سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :24

جيون مهاشيه ان وقت هن علائقي جو ڌنونتري (حاذق حڪيم) هو. برجلعل بابو هو لکپتي، ناليرو (نام ڪٺيو)، مهاپرش، ويلم چئريٽيبل ڊسپينسري (خيراتي دواخاني) جو پايو وجهندڙ! هو به مهاشيه کي ڀائيندو هو، صرف سنيهه ئي نه، آدرپڻ ڪندو هو. هن ئي مهاشيه کي انگريزي لباس پهرايو هو- جڏهن به گڏجاڻي ٿيندي هئس، چوندو هو، ”جيون تون هيڏي نالي وارو ڊاڪٽر آهين، ڪا سٺي پوشاڪ ٺهرائي. خبر اٿئي، مون ڪلڪتي ۾ هڪ ناٽڪ ڏٺو. ان ۾ نئين يگ جي آبهوا ۾ پليل گهر ۾ هڪ ڊاڪٽر مريض کي ڏسڻ آيو. مريض ڊاڪٽر کي ڏسندي ٺهه پهه چيو،’هنجي پيرن ۾ ته جوراب به ڪونهن، هيءُ ڪهڙو ڊاڪٽر آهي؟ هن کي چار روپيه في ڪيئن ٿي ڏيئي سگهجي؟‘ ناٽڪ مزيدار آهي. ڳالهه به صحيح آهي، بيک جي ڪاڻ ڀيک ضروري آهي.“

جيون مهاشيه چوندو هو- ”جي، پر هن جنم ۾ ئي اهو سڀ پهري شوق پورو ڪري ويندس، ته ايندڙ جنم جي لاءِ باقي ڇا بچندو؟“

بر جلعل بابو ٽهڪ ڏيئي کلندو- ”اڙي مهاشيه، ڪوٽ پينٽ پهريندي، ولائت ٿي آيل ڊاڪٽر لڳندين؟“

جيون مهاشيه به دٻجڻ وارو ڪونه هو. چوندو- ”اهو ڊبل پروموشن ٿي ويندو، سنڀالي ڪين سگهندس.“ پڇاڙيءَ ۾ چوندو- ”اوهان جي ڳالهه نرالي آهي. اوهان جي مڪتي آهي ڪرم يوگ ۾. گهر ۾ئي ڪاشي وسائي اٿو، برندابن وسايو اٿو، ڀڳوان کي ٻڌي رکيو آهي؛ اسڪول کوليو اٿو، اسپتال کولائي اٿو، مڪتي ته اوهان جي مٺ ۾ آهي اسين ٿياسون رواجي ماڻهو. ڀڳتي- وڳتي ڪري وڃي ڇوٽڪاروپائينداسون- انهن پوشاڪن جي گرميءَ سان ڀڳتي به ڀر ٿي پوي ٿي، ڪانه رهندي اهو ٺاٺ باٺ اسان جهڙن ڪاڻ ڪونهي.“

پر اڳيان برجلعل بابو ڪٿي مڙڻ وارو هو؟ ان ڀيري ڪلڪتي جو کيکڙو کائي کيس دست ٿي پيا هئا. هن جي اها بيماري مهاشيه تي ٺيڪ ڪئي هئي. سياري جي مند هئي. درزي موڪلي هن مهاشيه جي ماپ وٺائي ۽ ڪلڪتي مان بادامي چائنا ڪوٽ ٺهرائي مهاشيه کي موڪلي ڏنو هو. وٽن جيڪڏهن بيماري منهن ڪڍندي هئي ته مهاشيه کي ئي ڪوٺ ٿيندي هئي. ائين ته سندس خيراتي اسپتال جا ڊاڪٽر ئي گهر ۾ ڏسڻ ايندا هئا. سندس اسپتال جا ڊاڪٽر، هو ئي کين پاڻ وٽ نه گهرائي ته ٻيا ماڻهو ڇو گهرائڻ لڳا؟

