سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :15

[15]

 

هڪ سال بعد ڊاڪٽر رنگل لعل کانئس موڪلاڻي ڪئي. اوچتو پرئڪٽس ڪرڻ ڇڏي ڏنائين. چي: ”هاڻ نه ٿيندي. هاڻ رڳو پڙهندس ۽ سوچيندس. زندگي ۽ موت: لائيف اينڊ ڊيٿ. انهن جي پٺيان جيڪا زبردست طاقت آهي، تنهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ديسي دوائن جهڙوڪ جڙي ٻوٽيءَ تي هڪ ڪتاب لکندس.“

جيون کي چيائين: ”تنهن جو ڊاڪٽري سکڻ شايد ٺيڪ نه ٿيو جيون. ههڙو انوکن ’مشٽي يوگن‘ جي دريافت ڪرين ها‘ پر توکان ته اهو به نٿو پڄي. اهڙو وگيانڪ من ڪونهي تنهنجو. ڪم ٿيڻ ۾ ئي تنهنجي خوشي آهي. آخر اها جڳياسا تو ۾ ڇو نه آهي؟ خير وڃڻ ڏي. تون ته بلڪ ڊاڪٽري، ڪويراجي ۽ مشٽي- يوگ- انهن ٽنهي سان پنهنجي ٽراءِ- سائيڪل تيار ڪر. ان تي سوار ٿي پنهنجو سفر شروع ڪر. ”هن پاڻ هڪ اسٽيٿسڪوپ کيس ڏنو. پر ٿرماميٽر ڪونه ڏنو ۽ خريد ڪرڻ جي به منع ڪيائينس. چي: ”ان جي توکي ضرورت ڪانهي.“

تنهن کان پوءِ به جيون دت بعضي وٽس ويندو هو. ڊاڪٽر رنگ لعل ساڻس ملندو هو، پر علاج وغيره جي باري ۾ ڪوبه ذڪر نه ٿيندو هو. پڇڻ تي چوندو: ”اهو سڀ ڀلجي ويو آهيان. هان ته مون باغ لڳايو آهي. وڻ ٻوٽن جي باري ۾ ڪجهه پڇڻو هجيئه، ته پڇ.“

اديش سچ پچ باغيچي جو ڪونه هو، ڊاڪٽر پنهنجي سماڌيءَ جي جاءِ تيار ڪري رهيو هو. مرڻ پڄاڻان کيس اتي پوريو ويو هو. هن جي اهائي خواهش هئي. هو وصيعت ڪري ويو هو ۽ان ۾ اهوئي لکيل هو ته کيس باغيچي ۾ ئي دفنايو وڃي.

ڪمري ۾ ساهه ڇڏيندي وقت اڪيلو ئي هو. ٻيو ڪير به ڀرسان ڪونه هئس. اها به سندس ئي هدايت هئي. منا دروازي تي پهريدار هو. زارو زار روئندو رهيو، پر ڪنهن کي به اندر وڃڻ نه ڏنائين. چي: ”مون کان اهو نه ٿيندو. بابوجيءَ جو حڪم نه آهي.“

*      *      *

ڊاڪٽر رنگ لعل جي ڏنل اسٽيٿسڪوپ سان ئي جيون انگريزي علاج شروع ڪيو. ڪويراجيءَ کي هن بنهه ڪين ڇڏي ڏنو. مشٽي يوگ به هلندو رهيو. انهيءَ سال دواخاني جو نالو رکيو ويو. ”آروگيه نڪيتن“

نوگرام ۾ تن ڏينهن ڊاڪٽر هريش پنهنجي فارمسي کولي. برجلعل بابو هڪ خيراتي اسپتلا کولي..... نالو ان جو رکيائين ’پيئرسن چئريٽيبل ڊسپينسري‘.

هڪ هوميوپيٿ به آيو هو. اڌ چريو. پنهنجو نالو ٻڌائيندو هو ’ڪي-ايم- براروري يعني کيتر موهن باڙوري.

هن جي دواخاني جو نالو هو ’براروري هوميوهال.‘

جيون ڊاڪٽر دوائن جي لاءِ جڏهن ڪلڪتي ويو هو ته اتان پنهنجو سائن بورڊ لکائي آيو- ’آروگيه نڪيتن.‘

پر ان تي جيڪا عطر بگڙي سو نه پڇو!

