿي وڃي ٿي، معنيٰ وارو جھان (باطني) هميشہ رهندڙ آهي.]

مطلب ته مڇي هڪ حقيقت آهي جيڪا پاڻيءَ ۾ ثابت رهي ٿي ۽ ان جون صورتون موجود ۽ فنا ٿين ٿيون.  

                سلطان الاولياء فرمايو: اسم الاهي تعين وجوبي آهي جيڪو تعين امڪاني ۽ ذات الاهي جي وچ ۾ هڪ دروازي وانگر آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: ڪتاب ‘ڪشف’ ۾ آهي:

اسم  دريا و تعين   موج   او
اين کسي داند که او از ما بود

[معنيٰ: اسم درياء آهي ۽ (امڪاني) تعين ان جي موج آهي. اها ڳالهه اهو سمجهي سگھي ٿو جيڪو  (علم ۽ حال ۾) اسان مان هوندو.]

عارفان که  علم   مانند
صفت ذات اسم را خوانند

[معنيٰ: اهي عارف جيڪي اسان جو علم ڄاڻن ٿا، سي اسم کي ذات  جي صفت چوندا آهن.]

اسم اعظم جامع اسما بود
صورت او معنيٰ اشيا بود

[معنيٰ: اسم اعظم سڀني اسمن جو جامع آهي، سندس صورت سڀني شين جي معنيٰ آهي.]

جلال الدين دواني چيو آهي:

گر  آدمي فهم کن  اسما را
معلوم کن حقيقت اشيا را

[معنيٰ: جيڪڏهن تون انسان آهين ته الله جي اسمن کي سمجهه، ان سان تون شين جي حقيقت کي ڄاڻي وٺندين.]

اهـل سنت مـان عـلم ڪـلام جـي عـالـمـن چـيو آهـي ته اسم مُسمّيٰ جو غير نه آهي ۽ اسم مان اسان جي مراد هي آهي ته جنهن تي نالو رکيو وڃي. مطلب ته اسم جو ذڪر ڪرڻ ۽ مُسميٰ جو ڏس ڏيڻ لفظ ڪري آهي.

شيخ عبدالحق  دهلوي چوي ٿو:

در اسمائي  حقيقي  شد   مُسمّيٰ   عين   هر  اسمي
عجب مشکل حديث است اين بگوش هوش اصفا کن

[معنيٰ: حقيقي نالن ۾ هر هڪ اسم مسميٰ جو عين آهي اها ڳالهه ڏاڍي مشڪل آهي، هوش جي ڪن سان ان کي ٻُڌ!]

تحقيق جو خلاصو هي آهي ته هر متعين اهڙِي شيءِ جو نالو آهي جنهن  کي پنهنجي ذات سان ڪو تعين نه آهي ۽ سڀني اسمن ۾ وڏو اسم اهو متعين آهي جيڪو جامع آهي. اسم اعظم جي صورت کي رڳو “انسان اڪبر” ئي اُچاري سگهي ٿو يا  “انسان اصغر” سندس حڪايت ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن اسم نه هجي ها ته مُسميٰ ايجاد ۽ اظهار ڏانهن متوجهه [35] ئي نه ٿئي ها. پوءِ جيڪو اسم هن جهان ۾ صالحن ۽ گنهگارن جي رنگن ۾ ظاهر آهي، اهو اسم آخرت ۾ باهه، جنت، حور ۽ نهرن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو.

              سلطان الاولياء فرمايو: مثال جو جهان، خيال جي جهان جو بيان آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: ڪتاب ‘احياءُ العلوم’ ۾ آهي  ته  انسان  ۾  خيال  الله  جي  لوح محفوظ جو نمونو آهن. ان ۾ شيون ائين آهن جيئن ڪنهن حافظ جي حافظي ۾ قرآن شريف  جا حرف آهن ۽ اعمال تنهنجي ان پٽيءَ تي لکيل آهن. ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته ممڪنات جا جهان ۾ ٽي قسم آهن (1) جسم (2) مثال (3) روح. وچ وارو جهان جيڪو عالم مثال آهي، سو احوالن جي علم لاءِ به ڳالهايو ويندو آهي. جنهن جا ٻه طرف عالم اجساد ۽ عالم ارواح آهن. اهي ٻئي جهان اعيان (شين جي عين) لاءِ چيا ويندا آهن.