برجلعل بابو جو ڏوهٽو بيمار پيو. ٻرو تپ. ڪلڪتي کان ناناڻن آيو ۽ تپ جو شڪار ٿيو. ان سمي اسپتال ۾ هڪ نئوجوان ڊاڪٽر آيو هو. هريش اٽڪل اٺ سال اڳي ئي وڃي چڪو هو، تهان پوءِ ٻه ڄڻا آيا، ڪنهن جي ڪانه هلي، سو هليا ويا. ان بعد آيو هيءُ نوجوان ڊاڪٽر چڪرڌاري. اهو چڪرڌاري هينئر ڊاڪٽري ڇڏي سنياسي ٿي ويو آهي. هو مهاشيه جي پٺ ون وهاريءَ جو متر هو. هو ئي مريض کي ڏسي رهيو هو. پنج ڏينهن بعد به جڏهن تپ ڪين ڀڳو تڏهن برجلعل بابوءِ مهاشيه کي سڏايو. بيشڪ تنهن وقت هروڀرو گهٻرائڻ جهڙي ڪا ڳالهه ڪانه هئي. پرامير ماڻهو ٿيو، ڪلڪتي مان ڏوهٽو آيو آهي، هڪ جي بدران ٻه ڄڻا ڏسن. سياري جي ڏينهن ۾ مهاشيه ساڳيو ئي چائنا ڪوٽ پهري ڏسڻ ويو هو. برجلعل بابو چرچو ڪيو هو.

”ڪوٽ پهري آيو آهين جيون؟ ڀڳتيءَ کي ڀڄائي ڇڏيئه ڇا؟“ مهاشيه چيو- ”جي ها، ان کي هن جنم جي واسطي ڇڪي تي رکي ڇڏيو اٿم. ايندڙ جنم ۾ ڏٺو ويندو- وري جڏهن ڀڳتيءَ کي ئي ڇڪي تي رکي ڇڏيو اٿم ته ڪوٽ پهرڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي؟“

هن ڇوڪري جي ناڙي ڏسڻ کان اڳي ئي ڪنن ۾ سرسراٽ ٿي آئي هئي. ڀر واري ڪمري ۾ ڪلڪتي جو ئي ڪوئي چئي رهيو هو: ”هيءُ سڀ ڇا ڪري رهيا آهن، هيءُ مانهو؟ هڪ ٽوٽڪائي ويڄ کي گهرائي ڏيکارڻ چڱو ته ناهي.“

هن جي آڱوٺي جي نوڪ مان رت جي ڌارا مٿي جي طرف چڙهڻ لڳي هئي. ڏاڍي مشڪل سان پاڻ کي روڪي نبض ڏسڻ ويٺو هو.

سندس پتا جو چوڻ هو- ”نبض جي پرک ڌيان يوگ سان ڪرڻ گهرجي. ان ڏينهن هن جو اهو يوگ ڄڻڪ پل ۾ سڌي يوگ ۾ بدلجي ويو هو، هن ان ڌيان يوگ سان اهو انڀو ڪيو هو ته نبض سخت ڪاپاري تپ ۽ سرسام جي دوش سان ڀريل آهي.“ اتان اٿي ڪري هٿ ڌوٿي هن ڊرڍتا سان چيو هئائين: ٻار کي مغزي بخار آهي. سر سام ۽....“

”۽ ڇا؟“

”ذرا سخت قسم جو ٽائيفائيڊ آهي. سٺو علاج ٿيڻ گهرجي. شهر مان ئي ڪنهن کي گهرائي ڏيکارڻ گهرجي.“

جيڏهن ڀر واري ڪمري وارو ڀڻڪو سندس ڪنن ۾ نه پهتو هجي ها ته شايد هو ان ريت سڌو نه چوي ها، بلڪ ڳالهه گهمائي ڦيرائي چوي ها.

