سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :25

[24]

 

”وپن ٺيڪ آهي.“ پاڻ ئي چيائين، ”بهتر پيو ڀانيان.“ رتن بابو چيو- ”اڄ پيشاب جي رپورٽ آئي آهي، جيڪا خامي خرابي هئي سا هاڻ گهٽجي ويئي آهي.“

مهاشيه جڏهن پهتو تڏهن ٻيا ڊاڪٽر اڃا ڪونه آيا هئا. وپنجي ناڙيءَ ڏانهن هٿ وڌائيندي مهاشيه چيو- ”جڏهن تندرست ٿيڻو هوندو آهي تڏهن بيماري ان ريت گهٽي ويندي آهي. ان زماني جي ڳالهه هئي جڏهن بيماري تاڙ جي وڻ وانگر وڌندي آهي ۽ گهٽجي آهي تِر تِر ڪري.“

”هڪوار ناڙي اچي ٻڌائي ڪيئن ڏسي رهيو آهين؟“

”مان ته روز ٻڌائي رهيو آهيان ڀائي.“

”نه، اڄ جيئن ڏسي رهيو آهيان سو ٻڌاءِ. هينئر ڪيئن آهي، سو نه. پراڻي زماني واري نبض ڏسي ٻڌاءِ. اهو به ٻڌاءِ ته وپن ڪيترن ڏينهن ۾ نوبنو ٿي اٿندو؟“

وپن چيو: ”ليٽندي لٽيندي مان ته ٿڪجي پيو آهيان. اڳي واري اِنوئلڊ چيئر تي ڪجهه ديرورانڊي ۾ ويهي سگهان يا ٿوري ساعت ٻاهر گهمي سگهان ته هيءَ پريشاني به دور ٿئي. وري لڄ وچان به مرندو ٿو وڃان. ساري برهمانڊ جي ديا جو پاتر بڻجي پيو آهيان. ماڻهو به مون مان ڀِر ٿي پيا آهن، هاءِ- هوءِ ڪن ٿا. سڄي دنيا جي ماڻهن جو بوجو بڻجي سندن ڪلهن تي سوار آهيان، منهنجي لاءِ اهو سڀ هاڻ سهڻ کان ٻاهر آهي.“

مهاشيه من ئي من ڇرڪي ويو. سلڇڻي وين جي من جي اوسٿا سج جي پهرئين ڪرڻي جي پرڪاش وانگر روشن ٿي ويئي. مهاشيه جي نظر ۾اها به علامت آهي.

هن و پن جي منهن ڏاهن نهاريو. هن جي ڪرائي پنهنجي هٿ ۾ جهلي ورتي. نبض ۾ نيزي صاف پڌري هئي.

هٿ ڇڏائڻ کان پوءِ و پن اَکيو- ”ڪڏهن اٿڻ جي اجازت ڏيندا؟“ مهاشيه ٻوليو- ”سڀاڻي ٻڌائيندس. اڄ تون پاڻ چنچل ٿي رهيو آهين.

”چنچل ته هيءُ هر گهڙيءَ رهن ٿا. اوهان ان لاءِ کين منع ڪري ڇڏيو.“ وپن جي پلنگ جي هن پاسي هڪ استري بيٺي هئي، سندس پتني. ڏيهاڙي بيٺي هوندي آهي. ڳالهائيندي ڪانهي. اڄ شايد کانئس رهيو نه ٿيو، ڳالهائي ويٺي. پراڻن سان شيوا ڪندي کيس اها علامت بري طرح محسوس ٿي آهي، ڪنڊي جيئان گهرائيءَ سان چڀي ويئي آهي. شايد ان ڪري کانئس رهيو نه ٿيو.

پنجٽيهه- ڇٽيهه ورهين جي ڄمار، شانت سندر استري، ڳل تي سنڌور جو ٽڪو، سينڌ ۾ جڳ مڳ ڪندڙ سنڌور، لعل ڪناريءَ واري ساڙهي زيب تن. اڄ ساهه جي ڇڪ وچان گهوگهٽ اگهاڙو ڪري هن جي سامهون ظاهر ٿي بيٺي.

