[9]
اچانڪ اڄ جيون مهاشيه پنهنجي نبض پڪڙي ڪيتري دير
آهي اڃا؟ ڪيترو پري؟ ڪافي دير نبض جهلي ويٺو رهيو.
پر ڪٿي، ڪجهه به ته سمجهه ۾ نٿو اچي. ڪيڏانهن ويئي
انڀئه جي اها شڪتي؟ هن نوجوان ڊاڪٽر جي حملي سان
ڇا هو اندر ئي اندر بيوس ٿي ويو؟
’اهو ڇا ٿي رهيو آهي؟ پاڻ پنهنجي نبض ڏسي رهيو
آهين؟ عطر ڪڙڪو ڪري پڇيو.
ڊاڪٽر پنهنجي ناڙي ڇڏي ڏني. عطر اچي سهڙي اچڻو ئي
هوس. سڄي ڄمار اهو ئي نيم رهيو اٿس، کائي پي سڀني
کي کارائي پيئاري هوءَ هٿ ۾ پنکو کڻي سندس بستري
جي ڀرسان اچي ويهندو آهي. پان زردو (تماڪ)
چٻاڙيندي آهي ۽ پنکو لوڏيندي آهي. ڪافور جي واس
ڏنل پاڻيءَ جو گلاس وهاڻي وٽ رکي ڇڏيندي آهي. هٿ
سان شيوا ڪندي آهي ۽ وات سان دل کي چوٽ پهچائڻ
واريون پر مٺيون ڳالهيون ڪندي ويندي آهي. سڌو مڙس
کي ڪجهه نه چوندي آهي اڪثر پنهنجي نصيب کي لوئيندي
رهندي آهي. لازمي طور هن کي الزام نٿو ڏيئي سگهجي.
جيون مهاشيه جيڪڏهن ٽوڪيندو ته چوندي: ”مان توکي
ته ڪجهه چوان نٿي، پنهنجي نصيب کي ٿي ڪٽيان، تون
ڇو ٿو بڙ بڙ ڪرين؟“
ڪيترا ڏينهن اڳي جي ڳالهه آهي، هڪ لڱا هن جي صبر
جو پيالو ٽٽي پيو هو. هن چيو هو: ”ايشور تنهنجي
نصيب کي مون سان جو ٻڌي ڇڏيو آهي، چوٽ ڪرڻ سان
مونکي ئي لڳي ٿي!“
عطر ڳچي ٽيڙهي ڪري ترڇي نطر سان ڏسي رڪي پڇيو هو
”توکي چوٽ لڳي ٿي؟“
”ها توکي پتو نٿو پوي؟“
عطر پٿر سان پنهنجي ڳل کي ڦوڙيندي رتورت ڪري ڇڏيو
۽ پڇيو ”ڪٿي ٿي لڳي، ڪٿي، ڪٿي؟“
مٿئين واقعي کان پوءِ جيئن ئي ڏاڪڻ تي پيرن جي آهٽ
ٿيندي آهي، جيون مهاشيه اکيون ٻوٽي سمهڻ جو بهانو
ڪري پيو رهندو آهي. اڄ پراڻين ڳالهين جي ياد ۾
ايترو غرق ٿي ويو هو جو آهٽ به سڻي نه سگهيو.
عطر وري پڇيو ”طبيعت ٺيڪ آهي نه؟“
جيون مهاشيه ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. چوڻ چاهيان
”جي- سگهو نه آهي.“ پر ائين ٿو چوي ته عطر ٻائي جي
مورتي ٻيو ئي سروپ ڌارڻ ڪندي. هن کي ٻالڪ جيئان
بيوس بڻائي شيوا چاڪريءَ سان نڪ ۾ دم آڻي ڇڏيندي.
ڪيترائي ڀيرا جيون مهاشيه جي من ۾ آيو ته هيءَ عطر
ئي هن جي زندگيءَ ۾ نقلي ويس ڌاريل موت آهي. سندس
پتا به چوندو هو ۽ هن پاڻ به پنهنجي لنبي عرصي
واري ڊاڪٽري آزمودي مان پرايو هو ته مرتيو نقاب
پوش ٿيندو آهي. پريان کان ان کي سڃاڻڻ مشڪل آهي.
