سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :37

[35]

 

ڪيترن مهينن کان پوءِ، چيٽ جو مهينو. گرمي سخت پئجي رهي آهي. ٽئين پهر اَروگيه نڪيتن جي ورانڊي ۾ مهاشيه ستاب سان شطرنج کيلي رهيو آهي. مهاشيه کلي پيو.

”راند ۾ من نٿو لڳئي. اڄڪلهه ٿي ڇا ويو اٿئي؟ وري وري نبض پيو جاچين. کاٻي هٿ ۾ ساڄي هٿ جي نبض ٿامي ويٺو ٿو رهين!“ ستاب اچانڪ ٿڪجي چيو، ”جيون!“

مهاشيه کلي چيو: ”اڙي يار، ڪجهه ڪونهي. ڪجهه ڪونهي پر هاڻ ڪجهه اُڄهي نٿو. ان ڪري نبض ڏسندو ٿو رهان. پر نبض مان ڪجهه پتو نٿو پوي.“

ٿڌو شوڪارو ڀري ستاب به اداس ٿي ويو. شطرنج جي سارين سجائڻ مان هينئر کيس به مزو نٿي آيو.

ايتري ۾ اندران سيتا نڪتي. اهائي نرس. چانهه جا ٻه ڪٽورا ٻنهي هٿن ۾ کڻي اچي هيٺ رکيائين. چي: ”دادا! مان هينئر هلان ٿي. اڄ شام جي ڊيوٽي آهي.“

”چڱو پٽ، وڃ.“ مهاشيه پاٻوهه وچان هنجي پٺي ٺپرنيدي چيو، ”سڀان ڪنهن مهل ايندينءَ؟“

”صبوح جو وهنجي سهنجي مٺي ننڊ ڪري پوءِ.“

”هل، ونيه وٽان ٿيندو قدروءَ کي ڏسندو اچان.“ سيتا هلي ويئي. ڪنڌ ڌوڻي اتساهت ٿي ستاب چيو: ”هن قدروءَ کي بچائي اسپتال جي ڊاڪٽر، ته ڪمال ڪيو!“

”بيشڪ! ڪير سوچي به نٿي سگهيو ته آپريسن سان ڊاڪٽر کيس موت جي منهن مان ڪڍي وٺندو. چارو بابوُ، هريندر ڪنهن به اها ڪلپنا نٿي ڪئي. چارو بابوءَ ته ائين چيو هو، هن ٻڍي تي نشتر هلائي مشق پچائي وٺون. اسٽرئنگيوليٽڊ- هرنيا جو به هتي آپريشن ٿي سگهندو آهي؟ ٿي ڇو نه ٿو سگهي. سڀ ٿيندو آهي، رڳو ساهس گهرجي ۽ پرديوت ۾ اهو آهي.“

قدروءَ کي اسٽرئنگيوليٽڊ- هرنيا ٿي هئي. اول ته هو پيٽ جو سور سمجهي گهر ۾ پيو رهيو. ڪشور کي سڻس پئي ته هن يڪدم زوريءَ کيس اسپتال ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. آپريشن نه ٿئي ها ته هو مري وڃي ها. ان ڪري پرديوت ڪنهن جي ڪانه ٻڌي. آپريشن ڪيائين قدرو بچي ويو. آهستي آهستي هو تندرست ٿيو.

مهاشيه هر روز هڪ ڀيرو ڏسي ويندو اٿس. پرديوت سان به اڪثر ملاقات ٿي ويندي اٿس. کلي نمستي ڪري چوندو،”اوهان جو قدرو ٺيڪ آهي.“ هڪ ڏينهن چيائين، ”اوهان هڪوار هن جي نبض جاچي کيس ٻڌايو ته هو چڱو ڀلو آهي. نه ته هو يقين ئي نٿو ڪري. اهڙو مريض به قسمت سان ملندو آهي.“

ستاب وري ڳوٽيون سنوارڻ شروع ڪيون. چي، ”پر هن ڇوڪريءَ سان تون اجايو پاڻ کي اڙائي رهيو آهين.“ ستاب سيتا جي باري ۾ چيو. هن سان مهاشيه ڪٽنب جي انهن ٿورن مهينن ۾ ئي چڱي گهرائپ ٿي ويئي هئي. مطلب ته نه رڳو مهاشيه سان، مهاشيه جي گهر واريءَ سان پڻ.

مهاشيه کلي چيو: ”ان ۾ ڪوانسان جو وس هلندو آهي، ستاب؟ آئون دانتوءَ جي شڪايت ڪندو هوس. لڀو ۽ لوڀ. ڏسان ٿو، ته هيءَ به مايا آهي. مايا جي موهه کي ڇڏڻ جو ڪوئي اپاو ڪونهي. ڇڏڻ لاءِ سوچيو، ته هيانءُ پيو هڄندو. ڳنڍ تهائين وڌيڪ پختي ٿئي ٿي.“

اداس اکين سان مهاشيه اُڀ جي نيراڻ ڏانهن نهاريندو رهيو ستاب بت بڻجي ويٺو رهيو. هيتري گهرائپ ستاب کي به نٿي آئڙي. هن ڇوڪريءَ سان جيون ڄڻڪ سوين ٻنڌڻن ۾ جڪڙجي ويو هو. جيون جيڪڏهن جوان هجي ها، جوان نه- رڳو ڪڙوڍ هجي ها ۽ ”مهاشيه“ نه هجي ها، ته ماڻهو کيس بدنام ڪن ها. تڏهن به لوڪ آهي ٻوڪ! پڇن ٿا، ”نيٺ به هن ڇوريءَ سان مهاشيه جو ڪهڙو لاڳاپو آهي؟“ اهو سوال ستاب کان ماڻهو ڇڪيندا هئا. مهاشيه کي بچائڻ جي نيت سان ستاب جواب ڏيندو هو، ڀاءُ ايترو به نٿا سمجهو؟