مهاشيه جي ورنديءَ کان اڳي ئي وپن چئي ڏنو: ”جهيڻو آواز ڏڪي رهيو آهي، اکيون ڪجهه ٻري رهيون آهن، هن چيو- ”منع ڪريو! منع ڪريو! منع ڪرڻ سان ئي من مڃي ٿو؟ عورت جي ذات، تون منهنجي پيڙا ڪيئن ٿي سمجهي سگهين!“

مهاشيه خفي ٿي چيو- ”وپن پٽ! وپن!“ رتن بابو به پڪاريو- ”وپن! وپن!“

وپن جون اکيون آب اوتڻ لڳيون. ٿڪل ۽ ٽٽل آواز ۾ چيائين- ”مون کان هاڻ وڌيڪ نٿو سٺو ٿئي! نٿو سٺو ٿئي!“

رتن بابو هنجي مٿي تي هٿ رکي بيٺو رهيو. پنکو کڻي وپن جي زال اڳتي وڌي؛ اڀمان وچان وپن چيو- ”نه! شريمنت! تون ئي پنکو جهل.“

شريمنت وپن جو پٽ آهي. هن ماءُ جي هٿ مان پنکوورتو. مهاشيه روڳيءَ ڏانهن غور سان نهاري هڪو ٻڪو ٿي ويٺو رهيو. ٿوري ساعت ۾ ئي آلس وچان وپن جون پنبڙيون جهڪي ويئون. مهاشيه هن جي هٿ کي ڇهي ڪري ڏٺو. وپن هڪوار اکيون ڦهلائي ڏٺو ۽ وري ٻوٽي ڇڏيون. مهاشيه هن جي ناڙيءَ ۾ وسامنڊر جوش محسوس ڪيو. ڪافي دير تائين نبض جاچي هو ٻاهر نڪري آيو.

”جيون!“ پوئتا آهستي- آهستي رتن بابو پڪاريو.

”فڪر جي ڪائي ڳالهه ڪانهي رتن. ڪائي اهڙي ڳالهه ڪانهي. پر هوشيار رهڻو پوندو. ههڙي تيزي چڱي ڪانهي؛ اها ته ٻڌائڻ جي ضرورت ڪانهي!“

”وپن ههڙو آپي کان ٻاهر ڪڏهن ڪونه ٿيو آهي. اڄ ئي ٿيو. پر مان جيڪي ڄاڻڻ چاهيان ٿو؟ موت جي اڳڪٿي اوهان جي خاندان جي پرنپرا آهي. مونکي اني اٽل وشواس آهي. مان اهوئي ڄاڻڻ چاهيان ٿو.“

کلندي جيون مهاشيه وراڻيو- ”ناڙي ڏسڻ جا اُهي ڏينهن لڏي ويا رتن! هيءُ زمانو، هيءُ سموئي ٻيو آهي! اڄ الائي ڪهڙين ڪهڙين دوائن، ڪهڙن ڪهڙن علاجن جون ايجادون ٿيون آهن. هاڻ ڇا جهوني زماني جي عقل سان به ڪم هلي سگهي ٿو؟ مثلاً مليريا بخار. منهنجي ڄاڻندي اهو بخار نو ڏينهن ۾ لهندو پر اڄ ان جي سئي نڪتي آهي، پيلُڊرن پهچي ويو آهي، ٽن ئي ڏينهن ۾ بخار لهي ٿو وڃي. ٽائيفائيڊ ۾ اسان ماڻهن جي راءِ موجب- ارڙهن ڏينهن، ايڪويهه ڏينهن، اٺاويهه ڏينهن، ٻٽيهه ڏينهن۽ اٺيتاليهه ڏينهن. ليڪن نئي دوا سان ڏهه ٻارهن ڏينهن ۾ ئي بخار صاف. اڄ ناڙي ڏسي مان ڇا ٻڌايان؟ ڊاڪٽر اچي رهيا آهن تن کان ئي پڇ.“

”اوهان ٻڌائڻ نٿا چاهيو، لڪائي رهيا آهيو اوهان. پر اوهان پنهنجي پٽ جي باري ۾ ته ڪي ڪين لڪايو هو!“ زناني نڙيءَ مان آيل آواز مهاشيه کي ڇرڪائي وڌو. منهن ورائي پٺيان ڏٺائين. پٺيان وپن جي استري بيٺي هئي. ڳل تي سندور جو ٽڪو، سينڌ ۾ سنڌور جي لنبي ليڪ. اتاولي بڻي اسٿر اکين ۾ سوال نيو بيٺي هئي.