شهر جي ڊاڪٽر اچي چيو هو: ”جنهن سڄڻ ائين ٻڌايو آهي، تنهن ڪجهه وڌاءُ ڪيو آهي. اهو مدي جو تپ آهي، پر اهڙو سخت ڪونهي. ٺيڪ ٿي ويندو.“

جيون مهاشيه انهيءَ ڊاڪٽر جي سامهون ڪنڌ ڌوڻي ناڪار ڪئي: ”جي نه. منهنجي سمجهه ۾ بيماري سخت آهي. پر جيڪر اوهان جو چوڻ آهي ته مان ٽوٽڪائي وئديه آهيان، ته ٻي ڳالهه آهي.“

ڪشور تنهن وقت نوجوان هو. هو مهاشيه سان گڏ ٻاهر نڪتو، پڇيائين: ”ڇا ٿا ڀانيوڊاڪٽر بابو“ بيماري سخت آهي؟“

مهاشيه وراڻيو هو: ”معاملو ذرا ڏکيو آهي ڪشور. شهري ڊاڪٽر جي سمجهه ۾ نٿو اچي. ڄڀ جو داغ، پيٽ جو ڦنڊڻ، ٻه ڀيرا تپ جو چڙهڻ- لهڻ، ٽيمپريچر- اهي ئي سڀ ڏسي هو سوچي رهيو آهي. مون ناڙي ڏٺي آهي. ٽي دوش آهن. ۽ .... تون ڪنهن کي چئجه نه، هيءُ روڳ هينئر برهما- وشڻو جي به وس کان ٻاهر آهي. ها، هڪڙو شوُ، جو مرتيو جو مالڪ آهي سو جيڪر بچائي ته ٻي ڳالهه آهي.“

ڏهن ڏينهن کانپوءِ بيماري ڳنڀير روپ اختيار ڪيو. شهر جو ڊاڪٽر وري آيو. چي، ”ٻئي هفتي ۾ اها بيماري وڌندي آهي. ان ڪري ئي وڌي آهي. مان دوا ڏيئي ٿو وڃان. ان مان بيماري ٺيڪ ٿي ويندي.“

تيرهين ڏينهن بيماري وڌيڪ اگرو روپ ڌارڻ ڪيو.

ڪشور کي مهاشيه چيو- ”ڪشور، وِڪار اچي ويو. ارڙهين يا ايڪويهين ڏينهن ويچارو ٻالڪ مري ويندو. مون کي ڀاسي ٿو ته ان کان اڳي سرسام جي اثر ڪري هن جو ڪوئي عضوو بيڪار ٿي پوندو. مان اهو صاف ڏسي رهيو آهيان ڪشور. هن ريت پوري مقدار ۾ مغزي تپ مون ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي.“

چوڏهين ڏينهن نينگر بيهوش ٿي ويو. مئنينزائيٽس وقتي ساٿ ڏنس. ڪلڪتي ماڻهو موڪليو ويو. ’جيترو به خرچ ٿئي، ڪنهن وڏي ڊاڪٽر کي نيو اچ.‘

ٻيو مهاشيه چيو- ”پوءِ دير نه ڪريو، بابو صاحب اڄ ئي. نه ته هٿ مهٽڻا پوندو. بيماري ڏاڍي سخت آهي.“

ان گهڙيءَ ڪلڪتي جي ان رشتيدار تي سندس نظر پيئي هئي. هلڪو کلندي چيو هئائين- ”بيشڪ، اهو مون کي ڀاسي رهيو آهي ته بيماري تمام اگري آهي. ڪلڪتي جو وڏو ايم-ڊي ڊاڪٽر آيو هو. عمر ۾ سو ننڍو هو پر علاج ڪندڙ لاثاني هو. ذات جو به وئديه. ناڙي ڏسڻ تي به اڌڪار حاصل هوس. گنڀير، ڌير جوان ۽ مٺو ڳالهائيندي. ڊاڪٽر سين گپت سچو ڊاڪٽر هو.“

بيماريءَ جو بيورو ٻڌي هو پاڻ سان فاج کڻي ايو هو. فاج جو هن علائقي م اهو پهريون استعمال ٿيو هو.