”پٽ- ڌيءَ، ڏوهٽا- پوٽا سڀني جو ساٿ ڇڏي ڏنو، ته هيءَ اچي مٿان ٽپڪي، هنن به کيس پنهنجو بڻائي ڇڏيو.“ پر ماڻهو ٻڌن ڇو ٿا! چوڻ لڳا، ”هن نرس ٻرس جي ذات پات جو به ڪو ٺڪاڻو!“ ستاب چوندو: ”اهي سڀ ادا پراڻي زماني جون ڳالهيون آهن، اڄوڪو زمانو بدليل آهي. جيون جي گهر واري به هن ڇوڪريءَ کي پيار ڪندي آهي. عطر جو پيار ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي. هوءَ روز وٽن ايندي آهي. ڪتاب پڙهي عطر کي ٻڌائيندي آهي. عطر جا ڏک سور ٻڌندي آهي.“ انهن سڀني ڳالهين هوندي به ستاب سمجهي ٿوته ڇوڪري ڏاڍي سياڻي آهي. ٻڍي- جوڙي جي سڃي جيون جو لاڀ وٺي هوءَ هنن کي ڏهي رهي آهي. رپيا پئسا به کانئن ڇڏائي ٿي. هيءَ پاڻ به... گهٽ ۾ گهٽ جيون کيس ڏي ٿو.

جيوت جي آخرين ڏيهارن ۾ جيون مهاشيه جو چئجي ته ڀاڳ وري آيو. نام گام به ڄڻ موٽي آيس. ان دور جي شروعات رام هريءَ جي علاج سان ٿي، ان کانپوءِ ششانڪ جي وڌوا جي بيماريءَ ۾سندس علاج کي ڏسي ماڻهو دنگ رهجي ويا. ڊاڪٽر سلهه ٻڌائي هئي. جيون مهاشيه دعويٰ سان چيو هو: ’ته سلهه ڪانهي. آئون هن کي هڪ ئي مهيني ۾ نروڳ ڪري ڏيکاريندس.‘ هن جي ڳالهه اکر به اکر درست نڪتي. ڏيڍ مهيني ۾ ئي ششانڪ جي استري شفاياب ٿي ويئي. ان علاج ۾ جيڪا لگن، جيڪا دلچسپي مهاشيه جيون ورتي، لاثاني آهي. پنهنجي هٿن سان دوا تيار ڪئي. هڪ نه ٻئي ڏينهن ٻه ميل پيدل رستو لتاڙي ان ٽٽل ڦٽل جهوپڙيءَ جي سامهون بيهي ساجهر جوئي پڪاريندو: ”ڌيءَ!“

مري ويشنوي ته ڄڻڪ سندس اوسيڙي ۾ ويٺي هوندي هئي. کلندي کيڪاريندي: ”اچو.“

”ڌيءَ جاڳي آهي؟“

”جي ها، اسرکان ئي راهه تڪي رهي آهي. پوڄا پاٺ ٿي چڪو آهي.“

بنا ڪناريءَ واري سفيد ساڙهي پهري ڏٻري- سنهڙي گوري- گوري بيمار عورت گهونگهٽ کي ٿورو سرڪائي مشڪدنڙ منهن سان سندس سواگت ڪندي: ”اوهان اچڻ جي تڪليف ڇو ورتي؟ دوا موڪلي ڏيڻ سان ئي ته ڪم هلي وڃي ها. آئون هاڻي چاڪ آهيان“

”ضرور چاڪ رهندينءَ. تنهنجي بيماري ڪجهه پيچيدي ضرور ٿي ويئي، پر ڪٺن ڪانهي. وري تو ۾ سهڻ جي به اپار شڪتي آهي. ان ڪري تن جي ڀيٽ ۾ تنهنجو من وڌيڪ صحتمند آهي. ناڙي ڏسڻي آهي، ان ڪري ئي اچي ويس.“

هوءَ لڄي ٿي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن چوندي ”مون کي بچائڻ لاءِ اوهان ايتري ڪوشش ڇو ٿا وٺو؟ مونکي شرمندو ٿيڻو ٿو پوي. منهنجي زندگي ختم ٿيڻ جي ڪانهي. نيٺ به هيتري پيڙا ڪير سهي سگهندي؟“

مهاشيه چيو هو: دنيا سک دک جي آهي. جيترو سک آهي، اوترو ئي دک آهي. اهو ئي سهڻ ڪاڻ جنم ٿيندو آهي.“

هن لکي چيو هو: ”ٺيڪ آهي بابا، جيترو ڪوڙو اوترو مٺو. نه اوڳاڙي سگهجي، نه ڳرڪائي.“

”تون به بجا ٿي چوين. مون کي ئي ڏس. جيڪي به هجي، دنيا ۾ مرڻ جي چاهنا نه ڪجي- ۽ موت جي ڊپ کان دنيا کي چنبڙي روئڻ به نه گهرجي. ٻئي پاپ آهن.“

”انهيءَ پاپ جي ڊپ کان ته. نه ته...“

هڪ ڏينهن مهاشيه چيو هو: ”پاپ ته نه، انياءُ تون ضرور ڪجهه ڪرين ٿي. مون تي ڏمر نه ڪج.“

