نسخي تي ڪاتب طرفان لکيل عبارت
الڪلمات القدسية
التي افيضت من مولانا الشيخ محمدزمان السنڌي
النقشبندي مع تاءييدات خليفتہ مولانا محمدعابد.
والله اعلم
سماع من المرشد الڪامل فتح الله تعاليٰ غليظ
بفتوحات ونفعنا ببرڪاتہ
تامل سطور العالمين فانها
من الملڪ الاعلي اليڪ رسايل
تجدان تحقيقت فيما خطّها
الا ڪل شيءِ ما خلا الله باطل
انتهي نقله من خط الشيخ محمدعابد السنڌي
[پاڪ گفتا، جيڪي مولانا شيخ محمد زمان
سنڌي نقشبندي جن کان صادر ٿيا، (سي) سندن (درگاه
جي) خليفي مولانا محمد عابد سنڌي جي تائيدن سميت
(شامل آهن) والله اعلم. جيڪي مرشد ڪامل کان ٻُڌا
ويا. الله تعاليٰ سندن فيوضات کي اسان مٿان کولي
ڇڏي، سندن برڪتن مان اسان کي به فائدو رسائي.
جھانن جي سِٽن ۾ ڪجھ غور و فڪر ڪر، ڇو ته اهي وڏي
بادشاھ طرفان تو ڏانهن پيغام/ خط آهن. جيڪي لکيل
آهي، توکي ان مان معلوم ٿي ويندو، الله تعاليٰ
کانسواءِ هر شيءِ باطل آهي. پورو ٿيو خط شيخ محمد
عابد سنڌي جو.]
ضميمو - الف
الوَردِ المُحمدي
يعني:
[‘فتح الفضل’ جي فارسيءَ ترجمي ۾ ڪيل اضافا ۽
سمجھاڻيون.]
فارسي مترجم ۽ شارح:
خواجه گل محمد لُواريءَ وارو
(1177ھ- 1218ھ = 1763ع- 1803ع)
فارسي ترجمي ۽ تاليف جو سال:
1200 ھ مطابق 1786ع
بسم الله الرَّحمٰن الرَّحيم
اَلحَمدُ لِلهِ اَّلذِي جَعَلَ قُلُوبَ الاولِيآءِ
مِرآتِ لِّظُهُورِهِ وَالصَّلواةُ عَليٰ مُحمَّدٖ
وَّآلِہِ وَاَصحَابِہِ الَّذِينَ فَازُ و
بِفَيضِہِ
اَمَّا بَعدُ فَلَمَّا کَانَ المُرشِدُ الاَجَلُّ،
قُدوَةُ الاَولِيآءِ، امامُ الاَصفِيآءِ، سَيِّدُ
المُحَقِّقِينَ، بُرهَانُ المُدَقِّقِينَ، وَاقِفُ
اَسرَارِ المُتَشَابِهَاتِ، عَالِمُ رُمُوزِ
المُقَطِّعَاتِ، مَرجِعُ الاَوتَادِ، قُطّبُ
الاِرشَادِ، الَّذِي سَيَاتِي اِسمہُ وَلَقَبہُ
فِي الکِتَابِ النَّقشِبَندِي طَرِيقُہُ وَ
لُوَارِي مَولِدُهُ تَکَلَّمَ بحَقَائِقَ
السُّلُوکِ وَ الجَذبَةِ بِلِسَانِ السُّنُودِ
وَحّرَرَهُ صَاحِبُ الحَقَائِقِ وَ المَعَارِفِ
وصَاحِبُ الوِلايَةِ اَلشَّيخُ عَبدُالرَّحِيمِ
بِلِسَانِ العَرَبِيَّةِ وَسَمَّاهُ بِفَتحِ
الفَضلِ لاَنَّ فَضلَ اللهِ اَفَهمَہُ، فَارَدَتُّ
اَن اَشرَحَہُ بِلِسَانِ الفَارَسِيَّہ لِيَسهَلَ
فَهمُہُ وَسَمَّيتُہُ بِوَردِالمُحمَّدِيَّةِ
وَمِنَ اللهِ التّوفِيقُ وَالهِدَايَةُ وَهُوَ
حَسبِي وَنِعمَ الوَکِيلُ.
[سڀئي تعريفون ان الله لاءِ ئي آهن، جنهن اوليائن
جي دلين کي پنهنجي ظهور لاءِ آئينو بڻايو ۽
صلواتون ۽ سلام محمّدﷺ تي ۽ سندس اولاد ۽ اصحابن
رضي الله عنهم تي هجن، جيڪي سندس فيض سان ڪامياب
ٿيا.
حمد ۽ صلوات کانپوءِ جيئن ته وڏي ۾ وڏي
مُرشد، اوليائن جي اڳواڻ، چونڊ بزرگن جي امام،
محققين جي سردار، مدققين جي برهان، متشابهات جي
اسرارن جي واقف، مقطعات جي رمزن جي عالم، اوتاد جي
مرجع، قطب الارشاد، جنهن جو نالو ۽ لقب سگھوئي هن
ڪتاب ۾ ايندو، ان جو طريقو نقشبندي ۽ سندس ڄمڻ جي
جاءِ لُواري (شريف) آهي. انهن سلوڪ ۽ جذبه جي
حقيقتن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪلام فرمايو هو، جنهن کي
حقائق ۽ مُعارف جي مالڪ، ولايت جي صاحب، شيخ
عبدالرحيم عربي ٻوليءَ ۾ لکيو ۽ ان جو نالو ‘فتح
الفضل’ رکيو. ڪتاب تي اهو نالو ان ڪري رکيائين، جو
الله جي فضل ئي کيس اها سمجھ عطا ڪئي هئي. تڏهن
مون گھريو ته ان جو فارسي ٻوليءَ ۾ (ترجمو ۽) شرح
ڪريان ته جيئن ان جو سمجھڻ سولو ٿئي ۽ مون ان جو
نالو ‘وردالمحمديه’ رکيو. الله طرفان سگھ ۽ هدايت
آهي ۽ اهو مون لاءِ ڪافي آهي ۽ چڱو وڪيل آهي.]
مقدمي جو شرح
مطلب ته سخن ۽ ٻول سڀني شين کان وڌيڪ ڀلو آهي.
مطلب ته جيڪي سندس دل ۾ ايندو سو الله جي راضپي جو
ڪارڻ آهي. اهو فارسي بيت توڻي حديث ٻئي پير جي
ڪلام جي وصف ۽ واکاڻ ۾ آيل آهن.
مطلب ته حقيقت جيئن ذات يا اصل ڪري صورت کان جدا
شيءِ آهي. تيئن وجود ڪري به صورت کان جدا آهي، ذات
۽ وجود ٻئي حضرت امام رباني مجدد الف ثاني وٽ هڪ
ٻئي جي مخالف ۽ جدا آهن. ليڪن جلال (دواني) وٽ ٻئي
پاڻ ۾ هڪ آهن.
ڪلي مشڪِڪّ ان کي چوندا آهن جنهن جو ظهور فردن ۾
هڪجھڙو نه هجي، پر ڪن ۾ قوي ۽ ڪن ۾ ڪمزور هجي.
جيئن بهادري هر جوان ۾ موجود آهي، پر شينهن ۾ ان
جو ظهور قوي آهي ۽ لومڙ ۾ ان جو ظهور ضعيف آهي.
ڪلام جو حاصل (مقصد) اهو نڪتو ته “حقيقت ڪلي” آهي
جنهن جو “ڪامل انسان” ۾ ظهور لياقت آهر قوي آهي ۽
ناقص انسان ۾ ضعيف آهي. اهڙي طرح هر حيوان ۾ ان جي
انداز آهر ان جو ظهور ٿيو آهي.
الله ڏانهن سير کان اڳ طالب تي جيڪي پڌرو ٿئي ٿو،
تنهن کي “تعين امڪاني” چوندا آهن ۽ جيڪي الله
ڏانهن سير کانپوءِ پڌرو ٿئي ٿو، ان کي “تعين
وجوبي” سڏيندا آهن.
مطلب ته وحدانيت لاءِ دليل آڻڻ ۽ توحيد ۾ شڪ ڪرڻ
ان ماڻهو کي ٿيندو آهي، جيڪو مسميٰ (ذات) کي نه
پهتو آهي، باقي جيڪو ذات کي پهچي ويندو آهي، ان جي
دل ۾ وحدانيت جو اهڙو ويساھ ۽ يقين هوندو آهي، جو
کيس دليل جي گھرج ئي نه هوندي آهي.
