سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :13

[13]

 

ڊاڪٽر رنگ لعل به عجيب ماڻهو هو.

رواجي ماڻهو کيس گهمنڊي، اڌ پيشاچ ۽ مرده دل سمجهندا هئا. ٺيڪ هن جي پتا جي ابتڙ. ڳالهائڻ جو رکو. غير پنگتي ماڻهو هو.

جيون ڊاڪٽر سان جڏهن پهرين سڃاڻپ ٿي هيس، تڏهن هن اهڙي ئي خشڪ ٻوليءَ جو استعمال ڪيو هو.

جڳت مهاشيه سرڳواسي ٿيو. ان وقت هن جي من ۾ سخت پريشاني هئي. جڳت مهاشيه جي شفقت کان محروم ٿيندي ئي ستل ترشنا ڄڻڪ پرچند پياس ڀري جاڳي پيئي هيس. پتا جي گنڀير شخصيت جي غير وجوديءَ سبب آزاد ٿي. هن جو پيار جهڙو پرسن ۽ گهاتو هو، تهڙو ئي سخت ۽ ناقابل انڪار هوهن جو فرمان ۽ دٻدٻو. جيون جي جيڪا بي صبري دٻيل هئي اها ان جبل جي ڇاتيءَ جي باهه وانگر نڪري آئي، جنهن جي چوٽي ٽڪرا ٿي ڪري پيئي هجي.

پهرئين ڏينهن جيڪا باهه ڀڙڪي، تنهنجي ياد اچي رهي آهي، اوه! انهي ڏينهن عطر پهريون ڀيرو پنهنجو مٿو پٽيو هو. هوءَ به هميشه کان بي صبريءَ جي باهه کي جگر ۾ سانڍي هلي رهي آهي. سهاڳ رات کان وٺي جيون ڊاڪٽر هن جي لهس کي سهندو اچي رهيو آهي.

ٻالڪپڻ ۾ ئي ماءُ پيءُ موڪلائي ويس. مامي جي گهر پلي. ننڍپڻ لاڪر زبان دراز. سدائين کان.... ڇا چوي؟ مهاڪاليءَ کان سواءِ ڪائي صفت ڪانهي، سدا کان مهاڪالي. غضب جي جيوني شڪتي! ننڍپڻ کان ئي مٿو ڪُٽي بغاوت ڪندي هئي. جيتري سختي ٿيس، اوترو ئي مٿو ڪٽيندي رهي. اوترو ئي رني. ان کان پوءِ ڪشور اوسٿا ۾ صبوح کان سانجهي تائين برابر ڳهندي وهندي رهي مامي جي گهر ۾. هڪ ڏينهن به آرام نه مليس. پر هن جي زبان درازيءَ جي به ڪائي حد ڪانه هئي. وري ان جي مٿان اپواس. مهيني ۾ ست اٺ ڏيهاڙا هوءَ لنگهڻ ڪڍندي هئي، جڏهن ماڻهو دٻدٻي جي نالي تي کيس ستائي هار مڃي ويهندا هئا، تڏهن هوءَ داڻو پاڻي گرهڻ ڪندي.

سهاڳ رات ۾ ئي جيڪر اهڙي ڇوڪريءَ جي ڪليجي مان باهه جون ڄڀيون يا سيڪ نڪري ته حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ پر نئين ڪنوار جي ناتي هن گرهستيءَ ۾ نالو ڪمايو هو. انهن ڏينهن ۾ پري کان ئي جيون مهاشيه ڏسندو هو، عطر پرسن آهي، شانت آهي، کلمک آهي. سس جي عزت بيشڪ ان جو هڪ مکيه ڪارڻ هو. ماءُ سندس ڏاڍو آدر ڪندي هئي. ماءُ جو خيال هو، عطر جهڙيون سهاڳڻ اِستريون ملڻ جون نه آهن. وهانءُ کان پوءِ جيون کي آيورويد جي پڙهائيءَ ۾ مگن ٿيندو ڏسي ئي هن تي اهڙو اثر ويٺو هو. چوندي هئي، ڪنوار جي شڀ لڇڻ سان ئي ائين ٿيو آهي. نه ته ڀلا ان جيون جي اهڙي گت مت ٿي سگهي ٿي، جيڪو مٿو جهڪائي سر جي ڌڪي سان وڏن وڏن جوانن کي زخمي ڪندو رهيو آهي، ويساکه جي ڏينهن ۾ صبوح جو گهران نڪتو سو ٻپهري گذاري تاڙ[1] کائي ڪري گهر موٽيندو آهي، مالڪني تلاو کي ويهه ڀيرا پار ڪري پاڻيءَ کي ڪدو بڻائي تڏهن وڃي ٻاهر نڪرندو آهي! اسڪول ۾ امرڪٽ ڪندو رهيوآهي. ڪتاب کي ڇهندو ئي ڪونه هو. هيءُ ته ڄڻ اهو جيون ئي ڪونهي. ان کي ڪنوار جو شرف نه مڃان ته ٻيو ڇا چوان؟ هن گهر ۾ نونهن جا قدم پيا ۽ ائين ٿيو.

تن ڏينهن اهو سڀ ڪجهه سڻي ڪري عطر جو منهن هلڪي مشڪ سان ڀرجي ويندو هو.

جڳت مهاشيه جي قابليت جو ان وقت ڌاڪو ڄميل هو. هن جي چترائي ۽ دورانديشيءَ جي هاڪ چوڌاري پکڙجي ويئي هئي. تنهن وقت هورواجي روڳين کي ڏسڻ ڪين ويندو هو، جيون مهاشيه ويندو هو. البت جي بيماري ڏکي هوندي ته پاڻ ويندو هو. ائين چوندو هو، ته هن ۾ منهنجي وڃڻ جي ڪائي لوڙ ڪانهي، جيون وڃي رهيو آهي. هن جون وڃڻ منهنجو ئي وڃڻ سمجهو. ائين چئي هو هلڪي مشڪ مشڪندو هو.

جيڪي ڳالهه جي مرم کي نه ڄاڻندا هئا، تن کي هو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪين ڪندو هو؛ جيڪي مذاق مان نه ڄاڻندا هئا، تن سان هو کل چرچو نه ڪندو هو. سادي نوع ۾ چوندو: ’جيون ڏسي ڪري مونکي ٻڌائيندو، ان مان ئي ڪم هلي ويندو. جيڪي ڪرڻ گهرجي، سو مان جيون کي ئي ٻڌائي ڇڏيندس، دوا ٻڌائي ڇڏيندس، تون ڳڻتي نه ڪر.‘

ويندو به هو، جڏهن جيون کيس وڃڻ لاءِ چوندو هو. ٻيو جڏهن ٻئي ڪنهن ڊاڪٽر جي مريض کي ڏسڻ لاءِ ڪوٺ ٿيندي هيس، تڏهن ويندو. جتي آخرين پڌرائي ڪرڻ جي نوبت ايندي، اتي ويندو.