گذريل يادگيري ڄڻڪ چهبوڪ کڻي بيرحميءَ سان وار ڪيو. جندجان سان پاڻ کي روڪي هن وراڻيو- ”مان ٺيڪ چئي رهيو آهيان ڌيءَ، هينئر ٺيڪ سمجهه ۾ نٿو اچيم. توهان وٽ ايندي ئي مون کي پنهنجي پٽ جي يادگيري ستائي ٿي. من چنچل ٿيو پوي. ٺيڪ سمجهي نٿو سگهان. ان ۾ لڪائڻ جي ڪابه نيت ڪانهيم. مون کي غلط متان سمجهين.“ جيون مهاشيه تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو.

”ڊاڪٽر بابو، اوهان جي في.... في.“

”سڀاڻي ڏجو.... سڀاڻي.“

*      *      *

نهايت دل ڏاريندڙ يادگيري هڪوار آمهون- سامهون کڙي ٿي ويئي. ائين ڀاسيو، اهائي آهي، هوبهو ساڳي! تفاوت آهي. هوءَ نوجوان نار هئي، سورهن سترهن ورهين جي، ڳوٺاڻي گهر جي نينگر. هوبهو اهڙي ئي نگاهه سان مهاشيه کي ڏٺو هئائين. ششانڪ جي استري.

هن مهاشيه کي هڪ قسم جو سراپ ڏنو هو. اهو سراپ ڪارگر ٿيو. ون وهاري مري ويو. ششانڪ اوچتي نازل ٿيل بيماري دئاران مئو هو. هن جو پنهنجو ڪوئي قصور ڪونه هو. هن جي پنهنجي ڪنهن اوگڻ موت جي مدد ڪانه ڪئي هئي. اڄ جهڙي بندوبستگي بيماريءَ  جيوڙن جي جاچ جي آهي، جيوڙا ناس ڪندڙ دوائون ايجاد ڪيل آهن، تڏهن اهي هجن ها ته شايد.... نه!“ مهاشيه پاڻمرادو ڪنڌ ڌوڻ ڪئي- ”ته به ششانڪ ڪونه بچي ها. اڄ به پينسلين جي سهاري سڀني بيمارن کي بچائي نٿو سگهجي. روڳ جي ڪارڻ ۽ جيوڙن جي روپ جو پتو لڳائي به ڪوئي نتيجو نٿو نڪري. ليڪن ته به ششانڪ جو ڪوئي ڏوهه ڪونه هو. هن جي موت منش جي علاج جي ڄاڻ جي اڻ پورائي، کوٽ آهي. مرتيو نشچت آهي، ليڪن اها مرتيو عمر جي پوري معياد ختم ٿيڻ تي، سج جي غروب ٿيڻ برابر، خوشيءَ جي اتسو ۾ ٿيندي آهي. انهيءَ سبب کان ششانڪ جو ڪو به اپراڌ ڪونه هو ۽ هن جي ڪنوار لاءِ هو ممتا جو مجسم بڻجي پيو هو. کلي ريت کانئس چوڻ نه پڳو هو، بلڪ هن جي ڪنوار کي نوتو ڏيئي زندگي ۾ آخرين ڀيرو مانس مڇي کارائي هن من جي ويدنا کي ظاهر ڪرڻ چاهيو هو. مگر هوءِ نينگري عجيب هئي! هن عجيب استان جي عجيب نينگري! جيڪي ديويون الائي ڪهڙي آدي ڪال کان وڌواپڻي جو پالن ڪنديون اچن ٿيون، ديهه جي ڀوڳ (جنسي بک) کي تياڳ ڪري پريم کي ئي وڏو بڻائي چاهينديون رهيون آهن، هيءَ نينگري به انهيءَ جاتيءَ جي هئي. غير رواجي. مهاشيه هن کي سمجهي ڪين سگهيو هو.

هن مهاشيه کي سراپ ڏنو هو.

انوکي هڪجهڙائي، هن جي سراپ کي سڦل ڪرڻ جي لاءِ ون وهاري پنهنجي جيون کي اڳي ئي ان وهڪري ۾ گهيلي ڇڏيو هو. ميلي کانپوءِ کيس جيڪا ذيابيطس (مٺا پيشاب) ٿي، اهائي آخري ڪانه هئي. ون وهاري باز نه آيو. کيس وري ساڳي بيماري اٿلي پئي.