هن جيون مهاشيه سان به صلاح مصلحت ڪئي هئي. نبض جاچي سندس جيڪو ڪاٿو هو،ان پٽاندر هن چيو هو، ”اوهان جو انومان ئي شايد ٺيڪ آهي. تڏهن به مون کي ته ڪوشش ڪرڻي پوندي، آخرين دم تائين فرض ادائي ڪرڻي ئي پوندي. ڇا ڪريان؟“

ارڙهين ڏينهن ئي برجلعل بابو جو ڏوهٽو گذاري ويو. ان ڏينهن ئي هن جو کاٻو عضو بيڪار ٿي ويو هو. کاٻي اک به چٽ ٿي ويئي هيس.

ان بعد مهاشيه جي نبض شناس جي ناموس هنڌين ماڳ پکڙجي ويئي هئي.

ڪشور ان يگ جي جيون مهاشيه جو ذڪر ڪندو پئي ويو.

”نه رڳو ناموس پکڙجي ويس، ان کانپوءِ هن ۾ هڪ نئي قسم جي درشٽي اچي ويئي. هو سمجهي سگهيو ٿي. ناڙي ڏسي هو سمجهي سگهيو ٿي ته ڪال جو سڏ ٿي رهيو آهي يا نه ۽ خاص حالتن ۾ يعني روڳي جيڪڏهن ٻڍو هجي ته صاف صاف چئي ڏيندو هو. مڻي چيٽرجيءَ جي ماءُ کي تپاسي چيو هئائين ”پٽ، ڀانيان ٿو، هن ڀيري مٿو ڪوڙائڻو پوندءِ.“

مڻي چئٽرجي وارن جو ڏاڍو شوقين هو.

رام متر جي پيءُ جي بيماري ۾ پهرئين ڏينهن ئي چئي ڏنو هئائين: ’رام، پتا کان ڪجهه پڇڻو ڳاڇڻو هجئي ته پڇي وٺ. شايد هن ڀيري هي سنئين لڱين اٿڻ وارو نه آهي.“جيڪڏهن بيمار ننڍي عمر جو هوندو، ته اشاري سان چوندو هو: ”سوئي ته، بيماري ڏاڍي اوکي آهي. بهتر ٿئي جيڪر ڪنهن وڏي ڊاڪٽر کي گهرائي ڏيکاريو.“

ان ريت هر ڪنهن کي پنهنجي نموني محسوس ڪرائيندو هو.“

انهيءَ وچ ۾ هڪ ڏيهاڙي سريندر جي پٽ ششانڪ جي وڏي ڀاءُ اچي ٻاڏايو- ”مهاشيه چاچا، ذرا ششانڪ کي ڏسي وندا.“

”هن کي ڇا ٿيو آهي؟“

”اٽڪل چئن ڏينهن کان تپيل آهي.“

”چڱو ويندس. سڀاڻي صبوح جو ويندس. اڄ وَنو ڪلڪتي کان آيو آهي. بانسري، طبلو وٺي آيو آهي. گانو بجانو ٿيندو. معمولي کاڌو پيتو به. تون به اچج پٽ. مان سڀاڻي صبوح جو ئي ايندس.“

ون وهاري جو ششانڪ متر آهي، سال ٻه سال ننڍو آهي، زمينداري سرشتي جي حساب نويس سندس متر سريندر جو پٽ. ننڍپڻ ۾ ئي ماءُ گذاري ويئي. جيئري ئي سريندر پٽ کي پرڻائي گهرهست ٺاهي ڏيئي ويو آهي. سٺو نينگر آهي، مٺو ٻوليندڙ هن کي ڇا ٿي ويو؟“