هڪ گهٽنا ياد اچي ٿي. ان گهٽنا جي ڪري جڳت مهاشيه جي مشهوري مڪمل ٿي چڪي هئي. نوگرام جو بابو وردا پرساد سخت بيمار ٿي پيو. اهي ماڻهو هتان جا سڀ کان آڳاٽن زميندارن مان هئا. هڪ پيڙهي اڳي هنن وٽ ئي جڳت مهاشيه جو پتا دين ٻنڌو مهاشيه منيب هوندو هو۽ ٻارن کي پاڙهيندو هو. هتي ئي هڪ نينگر جي بيماريءَ ۾ ٽهل شيوا ڪندي دين ٻنڌو مهاشيه کي آيورويدڪ وديا جي سکڻ لاءِ صلاح ملي هئي ۽ جڏهن هو ڇوڪرو تندرست ٿي ويو تڏهن ڪويراج ڪرشڻ داس خود کيس آيورويد جي ديکشا ڏني هئي. انهيءَ احسان جي بدلي پنهنجي عمر جي چاليهه- پنجيتاليهه ورهيه تائين جڳت مهاشيه بنا ڪجهه وٺڻ جي وٽن علاج ڪندو رهيو. پر هو ماڻهو ان کي نباهي نه سگهيا. ايتري- قدر بي مروت ٿيا جو دوا جو ملهه به ڪين چڪائيندا هئا، چون ته مال گذاريءَ ۾ مجرا ڪري ڇڏينداسون. ان وهنوار کان بچڻ جي لاءِ جڳت مهاشيه ڳوٺ جي ڪيترا ٽڪا زمينداري خريد ڪري ڇڏي هئي ۽ پنهنجي پت ان ريت بچائي به هئائين. تڏهانڪر نوگرام جي راءِ چوڌري خاندان جا ماڻهو علاج ڪاڻ کيس ڪين گهرائيندا هئا. ڪائي سخت بيماري هوندي. ته راگهورپور جي گپت ڪويراج کي گهرائيندا هئا. وردا بابوءَ جي بيمارءَ ۾ مجبور ٿي سندس پٽ جڳت مهاشيه کي ڪوٺايو هو. وردا بابو جو پٽ ڪلڪتي ۾ ڌنڌو ڪندو هو. پيءُ جي بيماريءَ جو ٻڌي ڳوٺ هليو آيو ۽ راگهورپور جي گپت ڪويراج کي گهرايائين. گپت اچي ڪري ٺهه پهه چئي ڏنو ته ”يا ته ٽن ڏينهن يا هڪ هفتي ۾ يا نائين ڏينهن هن جو مرڻ اڻ ٽر آهي.“

پٽس چيو: ’مان کيس ڪلڪتي وٺي ويندس.‘

گپت سچيت ڪيس: ’اهڙي حالت ۾ هو رستي ۾ ئي دم ڏيندو. جيڪي ٽي ڏينهن جي سگهي ٿو، سي به نه جيئندو.‘

پٽ، ڊاڪٽر رنگ لعل کي گهرايو. چي: ’نبض ڏسي ڪري ڪويراج ٻڌايو آهي ته....‘ سخت ڪلامي ڪندڙ ڊاڪٽر رنگ لعل وچ ۾ ئي ٽوڪي چيو: ’مان ان وديا کي نڪي سمجهان ٿو، نڪي ان تي يقين ڪندو آهيان.‘

پٽ وري چيو: ڪويراج چيو آهي، ’يا ته ٽن ڏينهن يا هڪ هفتي ۾ يا نائين ڏينهن هن جو مرڻ لازمي آهي.‘

رنگ لعل چيو: ’مان اوهان کي اهو به ڪين ٻڌائي سگهندس، ها، هن کان اوهان لکائي وٺي سگهو ٿا. جيڪڏهن ديهانت نه ٿئي ته مٿس دعويٰ ڪري سگهو ٿا. جيڪر هو لکي ڪري مون کي ڏي، ته مان دعويٰ دائر ڪريان.‘

ڇوڪر چيو: ’مان پتا کي علاج لاءِ ڪلڪتي وٺي وڃن ٿو چاهيان.‘

’پوءِ مونکي گهرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ وٺي وڃوس.‘

’پر ڪويراج چيو پئي. رستي ۾ ئي پراڻ هليو ويندس؛ جيڪي ٽي ڏيهاڙا جي سگهندو، سي به ڪين جيئندو.‘

’ٿي سگهي ٿو. نه به ٿي سگهي ٿو. مان دوا ڏيندو ٿو وڃان. بيماري سخت آهي. جيئندو يا مرندو، سو مان نٿو ٻڌائي سگهان.‘

جڏهن رنگ لعل ڊاڪٽر هليو ويو تڏهن لاچار هن کي جڳت مهاشيه کي گهرائڻو پيو.

جڳت مهاشيه ناڙي ڏٺي. چي، ’بهتر علاج واسطي ڪلڪتي وٺي وڃڻ چاهيو ٿا، وٺي وڃوس. مان روڪ نه وجهندس. ڪوبه ڊپ ڪونهي. ان جو ذميوار مان آهيان.‘

پٽس چيو، ’ڏسو سوچي ويچاري ڪري چئو....‘

’بنا سوچي سمجهي هيڏي وڏي جوابداري  کڻي سگهان ٿو چوڌري صاحب؟ توهان وٺي وڃوس. مان هيترن ماڻهن جي سامهون اهو وچن ڏيان ٿو ته مان جيڪي چئي رهيو آهيان، ان جي خلاف ٿيندو ته مان علاج ڪرڻ ڇڏي ڏيندس. ٻيو....‘

هن کلندي چيو هو، ’۽ وردا بابوءِ کي بيماري ته ڀوڳڻي آهي، پر ان ۾ هن جي مرتيو ڪونه ٿيندي البت ان جو ڪو علاج نه ٿئي يا سٺو علاج نه ٿئي ته پوءِ ٻي ڳالهه آهي. علاج درست ٿيندو ته هيءُ به ٺيڪ ٿي ويندو. توهان کيس ڪلڪتي وٺي وڃو.‘

سندس ڳالهه ئي صحيح ثابت ٿي. وردا بابوءَ جي ڪلڪتي پهچڻ ۾ ڪو وگهن ڪونه پيو ۽ هو چڱو ڀلو ٿي پيو. ٿورا ڏينهن ديو گهر ۾ گذاري صحت سڌاري گهر موٽيو.