انکي ڏسي ڪري خوف ضرور ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته هو
ڦٿڪائيندڙ ۽ چيچلائيندڙ بيمارين جي پٺيان ايندو
آهي، جيئن ويساکي واچوڙي جي پوئتان وسڪارو ايندو
آهي. بيماري زندگيءَ جي جلائيندي تڙڦائيندي ويندي
آهي ۽ مرتيو بارش بڻجي جلن ۽ تڙڦ کي ٿڌو ڪري
ڇڏيندو، هميشه واسطي ساڻو ڪري ڇڏيندو آهي. ٺيڪ
اهڙي ئي آهي عطر. جيستوڻي هوءَ پري رهندي آهي،
ڀينڪر لڳندي آهي. ڳوڙها بند ٿيندي هنن جون ٻرندڙ
ڳالهيون روڳ جي جلن جهڙيون ئي ٻرندڙ ٿينديون آهن.
پر.....
نه، عطر هن جي زندگي ۾ محض هڪ مرض آهي. مرتيو آهي،
حقيقت ۾ هوءَ منجري. عمر رهندي زندگيءَ ۾ ڪيرموت
کي حاصل نٿو ڪري سگهي. ان ڪري هو منجريءَ کي به
حاصل ڪين ڪري سگهيو. مرتيو وچ وچ ۾ دوکو ڏيئي
ويندو آهي، اچي اچي موٽي ويندو آهي، پڪڙ ۾ نٿو اچڻ
چاهي. هو پنهنجي حملي جي نشاني ڇڏي ويندو آهي،
ڪيترائي ڀيرا نه ڇٽڻ واري بيماري ڇڏي ويندو اهي.
منجري به هن کي دوکو ڏيئي هلي ويئي آهي، روڳ روپڻي
عطر کي مٿس مڙهي ويئي آهي.
جيون مهاشيه چپ چاپ سرد آهه ڀري. هنجي سوال جو
جواب ڏي، سوچي ڪين سگهيو. هن جي ان ماٺ تي عطر
ويتر ڏمرجي ويئي. من ئي من ۾ جيون مهاشيه چوندو
”عطر جو غصو مليريا جي ٽيمپريچر وانگر چڙهي ٿو،
ڏسندي ئي ڏسندي هڪ سو پنج ڊگريون.“
حقيقت ۾ هوءَ هن جي زندگيءَ جو موسمي بخار ئي آهي،
گهم ٿي؛ جتي ذرا بدپرهيزي ٿي ته ظاهر ٿي پيو.
بدپرهيزي نه به ٿئي پر پونم اماس ٿي ٽپي ڪري درش
ڏيڻ ضرور آهي.
اڄ ته ڪمبخت ششي کيس پنهنجي سچي روپ ۾ جاڳائي ويو
آهي. عطر ششي کي مڃيندي به آهي. ششي هن گهر ۾ ڪافي
ڏينهن تائين رهي چڪو آهي، عطر جا ننڍا وڏا حڪم بجا
آڻيندو رهيو آهي، ٻارن کي ڀنڀلائيندو ڌتاريندو
رهيو آهي. هتان هليو نه ويو آهي، پر ناتو ڪين ٽوڙي
ويو آهي. جڏهن ڪڏهن ايندو رهندو آهي. جيون مهاشيه
چوندو رهندو آهي: ”هيءُ ششي جيڪو آهي، سو آهي
مليريا جو جيوڙو، ان جو چڪ پيو ته مليريا جاڳي.“
عطر ٻائي تپي چيو: ”مان پڇان ٿي، منهنجي ڳالهه جي
ورندي ڏيندي به آخر سمجهڻ ۾ اٽڪل ٿي پويئه؟“
هن ڀيري جيون مهاشيه به سڌو سوال ڪيو: ”ٻڌاءِ ته.