*      *      *

ٻئي ڏينهن صبوح جو ئي ششانڪ کي ڏسڻ ويو هو. سريندر جي زال ڪانه هئي. ننهرون پنهنجي پنهنجي ڀتارنسانخود مختيار هيون. ششانڪ جي سيرانڌيءَ کان جوان ننهن ويٺي هئي، شايد پتيءَ جي بخار کان ٻرندڙ ڳل تي پنهنجو ڳل رکي پيئي هئي. مهاشيه جي جتيءَ جي آهٽ سان اٿي ويٺي. ششانڪ جي ڳل تي سندورو جو ٽڪو لڳي ويو هو. ڊاڪٽر کلي پيو. گهوٽ ڪنوار، ٻئي ڊاڪٽر جا عزيز هئا. ڇوڪري به سٺي ۽ چڙهيل گهر جي ڌيءَ هئي. ننڍپڻ کان ئي هن کي ڏسندو آيو آهي. سنيهه وچان هن ڇوڪريءَ کي ڏٺو. اکين ۾ ممتا ڀرجي آيس. ڳاڙهي ڪناريءَ واري ساڙهي پهريل گوري ننهن جو نئون روپ کيس نظر آيو. ڄڻڪ هڪ انوکي صورت ڏٺائين. مهاشيه کي ڏسي ڪنوار جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. گهونگٽ ڇڪي هوءَ پاسيري ٿي بيٺي. ڀاسيو، نينگريءَ جي نوَورنيءَ جي روپ ۾ ئي هن جي سڀني صورتن جي اتاهين روشني بکي رهي آهي.“

ڊاڪٽر ششانڪ جي ڪرائي جهلي. هن جو هٿ ڏڪي ويو. ڇرڪ وچان اکيون ڦاٽي ويس. هن هڪ ڀيرو ڪنوار ڏانهن نهاريو. وري اکيون ٻوٽي ڇڏيائين.

”هيءُ ڇا؟ اڄ ته رڳو ٽيون ڏينهن آهي. ان وچ ۾ ههڙي صاف علامت! وري جاچيائين. نه، ڀل ڪانهي، ڀرم به ڪونهي! هن ڪنوار جي ههڙي اپوروَ ورپ کي ڪُجسو بڻائي ششانڪ کي راهه رباني وٺڻي پوندي؟ ٻن هفتن ۾؟“

ها. وهم ڪونه ٿيو آهي، سمجهه به جواب نه ڏنو آهي، ڳڻ ڳوت به ڪانهي. ششانڪ کي وڃڻو پوندو. مرتيو جي ههڙي صاف اهڃاڻ کي ڪداچت هن ٻي ڪنهن ناڙيءَ ۾ ڏٺو هجي! رات جي پوئين پهر ۾ آڪاش جي ڏکڻ- اوڀر واري ڪنڊ ۾ شڪر آچاريه (وهائوتاري) جو اڀرڻ پنهنجي پرڪاش ۾ رات ويامڻ جي پڌرائي ڪندو آهي، ايتريقدر جو پهر- پل ۾ سج اڀرڻ جي معياد بتائي ٿو، ساڳي ريت ٺيڪ ساڳي ريت ناڙي بتائي رهي آهي، ٻه هفتا! چوڏهن ڏينهن!“

 من ۾ بي صبريءَ جي حد نه رهيس، آنڌ مانڌ وڌڻ لڳي، ششانڪ ون وهاريءَ جو هڪجيڏو آهي ٿورو ننڍو ٿيندو. مئل ماءُ جو ٻالڪ سندس دواخاني جي سامهون راند ڪڏندو رهندو هو. سندس اکين آڏو وڌي جوان ٿيو ۽ هيءَ ڪنوار؟ ڳاڙهي ڪناري واري ساڙهيءَ ۾، چوڙين ۾، سينڌ ۾ ڀريل سندور ۽ مستڪ تي لڳل سهاڳ جي تلڪ سان لڪشمي جهڙي نينگري!“

”شوڀا جي هيءَ سموري سرانجامي ڌوپجي ويندي. مارڪين (بافتي) جي ساڙهيءَ ۾ ٻُٽيوڌوا جي مورتي....“ مهاشيه ڪلپنا به ڪين ڪري سگهيو. کيس سندس ٻالڪپڻ جي ياد اچي ويئي. ڀرواري ڳوٺ جي نينگري. علائقي ۾ جيڪا جاڳرت ديوي آهي، ان جي شيواڌارڻ جي نينگري. ڏاڍي لاڏلي ڇوڪري. ٻالڪپڻ ۾ ماءُ- پيءُ کيس سڏيندا هئا ”ٻلي- پُسي.“

ان ڪري چوندا هئس جو ڀڀ جي کيس گهڻي لڳل هوندي هئي، کاڌي جي هٻڇ ڏاڍي هيس. هڪ ڏوري جو ڪپڙو پهري ديوي ٿان جي ياترين وٽ سندور جو تلڪ کڻي پئسا وصول ڪندي هئي ۽ بصر کائيندي ويندي هئي. هن جو من درد وچان ڪراهڻ لڳو.