جيون ڊاڪٽر انگريزي دوائون، الماڙي، ٻيون به طرحين طرحين جون شيون ڳنهڻ لاءِ پنج سو روپين ۾ پنج بيگها (اڍيئ ايڪڙ) زمين وڪي هئي. غصو ان جو هوس، ائين ته اهي روپيه هڪ طرح جمع ئي ٿيا پيا هئا.

غصي جو ڪارڻ به هو. جڳت مهاشيه جي سمي کان هيستائين ماڻهن (گراهڪن) جي بلي هڪ دوا جي قيمت جا ڪي ٽي – چار هزار روپيه اوڌر رهيل هئي. اوڌر به گهڻي ڀاڱي انهن جي نالي بقايا هئي جن جي مالي حالت چڱي هئي. پر هن گهرج جي وقت ان مان ڪي سو روپين کان وڌيڪ وصول نه ٿي سگهيا هئا.

خود ڊاڪٽر جيون کي به ان جو رنج هو. پر عطر جي رنج جي ٻي ڳالهه هئي. هن جو رنج هو ڊاڪٽر تي ۽ ان ڪاوڙ ۾ کميا ڪانه هئي. ان جي ٻاهرئين رنج جو مول ڪارڻ ڪري ڇا به هجي، ڪاوڙ ڇنڊيندي ئي ان جو مول ڪارڻ به ظاهر ٿي بيٺو ۽ اهو هو، ڪڏهن به نه وسامندڙ چکيا وانگر ڊاڪٽر تي سندس سنتوش جي آگ!

في الحال زمين جي وڪري سبب من ئي من ۾ اها آگ ڀڙڪو کائي اٿي هئي. جيتريقدر ياد اچي ٿو، باقي روپين جي ادائگيءَ ۾ جيڪي نڪتو، تنهن ۾ روپيه ملڻ ته دور رهيا، تکا ويڻ ٻڌي ڪري هن جي من ۾ به رنج پيدا ٿيو هو. بقايا وارا چوڻ لڳا: ”پنجاه روپيه؟ دوا جي قيمت؟ اهڙي ڪهڙي دوا ڏني هئئه؟ سون جو خاڪو يا موتين جو ڪي ماڻڪن جو ڪشتو؟ ڇا ڏنو هئئه؟ پنجاهه روپيه؟ جڙي ٻوٽي، هيءَ هوءَ ۽ ”رس سنڌر“، ان جا پنجاهه روپيه؟ جيڪي جيءَ ۾ آيو، سو کڻي لکيو؟ رام رام!“

ڊاڪٽر جيون ان بعد ڪوبه اعتراض ڪونه ورتو. دک ۾ پشيمان ٿي موٽي آيو هو. موٽندي شبن شاهه کي سڏي گهر وٺي آيو هو. دواخانو ته کيس کولڻو ئي هو، وڏيون وڏيون اميدون هيس. ڪيتريون ئي تمنائون. هو ڊاڪٽر رنگ لعل جي جڳهه ڀريندو. بيمار جي گهر پهچندي ئي آس جي خوشي ٽڙي پوندي. نبض پڪڙيندو ته مريض جو مرض سچيت ٿي ويندو. نوگرام جا گهمنڊي اميندار آدر وچان جهڪندا ۽ رڳونوگرام جا ئي ڇو؟ سڄي علائقي جا زميندار، شاهوڪار ماڻهو نيچو نوائيندا. وڏو گهوڙو ڳنهندو. سفيد گهوڙو. هڪ پالڪي نه رکندو. پري جي سڏ تي پالڪيءَ ۾ ويندو. علائقي جي چوڌاري حد جو کيس پتو ڪونهي، اوڀر ۾ گنگا جي ڪپ تائين ڪاندي، پانچ ٿوپيءَ جا ڳوٺ. هيڏانهن اجيه جو ڪنارو. جيڪڏهن ڪانديءَ وڃڻ ٿيو، ته ڀوپيءَ سان ملي ايندو. پنهنجي علاج سان هن کي تندرست ڪرڻ جي اٻلاشا ٿيس. حياتيءَ ۾ ڪيتريون اميدون. سندس ٻچڙو ون هاري تڏهن ٽن ورهين جو هو. کيس هو ڊاڪٽري پڙهائيندو، نهايت وڏو ڊاڪٽر بڻائيندو. هو ميڊيڪل ڪاليج مان ايل-ايم-ايس پاس ڪندو.