جيئن صائب چيو آهي:

در عالم خيال بهار است چار فصل
بلبل  بچتر  گل  ندهد  زير بال را

[معنيٰ: خيال واري جهان ۾ هڪ بهار جون چار موسمون آهن، بُلبل پنهنجي کنڀن کي ڦهلائڻ سان گل کي نه ٿي  لڪائي سگهي.]

 خيال جي صحت جي نشاني هي آهي ته احوال پنهنجي اصلي نموني تي هجن، جن ۾ ڪابه تبديلي ۽ اختلاف نه هجي. جڏهن خيال انتها کي پهچي ٿو ته اهو وصال آهي.

 مولوي رومي چيو آهي:

من ز تن بيرون شدم و از خيال
مي خرامم در  نهايات  الوصال

[معنيٰ: آئون پنهنجي بدن توڻي خيال (جي پردن) کان ٻاهر ٿيو آهيان. انهيءَ ڪري وصال جي انتهائن ۾ اُڏامان ٿو.]

پاڇا رڳو خيال ۾ ظاهر ٿيندا آهن. پوءِ ڇا توکي خبر آهي ته خيال کي پاسي ڪرڻ ئي نادر شيءِ آهي. تنهن ڪري بزرگن فرمايو آهي ته خطرن کان هڪ گھڙي به ٻاهر نڪرڻ وڏي نعمت آهي. حافظ چيو آهي:

وصال دوست گرت دست مي دهد يکدم
برو که هر چه مراد است  در جهان داري.

[معنيٰ: جيڪڏهن دوست جو وصال هڪ گهڙي لاءِ به هٿ اچي وڃي ته پوءِ تون هليو وڃ، سمجھ ته توکي ٻنهي جهانن جي  مُراد ملي وئي.]

هن تحقيق مان ظاهر ٿيو ته علم الله کان حجاب ۽ پردو آهي ۽ مُختصر رستو اهوئي آهي، جيڪو نسبتن کي ڪيرائي يا ختم ڪري.

 مولوي جامي جو قول آهي:

از  او است  جمله  بد و نيک  ليک هرچه  بداست
ازآن بداست که از ماست چون از وست نکواست

[معنيٰ: جيڪي بد ۽ خراب آھن،سي هن ڪري خراب آھن جواُهي سان جي طرفان  آھن. پر جڏهن اھو خيال ڪبو ته اُهي الله جي طرفان آهن ته اُهي خراب نه آهن.]

مطلب ته الله جي طرفان شيون حجاب نه آهن، بلڪ انهن جو علم ۽ ڄاڻ حجاب آهي، تنهن ڪري شين جي نه رهڻ جو علم مقصود آهي. صحيح علم اجمالي اهو آهي جنهن جو بيان مٿي ٿي گذريو ۽ تفصيلي علم اهو آهي جيڪو  نفي ڪرڻ سان نفي نٿو ٿئي، پوءِ اهڙو علم پورو يقين آهي.

                سلطان الاولياء فرمايو: ڪي عارف الله جي ذات جي طلب کان ڊڄن ٿا پر ان جي صفتن جي طلب کان ڊپ نٿا ڪن. اهڙي هڪ عارف چيو آهي ته جنهن هن جي صورت کي حق جي آئيني ۾ ڏٺو تنهن جو سير پورو ٿيو. ڇاڪاڻ ته آئيني ۾ جيڪا تجلي ٿي ان کان پوءِ رڳو علم ۽ ڄاڻ رهجي وڃي ٿي.

 الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفْسَهُ  (28:03:03)

[ترجمو: الله اوهان کي پنهنجي نفس کان ڊيڄاري ٿو.]

آئون نه ٿو ڄاڻان ته الله جي ذات جي طلب کان ڪهڙي شيءِ مٿن ڊپ واجب ڪيو آهي ۽ ڪهڙي شيءِ ذات جي طلب کان کين روڪي ٿي؟

 حافظ چيو آهي:

گير و دار و حاجب ودربان درين درگاهه نيست

[معنيٰ: الله جي درگاهه تي ڪو به پردو ڪندڙ، دربان ۽ روڪيندڙ نه آهي.]

الله جي ذات جي طلب کان روڪڻ ۽ ڊيڄارڻ لاءِ ڪو به قرآن ۾ دليل موجود نه آهي. بلڪ الله جي طلب لاءِ قرآن ۾ آيت موجود آهي:

[ترجمو: پوءِ توهان الله جي ذات ڏانهن ڊوڙو.]