جڳت مهاشيه وردا بابوءَ کان في ڪانه ورتي. موٽڻ تي وردابابو کيس سوغات موڪلي هئي، ديو گهر جا کيرپڙا، حقو ۽ عاج جي مُٺئي واري لڪڙي، ٿورو سڳنڌي مينپوري تماڪ ۽ هڪ بالاپوش.

ان واقعي کان پوءِ جيون پتا کي چيو هو: ’هاڻ توهان کي پنهنجي في وڌائي چار روپيه ڪري ڇڏڻ گهرجي.‘

پر جڳت مهاشيه ان تي راضي ڪونه ٿيو. جيون به مڇڏو هو. چي، ’جيڪي غريب آهن، تن کي اوهان بنا فيس جي وڃي ڏسي اچو. پر، جيڪي جيئن وڻين سو ڏين، ان مان اوهان جي عزت کي ڌڪ لڳندو.‘

دت خاندان جو اهو سمو هر نقطي نگاهه کان عاليشان هو. جيون جي ماءُ چوندي هئي: ”هيءُ سڀ ڪناور جي سلڇڻ جو پرتاپ آهي.“

عطر خود به اهوئي سوچيندي هئي.

ٽن ڏينهن جيون ڊاڪٽر جڏهن مريضن کي ڏسڻ لاءِ وڃڻ لڳندو هو، تڏهن نبم پٽاندڙ عطر سندس سامهون اچي بيهندي هئي. هن جو منهن ڏسي سفر جي سڦلتا اڻ ٽر هئي.

*      *      *

جڳت مهاشيه جي مرتيو سان مهاشين جي مشهوريءَ ۾ سڀاويڪ طور زواليت اچي ويئي.

ڪيترائي پڪا گراهڪ (مريض)، ٻڌا گراهڪ هٿن مان نڪري ويا. چئن پنجن ڳوٺن جا ماڻهو وٽس وڃڻ جي بدران هريهرپور جي پاٺڪ وئديه ۽ ڪامديو پور جي مڪرجي ڪويراج وٽ وڃڻ لڳا. هوڏانهن نوگرام جي بابو صاحبن پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ايلوپيٿي ڊاڪٽر کي آڻي ويهاريو، درگاداس ڪُنڊو. تن ڏينهن جيون مهاشيه صرف جيون دت هو. ’مهاشيه‘ ڪو ماڻهو سولائيءَ سان ڪونه چوندا هئا. ها، ڊاڪٽرن کي هڪ سهوليت آهي. عمر چاهي جيڪا هجي، تجربو هجي چاهي نه هجي، ڊگري رهي ٿي. ڊگري جي زور تي ئي هو ’ڊاڪٽر‘ ٿي رهن ٿا.

جيون دت جي سمهيل ڪامنا، نڀاڳي ڏينهن جي طوفان سان، رک سان اڏامندڙ ٽانڊي وانگر شعاع ڪڍڻ لڳي. هن ڊاڪٽر بنجڻ جو ارادو ڪيو. سامهون هوس ڊاڪٽر رنگ لعل جو زنده مثال. هوڏانهن نوگرام ۾ هڪ ٻيو به ڊاڪٽر آيو. هن جي دوست ڪرشڻ داس بابو، ڪشور جي پتا، هڪ نئين ڊاڪٽر کي آسرو ڏنو. اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته هُتان جي نئين شاهوڪار بر جلعل بابوءِ هڪ خيراتي انگريزي دواخانو کولڻ جو ارادو ڪيو هو. سو جيون مهاشيه ماٺ ميٺ ۾ ڊاڪٽري پڙهڻ شروع ڪري ڇڏي. ڪافي اوک ڊوک بعد هن ٻه خاص ڊاڪٽري ڪتاب گهرايا، ڊاڪٽري سکيا ۽ ميٽريا ميڊيڪا. سندس چاهنا ته ڏاڍي هئي، خشڪ مزاج ڊاڪٽر رنگ لعل وٽ وڃڻ جو کيس ساهسن ڪين ٿيو.

اٽڪل ٽن مهينن بعد، اوچتو ڊاڪٽر رنگ لعل سان گڏجاڻي ٿي ويس. هن سان جيون جو يوگ سوُتر[2] ناتو جڙڻ جي هيءَ پهرين ڳنڍ هئي.

هو ڪشور کي ان ڪري ئي ايترو گهڻو ڀائيندو هو. ’سوُتر‘ جُڙڻ جو سهرو به هن جي سِر تي هو.

هڪ ڏينهن اوچتو ئي کيس اها خبر ملي ته ڪرشن داس بابو جو نينگر ڪشور سخت بيمار آهي. ڏهن ڏينهن کان بخار اٿس، معيادي بخار. نئون ڊاڪٽر هريش سندس علاج ڪري رهيو هو. مهينو مس هتي آئي ٿيو هوس. ڪرشڻ داس بابوئي کيس سهارو ڏنو هو. پاٽنا مان پاس ڪري آيو هو. جيسين سندس ڊاڪٽري ڄمي، تيسين سمورو بوجو ڪرشڻ داس بابو پنهنجي سر تي کنيو هو. ڪشور کي هوئي ڏسي رهيو هو، اڄ رنگ لعل ڊاڪٽر اچڻ وارو هو.

جيون دت حيران ٿيو؛ شڪي به. پاڻ کي هن ڌڪاريو ان ڳالهه جي خبر رکڻ مناسب هئي. ڄمار ۾ وڏو هوندي به ڪرشڻ داس بابو سندس دوست هو۽ هن جي دلي دوست نيپال جو مائٽ هو. وري ڪشور کي هو ڀائيندو به گهڻو هو. هن نئي ڊاڪٽر جي اچڻ کان اڳي يعني چار ئي مهينا اڳي وٽس ئي هو علاج ڪرائيندا آيا هئا. گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو هن جو اتي وڃڻ واجب هو. جيتوڻيڪ ويڄ جي روپ ۾ بنا ڪوٺ جي وڃڻ ۾ مريادا جي گهٽتائي آهي، پر هن سان گهاٽي ياراڻي به ته رهي آهي. ڪرشڻ داس سان به آهي، ڪشور سان پڻ. جڏهن به ان ٽوليءَ ۾ ويندو آهي، سڏائي ڪري ڪشور سان ٻه چار رهاڻيون ڪري ايندو. ڇهن ستن ورهين جو هيءُ نينگر ڪمال جو تيجه ٿو رکي. تيجوان ۽ تيز فهم.