هوءَ ڇرڪي ويئي هئي! ”ڪهڙو انياءُ بابا؟“

”ڌيءَ، هيءَ جيڪا آتما آهي، جنهن تي منش جو سارو دارومدار آهي، سا دراصل ديهه جي آسري آهي. جيڪر ديهه نه هجي ته هوءِ بي پناهه، بي سهاري ٿي پوي، ان جو ڪجهه به باقي نه رهي. تون انهيءَ ديهه جي سنڀال نٿي ڪرين. جنهن مندر ۾ ديوتا رهن ٿا، جيڪڏهن ان جي گهٽائي ڪئي وڃي، ته ان ۾ ديوتا ڪيئن رهي سگهندا؟ سرير کي ڏک ڏيئي وقت کان اڳي ئي وڃڻ لاءِ مجبور ڪرڻ به هڪ قسم جو آپگهات آهي. ان جي ٿوري حفاظت ڪرڻي پوندءِ.“

ششانڪ جي استري ان ڳالهه جي رکيا ڪئي- يعني پيروي ڪئي.

وقتي مهاشيه صبوح جو نه وڃي سگهندو هو، ته نٽهڻ اُس کي به برداشت ڪري اتي پهچندو هو.

نيٺ هوءَ چڱي ڀلي ٿي. وري پنهنجي ڀائٽي سان کير کنڊ ٿي وئي. البت گهر نيڻ کان اڳي هن جي ڀائٽي شهر مان هن جو ايڪسري ڪرائي خاطري ڪئي هئي. جيون مهاشيه جيڪي چيو هو، ايڪس – ري ۾ به اهوئي ثابت ٿيو. اڄڪلهه به ’مري‘ بکيا جي جهولي کڻي ’جئه گوبند‘ ڪندي وٽن ڪڏهن ڪڏهن ايندي آهي. جهوليءَ مان مٺايون ڪڍي ڏيندي آهي؛ ”اڀيا پرساد موڪليو اهي.“

مهاشيه جو ٻيو چوڻ به صحيح نڪتو آهي. دانتو گهوشال مري ويو. ڀوت جي ڀو کان هو زبردسي اسپتال مان ڀڄي ويو هو. اچي ويو ششي جي چڪر ۾ ٻن چئن ڏينهن ۾ ئي وپن جو ڌوم ڌام سان شراڌ ٿيو هو.ان ۾ ڌانتوءَ به کاڌو، غضب جو کاڌائين!

پيو بيمار!

هن جو آخرين علاج وري به مهاشيه جيون ئي ڪيو. ڌانتوءَ ٻئي ڪنهن کي گهرايو به ڪونه. کيس ئي گهرايو هئائين. ششي ڪوٺڻ آيوهوس.

مهاشيه جا ٻئي هٿ جهلي دانتو رنو هو.

مهاشيه چيو هو: ”آئون ڇا ٿو ڪري سگهان دانتو! ٻيو ڪير به ڇا ٿو ڪري سگهي. شراڌ جو ڀوڳ کائڻ جي لالچ ۾ تون اسپتال مان ڀڄي آئين؟“

دانتوءَ انڪار ڪيو: ”گروءَ جو سنهن مهاشيه، ايشور جو سوڳنڌ.“

”ڀوت جي ڊپ کان ڀڳو هوس، سو به اسپتال جي ڊاڪٽر وٽان....“

”دانتو!“ مهاشيه دٻ چاڙهيندي چيس:”دانتو!“

دانتو ترت چپ ٿي ويو هو. مهاشيه چيو: ”سو تون هوئين! ڊاڪٽر جي دريءَ ڀرسان ڀوت بڻجي گوشت توئي گهريو هو! مون کي سڀ معلوم آهي. پر اهو قصو تنهنجو ڪونهي. لوڀ تنهنجو دشمن بڻجي ويٺو آهي. تون نٿو ڇڏي سگهين: هرگز نه. آئون تنهنجي اتهاس کان واقف آهيان. ان ڪري ئي مون توکي ويساهه سان چيو ته لوڀ توکي غرق ڪندو. اسپتال جا ڊاڪٽر تنهنجي رام ڪهاڻيءَ کي ڪونه ڄاڻندا آهن، شايد مون وانگر هو ان تي ويساهه به نه ڪن، ان ڪري توکي بچائڻ لاءِ چيو هوم.“

دانتو سڏڪا ڀري رنو هو. مهاشيه چيو هو، ”خير ڊڄڻ ڇا جو آهي؟ مرڻو ته هڪ ڏينهن سڀ کي آهي. آئون به مرندس. منش جنم وٺي ٿو، ان مان ڇا ٿيو، هن جي نصيب ۾ سک ڪيترو آهي، دک ڪيترو آهي، ڪوئي چئي نٿو سگهي، سڀ ڪجهه اڻ ڄاتل آهي، هڪ ئي ڳالهه يقيني آهي، اها هيءَ ته هن کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي. تنهنجي عمر به ته ڪا گهٽ ڪانهي. ڌيرج رک، ڀڳوان جو نالو وٺ. موت کان جيترو ڊڄندين، اوترو ئي روئڻوپوندءِ. ڊڄ نه، پوءِ ڄاڻ پوندءِ ته موت ئي تنهنجو اصلي سک آهي. آخر هن ويل ڳريل سرير کي رکي وٽيندس به ڇا؟ ان کي هاڻ بدلي ڇڏ، بدلي ڇڏ.“

ڳچ دير روئڻ بعد دانتوءَ چيو هو: هن دفعي مونکي بچائي وٺو، هاڻ آئون لوڀ وچان هيئن مور نه کائيندس. هرگز نه.“

مهاشيه کليو هو. چيوهئائين: ”ڪوشش ته ضرور ڪندس. پر کولي چوڻ ٺيڪ آهي، تنهنجي سرير ۾ هاڻي ڪجهه ڪونه رهيو آهي. نبض بتائي رهي آهي.“

ڇي، ڇي، ڇي! ڇي، ڇي، ڇي!