ششي توکي ڇا چئي ويو آهي؟“
”ششي؟ ششي ڇا چئي ويندو مونکي؟ هيءُ ڇار اڇلائن جو
ڀڳل ڇڄ! ڪائي ڳالهه هجي، ششي اچي ٽپڪيو. ڪنهن کي
سڌ نه آهي ته تو لوهار ٻڍيءَ جي موت جو اعلان ڪيو
آهي؟ ڪنهن کان اها ڳالهه لڪل رهجي ويئي آهي ته
سرڪاري ڊاڪٽر سڀ جي سامهون تنهنجو اپمان ڪيو آهي!
چيو اٿس، اهڙو اعلان نه ڪندو ڪري. هو درخواست
موڪلڻ وارو آهي، مقدمو دائر ڪرڻ وارو آهي. ويچاري
ششيءَ ته ايترو ئي چيو آهي، ته جڏهن هن جي ٽنگ ڀڳي
آهي، ته موت جي پڌرائي نه ڪري ها، ته ڇا ٿئي ها.
آخرت جا روڳي ٿيندا ضرور آهن. اتي پاس ڪيل ڊاڪٽرن
جو عقل جواب ڏيئي ويندو آهي. خود ششيءَ جو ئي مريض
آهي، ڊاڪٽرن کان ڪجهه نه ٿي سگهيو. ششي توکي ڪوٺڻ
آيو هو. ان تي اهڙي تهمت ڇو؟“
ٻڍو جيون مهاشيه چپ ئي رهيو. چوي به ڇا. زمانو
بدلجي ويو آهي. طبي علم ڪافي ترقي ڪري چڪو آهي. هو
ئي پٺتي رهجي ويو آهي. نه ته، گذريل ڏينهن جي علاج
جي حساب سان هن ڪو غلط ڪين چيو. ٻڍيءَ کي مرڻ ئي
گهرجي. هن ڌڪ سان ته موڪلاڻيءَ جي ئي نوبت اچڻ
گهرجي. ها وڍ- ڪٽ جي اڄڪلهه وڏي ترقي ٿي آهي،
ايڪس-ري جي ايجاد ٿي آهي. اهي ڳالهيون اڻ ڄاتل
ڪونهن، پر اهي خرچائو وڌيڪ آهن.
ڪفايتي ڪونهن، تنهن ڪري ان لاءِ هن سوچيو ئي ڪونه.
وري هن وقت ٻڍڙيءَ جو چالاڻو ڪرڻ ئي بهتر آهي، راڄ
ڀاڳ ماڻي سڀني جي هٿن ۾ ساسين سکالي ٿيندي. پتا جي
چوندو هو.....
پتا جي ڇا چوندو هو، انهن ڳالهين کي ياد ڪرڻ جو
موقعو ڪين مليو. ٻاهران ڪنهن آواز ڏنس. ”ڊاڪٽر
صاحب!“
ڊاڪٽر کان ڇرڪ نڪري ويو. عطر ٻائي به دنگ رهجي
ويئي. هيءُ ته نوگرام جي ڪشور جو آواز آهي. ٻنهي
جا چهرا کن ۾ ٽڙي پيا. ڪشور! ڪشور جو اچڻ اهڙو ئي
آهي جهڙو برسات جي ڪٺن رات بعد سرءُ جي سهاوڻي
پرڀات جو اچڻ ٿيندو آهي. عمر ۾ پڪو ٿيڻ کان پوءِ
به ڪشور، هميشه کان ڪشور ئي رهجي ويو آهي. ٻال
برهمچاري ڪشور اوڻويهه سو ستيتاليهه تائين راڄنيتي
ڪم ڪندڙ ۽ سماج سيوڪ هو. هينئر هن اهو سڀ ڪجهه ڇڏي
ڏنو آهي. هوميوپٿي علاج ڪندو ٿو وتي. پر جيئن ته
پراڻي عادت اٿس، ان ڪري ماڻهن جو ڪڇ اپڪار ڪرڻ بنا
رهيو به نٿو ٿئيس ۽ مانهو به کيس ڇڏين نٿا. هيءُ
ڪشور جيون ڊاڪٽر جي جيون جو هڪ اڌياءِ آهي. هن جي
جيون ۾ ڪشور هڪ مکيه آستان بڻائي ڇڏيو آهي.