اڃا تنهن ڏينهن جي ڳالهه آهي:

”نيپال سان گڏ هو سندس گهران اچي رهيو هو. ڪشور رستي تان وڃي رهيو هو. ٻپهري ٽاڻي پنهنجي سنڍوءَ جي پٽ کي اڪيلو ويندو ڏسي پاڳل نيپال جي فرض شناس جاڳي پيئي. ڪشور کي ويندو ڏسي ڪوبه ائين سمجهي ٿي سگهيو ته هو پنهنجي گهر ڏانهن ئي وڃي رهيو آهي، پر مواليءَ نيپال کانئس بي سبب سوال ڪيو: ’ڪيڏانهن ويندين‘؟ منهنجي گهر؟“

”نه.“

”تڏهن؟ هن ٻپهريءَ ۾ ڪيڏانهن ويندين؟“

ڪشور وراڻيو: ”تنهنجي ساهري ويندس.“

نيپال ان چرچي کي سمجهي ڪين سگهيو. جيون ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو هو.

خود جيون ڊاڪٽر به هن جي سامهون ڦڪو پئي لڳو. ڪيترائي مهينا اڳي، تڏهن هو ئي وٽس علاج ڪندو هو. ڪشور کي ئي تپ ٿيو هو. هن ناڙي ڏٺي، تيزاب هو. ڪرشڻ داس بابو جي ڀيڻ چيو، ”ٿيندس نه، ته ٻيو ڇا ٿئي آخر؟ ڪالهه بخار ۾ ئي هن چوري ڪري ملائي کاڌي هئي.“

جيون پڇيو هو: ”هان، تو چوري ڪري کاڌي آهي؟“

ڪشور ٺهه پهه وراڻيو: ”ها“.

”خبر اٿئه، چوري ڪري کائڻ سان پاپ ٿئي ٿو.“

ڪنڌ ڌوڻي هن چيو هو؛ ”ٿيئ ٿو، پر ملائي کائڻ سان نه.“

جيون هڪو ٻڪو رهجي ويو هو. پڇيو هئائينس، ”اهو توکي ڪنهن چيو؟“

ڪشور وراڻيو: ”ڀڳوان جي آکاڻيءَ ۾ ٻڌو اٿم. خود ڪرشڻ ملائي- مکڻ چوري ڪري کائيندو هو. مون کي ڇو پاپ لڳندو؟“

جيون کي هار مڃڻي پئي هئي. بعد ۾ هن کي صحت جي باري ۾ کيس سمجهائڻو پيو هو. هن ڌيان سان ٻڌو هو ۽ پڇاڙيءَ ۾ ايترو چيائين: ”چڱو، هاڻ گهڻو نه کائيندس، گهٽ کائيندس.“

ان کان پوءِ هو ڪشور کي ڏسندي ئي پُراڻن ۽ شاسترن جا سوال پڇندو هو. ڪشور اڪثر جواب ڏيندو هو ۽ هڪ عجيب ڍنگ سان. هن پڇيو، ”راوڻ جا ڪيترا سر هئا؟“ ڪشور چيو هو، ”هنجا ڏهه سر ۽ ويهه هٿ هئا. خبر اٿو، راوڻ ڪڏهن به سمهندو ڪونه هئو؟“

”ڇو؟“

”ان ڪري جو پاسو ڪيئن ورائي؟“

ان ريت هن ڇوڪر سان سندس گهاٽو نينهن ٻجهي ويو هو. اڄ هن جي ئي طبيعت خراب آهي، وڌيڪ خراب آهي، ڊاڪٽر رنگ لعل ڏسڻ وڃي رهيو آهي... جيون کان رهيو نه ٿيو. هو پنهنجي مرضي پٽاندڙ ڪرشڻ داس بابو وٽ پهتو. ڪرشڻ داس بابو منجهي پيو. جيون چيس: ”ڪائي ڳالهه ڪانهي ادا، توهان جيتوڻيڪ براهمڻ آهيو۽ مان ڪائسٿ آهيان، ته به توهان منهنجا ڀائر آهيو. چاچو هوئڻ جي ناتي مان ڪشور کي ڏسڻ آيو آهيان. هلو، ذرا کيس ڏسي وٺان.“

ڪشور بي سرت پيو هو. ساهه کڻڻ ۾ ڪف جي گرڙاٽ ٿي رهي هئي، هلڪي – هلڪي. رکي رکي پئي وڦليو. بڊي جو مهينو، ان هوندي به سڄو ڏينهن کيس گرم ڪپڙن ۾ لپيٽي سمهاريو ويو هو. نئي ڊاڪٽر چيو، ”ڦڦڙ ۾ سردي لڳي ويئي آهي. هڪ سو ٽي بخار اٿس. هن مهل تائين نمونيا پنهنجي جوڀن ۾ هجي ها، پر مون کيس ٻڌي ڇڏيو آهي. پتو ناهي، پوءِ به بخار لهي ڇو نٿو.“

جيون ڊاڪٽر ڪافي دير تائين ٻنهي هٿن جي ناڙي ڏٺي. ڄڀ ڏٺي، اکيون ڏٺيون، پيٽ جي جاچ ڪئي. ان بعد اٿي هن هٿ ڌوتا ۽ ڪرشڻ داس بابو جي ڀر ۾ ويٺو. چي، ”ادا، ايڪويهه يا چوويهه ڏينهن کان پوءِ هيءُ بخار ويندو. ڊڄڻ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي،پر بخار ڪجهه ڏنگو آهي. آيل تپ سرسام وانگر آهي، پر زوردار ڪونهي، جان کي به خطرو ڪونهي. ڪف جو دٻاو.... ڊاڪٽر بابو جيئن چيو آهي....“

هن هريش ڊاڪٽر ڏانهن نهاريندي چيو، ”اها ٿوري حصي ۾آهي، موُل ڪارڻ اها نه آهي.“

ڊاڪٽر هريش به لڳ ڀڳ سندس ئي ڄمار جو هو. جيون دت کان ڪي ٽي چار سال ننڍو هو. ڪرم جيون ۾ عمر جو ايترو فرق گهڻو فرق ڪونهي. هن چيو هو: ”نه، مون اسٽيٿسڪوپ لڳائي ڏٺو آهي، سردي ئي موُل خرابي آهي. منهنجو خيال آهي، اوهان جيڪا سرسام يا ٽائيفائيڊ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، سا ٺيڪ ڪانهي.“

”جيون دت ڌيان مگن ٿي ناڙي جي جاچ ڪئي هئي. هن جيڪي ڪجهه سمجهيو، سو غلط نٿو ٿي سگهي. ٿورو مشڪي هن ڪنڌ لوڏيو هو. ايتري ۾ ٻاهر پالڪيءَ جي ڪهارن جي هُڻڪار ٻڌڻ ۾ آئي.“

هريش اُمالڪ ٻاهر ويندي چيو، ”هو اچي ويو.“

جيون ڊاڪٽر وڃڻ جي لاءِ تيار ٿيو ته سندس نگاهه منهنجي ڍڪيل ڪشور جي سيرانڌيءَ کان ويٺل هن جي ماءُ تي پيئي. هن وشواس سان ڀروسو ڏيندي دهرايو هو: ”ڊڄڻ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي. ڪوئي چاهي ڪڇ به چوي، ايڪويهه يا چوويهه ڏينهن ۾ تپ لهي ويندو. ڪشور چڱو ڀلو ٿي اٿندو.“

ان ايڪويهه ۽ چويهه ڏينهن جي ڳالهه تي ڊاڪٽر رنگ لعل سان به ڇڪتاڻ ٿي ويئي.

