سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:7 

 (ح) برهان فقير ۽ سندس ”فتح الفضل“ جو نسخو

 

برهان فقير بابت سڀ کان پهرين سنڌ جي مؤرخ مير علي شير قانع ‘معيار سالڪانِ طريقت’ ۾ مختصر احوال قلمبند ڪيو آهي، جيڪو چئن سٽن تي مشتمل آهي. هو لکي ٿو ته برهان فقير عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي پهتل مريدن مان آهي. اڪثر مستيءَ واريءَ حالت ۾ گذاري ٿو، ڪن ڳالهين جي ڪري ظاهري عالم سندس خلاف ٿيا هئا ۽ کيس تعزير ڏنو هئائون. اڃا يعني 1202ھ تائين زنده آهي.

خانداني روايت موجب برهان فقير ميان يعقوب جو پٽ ۽ ذات جو دل هو. هو ميرپورخاص جي ڀرسان ديھ ڪاڪ جو رهندڙ هو جتي هينئر سندس مزار تي وڏو قبو ٺهيل آهي. برهان فقير سيد محمد صابر سهروردي وٽ شروعاتي تعليم حاصل ڪئي ۽ چون ٿا ته عمليات خاطر ڪيترا سير سفر ڪيائين. آخر ۾ شيخ عبدالرحيم گرهوڙي ڏانهن رجوع ٿيو ۽ سندس خاص ارادتمندن ۾ شامل ٿي ويو هو. برهان فقير جي روضي تي مٿي مهاڙيءَ ۾ جيڪو ڪلمو پاڪ لکيل آهي ان ۾ ‘احمد’ جو اضافو نظر اچي ٿو. عام روايت موجب هو اهو ڪلمو پڙهندو هو. مير علي شير قانع وري ‘معيار سالڪانِ طريقت’ ۾ ان جو انتساب گرهوڙيءَ ڏانهن ڪيو آهي، جيڪو ظاهر آهي ته غلط فهميءَ تي مبني آهي.

‘آئينه جھان نما’ جو مصنف وري برهان فقير بابت هڪ ٻي نئين روايت لکي آهي ته عمليات سبب جنات سندس مطيع هئي جن تي هو حڪم هلائيندو هو ۽ انهن جي زور تي هو هڪ کٽولي تي اڏامي ڏيکاريندو هو. ڪيترا عام ماڻهو سندس اها ڪرامت ڏسي مريد ٿيا هئا. اها ڳالھ جڏهن کهڙن واري مخدوم احمديءَ جي ڪنن تي پئي ته هو برهان فقير کي شرعي تعزير ڏيڻ لاءِ حيدرآباد ۾ اچي منزل انداز ٿيو. ڇو جو سنڌ ۾ تڏهن شرعي حڪمن جي تعميل جو اهڙو پروانو افغانستان جي بادشاھ تيمور شاھ پاران کيس مليل هو ۽ سنڌ تي احمد شاھ ابداليءَ جي زماني کان وٺي اهڙا حڪم هلندڙ هئا.

‘آئينه جھان نما’ جي روايت موجب مخدوم احمدي پاڻ، پير سيد جمال شاھ گھوٽڪي وارو ۽ پير محمد راشد (روضي ڌڻي) ڪجھ ٻين عالمن کي ساڻ وٺي حيدرآباد ۾ مير فتح علي خان وٽ هلي آيو ته جيئن برهان فقير جي ٻانهن کيس حوالي ڪئي وڃي. ميرن حاڪمن کي برهان فقير سان همدردي هئي پر مخدوم احمدي آخرڪار فقير کي پاڻ سان وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. برهان فقير کي تعزير ڏنو ويو ۽ کيس کهڙن ۾ وٺي اچي هڪ ننڍي ڪوٺيءَ ۾ زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيائون ۽ سندس نگراني پير محمد راشد جي سپرد ڪيائون، جيڪو ان زماني ۾ کهڙن ۾ طالبِ علم هو. اهڙيءَ طرح اٽڪل ڇھ مهينا قيد ۾ رهڻ کان پوءِ برهان فقير پير محمد راشد کي جيڪو مٿس نگرانيءَ لاءِ مقرر هو، تنهن کي ڪنهن نموني سان راضي ڪري قيد مان نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