وچ۾ ئي دانتو رڙ ڪئي. هن جي موت وقت به مهاشيه حاضر هو. پڇاڙيءَ دم سوڌو کيس هوش هو، هو صرف روئندو رهيو هو. اکين مان لڙڪ زارو زار وهي رهيا هئا. مهاشيه هڪوار پڇيو هوس. ”توکي ٿي ڇا رهيو آهي؟“

ڪنڌ ڌوڻي هن وراڻيو هو. ”پتو ناهي. ڊپ لڳي ٿو. اها ئي پراڻي وقت جي ڳالهه، آدي ڪال جي پاڻي ڳالهه. مها ڀو! مها انڌڪار! مها شونيه! سنسار! ويراني! ساهه کڻڻ لاءِ هوا ڪانهي. بيهڻ جي لاءِ جاءِ ڪانهي. ڪجهه به ڪونهي. ڪوئي ڪونهي: آئون به ڪونه آهيان.“

ذرا ساعت لاءِ مهاشيه کي به ڄڻڪ هن جي ڇوت لڳي ويئي هئي. گنڀير آواز ۾ هن به چلايو: ”هي پرمانند ماڌو!“ مهاشيه سان گڏ ستاب هو. هن جو به دانتو، ننڍپڻ جو چٽوڙي يار هو. هو کيس ڏسڻ آيو هو. ستاب مهاشيه جو هٿ سوگهو جهلي ورتو هو.

تڏهانڪر جيوت جا باقي ڏيهاڙا مزي ۾ گذري رهيا آهن. ڪمائي به وڌي ويئي آهي. ستاب جو خيال آهي، انهن ڳالهين ڪري ئي سيتا مهاشيه کي چنبڙي پئي آهي: بڙ جي ول جيئان پکڙجي ويئي آهي، ان جو رس ڪڍي رهي آهي. ستاب ان ڪري ماندو رهي ٿو. هو چوندو آهي، اڄ به چيائين: ”وري ه آئون چوندس جيون، تنهنجي هيءَ حرڪت ماڻهن کي نٿي وڻي. الائي ڪهڙي خاندان جي، ڪٿان جي ڇوڪري ۽ ڪٿي تنهنجو مهاشيه ونش!“

مهاشيه کلي وراڻيو: ”مهاشيه ونش جي حالت به هن ڇوڪريءَ جهڙي ئي آهي. فرق ڪهڙو آهي ٻڌاءِ؟ ۽ ....“ ڪجهه ٻيو به مهاشيه چوڻ پئي چاهيو، اوچتو رڪجي پيو.

رڪجي سندس گلو ڀرجي آيو: ڪير روئي پيو نه ستاب؟

”روئي رهيو آهي؟ ها. ڪنهن جي طبيعت خراب هئي؟ ها، روئي ته رهيو آهي!“

مهاشيه اٿي کڙو ٿيو. چي: ”شطرنج کڻي ڇڏ. ذرا ڏسي اچان.“

ٻڍو ستاب انهن معاملن ۾ لاغرض ٿي پيو هو. هن چيو: ”الائي ڪنهن کي ڇا ٿيو؟“ هن حقو سنڀاليو.

”سايد موتي لوهار جي گهر ڪنهن کي ڪجهه ٿيو آهي. هن جي ماءُ جي بيماري کانپوءِ رڳو هوئي مونکي نٿا گهرائين. ڳالهه ڳالهه ۾ اسپتال. ٻئي ڪنهن وٽ ڪجهه ٿيو هجي ها ته هو مون کي خبر ڪن ٿا.“

ان لاءِ مهاشيه کي افسوس ڪونهي. موتيءَ تي هن کي ڪائي ڪاوڙ ڪانهي. کيس سڌآهي، کانئس وڌيڪ ٻيو ڪير به ان ڳالهه کي نٿو ڄاڻي ته اهي ماڻهو جيڪي مهاشيه کي نٿا گهرائين سي اوشاس جي ڪري نه، بلڪ لڄ وچان نٿا گهرائين. موتيءَ ماءُ اڳڪٿيءَ کي ڪوڙ بڻائي جيئري رهي، انهيءَ لڄ وچان هو کيس نٿا گهرائي سگهن. موتي خود سندس سامهون نٿو اچي، ڪترائي نڪري ويندو آهي. پر ڳالهه ڪهڙي ٿي آهي؟“

تڪڙ تڪڙ ۾ پير ۾ جتي پائي مهاشيه نڪري پيو. ٿورو پريان وڃي بيهي رهيو: ”موتيءَ جي ماءُ ئي ته ڪانه موڪلائي ويئي؟ نه....“

روئڻ پٽڻ ته موتي وٽ ئي ٿي رهيو هو. پر سڀني جي آواز جي مٿان موتيءَ جي ماءُ جي چيخ! ”هي ڀڳوان، هيءُ ڇا ٿيو؟ آئون توکي نٿي ڇڏي سگهان: منهنجي پوٽي کي بچائي وٺ، نه ته تو مون کي ڇو بچائي ورتو؟“ مهاشيه تيزيءَ سان وک وڌائيندو هنن جي مڪان وٽ پهتو.