                سلطان الاولياء فرمايو: روح جسم تبديل نه ڪندو آهي جيئن هندن جو عقيدو آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي:

مِنْهَا خَلَقْنَاكُمْ وَفِيهَا نُعِيدُكُمْ وَمِنْهَا نُخْرِجُكُمْ تَارَةً اُخْرٰى   

( 55:20:16

[ترجمو: انهيءَ زمين مان ئي اوهان کي پيدا ڪيوسين ۽ انهيءَ زمين ۾ ئي مرڻ کان پوءِ اوهان کي موٽائينداسون ۽ (قيامت ڏينهن) انهيءَ زمين مان ئي اوهان کي ٻيهر ٻاهر ڪڍنداسون.]

   ­            آئون چوان ٿو ته: روح جو تناسخ (جوڻ) هي آهي جو روح هڪ جسم کي ڇڏي ٻئي جسم ۾ داخل ٿئي.

                سلطان الاولياء فرمايو: مُرشد، (ادب ۾) پيغمبر وانگر آهي، بلڪ مُرشد سڀ ڪجھ آهي. ڇاڪاڻ ته مرشد جو پيغمبر سان لاڳاپو هوندو آهي، تڏهن مُرشد جو ادب، محبت، فرمانبرداري ۽ دعا به ائين ئي آهي جيئن پيغمبر جي. [36] تنهنڪري طالب کي مُرشد جي ناراضگي ۽ ناپسنديدگي کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ مريد کي گهرجي ته مُرشد جي راضپي ۾ ئي فنا ٿي وڃي. مُرشد کي تڪليف ڏيڻ بدبختي جو بنياد آهي. مرشد کي تڪليف ڏيڻ کان سواءِ ٻئي هر نقصان جو ازالو ٿي سگهي ٿو. اهم ڳالهه هيءَ آهي ته مرشد جو ادب مريد تي لازم آهي ۽ ٻين سڀني پاسن کان مُنهن موڙي رڳو مُرشد ڏانهن ئي رجوع ٿيڻ گھرجي. ٻيو ته سڀ فيض مُرشد کان ئي ڄاڻي، توڙي جو ظاهر ۾ کڻي ٻئي ڪنهن کان ملندو هجي ۽ مرشد جي غائب هجڻ ۾ به ان کي غائب نه سمجهي.

 جيئن مولوي رومي چيو آهي:

دست پير از غائبان کوتاه نيست
دست او  جز  قبضئه  الله  نيست

[معنيٰ: مرشد جو هٿ پري وارن کان پري نه آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو هٿ الله جي قدرت واري هٿ کان جدا نه آهي.]

وڌيڪ فرمايائون: مرشد جو ادب هي به آهي ته اُن ڏانهن پير ڊگها نه ڪجن ۽ نڪي اُن ڏانهن ٿُڪ اڇلائجي. اهي ٻئي ڪم مرشد جي حاضر هجڻ يا غائب هجڻ، ٻنهي صورتن ۾ نه ڪرڻ گھرجن. جيڪي ڪم مرشد جي سامهون ڪرڻ مناسب نه آهن، سي پرپُٺ به نه ڪري. مطلب ته مريد پنهنجي راضپي کي مرشد جي راضپي اڳيان ڇڏي ڏئي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: مولوي جامي چيو آهي:

ادبوا  النفس ايها الاصحاب
طريق   العشق  کلها   آداب

[معنيٰ: اي مريدؤ! پاڻ کي ادب سيکاريو، عشق ۽ محبت جي سڄي واٽ ادب ئي آهي.]

مولوي رومي چيو آهي:

آن شهي در بندگي پنهان شده
بهر   جاسوسي  بدنيا   آمده

[معنيٰ: اهو (حقيقي) بادشاهه ٻانهي ( ڪامل مرشد جي لباس) ۾ ڳجهو ٿيو آهي، سو(طالبن جي) ڳولا لاءِ دنيا ۾ آيو آهي.]

کم کسي ز ابدال حق آگاه شد
جمله عالم زين سبب گمراه شد

[معنيٰ: تمام ٿورا ماڻهو الله جي ابدالن کان واقف ٿيا، انهيءَ سبب (مخفي رهڻ) ڪري سڄو جهان گمراهه ٿيو.]