اڄ جن ماڻهن اوڌر جا روپيه ڪونه ڏنا آهن، بلڪ مٿان ڪوڙا بهتان هنيا آهن، اهي ئي ماڻهو مصيبت ۾ مبتلا ٿي ڪڏهن وٽس ليلائي ايندا ۽ تڏهن هو هن کي...! نه، موٽائيندو ڪونه، کوٽي ڳالهه به نه چوندو. وٽن ويندو به. مهاشيه ونش جي مريادا کي لهس به اچڻ نه ڏيندو.

رستي ۾ اگهه پارطئي ڪري ئي هو گهر پهتو. چي: ”شبن، تون ذرا ويهه. مان ڪجهه کائي وٺان. پوءِ نڪرندس. ڪاڳڙ دستاويز خريد ڪري لکپڙهه ختم ڪري ئي گهر موٽندس. رجسٽريءَ ۾ ته ٽن مهينن جي معياد ٿيندي ئي آهي....

شبن ٻوليو: ”هن لکپڙهه جي ئي اهڙي ڪهڙي تڪڙ پيئي آهي؟ اوهان ٿيا مهاشيه ونش جا، اڄ ته اوهان ئي مهاشيه آهيو. مان روپيه ڏيئي وڃان ٿو، لکپڙهه ۽ رجسٽري ٿيندي رهندي.“

ان ڏينهن شام جو شبن پنج سو روپيه پهچائي ويو هو ۽ هوڏانهن گهر ۾ عطر ٽانڊا وَسائڻ لڳي هئي. نصيب! نصيب! سڀ نصيب جو کيل! ماءُ کي کاڌم، پيءُ کي کاڌم، ننڍپڻ ۾ مامي ماميءَ جي نوڪرياڻي رهيس بنا پئسي جي. هتي آيس ته سهري کي کاڌم، سس کي به کائي ويس. سو هينئر جي گهر مان لڇمي ٻهارجي رهي آهي ته ڪهڙو اچرج آهي؟ مان دويه درشٽيءَ سان سڀ ڏسي رهي آهيان، ڇوڪر آهي، ڇوڪري آهي، سڀني جو هٿ پڪڙي در در تان مونکي بيک پنڻي پوندي. در در ڀٽڪڻو پوندو.

جيون دت جي دماغ ۾ به باهه ٻري رهي هئي. ڏاڍي مشڪل سان هن پاڻ کي روڪي چيو هو: ”چي! عطر، ڇي!“

”ڇو؟ ان ۾ ڇي جي ڪهڙي ڳالهه ٿي؟ اهو ئي ته آهي، پنهنجو نصيب! ان ۾ ڪٿي ڪوڙ آهي، ٻڌاءِ! سهرم جڏهن گذريو، ان جي هڪ مهينو اڳي به نئين زمين آئي. ۽ هن جي گذر ئي صرف چار سال ٿيا، تنهن وچ ۾ زمين ويندي رهي.“

”سال گذرندي نه گذرندي پنجن جي جاءِ تي ڏهه بيگها خريد ڪري وٺندس.“

”ڀلا تون به نه خريد ڪندين! هيڏو وڏو جو ڊاڪٽر ٿئين، هڪدم ولايت پاس ڪيل ڊاڪٽر صاحب!“

جيون کان وڌيڪ سٺو نه ويو. ڏڙي ڏيندي چيائين: ”عطر!“

ان آواز تي هوءَ چمڪڻ لڳي. ٿوري ساعت سناٽي ۾ رهي وري روئڻ شروع ڪري ڏنائين. جيون هن جي روئڻ جي پرواهه ڪانه ڪئي. ”روئڻ جي لاءِ ئي هن جو جنم ٿيو آهي. روئي. مان ڇا ڪريان؟“

انهيءَ رات جو ڪلڪتي هليو ويو هو.

ڪلڪتي مان دوا وٺي آيو، الماڙي آندائين ۽ آڻي سائين بورڊ ٽنگي ڇڏيائين: ”آروگيه نڪيتن!“

ستاب مڪرجي هڪ گڻيش جي مورتي آڻي ڏني هئي. مورتيءَ جي هيٺان سريندر سندور سان لکي ڇڏيو هو: شري- شري گڻيشايه نمئه.