هن واقعي جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ هيٺيان نڪتا اهم آهن. مير علي شير قانع ‘معيار سالڪان طريقت’ 1202ھ ۾ لکيو ۽ ان ۾ ڄاڻايائين ته برهان فقير کي عالمن تعزير ڏنو هو. ان جو مطلب ته اهو واقعو 1202ھ کان اڳ ٿيو هوندو. ميرن جي خاندان مان پهريون حڪمران مير فتح علي 1199ھ / 1783ع ۾ هالاڻيءَ ۾ ڪلهوڙن کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ اچي حيدرآباد ۾ سنڌ جو حڪمران ٿيو. هاڻي جيڪڏهن اهو واقعو سال 1200ھ ڌاري ٿيو آهي ته ان وقت پير محمد راشد روضي ڌڻي 29 سالن جو هو ڇو ته سندس جنم جو پڪو پختو سال 1171ھ آهي. وڏي ڳالھ ته پير محمد راشد پنهنجي والد پير محمد بقا جي سال 1198ھ ۾ ڦورن هٿان شهيد ٿي وڃڻ بعد گادي نشين ٿي چڪو هو. ان جو مطلب ته اهو واقعو ان کان گھڻو وقت اڳ ٿي گذريو هوندو.

 البت اها ڳالھ ڌيان ۾ رکڻ جوڳي آهي ته ‘آئينه جھان نما’ وارو صاحب سنڌ ۾ ميرن جي حڪمرانيءَ کي 1191ھ کان شمار ڪري ٿو. جنهن کي هڪ لحاظ سان ميرن جي حڪومت جو آغاز چئي سگھجي ٿو. گويا هو لانياري واري جنگ جنهن ۾ ميان غلام نبي ڪلهوڙو مارجي ويو هو ان کان وٺي ميرن کي سنڌ جو حاڪم مڃي ٿو.

برهان فقير بابت ‘ملفوظات پير روضي ڌڻي’ ۾ هڪ نقل ملي ٿو جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته برهان فقير جا مريد ۽ عقيدتمند پير صاحب وٽ اڪثر ايندا هئا. هڪ دفعي انهن مان هڪڙي مريد برهان فقير واري ڪلمي جنهن ۾ هو “احمد” جو اضافو ڪندو هو بابت پير صاحب کي عرض ڪيو ته قبلا! ان سلسلي ۾ توهان کڻي حڪم فرمايو. پير صاحب ان وقت نهايت عقلمندي ۽ وڏي فهم وارو جواب ڏيندي کيس چيو ته اسان وٽ انهن ٻنهي ‘اسمن’ ۾ ڪو فرق ناهي، توهان کي شڪ آهي ته پاڻ ڄاڻو. مطلب ته جڏهن ٻئي هڪ آهن ته ٻئي ڪنهن اضافي جي ڪهڙي ضرورت آهي. هن نقل مان بهرحال اهو واضح ٿئي ٿو ته برهان فقير کي کهڙن جي قيد مان آجي ڪرائڻ ۾ پير محمد راشد روضيِ ڌڻيءَ جو هٿ هو جو هن جا مريد وٽس ايندا هئا ۽ کيس برهان فقير جو همدرد سمجھي رهيا هئا.

‘مرغوب الاحباب’ وارو برهان فقير کي مجذوب شمار ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته هو اڪثر پنهنجي حال کان غير واقف رهندو هو. هوڏانهن ٻي روايت موجب برهان فقير جو ديھ ڪاڪ ۾ مدرسو هو اسان کي هڪ اهڙي تحرير ڏسڻ جو موقعو مليو آهي جنهن تي برهان فقير جي مُهر لڳل آهي ۽ جنهن جي سجع قرآن جي آيت  “قدجآء کم برهان من ربّکم” لکيل آهي ۽ ان ۾ سال 1217ھ لکيل آهي. اها تحرير ڪنهن عارف نالي شخص قرض خواھ جي ادائگي بابت آهي. اسان جنوري 2016ع تي ميرپورخاص ۾ برهان فقير جي پونيرن سان ملاقات وقت اهڙو قلمي قرآن شريف فارسي ترجمي سان پڻ ڏٺو جيڪو برهان فقير جي مطالعي هيٺ رهيو آهي. ان قرآن شريف ۾ خاص ڳالھ اها نظر آئي جو ان جي حاشين تي قرآن شريف جي هر سورة جي شروعات وقت ان سورة جي اثرات بابت عمليات جو ذڪر ملي ٿو.