الله تعاليٰ جي ذات جي هر دم حضور کي “يادداشت”
چئبو آهي. اُها معنيٰ اهڙي آهي جو ڪڏهن دل وارن
سالڪن کي به خيال ۾ نه ايندي آهي. ان سان نقشبندين
جي شروعات ٿيندي آهي. پر ڄاڻڻ گھرجي ته اها معنيٰ
“يادداشت” جي ظاهري صورت آهي. يادداشت جي حقيقت کي
هٿ ڪرڻ امڪاني مرتبن جي لتاڙڻ سان ٿيندي آهي. بلڪ
اها حقيقت تڏهن حاصل ٿيندي، جڏهن “ذات احديت” وٽ
پهچڻ ٿيندو. اهو مقام نهايت بلند آهي. سڀ ڪنهن کي
ان تائين پهچ نه ٿيندي ۽ ان جي اُپٽار هتي مناسب
نه آهي.
اهو هڪ لڪل سوال جو جواب آهي ته حضرت سلطان
المشائخ جا ٻول سنڌي ۾ هئا، انهن کي عربيءَ ۾ ڇو
آندو ويو؟ سو هتي ٻُڌايو ويو ته ڳالهائڻ جو مطلب
آهي ٻئي کي ڄاڻائڻ ۽ زبان ان لاءِ وسيلو آهي، جنهن
سان سمجھائبو آهي. گويا زبان جي اختلاف ڪري ڪلام
مختلف نه ٿيندو. جيئن هتي اصل ڪتاب (فتح الفضل) ۾
سنڌي ٻولن کي عربيءَ ۾ لکيو ويو آهي. جڏهن ته زبان
جو اختلاف ڪلام(جي مطلب) کي نه ڦيرائيندو آهي.
ارشادات جي شرح
1.
جيئن پاڪائي يا پليتي، مهل يا ڪُمهل مطلب ته هر
وقت ۽ هر حال ۾ الله تعاليٰ جو ذڪر ڪرڻ گھرجي.
جيڪو الله تعاليٰ جي امر ۽ نهي کي بنا ڪنهن حجاب
جي سمجھي اطاعت ڪري.
2.
تڏهن ڌڻيءَ تعاليٰ جي طلب ۾ دنيا يا بهشت جي خواهش
نه رکڻ گھرجي.
قرآن ۽ حديث جي علمن جا ماهر نه آهن.
پر فنا ۽ بقا، جذبي ۽ سلوڪ کي اڃا نه پهتا آهن.
3.
انهن بيتن جو اهو مطلب آهي ته غير خدا جي طلب نه
ڪجي، توڙي اهو بهشت ڇو نه هجي. جيئن حديث ۾ آيو
آهي ته دنيا جو طالب کدڙو آهي، آخرت کي طلبيندڙ
عورت آهي ۽ موليٰ جو طالب مرد آهي.
جيئن مولانا رومي چوي ٿو:
حب تا مطلق نباشد قيد تست
چون شود مطلق دو عالم صيد تست
[معنيٰ: جيستائين محبت عام نه هوندي ته اها تولاءِ
قيد آهي، جڏهن اها محبت عام ٿيندي ته ٻئي جھان
تولاءِ شڪار آهن.]
مطلب اهو آهي ته جڏهن الله تعاليٰ جي ذات بيمثال
۽ ڪيفيت کان پاڪ آهي، تڏهن ان جي محبت به ڪنهن
شيءِ سان مقيد نه بڻائجي، تڏهن وڃي اها محبت
بيمثال ذات جي لائق ٿيندي.
9.
هن عبارت ۾ اهو اشارو آهي ته خدا پاڪ جو ظهور هر
ڪامل انسان جي دل تي هن قدسي حديث موجب ٿيندو آهي،
الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته مون کي منهنجي زمين ۽
منهنجو آسمان سمائي نه ٿا سگھن، پر منهنجي مومن
ٻانهي جي دل مون کي سمائي سگھي ٿي. سڪندر وانگر جو
هو سفير واري پوشاڪ پائي نوشابه وٽ ويو هو.
10.
حق کي ڍڪيندڙ عمل صالح جي اُپٽار لکڻ ۾ نه ٿي اچي
سگھي، ان ڪري ان جي پچار نه ڪرڻ بهتر آهي.
اُهي چشما آهن اسلام ۽ طريقت واري ڪفر جا، اسين
فيض ۽ هدايت وارو پاڻي
پيئندا رهون ٿا.
11.
مطلب ته پنهنجي اختيار کي ڇڏي، الله جي رضا کي
اختيار ڪر.
12.
مطلب ته تقدير بهشت ۽ تدبير دوزخ آهي.
مطلب ته اسين خدا پاڪ جي خواهش تي هلون ٿا، زاهد
وانگر پنهنجي خواهش تي
نٿا هلون.
13.
تون ائين ٿي وڃ جيئن ميت غسل ڏيندڙ جي هٿ ۾ هوندو
آهي.
مطلب ته سڀ ڪم جيتوڻيڪ تقدير ڪري آهن، پر سڀ ڪنهن
چڱائي يا بڇڙائي جو ظهور ماڻهو جي هٿان ٿئي ٿو.
جيئن سڀني جو پيدا
ڪندڙ ته الله آهي، پر ظاهري طرح ماءُ پيءُ جي
ميلاپ کانسواءِ ٻار پيدا نه ڪندو آهي.
14.
اهو نقطو الله جي وحدانيت آهي.
15.
مطلب ته طلب ۾ ڪوشش ڪجي ۽ لطيفي کي سڃاڻڻ جي ڪا
ضرورت نه آهي.
مطلب ته سلوڪ جو ڦر ۽ ميوو هٿ ڪجي ۽ لطيفي جي ڄاڻڻ
جي کيس ضرورت نه آهي.
هن جملي جون ٻه معنائون ٿي سگھن ٿيون. هڪ اها ته
سالڪ جو پڇا ڳڇا نه ڪرڻ عالم رباني جي ابتڙ آهي،
جو هو تفصيل سان بحث ڪندو ۽ ڄاڻندو آهي ته خدا جو
ديدار دل سان ٿيندو يا هنن اکين سان. ٻي معنيٰ اها
آهي ته ظاهري عالم، سالڪ جي ابتڙ هوندو آهي، اهو
خدا وٽ پهچڻ واري واٽ کي ڇڏي، رڳو هن جھڳڙي ۾
مشغول ٿي ويندو آهي ته خدا پاڪ جو ديدار دل سان
آهي يا اکين سان.
عالم امر جي لطيفن جو بيان هن طرح آهي ته پهريون
لطيفو”قلب“ جيڪو جھانن جي سردار محمّد ﷺ کان حضرت
علي ڪرم الله وجھه کي مليو آهي ۽ حضرت امير کان
تابعيت ۽ ورثي جي طور تي هن سلسلي (نقشبندي) جي
مشائخن وٽ پهتو آهي ۽ اهو ذات جل شانه جي اسم جو
ذڪر آهي. جو هن طرح آهي ته الله جي نالي مان رڳو
بيمثال ذات کي گھري ۽ ان سان ڪنهن به وصف جو خيال
نه ڪري تڪلف يا تڪلف کانسواءِ ذڪر ڪندو رهي، هن ۾
دل کي حرڪت ڏيڻ جو ڪو به شرط نه آهي. هن حالت کي
“ياد ڪرد” چوندا آهن ۽ “سفر در وطن” نالو ڏيندا
آهن. جيڪڏهن الله پاڪ جي عنايت شامل حال رهي ۽
هميشگيءَ سان اها صفت ان کي لازم ٿي وڃي جو هو
تڪليف وٺي ان جي حضور کي دل کان پري ڪرڻ جي ڪوشش
ڪري، تڏهن به دور نه ٿئي ته ان حالت کي “يادداشت”
۽ “خلوت در انجمن” چوندا آهن ۽ فنا قلبيءَ سان ان
کي تعبير ڪندا آهن. “سيرالي الله” (الله ڏانهن
سير) هن لطيفي ۾ ٿيندو آهي ۽ هن لطيفي جو اڱڻ
افعال الاهيءَ جي تجلن سان ڳُتيو پيو آهي ۽ اُن جو
“بقا” به ان سان ٿيندو آهي. اتي سالڪ پاڻ کي عقل
کان ٻاهر ڏيکاءُ ڏيندو آهي، ان کانپوءِ حق جي فعل
سان باقي ٿيندو آهي ۽ هي لطيفو حضرت آدم عليه
السلام جي ولايت آهي ۽ اُن جو نور ڦڪي رنگ جو آهي
۽ هن لطيفي “عالم امر” جو آکيرو کٻي بُبي جي هيٺان
آهي.
ٻيو لطيفو قدم آهي جيڪو روح جي نالي سان مشهور آهي
۽ هي لطيفو حضرت نوح ۽ حضرت ابراهيم عليهم السلام
جي پيرن هيٺان آهي ۽ جنهن جو نور ڳاڙهو آهي. هن جو
آکيرو سڄي پاسي جي هيٺان آهي ۽ سندس اڱڻ الله
تعاليٰ جي صفات وارين تجلين جي ظهور سان گڏيل ۽
ڳتيل آهي. سالڪ جو بقا ان سان آهي ۽ هن جي فنا ۾
سالڪ پنهنجي بشري صفت کان فاني ٿي، حق جي صفت سان
باقي ٿيندو آهي.