مستاني نيپال کيس جلد واري نوٽ بوڪ آڻي ڏني هئي، ان زماني جو نوٽبوڪ. هوتنهن وقت نوگرام جي شاهوڪار برجلعل بابو وٽ ڪم ڪندو هو. برجلعل بابو جو ناٺي انجنيئر هو. نيپال جي ساڻس دوستي هئي. ان کان ئي اهو نوٽبوڪ وٺي آيو هو. جيون کي ڏيندي چيو هئائين: ”وٺ، ڊاڪٽر رنگ لعل وانگر سڀ نوٽ ڪري رکج.“ ان ڏينهن اتان جا سڀ ڊاڪٽر به آيا هئا. ڪرشڻ داس بابو وٽ رهندڙ ڊاڪٽر هريش به آيوهو. مڪاني اسڪول جو هيڊ امستر آيو هو. ٿاڻي جو داروغو (صوبيدار) آيو هو.

ششيءَ کي ساڻ نيئي سندس پڦي آئي هئي.

”پٽ!“

”آڙي توهان! ڇا ڳالهه آهي؟“ جيون دت کي شڪ پيو، ”ششيءَ کي ڪجهه ٿيو آهي؟“

”علاج سکڻ جي ششي جي ڏاڍي چاهنا آهي. پڙهڻ لکڻ ته ٿيو ئي ڪونه. ٿورو گهڻو سيکاري ڇڏيندس ته ڪنهن طرح روٽي ڪمائيندو.“

پر اڃا ڪچي ڄمار جو هو ششي. عمر به ڇا هوندس؟ سترهن ارڙهن ورهيه! اڌ چرئي جهڙو هو. جهڙو نيپال ڦِس ڦِس ڪري کلندو هو.

’آه؛ اها به هڪ منوهر رات هئي! کانو پينو، وندر ورونهن، گانو بجانو. اتي مست نيپال هڪ عقل جو ڪم ڪري ڏيکاريو. دوائن سان گڏ ڪيتريون گلاب جي پاڻيءَ جون بوتلون هيون. چوري ڪري هو گلاب جل هڻڻ لڳو هو. دوکي ۾ هن فرينچ وارنش هڻي ڪڍيو. جيون دت اسباب جي سونهن ڪاڻ وٺي آيو هو. بس پوءِ پڇوئي نه! وارن تي وارنش جي پالش سان جيڪا ويچاري جي درگتي ٿي! ماڻهو کل ۾ اونڌا ٿي پيا. ششي سڀ کان گهڻو کليو. هڪ ته عمر جو ننڍو هو، وري ان ڏينهن هو جيون مهاشيه کي ريجهائڻ لاءِ سنڀري آيو هو.‘

’افسوس! اڄ اهوئي ششي سندس اڳڪٿيءَ جو هوڪو ڏيئي پنهنجي عاجزي ڏيکاري ويو هو، کري کوٽي ٻڌائي ويو هو!‘ جيون مهاشيه ٿڌو ساهه کنيو.

’مهاشيه‘“ ڪنهن ڄڻڪ آواز ڏنو.

ٻڍي جيون دت ڇرڪ ڀري نهاريو. اوندهه ۾ ئي ويٺو هو. اوچتو روشني جي ڌنڌلي جهلڪ آئي. ’ڪير سڏي رهيو آهي؟‘ او، ماضيءَ جي يادگيرين ۾ هو هڪدم کوهجي ويو هو. هينئر هو حال ۾ موٽي آيو. ها، ڪير آيو آهي. سڏي رهيو آهي. هن جي هٿ واري لالٽين مان هيٺاهين طرح روشني پئجي رهي آهي. مٿي لالٽين جي مٿئين ڍڪڻ جي ڇايا.

’رتن بابو جي پاسي جو ماڻهو ته ڪونهي؟‘ پر هن جي شرير مان جيڪا بوءِ نڪري رهي آهي، ان مان ڀانئجي ٿو، ساڌو سنياسي قسم جو ڪوئي آهي. گانجو، ڀسم ڌوڙ دونهين سان خشڪ چمڙي ۽ وارن جي ڌپ سڀ ملائي ڪري هڪ خاص قسم جي بانس اهڙن جي شرير مان ايندي آهي. هيءَ بانس به اهڙي ئي آهي. ڪداچت چنڊي ٿان جي مهنت جو آدمي آيو هجي. هو بيمار سنياسي ڪجهه ڏينهن کان بيمار رهي ٿو. هن جو انومان غلط ڪين نڪتو. مهنت جو چيلو ئي هو. چي: ”ذرا ساڌو بابا کي ڏسڻ لاءِ هلڻو آهي.“