        ‘فتح الفضل’ جو اهو نسخو جنهن جو اسان هتي عڪس ڏئي رهيا آهيون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان مليو هو. جيئن ان نسخي جي ترقيمي مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو نسخو برهان فقير ٻين ڪيترن ڪاتبن کان سال 1202ھ ۾ پنهنجي لاءِ لکرايو هو، جڏهن گرهوڙيءَ جي شهادت کي اڃا ڏھ سال مس ٿيا هئا. ان لحاظ سان هيءُ نسخو ٻين سڀني نسخن کان جيڪي اسان جي نظر مان گذريا، تن ۾ اوائلي آهي ۽ سڀني ۾ وڌيڪ صحيح ۽ درست لکيل آهي. ترقيمي جي عبارت هن ريت آهي:

 بدست کثير من الکاتبين......ماه ذي الحج 1202ھ مصنف الکتاب مخدوم جامع العلوم، واقف اسرار رباني، کاشف رموز حقاني، رهنمائي شريعت، صاحبِ طريقت، ....... شاهدِ معرفت، محققِ حقيقت، مؤسس اساس صدق وسداد باني ومباني، محبت واتحاد مستغرق في البحارالمشاهدة، الفاني بطرق المجاهدة، مرشد صاحبِ الارشاد، صاحبِ فهم السليم مخدوم عبدالرحيم قدس سره نوره الله مرقده.

اين کتاب حق و ملک برهان فقير ولد سعد الله ساڪن سک پور باشد.

جيئن مٿين عبارت مان ظاهر ٿئي ٿو ته برهان فقير پاڻ کي شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو مخلص مريد ڪوٺي ٿو ۽ مرشد کي تمام وڏن لقبن سان ياد ڪري ٿو جيڪي ٻئي ڪنهن هنڌ نظر نٿا اچن. برهان فقير جي پونيرن مان اسان کي ٻه اهڙا فوٽو اسٽيٽ ورق مليا آهن جن مان هڪ تي برهان فقير جو خانداني شجرو ڏنل آهي ته ٻئي تي سندس طريقت جو نقشبندي قادري سلسلو ڄاڻايل آهي، جنهن ۾ گرهوڙيءَ ۽ سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لُواريءَ واري کان مٿي سڀني نقشبندي بزرگن جا نالا ڄاڻايل آهن، انهن جو عڪس هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

برهان فقير جي نسبي شجري جو عڪس

برهان فقير جي طريقتي شجري جو عڪس

برهان فقير جي مُهر جو عڪس

 

فتح الفضل

 

يعني:

ارشادات سلطان الاولياء خواجه محمدزمان رحه

 لُواريءَ وارو

 

(1125ھ - 1188ھ = 1713ع - 1775ع)

 

عربيءَ ۾ مؤلف ۽ شارح:

 شيخ عبدالرحيم گرهوڙي

 

(1129ھ - 1192ھ = 1717ع - 1778ع)

 

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

والصلواة علي حبيبہ الکريم مع آلہِ واصحابہِ الفائزين بالِصراطِ المُستقيم.

اللہ جي نالي سان شروع ڪريان ٿو جيڪو بيحد مھربان،‏ نهايت ٻاجھارو آهي. صلواتون ۽ سلام سندس حبيب ڪريم ﷺ تي ۽ سندس اولاد ۽ اصحابن تي هجن، جيڪي سندس فيض سان سڌي رستي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

جوڳي پنهنجي جوءِ وئا، جُهڙ جيئن نيڻ جهمن،
سُــخــن  ساميئڙن جـــا، هــينئڙي منــجهــه هُـــرن،
ســــڄــو  مـــوت  مـــڱــن، اڌ ڪُــٺــا  آرام لــــئـــه.
 