ٻن ڏينهن کان پوءِ ششانڪ جي ناڙي ڏسي هو پگهرجي ويو. پڪو ويساهه ٿي ويس هت، ششانڪ کي وڃڻو ئي پوندو. نبض ۾ هن موت جي پيرن جي آهٽ سڻي رهيو آهي. موت اچي رهيو آهي. دوا بيڪار ٿيندي پيئي وڃي.

ان دل ڪانڊاريندڙ اوسٿا هڪ ڪلپنا ڪري عطر کي سڏائي هن چيو- ”ڏس، رات مون هڪ سپنو ڏٺو آهي. مان ڪالي ماتا کي ڀوڳ ڏيئي رهيو آهيان ۽ هوءَ ڄڻڪ هٿ ڊگهيري سئيڪار ڪري رهي آهي ۽ اچرج جي ڳالهه اها آهي، خبر اٿئي؟ اها ڪالي ماتا جهڙي اسان جي ششانڪ جي ڪنوار آهي!“

عطر چيو: ”ان ۾ اچرج کائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ششانڪ جي ڪنوار ته ڪالي ماتا جي شيواڌارڻ جي ڪنيا آهي. شايد....“

”هڪ ڪم ڪر عطر، ششانڪ جي ڪنوار کي سڀاڻي نوٽو ڏيئي پاڻ وٽ کاراءِ.“

”ٺيڪ ته آهي.“

طرحين طرحين جا طعام تيار ڪري هن کارائڻ چاهيو هو. هن جي پاتل ۾ وڏي مڇيءَ جي منڍي رکڻ لاءِ زور ڀريو هئائين. ششانڪ جي بخار جو ڇهون ڏينهن هو. بخار رڳو وڌي ويو هو. ٻيو ڪوبه اگرواهڄاڻ نظر نٿي آيو. بلڪل جي ڪالي مندر مان هن پرسادي مانس به گهرائي ورتو هو. ڪهڙو نه کيس سنسو وٺي ويو.مڇيءَ جي منڍي پاتل تي وجهڻ سان ئي ڪنوار ڇرڪي ويئي هئي.

شام جو ڊاڪٽر ششانڪ کي ڏسي ڪمري کان ٻاهر نڪري آيو. موت جا آثار ڌيري صاف ڏيکاري ڏيڻ لڳا. طبلي جي ٻول تي، ٺيڪ وچ ۾. ساڳي گت سان وڄي رهي آهي، سڀاڻ هفتو پورو ٿي رهيو آهي- هڪ هفتو ٻيو.

گهر جي سامهون ئي هڪ گهٽي آهي.

ڊاڪٽر جا ڳورا پير ويتر وزني ٿي پيا. پوئتان پڪار آئي- ”ترسو.“ ڊاڪٽر منهن ورائي بيهي رهيو. ڏٺائين، هٿ ۾ هڪ لالٽين کنيو ششانڪ جي ڪنوار بيٺي آهي. بتيءَ جي روشني هن جي چهري تي پئجي رهي آهي. گوري چهري تي لعل روشني. سينڌ ۾ سندور ٻهڪي رهيو آهي. اکين ۾ اسٿر درشٽي. ان درشٽيءَ ۾ ڀريل آهي سوال! مهاشيه کي اها نظر برداشت ڪرڻ ڏکي لڳي. هن پنهنجون اکيون جهڪائي ڇڏيون.

پڇيائين: ”ڪجهه چوڻ چاهين ٿي؟“

”هو ڪونه بچندا؟ اسان کان نه لڪايو.“ هن جي آواز ۾ غضب جو ڌيرج هو!

ڊاڪٽر سوال جو جواب نه ڏيئي سگهيو.