ٽيون مقام جيڪو “سِرّ” جي نالي سان مشهور آهي، سو
حضرت موسيٰ عليه السلام جي پير هيٺان آهي ۽ هن
لطيفي جو آکيرو سڄي بُبي جي مٿان آهي، جنهن جو
نور اڇو آهي. هن جي آسپاس خدا تعاليٰ جي صفتن ۽
اعتبارات ۽ ان سان باقي رهڻ سان ڳتيل آهي.
چوٿون “مقام” جنهن کي “خفي” سڏيو ويندو آهي،
تنهنجو نور ڪارو ۽ سندس آستان ۽ آکيرو کٻي بُبي جي
مٿان آهي. هي لطيفو حضرت عيسيٰ عليه السلام جي قدم
هيٺان آهي ۽ ان جي فنا تنزيهيءَ جي تجلين تي ٻڌل ۽
اُن سان باقي رهڻ آهي.
پنجون “نور” آهي، جنهن کي “اخفيٰ” سڏجي ٿو، هن جو
بيان قدسي حديث ۾ آيو آهي “وفي الاخفيٰ انا”
يعني: اخفيٰ ۾ آئون آهيان. هن جي جاءِ وچ سينو آهي
۽ سندس نور سائو آهي. هي لطيفو آنحضرتﷺ جي قدم
هيٺان آهي ۽ هن لطيفي جي فنا الله جي ذاتي تجلين
تي ٻڌل ۽ ان سان باقي رهڻ آهي.
ڄاڻڻ گھرجي ته جڏهن عالم امر جي پنجن لطيفن ۾ فنا
حاصل ٿيندي، تڏهن علم حضوريءَ جو زوال ٿيندو ۽ غير
خدا کان ويسر حاصل ٿيندي آهي.
عالم خلق جي لطيفن جو بيان هن طرح آهي ته لطيفي
“نفسي” جي فنا اها آهي ته پنهنجي وجود کي بيحس ميت
وانگر ڄاڻي. لطيفي “آبي” جو اهڃاڻ اهو آهي ته ان ۾
بي انداز پاڻي ۽ باغ نظر ايندا آهن. لطيفي “بادي”
جو اهڃاڻ اهو آهي ته پاڻ کي پکي وانگر هوا ۾
اُڏامندڙ لهندو آهي. لطيفي “آتشي” جو اهڃاڻ اهو
آهي ته سندس نظر ۾ ڏيئا ۽ مشعلون اينديون آهن.
لطيفي “خاڪي” جو اهڃاڻ اهو آهي ته پلڪار وانگر
ڌرتي نظر ايندي آهي، ان ڪري زمين تي جيڪا به شيءِ
آهي اها کانئس اوجھل نه رهندي آهي.
پوءِ ڄاڻڻ گھرجي ته جنهن ماڻهوءَ کي جنهن لطيفي
مان گھڻو فيض ملندو آهي ته ان لطيفي سان ان جي
مناسبت به گھڻي هوندي آهي. حضرت پير مرشد (سلطان
الاولياء) جو ”اخفيٰ“ لطيفي سان مناسبت ۽ لاڳاپو
هو، جيڪو آنحضرتﷺ جي قدم هيٺان آهي. جيئن لقب ان
جو سندن نالي جي موافق آهي ۽ سمجھ ۾ اچي ٿو. هن
درويش (خواجه گل محمد) جي مناسبت لطيفي“سِرّ” سان
آهي، جيڪو حضرت موسيٰ عليه السلام جي قدم هيٺان
آهي.
مطلب ته جنهن طالب جو فيض هڪ لطيفي کان آهي، اهو
ٻئي لطيفي تي اڪتفا ۽ صبر نه ڪندو. مولوي رومي چوي
ٿو:
”نبض
عاشق جز بنامِ يار نايد درطپش“
[معنيٰ: عاشق جي نبض رڳو يار جو نالو تنواريندي
گرم ٿيندي آهي.]
16.
هن فرمودي جو مطلب آهي ته طالب لاءِ فنا ۽ بقا،
جذبه ۽ سلوڪ جھڙا مقام هوندا آهن. جذبه ۽ سلوڪ
کانپوءِ اصلي صحو يا هوش واري حالت ڏانهن موٽڻ جو
نالو نهايت آهي.
17.
ڄاڻڻ گھرجي ته مراقبي جو مطلب آهي ته اسان پنهنجي
ظاهري توڻي باطني حواسن کي مطلوب جي انتظار ۽
اوسيڙي ۾ لڳائي ڇڏيون. مراقبي جي ٻي معنيٰ اها آهي
ته سالڪ اهو خيال ڪري ته الله تعاليٰ هميشه سندس
ظاهر ۽ باطن جي خواهش رکندڙ آهي. حضرت خواجه
نقشبند فرمايو آهي ته مراقبي سان ملڪ، ملڪوت،
وزارت ۽ تصرف جي مرتبي تي پهچي سگھجي ٿو. دل جي
روشني ۽ باطن جو نور دلين جي دائمي مقبوليت ۽
جمعيت مراقبي مان ئي ملندي آهي.
21.
مطلب ته جتي نبيءَ جو نالو اچي وڃي اُتي ڪوڙ جو ڪو
سوال ئي نه ٿو اُٿي.
24.
شيخ يا مرشد سان رابطي جي واٽ اها آهي جو پير جي
صورت کي دل ۾ تصور ڪري، ڇو ته پير ۽ مرشد حق
سبحانه جي درگاه ۾ پهچڻ جو هڪ واسطو آهي. پر مريد
کي جيترو وڌيڪ پنهنجي پير سان مناسبت هوندي اوترو
ان جي باطن کان وڌيڪ فيض پرائيندو. تنهنڪري مريد
کي گھرجي ته پهريائين پير ۾ فنا ٿئي، ان کانپوءِ
“فنا في الله” ۾ پهچي.
25.
ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جي “احديت” واري مرتبي ۾
جيتوڻيڪ “انسانيت” جي ڪابه گنجائش ناهي، پر اُها
ڌڻي تعاليٰ جي ذات کي وڌيڪ ويجھو آهي.
26.
مطلب ته جڏهن الله جي طلب سڀني اهم شين کان وڌيڪ
اهم آهي، تڏهن هر هڪ ماڻهوءَ کي ان جي گھُر تي
الله جو ڏَسُ ڏِيون ٿا.
27.
مطلب ته وحدانيت کي ڇڏي وڃي ڪثرت ۾ ڪِرندو آهي.
29.
الله پنهنجي ڪمال بزرگي ۽ ظهور ڪري پنهنجي غير ۾
ڳجھو نه رهندو آهي.
30.
هتي حفظ مان ان جي مراد عشق آهي.
31.
اهي متڪلمين جون بيان ڪيل ست صفتون هي آهن: سمع،
بصر، علم، متڪلم، مريد، حيءُ ۽ قدير ۽ صفت تڪوين ۾
اختلاف آهي. اهو لفظ الله ائين نه آهي جيئن ڪن
عالمن گمان ڪيو آهي همداني شرح مسلم ۾ لکيو آهي ته
اهو ذات لاءِ سڀني شخصن (اٺن صفتن) سميت اسم ذاتي
بنايو ويو آهي.
33.
ادراڪ “بسيط” اهو آهي جو سالڪ ڪنهن به شيءِ کي
جڏهن ڏسندو آهي ته پهريائين خدا جي جمال ۽ سونهن
کي پسندو آهي ان کانپوءِ ان شيءِ کي ڏسندو آهي.
جيتوڻيڪ کيس ديدار ڪرڻ جو ارادو نه هوندو آهي، بلڪ
عوام وٽ غفلت ۾ هوندو آهي. ادراڪ “مرڪب” اهو آهي
جو ڌڻي پاڪ جي جمال ۽ سونهن کي ڪائنات جي مظاهر ۾
جلوو ڪندي پسندو آهي. پر اهو ان وقت هوندو آهي،
جڏهن کيس ديدار جو قصد هوندو آهي.
“ادراڪ بسيط” ان ماڻهوءَ کي ملندو آهي، جنهن جي
غفلت، ڌڻيءَ تعاليٰ جي ڏسڻ کان نه روڪيندي آهي.
“ادراڪ مرڪب” ان ماڻهوءَ کي حاصل ٿيندو آهي، جو
ياد رکڻ کان سواءِ خدا تعاليٰ جي سونهن کي نه
پسندو آهي.
اها حيرت ادراڪ بسيط سان خدا تعاليٰ کي ڏسڻ ڪري
ٿيندي آهي.
مطلب ته هر شيءِ جي منشاء خدا تعاليٰ آهي.
جڏهن ته ادراڪ بسيط يوناني فيلسوفن کي حاصل نه هو،
ان ڪري انهن جھان جي اسبابن تي نظر وڌي ۽ دهريت جا
قائل ٿيا.