”ڊاڪٽر صاحب!“ ڪشور جو وري آواز آيو.
”جواب ته ڏي! هن کي اچڻ لاءِ چئو!“ عطر بود ۾ ڀرجي
جهڻڪيو. پر هن پتيءَ لاءِ نه ترسي ۽ هيٺ لهي ڪري
چيو- ”اچ ڪشور، اچ.“
ٿلهي کاڌي جي ڌوتي، اڌ ٻانهن وارو ڪرتو، ان تي هڪ
چادر. اهائي ڪشور جي سدا کان پوشاڪ رهي آهي. سدا
بهار، کلمک، سانتيڪو ۽ موچارو آدمي. جيڪا به پوشاڪ
هجي، هن کي خوب ٺهڪندي آهي. سگهارو بدن، اورچ، سرل
اُجرو من، هن جي اندر گهڙندي ئي گهر ٻهڪي اٿندو
آهي. هو ايندي ئي زمين تي ويهي رهيو ۽ بنا ڪنهن
مهاڳ جي چيائين ”اوهان کي ذرا ٻاهر هلڻو پوندو.“
عطر هڪ آسڻ وڇائي ڏنس. ”هن تي ويهه. زمين تي ڪيئن
ويٺو آهين!“
کلي ڪري ڊاڪٽر ٻوليو ”مهاراجا اشوڪ زمين تي ويهي
راجا ٿيو هو. ڪشور راجا چاهي نه ٿئي، منسٽر ضرور
ٿيندو! ڪيئن ڪشور؟“
ڪشور هٿ جوڙي ڪري چيو ”ان کان ته هن عمر ۾ به
مونکي وهانءُ ڪرڻ قبول آهي ڊاڪٽر صاحب. ڇنڇر جو
گرهه اچي، سو به منظور. خير، اوهان کي پر جلد ئي
هلڻو آهي.“ آخري لفظن ۾ هن جي آواز مان اتاوليائي
ظاهر ٿي. هن آگاهه ڪري ڇڏيو ته کل چرچي جي نوع ۾
هينئر هو نه آهي.
”نيٺ به ڳالهه ڪهڙي آهي؟ ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟“
”منهنجي ڳوٺ. رتن بابو هيڊ ماستر جي پٽ و پن جي
طبيعت خراب آهي. اوڏانهن ئي اوهان کي هلڻو پوندو.“
ڊاڪٽر اچرج ۾ پئجي ويو. اهڙي درڍ چريتر وارو ماڻهو
ملڻ مشڪل آهي. پٽ به پيءُ جو سپوت آهي. سٺي سڀاو
وارو آهي. ناميارو وڪيل آهي. رت داٻ جي بيماري ۾
ورهين کان مبتلا آهي. هيڏانهن بيماري ڪجهه وڌي
ويئي اٿس، سو علاج ڪاڻ ڪلڪتي ويو هو. اتان دوا
دارون وٺي موٽيو آهي. آرام وٺي رهيو آهي. آرام ئي
ان روڳ جو علاج آهي. نوگرام جو ڊاڪٽر هريندر ان
سلسلي ۾ ساڻس گڏ ڪلڪتي ويو هو. علاج جو جيڪو طريقو
سمجهي ٻجهي آيو آهي ان پٽاندڙ علاج هلي رهيو آهي.
ڊاڪٽر سوچيو ”اهڙي ڪهڙي ڳالهه اچي بڻي آهي جو ڪشور
مون کي ڪوٺڻ آيو آهي؟“
ڪشور چيو ”هلو رستي ۾ سڀ ٿو ٻڌايانوَ.“
رستي ۾ ويندي ويندي ڪشور روڳ جون سڀ ڳالهيون
سڻايون.
”رت جو داٻ گهٽائڻ جي خيال کان ڪلڪتي جي وڏي ڊاڪٽر
رت ڪڍيو هو. پيشاب جي نليءَ ۾ به خرابي هئي.