همسري   با  انبياء  برداشتند
اوليا را همچو خود  پنداشتند

[معنيٰ: انهن نبين سان (وجود ۾) همسري ڪئي ۽ ولين کي پاڻ وانگر (الله کان پري) ٿا سمجھن.]

از  محقق  تا  مقلد    فرقها    است
آن چو داؤد است واين ديگر صد است

[معنيٰ: محقق ۽ مقلد ۾ گهڻو فرق آهي، تحقيق وارو حضرت دائود وانگر آهي ۽ هي مقلد صرف آواز جو پڙاڏو آهي.]

حق پديد است درميان ديگران
همچو  مہ  اندر ميان  اختران

[معنيٰ: سڀني ماڻهن جي وچ ۾ حق (ڪامل مرد جي لباس ۾) ائين ظاهر آهي، جيئن تارن جي وچ ۾ چنڊ ظاهر آهي.]

رحمت  کلي  بود  مرتام را
رحمت جُزوي بود مرخام را

[معنيٰ: هر قسم جي رحمت ڪامل معرفت واري لاءِ ئي آهي، ٿوري رحمت ڪچي ماڻهوءَ لاءِ آهي.]

مـــرد دانــــا  رحــمــت للـعـالـمين
اين نشاني علم باشد اي قرين

[معنيٰ: الله جي رازن جو ڄاڻو (درويش) جهان وارن لاءِ رحمت آهي، اي ساٿي! اهو ئي انسان علم جي نشاني آهي.]

متحد  جانها  است شيران خدا
جان گرگان وسگان هريک جدا

[معنيٰ: جيڪي ماڻهو الله جا (طالب) شينهن آهن، تن جو ساهه (الله جي طلب ۾) هڪ آهي. باقي جيڪي (ماڻهو وصف ۾) بگهڙن ۽ ڪتن جهڙا آهن، تن جو ساهه هڪ ٻئي کان جدا آهي.]

سالڪن جو اهو اتحاد هن ڪري آهي ته جيڪا معنيٰ انهن کي حاصل آهي سا هڪ آهي ۽ صورتون گهڻيون آهن. ڪتاب ‘عين العلم’ ۽ ان جي شرح (ملا علي قاري) ۾ آهي ته جڏهن اتحاد حاصل ٿيندو ته پوءِ آداب کڄي ويندا، ڇاڪاڻ ته دل جي صفائي مقصد آهي ۽ ادب ان جو ظاهري نمونو آهي، پوءِ جڏهن اصل جي ڄاڻ ملي وئي ته نموني جي ڪا ضرورت نه رهندي.

                سلطان الاولياء فرمايو: جنهن حق کي سُڃاتو[37] تنهن لاءِ باطل ڳجھو نه رهندو. بلڪ اهو هر غلط مذهب ۽ سندن غلطيءَ جي سبب کي پڻ ڄاڻندو. اهڙيءَ طرح هر فرع کي ڄاڻندو، پوءِ چاهي اها فرع پنهنجي اصل سان ٺهڪندڙ هجي يا نه هجي ۽ اهو عارف قومن جي اختلاف جو سبب ۽ انهن جي خواهشن جو اختلاف به ڄاڻندو آهي نه ته حق هڪ ئي آهي. (جنهن ۾ ڪو به اختلاف ڪونهي.)

              سلطان الاولياء فرمايو: محبوب (جي صفت وارو سالڪ) بخشيل آهي، جو اهو صبر ۽ شڪر ڪندڙ آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو عين (ذات الله تعاليٰ) کي پُهتل آهي سو ٻنهي حڪمن (نفي ۽ اثبات) کان ماٺ ۾ هوندو آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: اهـو جـمع جو مـقام آهي جـنهن ۾ نـفي ۽ اثبات کي گڏ ڪيو ويندو آهي. حديث شريف ۾ آهي :                من صمت نجيٰ

[ترجمو: جنهن ماٺ ڪئي، تنهن ڇوٽڪارو لڌو.]

                سلطان الاولياء فرمايو: جنهن قول تي عمل نه ٿيو هجي سو ضعيف آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: اهو ضعيف هجڻ مشڪل جي دفع ڪرڻ لاءِ آهي. هن جو اصل الله تعاليٰ جو ڪلام آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org