34.
مطلب ته محدثين پيغمبر ۽ صحابين جا عاشق آهن، انهن
وٽ ٻئي جي ڳالھ حديث نه
آهي.
37.
جيئن مال جي سنڀال يا شڪار لاءِ
38.
نماز رسمي اها آهي جنهن ۾ نماز جا ارڪان: قيام،
قعود، رڪوع، سجدو ۽ ٻيا ٺيڪ
طرح ادا نه ڪيا وڃن.
نماز بُراين کان روڪڻ لاءِ اهل ۽ ماءُ وانگر آهي،
انهن جو ميلاپ تڏهن ٿيندو، جڏهن نماز کي پوري طرح
ادا ڪيو ويندو.
40.
جيئن قدسي حديث ۾ آيو آهي ته مون کي منهنجي زمين ۽
منهنجو آسمان نه ٿو ماپائي
سگھي، پر منهنجي مومن ٻانهي جي
دل مون کي سمائي ۽ ماپائي سگھي ٿي. جيئن جامي چوي
ٿو:
چرخ و فلک و آنچه بود در خمش
و آنچه خرد نام نهد عالمش
وسعت دائره دل کم است
آن هم چون قطره و دل قلزم است
[معنيٰ: آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ۾ آهي ۽ جنهن کي
عقل جھان سڏي ٿو، تنهن جهان جو دائرو دل کان گھڻو
گھٽ آهي. اُهي سڀ شيون پاڻيءَ جي هڪ قطري وانگر
آهن ۽ دل سمنڊ آهي.]
سالڪن جي نموني جي اها معنيٰ فهم ۽ قاصر ۾ آئي
آهي- والله اعلم.
40. ڪنهن ڪلام جو حال سمجھ ۾ نه اچي ته ان تي ان
جھڙو اڳيون ڪلام حاڪم هوندو آهي.
46. “حبل الوريد” هڪ شريان آهي، جيڪا دل ۽ ڦڦڙن جي
وچ تي آهي، اها هير، هوا ۽ نخار جي ڪڍڻ لاءِ ڪم
ايندي آهي.
جڏهن خدا تعاليٰ جو ڪلام قديم، حرف ۽ آواز کان پاڪ
آهي، ان ڪري هر پيغمبر ڪلام نفسيءَ کي پنهنجي قوم
جي ٻوليءِ ۾ بيان ڪيو آهي. جيئن مذڪوره آيت ۾ آهي.
جي اُهي هڪ حرف ۽ آواز جا پابند هجن ها ته سڀ
پيغمبر ڪلام الله کي هڪ ئي ٻوليءَ ۾ بيان ڪن ها.
هن سان اهو به پڌرو ٿيو ته قرآن حڪيم ۾ اچي ٿو:
واذ صرفنا اليڪ نفرامن الجن (سورت احقاف آيت 29)
۽ جڏهن اسان توڏانهن جنن جي هڪ جماعت کي ڦيرايو.
نباتات ۽ حيوانات به آنحضرتﷺ جا تابعدار آهن. ان
لاءِ اهو دليل آهي جو انهن ٻنهي کان نبيﷺ جي حضور
۾ سجدو ڪرڻ ۽ تابعداري ڪرڻ آيو آهي. جيئن هڪ حديث
۾ آيو آهي ته آدم ۽ ان کان سواءِ ٻيا سڀ منهنجي
جھنڊي جي هيٺان آهن ۽ اهو آئون فخر نه ٿو ڪريان.
47. “جيڪو دل ڏانهن پهتو اهو مجتهد آهي”. ان جي
وضاحت هن طرح آهي ته انسان ۾ جيڪي ڇھ لطيفا رکيل
آهن، جيڪي هي آهن: نفس، قلب، روح، سر، خفي ۽
اخفيٰ. ٻين سڀني مشائخن جو سير دل جي ظاهر تي آهي
۽ هنن (نقشبندي) بزرگن جو سيردل جي باطن ۽ اندر ۾
هوندو آهي. اُهي هن باطني سير ڪري بطون (دل جي
گھراين) ۾ پهچي ويندا آهن. ٻيو ته دل جي اندر دل
به لطائف تي مشتمل آهي، پر دل جي دل ۾ دائري جي
سوڙهائي ڪري “نفسي” ۽ “اخفيٰ” لطيفا نروار نه
ٿيندا آهن. اهڙيءَ طرح ان جو حال آهي جيڪا ٽئين
مرتبي ۾ آهي. (يعني دل جي دل جي دل) پراُتي “خفي”
لطيفو ظاهر نه ٿيندو آهي. اهو ئي حال ان دل جو
آهي، جيڪا چوٿين درجي ۾ آهي. پر ان ۾ “سري” لطيفو
پڌرو نه آهي ۽ پنجين درجي ۾ روح جو لطيفو ظاهر نه
ٿو ٿئي. اُتي قلب (دل) کانسواءِ ڪابه شيءِ نه ٿي
رهي.
هتي بيان جي لائق هي ڳالھ آهي ته جيڪا به
شيءِ “عالم ڪبير” ۾ آهي جيڪو عرش جي مٿان آهي.
اُها “عالم صغير” يعني انسان ۾ به اجمالي طرح ظاهر
آهي. اهڙيءَ طرح جيڪي انسان جي بدن ۾ آهي، سو دل ۾
به اجمالي طرح آهي. اهڙيءَ طرح دل جي دل ۾ جيڪا
شيءِ اجمالي طرح روشن آهي سا اجمالي طرح ان دل ۾
آهي، جيڪا ٽئين درجي ۾ آهي. اهڙي طرح دل جي دل جي
دل ۾ جيڪا شيءِ روشن آهي سا چوٿين درجي واري دل ۾
اجمال ۽ تفصيل سان روشن آهي. اهڙيءَ طرح ان دل ۾
جيڪا پنجين درجي ۾ آهي ڇو ته جيڪي اڳين دلين ۾ هو
سو سڀ هن دل ۾ آهي، پر هن ۾ گھڻو اجمال آهي. جيئن
وسعت هوندي تنگي رکي ٿي، تيئن ٻي ڪابه مخلوق نه
آهي ۽ اُها دل الله تعاليٰ سان ٻين سڀني شين کان
وڌيڪ مناسبت رکي ٿي. جڏهن پوري معرفت وارو سالڪ هن
مقام تي پهچندو ته هو ساري جھان لاءِ دل ٿي پوندو.
ان کان پوءِ اقطاب، ابدال، اوتاد، افراد، اَحاد ۽
ٻيا سڀ اولياء ان جي ولايت واري دائري جي هيٺان
آهن ۽ اُها دولت ان جي مراد سان مخصوص آهي. پر ان
دولت جو هٿ اچڻ وڌيڪ ڪامل تڏهن آهي، جڏهن اڳ ۾
سلوڪ ۽ جذبه، فنا ۽ بقا جا مُرتبا هٿ اچن. هن ڪلام
۽ تحقيق جو خلاصو اهو آهي ته جيڪو هن وڏي ولايت
يعني دل جي وصول تي پهتو ته اُهو مجتهد آهي.
مطلب ته جيڪو پيرويءَ ۾ رهيو ۽ اجتهاد جي درجي کي
نه پهتو ته اهو پنهنجي پيءُ يعني اجتهاد واري تي
ائين بار آهي جيئن بيمار پٽ جو بار سندس پيءُ جي
ڪنڌ تي آهي.
53. مطلب ته دل جي مرضن کان ڇوٽڪارو هن ۾ آهي ته
درويشيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه رکي.
54. مطلب ته جيڪڏهن دل ۽ علم جي قابليت هوندي ته
اهو قيدن ۽ مرتبن کي ڇڏڻ آسان آهي ۽ قابليت کان
سواءِ اُهي ٻئي مشڪل آهن.
58. مطلب ته معشوق حقيقي الله جي ذات آهي جيڪو ان
کي هٿ ڪندو ته ان کان سندس اَٺ صفتون: سمع، بصر،
علم، قدرت، تڪلم، مريد، حيّ ۽ تڪوين به ڳجھون نه
رهنديون.
60. ڇو ته هي خدا تعاليٰ تي ڪوڙ گھڙيندا آهن.
هتي مشهور قراءت حفص جي آهي. ان ۾ لفظ “الله” کي
زبر ۽ “العلماء” کي پيش پڙهيو ويندو آهي. ان وقت
معنيٰ هن طرح ٿيندي: “الله کان رڳو عالم (رباني)
ئي ڊڄندا آهن.
62. هن بيت جي پهرين مصرع هن طرح آهي:
هرچه انديشه پذيرائي فنااست.
[معنيٰ: جيڪا شيءِ خيال ۾ اچي سا فنا ٿيندڙ آهي.]