”رات ۾؟“

”جي ها. شام کان ئي رت جا دست اچي رهيا اٿس. ڏاڍي تڪليف آهي. ڪافي ڪمزور ٿي ويو آهي. چي، هڪ ڀيرو جيون کي سڏائي وٺو! گهٽ ۾ گهٽ خبر ته پئجي وڃي ته اڄ ئي رات ڇوٽڪارو ملي ويندو. هو هڪوار ڏسي وڃي.“

”ٻڍي جي جان ڏاڍي سخت هئي. الائي ڪيترا ڀيرا ههڙي حالت ٿي چڪي هيس. گهٽ ۾ گهٽ ويهه پنجويهه ڀيرا. رت جا دست، هڏڪي، نبض جو گم ٿيڻ، سڀ دشا ٿي چڪي، تڏهن به جيئرو آهي.“ سڀ جي جڙ آهي گانجو. پر هو گانجو پيئڻ هرگز ڪين ڇڏيندو. شراب ڪونه ورتائيندو، اهڙي به ڪائي ڳالهه ڪانهي. پيئندو آهي، پر خاص خاص موقعن تي. تنتر جي نيمن جي رکيا ڪندو آهي. شراب نوشيءَ کي چوندو آهي؛ ’ڍڪو- ڍڪوُ‘. جيون ئي سدا کان کيس چڱو ڀلو ڪندو رهيو آهي. ٻڍو انگريزي دوا ڪونه پيئندو آهي. سئيءَ کان ڏاڍو ڊڄندو آهي. مهاشين جي ٽوٽڪن تي کيس بيحد شرڌا آهي. پر جڏهن حالت سخت بگڙندي اٿس، تڏهن جيون کي گهرائيندو آهي. گهرائي چوندو آهي: ”ذرا ڏس ته ڀاءُ، سڏ ٿيو آهي ڇا؟“ اڄ ٻڍو وري بيمار پيو آهي. اڄڪلهه سگهو سگهو سخت بيمار ٿي ٿو پوي.

جيون اٿي کڙو ٿيو.

’ٻڍاپو، پهر رات ويامي چڪي: ساڍا ڏهه وڳا هوندا. ساوڻ جو مهينو. ڏينهن وڏو ٿيندو آهي، رات ننڍي. ساڍا ڏهه ڇو نه وڳا هوندا. پر وڃڻو ئي پوندو. يو اپاءُ ئي ڪونهي. هل.‘

گهر ڏانهن مهڙ ڪري سڏيائين: ”عطر!“

”هيتري رات ويامي ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟ ڪنهن وٽ؟ نه، نٿو وڃي سگهين. ڪوئي ضرور ڪونهي. ٻيا ڪيترائي ڊاڪٽر پيا آهن. نئي عمر جا آهن، پنڊت آهن، ڊگريون اٿن. هو وڃن. هن عمر ۾ توکي، توکي ته رڳو ان ڪري ٿا گهرائين جو في ڪانه ڏيڻي پوندي. نه وڃ.“

هن ڪومل ڪنٺ سان چيو: ”چنڊي ٿان جو ساڌو بابا بيمار آهي عطر.“

مختصر ۾ ئي وڏي ڳالهه ٿي ويئي. عطر کن پل ۾ ئي نرم ٿي ويئي. نرم ئي ڇا، بلڪل ڄڻڪ ٻي عورت ٿي ويئي. پڇيائين: ”ساڌو بابا بيمار آهن؟ کين ڇا ٿيو آهي؟“

”ٻيو ڇا ٿيندو، جيڪي ٿيندو آهي. رت جا دست، پيٽ ۾ ولوڙو.“

”ڀانئجي ٿو، هن ڀيري بابا چولو ڇڏيندو. عمر به نه گهٽ ڪانهي.“

”ڏسجي، ڇا ٿو ٿئي. هن ته چوائي موڪليو  آهي ته ذرا جيون کي گهرايو. ڏسي ٻڌائي ته سڏ ٿيو آهي يا نه.“