اها تلخ يادگيري هن لاءِ بيحد دل ڪانڊاريندڙ آهي.

شرير جيسين ڳري نٿو، تيسين موت جي ڪامنا ڪرڻ پاپ آهي، اهو آپگهات ڪرڻ جي برابر آهي. هن به اهو ئي ڪيو هو. کاڌي پيتي، وهنوار سڀ ۾ جيون مهاشيه هڪوار نرالو آدمي بڻجي ويو هو. البت هن ڪل ڌرم جو النگهن ڪين ڪيو هو، النگهن ڪيائين عمر جي سنڀال، ان کي لنبي بنائڻ جي نيم سنجم جو. هن ڪنهن وڀچار جي پاپ سان پنهنجي خاندان کي ٽڪو ڪونه لڳايو هو، پر پنهنجي مٿان اتياچار ڪرڻ ۾ ڪائي ڪسر ڪانه ڇڏي هئائين. من وهمي بڻجي پيس. ٻنهي هٿن سان ڪمائي، چئن هٿن سان لٽيائين. اندر جي باهه ۾ جيترو پڄرندو رهيو، ٻاهر اوترو ئي ميلو وڌائي ڇڏيائين. رڳو وئدڪ پيشي تائين پاڻ کي محدود نه رکيائين، ڪيترن ڪرمن ۾ پاڻ کي پکيڙي ڇڏيو هئائين. ماڻهو شراب پي ڪري پنهنجي غم کي غلط ڪرڻ چاهيندا آهن، هن يار نالي ۽ ڪرم جي نشي ۾ پاڻ کي ٻوڙي ڇڏيو هو.

آروگيه – نڪيتن جي ڀرسان جيڪو کوهه آهي، تنهن وقت ئي هن کڻايو هو. پنچائت جو پرڌان هو. سرڪار کان ٽي حصا رقم وصول ڪري باقي هڪ حصي جي رقم هن خود لڳائي هئي. اسپتال جي سامهون جيڪو اڻانگهو رستو ويو ٿي، چور- پڪڙ خندق، ٽنگ- ٽوڙ کڏ- سڀني کي نئي سر سڌاري انهن کي سڌو سنواٽو ڪرايو.

روزگار جي تلاش ۾ آسپاس جي ٻن ٽن ڳوٺن جا مزور آروگيه- نڪيتن جي سامهون ڳاهٽ ٿيندا هئا. انهن سڀني کي هو ڪوئي نه ڪوئي ڪم ڏيندو هو.

مهاشيه ونش جي مهاشيائي ته نيٺ هلي وڃڻي آهي، پر وڃڻ کان اڳي شفق جي لعلا جو اتسو ته ملهائي وڃي!

پنهنجي شرير تي ڏاڍاين جي ڪا حد ئي ڪانه هئي!

سڄو ڏينهن بنا کاڌي پيتي گهمندو رهيو آهي. ڪٿان ڪوٺ ٿئي يا نه ٿئي، پر هيءُ يار پنهنجي ڌن ۾ مست رهيو. نيپال جي ڀاءُ سيتارام جي دوائن جي دوڪان تي ويهي گپ شپ هڻندي شام گذاري ڇڏيندو. جنهن به سڏايو، تنهن وٽ هليو ويو. علاج ڪيائين. في ڏنائون، نه ڏنائون. ٻئي ڏينهن وري ويو. رات- رات شطرنج کيلڻ جي شروعات به تڏهن ٿي هئي. گاني بجاني جون مجلسون ڪيائين. جيڪو به. استاد پهتو، ان جو سواگت ڪيائين. راڳ سرود جي محفل سان گڏ جل پان جو به بندوبست ڪري يارن دوستن سان موج مزا ڪيائين. چاهي ڇا به ٿئي، پر شام جو ٻن چئن مترن سان گڏ ڪالي ٿان ۾ ڪيرتن ڪرڻ ۾ ڪڏن ڪين گٿو. بيمار وٽان سڏ ٿيڻ ۾ موٽندي اوير ٿي ويئي ته اڪيلو ئي مندر ۾ هٿ جوڙي وڃي ڳائي ايندو.

راڌا گووند! جيه راڌا گوند!