[ معنيٰ: جوڳي پنهنجي اصلي وطن ڏانهن هليا ويا، اکيون جُهڙ وانگر ڳوڙها ڳاڙي رهيون آهن. هنن جا ٻول، دل ۾ پيا ٻُرن، هو اڌ ڪُٺا آرام لاءِ سڄو موت ٿا گُهرن.]

گر بدي جوهري ورائي سُخن
ز آسمان آمدي، بجائي سُخن.
 

[معنيٰ: جيڪڏهن سخن يا ٻول کان مٿي ٻي ڪا شيءِ هجي ها ته ٻول بدران آسمان تان اها شيءِ هيٺ لهي اچي ها.]

حديث شريف ۾ آهي ته:

“مُصحف المؤمن صدره”

[ترجمو: مؤمن جو مُصحف سندس سينو آهي.]

حمد کان پوءِ هي ڳالهيون (ارشادات) جيڪي‘القول الفصل’ (حق ۽ باطل ۾ فرق ڪندڙ آهن) سي وڏی مُرشد سائين  (سلطان الاولياءَ خواجه محمدزمان قدس سره) کان ٻُڌل آهن پر جتي لفظ “قُلت” (آئون چوان ٿو) آيو آهي، اُهو منهنجو (گرهوڙيءَ جو) ڪلام آهي.

حضرت وڏي مُرشد سائين جي سنڌي گفتگو کي عربي ٻوليءَ ۾ لکڻ  ۾ڪو به حرج نه آهي، جيڪڏھن مقصد ۽ بيان ساڳيو هجي ته مختلف ٻولين جي استعمال سان ڪو فرق نه ٿو پوي. ان جو مثال هي آهي ته جيڪو اڳين صحيفن ۾ آيو آهي، اهو قرآن شريف جي نص سان قرآن آهي. (جڏهن ته هر صحيفي جي ٻولي جدا جدا هئي) مطلب ته اصل مسئلو الله تعاليٰ جي ڪلام جو فروعي صورتن ۾ جاري ٿيڻ جو آهي. جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي:

ان الڪلام  لفي  الفؤاد وانما
جعل اللسان علي الفؤاد دليلا
 

[معنيٰ: بيشڪ ڪلام جو واسطو دل سان آهي ۽ زبان کي رڳو دل جو بيان ڪندڙ بڻايو ويو آهي.]

هر زمان  گر  شود  لباس  بدل
شخص صاحب لباس را چه خلل
 

[معنيٰ: جيڪڏهن هر گھڙيءَ لباس بدلبو رهي ته ان سان لباس واري شخص تي ڪهڙو فرق پوندو؟]

درحقيقت شيءِ جي ذات ان جي صورت جو غير آهي. جيتوڻيڪ اها صورت [1] عقلي ڇو نه هجي. جيئن‘جلال’ پنهنجي ڪتاب ‘الزوراء’ ۾ کولي بيان ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح حضرت مجدد احمد (سرهندي قدس سره) وٽ وجود جي لحاظ سان اها صورت، حقيقت جو غير آهي. ليڪن شيخ ابن عربي (قدس سره) وٽ حقيقت صورت جو عين آهي. مطلب ته شيخ ابن عربي وٽ وجود هڪ ئي آهي. قديم ۾ قديم به آهي، ته حادث (نئين) ۾ حادث (نئون) آهي، پاڻي ۾ پاڻي ۽ گلاب ۾ گلاب آهي. اتي وجود پنهنجي اصل جي ڪري مطلق ۽ هڪ آهي. اها حقيقت حضرت مجدد (الف ثاني) وٽ ڪُلي مُشڪڪ آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ۾ قوت ۽ ضعف جي لحاظ سان فرق آھي. سندس اهو قول الله تعاليٰ کي غير جي آميزش کان الڳ رکڻ ۾ ۽ ظاهر شريعت سان موافق هجڻ جي وڌيڪ ويجهو آهي.“فالتعينات ظلال الاسماٰء لاعينها” يعني تعينات (الله جي) نالن جا پاڇا آهن، عين نه آهن پر مُسمّيٰ (جا الله جي ذات آهي) جو ڪو به پاڇو نه آهي. انسان، اسم اعظم جو پاڇو آهي، جيڪو “الله” جي نالي جي حقيقت آهي. ان کي مُسمّيٰ (الله جي ذات) جو پاڇو نه سڏبو. اسمن جون حقيقتون سندن صورتن سان گڏ ائين آهن، جيئن (عربي زبان ۾) ‘عمرو’ جي پويان واو آهي. اهو واو رڳو لکڻ ۾ ايندو آهي پر پڙهبو نه آهي. اھڙي طرح صورتون ‘عمرو’ جي واو وانگر اجايون آهن ۽ انهن حقيقتن جو صورتن سان ڪو به لاڳاپو ڪونھي، رڳو صورتون حقيقت سان سڃاتيون وينديون آهن. ان ڪري جنهن مُسمّيٰ (الله) کي سڃاتو، ان جي زبان، توحيد ۽ تشڪيڪ (ٻنھي) کان گونگي ٿي پوي ٿي. ڇاڪاڻ ته پوءِ ڪو”تعين“ رھي ئي نه ٿو جنهن تي حڪم جو دارومدار ھوندو آهي. (مطلب ته جيڪو ذات کي پهچي ويو، ان جي دل ۾ توحيد جو يقين هوندو آهي، جنھنڪري کيس دليل جي ضرورت نه پوندي آهي)