ٺيڪ انهيءَ کن اسپتال جو ڊاڪٽر وٽانئن ٻاهر نڪتو. مهاشيه سان اکيون چار ٿيس. پٺيان چرين وانگر نڪتي موتيءَ ماءُ. منڊ ڪائيندي ڊوڙندي ڊاڪٽر جي سامهون اچي بيٺي. پيرن تي پڇاڙ کائي ڪري پئي. لاچار ڊاڪٽر کي ترسڻو پيو. چي: ”ڇڏ، وڃڻ ڏي.“

موتيءَ ماءُ چلايو: ”تون مون کي ماري وڃ. زهر ڏيئي وڃ. مرڻ جي دوا ڏي.“

مهاشيه جيون گنڀير آواز ۾ چيو: ”موتيءَ ماءُ! ڏانهنس ڏسي موتيءَ ماءُ نئين سرورلاپ شروع ڪيا. پر ساڳئي گنڀير آواز ۾ مهاشيه چيو: ”اٿ، چپ ڪر. هر ڪنهن ڳالهه جي حد ٿيندي آهي، مگر ٿيو ڇا آهي؟ ڪنهن جي طبيعت خراب هئي؟“

موتيءَ ماءُ چلائي ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي. مهاشيه چيو: ”ان طرح نه، ائين نه. ڌيرج رک، ڌيرج سان ٻڌاءِ.“

اسپتال جي ڊاڪٽر ٻوليو:”موتيءَ جو وڏو پٽ مري ويو! ”هاءِ ڇي! ڇي!“ مهاشيه جي مک مان نڪري ويو: ”ٻارهن تيرهن سالن جو ڇوڪر. پٿر جهڙو ٺهيل هو، ههڙو مضبوط! هنکي ڇا ٿيو هو؟“

”شايد ميلنگنيٽ مليريا. رڳوٻن ڏينهن جو تپ. هارٽ فيل ٿي ويو:“ ڊاڪٽر ٻڌائي رهيو هو، پر موتيءَ ماءُ وچ ۾ئي پار ڪڍندي چيو: ”اڙي منهنجا سونا! منهنجا راجا پٽ!“

ڇاتي پٽڻ لڳي، مٿو ڪٽڻ لڳي: ”تو مون کي ڇو بچايو، مون کي ڇو بچايو؟“

ڊاڪٽر جيب الجهن ۾ پئجي ويو. هوڏانهن هن جي سائيڪل جي هوا نڪري ويئي هئي. چو طرف ماڻهو مڙي ويا هئا. ڌيمي ڌيمي چوڻ لڳا: ”ڇا ڳالهه آهي؟ مرض کي سڃاڻي ڪونه سگهيا ڇا؟“

مهاشيه جيون موتيءَ کي سڏ ڪيو.

موتي ٻنهي هٿن ۾ مٿو جهلي ويٺو هو. اچي سڏڪن ۾ پيو: ”مهاشيه ڪاڪا، اوهان کي پنهنجو ٻچو ڏيکاريان ها...“ جيون مهاشيه وچ ۾ ئي ٽوڪيو: ”نه. مون کي ڏيکارڻ سانئي هو بچي وڃي ها سو توکي ڪنهن چيو؟ ڊاڪٽر ويڄ روڳ کي چڱو ڪري سگهن ٿا، مرتيو روڳ کي ٺيڪ نٿا ڪري سگهن.“

موتيءَ ماءُ وري چلائي چيو: ”مون کي ٻڌايو آئون ڇا ڪريان؟“

”ڪرڻو ڇا آهي، سهو. دنيا ۾ جڏهن ڪٽنب وڌي وڃي ٿو، تڏهن يا ته ڇوٽڪارو پائجي، يا سهڻ گهرجي. موت جو هتي وشرام ڪونهي، موت کي ٻالڪ ٻڍي جي پڇاڻ ڪانهي. ڇا ڪندينءَ، برداشت ڪر.“

”مون کي ڇو بچايو ويو؟ مونکي ڇو بچايو ويو؟“ هوءَ ڇڙيون هڻڻ لڳي.

”ان ڪري جو هيءُ شوڪ تنهنجي پرالٻڌ ۾ لکيل هو. تنهن کانسواءِ تو جيئڻ به چاهيو هو موتيءَ ماءُ.“

ڪنهن وچ ۾ واڪ ڏنو:”اهوته سدائين کان نيم آهي. ڪوئي ٻڍو موت جي سيج وڇائي وري اٿي ويهي ٿوته ان تي ڪنهن نه ڪنهن کي سمهڻو پوندو آهي. محصول چڪائڻو ئي پوندو!“

جيون مهاشيه چپ چاپ هلڻ لڳو، پٺيان پٺيان اسپتال جي ڊاڪٽر اچانڪ چيو: ”اڄڪلهه هتي ميلنگنيٽ مليريا ته ڪانهي. مون کي ان جو شڪ به ڪونه ٿيو. نه وري هنن ماڻهن ڪجهه ٻڌايو. اڄ ٻڌايائون ته ڪيترا ڏينهن اڳي ڇوڪرو ناناڻي ويو هو اتان ئي اها بيماري کڻي آيو.“

هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريندي مهاشيه جيون چيو: ”بيماريءَ جي علامتن ۽ پڇاڻ ۾ ڀل، ڊاڪٽر جي علاج ۾ شڪ، ٺيڪ دوا جو نه ملڻ: اهي سڀ مرتيو روڳ جون علامتون يا اهڃاڻ ڀلي کڻي نه هجن، پر بهانا آهن. نه ته ڊاڪٽري وگيانکي، اسان ماڻهن جي آيوروئدڪ ۾ ’پنجون ويد‘ چيو ويندو آهي. وگيان ويد آهي، اهو ڪوڙ ڪونهي. ڪوڙ انهن ئي ڪارڻن سان ٿئي ٿو. مرتيو. ضرور، اڄوڪي روڳ- پريکيا جي وڌيڪ ان تي ٿيندي. تڏهن جي ڳالهه آئون چئي نٿو سگهان ته ڇا ٿيندو؟ پر اهو ضرور چوندس ته ڀل تڏهن به ٿيندي.“