اهو نيم ڪڏهن نه ٽوڙيائين. مهاشيه ونش جي وشڻو- منتر جي چيتنا کيس ڪڏهن ڪانه ٿي. پرمانند ماڌو کي پائڻ ته هن جي ڀاڳ ئي ڪين ڀرايو، پر نام- ڪيرتن کي ڪين ڀليو. هن سخت وهمي ۽ منجهيل حالت ۾ به اها مٿين ڪرت جاري رهي.

عطر ڀيري ڀيري سان ٽوڪيندي رهيس. چوندي- ”پڇاڙيءَ ۾ پڇتائيندين، چئي ٿي ڇڏيانءِ.“

مهاشيه ٽهڪ ڏيئي کلي پوندو هو. ٻيو ڪير اتي نه هوندو ته چوندو هو- ”اڙي، ان زماني ۾ منجريءَ جي ڪاڻ بازار مان قرض کڻي خرچ ڪرڻ ۾ به مون ڪين پڇتايو هو. ان جي بدلي مونکي تون ملينءَ. اڄ ته مان ڪمائي ڪري اڏائي رهيو آهيان- تنهن ۾ پڇتائيندس؟“

”نيٺ به ڪمائين گهڻو ٿو، مان به ته ٻڌان؟“ عطر جو منهن ٽامڻي هڻي ويندو هو.

”گهرج ڪيتري آهي، سو ٻڌائي. ڪيترو گهرجئي؟ اڄ ئي ٿو ڏيانءِ، هينئر. ڪهڙو ڳهڻو گهرجيئي ڇا! کپيئي!“

”مون کي ڪجهه ڪونه ٿو گهرجي. مونکي تنهنجو ڪجهه ڪونه گهرجي. ٻچڙين جي شادي ۽ ٻچن جي سکيا، ايترو ئي ٿئي ته بس. مان ٻانهي بڻجي گهر ۾ آئي هئس، اهائي ٿي ڪري رهنديس.“

”ڪوڙ ٿي ٻولين. تون ته آئي هئين هٿ ۾ حڪومت جو ڏنڊو کڻي. سدائين کان راڄ هلائي رهي آهين، توکي سمجهه ۾ نٿو اچي، تنهنجي پٽ جي واسطي وڏو دائرو، اوچو آسن تيار ڪري رهيو آهيان. تنهنجو لاڏلو مون وانگر وئديه ته ٿيندو ئي ڪونه. هو ته ٿيندو ڊگري وارو ڊاڪٽر. ليڪن نوگرام جي براهمڻ جي بنيادي گهر کان پنهنجو گهر ته اڄ به هيٺ ئي رهجي ويو آهي؛ تنهن کي مٿي کڻي برابر ڪرڻ لاءِ پان پتوڙي رهيو آهيان.“

اتي عطر به چپ ٿي ويندي. وشواس ۽ اوشواس جي جهولي تي سُن ۾ اچي يڪ ٽڪ اکين سان ڏانهنس تڪيندي رهندي هئي.

ان کانسواءِ ٻيو ڪو چاڙهو نه هو. ون وهاري ان روڳ جو شڪار بڻجي به حرڪت کان باز نه آيو، روڳ مان ڇوٽڪاور پائيندي ئي هن اگهاڙي لباس وانگر لڄ- شرم کي لاهي ڦٽو ڪيو. سال کن جي اندر ئي ماءُ پيءُ جي جهڳڙي- گهپيءَ ۾ هن پاڻ کي خود مختيار ظاهر ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن هن صاف چئي ڏنو: ”مون کان اسڪول جي پڙهائي ڪانه پڄندي.“

سندس منهن ڏانهن تڪيندي مهاشيه ورجايس: ”ڪانه پڄي سگهندي؟“

”نه. حساب، سنڪسرت، هيءُ سڀ منهنجي مغز ۾ ڪونه ويهندا.“

”تتہ ڪم؟ ......................... مهاشيه کلي ڪري آکيو.