هن نينگريءَ ورجايو- ”جيڪڏهن نٿا بچي سگهن ته ٻيو اپاءُ ڪهڙو آهي، اوهان به ڇا ٿا ڪري سگهو؟ ليڪن پنهنجي پٽ جي مرتيو جي پڪ ڄاڻي هن ريت اوهان پنهنجي ننهن کي مڇيءَ جو منڍ کارائي سگهو ٿا؟“

اها ئي ڳالهه مهاشيه کي ياد اچي رهي آهي.

ان ڏينهن ان ڳالهه تي هو وچلت ڪونه ٿيو هو. تڏهن ته جيون مهاشيه آدمي ئي ٻئي قسم جو هو. وِش ڀوشڻ نيلڪنٺ[1] جيئان اڏول. ماڻهو چوندا هئا- ”ڀلوٿئي يا برو، مهاشيه سچي ڳالهه ضرور چوندو. گهڻا اهو چوندا آهن ته موت ڏسندي- ڏسندي ڊاڪٽر- ويڄ  به اهڙائي ڪٺور بڻجي پوندا آهن. هن جي دل پٿر بڻجي پوندي آهي. ڪي ماڻهو ته ائين به چوندا ته عزت افزائي ٿيڻ ڪري مهاشيه جيون بدلجي ويو آهي، ڪجهه ڪجهه گهمنڊي به ٿي پيو آهي.“

ڪنهن جو به چوڻ غلط ڪونهي. سڀ جو چوڻ صحيح آهي. پر اهو مٿاڇرو ئي سچ آهي، گلن جي پنکڙين وارن. وچ ۾ جتي ميڻ جهڙونازڪ پهلو آهي، اتان جي ستيه کي ڪنهن ڪونه ڄاتو. هُتي ته هڪطرف زهر هو، ٻئي طرف امرت. زندگيءَ جا مسئلا، عطر ٻائي جي گهپي ۽ ڏمر، منجري جو سراپ! اهو سراپ سندس هڪڙي ئي سڪيلڌي ون وهاريءَ تي نازل ٿيو هو. ٻئي طرف هن ۾ ناڙي- گيان جو لاثاني وڪاس به ٿيو هو. ٻنهي جي ميلاپ سان هن جي هڪ عجيب حالت ٿي ويئي هئي. ڪڏهن جديد زماني جي تکن ويڻن ۽ طعنن کان متاثر ٿي ته ڪڏهن ڪروڻا کان بيوس بڻجي هو ڪٺور سچائي جو اظهار ڪري ويهندو هو.

هڪ ڊگهو ساهه کڻي مهاشيه هن نينگريءَ کي چيو هو- ”ڌيءَ، جيڪر مان ششانڪ کي بچائي سگهان، ته تنهنجي سوال جو صحيح جواب ٿي سگهي ٿو. پر...“

۽ هن ڳالهه ڦيرائي ڇڏي هئي- ”تو منهنجي پٽ جي ڳالهه ڪئي ڌيئڙي! ششانڪ ۽ ون وهاري ساڻ ساڻ پڙهيا آهن، راند رمت ڪئي اٿن، اهو ته توکي معلوم ئي آهي.ششانڪ به مون کي پٽ جهڙو آهي. اڄ جڏهن مان هن جي ڳالهه اشاري سان ٻڌائي سگهيس سو جيڪڏهن ون وهاري کي به اڪال ئي مرڻو پيو... ۽ جيڪڏهن اها ڄاڻ مون کي پئجي سگهي ته جيئن ششانڪ جي باري ۾ مون ٻڌايو آهي، تيئن ئي ٻڌائيندس. رڳو ڍنگ نرالو هوندو. توکي ته مون اشاري ۾ ٻڌايو آهي. بنو جي بابت جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه تز نڪتي ته مان عطر کي صاف لفظن ۾ ٻڌائي ڇڏيندس. بنو جي استريءَ کي به کولي ڪري ٻڌائيندس ته بنو ڪين بچندو، لڪ لڪاءُ مان ڪين ڄاڻان ۽ اهو به چوندس ته توکي ڪائي سَڌَ هجي ته پوري ڪري وٺ. تون مون تي خوامخواهه ناراض ٿي آهين ڌيءَ. موت جي اڳيان اسين بنهه بيوس آهيون.“