ذرا چپ رهي پرديوت چيو: ”نبض جاچي اوهان سمجهي وڃو ها ته اها ميلنگنيٽ مليريا آهي؟“

”اهري حالت ۾ شايد نه سمجهي سگهان. ۽ سمجهي به وڃان ها هت بچائي ڪونه سگهان ها.“

”اهو صحيح ڪونهي. لکها انسان ٺيڪ علاج کانسواءِ بيوقتي مري رهيا آهن؟“

”ها، سو مري ته رهيا آهن.“

ان بعد ٻئي چپ چا هلندا رهيا. مهاشيه ڊاڪٽر جي ڳالهه سوچي رهيو هو. ”مرندا آهن، بيوقتي، علاج بنا ڪيترا ماڻهو مرن ٿا.“

اچانڪ پرديوت ماٺ کي ٽوڙيو. چيائين: پر اوهان موتيءَ ماءُ کي علاج جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون چيون، سي مون کي پسند پيئون. اوهان ٺيڪ ئي چيو، جڏهن وقت ڀرجي اچي، تڏهن مڪتي وٺڻ جڳائي. منهنجي سس جي هڪ ناني آهي. ٽنهي پيڙهين مان سڀ رخصت وٺي ويا: هڪ هوءَ ئي رهجي ويئي آهي. مان جڏهن ويندو آهيان، چوندي آهي: تون ته ڊاڪٽر آهين. منهنجو اکيون ڪن ته ٺيڪ ڪري وڃه! اهڙي ئي آهي موتيءَ جي ماءُ. جيڪڏهن آپريشن نه ٿئي ها، ته اهو ئي ٿئي ها، جيڪو اوهان چيو هو. مري ها. پر اوهان جيڪا گنگا ڪناري وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، سو هن جي روئڻ جو پڇو ئي نه! منهنجا پير پڪڙي چوڻ لڳي: مون کي بچايو ڊاڪٽر بابو! هن روڳ ۾ آئون ڪانه مري سگهنديس. ان ۾ مري مون کي شانتي ڪانه ملندي. منهنجي سدگتي ڪانه ٿيندي.“

”ڊاڪٽر صاحب اهو سڀ ڇل آهي. آدمي جڏهن موهه مايا جي ڦند ۾ جڪڙجي ويندو آهي، تڏهن هو موت کان هو ڏاڍو ڏڪندو آهي، ۽ ڪيترا ئي بهانا بنائڻ شروع ڪندو آهي ته آئون هن ڪارڻ اڃا به جيئرو رهڻ چاهيان ٿو. مونکي بچايو. موت کان ڊڄڻ وڏي شرم جي ڳالهه آهي، ان ڪري ماڻهو انکي لڪائي ٿو.“

”اوهان ٺيڪ ٿا چئو. موتيءَ جي ماءُ به اهوئي چيو هو. چيو هئائين، هڪ لالسا رهجي ويئي اٿم. پوٽي جي ننهن کي ڏسي وڃڻ چاهيان ٿي.“

مهاشيه کلي پيو. چي: ”موتيءَ جي ماءُ وري بيمار پوي، ته وري ٻئي ڪنهن ڪارڻ کان جيئري رهڻ چاهيندي. پر هن ڇوڪري جو موت ته دل ڏاريندڙ آهي. ڏاڍي سٺي صحت هئس. جيئي ها ته وڏو پهلوان بڻجي ها. اسڪول ۾ پڙهندو هو، پيءُ جي واهر ڪندو هو، هٿوڙو هلائيندو هو. هن کي ڏسي مونکي منگل ڪاڪا جي ٻالڪ ڪال ڪيتوءَ جي ياد تري ايندي هئي.“

مهاشيه وري چيو: ”اڪال مرتيو کان وڌيڪ دکدائڪ ٻي ڪابه گهٽنا ڪانهي ان کي روڪڻ ئي سنسار جو سڀ کان وڏو ڪلياڻ آهي. سک جي سڀ کان وڏي ڳالهه آهي. اتي ئي موت جو موت آهي، ٻڍاپي ۾ ته هو امرت آهي.“

اسپتال جي ڊاڪٽر چيو: اڄوڪيون ڳالهيون مون کي سدا ياد رهنديون. مان ڏاڍي الجهن ۾ پئجي ويو هوس!

”نه، نه- الجهن جي ڪهڙي ڳالهه هئي؟ ڪوشش ۾ ته اوهان ڪجهه گهٽايو ڪونه. ٻيو اوهان ڇا ٿي ڪري سگهيا.

هو اسپتال جي ويجهو وڃي نڪتا هئا. ڊاڪٽر جو نوڪر اندران ڊوڙي نڪتو. ڦاٽڪ کوليائين. ڊاڪٽر جي استري ورانڊي ۾ آئي. اچرج وچان شايد ڏسي رهي هئي. ٿورو هٽي اسپتال جي ورانڊي ۾ سيتا به بيٺي هئي. هوءَ به ڏسي رهي هئي.