نفي ۽ اثبات جي واٽ جو بيان جنهن کي “وقوف عددي”
چون ٿا، سو هن طرح آهي ته مراقبي ۾ ويهي دم کي دُن
جي هيٺان بند ڪري ۽ لفظ “لا الهٰ” کي دُن جي هيٺان
ڇڪي مٿي جي چوٽيءَ تائين بلڪ عرش تائين پهچائي ۽
پوءِ “الاالله” کي سڄي ڪلهي کان صنوبري دل جيڪا
کٻي پاسي ۾ آهي، تي ضرب هڻي. هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ
ڏانهن خيال جي. ان ۾ بدن جي عضون کي چرپر نه ڏجي.
جيستائين دَمُ روڪي سگھي ذڪر ڪندو رهي، پر دَمَ ۾
اڪي جو خيال رکي. شروع ۾ هن ڪلمي جي معنيٰ ۾ ائين
خيال ڪري ته “لامقصود الاالله” يعني: الله
کان سواءِ ڪو به مقصود نه آهي. وچ ۾ “لاموجود
الاالله” يعني: الله کانسواءِ ڪابه شيءِ موجود
نه آهي ۽ حال جي پڇاڙيءَ ۾ ائين ڄاڻي ته “لامعبود
الاالله” يعني: الله کانسواءِ ڪو به عبادت جي
لائق نه آهي.
جتي طالبن لاءِ نفي ضروري هوندي آهي اها
“ولايت صغريٰ” يعني ننڍي ولايت آهي، جيڪا
“عالم امر” جي لطيفن جي درجن کي پار ڪرڻ کان پوءِ
هٿ ايندي آهي. جيتوڻيڪ ڪي لطيفا فنا ۽ بقا جي دولت
کي هٿ نه ڪندا آهن ۽ جڏهن سالڪ طريقت جي ڪفر واري
مقام کان پار پوندو ۽ اطمينان ماڻيندو ته ان کي
“ولايت ڪبريٰ” يعني وڏي ولايت هٿ ايندي ته
پوءِ ان کي نفي جي حاجت نه ٿيندي. پر “ولايت
صغريٰ” کان اڳ جيڪڏهن “سلطان الذڪر” جيڪو نالو آهي
ساري بدن ۾ ذڪر ڪرڻ جو. کان پوءِ نفي ڪندو ته ان
لاءِ افضل آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن کي قلبي ذڪر جاءِ
نه وٺي ته طريقت جا مشائخ ان کي زباني ذڪر جو حڪم
ڪندا آهن.
64. اُهي فنا سان روح جي بدن کان خلاصي گھرندا
آهن.
65. خدا جو لفظ جيتوڻيڪ حق تعاليٰ جو اسم آهي، پر
لفظ جي خيال کان حادث آهي ۽ خدا جي ذات قديم آهي
جيڪا اسماء توڻي شيون ۽ اعتبارات کان پاڪ آهي.
مطلب ته ٻين ڪمن ڪارين کي ڇڏي خدا پاڪ جي طلب ڪندو
رھ.
71. مطلب ته مُبتدي (نئون سيکڙاٽ) جيڪڏهن پرڻبو ته
دنيا جي ڌنڌن ۾ ڦاسي طريقت کان هٿ کڻي ويندو.
اهو سوال ڪندڙ اسماعيل ميمڻ بدين وارو هو.
مطلب ته طريقت جو نئون طالب ڪونري وانگر آهي، جنهن
۾ معرفت جو پاڻي گھٽ ماپندو آهي ۽ اهو ٿوري پليتي
پوڻ سان پليت ٿي پوندو آهي. ٻيو ته دنيا جي ڪمن
جيئن شادي وغيره ڏانهن ٿورو به ڌيان ڏيڻ ڪري غفلت
۾ پئجي ويندو آهي. طريقت ۾ انتها کي پهچندڙ درياء
وانگر آهي جو ٿوري يا گھڻي پليتي پوڻ ڪري پليت نه
ٿيندو آهي. اهڙي ڪمال واري انسان جي دل دنيا جي
ڪمن جھڙوڪ شادي وغيره ڏانهن واجھائڻ ڪري غافل نه
ٿيندي آهي.
جيئن مولوي رومي چوي ٿو:
نيست دون القلتين و حوض خورد
کش تو اند قطره از کار برد
[معنيٰ: ٻن مٽڪن کان گھٽ پاڻي يا ننڍو حوض اهڙو
آهي جو اُن کي پليتيءَ جو هڪ ڦڙو به بيڪار بنائي
ڇڏي ٿو.]
آتش ابراهيم را نبود زيان
هر که نمرود ست کو بترس زان.
[معنيٰ: حضرت ابرهيم عليه السلام کي باھ ڪو به
نقصان نه ڪندي، جيڪو نمرود آهي ان کي ڀئو رکڻ
گھرجي.]
جنهن اني وجھت وجھي للذي فطر السماوات (الانعام-
آيت 79) ترجمو: مون پنهنجو منهن ان ڏانهن ڪيو جنهن
آسمانن کي پيدا ڪيو آهي. وارو نعرو هنيو هو.
جيڪڏهن طالب ڪامل هوندو ته پوءِ عورتون ان لاءِ
فائدي واريون آهن ۽ جيڪڏهن طالب ناقص هوندو ته
پوءِ ان لاءِ جان جو وبال ٿينديون.
79. مطلب ته جيئن ظاهري حاڪم جي حڪومت ۾ دست
اندازي ڪرڻ ظاهري فتني جو ڪارڻ آهي تيئن خدا پاڪ
جي تقدير ۾ دخل ڏيڻ به باطني فتني جو ڪارڻ آهي.
جيڪو “امام زمان” کان مجاز آهي تنهن جا ڪم الله جي
مراد ۽ رضا جي موافق هوندا آهن، ڇاڪاڻ جو هو وقت
جي امام جو پوئلڳ آهي ۽ سندس ڪم خدا جي راضپي هيٺ
هوندا آهن. جنهنڪري سندس حڪم به خدا جي راضپي کان
ٻاهر نه هوندو.
88. نفي جا اذڪار “ولايت ڪبريٰ” جي حالت ۾ بهتر
آهن، ان کانپوءِ ممنوع آهن.
90. هن پوئين بيت ۾ شيخ احمد خضرويه جي ڪرامت
ڏانهن اشارو آهي. ڳالھ هن طرح آهي ته شيخ احمد چار
سو دينار ماڻهن کان وٺي فقراء تي خرچ ڪيا هئا. شيخ
احمد جي وفات وقت قرضدار قرض جي وصوليءَ لاءِ شيخ
وٽ آيا، پر شيخ جي گھر ۾ ڪابه شيءِ نه لڌائون.
اتفاق اهڙو ٿيو جو هڪ ڇوڪرو حلوو وڪڻندڙ اُتان اچي
لنگھيو، شيخ احمد جي نوڪر شيخ جي حڪم سان ان جو
حلوو اڌ دينار ۾ خريد ڪيو ۽ شيخ جي چوڻ تي اهو
حلوو درويشن ۽ قرضدارن ۾ ورهائي ڇڏيو. پر شيخ جي
سُڃائي ڪري حلووي جي بها ڇوڪري کي نه ملي، تڏهن
قرضدارن ٽوڪڻ شروع ڪيو ته اسان جا پئسا به کڻي ويو
۽ مرڻ مهل ڇوڪري جو حلوو به ظلم سان کائي ويو.
ڇوڪري کي جو پئسا نه مليا، تنهن وٺي روئڻ شروع
ڪيو. شيخ احمد کي ان تي ترس آيو. اوچتو هڪ ماڻهو
چار سو ۽ اڌ دينار سوکڙي طور شيخ جي آڏو آڻي رکيا،
جنهن مان شيخ قرضدارن جو قرض لاٿو ۽ ڇوڪري کي به
حلووي جي رقم ڏني.
93. سندن وصال ڇنڇر ڏينهن چوٿين تاريخ ذوالقعد
مهيني 1188ھ ۾ ٿيو.
حضرت پير (سلطان الاولياء) جو رحلت وارن ڏينهن ۾
طبيبن جي دوا کي قبول نه ڪرڻ ٻن سببن ڪري آهي.
پهريون سبب هي آهي ته “ونحن اقرب اليه من حبل
الوريد” (سورت ق- آيت 50) [ترجمو: ۽ اسان
انسان کي ان جي ساھ واري رڳ کان به ويجھا آهيون.]
انهيءَ آيت ڪري الله تعاليٰ جو قرب ۽ ويجھڙائي
ثابت آهي. جيئن ڪامل مشائخن تي هن جھان ۾ واضح ٿيو
آهي. پر جيستائين روح بدن ۾ آهي ته اولڙي جي آميزش
به ٿي سگھي ٿي، ان ڪري پاڻ اُها خواهش رکيائون ته
جيئن اولڙي جي آميزش ۽ بدن جي حجاب کانسواءِ خالص
ذات جو وصول حاصل ٿئي.