رنگ لعل روڳيءَ کي ڏٺو.

پهريائين اهو چيائين: ”ڪمري ۾ بيڪار ماڻهو ميڙ لڳائي رکن، اهو مون کي پسند نه آهي. جيڪي ڊاڪٽر ڏسي رهيا آهن، اهي ۽ هڪ اڌ شيواڌاري...“

جيون دت به ٻاهر وڃي رهيو هو. پر ڪرشڻ داس بابو چيو: ”تون ترس جيون.“

هن سندس هٿ پڪڙيو. جيونمهاشيه کي ياد آهي ته ڊنل ڪرشڻ داس بابو جو هٿ پگهرجي رهيو هو. جيون کيس پاٻوهه وچان دلداري ڏيندي چيو هو: ”ڊڄڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“

مريض کي جاچي رنگ لعل ڊاڪٽر ڪجهه ڪونه چيو. هن نسخو ڏسڻ چاهيو. نسخن کي پڙهيو. اهي نسخا موٽائي ڏنائين ۽ نئو نسخو لکي ڪري ڊاڪٽر هريش کي ڏيندي چيائين: ”مون نئي دوا لکي ڏني آهي. پرهيزي کاڌي ۾ رٻ، پنير جو پاڻي ۽ قنڌاري ڏاڙهونءَ جي رس ڏيئي سگهو ٿا. ڳرو کاڌو نه هوئڻ گهرجي. ٻالڪ کي ٽائيفائيڊ ٿيو آهي.“

ڊاڪٽر هريش جي منهن جو پنو لهي ويو هو. ساڻ ئي سڀني جون نگاهون جيون ڊاڪٽر ڏانهن گهمي ويئون هيون، اهو جيون مهاشيه کي ياد آهي. پر جيون ڊاڪٽر هريش ڏانهن ڪونه ڏٺو هو. چي، ”ويچاري کي ڪهڙو نه برو لڳندو.“

ڪمري کان ٻاهر نڪري ڪري ڊاڪٽر رنگ لعل هريش کي ڀلي ڀانت سڀ سمجهائي ڇڏيو.

جيڪي ڪجهه ٻڌايائين، ان مان ڪڇ حصو جيون دت جي ڪويراجيءَ جي نيم جي ابتڙ هو. پر هو چپ رهيو. سندس حق به ڪهڙو هو؟ تنهن بعد ڊاڪتر رنگ لعل دوا تيار ڪرڻ لڳو. اها هن جي خاصيت هئي. پاڻ ئي بئگ مان دوا بڻائي ڪري ڏيندو هو. ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر وٽان يا ڪنهن دوا خاني جي دوا هو مريض کي ڪونه ڏيندو هو. ايتريقدر جو جيڪڏهن اوچتو بيماريءَ ۾ ڪنهن تبديل جي شنڪا ٿيندي هئس، ته ان جي به دوا تيار ڪري. اڳي ئي ڏيئي ڇڏيندو هو. چوندو هو، ”جيڪڏهن هيئن ٿئي، ته هيءَ دوا ڏجو. هونئن ٿئي ته هيءَ دوا. هڪ هڪ ڏينهن کانپوءِ مون کي حال کان واقف ڪندا رهجو.“ ها، جيڪي ڊاڪٽر اڳي ئي ڏسندا آيا هوندا، تن کان هو ڪڇ لڪائيندو نه هو. جيڪڏهن هو سندس وشواس جوڳا هوندا ته کانئن ئي نسخو ڏيئي دوا تيار ڪرائي وٺندو هو. چي: ”مون کي خبر آهي ته زهر ملائي ڪري بيمار کي نقصان ڪين رسائيندا، زهر جي قيمت آهي. منهنجي هٿ جو نسخو آهي، توهان مون کي جوابدار ڪين بڻائيندا. پر پاڻي جتي افراط آهي، اتي پاڻيءَ جو ملهه نٿو لڳي. ڪوئي دوا جي بدران پاڻي ملائي ڇڏي، ته ڇا ٿو ڪري سگهان. ڇهن دوائن مان ٽي ئي ڏي ته ڇا ڪيو وڃي؟ يا پراڻيون رکيل بانسي دوائون ڪري ڏي ته مان ڇا ڪري سگهندس؟ منهنجي پاڻ بدنامي ٿيندي.“

هن دوا جي ٻن شيشين کي لوڏيو ۽ چڱي طرح انهن جو رنگ، ان جي شڪل ڏسي ڪري ڊاڪٽر هريش کي ڏنائين. چي: ”ٻن قسمن جي دوا آهي. اهائي هينئر هلندي. جيڪڏهن بخار تيز ٿي وڃي ۽ مريض وڦلڻ لڳي، بخار ٿيڻ سان ئي وڦلڻ شروع ڪندو ۽ وڦلڻ لڳي ته سمجهو ته بخار وڌي ويو آهي، اهڙي حالت ۾ هيءَ دوا ڏجو. سمجهي ويا؟ ۽ هيءُ جيڪي گرم ڪپڙا ويڙهي ڇڏيا اٿو، سي لاهي ڦٽي ڪريو. انهن ۾ دٻجي ويچاري ٻالڪ جي جان هلي ويندي. اُس- هوا اچڻ ڏيوس. سمجهي ويا؟“

ڪرشڻ داس ڀرسان اچي پڇيو: ”مدي جو تپ آهي؟“

”ها، بيماري سخت آهي.“

”جي، اهو ئي پڇي رهيو آهيان ته....“

”جيئڻ مرڻ ايشور جي هٿ ۾ آهي، اهو مان نٿو ٻڌائي سگهان.“

ڪرشڻ داس به ساهسي آدمي هو. جواب ڏيڻ ۾ تکو هوندو هو. چيو هئائين: ”اهو اوهان ئي ڇو، اسان به چئي سگهون ٿا. ڏسڻ سان اوهان کي ڇا معلوم ٿيو؟ سر سام ٿيڻ سان ئي ٽائيفائيڊ لاعلاج نٿو ٿئي. ان جا به قسم آهن، هلڪو، وچولو ۽ سخت.“