ڊاڪٽر چيو: ”اچو. ٿوري دير وهندا ڪونه؟ اوهان ڪيئن ڀيرا اسپتال آيا آهيو، هينئر به ايندا آهيو، قدروءَ کي ڏسڻ اچو ٿا. مون ڪڏهن به ڪونه کيڪاريو آهي. اڄ ٿوري دير مون وٽ ڪونه وهندا؟“

هٿ جوڙي مهاشيه چيو: اڄ معاف ڪريو ڊاڪٽر صاحب! وري ايندس.“

پرديوت کن ساعت چپ رهيو. ان بعد چيائين: ”شايد اوهان ڏانهن مون کان ڪا غلطي ٿي ويئي آهي. پر پڪ ڄاڻجو، اها غلطي مون ڄاڻي ٻجهي ڪانه ڪئي آهي. اوهان جي ۽ منهنجي علاج جي طريقي ۾ وڏو تفاوت آهي پنهنجي مت کي ڇڏي مان اوهان جي مت جو وشواس نٿو ڪري سگهان. ان ڪري مان الجهن ۾ پئجي ويندو آهيان. علاج نٿو ڪري سگهان. پر ها موتيءَ جي ماءُ جي اڳڪٿي ٻڌي ۽ هن کي ورلاپ ڪندو ڏسي مونکي ڪاوڙ وٺي ويئي هئي. اڄ مون بيشڪ محسوس ڪيو ته هوءَ مري وڃي ها، ته چڱو هو. پر اسان ماڻهو ته ٺيڪ انهيءَ نگاهه سان ته نٿا ڏسي سگهون.“

مهاشيه کلي چيو: ”ڄاڻان ٿو. اسان به پهرين ان نطر سان ڏسندا هئاسون. خاص ڪري جڏهن بيمار ٻڍو هوندو۽ بيماري ڪٺن هوندي، ته پيڙا گهٽائڻ جي ئي ڪوشش ڪندا هئاسون، موت سان ڇن ڦاڙ ڪري ان کان بچائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪيم. چئي ڏيندو هوس، اشاري ۾، صاف صاف به: اڙي ڀائي، اڃا ڇو؟ هيترو ڪجهه ته ڏٺو، گهڻو ماڻيو، هاڻ هن ڌوڙ جي ڌرتيءَ کان نظر مٿي کڻي نهاريو. رواجي ماڻهو، آڪاش جي خلاءَ ۾ پڪڙڻ لائق ته ڪجهه حاصل ڪري نٿو، ان ڪري راءِ ڏيڻ لڳس، تيرٿ وڃو، ديوتا جي مندر جي ڪنگوري ڏانهن تڪيندا رهو. ها، البت ٻڍاپي ۾ به جيڪي ڪيترن جا آسرا رهيا، گهڻي ڪم جا رهيا، جڏهن جا جيئاپا ٿي پي رهيا، تن جي ڪاڻ موت سان لڙائي ڪانه ڪئي اٿم، سا ڳالهه ڪانهي، خوب لڙيو آهيان.“

پرديوت چيو: ”ٻيو ڪوئي ڏينهن هجي ها، ته بگڙي پوان ها. اڄ نه. مون پنهنجي ناني- سس جو ذڪر ڪيو اسان ئي چئون ٿا، ٻڍي مري پوي ته جند ڇٽي، هن جي به. اسان ماڻهن جي به.“

مهاشيه: ”بيشڪ، ائين به ٿيندوآهي. دنيا جو اهو به هڪڙو پهلو آهي. سکي جيون، رنگ رس سان ڀرپور جيوَن ڀلا ڳريل سڙيل چيز کي ڪيئن برداشت ڪري؟“

پرديوت چيو: ”ڪيترن ڪيسن ۾ مون اوهان کي هٿ ڏسڻ نه ڏنو آهي. مون کي ڊپ لڳندو هو، ته الاجي ڇا جو ڇا اوهان چئي وجهو. اوهان جي هٿ ڏسڻ سان مون کي ڪڏهين ڪڏهين ڊپ به لڳندو آهي. اهيندر سرڪار جي ڏوهٽي جي بيماريءَ ۾ به لڳو هو.“

”هن کي ته بچائڻ سان اوهان ڪمال ڪري ڏيکاريو.“ واه جو علاج ڪيو! پهريون ڀيرو جو نبض ڏٺم، مون کي موت جي پيرن جي آهٽ محسوس ٿي هئي.

مون هن جو هٿ بار بار ڇو ڏٺو هو، اوهان کي پتو آهي؟ موت کي مون پٺتي هٽندو ڏٺو هو.“

پرديوت بت بڻجي مهاشيه جي چهري ڏانهن تڪيندو رهيو. ائين نه آهي ته هن سمجهيو ڪونه، پر ان کي هو هن ريت ظاهر نٿو ڪري: هو ان ڍنگ سان انڀو به نٿو ڪري.

”ته هاڻ آئون هلان.“

”ها، هڪ ٻي ڳالهه راڻا جي باري ۾ ڇا آهي.“

”هو ڪونه بچندو ڊاڪٽر صاحب! راڻا کي اهو معلوم آهي. هو به هڪ غضب جو آدمي آهي. مرڻ کان ته هو ڊڄي نٿو. شايد اوهان جي علاج سان هن جي جان بچي وڃي. پر هو چوي ڇا ٿو، خبر اٿو؟ چوي ٿو، چڱو ڀلو ٿي به پوان، ته به اهو ساڳيو نه رهندس. لاچار ماڻهن جي قطار ۾ رهي جيئڻو پوندم. ڊپ وچان ماڻهو پاسي ۾ ڪونه بيهندا. ٻار ٻچا به ونءُ پيا ويندا. اهڙي جيئڻ ڪاڻ آخر هيتري تڪليف ڇو سهان، هيترو سارو خرچ ڇو ڪريان؟ ان کان ته اهو ئي بهتر جيڪي به ٿئي اوهان ئي علاج ڪريو.“ هڪ اڀو ساهه کڻندي مهاشيه وري چيو: ”هاڻ ته راڻا مون کي به نٿو ڏيکاري. هينئر مندر جي هوا کائيندو آهي.“

سوچيندي سوچيندي مهاشيه گهر موٽيو. ’ڪاش، راڻا کي بچائي سگهان!‘

راڻا کي پرديوت جهڙا شخص بچائي سگهن ٿا. بچائي سگهيا ٿي! هنن وٽ جديد علاج، موزون علاج به هو. ان علاج جو بندوبست وٽس نه آهي. اها شڪتي به ڪانهي. ڪانه هئي اهڙي شڪتي!