“ياد داشت” (الله تعاليٰ جي ذات جو هردم حضور) نقشبندين جي طريقي جي ابتدا يا شروعات آهي. هيءُ بيت ٻنهي نظرين (وحدت وجودي ۽ وحدت شهودي) جو خلاصو آهي:

حقيقت  تعين  بهر  عين او
ز
احمد تعين ظل اسمش بگو
 

[معنيٰ: حقيقت (ابن عربيءَ موجب) تعين جي ڪري ان جو عين آهي، احمد (مجدد الف ثاني) موجب تعين اسم جوظل يا پاڇو چئبو.]

مطلب ته ڪلام جي حقيقت ٻئي کي سمجهائڻ آهي ۽ زبان اُن جو وسيلو ۽ ذريعو آهي. ذريعن ۽ وسيلن جي انگ وڌڻ سان حقيقت جو تعداد ڪونه وڌندو. اھڙيءَ طرح ڪتاب ‘تلويح’ ۽ ‘هدايہ’ ۾ آهي ته جڏهن مقصد ماڻڻ جا مختلف طريقا هٿ اچن ته پوءِ هڪ ئي واٽ سان مقصد تائين پهچڻ کي (لازم سمجهڻ) اجايو آهي.

نظر ما بمقصود و ني راه او
دل  تشنه  را  آب  ني چاه او
 

[معنيٰ: اسان جي نگاهه مقصد تي آهي، ان جي رستي ۾ نه آهي. اُڃايل دل کي پاڻي گهرجي،کوهه نه کپي.]

حقيقت  شناسا  نجويد    صور
و
گر جست صورت بمعنش نظر
 

[معنيٰ: حقيقت شناس صورتون ڪونه ڳوليندو آهي پر جيڪڏهن صورت ڏٺائين، تڏهن به ان جي نظر معنيٰ تي ئي هوندي آهي.]

“ونيتي [2] ان من اخذ بهٰذا القول الفصل (فتح الفضل) فقد اخذ بالشرع المحمدي والاحمدي کليهما علي الوجہ الاکمل”

[منهنجوخيال آهي ته جنهن به هن (ڪتاب) ‘القول الفصل’ (حق ۽ باطل ۾ فرق ڪندڙ ٻولن) کي (پڙھي) ورتو، تنهن گويا “شريعت مُحمدي ۽ احمدي” ٻنهي کي ڪامل طريقي سان (حاصل ڪري) ورتو. (جيئن حديث شريف ۾ آهي) :

ولِڪۡل امرئ ما نويٰ

[ترجمو: هر ماڻهوءَ کي اھا ئي شيءِ ملندي آهي، جنهن جي هو نيت ڪري ٿو.]

مشتاق آفتابِ جمال محمديم
ما بندهء  مُحمّد وآلِ محمديم.

[معنيٰ: اسين مُحمد ﷺ جي جمال واري سج جا مُشتاق آهيون. اسين مُحمّد ﷺ ۽ سندس اولاد جا غلام آهيون.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org