تيز نگاهه سان کيس ڏسندي ڊاڪٽر رنگ لعل پڇيو هو: ”توهان ئي ته ڪرشڻ داس بابو آهيو؟ ڇوڪر جا پتا؟“

”جي ها.“

”بيماري وچولي آهي. پر آهي زوردار. ان کي سخت ٿيندي ڪيتري دير ٿي لڳي؟ جهڙي گهرجي، تهڙي شيوا ۽ نيم سان دوا نه ملي ته هيءَ بيماري وڌي سگهي ٿي. هن ۾ شيوا ٽهل ئي سڀ کان بهتر علاج آهي.“

”ان جا ذميوار اسين آهيون. ٺيڪ ٿيڻ ۾ ڪيترا ڏينهن لڳندا؟“

”اهو مان ڪيئن ٻڌايان؟ اهو نٿو ڄاڻان.“

جيون ڪويراج سهي نه سگهيو هو. هن چيو هو: ”ڀائو ڪرشڻ داس، توهان گهٻرايو نه، ٻاويهن کان چوويهن ڏينهن جي اندر ڇوڪر جو بخار لهي ويندو.“

ڊاڪٽر رنگ لعل جهڪي ڪري پنهنجي بئگ ۾ دوائون سڀنالي رهيو هو، چوٽ کاڌل ڪاريهر وانگر سيٽجي پٺتي مڙيو.

”توهان ڪير آهيو؟ جوتشي؟“

”نه هيءُ انسان اجي ڳوٺ جو ويڄ آهي. جڳه ٻنڌو مهاشيه جو نالو شايد ڄاڻندا هوندا.“

”بيشڪ ڄاڻان ٿو. نهايت ڪمال جو ڪويراج هو. بيماريءَ جي نرنيه جي غصب جي ڏات هئس. هتان جي وردا بابوءَ جي ڳالهه مون کي ياد آهي.“

”هيءُ هن جو ئي سپتر آهي، جيون دت.“

”رنگ لعل وري به جيون دت ڏانهن نهاريو. چي:

”ٻاويهه کان چويهه ڏينهن ڪيئن سمجهي ويا؟ نبض سان؟“

”جي ناڙيءَ مان مون کي ائين ئي لڳي ٿو. چوويهن ڏينهن ۾ بخار کي لهي وڃڻ گهرجي. ٽي هفتا. پر اسان جي ديش ۾ شروعاتي جيڪو هڪ ٻن ڏينهن جي بخار جو احساس ٿيندو آهي، سو هن ۾ شامل نٿو ٿئي. تنهنڪري ئي مون ٻاويهه کان چويهه ٻڌايو.“

”توکي ساهس آهي. ننڍي عمر آهي، تازو نئون رت.“ ڊاڪٽر رنگ لعل کليو، چي: ”تنهنجي خاندان جي ناڙي گيان جي هاڪ مون ٻڌي آهي، وردا بابو جي بيماريءَ ۾ اکئين پسيو به اٿم. پر اها اسان جي شاستر کان ٻاهر جي ڳالهه آهي.“

ٺيڪ چوويهن ڏينهن ۾ ڪشور جو تپ لهي يو هو. جيون دت کي گهرائي ڪرشڻ داس بابو هن سان چنبڙي ويو هو.

ڊاڪٽر رنگ لعل ڏانهن هٿيڪي ماڻهوءَ جي معرفت چٺي موڪلي هئائين. لکيو هئائين: ”اڄ چوويهين ڏينهن ڪشور جو بخار ٽٽو آهي. اڳتي جي لاءِ دوا ۽ هدايت موڪلڻ جي ڪرپا ڪندا جيڪڏهن اچڻ جي ضرورت سمجهو ته اطلاع ڏيندا ته ڪڏهن اچي رهيا آهيو.“

ڊاڪٽر رنگ لعل وري ڪونه آيو. صرف دوا ۽ هدايت هن موڪلي ڏني هئي. لکيو هئائين ته ”جڳت ٻنڌو مهاشيه جي پٽ کي منهنجي آشيرواد چوندا.“

اتساهه وچان جيون دت چار ميل پنڌ ڪري کيس پرڻام ڪرڻ ويو هو.

باهه ڀريل ٻه سنبل جا وڻ! هڪ ٻئي جي سامهون ايندي ئي ٻنهي جي اندر جي آگ ڀڙڪي اٿي!!

*      *      *

جيون دت جي پٺ تي هٿ ڦيرئيندي تنهن ڏينهن ڊاڪٽر رنگ لعل کيس آشيرواد ڏني هئي. ان ڇهاءُ ۾ جيون دت سنيهه جو انڀو ڪيو هو. هڪ اچرج چئجي. ڊاڪٽر رنگ لعل ٿيوتانترڪ، لاش- ساڌڪ مساڻي طبعيت ماڻهو. آچار- وهنوار ۾ بنهه الٽ، ڪنهن به مروج آچار نيم جو پابند نه هو. تکو ۽ رکو سڀاءُ، ڳالهائڻ جو ڪوڙو تند مزاج. ميوراکشي مان ترندڙ- وهندڙ لاشن کي کڻي چيري ڦاڙي ڏسي ٿو، ماءُ جي گود ۾ ٻار کي مرندو ڏسي به هن جو من نٿو لڏي، سنسار ۾ ڪنهن جي سامهون به سر نٿو جهڪائي. هن تنتر پرست کيتر جا ماڻهو چوندا هئا: ”ڊاڪٽر رنگ لعل هڪ لڪل تنتر وادي آهي. واماچاري- هٺ ڌرمي آهي.“

ڪوئي ڪوئي کيس ناستڪ به چوندو هو.