اڄڪلهه گلوڪوس جي سئي ئي مکيه علاج آهي. ساڻ ۾ ڪي
ٻيون به دوائون آهن. ان کان ته وپن بابوُ ڪلڪتي ۾
ئي چڱو هو. ان ڪري موٽي به آيو. ڊاڪٽر هريندر
ڀروسو ڏنو هوس ۽ وڏي ڊاڪٽر به موٽي وڃڻ جي راءِ
ڏني هئي. پر هينئر مرض اوچتو ڄڻڪ اچي پرگهٽ ٿيو
آهي. هڪ عجيب علامت ڏيکائي ڏني آهي، اها آهي هڏڪي.
پنج ڏينهن ٿيا آهن، هڏڪي ساڳي پيئي هلي، اسپتال جي
پرديوت ڊاڪٽر کي به گهرايو ويو هو، پر ڦڪين فرق نه
ڪيو. هڪ ئي سٺو اهڃاڻ اڃان تائين آهي جو ناڙي يا
دل جي ڌڪ ڌڪ تي ڪوبه اثر نه ٿيو آهي. پر ٿيڻ ۾ دير
به ڪهڙي لڳي ٿي؟ ڪالهه مون هو ميوپيٿي دوا ڏني
هئي. ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو. ان ڪري اوهان کي ڪوٺڻ
آيو آهيان.“
ڊاڪٽر پرديوت جي نالي کان جيون مهاشيه ڪجهه خبردار
ٿي ويو. چي، ”اسپتال جو ڊاڪٽر اڃا به علاج ڪري
رهيو آهي؟ هو به اتي هوندو ڇا؟ وري هريندر؟ ڇا هن
جي راءِ ورتي ويئي آهي؟“
ڪشور ڏانهنس نهاريندي چيو ”مون پرديوت واري ڳالهه
سڻي آهي. هونئن ته هو آدمي برو ڪونهي، مون کي ته
چڱو ئي لڳندو آهي. پر اوچتو ئي اهڙي بدفضيلت.....
”اِها فضليت- بدفضيلت جي ڳالهه ڪانهي ڪشور! اها
ڳالهه آهي سچ ۽ ڪوڙ جي. جيڪڏهن پرديوت جو اهڙو ئي
وشواس هجي ته نبض ڏسي ڪري مان جنهن ڍنگ سان علاج
ڪريان ٿو، اها غلطي آهي، ڪوڙ آهي، ته هو مون کي
گارين سان ڌڪاري سگهي ٿو. خير. ان کي اتي ئي رهڻ
ڏي. هينئر مان جيڪي پڇڻ چاهيانٿو، ان جو جواب ڏي.“
ايترو چئي ڊاڪٽر جا پير راهه ۾ رڪجي ويا.
ڪشور حيرت وچان ڊاڪٽر ڏانهن نهاريو ڊاڪٽر چيو
”ڪشور مون کي صاف صاف ٻڌاءِ. تون سڀني جي راءِ
صلاح وٺي ڪري ئي مون کي سڏڻ آيو آهين؟ يا پنهنجي
من سان آيو آهين؟ ڇو ته ائين اچڻ جو مرض به توکي
آهي. گنجي کوپڙي واري لاءِ اها ڳالهه شوڀاڏئي ٿي،
تنهنجي لاءِ به اها ڳالهه سونهي ٿي. جيڪي ٻين جي
ڀلائي ڪندا رهن ٿا، تن کي ٻين جي گهر جي قاعدي
قانونن کي پلٽي ڇڏڻ جو به حق آهي.
ڪشور ذرا کلي ڪري چيو ”زندگيءَ جي آخرين ڏينهن ۾
اوهان اهڙو ٿا مان ڪريو ڊاڪٽر صاحب! هيترو اڀمان!“
”ها ڪشور، ڪيو اٿم ۽ ان کي هاڻ ٽوڙي به نٿو
سگهان.“
”ڊاڪٽر صاحب، اوهان کي مان ئي ڪوٺڻ ڪونه آيو
آهيان. مريض جي پتا اوهان کي سڏايو آهي، رتن بابو
سڏايو آهي! هن چيو، ’جيون ڊاڪٽر هڪوار ناڙي ڏسي
وٺي ته مان نشچنت ٿي سگهان، گهٽ ۾ گهٽ هن مصيبت جي
چوٽ کان راحت ته ملي. جيون ڊاڪٽر بلڪل ٺيڪ چئي
ڏيندو.“
يعني موت جي ڳالهه!