جيئن مولوي رومي چوي ٿو:
من شدم عريان زتن او از خيال
تا خرا مم در نها يات الوصال
[معنيٰ: آئون بدن کان الڳ ٿيان ۽ هر خيال کان ته
جيئن آئون وصال جي آخري ڇيڙن ۾ ٽلندو رهان.]
علاج قبول نه ڪرڻ جو ٻيو سبب اهو آهي ته سندن
ارادو خدا جي ارادي موافق هو ۽ سندن حياتي ۽ صحت
خدا جي راضپي ڪري هئي، تنهنڪري زندگي ۾ دوائن جي
طلب به بدن جي تندرستيءَ لاءِ ضروري هئي. پر جڏهن
خدا پاڪ ديدار جو ارادو ڪيو ته خواجه صاحب به هن
حديث مطابق اُن جي ديدار جو ارادو ڪيو: ”من احب
لقاء الله احب الله لقاه“ ترجمو: جيڪو الله جي
ديدار ۽ ملاقات کي دوست رکي ٿو ته الله به ان جي
ملاقات کي دوست رکي ٿو.
جيئن حافظ چوي ٿو:
ترک کام خود گر فتم تابر آيد کام دوست.
[معنيٰ: مون پنهنجي مقصد کي هن ڪري ڇڏيو ته دوست
جي مراد پوري ٿئي.]
96. مطلب ته جيڪو سوچ کانسواءِ ڪم ڪندو اهو پشيمان
ٿيندو.
97. هتي ٻير جي وڻ مان مراد سدرة المنتهيٰ آهي،
جيڪا ستين آسمان يا ڪرسيءَ مٿان ٻڌائي وئي آهي ۽
اها عالم خلق ۽ عالم امر جي وچ تي آهي.
98. اها دل جي ويڪرائي، هن جھان جي ويڪرائي آهي.
99. جيئن ڳالھ ڪندا آهن ته خواجه شمس تبريز مولوي
رومي کان پڇيو ته اسان جو پيغمبرﷺ بهتر آهي يا
بايزيد؟ هن چيو ته بايزيد کي آنحضرتﷺ سان برابري
ڪرڻ جي ڪهڙي طاقت آهي. تڏهن ان وري پڇيو بايزيد
“سبحاني ما اعظم شاني” جو دم ڇو هنيو ۽ حضور جن
اهڙو جملو نه فرمايو؟ اهو ٻڌي ان جواب ڏنو ته
بايزيد ڪونري وانگر هو جو ٿوري پاڻيءَ سان وهي
هليو ۽ آنحضرتﷺ محيط سمنڊ هو، جو دريائن جي فيض
سان به کيس ڪو نقصان نه پهتو جو سبحاني جي لاف
هڻي.
110. اُهي حديث جا لفظ آهن جنهن جي وضاحت هي آهي
ته حق تعاليٰ بيمثال آهي، دنيا ۾ سندس مثال انسان
جي صورت آهي، جيڪا سڀني صورتن جي جامع آهي.
مطلب ته غير الله جي نفي ائين ڪجي جو مخلوق چنڊ ۽
سج توڻي جو ڏاڍا حسين آهن، پر بي رغبت هجن.
111. شيخ صنعان جو قصو هن طرح آهي ته شيخ خدا جي
ارادي سان حرمين کان روم ڏانهن روانو ٿيو، اُتي هڪ
عيسائي عورت تي عاشق ٿي پيو. جنهن سان شادي ڪرڻ
لاءِ ظاهر ۾ سندن ديول ۾ رهڻ لڳو. ان جي ڪابيني جي
عيوض سندن سوئر چارڻ لڳو. ان ڪري سندس مريد ڦري
ويا. جڏهن اُهي پنهنجي گھرن ۾ پهتا ته اتي جيڪو هڪ
فقير ڇڏيو هئائون. تنهن سڀني کي تنبيھ ڪئي ته
اوهان کي پنهنجي مرشد جو دين وٺڻ کپندو هو.
جيتوڻيڪ شيخ جو اندر اسلام تي برقرار هو، پر ظاهر
۾ شادي کانپوءِ پاڻ ۽ سندس زال جنهن لاءِ اسلام
لکيل هو. ٻنهي اسلام آندو.
جيئن ڪتاب ”گلشن راز“ ۾ آهي:
خرابا تي شدن از خود رهائي است
خودي ڪفر است گر خود پارسائي است.
[معنيٰ: پاڻ کان آجو ٿيڻ خراباتي ٿيڻ آهي، خودي
ڪفر آهي توڙي کڻي پاڻ پارسائي (وڏو بزرگ) ڇو نه ٿي
وڃي.]
ڇو ته تحقيق ڪنهن شيءِ جي غير خدا ڏانهن نسبت ڪرڻ
ڪفر آهي ۽ حق کي غير حق ۾ ڍڪڻ آهي.
114. مڇي هڪ ڪلي حقيقت آهي. ڪليءَ کي ٻن شين تي
اطلاق ڪندا آهن، هڪ افراد جيڪي خارج ۾ موجود آهن،
جيئن مڇي پاڻيءَ جو حيوان آهي، ٻيو اهڙو ڪلي جو ان
جو تصور شرڪت کان روڪيندڙ نه هجي توڙي ان جا افراد
موجود نه هجن. پهرئين قسم کي “ڪلي عرفي” چوندا
آهن، ٻئي کي “ڪلي منطقي” سڏيندا آهن. هن ڪلام جو
مطلب هي آهي ته اها شيءِ جيڪا عاشقن جي دلين کي
کسي ٿي خدا ڪلي آهي، جيئن مڇيءَ جي ڪلي منطقي آهي
جيڪا پاڻيءَ ۾ ثابت آهي. ظاهري معشوق جيڪي حقيقي
معشوق جون صورتون ۽ نمونو آهن سي مڇي جي افراد
وانگر آهن جا ڪلي عرفي آهي. اهي افراد موجود ٿيندا
رهندا آهن ۽ فنا ٿيندا آهن.
جنهن جي ترڪيب ڏهن لطيفن مان ٿي آهي، جن مان پنج
لطيفا “عالم امر” جا آهن: قلب، روح، سر، خفي ۽
اخفيٰ، ۽ پنج لطيفا “عالم خلق” مان آهن: نفس ۽ چار
عناصر
118. ڄاڻڻ گھرجي ته جيڪي ماڻهو تناسخ يا جوڻ جا
قائل آهن، سي مٿيئن آيت مان دليل وٺندا آهن. حضرت
مرشد (سلطان الاولياء) آيت جي مراد ۽ مطلب کي اهڙي
نموني بيان ڪيو جو انهن کي جواب ملي ويو. باقي
انهن هن حديث سان به پنهنجي قول لاءِ دليل ورتو
آهي ته
”ان
الله خلق مائته الف آدم“
يعني: الله تعاليٰ هڪ لک آدم کي پيدا ڪيو آهي ۽
ٻيو شيخ محي الدين ابن عربيءَ جو ڪلام به دليل ۾
آڻيندا آهن. ان جو جواب اهو آهي جو شيخ مجدد الف
ثاني فرمايو آهي ته الله تعاليٰ ڪن ڪاملن جي لطيفن
۽ صفتن کي اها قوت عطا فرمائي آهي ته جيئن عنصري
بدن جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي بدن مثاليءَ جو رنگ
وٺن، انهن کان ڪيتريون ئي ڪرامتون ۽ شطحيات صادر
ٿيل آهن. اهڙيءَ طرح هن جھان مان ڪوچ ڪرڻ کانپوءِ
به انهن کان ڪيتريون ئي ڪرامتون ظاهر ٿيون آهن.
125. حديث تجديد مان نئين حديث مراد ورتي اٿن.
مطلب ته هر نئين حديث جيڪا پاڻ صلي الله عليه وسلم
فرمائيندا هئا سا اڳين حديث جي تقليد نه هئي پر
اجتهاد هو.
137. مطلب ته بي فائدي ڳالھ ڏانهن ڪن نه ڏيندو
آهي، هو رڳو ضرورت جي لائق ڳالھ ٻڌندو آهي.