جديد علاج جو شاستر سرگرميءَ سان اسري رهيو آهي. هڪ ٻئي جي پٺيان جيوڙن جي کوج ٿي رهي آهي. بيمارين جي باري ۾ جيڪو اثر ويٺل آهي، ان ۾ بنيادي ڦيرو اچي رهيو آهي. اڄ سڀ مرض جديد دور جي درجي ۾ اچي ويا آهن. سڀني جو مول جيوڙا آهن. ٻج، جيو، جيوڙا: وائرس،. کاڌي ۾، پيتي ۾، هوا ۾ پکڙيل آهن. انسان جي جسم ۾ اهي بيحد وڌي ويا آهن. پنهنجي وئدڪ شاسترن ۾ هن پڙهيو آهي: دکش يگيه- ردر مورتي شوَ جي ڪروڌ جو جڏهن انت ٿيو، تڏهن تپ جي رچنا ٿي. انيڪ اهڃاڻ، انيڪ قسم. ان جي فطرت جو ورنن ڪري آچارين ان جو نالو ’تپ‘ رکيو هو. چنڊ تي دکش پرجاپتيءَ جو سراپ هو، ان جي ڪوپ مان يکشما (سلهه يا تپ دق) جي اتپتي ٿي هئي. ’اَتي رمڻ‘ کي ئي يکشا (سلهه) جي حملي جو مکيه ڪارڻ مڃيو ويندو هو. اڄ سٺي خوراڪ جي ڪمي ان جو مکيه ڪارڻ آهي. هر هڪ تپ جي ڪارڻ کي سائنسدانن- ڊاڪٽرن خوردبيني دئاران ظاهر ڪيو آهي. تپ به ڪيترن قسمن جو ٻڌائين ٿا! ’ڪالا بخار‘ ته هنن جي زماني ۾ ئي پڪڙ ۾ آيو آهي.

ڪالا بخار جي دوا، برهمچاري مهوديه جي سئي آهي. پرنٽسل، سلفا گروپ، ان کان پوءِ پينسلين ٽيرامائيسن: دوا جي مٿان دوا. هريندر کان تنهن ڏينهن ٻڌي رهيو هو. پينسلين کي اکئين ڏٺو اٿائين، باقي دوائن کي ڪونه ڏٺو اٿائين. ٻيون به الائي گهڻيئي دوائون ايجاد ٿيون آهن: انهن جو ته شايد هن نالو به ڪونه ٻڌو هوندو.الٽرا وايوليٽ- ڪرڻي جو علاج!

رت، بلغم، رڳ، ٿڪ، پيشاب، ڪاڪوس جي جانچ.

بلڊ پريشر جي جانچ.

ايڪس- ري پريکيا. سلهه جي مريض جا ڦڦڙ جيئن نظر اچن ٿا، تهڙي ئي انجي دوا درمل.

اسٽريپٽو مائيسن ٽي-بي جي سڀ کان اثرائتي دوا نڪتي آهي. ان کانسواءِ ڪا پي-اي-ايس نالي دوا نڪتي آهي. ٻڌو اٿائين. ٻنهي جي گڏوگڏ استعمال سان حيرت انگيز فائدو ٿئي ٿو. آپريشن واري علاج جو به ٻڌو اٿائين.

اچانڪ هڪ پراڻي ڳالهه ياد اچي ويس.

گرو رنگ لعل کان ڪالرا جو نسخو وٺڻ ويو هو. موت جي ڀو کان ڊنل ماڻهن جي سلسلي ۾ ويو هو: ”موت ڄڻڪ ٻئي هٿ پکيڙي پاڳل جيئان ڀيانڪ شڪل ڌاري بکُ وٺي رهيو آهي؛ آدمي ڀڄي رهيا آهن، جهنگل جي باهه جي وچڙڻ سان جيئن پسون پرندا بدحواس ٿي رڃ سمجهي  سڃ ڏانهن ڀڄندا آهن.“

ڊاڪٽر رنگ لعل چيو هو: ”توکي تنهنجي نظرن ۾ صرف ماڻهن جي ڀاڄ ڏسڻ ۾ آئي، انسان ان سان هر طرح مقابلو ڪري رهيو آهي، اهو تو ڪونه ڏٺو؟ هو هميشه پٺتي هٽندو رهيو آهي، پر پٺ نه ڏيکاري اٿس. هن نوَن نوَن هٿيارن جي ايجاد ڪئي آهي. انسان جي ان اڻ ٿڪ ڪوششن جو ڪوبه انت ڪونهي. موت کي روڪي نٿو سگهجي، مرتيو اٽل ۽ دائمي آهي. ليڪن بيماريءَ  جو انسان ڇوٽڪارو ڪري ڏيکاريندو. ماڻهو يوگيءَ وانگر نهايت پڪي اوسٿا ۾ مرندا. ويڄ وٽ وڃي چوندا: ”بس. هاڻ موڪل گهرجي. سمهڻ چاهيون ٿا.[1] پٽ مي ٽُ سليپ پليز Put me to sleep please. ان ڏينهن جيون به من ئي من ۾ چيو هو: ”ها نندرا نه، مهانندرا!“


[1]  مون کي سمهاري ڇڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org