پهرين ئي ڳالهه جيڪا ڊاڪٽر رنگ لعل کيس چئي هئي ته ”تو جيڪر ڊاڪٽري پڙهي سمجهي ها، ته ڏاڍو چڱو ٿئي ها. تنهنجي اندر ته هڪ قدرتي علاج ڪندڙ آهي. مان ائين نٿو چوان ته ڪويراجي شاستر ۾ ڪجهه به ڪونهي. پر اهو به اسان جي هندو جاتيءَ وانگر وقت جي انوسار اڳتي اسري ڪين سگهيو. جن ڏينهن هن شاستر جي رچنا ٿي هئي، هن جي ترقي اوج تي هئي، تن ڏينهن طبي علم جي ايتري ترقي ڪانه ٿي سگهي هئي. ازانوساءِ ٻين به ڪيترين شين جي کوج ۽ ايجاد نه ٿي هئي. اهو سمجهه ته ان کانپوءِ الائي ڪيترن ملڪن مان ڪيترا ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ آيا. ساڻن گڏوگڏ آيا سندن روڳ. هوا، پاڻي ۽ مٽي ڀيد سان انهن جي عجيب شڪل ٿي ويئي. ان کان سواءِ ٻي به ڳالهه آهي ته ’آيل بيماري‘ چئي ڪري آيورويد جتي ڄمي بيهي ويو آهي، اتي يورپ وارن جي ڊاڪٽري ريسرچ ۽ خوردبيني دئاران جيوڙن جي معومات حاصل ڪري ڪافي اڳتي وڌي ويئي آهي.“ ان ريت هن نين بيمارين ۽ علاج جي باري ۾ ڪيتريون ڳالهيون ڪيون هيون. جيون پاڻ سمائي ٻڌي رهيو هو. کيس پنهنجي پتا ۽ گروءَ جڳت مهاشيه جي بار بار ياد پئي آئي. ٻنهي جي ڳالهين ۾ تفاوت رڳو ايترو هو ته سکيا جي سلسلي ۾ جڳت مهاشيه ايشور، قسمت، وڌاتا جو بار بار ذڪر ڪندو هو؛ ۽ هن جي ڳالهه روڳ وگيان (طبي علم) جي وياکيا کان سواءِ هڪ ڀاو- وياکيا (جذباتي تقرير) جيئان به لڳندي هئي، هن ۾ ڳلهين جي مطلب کان سواءِ ڀاو به ڀريل هوندا هئا؛ ڊاڪٽر رنگ لعل جي ذڪر ۾ ايشور نه هو، ڀاڳيه نه هو، سمورو بيان خشڪ ۽ دماغي هو، مطلب کي ڇڏي هن ۾ ڀاو جي بوءِ به ڪانه هوندي هئي. رنگ لعل چوندو هو، ”آدمي جي مرڻ کان پوءِ اسان ڪنهن به طرف نٿا ڏسون. سمجهي وئين؟ هن ديهه جي پڃري کي ٽوڙي ڪري پراڻ پکيڙو ڪيئن ڦرڙ ڪري اڏامي ڀڳو، اسان اهو ڏسڻ جي ڪوشش نٿا ڪريون.“ وچ وچ ۾ وري کلي ڪري ائين چوندو: ”اڙي ڀائي، پراڻ جيڪڏهن پکي آهن، ته بندوق وارا شڪاري به آهن ۽ اهو لاشڪ پکيءَ جو ماس کائين ٿا، پوءِ ڇا، پنر جنم ختم.“

ان ڏينهن جيون چيو هو: ”منهنجي هڪ وينتي آهي. مون کي ڪرپا ڪري توهان ڊاڪٽري سيکاريو.“

”تون ڊاڪٽري سکندين؟“ ڊاڪٽر رنگ لعل تيز نگاهه وجهندي هن کي ڏٺو. انتر ڀيدي هئي اها درشٽي! ڳلن ۾ ڏسندي ڏسندي ڪيترا گهنج پئجي ويس. ان ۾ اچرج، سوال- گهڻو ڪڇ هو. ان بعد پڇيو هئائين: ”ڪويراجي چڱي نٿي لڳي ڇا؟“

جيون کلي ڪري جواب ڏنو هو: ”پڙهيل لکيل طبقي ۾ ان جو چلن ضرور ڪجهه گهٽيو آهي، پر عام ماڻهن ۾ چڱي ٿي هلي.“

”ننڍپڻ کان ئي منهنجي ڊاڪٽري پڙهڻ جي اِڇا هئي. پر....“ جيون دت هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو.

”پوءِ پڙهيئه ڇو ڪين؟ تنهنجي پتا جي مالي حالت ته سٺي هئي.“

ڦڪي مرڪ کلندي جيون چيو هو: ”اسان ته ڀاڳيه کي مڃون ٿا، ان ڪري مان چوندس منهنجو ڀاڳيه. ٻيو چوان به ڇا؟ ائين ته منهنجي اِڇا منڍ کان ئي هئي پر...“

”تنهنجي پتا پڙهڻ جي موڪل نه ڏني؟“

”جي نه، ڏوهه منهنجو آهي.“ هن منجري جي ڳالهه لڪائي ڀوپي بوس سان مارڪٽ وارو قصو سڻايو. چي: ”مان گهر موٽي آيس. پتاجيءَ چيو، بس، توکي پرديس موڪلي هاڻ مان نشچنت ڪين رهي سگهندس. تون موروثي وديا جي ديکشا وٺ.“

هن جي ڳالهه سڻي ڪري ويران جبل جهڙو ڊاڪٽر رنگ لعل ’ها – ها‘ ڪري ٽهڪ ڏيئي کلي پيو هو، ڄڻڪ گنجي ٽڪر جهڙو ڪارن پهڻن جو هو ڪارو پهاڙ عجب وچان ڦاٽي پيو ۽ اندران جهر جهر ڪري وڃي ڇٽڪيون جهرڻي جون ڦوهارون. ڊاڪٽر رنگ لعل کي ان ريت کلندو شايد ئي ڪنهن ڏٺو هجي.

ٿوري ساعت کلندو رهيو. وري چيائين: ”ڀوپي بوس جو سڊول نڪ تو ڀڃي وڌو هو؟ اَڙي، مون هن کي ڏٺو آهي. هن جو علاج ڪيو اٿم. بيحد شراب پيئڻ سان ليور (جگر) جي بيماري ٿي پيئي هيس. سندس سهرو کيس پاڻ وٽ علاج ڪاڻ نيئي ويو هو. مون کي گهرايو هئائين. هن جي نڪ تي داغ ٿي ويو هو، ڄڻڪ ڪنهن خوبصورت ڳاڙهي ڦل ۾ ڪيڙي لڳڻ جونشان هجي.“

رگ لعل بابو اچانڪ گنڀير ٿي ويو. چي: ”مون کي اهو شڪ ٿيو ته اهو گرميءَ وچان ٿيو آهي. وڏي ماڻهوءَ جو پٽ، عضبناڪ شرابي. شڪ ٿيڻ ته سڀاويڪ ئي هو. مون پڇيس. پر باسي ئي نه پيو. نيٺ باسيائين. جهڙوڪ هتي جي ماڻهن جي عادت آهي. ”ڊاڪٽر رنگ لعل جوش ۾ اچي ويو؛ وات مان چروٽ کي هٽائي چيائين: ”هيءُ ديش به غضب آهي غضب! شرم وچان بيماري لڪائي ڇڏي ٿو، پيڙهين کان مرض جي وراثت ڏيئي وڃي ٿو! خود به ڀوڳي ٿو. اهو هرگز سمجهڻ جو ناهي ته نيٺ اسان به انسان آهيون، رت ماس جا پتلا، ڪي ديوتا نه آهيون. بک، لوڀ، ڪام جا غلام!“