159. قطب الاقطاب حضرت پير( سلطان الاولياء خواجه
محمد زمان قدس سره) جي فيض وٺڻ جو مختصر بيان هن
طرح آهي ته حضرت پير ظاهري علم جي طلب لاءِ شهر
ٺٽي ۾ پهچي، عالمن ۽ فاضلن جي اڳواڻ شيخ محمد صادق
(نقشبندي ٺٽوي)، جيڪو سيادت ۽ شرافت پناھ، درويشن
جي برگزيده سيد عبداللطيف (ڀٽائي) جو مريد هو. وٽ
عربي علوم پڙهڻ لڳا. جڏهن علم جي تحصيل مان ڪجھ
رهيل هو ته اتفاق سان حضرت قطب الاقطاب، غوث
الاحباب، فنا في الله ۽ بقا با لله، الله جي
اخلاقن سان سينگاريل، حاجي الحرمين شيخ محمد
(خواجه ابوالمساڪين ٺٽوي)، جيڪي ان ئي شهر ۾ رهندا
هئا، تنهن سان ملاقات ڪيائون. حضرت مرشد جي مرشد
(خواجه ابوالمساڪين) پير (سلطان الاولياء) کي
پنهنجي مريدي لاءِ چيو. پر حضرت مرشد جواب ۾
فرمايو ته ظاهري علم جي پوري تحصيل کان پوءِ طريقت
عاليه ۾ شغل رکندس. نيٺ علم جي تحصيل کان پوءِ
پوري شوق سان حضرت مرشد المرشد جي خدمت ۾ پهتا ۽
مريد ٿي ذڪر، فڪر ۾ لڳي ويا. پورن ڇهن مهينن
کانپوءِ طريقت جي تعليم جي کين هن طرح اجازت
ڏنائون جو پنهنجي سر مبارڪ تان دستار لاهي حضرت
پير (سلطان الاولياء) جي مٿي تي رکيائون ۽ کين
پنهنجي مسند تي ويهاري، پنهنجي مريدن کي حضرت پير
جي مريد ٿيڻ لاءِ هٿ تي بيعت جو حڪم فرمايائون.
جيئن حضرت مرشد (سلطان الاولياء) کان منقول آهي ته
اڳين مشائخن مان ڪنهن به هڪ اڄ تائين انهيءَ نموني
جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني آهي، جو پنهنجي
زندگيءَ ۾ مريد کي مسند تي ويهاريو هجي ۽ مريدن کي
اُن جي هٿ تي بيعت جو حڪم فرمايو هجي، ايستائين جو
سندن مريدن مان جيڪڏهن ڪو دست بيعت کان انڪار ڪندو
ته اهو حضرت مرشد جي مرشد (خواجه ابوالمساڪين) جي
مريدن ۾ داخل نه آهي. جڏهن به ڪو مريد حاجي صاحب
(خواجه ابوالمساڪين) کان توجھ جو طالب ٿيندو هو ته
ان کي حضرت پير (سلطان الاولياء) جي حوالي ڪندا
هئا. ڪجھ وقت کانپوءِ حضرت مرشدالمرشد (خواجه
ابوالمساڪين ٺٽوي) حرمين شريفن جي زيارت لاءِ ويا
۽ حضرت پير (سلطان الاولياء) کي پنهنجي خانگاھ ۾
ويهاريائون. حج ڪري موٽڻ کانپوءِ وري واپس شهر ٺٽي
۾ پهتا ۽ حضرت پير (سلطان الاولياء) سان ڪجھ دل
جون ڳالهيون بيان ڪري فرمايائون ته رڳو انهن
ڳالهين لاءِ وطن ڏانهن موٽيو آهيان، ڇو ته اُهي
لکڻ ۾ نه ٿي اچي سگھيون. اڌ مهيني جي گذرڻ کانپوءِ
عيال سميت حرمين جي زيات لاءِ راهي ٿيا. جڏهن
“لاهري بندر” وٽ پهتا ته حاجي صاحب، حضرت پير
(سلطان الاولياء) کي گھرائڻ لاءِ هڪ قاصد موڪليو.
پر حضرت مرشد (سلطان الاولياء) قاصد جي پهچڻ کان
اڳ ئي مٿئين بندر ڏانهن روانا ٿي ويا، ان کي حضرت
مرشد جي مرشد (خواجه ابوالمساڪين) گھڻو پسند
فرمايو. پاڻ ۾ الله جي راز جو ڳالهيون ڪيائون.
جيئن هڪ شاعر چوي ٿو:
چيست ازين خوب تر درهمه آفاق کار
دوست رسد نزد دوست، يار نزديک يار
[معنيٰ: هن کان وڌيڪ چڱو ڪم ساري جھان ۾ ٻيو
ڪهڙوٿي سگھي ٿو؟ جو دوست دوست وٽ پهچي ۽ يار يار
جي ويجھو ٿئي.]
اُهي ڳالهيون جيڪي انهن ٻنهي بزرگن جي وچ ۾ ٿيون
تن لاءِ معلوم نه ٿيو آهي ته ڇا بابت هيون، پر فهم
قاصر ۾ اچي ٿو ته الله تعاليٰ جي قربيت ۽ ويجھڙائپ
بابت هيون. والله اعلم. پوءِ حضرت پير (سلطان
الاولياء) موڪل وٺي پنهنجي اصلي وطن ڳوٺ لواريءَ ۾
آيا.
مطلب ته منهنجو خدا اهڙو آهي جو ڪهنو ۽ پراڻو نه
ٿو ٿئي.
مخدوم ابوالقاسم ٺٽوي پنهنجي حياتيءَ ۾ حاجي صاحب
(شيخ محمد ٺٽوي) سان ڏاڍو قرب رکندا هئا. جڏهن شيخ
ابوالقاسم جي پوئين گھڙي اچي پهتي ته مريدن حاجي
صاحب (خواجه ابوالمساڪين) کي ڪنهن ڪم لاءِ موڪلي
ڇڏيو هو ته متان مخدوم ابوالقاسم هن کي اجازت ڏيئي
سجاده نشين نه بنائي. جڏهن شيخ ابوالقاسم، حاجي
صاحب لاءِ پڇيو ته مريدن جواب ڏنو ته اوهان جو
فرزند شيخ ابراهيم موجود آهي، اهو ٻڌي پاڻ ماٺ ٿي
ويا. وري ٻئي ڀيري حاجي صاحب بابت پڇيائون ٻيهر به
کين ساڳيو ئي جواب مليو. ٽئين ڀيري پڇڻ کانپوءِ به
جڏهن کين ساڳيو جواب مليو، تڏهن فرمايائون ته خدا
جي مخلوق کي برباد ڪرڻو نه آهي جو شيخ ابراهيم کي
اجازت ڏني وڃي، جڏهن حاجي صاحب (شيخ محمد
ابوالمساڪين) اچي ته کيس چوندا ته اسان جي مزار تي
اچي.
سندن مقام ۽ مرتبي جي لائق ٻيو بيان هي آهي ته شيخ
ابوالقاسم پنهنجي زندگي ۾
گھڻن مريدن سان گڏ، جن ۾ مرشد جو مرشد حاجي شيخ
محمد (ابوالمساڪين) ۽ (خواجه حاجي) عبداللطيف
جيڪو حضرت پير جو والد ۽ هن درويش (خواجه گل محمد)
جو ڏاڏو آهي. اُهي به هن جماعت جي مريدن ۾ داخل
هئا. ٺٽي کان سير سفر تي نڪتا، جڏهن پاڻ اُتان هلي
“پٺه” پرڳڻي ۾ پهتا ته هڪ وڏي نم جي ڇانوَ هيٺ
ويهي رهيا. اُتي وڻ تي ڪيئن پکي ويٺا هئا، جيڪي
طرحين طرحين جا آواز ڪري رهيا هئا. اتفاق اهڙو ٿيو
جو حضرت شيخ ميان ابوالقاسم، شيخ حاجي صاحب ڏانهن
منهن ڪري فرمايو ته اوهان کان مريدي ايتري ڪمال تي
پهچندي جو فيض جا طالب هنن پکين وانگر گڏ ٿيندا.
وري شيخ عبداللطيف ڏانهن نظر ڪندي فرمايائون ته
اوهان جي پٺيءَ مان به اُن طرح فيض جو ڪمال ٿيندو.
هن کانپوءِ شيخ عبداللطيف شادي ڪئي، ڪيترن فرزندن
کانپوءِ حضرت پير مرشد (سلطان الاولياء) پيدا ٿيو
۽ شيخ محمد جي مريدن جي جماعت ۾ داخل ٿيو. اجازت
کانپوءِ وٽن خلق جو ايڏو انبوھ ٿيو جيئن شيخ
ابوالقاسم خبر ڏني هئي.