ماڻهس اوٽ ۾ بيٺي هئي. اندر اچي چيائين- ”ڪلڪتي ۾ ڊاڪٽريءَ جو نئون اسڪول کليو آهي، اتي ئي پڙهندو. هتي سال بسال ڪيستائين فيل ٿيندو رهندو؟“

”۽ هتي به فيل ٿيندو رهي ته؟“

”ته تو جهڙو ڊاڪٽر بڻبو! تون ته بنا پڙهڻ جي، بنا ڊگري پاس ڪرڻ جي ئي روپين جا ٻڪ ڀري ٿو آڻين. جڏهن بابو بڻيو آهين، ته خانداني وديا ته پٽ کي سيکاريندين.“

”مگر، اسان جي خانداني وديا م ته ٿوري گهڻي سنسڪرت جي ڄاڻ لازمي آهي سائڻ!

”ڇا، ڇا چيهءِ مونکي؟“

”سائڻ چيم، سائڻ! ڪائي خراب ڳالهه ته ڪانه چيم.“

”پر چيهءِ ته مذاق ۾؟ تو جهڙو واهيات مون ڪونه ڏٺو. پتا ٿي ڪري تنهنجي پٽ تي ممتا ڪانهي؟“

مهاشيه ماٺ ۾ رهيو. ڇا چوي؟ پٽ تي ممتا؟ ون وهاري کي ايم-بي پڙهائڻ جي سندس اڇا هئي. ان اڇا جو راز عطر ڇا ڄاڻي؟ اڇا هئي. اڇا هئي ته ون وهاري ايم.بي.- ها، ان وقت ايل.ايم. ايس جو ڪورس کڄي ويو هو، ايم.بي جو ڪورس ان جي جاءِ تي هلندڙ هو. جڏهن پڙهڻ شروع ڪندس ته سندس وهانءُ جو به بندوبست ڪندو. ڳالهه ٻول هلائيندو. ڪاندي مان ڪنهن زميندار جي گهر جي ڪنيا آڻيندو. ڳوٺ جي زمينداري مان هڪ آنو حصو نوگرام ۾ چاهي ’زمينداري‘ ڳڻي ٿي ويئي، ڪاندي ۾ ائين نٿي سمجهيو ويو؛ ون وهاري ايم.بي پاس ڪندو، ته ماڻهو عزت سان ان کي ’زمينداري‘ تسليم ڪندا. ڪاندي وڃڻ جي خواهش سدا کان من ۾ رهي اٿس، ان کي اوس پوري ڪندو. ڀوپيءَ جي ڪنهن سڳي سنٻنڌي جي ڌيءَ آڻيندو. خير، اهي ڳالهيون رهڻ ڏي.

هڪ ڊگهو ساهه ڀريندي مهاشيه چيو هو: ”خير. اهو ئي ٿيندو.“ پٽ ڏانهن نهاري چيائين- ”بيل گڇيا جي آر. جي. ڪر ميڊيڪل اسڪول جي لاءِ ته چئي رهيو آهين؟“

”ها، اتي پاس- ٻاس ٿيڻ جي ضرورت نٿي پوي.“

”ها خبر اٿم. پر اتي به فيل ٿيندا آهن.

مثلاً نوگرام جي راءِ ڪٽنمب جو اتين به پاس نه ٿي سگهيو. اسڪول ۾ چاهي پاس نه ٿجي، پر اتي ته پاس ٿيڻو آهي. اهو ياد رکج.“

”پاس ضرور ٿيندو. ٽن پيڙهين کان انهيءَ وديا جو دور رهيو آهي. ڏسج پٽ، چڱي ريت پڙهج. جيئن ماڻهو ٽوٽڪائي ويڄ چئي توکان نفرت نه ڪن. مهاشيه ونش جي ان بدناميءَ کي توکي ئي دور ڪرڻو آهي.“

ڊاڪٽر آر.جي. ڪَر مهاپرش هو. گهٽ پڙهيل ڳڙهيل، ٿوري پونجي جي گرهستي گهر جي ڇوڪرن جو هن وڏو اپڪار ڪيو هو. ديش ۾ تنهن وقت مليريا موت برپا ڪري رهي هئي. انگريزي ڊاڪٽرن جي دٻدٻي، رعب ۽ سرڪاري نازش جي ڦهلاو سبب ڪويراجن جا گهر بند ٿيڻ لڳا هئا. وئدين جي کوٽ هئي. اهڙي وقت ۾ اهي اڌ ڪپڙا ڊاڪٽر گهڻو ڪم ڏيئي ويا. ”شت ماري ڀوَيد وئديه ہ سهسترماري چڪتسڪ ہ ”(....................................................)“ ٿي سگهي ٿو، انهن جي ڀلن چڪن ڪري هزارها انسان ڀوڳيندا رهيا، مري کپي ويا، پر ان جڳهه تي هزار کانپوءِ ڪيترائي بهترين ڊاڪٽر به ٿيا، بچي به ويا.