ڊاڪٽر رنگ لعل اٿي کڙو ٿيو چي: ”هن سوئر ڇا ٻڌايو هو، خبر اٿئيه؟“ ٻڌائي پيو ته اهو ڪيئن ٿيو، مون کي خبر ڪانهي. پنهنجي زال کي ڇڏي ٻئي ڪنهن جي صحبت ۾ ته مان ويو ڪونه آهيان. مون کان به رهيو نه ٿيو. ٿڦڙ الاري چيم: هڪ وڄائي ڏيندوسانءِ. الو ڪنهن جاءِ جو!“

ذرا ساعت چپ رهي هو پنهنجي آسڻ تي اچي ويٺو هو. چروٽ دکائي ٻه ڪش ڀري هلڪي نموني کلندي چيائين: ”ته اهو تنهنجي مدگر وانگر ٺونشي جي ڌڪ جو نشان آهي؟ وڏو خونخوار ٿئين تون؟ پر تون سچ پچ ڀوپي بوس جي متر جو ڪم ڪيو آهي. ان نشان سان تو هن جي ان پاپ- روپ کي پڪڙڻ جو. سنجوڳ ڪري ڏيکاريو آهي.“

ان بعد ڊاڪٽر رنگ لعل چيو هو: ”مان توکي سيکاريندس. جيترو ٿي سگهي، مون وٽان وٺي وڃ. ڇو؟ سوچي ڇا رهيو آهين؟“

جيون ان ڏينهن ان وقت منجري ۽ ڀوپي بوس جي ڳالهه سوچڻ لڳي ويو هو. جيسين رنگ لعل ڀوپي بوس جي باري ۾ چوندو رهيو، جيون هن جي منهن ڏانهن اهڙي طرح تڪيندو رهيو، ڄڻڪ هن ۾ چنتا- شڪتي ئي ڪانهي. ڊاڪٽري سيکارڻ جي خاطري ڏيئي رنگ لعل بابو پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي. ان جو جواب ڏيڻ بدران جيون دت سوال ڇڪيو هو. ”ڀوپي کي ليور جي بيماري ٿي ويئي. ٺيڪ ٿي يا نه؟“

هن ڏانهن نهاريندي ڊاڪٽر رنگ لعل چيو: ”ڀانيان ٿو ڀوپيءَ جي لاءِ توکي ڪجهه پيار  به آهي، جيون؟“ جيون هينئر سچيت ٿي ويو. لڄي به ٿيو.

رنگ لعل چيو: ”توهان ماڻهو ته ويشڻو آهيو؟“

”جي.“

”ان ڪري،“ وري چيائين، ”في الحال ته هن جي بيماري چڱي ٿي ويئي آهي. پر وري اٿلي پوندي. هو وڌيڪ ڏينهن جيئرو رهي نه سگهندو. انهيءَ مان هن جي مرتيو ٿيندي. هن جي زال... هڪ طرح هن جي ماءُ وانگر آهي، جيڪا بيمار ٻالڪ کي لڪائي کارائيندي آهي، ٺيڪ انهيءَ وانگر آهي. ڊاڪٽر سخت منع ڪري رکي آهي، ڀوپي شراب جي ڪاڻ ڦٿڪي رهيو آهي، هن جي زال ڪنهن کي انعام ڏيئي ڪري لڪائي شراب گهرائي ڏيندي اٿس. چوندي اٿس، ’ذرو پيئجه، گهڻو نه.‘ تعجب آهي هوءَ پنهنجا ڳهڻا وڪڻي کيس پيئاري ٿي. غضب آهي. پُراڻ۾ لکيل آهي ته ستي استري موت سان لڙي پنهنجي پتيءَ کي بچائي ٿي. پر هيءَ عورت، پريم ۾ ته انهن کان ننڍي ڪانهي، پر موت کي سڏي ڪري پنهنجي پتيءَ کي هن جي هٿن ۾ سونپي رهي آهي. وچتر آهي.“

جيون ڊاڪٽر سناٽي ۾ اچي ويو. مڪان، زمان، ڪردار سڀ ڪجهه وساري ويٺو هو، ارٿ هيڻ هڪ آڪار ٿي ويو. ڊاڪٽر رنگ لعل هن کي آپي ۾ واپس آندو. چي: ”هن شاهوڪاري ڪلڇڻي ڇوڪري جي ڳالهه کي ڇڏي ڏي. هيءُ انسان جي پنهنجي پاپ بيڪار رچنا آهي. هاڻ ڪم جي ڳالهه ٻڌ. تون ڊاڪٽري سکڻ چاهين ٿو؟ اها تنهنجي لاءِ مون وانگر ڪٺن ڪانهي. تون علاج ڪرڻ ڄاڻين ٿو، مرضن جي پڇاڻ توکي آهي. تنهنجي واسطي هيءُ سڀ سهنجو آهي. مون انگريزي طبي علم جي ڪتاب جو هتان جي رهواسين واسطي ترجمو ڪيو آهي. مان توکي مدد ڪندس، سيکاريندس ۽ پڙهائيندس.“

هينئر جيون اهو ٻڌو. پل ۾ هن جي سموري اداسي ۽ سناٽي واري اوسٿا غائب ٿي ويئي. جيون ۾ آگ ٻرڻ لڳي.

منجري ۽ ڀوپي بوس بادل ۽ هوا بڻجي ڪري هن جي جيون جي تيز آگ تي نڀاڳي ڏينهن جي بيوقت برسات وسائي ڪري ان کي ٺاري ڇڏيو هو. پر وڻ جي پاڙ کان چوٽيءَ تائين جيڪا جوالا ڌڌڪي رهي هئي سا هڪ دفعي ۾ ئي ٿڌي ڪانه ٿي ويئي هئي. اها وري ڀنڀٽ ڪري اٿي هئي! هو منجريءَ کي ڀلجي ويو، ڀوپيءَ کي ڀلجي ويو. کيس ان گهريءَ عطر جي ياد به ڪانه رهي. بس، ڊاڪٽر رنگ لعل ئي تنهن ڏينهن سامهون رهيو. هن جي هٿ ۾ چمڙي واري هڪ ٿلهي وَهي هئي ۽ اکين جي سامهون هو مستقبل، چمڪندڙ ۽ روشن!


[1]  کجور جهڙو ميوو

[2]  آيورويد جي آدي آچاريه مهرشي پتنجلي جي رچيل يوگ سنٻنڌي سوُترن جو سنگرهه – گرنٿ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org