جيون مهاشيه گهٻرائجي ويو. رتن بابو سندس هم عمر
آهي. صرف ٻه سال ننڍو. کانئس هڪ درجو گهٽ پڙهندو
هو. جنهن سال جيون مهاشيه ڀوپي بوس جو نڪ ڀڃي
ڪانديءَ مان ڀڳو هو، رتن ساڳئي سال ايم-اي
(M.A)
جي امتحان ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪري ڪانديءَ جي اسڪول ۾
داخل ٿيو هو. رتن کي اينٽرنس جي امتحان ۾ به
اسڪالرشپ ملي هئي. سدا کان ڳنڀير رهندو آيو هو.
صبر وارو آدمي، ۽ انهيءَ رتن ائين چيو هو؟ چيائين
ته، ’جيو ناڙي ڏسي ته ڳڻتي کان ڇوٽڪارو ملي! هو سڀ
ٺيڪ چئي ڏيندو.‘
ڇو نه ائين چوندو رتن‘ جيون ڊاڪٽر ٽي مهينا موت
کان اڳي پنهنجي پٽ جي موت جي اڳڪٿي ڪئي هئي. پوءِ
رتن ائين ڇو نه چوي؟
ائين ته رتن بابو ڪومل ڪنٺ سان ئي ورجايو هو، پر
ڪومل هوندي به ڪنٺ ڪنبيو ڪونه. پڇيائين، ”ڇا خيال
آهي؟ ڇا ڏسي رهيو آهين؟“
جيون هٿ ڌوئي ڪري بيٺي بيٺي ٻڌايو، ”هن هڏڪي جي
ڳڻتي نه ڪر، هيءَ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ويندي رهندي.“
اسي جي ڄمار هوندي به رتن بابو جو شرير سڌو سنواٽو
آهي، ذرو به نه جهڪيو آهي. اهڙو ڊگهو به گهڻو نه
آهي ۽ بدن ۾ به بيشڪ ڀريل ڪونهي. ته به ڪجهه جهڪڻ
گهرجي ها، سو ڪين جهڪيو آهي. نظر ڌنڌلي ضرور ٿي
ويئي اٿس، پر اسٿر ۽ خشڪ آهي. پاڻي جلدي نه وهندو
اٿس. جڏهن ٽيهن جو هو پتني چالاڻو ڪري ويس. خود
رسوئي ٺاهيندو رهيو ۽ ٻالڪ جي پالنا ڪندو رهيو.
آدرش وادي آهي ۽ نيتيءَ جو پوڄاري. رتن بابو ذرا
کلي ڪري چيو ”پر منهنجو اهو ته سوال ڪونهي. مون
جيڪي چيو آهي، سو تو سمجهيو آهي؟“
”سمجهيو اٿم، پر....“
”تو کان ’پر‘ جي اميد نٿو ڪريان. جيئن ته تون صاف
صاف ٻڌائي ڏيندو آهين، ان ڪري منهنجو توتي ايترو
زور آهي.“
ڊاڪٽر زمين ڏانهن تڪيندو رهيو.
”جيون؟“ رتن بابو هوريان سڏ ڪيو.
؟مان سوچي رهيو آهيان.“
”منهنجي لاءِ؟ منهنجي لاءِ نه سوچ، ’يَسيه ڇايا
مرتنگ يَسيه مرتيو‘ هتي ته مڙيو ئي پرم آنند آهي.“
ڊاڪٽر ڇرڪي ويو. گذريل ڏينهن جون سڀ يادگيريون ڄڻڪ
هڪ پل ۾ ولوڙجي اٿيون. نبض- گيان ڏيندڙ سندس گورو
به ته ائين ئي چوندو ڪندو هو: ”جيون ۽ مرتيو؟ يسيه
ڇايا مرتنگ يسيه مرتيو..... اهو ئي ته آنند سروپ
آهي!“ اهو چوندي چوندي جڳت مهاشيه سونگهي کنئي
هئي، جيون ڊاڪٽر کي اڄ به اها ڳالهه ياد آهي.