ٻڍو جيون مهاشيه کلي پيو. ون وهاري آر.جي. ڪر ميڊيڪل اسڪول ۾ پڙهڻ ويو. ساڻس گڏ محمود پور جي پساريءَ جو پٽ رام سندر ويو، ون وهاري جو گهاٽو يار. ڇهن مهينن بعد ون وهاري موڪلن ۾ گهر آيو. ڊبل بريسٽ ڪوٽ، فرينچ ڪٽ ڏاڙهي، هڪ نئين روپ ۾ ون وهار! چپن تي سگريٽ. بدن ۾، ڪپڙي، ڪرتي ۾ سگريٽ جي بوءِ. ساڄي هٿ جي ڏسڻي ۽ وچين آڱر جي نوڪ تي پيلو داغ. پهتل جوتشي جيئن ماڻهو جي هلت چلت، ڳالهه ٻول، شڪل ۽ ڪم ۾ پنهنجي ڳڻپ جو عڪس پسي سگهن ٿا، هوئڻهاري جي اڳڪٿي ڪري سگهن ٿا ۽ ليلا- درشن جو چمتڪار ڪري کلن ٿا- مهاشيه جي چپن تي ٺيڪ ساڳئي قسم جي مرڪ ان وقت نمودار ٿي هئي. ٻيءَ کن ئي هن جي اها مرڪ اچرج ۾ بدلجي ويئي هئي. اِندر هن جي گاڏيءَ مان لاٿا هڪ هارمونيم، کاٻو طبلو، پتل جي باسنري، ٻه جوڙا کنجرين جا ۽ هڪ گهنگهرن جو جوڙو!

”خير. چڱوئي آهي. ناچ گانو ڪلا- وديا آهي. چوهٺ ڪلائن ۾ سريشٺ. سکڻ چڱو ئي آهي. ناد برهم! سنگيت سان ايشور جي ساڌنا ٿيندي آهي، پريم پيدا ٿيندو آهي. چڱو آهي. دين ٻنڌو مهاشيه هري ڪيرتن ڪندو هو، جڳت مهاشيه به پد- گانو سکيو هو، جيون مهاشيه کي سيکاريو هئائين- ٽن پيڙهين کان ٽي-ٽي مردنگ. اهي ساز آروگيه- نڪيتن جي ئي ڇت تي حفاظت سان رکيل آهن. جيڪو رمدنگ پاڻ ڳنهي آيو هو، سوئي هينئر ڪتب آڻيندو آهي. هاڻ نئين زماني ۾- وقت جي سڀاويڪ چڪر جي ڪارڻ، ونش جي ڪرم ڦل سان يعني هنن جي ڪرم ڦل سان بعد جي پيڙهي جي ماڻهن انهن ٽن مردنگن سان گڏ هارمونيم- ڀبلو- کڙتال- کنجري ۽ گهنگهرو جوڙي ڇڏيا. چڱوئي آهي.“

سنجها جو ٽاڻو هو. مٿي آسمان ۾ ايڪادشي- دوادشي (گيارس- ٻارس) جو سهائو چنڊ، چانڊوڪي کِڙڻ لاءِ اتاولي ٿي رهي هئي؛ هرهنڌ وڻن- ٻوٽن جا گهوگهاٽ- آسپاس، جتي به ٻاٽ اوندهه هئي. انهن هنڌن جي ٽڪرن ۽ ڦاڪن ۾ ڌوتل شفاف ڪپڙي وانگر جتي- ڪٿي صاف جهلڪي رهي هئي. ڪنهن ڪنهن هنڌ ته ائين پئي ڀاسيو ڄڻڪ کير ڌوتل ڪپڙا پهري ڪائي رهسيه مئي اوٽ ۾ لڪي بيٺي اشارا ڪري رهي آهي. اچانڪ ان پاڇي کي ڏسي جيون مهاشيه کان ڇرڪ نڪري ويو. پڇيائين: ”ڪير؟ ڪير آهي هتي؟“

امالڪ کيس منجري ياد اچي ويئي هئي.