سنسان ڳوٺ جي رستي جي ٻنهي پاسي جي گهرن ۾ ڀاري جوتي جي آواز جو پڙاڏو ڪندو ٻڍي هاٿيءَ وانگر جيون ڊاڪٽر روانو ٿيو؛ محلو لتاڙي، ننڍي ٻاهرئين حصي کي لتاڙي، نوگرام جي اڀرندي ڇوڙ تي لوڙهن سان گهيريل مڙهيءَ جي طرف هليو. برسات جي رات، پر نه پوڻ جهڙي برسات، ته به رستي ۾ ترڪڻ هئي، سنڀالي هلڻو ٿي پيو. ساڌو بابا جو نئوجوان چيلو لالٽين کڻي تيز هلي رهيو هو، ڊاڪٽر لڳ ڀڳ اونده ۾ ئي هلي رهيو هو. کيس ڪابه تڪليف ڪانه ٿئي ٿي. انڌيري ۾ رستو ڳولهي هلڻ جي کيس هير هئي. پر هن کي اٽڪ اها ٿي رهي هئي جو هن نوجوان ساڌوءَ جي هٿ جي لالٽين لڏي رهي هئي. هر گهڙيءَ اکين کي چمڪائي رهي هئي. ڊاڪٽر چيو: ”ڀائي ڀولاناٿ لالٽين کي ان ريت نه لوڏ. هل، هل، بيهه نه. لالٽين نه لوڏ.“

”ڪير، مهاشيه جي؟“

مڙهيءَ جي صدر دروازي وٽ ئي آواز آيو. پڇڻ وارو جهنگل جي ٻاٽ اوندهه ۾ بيٺو هو. آواز سڃاتل هئي، ته به سمجهي نه سگهيو. هو بي خيالو ساڌو بابا جي باري ۾ ئي پهه پچائيندو پئي ويو. ’ڪيترن ڏينهن کان ساڌو بابا هتي آهي. ڪيتريون ئي هن جون يادگيريون آهن.‘

”مان بيمار کي سمهاري آيو آهيان.“ هو کلڻ لڳو.

”ششي!“ ڊاڪٽر ڇرڪ ڀريو. ”ڪهڙي دوا ڏيئي سمهاريو اٿئه؟“

پاڳل ششي کلڻ لڳو. دئيت جو علاج دئيتاڻو ئي ٿيندو آهي.

”پر توکي گهرايو ڪنهن؟“

”اوچتو اچي نڪتس. رام هريءَ کي ڏسڻ ڪاڻ گَلاءِ چنڊي ويو هوس. سخت بيمار آهي. ٻپهرين جو توهان کي سڏڻ ويو هوس. پر موتيءَ جي ماءُ جي اڳڪٿي واري ڳالهه ۾ اٽڪي ڀلجي ويس. ڀاڀيءَ توهان کي ڪونهي ٻڌايو ڇا؟ سڀاڻي هڪ ڀيروتوهان کي اتي هلڻو پوندو.“

”سڀاڻي جي سڀاڻي ڏٺي ويندي. هينئر هتي جي ٻڌاءِ. تو مهنت جو ڪهڙو علاج ڪيو؟“ کيس آنڌمانڌ ٿي رهي هئي، ڇو ته ششي کي هو ڄاڻندو هئو!

ششي چيو: ”هتي جي ڇا ٻڌايان، موٽندي مان مڙهيءَ ۾ ويس. مينهن ۾ ڀڄي ڀت ٿي پيس: سوچيم هلي، ديويءَ کي پرڻام ڪري اچان ۽ مهنت وٽ گانجي جو دم لڳائي اچان.“

”چڱو، پوءِ؟“

”مون ڏٺو، ٻڍو سهڪي رهيو آهي. رت جا دست آيس. ناڙي غائب آهي، سور وچان ڦٿڪي رهيو آهي. ٻڌم ٽن ڏينهن کان گانجو ڪونه پيتو اٿائين. مون چيو، وڃڻو ته آهي ئي بابا، پوءِ بنا گانجي جي ڇو، دم لڳائي وٺو. چي، نه نه، تون شيطان آهين. هن گانجي ئي مون لاءِ موت جي راهه بڻائي آهي، بس، ٻه قدم ئي باقي آهي. موت اچي، اهي به پورا ٿي ويندا. هاڻ گانجو ڇو! خير، مون هڪ ڊوز ڪينو سينيڊڪا جو ڏنو. ساڻ ئي هئم. مان نيندو آهيان. وٺندي ئي ٻن ٽن منٽن ۾ ٻڍو سمهي پيو. ڏسو، نبض به هلڻ لڳي هوندي. گانجي جو هيراڪ ٿيو!“ هو، هي- هي ڪري کلڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org