حقيقتن ۽ معرفتن جو واقف شيخ محمد زڪي سرهند جا
ويٺل هئا ۽ حضرت شيخ مجدد الف ثانيءَ جي اولاد مان
هئا. هن صحبت جو احوال هن طرح آهي ته خواجه
ابوالقاسم جي وفات کانپوءِ خواجه محمد زڪي سرهند
کان حج ۽ زيارت حرمين لاءِ روانا ٿيا. جڏهن سندن
لنگھڻ ٺٽي کان ٿيو ته حضرت حاجي صاحب ۽ شيخ
ابوالقاسم جو فرزند شيخ ابراهيم گھڻن ماڻهن کي ساڻ
ڪري خواجه محمد زڪي وٽ پهتا. خواجه صاحب، حاجي
صاحب بابت پُڇيو ته هي ڪير آهي؟ ماڻهن جواب ڏنو ته
شيخ ابراهيم جو ڀاءُ آهي. خواجه صاحب جواب ۾
فرمايو ته هيءُ ڪنهن جو ڀاءُ نه آهي، جيڪڏهن ڪو
ماڻهو هن جو ڀاءُ هجي ته ٿي سگھي ٿو. سندن اهو
مطلب هو ته هيءُ بلند مرتبي وارو انسان آهي، هن جو
سڃاڻڻ ٻئي جي ڀائپيءَ جو محتاج نه آهي. باقي ٻئي
کي سڃاڻڻ ۾ هن ڏي احتياج آهي. جڏهن شيخ محمد زڪي
ٺٽي کان حج لاءِ ويا ۽ وري موٽي وطن واپس وريا ته
شيخ محمد ۽ شيخ ابراهيم به سندن حڪم پٽاندڙ سندن
پويان روانا ٿيا ۽ ٽي سال لڳاتار سندن صحبت ۾
رهيا. خواجه محمد زڪي، حضرت حاجي صاحب کي طريقت جي
تعليم جي اجازت ڏني. ان کان پوءِ مرشد جي اجازت
سان دهليءَ ۾ خواجه محمد زبير جي صحبت ۾ پهتا. هڪ
وقت جڏهن خواجه محمد زبير درويشن جي حلقي ۾ ويٺا
هئا ته اتفاق سان وقت جي بادشاھ جو خانقاھ وٽان
لنگهڻ ٿيو. حضرت خواجه محمد زبير فرمايو ته جيڪڏهن
ڪنهن کي بادشاه جي تجمل کي ڏسڻو هجي ته ڀلي ڏسي.
(پوءِ) سڀ درويش تماشي ڏسڻ لاءِ اُٿي ويا، رڳو
حاجي صاحب (شيخ محمد) ويٺو رهيو. حضرت خواجه محمد
زبير کيس فرمايو ته اوهان سنڌين بادشاهي رعب نه
ڏٺو آهي، جيڪڏهن خيال رکو ٿا ته وڃي ڏسو. حاجي
صاحب جواب ۾ چيو ته اسان جنهن بادشاھ وٽ آيا
آهيون، ان وٽ ويٺا آهيون، اسان کي هُن بادشاھ جي
رعب تاب ڏسڻ جي ڪابه خواهش نه آهي. هن ٻول تي
خواجه محمد زبير ايتري مٿن رحمت جي نظر ڪئي جو
جيڪڏهن ٻارھن سال عبادت ۾ مشغول هجن ها، تڏهن به
اهو فيض کين نه پهچي ها. اهو ٻول خود حاجي صاحب
کان منقول آهي.
معنوي طور اها گھڻي صحبت هئي نه ته ظاهري طرح ڇھ
مهينا هئي.
160. اهو بيان هن طرح آهي ته هڪ ڏينهن هشام پٽ
عبدالملڪ پٽ مروان جو ڪعبي جي چوڌاري طواف ڪري
رهيو هو، ماڻهن جي ھجوم ڪري هو حجر اسود کي چمي نه
ٿي سگھيو. اتفاق سان حضرت زهريٰ جو پوٽو،
پرهيزگارن جو امام زين العابدين به طواف ڪري رهيو
هو. جڏهن ان حجر اسود چمڻ ٿي گھريو ته ماڻهو هڪ
پاسي ٿي پئي ويا ۽ امام کي حجر اسود چمڻ ۾ سولائي
پئي ٿي. شام (مُلڪ) جو هڪ ماڻهو جيڪو امام کي نه
سڃاڻيندو هو، تنهن هشام کان پڇيو ته هي ماڻهو ڪير
آهي؟ هُن امام سان ساڙ ۽ دشمني رکندي جواب ڏنو ته
خبر نه آهي ته اهو ڪير آهي. تڏهن فرزدق شاعر جنهن
جي ڪنيت ابوالفوارس هئي. جنهن جي وجود ۾ اهل بيت
لاءِ محبت رکيل هئي، تنهن هڪ قصيدو امام جي تعريف
۾ ٺاهي ماڻهن جي ھجوم اڳيان پڙهيو. جنهن ڪري هشام،
فرزدق کي جيل ۾ بند ڪرايو. جڏهن امام صاحب اها خبر
ٻڌي تڏهن ٻارهن هزار درهم ان ڏانهن موڪليائين.
هُن اُهي قبول نه ڪيا ۽ چيائين ته ساري عمر دنيا
جي طلب ۾ اشعار چيا اٿم، هن شعر کانسواءِ جو اهو
خدا ڪارڻ چيو اٿم، تنهنڪري ان جو مُلھ نه وٺندس.
پر امام پنهنجي عطيي کي واپس وٺڻ کان انڪار ڪيو.
جيئن مٿي بيان ٿي گذريو.
161. اهو رند مشائخن جو هڪ قسم آهي، جنهن کي
ملامتي چوندا آهن.
170. مطلب ته چڱن ڪمن لاءِ حڪم ۽ بُڇڙاين کان روڪڻ
واري تبليغ گھر کان شروع ڪر!
171. ڇو ته ان جو مطلب آهي خدا جي غير جي نفي ڪرڻ
۽ ذات خدا کي ثابت ڪرڻ.
174. مطلب ته خاص حالت ۾ ان جي موڪل ڏئي سگھجي ٿي.
176. مطلب ته جنهن کي مولا جو وصول حاصل ٿيندو،
تنهن کي سڀ شيءِ ملي وئي.
179. پر اهو نفعو ان مئل ماڻهوءَ لاءِ آهي، جنهن
زندگيءَ ۾ ڪلمو پڙهيو هوندو. جيئن حديث ۾ اچي ٿو:
“من قال لا الهٰ الاالله دخل الجنته” يعني: جنهن
لا اِلاالله چيو ته اهو جنت ۾ داخل ٿيندو.
183. ڪوڙو صبح نفسي فنا کان اڳ واري جذبي جو نالو
آهي ۽ سچو صبح جيڪو نفس جي فنا کانپوءِ واري
اُڀريل جذبي جو نالو آهي.
187. هتي ايلچي يا قاصد مان مراد ڪامل انسان ۽
سڪندر مان مراد حقيقي بادشاھ آهي. اها ڳالھ هن طرح
آهي ته ذوالقرنين جنهن کي سڪندر چوندا آهن روم جو
بادشاھ هو. نوشابه نالي هڪ عورت وٽ وڪيل ٿي ويو.
نوشابه بردع ولايت تي حڪومت ڪندي هئي. ان وٽ سڪندر
بادشاھ جي ڪاغذ تي چٽيل تصوير موجود هئي، ان ڪري
هُن سڪندر کي سڃاڻي ورتو. تڏهن هيءَ ڳالھ پهاڪو
بڻجي وئي. الله تعاليٰ انسان ڪامل جي ويس ۾ خلق جي
اندر جلوو ڪندو آهي، پوءِ اُتان ان کي هٿ ڪريو!
223. الله کانسواءِ ڪنهن ٻئي کان رزق نه گھرڻ ۽
رڳو الله تي ڀروسو ۽ توڪل رکجڻ ان ماڻهو لاءِ آهي،
جنهن کي دل جو آرام حاصل هجي. باقي اطمينان ۽ آرام
کان اڳ روزي جي ڳولا جائز آهي، بلڪ نهايت بلند فعل
آهي. حضرت مرشد ڪيترن اهڙن ماڻهن کي جن آرام ۽
اطمينان کان اڳ توڪل رکي هئي، تن کي ڪسب ۽ ڪمائي
جو حڪم فرمايائون.
جيئن مولوي رومي چوي ٿو:
کار پاکانرا قياس از خود مگير
گرچه ماند در نوشتن شير شير
[معنيٰ: پاڪ ماڻهن جي ڪم کي پاڻ تي قياس نه ڪر،
شير (شينهن) ۽ شِير (کير) لکڻ ۾ هڪ جھڙا آهن، پر
معنيٰ ۾ انهن جو وڏو فرق آهي.]
227. عليّون، جيڪا ستين آسمان يا سدرة المنتهيٰ وٽ
آهي، جتي خلق جا عمل لکيل آهن.
229. مطلب ته ٻنهي طرفن کان اضافت کي ڪيرائڻ، نه
مخلوق کي الله سان نسبت ڏئي ۽ نه وري الله کي
مخلوق سان نسبت ڏئي. توحيد جي اها معنيٰ “همه
اوست” جي مشرب رکندڙن جي آهي.
231. هتي هڪ سوال ٿو اُٿي ته قاضي جڏهن غائب تي
حڪم نٿو ڪري سگھي، تڏهن هو خدا تعاليٰ بابت جيڪو
ان کان غائب آهي ڪيئن وحدانيت جو حڪم ڪندو؟ مٿي هن
جو جواب ڏنو ويو آهي.
236. ڇو جو پاڻ کي انسان ڪامل جي لباس ۾ ظاهر ڪيو
اٿس.
237. مطلب ته فنا في الله جي درجي کي نه پهتو آهي.
|