الائي سونگهي مان چپٽي ڏيڻ سان يا دل جي جزبي
وچان، جيئن به هو، هن جو آواز ڳورو ٿي ويو هو ۽ ان
ڀاري آواز ۾ ڳالهين جي پڙاڏي سان جيون ڊاڪٽر جي دل
برساتي بادلن جي گرج سان جيئن ڌرتي جي حالت ٿيندي
آهي، هڪ آنند دائڪ انڀوتي سان نهال ٿي ويو هو. هن
چيو هو: ”پٽ، هن ۾ ٻيئي تتو ٿيندا آهن، هيءُ لوڪ ۽
پرلوڪ، ٻيئي. جيڪو پرماند سروپ آهي، اسان جو ماڌو
اهو ئي آهي.... پنهنجو اشٽ ديوتا.“
’ڌيان يوگ ۾ پهتل ڪوئي معالج يا ويڄ جڏهن ڳوڙهي
ايڪاگرتا سان ناڙيءَ جي پرک ڪندو آهي، تڏهن زندگي
۽ موت جي لڙائي وڇوڙي جو اَنت آڻڻ واري نه لڳندي
آهي، لڳندي آهي ته هيءَ وشو برمهانڊ جي دائمي ليلا
آهي ۽ تڏهين سولائي سان اهو ٻڌائي سگهبو آهي ته
سنجها جي ويل اچي ويئي آهي. سج اڀرڻ ۽ سج لهڻ جو
آنند هيڪڙو ئي آهي، جدا ناهي.‘
رتن بابو ڄڻڪ هن جي طرف ئي تڪيندي ڪڇ انتظار ڪري
رهيو هو. هن پڪاريو ”جيون؟“
جيون سجاڳ ٿيو. رتن بابو جو چهرو ڏسي ڏڪي ويو. چي:
’رتن، اڃا ته ڪو اهڙو اهڃاڻ ڏسڻ نٿو اچيم، پر.....
پر ڇا؟ ٻڌاءِ هٻڪ ڇاجي؟“ رتن بابو کليو، نهايت
دردناڪ ۽ پرسوز مشڪ ۾. ان مشڪ جي سامهون بيهي سگهڻ
ڏاڍو ڏکيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ اک سان اک ملائي ڪري
سکڻو دلاسو ڏيئي نٿو سگهجي. سر نمائي ڳالهه ڪرڻي
پوي ٿي.
جيون ڊاڪٽر هن کي ڪوڙ نٿي ٻڌائڻ چاهيو. سچ ئي
ٻڌائڻ جو ارادو هوس، شايد ان ڪري هن پنهنجو سر ڪين
نوايو. چي: ”هيءَ بيماري اچانڪ دم ٽوڙ ٿي پوندي
آهي. هيءَ هوري هوري به ڪانه وڌندي آهي ۽ هن جي
وڌڻ جو ليکو به مطلب کان پري هوندو آهي. ڪهڙي به
چوٽ جو بهانو مليو، اها چوٽ چاهي ڏينهنڪ هجي، چاهي
مهيني کان، ته هيءُ سروناش جي ڏيوڙيءَ تي پهچائڻ ۾
دير نٿي ڪري.“
”اها مون کي پروڙ آهي.“
”پوءِ ته مهنجي چوڻ لاءِ باقي ڪڇ نٿو رهي. بيماري
پنهنجي مڪمل حالت ۾ آهي. ته به ڪو اهڙو اهڃاڻ نٿو
ڏسڻ ۾ اچيم جو مان لاعلاج چوان. ڪٺن علاج ضرور
آهي. لاعلاج مان مور نه چوندس. ها، ان مرض جي فطرت
اهڙي ئي آهي جو ڪنهن به ويل لاعلاج ٿي سگهي ٿو.
ڀڳوان جي ڪرپا ۽ ان ڪرپا جا اوهان ٻيئي پيءُ پٽ
حقدار آهيو.“
”حقدار؟ ان ديا تي به ڪنهن جو اڌڪار آهي جيون؟“
جيون ماٺ ۾ ئي رهيو. ڪوبه جواب نه ڏيئي سگهيو.