ون وهاريءَ کي نگري بيماري ٿيڻ بعد به کيس هن جي ياد آئي هئي. کيس ائين محسوس ٿيو ته جيئن هو ڀوپيءَ جي گندي روڳ تي کليو هو، ان ڪري ان روڳ ۾ مبتلا ٿي ون وهاري سندس کل اڏائي.“

ٻيءَ کن ۾ هو کلي پيو هو: ”نه! ڪائي ڪانهي. ٻن گهرن جي وچ ۾ چانڊوڪي لهي آئي آهي.“

”منجري ڪانهي، نڪا هوءَ عجب وچان مشڪي رهي آهي.“

منجري مئي ڪانهي. ڀوت بڻجي هوءَ ڪيئن ٿي اچي سگهي؟ پر هيءُ سراپ سندس ئي آهي! سندس سراپ سانئي منجري جي حياتي بيڪار ٿي ويئي! ڀلا هن جو سراپ کيس نه لڳندو؟ يا سندس ئي سراپ، جنهن سان منجري جهڙي معمولي ڇوڪريءَ جو جيون ڪونه جلي سگهيو- ڦري ڪري کيس ئي اچي لڳو آهي.

”منجري وڌوا ٿي ويئي آهي. ڀوپي مري چڪو آهي. تنهن ڏينهن عطر پٽ جي سامهون ئي منجريءَ جو ذڪر ڪڍي هن جي ياد نئين سر تازي ڪري ڇڏي. تهان پوءِ هن منجريءَ جي ڳولها ڪئي هئي. هوءَ وڌوا ٿي ويئي آهي. اولاد هڪ ڌيءَ آهي. ڌيءَ جا روش پيءُ سان ميل کائين ٿا، پڪي سون جهڙو رنگ، ماءُ جهڙي بناوٽ ۽ سونهن ملي اٿس. ڀوپي تباهه ٿي مئو آهي. پر ڇوڪريءَ جي روپ ۽ ڪٽنمب جي ناموس ۽ عزت جي ڪارڻ سندس وهانءُ چڱي گهر ۾ ٿيو آهي. منجري هينئر ڌيءَ جي ديا تي پلجي پئي. ڏوهٽيءَ کي کارائيندي سڀ ڪجهه ڀلجي ويئي آهي. آنند سان رهي ٿي.“

اهو سڀ، جيون مهاشيه بيٺي بيٺي سوچي رهيو هو. عطر کيس سڏ ڪيو هو: ”اندر اچ. ڪڪو آيو آهي ۽ تون ٻاهر بيٺو آهين؟“

جيون مهاشيه آکيو: ”اڄ رات دوستن جي دعوت ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو آهيان. بنو آيو آهي نه.“

”ته ڀلي ڪر دعوت.“

جيون مهاشيه اِندر کي سڏايو. هڪ فهرست تيار ڪري کيس ڏنائين ۽ ان تي لکيائين: ”ڪلاوچند کي معلوم ٿيئ ته آدمي ساڻ وڃي رهيو آهي، فهرست پٽاندر سڀ شيون هن کي ڏجو. پئسا پوءِ موڪليندس.“ فهرست جي هيٺان نوٽ هنيائين: ”نه ٿئي ته منهنجي نالي کاتو کولجو. آئنده سامان تو وٽان ئي ايندو. چيٽ ۽ اسوءَ ۾، ٻه ڀيرا بقايا جي اصولي ڏيڻ ۾ ايندي.“

نندو تڏهن ننڍو نينگر هو. تنهن کي سڏي مهاشيه چيو: ”وڃ، لوٽن ماهاڻي کي سڏي اچ. چئجان ڄار کڻي چئن پنجن همراهن کي نيو اچج. تلاو مان مڇي پڪڙڻي آهي.“

۽ هن مشهور دهلاريءَ بنت مڪرجي کي به سڏايو هو. چوائي مڪائينس، پان سان گڏ گوئيا به وٺي اچج.

ٿيڻ ڏي، گانو بجانو نه ٿيڻ ڏي. حياتيءَ جا ٿورا باقي ڏيهاڙا، کل خوشي ۽ موج مزي ۾ ڪٽجن. پرمانند ماڌو کي پراپت ڪرڻ نڪي سندس ڀاڳيه- ڦل آهي، نڪي ڪرم- ڦل!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org