ٻيو ڪير اهڙوجملو چوي ها ته نئين زماني جي پڇمي وگيان کان متاثر ماڻهو وشواس ته هرگز ڪين ڪن ها، اٽلومٿس چٿرون ويهي ڪن ها. پر ڪشور سڄي پرڳڻي ۾ پنڊت ۽ شيواڌاري جي ناتي مشهور آهي، سڀ هنکي سرڌا سان سڏندا آهن. ان کان سواءِ منجهس هڪ وڏو گڻ به آهي جو هو ستيوادي آهي. سنسار ۾ وڏي ۾ وڏي گهرج پوندي به مک مان ڪوڙ ڪين ٻوليندو ۽ ڪنهن جي به دلجو ئي ڪاڻ سچائي کي وڌاءُ ڪري ڪونه چوندو.

ٻئي قصا سڻي ماڻهن جون واڇون ئي ٽڙي پيئون. ساراهه جا ڍڪ ڀريندي هڪ چيو: ”سچ پچ ڪمال آهي!“

ڪشور چيو: ”ڇا ڪري رهيا هئا؟ شايد شطرنج کيلي رهيا هئا؟ انهيءَ وچ ۾ اندران ٻاهر نڪري ستاب به مهاشيه جي پٺيان اچي بيهي رهيو.“ دونهون ڏسي باهه دکائڻ جو انومان ڪشور جو ٺيڪ ئي نڪتو.

اڄ مهاشيه ننڍڙي ٻالڪ جيئان شرمائجي ويو. سر نمائي کلندي چيائين: ”آخر ٻڍاپي ۾ ڪوئي سهاور ته گهرجي! ٻيو ڪريان به ڇا، چئو؟ ٻڌو اٿم ته تون به ڇوڪرن سان فوٽ بال کيلڻ ويندو آهين. اهو ضروري آهي ته تنهنجو نالو ڪشور آهي. پر تون عمل ۾ به دائميڪشور آهين. ماڻهو چون ٿا ته ڪشور بابو بالغ ٿي نه سگهيو، نابالغ ئي رهجي ويو. اهو ئي رهج ڀائڙا تون، جيون ڀر صغير رهج.“ چوندي چوندي سندس اکين مان آب ڇلڪي آيو. ڏينهن پڄاڻا، گهڻن – گهڻن ڏينهن پڄاڻا، الائي ڪيترن ڏينهن پڄاڻا، نٿو چئي سگهجي. ها، نٿو چئي سگهجي.

مهاشيه جي اکين ۾ پاڻي ڏسي ڪشور به ڀريل من سان چيو: ”چڱو ته هاڻ اجازت ڏيو. ذرا هنن سڄڻن کي سڀ ڪجهه ڏيکاري اچان.“

هو سڀ هليا ويا. سڀني جون دليون پگهرجي ويئون، اکيون ڀرجي آيو هون. هڪ عجيب ڪيفيت هئي، ماٺ ميٺ ۾ هليا ويا. سڀني جي منهن تي ڄڻڪ تالا لڳي ويا هئا. هڪڙو هريندر ئي اتي رهجي ويو. ڀر سان اچي چيائين: ”هڪ ساماچار آهي. وري اڄ وپن بابو جي پيشاب جي رپورٽ آئي آهي. خرابي ڪافي دور ٿي ويئي اٿس. اوهان کيس هينئر ڏسڻ ته ويندا؟ اڄ جنهن مهل اسان هن کي ڏسڻ وينداسون اوهان به ان مهل هلو ته ڏاڍو. چڱو ٿيندو. سڀ گڏجي هڪوار چڱيءَ طرح ڏسي سگهنداسون.“

بي دليو مهاشيه چيو: ”سڀ گڏجي ڏسنداسون!“


[1]  ڀڳوان شو شنڪر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org