رتن بابو چيو ”خير هن هڏڪيءَ کي ته تون روڪي وٺ.“
”منهنجي دوا سان ڊاڪٽر کي اعتراض ته نه ٿيندو؟
ايلوپئٿي ۾ ان جي جيڪا دوا ٿي سگهي ٿي، تنهنجي
باري ۾ کانئس وڌيڪ ڄاڻو ته مان ڪونه آهيان. مان ان
جي دوا ڏيندس پنهنجي ريت پٽاندڙ.“
ڊاڪٽر هريندر ڀرسان بيٺو هو. هن چيو: ”جيڪڏهن اسان
دوا ڏينداسون، ته اوهان کي ته اعتراض ڪونه ٿيندو؟
ضرورت ٿيندي ته اسان هڪ اڌ سئي هڻنداسون گلوڪوس
ڏينداسون ۽ خاص ڪري سئي لڳائڻ بنا هن کي ننڊ نٿي
اچي. وري جي ڪڏهن داٻ وڌي وڃي، ته ڪڇ نه ڪڇ ڏيڻو
ضرور ئي پوندو. هڪ ڳالهه ٻي...“
هريندر رڪجي ويو. هزار ڪڇ هجي، نيٺ هريندر ان ڳوٺ
جو ئي ٿيو. جيون ڊاڪٽر کي هو وڏي شرڌا سان ڏسندو
آهي، هن جي ڪيترا ڀيرا دوا کاڌي اٿائين اڄ به بعضي
بعضي بيمار کي چوندو آهي ته ڀائي، ”ان جي لاءِ
جيون مهاشيه وٽ وڃ. هن جي دوا مان وڌيڪ فائدو
ٿيندو.“
ان ڏينهن آخرت جي باري ۾ پرديوت ڊاڪٽر کي هن چاهي
جيڪي ڪڇ به چيو هو، پر جيون مهاشيه جيڪر ناڙي ڏسي
ڪري روڳ جو نرنيه ڪري ڏي ۽ پيشاب- ٽوري جي جاچ
تپاس ڪرڻ بنا ئي هو هن جي هدايت پٽاندڙ علاج جاري
رکي سگهي ٿو. ان ڪري چوڻ ۾ کيس هٻڪ پئي ٿي.
”اوهان کي ٻڌائڻ جي ضرورت ڪانهي.... ته به...“ هن
معافي ورتي ۽ کلي پيو. باقي ڳالهه ڪانه چيائين.
جيون ڊاڪٽر بي صبر ٿي پيو. کيس ڊاڪٽر پرديوت جو
چهرو ياد آيو. ٻئي نئي يگ جا آهن؛ لڳ ڀڳ هڪڙي ئي
وقت ٻنهي ڄڻن ڊاڪٽري پاس ڪئي آهي. جيئن ته ڏينهن
کان سڃاتل ڄاتل آهي، انڪري پرديوت وانگر ملامت
چاهي نه ڪري سگهي، اپديش جي بهاني ڌڪار وجهي سگهي
ٿو. اڌير ٿي ڪري جيون مهاشيه چيو: ”چوڻ جي ضرورت
آهي هريندر. جيڪي چوڻو هجيئي، صاف صاف چئو.“
هريندڙ ڪڇ سوچيو، وري سنڀالي ڪري چيائين، ”اسان
هارٽ ۽ ڪڊني جو خيال رکيو آهي ۽ ان جي دوا ئي ڏيئي
رهيا آهين. آفيم واري دوا سان هڏڪي رڪجي سگهي ٿي،
پر بيمار جي هارٽ کي ڏسندي ان جو استعمال ڪين ڪيو
اٿئون. نسخو ته اوهان ڏٺو ئي آهي.“
”مان جيڪا دوا ڏيندس، ان سان دل تي ڪوبه برو اثر
ڪونه پوندو. خاطر جمع رک، مان ڪائي آفيم واري دوا
ڪانه ڏيندس.“ |